Category: Chronology

  • 1938

    18 جنوري 1938ع

    سنڌ سرڪار پنهنجي حڪم نامي نمبر جي آر پوليٽيڪل ۽ مسيلنس دپارٽمينٽ نمبر (37) پي-5-52-5 ذريعي لوڪلبورڊس ۽ ٻين ادارن کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ ملازمتون فقط سنڌين کي ڏنيون وڃن، ”سنڌي“ جو مطلب اهو اهي ته اهو ماڻهو جيڪو سنڌي ڳالهائي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هجي ۽ سنڌ ۾ ڄائو هجي.

    27 جون 1940ع تي سرڪار وري لوڪلبورڊس کي انهيءَ تاڪيد جو يادگيرو ڏياريو، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 5 مارچ 1942ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 23 ذريعي انهيءَ تاڪيد نامي کي مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

    31 جنوري 1938ع

    سردار نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، غلام مصطفيٰ اسراڻ، علي گوهر لاهوري، قادر بخش تنئي، سيد ميهر شاهه، ڪريم بخش، عبدالرحمان، الاهي بخش کوکر، الهداد تنئي، واڌو مل، پرڀداس، آسوديمل، آنند رام شهدادڪوٽي، آنند رام باڊاهي، الهه ورايئي، عبدالحق ڀٽي، الهه بخش جلباڻي، گل محمد ابڙي، گوڪلداس، عبدالهادي ٻگهئي ۽ محمد علي مغيري صاحبان شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ منظور ڪيل مکيه ٺهرائن ۽ فيصلن مان هي ذڪر لائق آهن. لوڪل بورڊ آفيس ۾ مسجد ٺهرائڻ لاءِ 500 روپيه منظور ڪرڻ، پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن ٺاهڻ جي منظوري ڏيڻ، ڪلريڪل ڪيڊر جا نوان اسڪيل منظور ڪرڻ، سال 36-1935ع جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو وٺڻ، لوڪلبورڊ جي ميمبر صاحب خان ۽ ليگل ايڊوائيز عباسيءَ جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪرڻ، مختلف اسڪولن جي اسپيشل مرمت ڪرائڻ واري ڪم جي منظوري ڏيڻ، اهڙيءَ ريت روڊن ۽ مساسفرن خانن جي مرمت ۽ تعمير واري ڪم جي منظوري ڏيڻ ۽ ستن ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ 5 رپيا ماهه پگهار تي ست پٽيواليون رکڻ جي منظوري ڏيڻ.

    1 فيبروري 1938ع

    بولچند مورومل کٽواڻي سکر ۾ ڄائو، هي صاحب اڳتي هلي ”ڪمل“ جي تخلص سان شاعر مشهور ٿيو، جڏهن ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي پوربندر وسايائين.

    8 فيبروري 1938ع

    مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”حزب الله“ جماعت جي ايڪونجاهه رضاڪارن کي بدين ۾ گرفتار ڪيو ويو، اهي رضاڪار لواري حج کي روڪڻ لاءِ ستياگرهه ڪرڻ واسطي بدين ۾ ڪيمپ هڻي ويٺا هئا.

    16 فيبروري 1938ع

     

     

     

    لواري حج خلاف ستياگره ڪرڻ وارن کي آزاد ڪيو ويو، هن طرف بدين ۾ ”حزب الله“ جماعت جي سهاري هيٺ ستياگرهين جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مولوي خير محمد نظاماڻي، مولوي حاجي احمد ملاح ۽ مولوي عبدالوهاب تقريرون ڪيون، اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته مولوي خير محمد نظاماڻي، سنڌ جي وڏي وزير سر غلام حسين هدايت الله سان ملاقات ڪري ۽ مٿس اهو زور آڻي ته حج لواريءَ کي قانوناً بند ڪيو وڃي.

    19 فيبروري 1938ع

    ”حزب الله“ جماعت جي ستياگرهي والنٽيئرن جي فيصلي موجب مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ مولوي عبدالغفور سيتائيءَ سنڌ جي وڏي وزير سان سندس بنگلي تي ملاقات ڪئي ۽ هن اڳيان لواريءَ جي حج کي قانوناً بند ڪرڻ بابت مسلمانن جو مطالبو پيش ڪيو، انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي وفد جي مدد ڪئي ۽ وڏي وزير اڳيان مسئلي جي قانوني پهلوءَ کي واضح ڪيو، چيف منسٽر وفد کي صلاح ڏني ته هو ساري بحث کي هڪ باقاعده پٽيشن جي صورت ۾ سنڌ سرڪار اڳيان پيش ڪن.

    24 فيبروري 1938ع

    سر غلام حسين هدايت الله جي بنگلي تي ڪراچيءَ ۾ ديموڪريٽڪ پارٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي عهديدار چونڊڻ واري مسئلي تي غور ڪيو ويو، خانبهادر محمد ايوب کهري جماعت جي جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي.

    25 فيبروري 1938ع

    سر غلام حسين هدايت جي صدارت هيٺ ڊيموڪريٽڪ ڪولئيشن پارٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي 11 ميمبرن شرڪت ڪئي. انهن مان لاڙڪاڻي واسي ميمبر هئا. خانبهادر کهڙو ۽ حاجي امير علي لاهوري.

    گڏجاڻيءَ ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي منٽس پڙهڻ ۽ بحال ڪرڻ کان سواءِ ”تماڪ بل“ ۽ ”فنانس بل“ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

    2 مارچ 1938ع

    جيرام سي روهڙا لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي الهاس نگر ۾ ويٺو، هن اتي ئي علم ادب جي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار ۽ شاعرن جي حيثيت ورتي.

    10 مارچ 1938ع

    تعلقي رتيديري جي ڳوٺ پير ڳوٺ ۾ سيد امام شاهه راشديءَ جي گهر ۾ ذوالفقار جي ولادت ٿي، جنهن اڳتي هلي ”ذوالفقار“ راشدي جي نالي سان شاعري، تنقيد ۽ صحافت ۾ نالو ڪمايو.

    15 مارچ 1938ع

    ٽيڪ چند ريواڻي ”مست“ چوهر جمالي ۾ ڄائو، هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي الهاس نگر ۾ ويٺو، هن اتي ادبي دنيا ۾ ليکڪ، شاعر ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو.

    15 مارچ 1938ع

    جنوري 1938ع کان 15 مارچ تائين ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ماتا جي بيماريءَ جا 106 ڪيس ٿيا، جن مان 9 فوت ٿي ويا، ضلعي جي ڪليڪٽر بيماريءَ جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ ميلن ۽ ملاکڙن تي پابندي وجهي ڇڏي، ماڻهن کي تڪا هڻڻ ۾ ٻن مختيارڪارن هر هڪ سيد الطاف حسين ترمذيءَ ۽ محمد يعقوب آغا اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪليڪٽر ۽ ٻن مختيارڪارن جي انهن خدمتن جي مڃتا طور ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 3 اپريل 1938ع واري اجلاس ۾ ٺهرا5 پاس ڪيو.

    23 مارچ 1938ع

    سنڌ ۾ خانبهادر الله بخش سومري جي وزارت قائم ٿي.

    23 مارچ 1938ع

    خانبهادر الهه بخش سومري ”اتحاد پارٽي“ جي ليڊر جي حيثيت ۾ ڪانگريس ۽ هندو گروهه جي مدد سان وزارت بنائي، انهيءَ وزارت ۾ کاتن جي ورهاست هن ريت ڪئي وئي:

    الله بخش سومرو (وڏو وزير) خزانو ۽ داخلا، نهچلداس وزيراڻي پي ڊبليو ڊي، ميڊيڪل ۽ پبلڪ هيلٿ، پير الاهي بخش روينيو.

    26 مارچ 1938ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورد جي هيلٿ ڪاميٽيءَ ٺهراءُ پاس ڪيو ته ضلعي اندر ميلن ۽ ملاکڙن تي پابندي وڌي وڃي ڇو ته اهي اقتصادي، سماجي ۽ اخلاقي لحاظ کان ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار آهن. ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 3 اپريل 1938ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 45 موجب ميلن ملاکڙن تي پابندي وڌي.

    31 مارچ 1938ع

    لاڙڪاڻي صلعي ۾ جملي سرڪاري تعليمي ادارن جو تعداد 359 رهيو، جن ۾ 21971 شاگرد پڙهندا هئا، اهڙي ريت غير منظور تعليمي ادارا 94 هئا، جن ۾ 1169 شاگرد تعليم وٺندا هئا، ڳوٺن ۽ شهرن جو تعداد 453 هو، جن مان 378 ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اسڪول قائم ٿيل هئا.

    1 اپريل 1938ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي وهنوار هلائڻ لاءِ هڪ سال (31.3.1939 تائين) لاءِ جيڪي ڪاميٽيون ٺاهيون، اهي هي آهن.

    1. اسٽيڊنگ ڪاميٽي: محمد ايوب کهڙو(صدر)، احمد خان ڀٽو، الهداد تنيو، پرڀداس تولاڻي، عبدالهادي ٻگهيو، عبدالحق ڀٽو ۽ گوڪلداس.

    2. لاڙڪاڻه مدرسه ڪاميٽي: علي گوهر لاهوري (چيئرمين)، آنند رام، مٺل خان شيخ، گل محمد ابڙو، عبدالحق ڀتو، گوڪلداس ۽ محمد هاشم جوڻيجو.

    3. هيلٿ ڪاميٽي: ڪريم بخش خان کهاوڙ (چيئرمين). غلام مصطفيٰ اسراڻ، سيٺ ساڌو رام، الهه ورايو جروار، آنند رام باڊاهي، فقير محمد انڙ، عبدالحق ڀٽو، عبدالهادي ٻگهيو ۽ گل محمد ابڙو.

    4. وٽرنري ڊسپينسري ڪاميٽي لاڙڪاڻو: الهداد تنيو (صدر) آنندرام، غلام مصطفيٰ اسراڻ ۽ محمد هاشم جوڻيجو.

    5. روڊن جي ڪاميٽي: محمد ايوب کهڙو (صدر)، احمد خان ڀٽو، ڪريم بخش کهاوڙ، فقير محمد انڙ، پير بخش کهاوڙ، پرڀداس تولاڻي، گوڪلداس، فريد الدين جتوئي، جان محمد چانڊيو، گل محمد ابڙو ۽ الهه ورايو جروار.

     3 اپريل 1938ع

    سردار نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، فريد الدين جتوئي، ديوان واڌو مل، محمد علي مغيري، احمد خان ڀٽي، آسوديمل، آنند رام شهدادڪوٽي، آنند رام باڊاهي، فقير محمد انڙ، الهه ورايو جروار، پير بخس کهاور، عبدالهادي ٻگهيو، عبدالرحمان ڪلهوڙو، علي گوهر لاهوري، الاهي بخش کوکر، عبدالحق ڀتي، جان محمد چانڊيو، گل محمد ابڙو، مٺل خان شيخ، سيٺ آئل داس، الهداد، قادر بخش تنيو ۽ پرڀداس تولاڻي شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ جيڪي اهم فيصلا ڪيا ويا تن مان هي ذڪر لائق آهن، بنگل ديري ۾ 6234 رپين جي لاڳت سان اسڪول جي عمارت جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ، اسڪول بورڊ جي ملازمن لاءِ جوڙيل موڪلن جا  رولز منطور ڪرڻ، پٺتي پيل ڪٽبن جي ٻارن لا3 3 رپيا ماهه جي حساب سان 10 عدد اسڪالرشپون منطور ڪرڻ، ماتا جي بيماري کي منهن ڏيڻ لا3 عورت ويڪسينيشنس مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، دسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جون مختلف (اسٽيڊنگ، مدرسه، هيلٿ ۽ روڊس) ڪاميٽيون ٺاهڻ، مختلف ناڪن جي 45800 رپين ۾ ٺيڪيداري منطور ڪرڻ، ضلعي اندر مختلف روڊن جي مرمت ۽ تعميرواري ڪم جي منظوري ڏيڻ، ميلن ۽ ملاکڙن تي پابندي وجهڻ، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي سال 38-1937ع لا3 نظر ثاني ڪيل بجيٽ منظور ڪرڻ، نصيرآباد ۽ شهدادڪوٽ جي اي وي اسڪولن ۾ انگريزي پنجين درجي پڙهائڻ جي منظوري ڏيڻ

    16 ۽ 17 اپريل 1938ع

    ميهڙ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان ارڙهون ساليانو اجلاس عيد گاهه ۾ ٿيو، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير الاهي بخش ۽ مولانا چشتي کان سواءِ لاڙڪاڻي ضلعي خلافت ڪاميٽيءَ جي صدر مولوي عبدالڪريم بٺوي ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي، آخر ۾ ڪيترائي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جهڙوڪ سرڪار کان مطالبو ته سنڌي مسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪري زراعت لاءِ گهربل پاڻي مهيا ڪيو وڃي، اسيمبلي ميمبرن کان مطالبو ته شريعت بل، قرض بل ۽ انتقال ايراضيءَ جو بل پاس ڪرائن ته سرڪار يهود نوازپاليسي ترڪ ڪري فلسطيني مسلمانن سان انصاف ڪري، سرڪار لاپي رشوت ۽ رسائي جي لعنت ختم ڪري ۽ لواريءَ واري مصنوعي حج تي پابندي وجهي،

    ڪانفرنس جو تفصيل ۽ پاس ڪيل ٺهراءُ گل حيات ۾ موجود آهي.

    18 اپريل 1938ع

    مغربت جي نماز بعد لاڙڪاڻي جي تجرباغ جي کليل ميدان ۾ ضلعي ۽ شهر جي مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا ميرمحمد نورنگي ڪئي، هن جلسي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ کي مقبول بڻايو ويندو ۽ مسلمانن کي ڪانگريس کان پري رکيو ويندو، هن جلسي لاءِ اڳ ۾ جيڪو اشتهار ڇپرايو ويو هو تنهن ۾ 32 عالمن ۽ سياستدان جي اپيل ڏني وئي هئي، انهيءَ جلسي ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي عهديدارن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي 25 ميمبرن جا تفصيل گل حيات انشتيٽيو ۾ محفوظ آهن.

    22 اپريل 1938ع

    لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي 25 ميمبرن کان سواءِ ضلعي عهديدار به چونڊيا ويا، انهيءَ چونڊ پٽاندر خان بهادر کهڙي کي صدر، سرائي علي گوهر خان لاهوري کي نائب صدر، قاضي فضل الله کي نائب صدر، عبيدالله کي جنرل سيڪريٽري ۽ ميان غلام عباس قادري کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.

    22 اپريل 1938ع

    شڪارپور ۾ ”چوٿين سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ سنڌي عوام ۽ خاص طور تي سنڌ مسلمانن کي سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبائي خودمختياري وٺي ڏيڻ واري تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جو تاڪيد ڪيوويو.

    22 کان 24 اپريل 1938ع

    سيد عطاءُ الله بخاري امرتسريءَ جي صدارت هيٺ شڪارپور جي جمالي هال ۾ ”چوٿين سنڌ مسلم ڪانفرنس“ ٿي،جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سياسي اڳواڻن ۽ مذهبي عالمن شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي جي مولوي نذير حسين هن ڪانفرنس ۾ تقرير ڪئي ۽ ٺهرائن کي ٽيڪو ڏنو، هن ڪانفرنس جي تفصيلي رپورٽ ”گل حيات“ ۾ موجود آهي، هن ڪانفرنس ۾ 18 ٺهراءُ بحال ڪيا ويا، جن مان فلسطيني عربن سان همدردي، ديسي مال واپرائڻ، ڪرمنل ٽرائبس ائڪٽ ختم ڪرڻ، فرنٽيئر ريگيوليشن ائڪٽ رد ڪرڻ، اسڪول ۾ مذهبي تعليم لازمي ڪرڻ، رشوت لاپو ۽ شراب بند ڪرڻ وغيره ذڪر لائق آهن.

    23 اپريل 1938ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي اجلاس ۾ خانبهادر محمد ايوب کهري ۽ چيف آفيسر کي اهو اختيار ڏنو ته هو اهو فيصلو ڪن ته اسڪول بورڊ لاءِ الڳ هڪ اوورسيئر مقرر ڪجي يا نه؟ جيڪڏهن مقرر ڪجي ته پوءِ ان جو پگهار ڪيترو هجي؟

    هن ڪاميٽي اسڪولبورڊ لاءِ الڳ اوورسيئر مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ اها سفارش اڳتي هلي ڊشٽرڪٽ لوڪلبورڊ 21 نومبر 1938ع واري اجلاس ۾ منظور ڪئي.

    24 اپريل 1938ع

    حيدرآباد ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٺهرائن ذريعي سنڌي مسلمانن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ، لنواري حج تي پابندي وجهڻ ۽ مسجد منزل گاهه مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي.

    24 اپريل 1938ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ پنهنجي هڪ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته لنواري حج تي هڪدم پابندي وڌي وڃي.

    2 مئي 1938ع

    سيڪريٽري سنڌ ڪاليجيئٽ بورڊ ضلعي لاڙڪاڻي جي لوڪلبورڊ کي لکيو ته اوهان طرفان نامزد ڪيل ميمبر (محمد ايوب کهڙي) جو مدو 30 اپريل 1938ع تي پورو ٿي رهيو آهي، ان ڪري اسان جي بورڊ تي پنهنجو ميمبر نامزد ڪري موڪليو، لاڙڪاڻي کي ڊسٽرڪٽ بورڊ محمد ايوب کهري کي ئي ڪاليجيئٽ بورڊ تي پنهنجي طرفان نمائندو/ميمبر طور نامزد ڪيو، بورڊ اهو فيصلو پنهنجي 3 اپريل واري اجلاس ۾ ڪيو.

    4 مئي 1938ع

    الوحيد جي پرچي ۾ سيد ٻڍل شاهه جو جي ايم سيد جي نالي کليل خط شايع ٿيو، جنهن ۾ خط نگار جي ايم سيد تي الزام لڳايا ته هن سنڌ اسيمبلي4 ۾ غلام حسين وزارت خلاف دشواريون پيدا ڪري عملي طور تي هندو دوستيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.

    16 مئي 1938ع

    لاڙڪاڻي صلعي ۾ ڪالرا منهن ڪڍيو، جنهن 1 سيپٽمبر 1938ع تائين راڱا لاهي ڇڏيا، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي هيلٿ ڊپارٽمينٽ مڙسي ڪري، هن وبا کي وڌيڪ پکڙجڻ ۽ نقصان ڪرڻ کان روڪيو، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورد صحت کاتي جي ملازمن ۽ آفيسرن کي آفرين ڏني ۽ کين انهيءَ عرصي جو سفري خرچ پڻ ڏنو.

    3 جون 1938ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب صدر ڪريم بخش کهاوڙ، احمد خان ڀٽي، پرڀداس، ساڌو رام، گوڪلداس، سيٺ آنند رام، گل محمد ابڙي، احمد خان ڀٽي، پرڀداس، ساڌو رام، گوڪلداس، سيٺ آنند رام، گل محمد ابڙي، غلام مصطفيٰ اسراڻ، علي گوهر لاهوري، فريد الدين جتوئي، محمد ايوب کهڙي، حسن علي اسراڻ، عبدالرحمان ڪلهوڙي، جان محمد چانڊيو، عبدالهادي ٻگهيو، الهداد تنيو، محمد هاشم جوڻيجو، عبدالحق ڀٽي، قادر بخش تنيو، مٺل خان شيخ ۽ الهورايو جروار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪيل مکيه فيصلن مان ڪي هي آهن.

    بمبئي لوڪل سيلف گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ جي ميبري وٺڻ ۽ ان لاءِ لوڪلبورڊ طرفان هڪ سو رپيا ميمبرشپ في ڏيڻ، عاقل ۾ اسڪول عمارت جوڙڻ لاءِنارائڻداس کي ٺيڪو ڏيڻ، ٻير ۾ ميٽرنٽي هوم لاءِ پنجن مهينن لاءِ مفت ۾ پنهنجي جاءِ ڏيڻ تي لوڪلبورڊ طرفان پنهنجي ميمبر رئيس الهداد تنيو جي شڪريه ادائي، محمد ايوب کهڙي جي ٽي اي بل جي منظوري ڏيڻ ۽ ڦلپوٽن لڳ گهاڙ واهه واري پل جي مرمت ڪرائڻ.

    7 جون 1938ع

    ٽيڪم ميٺارام آسوداڻي ”آفتاب“، صحبت ديري جتوئي، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بئراڳڙهه، ڀوپال ۾ ويٺو ۽ اتي علم ادب جي دنيا ۾ شاعر خواهه ايڊيٽر جي حيثت سان پاڻ موکيائين.

    12 جون 1938ع

    نارائڻ موٽومل ٻڌراڻي ”ناري پدم“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، اڄ ڪلهه ناگپور ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، هن جي لکيل ڪتابن مان ”اموشي جا دائرا“ (1972ع)  ذڪر لائق آهي.

    18 جون 1938ع

    انجمن شعراء هالا جي سهاري هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، هن مشاعري جي مصرع طرح هئي.

    هاءِ حسرت موت وارو داغ دل منظور ڪيو.

    7 جولاءِ 1938ع

    ميروخان ۾ عالمن ۽ مسلم ليگي ورڪرن جي جنرل ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ٺهراءُ ذريعي ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ ۽ ان جي آرگن اخبار ”اصلاح“ جي حڪومت ۽ وزارت دوستيءَ واري حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪندي اهو چتاءُ ڏنو ويو ته ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي اهڙي روش ان کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پنهنجي موت ماري ڇڏيندي.

    8 جولاءِ 1938ع

    تعلقي ميروخان جي ڳوٺ محبوب تنيو جي جامع مسجد ۾ رئيس ميان ڪريم بخش صدر مسلم ليگ شاخ جي صدارت ۾ جلسو ٿيو، جلسي ۾ پاس ڪيل ٺهرائن جا تفصيل ”گل حيات“ ۾ موجود آهن، ٺهرائن مطابق حڪومت جي فلسطين پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي، ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي اندروني اختلافن جو نوٽيس ورتو ويو ۽ سرڪار جي مسلم ليگ دشمن پاليسيءَ جي ندا ڪئي وئي.

    12 آگسٽ 1938ع

    لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 9665 ذريعي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي توجهه ڇڪرايو ته هو مختلف ڳوٺن ۾ لائبرريون قائم ڪرڻ گهري ٿو، ان لاءِ هو ”وليج اپ لفٽ اسڪيم“ جي ڏوڪڙن مان لائبرريون قائم ڪرڻ جو مجاز آهي يا نه؟

    ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڳوٺن ۾ لائبرريون ٺاهڻ ۽ ان لاءِ فنڊ ڪتب آڻڻ واري راءِ کي منظور نه ڪيو.

    18 آگسٽ 1938ع

    سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي هيثيت سان شيخ عبدالمجيد سنڌي عام مسلمانن کي اپيل ڪئي جنهن جو متن هن ريت آهي:

    برادران اسلام آل انديا مسلم ليگ اوهان جي قومي جماعت آهي، اها ئي جماعت جنهن سڀ کان اول هندستان جي مسلمانن ۾ قومي ۽ سياسي سيداري آندي ۽ انهن ۾ آزاديءَ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو جذبو پيداڪيو، هن وقت مسلم ليگ جي اها ڪوشش آهي ته هندستان جي نو ڪروڙ مسلمانن کي، مسلم ليگ جي اسلامي جهنڊي هيٺ متحد ڪيو وڃي،انهن کي وياج خورن ۽ رشوت خورن جي زيادتين کان بچايو وڃي، انهن جي مال و ملڪيت ۽ زمين جي حفاظت ڪئي وڃي، انهن جي مذهبي، معاشرتي، تمدني ۽ تعليمي اصلاح ڪئي وڃي، هندستان جو ڪو به پرڳڻو اهرو نه اهي، جنهن ۾ مسلم ليگ جون شاخون سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ قائم نه ٿيون هجن، ڏهن لکن کان به وڌيڪ مسلمان مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي چڪا آهن، فقط اسان جي سنڌ پٺتي رهجي وئي آهي، پر شڪر آهي ته جو بااثر مسلمان هاڻي سنڌ ۾ به قوم کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، اسان سڀني مسلمانن کي اپيل ٿا ڪريون ته هر ڳوٺ، شهر ۾ مسلم ليگ جون شاخون قائم ڪريو ۽ هزارن جي تعداد ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو.

    پنهنجي عيوصين کي به استدعا ڪريو ته مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي وڃن، ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن ۾ عام طور سان ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ خاص طور سان، مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿي حڪومت جو ڪاروبار هلائن، جڏهن توهان جا نمائندا مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيندا، تڏهن ئي وياج خوريءَ تي ضابطي رکڻ جو قاعدو ۽ ٻيا قانون پاس ڪرائي سگهجن ٿا، اوهان انهن کي مجبور ڪريو ته هو مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿين، نه ته ميمبريءَ تان استعيفا ڏئي وڃن، جنهن قوم جو قومي نظام ۽ قومي جماعت نه آهي، سا قوم نه آهي، مسلم قوم جي نجات ۽ بهتري پنهنجي قومي تنظيم ۾ آهي.

    30 سيپٽمبر 1938ع

    ڳوٺ محبوب تنيو تعلقي ميروخان ۾ ميان جي محمد يوسف قريشيءَ جي صدارت هيٺ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ابو عبيدالله مولوي محمد دائود تقرير ڪندي سنڌ جي نام نهاد ڪانگريسي ملن طرفان خالق ڏني هال ۾ ڪوٺايل اجلاس جي مذمت ڪئي.

    5 آڪٽوبر 1938ع

    سردار نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، فقير محمد انڙ، علي گوهر لاهوري، الهداد تنيو، محمد هاشم جوڻيجو، پير بخش، جان محمد چانڊيو، ڪريم بخش کهاوڙ، قادر بخش تنيو، عبدالحق ڀٽو، گل محمد ابڙو، عبدالرحمان ڪلهوڙو، آنند رام باڊاهي، سيٺ ساڌو سنگهه، پرڀداس، فريد الدين جتوئي، عبدالهادي ٻگهيو، الهه ورايو جروار ۽ مٺل خان شيخ شرڪٽ ڪئي. اجلاس ۾ منظور ڪيل فيصلن ۽ ٺهرائن مان ڪي هي آهن.

    مدرسه ڪاميٽي جا ميمبر چونڊڻ، علي گوهر خان لاهوري جي رٿ ۽ فقير محمد انڙ جي تائيد تي فيصلو ڪرڻ ته لوڪلبورڊ آفيس تي مسلم ليگ جو جهنڊو ڦڙڪايو وڃي ۽ ان لا3 قائداعظم محمد علي جناح کي دعوت ڏجي، بادشاهه نالي ٽي بيءَ خلاف قائم ڪيل فنڊ ۾ هڪ سو رپيا چندو ڏنو وڃي.

    8 آڪٽوبر 1938ع

    رات جو نائين وڳي ڪانفرنس جي پنڊال ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس جي ڪاروائي جو آغاز ٿيو، شروعات ۾ حافظ علي محمد (ڊگهڙيءَ واري) ڪلام مجيد جي تلاوت ڪئي، ان کان پو3 مولوي عبدالحئي حقاني، ميرايوب خان ۽ مسٽر ظفر حسين ۽ ٻين قومي نظم پڙهيا، بعد ۾ حاجي عبدالله هارون مهمانن جي آجيان ڪئي.

    ڪانفرنس جي باقاعدي ڪاروائي هلائڻ لاءِ سنڌ صوبي مسلم ليگ جي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ محمد علي جناح جو نالو صدارت لاءِ پيش ڪيو، جيڪو متفق راءِ سان قبول ڪيو ويو.

    سڪندر حيات خان ۽ محمد علي جناح جي تقريرن کان پوءِ ڪانفرنس جي پهرين نشست ختم ٿي.

    12 آڪٽوبر 1938ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن جي گڏجاڻي ته جيئن اسيمبليءَ اندر مسلم پارٽي قائم ڪري سگهجي، خانبهادر الله بخش انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته کيس ئي مسلم ليگ پارٽيءَ جو اسيمبلي اندر اڳواڻ چونڊيو وڃي، ليڪن اڪثريت سندس اهو شرط قبول نه ڪيو ۽ هو گڏجاڻي ڇڏي هليو ويو، جيڪڏهن هو پنهنجو شرط نه پيو مڃرائي ۽ شرڪت جاري رکي پيو ته پوءِ ٻئي اڳواڻ جي چونڊڻ تي سندس وڏي وزير هئڻ جا امڪان به گهٽجي وڃن پيا، جنهن عهدي تي پاڻ ان وقت فائز هو، هن جي گڏجاڻي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ باقي ميمبرن سر غلام حسين کي ليڊر ۽ مير بنده علي خان کي ڊپٽي ليڊر ڪري چونڊيو.

    17 آڪٽوبر 1938ع

    لاڙڪاڻي ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جي شاخ ”لاڙڪاڻي لاج“ قائم ٿي، جنهن جي ڪوششن سان 1940ع ۾ ”سنڌ ملتان بلوچستان فيڊريشن آف ٿياسافيڪل سوسائٽي“ جو ساليانو ميڙ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو، هن ميڙ لاءِ سنتداس منگهارام کي صدر چونڊيو ويو ۽ خوشحالداس موقعي جو سيڪريٽري ٿيو هو، انهيءَ سترهن سالياني ميڙ واري واقعي کان سواءِ ٿياسافي مت ۽ تحريڪ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪنهن به قسم جي نمايان ڪارڪردگي ڪانه ڏيکاري.

    18 آڪٽوبر 1938ع

    قائداعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾ آيو، کيس لوڪلبورڊ ۽ ميونسپالٽيءَ سپاس ناما پيش ڪيا، ٻنهي سپاسنامن جو متن ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

    21 آڪٽوبر 1938ع

    سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي جوائنٽ سيڪريٽري پير علي محمد شاهه راشدي ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي سيڪريٽري ڏانهن خط لکيو ته ڏانهس سمورين صوبائي مسلم ليگن جي عهديدارن جي لسٽ ۽ ايڊريس، هر صوبي جي پارليامينٽري سرگرمين جي انچارج مسلم ليگي سيڪريٽري جو نالو ۽ ايڊريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو لٽريچر ڏياري موڪلي.

    22 آڪٽوبر 1938ع

    مولانا نورنگي جي صدارت هيٺ قمبر ۾ ”انجمن فدائي اسلام“ جي اهتمام هيٺ جلسو ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جي فلسطين پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي، انهيءَ موقعي تي تعلقي قمبر ۽ شهر لاءِ فلسطين ڪاميٽيون جوڙيون ويون، تعلقي قمبر ۾ مولانا محمد نورنگي کي صدر، مولوي غلام فريد کي نائب صدر ۽ مولوي غلام مصطفيٰ کي ناظم مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته قمبر شهر لاءِ غلام محمد خان کي صدر، گلاب خان کي نائب صدر ۽ حمزه خان کي ناظم مقرر ڪيو ويو. 

    26 آڪٽوبر 1938ع

    سيد ولي محمد شاهه ولد سيد محمد مراد شاهه سيوهاڻي جيڪو ڪيترو وقت تعلقي لوڪلبورڊ جو صدر به ٿي رهيو ۽ سنڌ جي جدائي کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ جي ايم سيد جي خلاف اميدوار به بيٺو هو، تنهن وفات ڪئي.

    29 آڪٽوبر 1938ع

    ڊسٽرڪٽ اسڪولبورڊ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 7 ذريعي تجويز پيش ڪئي ته سنڌ جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن کي گذارش ڪجي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ سنڌي فائنل جا امتحان نه ورتا وڃن ڇو ته اهڙي ڊگري وٺندڙ ماڻهو اسڪول بورڊ تي بار وجهن ٿا ته کين اسسٽنٽ ماسٽر مقرر ڪيو وڃي، هن تجويز تي لوڪل بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ فيصلو ڪيو ته هن کان پوءِ انهن ماڻهن /ڇوڪرن کي فائنل جي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي جيڪي انگريزيءَ 3 درجا پاس هجن.

    30 آڪٽوبر 1938ع

    ڪرشن ايسرداس گربخشاڻي ”ساٿي“ نئين ديري ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت جي راڻيپور ۾ ويٺو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن ۽ مضمون نگارن ۾ ٿئي ٿو.

    19 نومبر 1938ع

    خانبهادر محمد ايوب کهڙي، ميمبر آرگنائيزنگ ڪاميٽي سنڌ مسلم ليگ جي ڪوششن سان مسٽر حاجي خان وڪيل جي جاءِ تي ميهڙ ۾ ضلعي دادو مسلم ليگ جي ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي.

    21 نومبر 1938ع

    علي گوهر لاهوريءَ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ تجويز پيش ڪئي ته مسٽر محمد علي جناح جي لاڙڪاڻي واري دوري وقت کيس لوڪل بورد پاران ايڊريس پيش ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ 5 سئو رپيا رکيا وڃن، ان تي پرڀداس ترميم پيش ڪئي ۽ خانبهادر کهري کيس ٺيڪو ڏنو ته مسٽر جناح سان گڏ مولانا شوڪت علي کي به سپاس نامو پيش ڪيو وڃي.

    لوڪلبورڊ خان بهادر محمد ايوب کهري، پرڀداس ۽ علي گوهر لاهوريءَ تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوري ته جيئن اهي سپاس نامي جو متن تيار ڪن.

    نوٽ: مولانا شوڪت علي لاڙڪاڻي ڪو نه آيو، البته محمد علي جناح جي آمد تي لوڪل بورڊ 136 رپيا 7 آنا خرچ ڪيو.

    27 نومبر 1938ع

    ”سنڌ پروانشل مسلم ليگ“ 26 پارٽي اڳواڻن کي ”آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل“ تي ميمبر طور نامزد ڪيو، انهن مان لاڙڪاڻي واسي مسلم ليگي اڳواڻ هي هئا: قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، علي محمد شاهه راشدي ۽ غلام محمد خان اسراڻ.

    حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ قائم ٿيل ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ“ جي عهديدارن ۾ ٻه لاڙڪاڻي واسي هئا، انهن مان محمد ايوب کهڙو نائب صدر نمبر 2 هو ۽ پير محمد علي شاهه راشدي جوائنٽ سيڪريٽري هو.

    27 نومبر 1938ع

    سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي نئين سر چونڊ ٿي، صدر جي چونڊ لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون اميدوار بيٺا، ٻنهي کي هڪ جيترا ووٽ مليا، بعد ۾ وقتي چيئرمين خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنهنجو ڪاسٽنگ ووٽ عبدالله هارون جي حق ۾ ڏنو، نتيجي طور هڪ ووٽ جي اڪثريت سان حاجي عبدالله هارون صدر چونڊيو ويو، انهيءَ ڪري شيخ عبدالمجيد سنڌي کي مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيوويو.

    28 نومبر 1938ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ”پراونشل مسلم ليگ سنڌ“ جي سيڪريٽري جي حيثيت سان نوابزادي لياقت علي خان، آنرري سيڪريٽري ”آل انڊيا مسلم ليگ“ کي لکيو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ کي قانوني طور تي منظم ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن شاخ کي الحاق ڏيو، شيخ مرحوم سنڌ ۾ قائم ٿيل مسلم ليگ جي ضلعي وار شاخن جي لسٽ به موڪلي، ان ۾ لاڙڪاڻي جون 24 شاخون ٻڌايون ويو، جن مان مکيه هي هيون.: ميروخان، محبوب خان تنيو، لاڙڪاڻو، علي شير تنيو، گهٽهڙ، عمر گوپانگ، نورنگ، علي جويو، وارهه، ڀٽي، علي محمد مستوئي، قمبر، شهدادڪوٽ، گاجي کهاوڙ، باقراڻي ۽ بنگل ديرو. وغِره.

    30 نومبر 1938ع

    ”سنڌ پروانشنل مسلم ليگ جي جاري ڪيل پڌرائي موجب هن تنظيم جي جنرل باڊي 88 ميمبرن تي مشتمل هئي. جن ۾ لاڙڪاڻي واسي ميمبر هئا: حاجي امير علي لاهوري، غلام محمد خان اسراڻ، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، پير علي انور شاهه، سيد علي محمد شاهه راشدي، ميان وريل شاهه، مولانا عبدالله، وڏيرو فقير محمد خان، مولوي محمد اسماعيل، قاضي جان محمد ۽ محمد صديق تنيو ۽ سردار نبي بخش خان ڀٽو.

    1 ڊسمبر 1938ع

    هاري ڪاميٽي پنهنجو آئين پاس ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته هارين کي هر قسم جي ڦرلٽ کان آزاد ڪرائي سموري گذراني ۽ سياسي طاقت تي پورهتين جو قبضو حاصل ڪريسندن حالت بهتر بنائي ويندي.

    2 ڊسمبر 1938ع

    مولانا شوڪت علي جي وفات تي لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ تعزيتي گڏجاڻيون ۽ جلسا ٿيا، ڳوٺ محبوب تنيو واري جلسي جي گڏجاڻيءَ جو احوال ”الوحيد“ اخبار جي 8 ڊسمبر 1938ع واري پرچي جي ڇهين صفحي تي تفيصل سان شايع ٿيو.

    9 ڊسمبر 1938ع

    لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ سپريٽينڊنٽ آف پوليس پنهنجي ميمورنڊم نمبر 5574 ذريعي وقت جي سرڪارکي تجويز ڏني ته ڌاڙيلن جي ڪارواين کي منهن ڏيڻ لاءِ غيبي ديري ۽ حمل ۾ فون لڳائي وڃي، حمل، بگودڙو، امام بخش جمالي ۽ قبوسعيد خان ۾ پوليس وڌائي وڃي.

    سندس ڳالهه جي پٺڀرائي تڏهوڪي ضلعي مئجسٽريٽ 22 ڊسمبر تي سرڪار سان لکپڙهه ڪندي هئي، سنڌ سرڪار 8 فيبروري 1940ع تي انهيءَ تجويز کي منظور ڪري عملي قدم کنيو.

    13 ڊسمبر 1938ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ٿي. جنهن ۾ محمد ايوب کهڙو، پرڀداس تولاڻي، عبدالهادي ٻگهيو ۽ رئيس الهداد تنيو شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ 22 اسمن تي ويچار ۽ فيصلا ڪياويا، جن مان هي اسم ذڪر لائق آهن.

    ٽول ٽيڪس بدران ويل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، مختلف ٺيڪيدارن کي ڏنل ٺيڪا منظورڪرڻ ۽ مختلف ترقياتي ڪمن جا تخمينا منظور ڪرڻ وغيره.

    22 ڊسمبر 1938ع

    نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس شام جو 3 وڳي سر شاهنواز ڀٽو هال ۾ ٿيو، جنهن ۾ خان بهادر ڪريم بخش کهاوڙ (نائب صدر)، پير بخش، الهداد، عبدالرحمان، قادر بخش تنيو، فريد الدين، محمدايوب کهڙو، مٺل خان شيخ، پرڀداس، احمد خان ڀٽو، الله ورايو، گل محمد ابڙو، آنند رام، ساڌو رام آف حيدر چانڊيو ۽ حاجي گل محمد چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ورتل اهم فيصلن مان ڪي هي آهن.

    غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا ۽ مولانا شوڪت علي جي وفات تي 5 منٽن جي خاموشي ۽ دعا، سنڌ زمينداري ڪاليج لاءِ گڏ ڪيل 771 رپيا 9 آنا ڪاليج نه ٺهڻ جي صورت سبب شهدادڪوٽ تعلقي ۾ قائم ٿيندڙ ڊسپينسري لاءِ ميڊيڪل جا آوزار خريد ڪرڻ ۾ ڪم آڻڻ جو فيصلو، 15 غير تربيت يافته استادن جي تقرريءَ جي اجازت، سپروائيزرن کي بگي ايڊوانس ڏيڻ، مختلف ترقياتي ڪمن ۽ انهن جي تخمينن جي منظوري ۽ مختلف ٺيڪيدارن جا ٺيڪا منظور ڪرڻ.

  • 1937

    1937ع

    سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي بعد ٿيل نئين صوبي جي چونڊن ۾ سنڌ آزاد پارٽي 3 ۽ ڪانگريس 7 سيٽون حاصل ڪيون، مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ 3 سيٽون کنيون.

    1937ع

    لاڙڪاڻي ۾ ماتا جي بيماريءَ وبا جي صورت اختيار ڪئي، هن سال ضلعي ۾ 1082 ماتا جا ڪيس ٿيا،جن مان 180 مري ويا.

    1937ع

    درياهي ٻوڏ ڪارڻ عاقل ڳوٺ جي رهواسين “نئون عاقل” ڳوٺ ٻڌو، خانبهادر محمد ايوب کهري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ لوڪلبورڊ جي 29 جون 1937ع واري اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي ته مسوحٻ ۽ لهڻو سامٽيو وچ ۾ قائم ڪيل هن نئين ڳوٺ کي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڪي سهولتون فراهم ڪري، جهڙوڪ: مسوحٻ کان نئين عاقل تائين رستو ٺهرائجي، چئن استادن تي مشتمل اسڪول قائم ڪيو وڃي ۽ نئين ڳوٺ ۾ مسافر خانو ٺهرايو وڃي، ضلعي لوڪل بورڊ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 76 موجب روڊن ٺهرائڻ واري رٿ قبول ڪئي، البت مسافرخاني ٺهرائڻ لاءِ فنڊن جي کوٽ جو ڪارڻ ڏئي انهيءَ رٿ کي منظور نه ڪيو.

    1 جنوري 1937ع

    سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيو، جن ۾ هن ريت سياسي جماعتن کي سيٽون مليون.

    سنڌ اتحاد پارٽي 18، سنڌ هندو سڀا 11، ڪانگرس 8، مسلم پوليٽيڪل پارٽي 3، مزدور 1، باقي آزاد ميمبر 19.

    1 جنوري 1937ع

    جيوترام ڪي سيتپال سکر ۾ ڄائو، پاڻ يارهين سال کي پهتو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، ان ڪري لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، هن اتي ئي علم ادب جي دنيا ۾ شاعر، صحافي، ناٽڪ نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو.

    2 جنوري 1937ع

    ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽي اتر سنڌ جو چونڊ مهم دورو شروع ڪيو، 5 جنوري تي لاڙڪاڻي ۾جلسو ڪيو ويو، جنهن جو اهتمام سردار نبي بخش خان ڀٽي ڪيو.

    2 جنوري 1937ع

    حاجي عبدالله هارون جي رهائش گاهه تي شام جو ٽين وڳي “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي” جي ”ايگزيڪيٽو ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پارٽي اميدوارن جي نامزدگي کي آخري شڪل ڏني وئي.

    9 جنوري 1937ع

    سردار نبي بخش ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قمبر جي اسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر کان سواءِ امير علي لاهوري، سيٺ پرڀداس، فريد الدين، عبدالحق ڀٽي، الهه بخش جلباڻي، احمد خان ڀٽي، پير بخش کهاور، عبدالهادي ٻگهئي، الهداد تنئي، محمد صديق وڳڻ، محمد ايوب کهڙي، فقير محمد انڙ، علي گوهر لاهوري، ڀوڄراج، قادر بخش تنئي، گوڪلداس ۽ آئلداس شرڪت ڪئي.

    اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مان مکيه هي هئا: نظر ثاني ڪيل بجيٽ جي منظوري خيرپور رياست ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ وچ ۾ تيڻن ۽ ٻيڙين تي لڳندڙ محصول وغيره تي غور ويچار ۽ فيصلو ڪرڻ.

    15 جنوري 1937ع

    ميول نيوندرام آهوجا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، اڄ ڪلي بڙودي ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور اداڪارن، هدايتڪارن ۽ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو.

    26 جنوري 1937ع

    “الوحيد” جي پرچي ۾ “سر ڀٽي جا بڇڙا ارادا” جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، هي ايڊيٽوريل ايندڙ چونڊن جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، جنهن ۾ سر شاهنواز ڀٽي تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ ان جي مخالف اميدوار شيخ عبدالمجيد سنڌي جي قومي خدمتن جي تعريف ڪئي وئي هئي.

    13 فيبروري 1937ع

    سردار نبي بخش ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورد جو ايڊجورنڊ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر کان سواءِ امير علي لاهوري، محمد ايوب کهڙي، الهه بخش جلباڻي، پير بخش کهاور، احمد خان ڀٽي، جان محمد چانڊيئي، علي گوهر لاهوري، ڀوڄراج، فريد الدين، گوڪلداس، آسوديمل، آئلداس، پرڀداس ۽ فقير محمد انڙ شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ اسپيشل ڪاميٽيءَ جي تجويزن تي غور ڪرڻ کان سواءِ ٻين ڳالهين تي غور ڪيو ويو.

    7 مارچ 1937ع

    “سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي” حيدرآباد طرفان حيدرآباد ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    “ساگر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾”

    هن مشاعري لاءِ لاڙڪاڻي جي ڪيترن شاعرن پنهنجا شعر جوڙيا، جن مان مولوي محمد عاقل “عاقلي”، هدايت الله “نجفي” ۽ حاجي محمود “خادم” جا نالا ذڪر لائق آهن.

    7 مارچ 1937ع

    “سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي” حيدرآباد طرفان هڪ مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي:

    “ساگر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾”

    هن مشاعري ۾ جن ذاتي طور يا قلمي طور حصو ورتو، تن مان شيخ ابراهيم “خليل”، حافظ “بسمل”، مرزا نادر بيگ “نادر”، ليکراج “عزيز”، محمد خان “غني”، حبيب الله “آزاد”، مولوي محمد عاقل “عاقلي”، پرسرام “ضيا”، هدايت علي “تارڪ”، حاجي محمود “خادم”، محمد بخش “واصف”، عبدالقادر “وارثي”، مرزا اجمل بيگ “فاضل”، داد شاهه، غلام حسين “فنائي”، غوث بخش “گوشي” ۽ پروفيسر “ڪانگ” جا نالا ذڪر لائق آهن.

    16 مارچ 1937ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ان جي نائب صدر حسن علي اسراڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر کان سواءِ ڀوڄراج، پير بخش کهاوڙ، عبدالهادي ٻگهيو، الهداد تنيو، علي گوهر لاهوري، فقير محمد انڙ، پرڀداس، فريدالدين، آسوديمل، عبدالحق ڀٽي، محمد ايوب کهڙي، امير علي لاهوري، الهه بخش جلباڻي، احمد خان ڀٽي، آئلداس ۽ قادر بخش تنئي شرڪت ڪئي.

    5 اپريل 1937ع

    نند لعل پهلاجراءِ هندوجا لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيس، هي اڄ ڪلهه الهاس نگر ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ليکڪن ۽ هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿو.

    19 اپريل 1937ع

    گرمک سانولداس بجاج لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، اڄ ڪلهه بمبئي ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ڳائيندڙن ۽ موسيقارن ۾ ٿئي ٿو.

    26 اپريل 1937ع

    36 سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي گڏجاڻي سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ ٿي، جن مان 24 مسلمان ۽ 12 غير مسلم هئا، انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ “ڊيموڪريٽڪ پارٽي” جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ هن ريت عهديدار چونڊيا ويا.

    ليڊر: غلام حسين هدايت الله، ڊپٽي ليڊر: مکي گوبند رام، ڊپٽي ليڊر: مير بنده علي خان، جنرل سيڪريٽري: محمد ايوب کهرو، جنرل سيڪريٽري: نهچلداس، جوائنٽ سيڪريٽري: مير غلام علي ٽالپر، وهپ: سيد ميران محمد شاهه ۽ نهچلداس.

    26 اپريل 1937ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي 36 ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سر غلام حسين هدايت الله ڪئي، هن گڏجاڻي ۾ 36 مان 24 مسلمان ۽ 12 غير مسلم ميمبر هئا، هن گڏجاڻيءَ ۾ “ڊيموڪريٽڪ پارٽي” جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جو ليڊر سر غلام حسين کي، ڊپٽي ليڊر مکي گوبند رام کي ۽ جنرل سيڪريٽري مسلم محمد ايوب کهڙي کي مقرر ڪيو ويو.

    28 اپريل 1937ع

    سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين گڏجاڻي هيرانند جي چيئرمينيءَ هيٺ ٿي، جنهن ۾ اسپيڪر جي چونڊ ڪئي وئي، اسپيڪر جي چونڊ لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير الاهي بخش ۽ ڀوڄ سنگ اميدوار بيٺا، پير الاهي بخش، شيخ سنڌيءَ جي حمايت ۾ هٿ کڻي ويو، پر پوءِ به ڀوڄ سنگ کي 40 ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 18 ووٽ مليا، جنهن جي نتيجي ۾ ڀوڄسنگ سنڌ اسيمبليءَ جو اسيپڪر چونڊيو ويو.

    29 اپريل 1937ع

    بمبئي ڪائونسل جو سابق ميمبر تعلقي ٽنڊي محمد خان لوڪلبورڊ جو سابق صدر ۽ پنهنجي تر جو ناميارو پير ۽ اثر رسوخ وارو انسان خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه ولد سيد ميان قبول محمد شاهه وفات ڪري ويو.

    29 جون 1937ع

    سردار نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ قمبر جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر کان سواءِ محمد ايوب کهڙي، سيد ميهر شاهه، سرائي حسن علي اسراڻ، سرائي پير بخش کهاوڙ، علي گوهر لاهوري، غلام مصطفيٰ، عبدالهادي ٻگهئي، فقير محمد انڙ، گل محمد ابڙي، صاحب خان جوڻيجي، فريد الدين جتوئي، سيٺ آسوديمل، گوڪلداس، پرڀداس، خانبهادر ڪريم بخش، الهه بخش جلباڻي، آنند رام، قادر بخش تنئي، رئيس مٺل خان، الاهي بخش کوکر، جان محمد چانڊيئي، سيٺ دلو مل، احمد خان ڀٽي، الهداد تنيئي، عبدالرحمان ڪلهوڙي ۽ عبدالحق ڀٽي شرڪت ڪئي.

    اجلاس ۾ 93 فيصلاڪيا ويا، جن مان هي ذڪر لائق آهن:

    شهدادڪوٽ ۾ انگلش ڪلاسز لاءِ راند جي ميدان لاءِ زمين وٺڻ، چاڪياڻيءَ ۾ اسڪول عمارت جي تعمير جو ٺيڪو ڏيڻ، قبي سعيد خان ۾ ڊسپينسري ٺهرائڻ، چئن تعلقه ڊسپينسريز (ڏوڪري، وارهه، ميروخان ۽ شهدادڪوٽ) لاءِ ڪاميٽيون ٺاهڻ، لوڪلبورڊن جون (اسٽيڊنگ، مدرسه ۽ هيلٿ) ڪاميٽيون ٺاهڻ، تعلقه لوڪلبورڊن جي خاتمي کان پوءِ تعلقن ۾ مختلف ترقياتي ڪم ڪرڻ، ٽيوب ويلن (باڊهه، وارهه ۽ پير بخش ڀٽي) لاءِ مشينون وٺڻ، ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جا پتڻ ٺيڪي تي ڏيڻ، بيلدارن کي جمعي ڏينهن تي اڌ ڏهاڙي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، ڪريم بخش کهاوڙ کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو نائب صدر چونڊڻ، عاقل ڳوٺ کي روڊن جي سهولت ڏيڻ ۽ لوڪلبورڊ جي ملازمن جون مختلف درخواستون اڪلائڻ.

    30 جون 1937ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جي اسڪول بورڊجي چونڊ ٿي، جنهن ۾ ٽن تعليمي ماهرن (حاجي محمد ڪلهوڙو، مسمات غلام زهريٰ ۽ پير گل محمد شاهه) کان سواءِ 9 ميمبرن کي منتخب ڪيو ويو، اهي هئا: خانبهادر احمد خان ڀتو، سرائي الاهي بخش کوکر، قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، علي گوهر لاهوري، ڪريم بخش خان کهاوڙ، محمد اسماعيل تنيو، پرڀداس تولاڻي ۽ آسنداس گيانچند.

    2 جولاءِ 1937ع

    لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 8 موجب فيصلو ڪيو ته ضلعي ۾ نياڻين جي تعليم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ غريب ۽ حقدار شاگردياڻين ۾ ڪپڙا وٺي ورهائجن، ان لاءِ 200 رپيا رکيا ويا، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 29 سيپٽمبر 1937ع جي اجلاس ۾ پنهنجي ٺهراءُ نمبر 2 موجب اهڙي منظوري ڏني.

    30 جولاءِ 1937ع

    ايشور چندر نالي اديب ۽ ڪيترن ڪتابن جو مترجم خواهه مصنف حيدرآباد ۾ ڄائو، هي صاحب ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي اجمير ۾ رهيو.

    25 سيپٽمبر 1937ع

    نند دوارڪاداس ايسراڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هي اڄڪلهه احمدآباد ڀارت ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، هن جي لکيل ڪتابن مان ”ڊاڪٽر مدن“ ۽ ”درد جو دل ۾ رهجي ويو“ ذڪرلائق آهن.

    29 سيپٽمبر 1937ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، علي گوهر لاهوري، حسن علي اسراڻ، سيد ميهر شاهه، پير بخش کهاوڙ، جان محمد چانڊيئي، الاهي بخش کوکر، الهداد تنئي، عبدالهادي ٻگهئي، فقير محمد انڙ، قادر بخش تنيئي، عبدالرحمان، پرڀداس، صاحب خان جوڻيجي، الهه ورايئي جروار، فريد الدين جتوئي، مٺل خان شيخ، گل محمد ابڙي، سيٺ دلو مل، آنند رام شهدادڪوٽي، آنند رام، احمد خان ڀٽي، عبدالحق ڀٽي، سيٺ آئلداس ۽ سيٺ گوڪلداس شرڪت ڪئي.

    اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مان ڪجهه هي آهن: مڇي مارڻ جو ٺيڪو ڏيڻ، نياڻين کي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ 200 رپين جو ڪپڙو وٺي انهن ۾ ورهائڻ، نائڪ ۽ پٽيوالن جي پگهار جا نوان اسڪيل منظور ڪرڻ، هيٺين ملازمن جا پينشن رولز منظورڪرڻ، زميندارن تان لوڪل سيس 7 پائين مان گهٽائي 6 پائيون ڪرڻ، چيف آفيسر ۽ انجنيئر جي پگهارن جا نوان اسڪيل منظور ڪرڻ، ڪراچيءَ جي مسلم هاسٽل جي بورڊ آف ٽرسٽيز تي محمد ايوب کهڙيجي نامزدگيءَ لاءِ جيڪب آباد ۽ دادو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊس جي تائيد وٺڻ، روڊن ڀرسان پوکي راهي ڪندڙن خلاف لينڊ اڪيوزيشن ايڪٽ جي سيڪشن 16 اي هيٺ قدم کڻڻ، روڊن جي مرمت جون اسڪيمون منظور ڪرڻ، ضلعي ۾ ماتا جي بيماري پکڙجڻ ڪري طيب عملي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ.

    1 آڪٽوبر 1937ع

    پرتاب هرگنداس ڌنواڻي ”جادوگر نماڻو“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس لڏي وڃي بڙودا ۾ آباد ٿيڻو پيو، سندس شمار مشهور جادوگرن ۾ ٿئي ٿو، ان کان سواءِ ڪيترو وقت صحافت سان به لاڳاپيل رهيو آهي.

    18 آڪٽوبر 1937ع

    مکي گوبندرام وزارت تان استعيفا ڏني، جنهن جي جاءِ تي ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻيءَ کي وزير بڻايو ويو، کيس پبلڪ هيلٿ ۽ ميڊيڪل جا کاتا ڏنا ويا.

    2 نومبر 1937ع

    الوحيد جي پرچي ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ جي نالي درخواست شايع ٿي ته صاحب موصوف مولانا نور محمد نظاماڻي خلاف داخل ڪيل هتڪ عزت جو ڪيس واپس وٺي، ڇو ته مولوي نظاماڻي سخت بيمار آهي.

    12 نومبر 1937ع

    ”انجمن شعراء هالا“ جي سهاري هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هن ريت هئي.

    ”ڇڏي مستي ڪيو ڪا خلق جي خدمت مسلمانو“

    9 ڊسمبر 1937ع

    ڪراچيءَ ۾ سرغلام حسين هدايت الله جي جاءِ تي ”ڊيموڪريٽڪ ڪوئليش پارٽي“ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسلمانن لاءِ انگريزيءَ ۾ روزانه اخبار جاري ڪرڻ واري مسئلي تي غور ڪيوويو، مرحوم کهڙي هن گڏجاڻيءَ ۾ جماعت جي جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.

  • 1936

    1936ع

    خانبهادر علي حسن هڪڙو وفات ڪري ويو، هو سالن جا سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ميمبر ۾ نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت واري دور ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو نائب صدر ٿي رهيو.

    26 جنوري 1936ع

    بمبئي جو گورنر سنڌ جي دوري تي آيو ۽ هن اڄوڪي ڏينهن تي ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جو دورو به ڪيو.

    16 مارچ 1936ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي صدر علي محمد دهلويءَ ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن کي الوداعي پارٽي ڏني، ڇو ته سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ اهي سنڌي ميمبرن بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر رهڻا نه هئا.

    17 مارچ 1936ع

    هوم ميمبر سر رابرٽ بيل ۽ سندس ساٿين بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن کي بمبئي جي تاج محل هوٽل ۾ الوداعي پارٽي ڏني.

    20 مارچ 1936ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ الوداعي ٺهراءُ پاس ڪري سنڌي ميمبرن جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي وئي.

    1 اپريل 1936ع

    سالن جي جدوجهد کان پوءِ سنڌ کي بمبئي کان عليحدگي ملي ۽ ان کي صوبائي حيثيت ڏني وئي، انهيءَ اهم تاريخي موقعي تي سموري سنڌ جيان ضلعي لاڙڪاڻي جي مسلمانن پڻ خوشيون ملهايون .

    1 اپريل 1936ع

    سنڌ، جنهن کي 1847ع ۾ نيپئر جي وڃڻ کان پوءِ بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو هو، ان کي صوبائي خودمختياري ملي، بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ ڀريا ويهه سال هلي ۽ ان دوران سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ اختلاف ۽ نفاق پيدا ٿيو.

    14 اپريل 1936ع

    سنڌ جي گورنر سر لينسلاٽ گرهام نئين صوبي جي عبوري طور تي انتظام ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هڪ صلاحڪار ڪاميٽي ۽ سنڌ ڪائونسل مقرر ڪئي، صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو مکي سر غلام حسين هدايت الله کي بڻايو ويو ۽ سر شاهنواز ڀٽي کان سواءِ ديوان هيرانند کي ان تي ميمبر کنيو ويو، سنڌ ڪائونسل تي انهن ميمبرن کي کنيو ويو، جيڪي ان کان اڳ بمبئي ڪائونسل جا ميمبر ۽ مسلمان هئا.

    14 اپريل 1936ع

    سنڌ جي گورنر نئين صوبي جي عبوري طور تي انتظام ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ”سنڌ ڪائونسل“ مقرر ڪئي، جنهن ۾ خانبهادر کهڙي کي ميمبر طور کنيو ويو.

    15 اپريل 1936ع

    سنڌ جي گورنر سر لينسلاٽ گرهام نئين صوبي جي عبوري طور تي انتظام هلائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هڪ صلاحڪار ڪاميٽي ۽ سنڌ ڪائونسل مقرر ڪئي، هن ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀٽي کي ميمبر طور کنيو ويو.

    16 اپريل 1936ع

    سنڌ جي گورنر سر لينسلاٽ گرهام نئين صوبي جي عبوري طور تي انتظام ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هڪ صلاحڪار ڪاميٽي  ۽ سنڌ ڪائونسل مقرر ڪئي، صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو مک سر غلام حسين هدايت الله کي بڻايوويو ۽ ديوان هيرانند کان سوا3 لاڙڪاڻي واسي سر شاهنواز ڀٽي کي ميمبر طور کنيوويو.

    20 اپريل 1936ع

    ميروخان تعلقي جي ڳوٺ حيدر چانڊيئي ۾ انگلش ڪلاسز شروع ڪيا ويا، اتي نيڀراج استاد طور ڪم شروع ڪيو، انگلش ڪلاسز شروع ڪرڻ لاءِ اهم شرط رکيو ويو هيو ته گهٽ ۾ گهٽ 15 ٻار داخلا وٺن، حيدر چاندئي ۾ اهو شرط پورو نه پئي ٿيو، استاد کيسي مان في ڏئي ٻارن کي داخلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ به ٻارن جو تعداد 15 ڪو نه ٿيو، ان ڪري 8 سيپتمبر 1936ع کان انگلش ڪلاسز بند ڪيا ويا.

    18 مئي 1936ع

    سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ دوران، هن امن ۽ پيار جي ڌرتيءَ تي جيڪي مذهبي، نسلي ۽ سماجي نفرتن جا طوفان آيا ۽ حڪومت کي وارو مليو ته ”ويڙهائي حڪومت ڪجي“ ته اهڙي صورتحال انساني حقوق واري حالتن جو توازن بگاڙڻ شروع ڪيو، وقت تي ڪنهن مطلوم جي واهر ڪرڻ واري سوچ جنم ورتو ته سنڌ ۾ ”سول لبرٽيز يونين“ نالي تنظيم جڙي، جنهن جو پهريون باني صدر جمشيد مهتا نسروانجي ٿيو.

    27 مئي 1936ع

    ڪراچيءَ ۾ پرنسپال ٽي ڪي شهاڻيءَ جي صدارت هيٺ گڏجاني ٿي، جنهن ۾ ڄيٺمل پرسرام، ليلا رام گدو مل، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڪرم چند هنگوراڻيءَ شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان سنڌيءَ سان ٿيندڙ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جي مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌي ٻولي جي تاريخي، سماجي ۽ تدريسي حقن جي حفاظت لاءِ ”سنڌ سينٽرل لٽريچر سوسائٽي“ ٺاهي وئي.

    1 جون 1936ع

    قربان علي ولد روحل خان بگٽي ڳوٺ روحل خان بگٽي ۾ ڄائو، 1980ع تائين روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪيائين، ان کان پوءِ ”آفتاب“ اخبار جو لاڙڪاڻي لاءِ بيورو چيف ٿيو، جنوري 1996ع ۾ وفات ڪيائين.

    قربان علي بگٽي پنهنجي دور جو سخت گير ۽ مذهب پسند نقاد هئو، اڌ ڊزن کن ڪتاب لکيائين، جن ۾ شيخ اياز، جي ايم سيد، تنوير عباسي، علي محمد شاهه، راشدي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تي سخت تنقيدون ڪيائين.

    4 جون 1936ع

    نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قمبر جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر کان سواءِ محمد ايوب کهڙي، محمد صديق وڳڻ، پير بخش کهاوڙ، احمد خان ڀٽي، عبدالهادي ٻگهئي، عبدالحق ڀٽي، پرڀداس تولاڻي، الهداد تنئي، آسوديمل، امير علي لاهوري، جان محمد چانڊئي، علي گوهر لاهوري، حسن علي خان اسراڻ، سيٺ آئلداس، فقير محمد انڙ، الهه بخش جلباڻي، فريد الدين جتوئي، گوڪلداس ۽ ڀوڄراج شرڪت ڪئي. ، هن اجلاس ۾ شهدادڪوٽ ۾ چوٿون انگريزي ڪلاس شروع ڪرڻ، لاڙڪاڻه مدرسه جي هاسٽل سپريٽينڊنٽ کي سهولتون ڏيڻ، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن وٺندر شاگردن لاءِ وظيفن جو طريقه ڪار مقرر ڪرڻ، آدم شماري ڪندڙ منشي رکڻ، انگريزي ڪلاس شروع ڪرڻ لاءِ ٻارن جي گهربل تعداد کي مقرر ڪرڻ ۽ حسن علي اسراڻ کي نائب صدر مقرر ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا.

    6 جون 1936ع

    ڊاڪٽر تاراچند ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ ليبر پارٽي“ جوڙي، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ئي ٿيو.

    7 جون 1936ع

    سيٺ حاجي عبدالله هارون جي ڪوششن سان سنڌ جي نامور سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون ”سنڌ يوننسٽ پارٽي“ ٺاهڻ جو خيال پيش ڪيو، گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته انهيءَ مسئلي تي اڃان وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ جي ضرورت آهي، ليڪن سمورن سياستدانن نئين پارٽي ٺاهڻ جي خيال جي تائيد ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ لاڙڪاڻه واسي سياستدانن مان سر شاهنواز ڀٽي ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي به شرڪت ڪئي.

    18 جون 1936ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڪانگريس سوشلسٽ ڪانفرنس جو آغاز ٿيو.

    27 جون 1936ع

    ڪراچيءَ جي ٿياسافيڪل هال ۾ ”سنڌ سينٽرل لٽريچر سوسائٽي“ طرفان ”سنڌي ساهت ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي، ثقافتي، سماجي ۽ تدريسي حيثيت، اهميت ۽ حقن تي روشني وڌي وئي.

    30 جون 1936ع

    جي ايم سيد جي ڪوششن ۽ جاءِ تي ڪراچي ۾ سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ٿيڻ کان پوءِ واري سياسي پش منظر تي ويچاريو ويو ۽ نئين سر سياسي جوڙجڪ تي غور ڪيوويو.

    17 جولاءِ 1936ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽي سفارش ڪئي ته سرڪار طرفان تجويز ڪيل ”بورڊ آف ڪميونيڪيشن“ تي لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ طرفان محمد ايوب کهڙي کي نمائندو نامزد ڪجي، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 6 آگسٽ 1936ع واري اجلاس جي ٺهرا5 نمبر 16 ۾ انهيءَ جي منظوري ڏني.

    23 جولاءِ 1936ع

    ”يونائيٽيڊ اتحاد پارٽي“ ٺاهڻ لاءِ سر حاجي عبدالله هارون جي بنگلي تي ڪراچيءَ ۾ سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، هن پارٽي ٺاهڻ ۾ سر شاهنواز ڀٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ پارٽي جي قاعدن ٺاهڻ لاءِ ساڳئي سال 16 آگسٽ تي حاجي عبدالله هارون جي آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي، پارٽيءَ جو ڪنوينشن 31 آڪٽوبر تي ٿيو.

    6 آگسٽ 1936ع

    نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، علي گوهر لاهوري، الهداد تنئي، فريد الدين جتوئي، محمد صديق وڳڻ، پير بخس کهاوڙ، احمد خان ڀٽي، الله بخش جلباڻي، سيٺ آسوديمل، پير تراب علي شاهه، فقير محمد انڙ، گوڪلداس، امير علي لاهوري، عبدالحق ڀٽي، قادر بخش تنئي، حسن علي اسراڻ، عبدالهادي ٻگهئي، قمبر جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪيل مکيه فيصلا هي هئا: درياهه مان مڇي مارڻ جو ٺيڪو ڏيڻ، بنگل ديري ۾ اسڪول جي عمارت ٺاهڻ لاءِ منشي الاهي بخش کي ٺيڪو ڏيڻ، لاڙڪاڻي مدرسيجي سائنس بلاڪ جي مرمت ڪرائڻ، 1937ع کان تعلقه لوڪل بورڊن کي ختم ڪرڻ، لوڪل بورڊ جي ايندڙ سال واري بجيٽ تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ، سر شاهنواز ڀٽي جي 16 ساله صدر واري  عرصي ۾ ڪيل خدمتن جي روشني ۾ سندن فوٽو لوڪل بورڊ ۾ هڻڻ، لوڪل  بورڊ ۾ هڻڻ، لوڪل بورڊ جون مختلف ڪاميٽيون جوڙڻ

    31 آڪٽوبر 1936ع

    گذريل ڏينهن تي ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ٺهي ته ان ۾ عهديدارن ۽ عهدن جي مامري تي اختلاف پيدا ٿيا ۽ ان نتيجي ۾ سر غلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي ”سنڌ مسلم پوليتيڪل پارٽي“ ٺاهي.

    31 آڪٽوبر 1936ع

    سر غلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي، سر حاجي عبدالله هارون سان ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي عهدن واري مسئلي تي اختلاف ڏيکاري احتجاج ڪندي پارٽيءَ جي گڏجاڻي مان اٿي آيا ۽ ان کان پوءِ هنن ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.

    1 نومبر 1936ع

    سر غلام حسين هدايت الله ”يونائيٽيڊ پارٽي“ جي قيادت سان اختلاف ڪري پنهنجي نئين پارٽي ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ جوڙي، هن پارٽيءَ جي قيام ۾ خان بهادر محمد ايوب کهڙي ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، سنڌ مان جن سياسي شعور رکندڙ ماڻهن هن پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، انهنمان مکيه هي آهن.

    مير بنده علي ٽالپر، سيد محمد ڪامل شاهه، جان محمد خان، غلام محمد اسراڻ، نور محمد وڪيل، سردار قيصر خان بوزدار، پير رسول بخش شاهه سکر وارو، شمس الدين بارڪزئي، رحيم بخش، مير صوبدار خان، مير الهڏنو سندراڻي، يار محمد جوڻيجو، ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو بدين وارو، ڪئپٽن ڊاڪٽر شيخ عطا محمد، شڪارپور جو امام بخش خان جتوئي.

    1 نومبر 1936ع

    سر غلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي ڪوششن سان هم خيال ماڻهن جي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي، جتي ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ نالي هڪ جماعت ٺاهي وئي.

    2 نومبر 1936ع

    سر غلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي گڏيل بيان جاري ڪري قوم کي انهن ڪارڻن کان واقف ڪيو، جن ڪري هو ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ٺاهڻ تي مجبور ٿيا.

    2 نومبر 1936ع

    غلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي گڏيل اخباري بيان ذريعي انهيءَ ڳالهه تي روشني وڌي ته اهي ڪهڙا سبب هئا جن ڪري هنن ”يونائيٽيڊ پارٽي“ ڇڏي، پنهنجي ”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ٺاهي.

    4 نومبر 1936ع

    سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽي انٽرويو ذريعي اهي تفصيل ۽ ڪارڻ ٻڌايا، جن ڪري سر غلام حسين هدايت الله يونائيٽيڊ پارٽيءَ سان گڏ رهڻ بدران وڃي ”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ٺاهي، هن انٽرويو جو متن گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.

    4 نومبر 1936ع

    سر شاهنواز ڀٽو ”ڊيلي گزيٽ“ اخبار کي تفصيلي انٽرويو ڏنو جيڪو گل حيات ۾ محفوظ آهي، هن انٽرويو ۾ اهي سبب ڄاڻايا جن ڪري ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ کي قائم ڪيو ويو ۽ ان کان سواءِ ڀٽي ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ٺاهڻ واري عمل کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

    4 نومبر 1936ع

    سر شاهنواز ڀٽي ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ سان اختلاف ڪري ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ٺاهڻ واري مسئلي تي انٽرويو ڏنو ۽ هن اهو موقف بيان ڪيو ته جن .سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي، ٺاهي آهي، انهن جو اهو سياسي عمل نا مناسب ۽ قومي مفادن جي خلاف آهي، سر شاهنواز ڀٽي جو اهو انٽرويو ”گل حيات“ ۾ محفوظ آهي.

    15 نومبر 1936ع

    ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي قيادت ۾ تبديلي آئي، حاجي عبدالله هارون پنهنجي واپاري ۽ سماجي مصروفيتن سبب پارٽيءَ کي وقت نه ڏيڻ جو جواز پيش ڪري قيادت تان استعيفا ڏني، ان ڪري سر شاهنواز ڀٽو پارٽيءَ جو قائد ٿيو.

    15 نومبر 1936ع

    ٽنڊي ڄام جمشيد مهتا جي صدارت هيٺ هاري ڪانفرنس ٿي، سنڌي هاري ڪاميٽيءَ ۽ ڪانگريس جي گڏيل ڪوششن سان سڏايل هن ڪانفرنس ۾ جيرامداس، دولترام، پروفيسر گهنشام نارائڻداس آنند جي بيچر، سنتداس منگهارام، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر، ڊاڪٽر چمن داس، ڄيٺمل پرسرام، گوپالداس ۽ حاجي جمال الدين شرڪت ڪئي.

    هن ڪانفرنس ۾ سرڪار کان تعليم عام ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو ۽ جهالت جي خاتمي لاءِ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪندي جمشيد مهتا ڄيٺمل پرسرام، گوپالداس ۽ حاجي جمال تي مشتمل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي، ان ڪاميٽيءَ کي اهو ڪم سونپيو ويو ته هارين ۾ تعليمي سجاڳي آڻجي ۽ سندن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ اپاءُ وٺي.

    16 نومبر 1936ع

    سر غلام حسين هدايت الله لاڙڪاڻي آيو، جتي هن ”سنڌ مسلم پارٽيءَ“ جي شاخ کولي، گڏجاڻيءَ جو اهتمام خانبهادر کهڙي جي جاءِ تي ڪيو ويو، جنهن ۾ لارڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي لڳ ڀڳ هو سئو زميندارن ۽ سياستدانن شرڪت ڪئي، انهيءَ موقعي تي ”سنڌ مسلم پارٽيءَ“ کي منظم ڪرڻ لاءِ ضلعي ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، لاڙڪاڻي لاءِ خانبهادر کهڙي کي ۽ دادو لاءِ يار محمد جوڻيجي کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو.

    18 نومبر 1936ع

    ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ کي سيڪيولر بنيادن تي ٺاهي سنڌ جي هندو، مسلم، پارسي ۽ ٻين مذهبن جي پوئلڳن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر ان هوندي به پارٽي تي ڪن مسلمانن کان علاوه ڪي هندو يا پارسي تنقيد ڪندا هئا، نومبر 1937ع ۾ پارسي اڳواڻ پنٿڪئي پارٽيءَ جي سيڪيولر هجڻ واري دعويٰ تي شڪ جو اظهار ڪيو، هن جي تنقيد جو جواب پير علي محمد شاهه راشديءَ ڏنو، جيڪو 18 نومبر 1937ع جي ”ڊيلي گزيٽ“ اخبار ۾ شايع ٿيو.

    30 نومبر 1936ع

    يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيٺ حاجي عبدالله هارون ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو مينيفيسٽو پڌرو ڪيو، انهيءَ جو مڪمل متن گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.

    14 ڊسمبر 1936ع

    سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ سيد ميران محمد شاهه جي جاءِ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ايندڙ چونڊن لاءِ 30 اميدوارن جي نامزدگي منظور ڪئي وئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته نامزد اميدوار پهرين جنوري تائين هڪ سو رپيا ۽ پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو حلف نامو پارٽيءَ حوالي ڪن، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته سر شاهنواز ڀٽو 2 جنوريءَ کان اتر سنڌ جو چونڊ دورو ڪندو، شام جو هومسٽيڊ هال ۾ پارٽيءَ جو جلسو ٿيو، جنهن جو اهتمام ميران محمد شاهه ۽ سيد حسين بخش ڪيو، هن جلسي ۾ ڀٽي نئين پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت تي روشني وڌي ۽ ماڻهن کي سوالن جا جواب ڏنا، رات جو بئريسٽر پرمانند ڪيولرام پارٽي ليڊرن جي مانيءَ جو بندوبست به ڪيو، حاجي عبدالله هارون به صبح کان وٺي رات جي مانيءَ تائين ڀٽي سان گڏ هيو.

    16 ڊسمبر 1936ع

    سشي آهوجا لاڙڪاڻي ۾ ڄائي، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هن وقت بمبئي ۾ رهي ٿي، سندس شمار مشهور ڳائيندڙن ۾ ٿئي ٿو.

    31 ڊسمبر 1936ع

    ڀائي پرمانند جي صدارت هيٺ سکر ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس“ٿي، جنهن ۾ سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ بعد سنڌي هندن جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي مستقبل بابت ويچاريو ويو.

  • 1935

    1935ع

    Murder of Nathoram of hanging of Ghazi Abdul Qayoom

    1جنوري 1935ع

    لعل ڀڳوانداس ريجهواڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، ٻارنهن جي ڄمار کي پهتو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ هي ڀارت هليو ويو، سندس شمار مشهور ليکڪن، نقادن ۽ صحافين ۾ ٿئي ٿو، ڪهاڻي ۽ ناول جي صنف تي سندس کور سارا ڪتاب شايع ٿيا آهن، ادبي دنيا ۾ هن لعل پشپ جي نالي سان شهرت ماڻي.

    12 جنوري 1935ع

    لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو ايڊجورنڊ اجلاس نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ محمد صديق وڳڻ، پير بخش کهاوڙ، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، پرڀداس، ڀوڄراج، فريدالدين جتوئي، احمد خان ڀٽي، حاجي امير علي لاهوري، آسوديمل، گوڪلداس، الله بخش جلباڻي، عبدالحق ڀٽي، علي گوهر لاهوريءَ ۽ محمد ايوب کهڙي کان سواءِ اسسٽنٽ ڪليڪٽر لاڙڪاڻي شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ ڳيريلي ۾ انگلش ڪلاسز جي منظوري ڏيڻ، پلي مارڻ وارن ٺيڪيدارن کان اوڳاڙڻ، اسڪول بورڊ جي ڪارواين ۽ فيصلن جي منظوري ڏيڻ، جي پي فنڊ مان ملازمن جو ويمو ڪرائڻ، بادشاهه جي سلور جوبلي ملهائڻ، جوهي ۽ سيوهڻ تعلقي لوڪلبورڊن کان ايڊوانس واپس وٺڻ، مدرسه بورڊ تان محمد ايوب کهڙي جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ، ميمبرن کي ٽول ٽيڪس ڏيڻ کان آجو ڪرڻ، خيرپور رياست سان پتڻن ۽ ٻيڙين جي آمدني برابر ورهائڻ جهڙا فيصلا ڪيا ويا.

    12 جنوري 1935ع

    ڪراچيءَ جو ناميارو وڪيل ، واپاري ۽ سياستدان اي ايل پرائس وفات ڪري ويو، هو 1874ع ۾ لندن ۾ ڄائو هئو ۽ 1905ع ۾ ڪراچي آيو،  هو 1915ع کان 1918ع تائين ”وار ليگ“ جو صدر، 1916ع ۽ 1920ع کان 1923ع تائين ”يورپين ايسوسئيشن“ جو چيئرمين، 1926ع کان 1930ع تائين ميونسپل ڪائونسلر، 1929ع کان 1930ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو نائب صدر، 1932ع ۾ ”سنڌ سيپريشن ڪانفرنس“ جو ميمبر، ”سنڌ ليگ آف پروگريس“ جو ميمبر ٿي رهيو.

    2 ۽ 3 فيبروري 1935ع

    سنڌ جي ڪمشنر ۽ بمبئي جي گورنر جي آمد جي موقعي تي انهن ٻنهي تاريخن تي سخت بارش پئي ۽ قمبر ڊرگهه روڊ جتان کين گذرڻو هو، سو بارش سبب خراب ٿي پيو، ليڪن قمبر جي تعلقي لوڪلبورڊ ۽ ان جي عملي مڙسي ڪري رستي کي ٺيڪ ڪري ورتو، تان جو سنڌ جو ڪمشنر سندن اهڙيءَ همت ۽ ڪم تي حيران ٿيو ۽ کين مبارڪ ڏنائين، لاڙڪاڻي جي ضلعي لوڪلبورڊ به پنهنجي اجلاس مورخه 26 جون 1935ع جي ٺهراءُ نمبر 36 ۾ محمد ايوب کهڙي جي رٿ ۽ پرڀداس جي تائيد تي تعلقي لوڪل بورڊ جي صدر کي آفرين نامي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

    4 فيبروري 1935ع

    انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ ”آئيني سڌارن“ بابت جوائنٽ سليڪٽ ڪاميٽيءَ جي رپورٽ تي بحث ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ٻن ميمبرن سرڪائوسجي ۽ ديوان لالچند نولراءِ حصو ورتو.

    4 فيبروري 1935ع

    انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ هندستان جي آئيني سڌارن بابت جوائنٽ سليڪٽ ڪاميٽيءَ جي رپورٽ تي بحث ٿيو، لاڙڪاڻه واسي ديوان لالچند نولراءِ انهيءَ بحث ۾ حصو ورتو ۽ آئيني سڌارن بابت پنهنجيون تجويزون ۽ ترميمون پيش ڪيون.

    7 فيبروري 1935ع

    انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ ”سنڌ هندو پئنچائت“ جي اڳواڻ لاڙڪاڻه واسي لالچند نولراءِ ۽ بمبئي پرڳڻي جي گورنر کي سپاس نامو پيش ڪرڻ وقت مسلمانن کي به تهذيب، بي وقوف، گندو ۽ ڄت چيو هو، سندس اهڙي روش جو نوٽيس وٺندي ڪراچيءَ جي ”ذيلي گزيٽ“ اخبار پنهنجي 7 فيبروريءَ واري شماري ۾ ”سنڌ جي جدائي بابت هندن جي غلط حڪمت عملي“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو، جنهن ۾ لالچند نولراءِ جي اهڙن ريمارڪس تي تنقيد ڪئي.

    14 فيبروري 1935ع

    هائوس آف ڪامنس، برطانيه ۾ ”انڊين بل“ تي بحث جاري رهيو، هڪ ميمبر ڪرنل ويج ووڊ (Wedgwood) سنڌ کي الڳ صوبي بنائڻ جي سخت مخالفت ڪئي.

    19 فيبروري 1935ع

    سنڌ جي هندن حيدرآباد ۾ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۽ خيال خلاف ”ائنٽي سيپريشن ڪانفرنس“ سڏائي.

    20 فيبروري 1935ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي بجيٽ اجلاس ۾ سرشاهنواز ڀٽي، لوڪل سيلف گورنمينٽ جي وزير پنهنجي تقرير ۾ ڳوٺاڻن پئنچاتن ۽ ٻهراڙيءَ جي ترقيءَ بابت حڪومت جي حڪمت عمليءَ جي بچاءُ ۾ ڳالهايو ۽ هن چيو ته بمبئي پرڳڻي ۾ 33000 رپيا ڳوٺاڻن پئنچاتن کي فراهم ڪيا ويا آهن ۽ اوترائي ڏوڪڙ ٻهراڙين جي ترقيءَ تي خرچ ڪئي وئي آهي.

    21 فيبروري 1935ع

    نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو ٽه ماهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد صديق وڳڻ، قادر بخش تنئي، الهداد تنئي، پير بخس کهاوڙ، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، پرڀداس تولاڻي، احمد خان ڀٽي، ديوان ڀوڄراج، فريد الدين جتوئي، حسن علي اسراڻ، علي گوهر لاهوري، گوڪلداس ۽ عبدالحق ڀٽي شرڪت ڪئي، هن اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا، انهن مان هي ذڪر لائق آهن.

    ميلن ملاکڙن جي موقعن تي بدچالي کي روڪڻ لاءِ ڊرافٽ رولس تي غور ڪرڻ، پلي ماريندڙ ٺيڪيدارن تي رهت نه ڏيڻ ڪري ڪيس ڪرڻ، سر شاهنواز ڀٽيجي لاڙڪاڻي اچڻ تي کيس ايڊريس ڏيڻ وغيره.

    23 فيبروري 1935ع

    ڪميونل ايوارڊ خلاف نئين دهليءَ ۾ ڪانفرنس ٿي، سنڌ مان لالچند نولراءِ ۽ ڀائي پرمانند انهيءَ ڪانفرنس ۾ حصو ورتو.

    23 کان 24 فيبروري 1935ع

    نيو دهليءَ ۾ ”آل انڊيا ائنٽي ڪميونل ايوارڊ ڪانفرنس“ ٿي، مسٽر لالچند نولراءِ ۽ ڀائي پرمانند به انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ ”ڪميونل ايوارڊ“ ۽ انڊيا بل“ کي رد ڪندي ان خلاف احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

    25 فيبروري 1935ع

    حيدرآباد ۾ ”سنڌ نيشنل بينڪ لميٽيڊ“ نالي هڪ بينڪ قائم ڪئي، جنهن جي ڪل موڙي ڏهه لک مقرر ڪئي وئي، هن بينڪ جو بورڊ آف ڊائريڪٽرس ڀائي صوڀراج جهمٽمل، مکي گوبند رام پريتمداس، ڀائي گوبند رام هاسارام، مکي بگومل هوتچند، ڀائي هاسومل چيلارام، ڀائي ڪندومل بصرمل، بولچند چنديرام واسواڻي، ڀائي جيرامداس گرداس مل، هوتچند گوپالداس ۽ ٽهلرام بصرمل آسواڻي تي مشتمل هئو.

    3 مارچ 1935ع

    علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ ”انجمن تبليغ اسلام“ نالي هڪ جماعت قائم ٿي، هن جماعت طرفان پهرين گڏجاڻي ٿي.

    7 مارچ 1935ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي بجيٽ اجلاس ۾ سيلف لوڪل گورنمينٽ جي وزير سر شاهنواز ڀٽي ٻيلن جي مد ۾ 2754000 رپين جو زر مطالبو پيش ڪيو.

    18 مارچ 1935ع

    غازي عبدالقيوم جي لاش کي کڻي جلوس ڪڍندڙ مسلمانن تي ڪراچيءَ ۾ ملٽريءَ وارن گوليون هلايون، جنهن ۾ چاليهه ماڻهو مري ويا.

    18 مارچ 1935ع

    ڪراچيءَ ۾ نٿورام کي قتل ڪندر عبدالقيوم جي دفنائڻ واري واقعي تي مسلمانن وڏي پئماني تي هنگامو ڪيو، پوليس گولي هلائي جنهن جي نتيجي ۾ 23 ماڻهو اڦٽ مري ويا ۽ 70 شديد زخمي ٿيا.

    19 مارچ 1935ع

     نبي ڪريمﷺ جي شان خلاف ڪتاب لکندڙ نٿورام جي قاتل عبدالقيوم کي ڦاهي ڏني وئي، ڪراچيءَ جي مسلمانن سندن تدفين جي موقعي تي وڏو هنگامو ڪيو، پوليس گولي هلائي جنهن ۾ ٽيويهه مسلمان ٿڏي تي مري ويا ۽ 70 زخمي ٿي پيا.

    21 مارچ 1935ع

    انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ غازي عبدالقيوم جي لاش واري جلوس تي ٿيل فائرنگ جي ڪراچيءَ واري سانحي تي مسٽر گابا ايڊجورنمينٽ موشن پيش ڪيو، جنهن ۾ سر هنري، قائد اعظم محمد علي جناح ۽ لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، لالچند نولراءِ چيو ته سنڌ ۾ هندو مسلم لاڳاپا ڀائرن جهڙا آهن، ليڪن ڪا ٽين ڌر سانحاتي حالتون پيدا ڪري ٿي.

    21 مارچ 1935ع

    ليجسليٽو ڪائونسل ۾ پوليس هٿان عبدالقيوم جي تدفين واري موقعي ۽ واقعي تي بي درديءَ سا شهيد ڪيل مسلمانن جي مذمت ڪرڻ لاءِ ايڊجورنمينٽ موشن پاس ڪيو ويو، محمد علي جناح هن واقعي جي تسخخت لفظن ۾ ندا ڪندي چيو ته سرڪار اڳواٽ احتياطي قدم کڻڻ ۾ ناڪامي ڏيکاري آهي.

    24 مارچ 1935ع

    سنڌ ۾ ”انڊين نيشنل ليگ“ جي شاخ کولي وئي.

    29 مارچ 1935ع

    نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورد جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي اسسٽنٽ ڪليڪٽرن کان علاوه محمد ايب کهري، سيٺ ڀوڄراج، عدالحق ڀٽي، محمد صديق وڳڻ، جان محمد چانڊيئي، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، احمد خان ڀٽي، حسن علي اسراڻ، قادر بخش تنئي، الهداد تنئي، گوڪلداس، آسودو مل، فريدالدين جتوئي، پرڀداس، علي گوهر لاهوري، حاجي امير علي لاهوري ۽ علي حسن هڪڙي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مان هي ذڪر لائق آهن: ايندڙ سال لاءِ بجيٽ اندازو منظور ڪرڻ، دادو نواب شاهه ۽ لاڙڪاڻي لوڪلبورڊن ۾ پلي جي نيلامي مان ٿيندڙ اپت جي ورهاست، مختلف تعلقن ۾ ٽول ٽيڪس جو ٺيڪو ڏيڻ.

    اپريل 1935ع

    ”سناتن ڌرم لوڪ سڀا“ سکر پاران گوپال داس ورما جي ايڊيٽريءَ ۾ ماهوار رسالو ”هندو وير“ جاري ٿيو، رسالي ۾ نج ڌرمي مواد ڏيڻ کان علاوه خبرون، ٽوٽڪا ۽ تصويرون به ڏنيون وينديون هيون، تصويرون گورک پورجي ”گيتا پريس“ مان ڇپرايو وينديون هيون، جڏهن ته باقي مواد سکر جي ”تلڪ پريس“ ۾ ڇپبو هو.

    1 اپريل 1935ع

    برطانيه پارليامينٽ ۾ انڊيا ائڪٽ آف 1935 پاس ٿيو، هن ائڪٽ مطابق سنڌ کي الڳ صوبائي حيثيت ملي.

    10 اپريل 1935ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اڳوڻو/سابق صدر ۽ ان وقت بمبئي سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ جو وزير سر شاهنواز ڀٽو لاڙڪاڻي آيو ۽ ٽي ڏينهن رهيو، انهيءَ موقعي تي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کيس آجياڻو ۽ ايڊريس ڏني، جنهن تي لوڪل بورڊ جو 300 رپيا خرچ آيو، انهيءَ خرچ جي منظوري لوڪل بورڊ پنهنجي 21 فيبروري 1935ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 9 موجب ڏني هئي.

    22 اپريل 1935ع

    عبدالقيوم جي تدفين واري موقعي تي پوليس هٿان بي درديءَ سان شهيد ڪيل مسلمانن جي سانحي تي آل انڊيا مسلم ليگ احتجاج ڪيو، انهيءَ احتجاج جي خبر ۽ رپورٽ ديلي گزيٽ، ڪراچيءَ جي اڄوڪي پرچي جي صفحي نمبر 6 تي شايع ٿي.

    28 اپريل 1935ع

    ڪراچيءَ ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي بنگلي تي سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائي واري مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ مسلمانن مٿان ٿيل گوليبازيءَ جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪاميٽي مقرر ڪئي وڃي.

    هن گڏجاڻيءَ ۾ خانبهادر الله بخش کهڙي پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.

    1 مئي 1935ع

    محمد ايوب کهڙو، صلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي فيصلي پٽاندر ”سنڌ ڪاليجيئٽ بورڊ“ جو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي طرفان نامز ڪيل مقرر ٿيو، انهيءَ بورڊ تي هو، گذريل سال به نامزد ميمبر رهي چڪو هو.

    6 مئي 1935ع

    هاسارام پي شرما ”پئسا“ لعلورانئڪ ۾ ڄائو، بچن ۾ کيس وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هي اڄ ڪلهه ”بڙودا“ ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ليکڪن، شاعرن ۽ صحافين ۾ ٿئي ٿو، هن جو لکيل ڪتابن مان ”لڇي پئي لات (1972)“ ۽ ”جيون راڳ (1973)“ ذڪرلائق آهن.

    7 مئي 1935ع

    ”انجمن اسلام“ سکر جي تنظيم جي صدر ۽ سکر ميونسپالٽيءَ جي نائب صدر رحيم بخش جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”سنڌ زميندار“ اخبار جي ايڊيٽر آغا نظر علي، محمد اسماعيل، مولوي عبدالله، گل محمد ۽ نعمت الله به شرڪت ڪئي، گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري شهنشاهه کي سلور جوبلي ملهائڻ تي مبارڪباد ڏني وئي ۽ کيس وفادارين جو يقين ڏياريو ويو.

    12 مئي 1935ع

     ممبئي ريڊيو اسٽيشن (انڊين اسٽيٽ ائنڊ براڊ ڪاسٽنگ سروس، ممبئي) تان شام جو سنڌيءَ ۾ پروگرام به ڏنو ويندو هو، اڄوڪي شام جو ساڍي ڇهين وڳي مس وشني جڳيشا جي آواز ۾ ڪلاسيڪل سنڌي راڳ نشر ٿيو.

    22 جون 1935ع

    نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو، جيڪو ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ کان سوا3 مهمل ڪيو ويو، فقط گذريل اجلاس جا منٽس منظور ڪيا ويا.

    هن اجلاس ۾ علي حسن هڪڙي، محمد ايوب کهڙي، حاجي امير علي لاهوري، احمد خان ڀٽي، گوڪلداس، پرڀداس تولاڻي، آئلداس، علي گوهر لاهوري، آسوديمل، فريدالدين جتوئي، فقير محمد انڙ، حسن علي اسراڻ، الهداد تنئي، قادر بخش تنئي، جان محمد چاندائي، عبدالحق ڀٽي، محمد صديق وڳڻ، ڀوڄراج، پير بخش کهاوڙ، الهه بخس جلباڻي، لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي اسسٽنٽ ڪليڪٽرن شرڪت ڪئي.

    26 جون 1935ع

    ضلعي لوڪل بورڊ جو ايڊجورنڊ اجلاس ان جي صدر نبي بخش خان ڀتي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ علي حسن هڪڙي، محمد ايوب کهري، پير بخش کهاوڙ، الهداد تنئي، محمد صديق وڳڻ، امير علي لاهوري، عبدالخالق ڀٽي، عبدالحق ڀٽي، پرڀداس، علي گوهر لاهوري، آسوديمل، فريد الدين، عبدالهادي ٻگهئي، فقير محمد انڙ، الله بخش جلباڻي ۽ گوڪلداس شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ ڪيل مکيه فيصلا هئا. محمد ايوب کهڙي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي حساب ڪتاب بابت آڊٽ نوٽ شايع ڪرائڻ وغيره.

    30 جون 1935ع

    ڪراچيءَ جي سماجي تنظيم ”ينگ عامل ايسوسئيشن“ جي سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هن ريت نئين سال جا عهديدار چونڊيا ويا: تولاسنگ ڪي آڏواڻي (صدر)، پهلاج سنگ بي آڏواڻي (نائب صدر)، وشنداس تاراچند (جنرل سيڪريٽري)، گورداس زيڊ چندرا (جوائنٽ سيڪريٽري)، سي اين واڌواڻي (ٽينس سيڪريٽري)، اي بي آڏواڻي (لٽرري سيڪريٽري) ۽ دولهه ڏنو مل (ڪرڪيٽ سيڪريٽري)، ان کان سواءِ مئنيجنگ ڪاميٽي تي درگداس بي آڏواڻي، بولچند ڪي آڏواڻي، ڌرمداس اڌارام ۽ هرنام ڪي واسواڻي کي کنيو ويو.

    18 جولاءِ 1935ع

    ”الوحيد“ هاري تحريڪ جي حوالي سان جي ايم سيد ۽ ٻين جي اڳوانن تي تنقيد ڪندي لکيو ته ”ليڪن افسوس جو غريب هارين جي هلچل کي اڌ ۾ رلائي هرڪو وڃي گهرن ۾ ستو، جي ايم سيد جيڪو هميشه هر هڪ تحريڪ ۾ اڳيان نظر ايندو آهي، پر جڏهن ڪم جو وقت ايندو آهي ته پوءِ ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي، سو به هاري تحريڪ ۾ ڄيٺمل ۽ جمشيد مهتا سان ٻٽ نظر آيو ٿئي، پر خبر نه آهي ته هن وقت جڏهن هارين جي ووٽن درج ڪرائڻ جو سوال آهي ته هو صاحب الائي ڪٿي آهي.“

    23 جولاءِ 1935ع

    حاجي عبدالله هارون جي ڪوششن سان سندس جاءِ تي هم خيال سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ٺاهڻ واري ڳالهه تي غور ويچار ڪيو ويو.

    14 آگسٽ 1935ع

    ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي دستور مول ۽ متن ٺاهڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن جي ڪراچيءَ ۾ حاجي عبدالله هارون جي آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي ۽ انهي4 ڪم کي اڪلايو ويو.

    31 آگسٽ 1935ع

    ٻي سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، هيءَ ڪانفرنس ٻه ڏينهن هلي، ان جو چيئرمين پرنسپال بوٽاڻي ۽ سيڪريٽري پروفيسر لالسنگ اجواڻي هئا، گذريل سال پهرين ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ٿي هئي.

    10 سيپٽمبر 1935ع

    ”سنڌ خلافت ڪميٽي“ پنهنجي ٺهراءُ ذريعي اٽليءَ طرفان حبش خلاف ٿيندڙ ويرهه ۽ جاريحانه حڪمت عملي جي مزمت ڪئي ۽ حبس واسين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو.

    11 سيپٽمبر 1935ع

    ڪراچي ڪانگريس ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ميسولني حڪومت جي حبش خلاف جارحانه حڪمت عمليءَ لاءِ مذمتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

    22 سيپٽمبر 1935ع

    پنهنجي دور جو ناميارو بزرگ ۽ خلافتي عالم مولانا غلام احمد ولد حاجي بچل خان ملڪاڻي وفات ڪريو ويو.

    27 سيپٽمبر 1935ع

    شڪارپور ۾ ڊاڪٽر قيوم ”طراز“ جي ولادت ٿي، هن ڊاڪٽر ۽ سٺي شاعر جي حيثيت ۾ نالو ڪمايو.

    28 سيپٽمبر 1935ع

    ”ڊيلي گزيٽ“ اخبارجي صفحي نمبر 3 تي خبر شايع ٿي ته سر ڊينئل هيملٽن (Sir Daniel Hamilton) انگلينڊ جي مشن کان هڪ آئونس في هڪ شلنگ جي حساب سان مهين جي دڙي جي ڪڻڪ خريد ڪري بهار ۽ بنگال ۾ پوکڻ جو تجربو ڪيو هو، سو ڪامياب ويو آهي.

    16 آڪٽوبر 1935ع

    سشيلا واڌومل رائسنگهاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائي، 1947ع کان پوءِ کيس پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، اڄ ڪلهه احمد آباد ۾ رهي ٿي، سندس شمار مشهور اداڪارائن ۽ ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو.

    22 نومبر 1935ع

     ڪراچي جيمخانه گرائونڊ ۾ سنڌ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ڪرڪيٽ مئچ ٿي، جيڪا ڇهن هزار تماشبين ڏٺي، سنڌ ٽيم جي ڪپتاني غلام محمد ڪئي، جڏهن ته جي نائونمل، ايم جي عبدالله، بي ڊي شنڪر، جي هئرس، ايم جي مويد، عبدالعزيز، ديپچند، عباس خان، محمد ابراهيم ۽ دولت رانديگرن طور حصو ورتو، هي4 ڪرڪيٽ ميچ آسٽريليا کٽي.

    19 ڊسمبر 1935ع

    ڪراچيءَ ۾ ”ڪراچيءَ جي سونهن جي راڻي“ لاءِ عورتن وچ ۾ حسن جو مقابلو ٿيو، هي مقابلو مس مئزي لامڊو (Maizie Laumdu) کٽي ورتو.

  • 1934

    1934ع/1353هه

     سوني جتوئي ڳوٺ ۾ وڏي عرصي تائين ديني تعليم ۽ تدريس کي جاري رکندڙ ۽ ”خلافت تحريڪ“ ۾ حصو وٺندر مولانا غلام عمر جتوئي نوي سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.

    1 جنوري 1934ع

    ڀڳوان ٽلواڻي، ٻوٻي تعلقي سنجهوري ۾ ڄائو، پوءِ لڏي وڃي ڀارت ۾ ويٺو، اتي کيس ليکڪ، شاعر ۽ اداڪار هئڻ جهڙيون حالتون نصيب ٿيون.

    2 جنوري 1934ع

    لاڙڪاڻي واسي ۽ مشهور هندو اڳواڻ ديوان لعلچند نولراءِ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ويرومل بيگراج، ڪشچند واڌو مل ۽ چندرسين جيٺلي اهم رول ادا ڪيو، ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ ۽ خيال جي مخالفت ڪئي وئي.

    8 جنوري 1934ع

    خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنجابي دانسورن ۽ سياستدانن ڏي خط لکي صلاح ورتي ته سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي بعد سنڌ سرڪاري ملازمن جي ڪيڊر ۾ ۽ اعليٰ تعليم ۾ پنجاب سان الحاق ڪري، فيروز خان نون ۽ سر فضل حسين ته کهڙي صاحب جي صلاح تي سندس پٺڀرائي ڪئي، ليڪن علامه اقبال ۽ علامه يوسف عليءَ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو، سنڌ کي تعليم جي حوالي سان بمبئي سان الحاق ڪرڻ گهرجي ۽ ملازمتي ڪيڊر واري ڳالهه جو خيال به لاهڻ گهرجي.

    15 جنوري 1934ع

    بهرو ڇاٻريا، ڳوٺ ڪوٽ شير محمد خان بلي، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو، هي صاحب اڳتي هلي ”بيوطن“ جي تخلص سان شاعر مشهور ٿيو، جڏهن ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي راڻيپور ۾ ويٺو.

    17 جنوري 1934ع

    نئو مسلم مائي زبيده جو الوحيد جي شماري ۾ پريس بيان جاري ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجي وڪيلن ۽ خير خواهن جا ٿورا مڃيا.

    20 جنوري 1934ع

    ”محفل مشاعره“ طرفان ڪراچيءَ ۾ ”زمانو سڄو بي وفا ٿي ويو“ جي طرح مصرع تي مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو.

    20 جنوري 1934ع

    ”بزم ادب“ ڪراچيءَ طرفان ڪراچيءَ ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي

    ”زمانو سڄو بي وفا ٿي ويو“

     هن مشاعري لاءِ مختلف شهرن مان شاعرن پنهنجو ڪلام موڪليو، جن ۾ لاڙڪاڻي واسي شاعر پڻ هئا

    2 فيبروري 1934ع

    سيد ميران محمد شاهه ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي سربراهه جي حيثيت سان ”ڊو ڪاميٽي“ اڳيان هڪ ميمورنڊم پيش ڪيو.

    3 فيبروري 1934ع

    مولوي نور محمد نظاڻي جي ايڊيٽريءَ ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ هفتيوار رسالو ”طيرا ابابيل“ بند ٿي ويو.

    6 فيبروري 1934ع

    ”بزم ادب“ ڪراچيءَ طرفان ڪراچيءَ ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي

    ”دامن صبر تار تار نه ڪر“

    هن مشاعري لاءِ مختلف شهرن مان شاعرن پنهنجو ڪلام موڪليو، جن ۾ لاڙڪاڻي واسي شاعر پڻ هئا.

    21 فيبروري 1934ع

    سکر مان ساڌو رام ڪالاڻي هفتيوار ”سنڌ واسي“ اخبار جاري ڪئي، جيڪا اتان جي ”اپرسنڌ پريس“ مان ڇپبي هئي.

    2 مارچ 1934ع

    حاجي محمود ”خادم“ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان خالق ڏني هال ۾ مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت علامه آءِ آءِ قاضي ڪئي، مشاعري جو عنوان هو ”بهار“.

    هن مشاعري ۾ ڪيترن لاڙڪاڻي واسي شاعرن قلمي طور تي حصو ورتو.

    6 مارچ 1934ع

    ”ڊو ڪاميٽي“ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي ته هندستان ۾ نون سڌارن رائج ڪرڻ کان هڪ سال اڳ ئي سنڌ کي جدا ڪري گورنر جي هٿ هيٺ جدا صوبو بنايو وڃي.

    13 مارچ 1934ع

    سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن طرفان اپيل ۽ دعوت نامو شايع ٿيو ته اپريل ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ زميندار ۽ جاگيردار ڪانفرنس ڪئي ويندي، جنهن ۾ سکر بئراج کلڻ کان پوءِ جاگيردارن، زميندارن جي وڌيل مئسلن تي ويچاريو ويندو، هن اپيل تي سنڌ جي جن مکيه جاگيردارن ۽ زميندارن دستخط ڪيا انهن مان لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙن جا نالا هن ريت آهن. سترامداس تولاڻي، سردار احمد خان ڀٽو ۽ راءِ صاحب گوڪلداس.

    14 مارچ 1934ع

    سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ دسٽرڪٽ لوڪلبورد جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڪس آفيسو ميمبرن کان سواءِ عبدالحق ڀتي، پير بخش کهاوڙ، نبي بخس ڀتي، امام بخش ماهوٽي، فقير محمد انڙ، عبالهادي ٻگهئي، سيٺ آئلداس آسوديمل، ڀوڄراج، قادر بخش تنئي، فريد الدين جتوئي، گوڪلداس، الهداد تنئي، حاجي امير علي لاهوري ۽ پرڀداس تولاڻيءَ شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ ڪيترا فيصلا ڪيا ويا، جن مان اهم هي آهن، بمبئي گورنر جي اچڻ کان اڳ لاڙڪاڻي کان قمبر ۽ ڊرگهه واري رستي جي مرمت، آنند شيوامنڊلي کي گرانٽ ڏيڻ، 137 شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ڏيڻ، ڏوڪريءَ ۾ تعلقي لوڪلبورڊ آفيس جي عمارت ٺهرائڻ ۾ 1500 روپين جي مالي مدد ڪرڻ، سيٺ کيئلداس کي شهدادڪوٽ کان قبي سعيد خان تائين روڊ تعمير ڪرڻ جو ٺيڪو ڏيڻ، ڊسٽرڪٽ بورڊ جي سالياني بجيٽ براءِ سال 35-1934ع جي منظوري ڏيڻ، بهار ۽ اوڙيسا ۾ زلزلي جي متاثرين جي مالي مدد ڪرڻ وغيره.

    15 مارچ 1934ع

    ڪراچي ايئروڪلب جو ميمبر ايس ايف گولوالا پهريون ماڻهو هو جنهن هندستان جو پهريون هوائي چڪر ڏنو، هن ڪراچي، بمبئي، احمد نگر، سچيندر اباد، بئنگلور، مدراس، ڪلڪتي، الله آباد، ڪانپور، آگري، دهلي، جوڌپور ۽ حيدرآباد جو هوائي سفر 48 فلائينگ اوورس ۾ پورو ڪيو.

    19 مارچ 1934ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ غلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر کهڙي سنڌ جي مفادن جي ترجماني ڪئي، محمد ايوب کهري حڪومت تي زور ڀريو ته اها سنڌ ۾ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي قانوني چاره جوئي سان مدد ڪري.

    31 مارچ 1934ع

    لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراءِ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس، ٿي جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري ڳالهه جي مخالفت ڪئي وئي، ٻئي ڏينهن تي راءِ بهادر هيرانند کيمسنگ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خود سائمن ڪميشن جي بامبي پراونشل ڪاميٽيءَ سر شاهنواز ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ سنڌ جي جدائي واري ڳالهه کي رد ڪيو آهي، ان کان سوا3 ٻيا ڪيترا ڪارڻ آهن، جن ڪري اسان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ نه ڪيو وڃي.

    10 اپريل 1934ع

    مولوي خير محمد نظاماڻي جي ايڊيٽري هيٺ نڪرندر هفتيوار ”بيداري“ ڪراچي جي پرچي ۾ لواري جي حج جي موضوع تي ايڊيٽوريل شايع ٿيو، هن ايڊيٽوريل اڳتي هلي ايڊيٽر کي ڪورٽ جا دروازا ڏيکاريا.

    16 اپريل 1934ع

    انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراءِ حڪومت جي ڪانگريس پارٽيءَ بابت حڪمت عمليءَ تي ويچار ونڊيندي سرڪار کان معلوم ڪرڻ گهريو، جڏهن مهاتما گانڌيءَ وقتي طور تي انفرادي ستياگره کي روڪيو آهي ته پوءِ سرڪار ڪانگريس پارٽيءَ بابت ڪهڙو قدم کڻڻ چاهي ٿي ۽ اهو قدم ڇو کڻڻ چاهيندي.

    21 اپريل 1934ع

    ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ڊي جي سنڌ ڪاليج جي هال ۾ ميرب ايوب خان بارائٽ لا جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو، هن مشاعري لاءِ ”مردانگي“ جو موضوع رکيو ويو هو، مشاعري ۾ ڪيترن هندو خواهه مسلمان ساعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو.

    21 اپريل 1934ع

    ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي حيدرآباد جي ڊاڪ بنگلي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪراچيءَ ۾ سڏايل ”سنڌ هندو ڪانفرنس“ ۾ مسلمانن تي ڪيل حملن جي جوابي ڪاروائي ڪئي وئي.

    26 اپريل 1934ع

    سکر ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ جي حوالي سان ”ٽين سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس جا تفصيل جي ايم سيد جي ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي“ ۾ موجود آهن، هن ڪانفرنس جو مقصد اهو هو ته تحريڪ جي حق ۾ عام راءِ هموار ڪيو وڃي.

    30 اپريل 1934ع

    ”سنڌي سڌار سوسائٽي، جي سهاري هيٺ ثياسافيڪل هال ۾ قربانيءَ جي عنوان تي مشاعرو منعقد ٿيو، هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪئي.

    30 اپريل 1934ع

    ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان علامه آءِ آءِ قاضي جي صدارت هيڍ خالق ڏني هال ۾ ”قرباني“ جي موضوع تي مشاعرو ٿيو.

    30 اپريل 1934ع

    لاڙڪاڻي واسي حاجي محمود ”خادم“ ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ”قرباني“ جي عنوان تي مشاعرو ٿيو، ٿياسافيڪل هال ۾ سڏايل هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي، جڏهن ڪن لاڙڪاڻي واسي شاعرن ان ۾ قلمي طور تي حصو ورتو.

    1 مئي 1934ع

    سکر مان ڪشنچند واسديو هفتيوار ”سناتن ڌرم“ اخبار ڪڍي، هيءَ اخبار بنيادي طور سناتن ڌرم جي پرچار جو ڪم ڪندي هي، پر ان کان سواءِ ڪانگريس جي آرگن طور به ڪم ڪيائين ۽ ”ستياگره تحريڪ“ دوران نالو ڪمايائين.

    25 مئي 1934ع

    سرشاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ضلعي لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي ڊپٽي ڪليڪٽرن کان سواءِ ڀوڄراج پرڀداس، آسوديمل، امير علي لاهوري، عبدالخالق ڀٽي، علي گوهر لاهوري، فريد الدين جتوئي، حسن علي اسراڻ، جان محمد چانڊيئي، محمد ايوب کهڙي، نبي بخش ڀٽي، الهداد تنئي، پير بخش کهاوڙ، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، قادر بخش تنئي ۽ گوڪلداس شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ مختلف روڊن جي مرمت تي ايندڙ خرچ جي منظوري گذريل سال واري آدٽ رپورٽ جو جائزو وٺڻ، نصيرآباد ۾ ڊسپينسري کولڻ جي منظوري، خيرپور جوسي ۾  ميٽرنٽي هوم کولڻ بابت فيصلا ڪيا ويا، ڪيل فيصلن جو تعداد 61 هو.

    4 جون 1934ع

    جمعيت العلماءِ سنڌ جي ضلعي شاخ جي سکر ۾  مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڪيترائي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جن ذريعي فرنگين طرفان سنڌ جي معيشت جي تباهيءَ واري عمل جي مذمت ڪندي عوام کي معيشي بحالي لاءِ پاڻ پتوڙڻ لاءِ چيو ويو، هن گڏجاڻي ۾ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو ته جيئن اسلام دشمن قوتن جي غلط پروپيگنڊا جو وقتائتو ۽ اثرائتو جواب ڏئي سگهجي.

    3 جون 1934ع

    سنڌ جي جدائي بابت قائم ڪيل تنظيم ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي، تنظيم جي صدر سر شاهنواز ڀٽي جي غير حاضريءَ ۾ نائب صدر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ جي ايم سيد جي رهائش گاهه حيدر منزل تي ٿي، ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ سطح جي آزاد ڪانفرنس 28 کان 29 جولاءِ 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ سڏائي ويندي.

    8 جون 1934ع

    روزانه اخبار ”ستاره سنڌ“ جو پير علي محمد شاهه راشديءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ سکر مان اجراء ٿيو، لاڙڪاڻي جو سردار نبي بخش ڀٽو اخبار جو مالڪ هو ۽ هن اخبار جي مرڪزي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ کيس وڏي هٿي ڏني، ٻن سالن کان پو3 اخبار هفتيوار ٿي ۽ آخر 1937ع ۾ بند ٿي وئي، اخبار ادب ۽ سياست ۾ چڱو نالو ڪرايو.

    10 جون 1934ع

    لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ بورڊ جو صدر جي چونڊ لاءِ اسپيشل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورا 24 ميمبر حاضر هئا، هي اجلاس اختلافن ۽ هنگامي جو نشانو ٿيو، ڇو ته نائب صدر هن اجلاس کي غير آئيني قرار ڏنو، ان وقت نائب صدر علي حسن هڪڙو هو ۽ سندس فيصلي کي محمد ايوب کهڙي چيلينج ڪيو، لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر 15 جون 1934ع تي وڪيلن جي معرفت ٻنهي ڌرين کي ٻڌو ۽ نائب صدر جي رولنگ کي قانوني قرار ڏنو، هن ڪيس ۾ نائب صدر وشنسنگهه وڪيل ڪيو، جنهن کي ضلعي لوڪل بورڊ 600 رپيا في ڏني، ان کان پوءِ محمد ايوب کهڙي پنهنجي وڪيل هر چندراءِ ائنڊ ڪمپني ذريعي لاڙڪاڻي ضلعي لوڪلبورڊ کي نوٽيس ڏياريو ته هو (کهڙو) لوڪل بورڊ جو صدر آهي نه ڪي نبي بخش ڀٽو، جنهن کي ٻئي گڏجاڻيءَ ۾ صدر چونڊيو ويو هو.

    12 جون 1934ع

     سرشاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ”سنڌ پيپلز پارٽي“ ٺاهي وئي، جنهن جا ٻيا عهديدار هن ريت چونڊيا ويا.

    نائب صدر: خان بهادر الله بخش سومرو

    نائب صدر : ميران محمد شاهه

    جنرل سيڪريٽري: حاتم علوي

    جوائنٽ سيڪريٽري: جي ايم سيد

    12 جون 1934ع

    ڪراچيءَ جي جي ايم سيد جي بنگلي ”حيدر منزل“ تي سنڌ جي سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”پيپلز پارٽي“ ٺاهي وئي ۽ ان جا هن ريت عهديدار چونڊيا ويا. سر شاهنواز ڀٽو (ليڊر)، خانبهادر الله بخش سومرو (ڊپٽي ليڊر)، ميران محمد شاهه (ڊپٽي ليڊر)، حاتم علوي (خزانچي ۽ سيڪريٽري) ۽ جي ايم سيد (جوائنٽ سيڪريٽري).

    انهيءَ گڏجاڻي ۾ جن ٻين سياستدانن شرڪت ڪئي ۽ پارٽي ٺاهڻ ۾ هٿ ونڊايو اهي هئال مولا بخش سومرو، محمد علي شاهه درٻيلي وارو، محمد علي شاهه مٽيارين وارو، پير بقادار شاهه، خان بهادر محمد پريل، حاجي عبدالرحيم شاهه، خانبهادر غلام النبي شاهه ۽ خانبهادر چاڪر خان ۽ پير بهادر شاهه ۽ شاهنواز شاهه ۽ ايف جي ميرزا.

    23 جون 1934ع

    ميدم آر ڪي ڪرسٽي (R. K. Christie) ڌيءَ ڪيشو لڇمڻ جي پي ايڇ دي ڪرڻ بابت دي ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ خبر شايعٿي، سنڌ جي هيءَ پهرين ڇوڪري هئي، جنهن پي ايڇ ڊي ڪئي، ڪراچي واسڻ ڊي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهي لاهور جي عورتن واري ڪاليج ۾ ملازمت ڪيائين، پي ايڇ دي ۾ سندس ٿيسز / مقالي جو عنوان هو

    Action of bacteria on the corrosion of anetals

    کيس لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ملي.

    9 جولاءِ 1934ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اسپيشل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 24 ميمبرن شرڪت ڪئي. اهي هئا.  علي حسن هڪڙو، محمد ايوب کهرو، گوڪلداس، آسودو مل، جان محمد چانڊيو، ديوان ڀوڄراج، فريدالدين جتوئي، عبدالهادي ٻگهيو، حسن علي اسراڻ، قادر بخش تنيو، فقير محمد انڙ، آئلداس، الهداد تنيو، پير بخش کهاوڙ، نبي بخش ڀٽو، محمد صديق، عبدالحق ڀٽو، حاجي امير علي، الله بخش جلباڻي، احمد خان ڀٽو، علي گوهر لاهوري ۽ پرڀداس تولاڻي.

    هن اجلاس ۾ پير بخش کهاوڙ رٿ پيش ڪئي ۽ عبدالهادي ٻگهئي ان جي تائيد ڪئي ته محمد ايوب کهڙو لوڪل بورڊ جو صدر ٿئي، جڏهن ته پرڀداس رٿ ڏني ۽ علي گوهر لاهوري تائيد ڪئي ته نبي بخش ڀٽو لوڪل بورڊ جو صدر ٿئي، نائب صدر علي حسن هڪڙي ووٽنگ ڪرائي، ٻنهي اميدوارن کي هڪ جيترا ووٽ مليا، پوءِ نائب صدر پنهنجو ووٽ نبي بخش خان ڀٽي کي ڏنو ۽ نتيجي ۾ نبي بخش ڀٽو باقي عرصي لاءِ لوڪل بورڊ جو صدر منتخب ٿيو.

    28 جولاءِ 1934ع

    ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت هيٺ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ڪيترن مسلمان اڳواڻن شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي مان محمد ايوب کهڙو به هڪ هئو.

    سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي هندن کي خاطري ڏني ته سنڌي مسلمان سنڌ کي ان ڪري جدا نه ٿا ڪرائڻ چاهن ته ڪو پاڪستان ٺاهيندا يا بمبئي کان الڳ ٿي پنجاب سان الحاق ڪندا، پر هن تحريڪ جو مقصد سنڌ کي سدا آباد ۽ خوش حال بنائڻو آهي، جنهن ۾ هندن خواهه مسلمانن جو هڪ جيترو فائدو آهي، ڪانفرنس جي ڪاروائي ۽ صدارتي خطبو ”گل حيات“ ۾ محفوظ آهي.

    28 جولاءِ 1934ع

     بهاري ڪرمچند سکراڻي نالي اديب شڪارپور ۾ ڄائو، هي صاحب ورهاڱي کان پو3 لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو.

    5 آگسٽ 1934ع

    .سنڌ جي نوجوان ڪانگريسن جي ليگ“ نالي ڪانگريس جي ذيلي تنظيم قائم ٿي، جنهن جي پهرين صدر مس نرملا لالواڻي کي مقرر ڪيو ويو، سنڌ سطح جي هن تنظيم جي قيام ۾ لاڙڪاڻي واسين به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو لاڙڪاڻي واسي رام بي موٽواڻي کي هن نئين تنظيم جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ شيوڪ موٽواڻي کي ان جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

    8 آگسٽ 1934ع

    نامياري محقق، شاعر، تعليمدان ۽ تعليمي عملدار ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي ولادت ٿي.

    8 آگسٽ 1934ع

    الهداد ولد محمد علي ٻوهيو ڳوٺ پيچوها ۾ ڄائو، سندس وفات 1994ع ۾ ٿي، تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ اسڪولن جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتو، هن تحقيق ۽ تنقيد جي دنيا ۾ پاڻ ملهايو، سندس شمار ترقي پسند ليکڪن ۾ ڪيو ويندو هو، سنڌي کان سواءِ انگريزيءَ ۾ به ڪتاب لکيائين.

    8 آگسٽ 1934ع

    ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ذات ٻوهيو ڳوٺ گهوگهاري تعلقي قمبر ۾ ڄائو، سندس شمار سنڌ جي ڏاهن، دانشورن ۾ ٿئي ٿو، تعليم کاتي ۾ اعليٰ عهدا ماڻيا اٿس، کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڻ لاڙڪاڻي ڊويزن جي اسڪول ڊائريڪٽوريٽ جو باني/پهريون ڊائريڪٽر ٿيو.

    9 آگسٽ 1934ع

    غلام رسول ولد توڪل علي ميرجت شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، هن صحافت جي دنيا ۾ نالو ڪمايو ۽ سالن جا سال ”عبرت“ اخبار جو نمائندو ٿي رهيو، ان کان سواءِ 1978ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ .مومن پرنٽنگ پريس“ قائم ڪيائين. سندس وفات 13 اپريل 1980ع ۾ ٿي

    23 آگسٽ 1934ع

    نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت ۾ ضلعي لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ علي حسن هڪڙي، عبدالحق ڀٽي، امير علي لاهوري، فريد الدين جتوئي، الهداد خان تنيئي، علي گوهر لاهوري، پرڀداس تولاڻي، پيربخش کهاوڙ، الله بخش جلباڻي، محمد صديق وڳڻ، احمد خان ڀٽي، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، گوڪلداس، حسن علي اسراڻ، قادر بخش تنئي ۽ آسوديمل شرڪت ڪئي.

    اجلاس ۾ 52 فيصلا ڪيا ويا، جن مان مکيه هي آهن: لاڙڪاڻي جي مدرسي جي بهتر امتحاني نتيجن تي انتظاميا جي ساراهه، ڪمشنر کي گذارشن ڪرڻ ته گورنر جي آمد کان اڳ روڊن جي مرمت لاءِ مالي امداد ڏني وڃي، لاڙڪاڻه مدرسه عمارت جيان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي عمارت جو ويمو ڪرائڻ، سپليمينٽري بجيٽ منظور ڪرڻ، محمد ايوب کهڙي طرفان ڏنل نوٽيس تي غور ڪرڻ، سرڪار کان مالي امداد نه ملڻ ڪارڻ تعليم تي ايندرخرچ مان 28840 رپيا گهٽائڻ ۽ مختلف ڪاميٽيون جوڙڻ

    17 سيپٽمبر 1934ع

    ڳوٺ حاصل تعلقي قمبر ۾ مغرب جي نماز کان پوءِ جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولوي محمد ابراهيم بٺوي ۽ مولوي عبدالڪريم بٺوي تقريرون ڪيون ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ سيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏيڻ جو تاڪيد ڪيو. ۽  مولوي محمد ابراهيم بٺوي ۽ مولوي عبداڪريم بٺوي خطاب ڪندي هند اسيمبليءَ بمئي ڪائونسل جي اميدوارن سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي قومي خدمتن تي روشني وڌي ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ جو ماڻهن کي تاڪيد ڪيو.

    20 سيپٽمبر 1934ع

    عبدالقيوم هٿان ڪورٽ ۾ نٿورام جي قتل واري واقعي تي ”سنسار سماچار“ جي پرچي ۾ هندو طبقي جي جذبن جي ترجماني ڪئي وئي ۽ مذهبي تنگ دلي کان سواءِ فرقه پرستيءَ کي هوا ڏيڻ جهڙو مواد شايع ٿيو، اخبار لکيو ته ”اسلام هڪ خوني ۽ وحشي مذهب آهي، سڄي سنڌ جا هندو ملي انهيءَ خوني ۽ وحشي مذهب کي ختم ڪري ڇڏيندا“.

    22 سيپٽمبر 1934ع

    الوحيد جي پرچي ۾ نٿورام جي قتل ۽ ان کان پوءِ جي حالتن جي موضوع تي ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

    28 سيپٽمبر 1934ع

     عبدالقيوم هٿان ڪورٽ ۾ نٿو رام کي مارڻ واري واقعي تي ”چاند“ اخبار جي شماري م ايڊيٽر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته ”هو عبدالقيوم دوزخي ڪتو، هن نٿورام کي ماري نه رڳو اسلامي تهذيب تان پردو کنيو آهي، پر سمورن شيردل هندن کي ننڊ مان جاڳائي به ڇڏيو آهي ۽ کين انتباهه ڏنو آهي ته اٿو ۽ اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو جو مسلمانن جي دلين منجهان ”يا حسين يا حسين“ ۽ ”المدد المدد“ جون دانهون نڪري وڃن، اسين مسلمانن کان پڇون ٿا ته ڇا سندن مذهب رٻر جو ڦوڪڻو آهي جو نٿو رام جي ڪتاب جي اثر جي ڪري ڦاٽي پوندو.“

    آڪٽوبر 1934ع

    ڊاڪٽر پرتم داس آهوجا جي ايڊيٽريءَ م ماهوار رسالو ”بيغم“ سکر مان جاري ٿيو، جيڪو 1935ع ۾ بند ٿي ويو، ”گڻيش پرنٽنگ پريس“ سکر مان ڇپجندڙ رسالي جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جون ٻه هزار ڪاپيون شايع ٿينديون هيون.

    آڪٽوبر 1934ع

    لنڊن کان ميلبورن تائين آسٽريلين سينٽنري ايئر ريس ٿي، سڄي هندستان مان هڪ ماڻهو حصو ورتو، جيڪو سنڌي هو ۽ هن جو نالو بي ايک ڇنداماڻي هو.

    آڪٽوبر 1934ع

    بيکچند چيلارام واسواڻي سکر مان ماهوار رسالو ”سئنيما گزيٽ“ جاري ڪيو، جيڪو ”امر پريس“ مان ڇپبو هو، موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هن رسالي چڱي شهرت ماڻي.

    2 آڪٽوبر 1934ع

    ”پارليامينٽري ڪاميٽي“ سنڌ جي عليحدگي جي سفارش ڪئي.

    6 آڪٽوبر 1934ع

    لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 6717 موجب ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي لکيو ته ميلن ۽ ملاکڙن جي موقعن تي جيڪا به چالي ٿئي ٿي ۽ گندگي ٿئي ٿي ان کي روڪڻ لاءِ رولس ٺاهيا وڃن، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي ڪيترن اجلاسن ۾ انهيءَ مسئلي تي سوچوي، نيٺ بمبئي لوڪل بورڊ ائڪٽ VI آف 1923 جي سيڪشن 100 هيٺ لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ ڊرافٽ رولس ٺاهيا ۽ انهن تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ محمد ايوب کهڙي، احمد بخش ڀٽي ۽ پرڀداس تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي ويهاري ته جيئن اهي ڊرافٽ رولس منظوري لاءِ سنڌ جي ڪمشنر ڏي موڪلجن، لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اها ڪاميٽي پنهنجي 21 فيبروري واري اجلاس ۾ ٺاهي.

    12 آڪٽوبر 1932ع

    ”سنڌ هندو“ پنهنجي شماري ۾ عبدالقيوم هٿان نٿو رام جي قتل تي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته ” عبدالقيوم سيشن ڪورٽ ۾ بيان ڏنو آهي ته هن نٿو رام کي خدا جي حڪم موجب قتل ڪيو آهي، انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته خون جي ڪيس ۾ پنهنجي خدا کي جوابدار بنايو اٿائين، عدالت کي گهربو هو ته اهري نمازي عبدالقيوم جي خدا صاحب کي پڻ، ان سان گڏ ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ها، جڏهن عبدالقيوم کي عدالت ڏوهي سمجهي خون جي عيوضي ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏني آهي ته اصلي جوابدار خدا جي آخر ڪهڙي سزا ٿي سگهي ٿي؟

    19 آڪٽوبر 1934ع

    لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بورڊ جي فيصلي ۽ سهڪار سان باڊهه ۾ انگلش ڪلاسز جو آغاز ڪيو ويو ۽ انهيءَ خرچ پکي لاءِ پهرين سال لاءِ رڪرنگ بجيٽ 203 رپيا ۽ نان رڪرنگ بجيٽ 361 رپيا منظور ڪيا ويا، باڊهه جي حڪيم لالچند اسڪول بورڊ سان اهو وعدو ڪيو ته هو گهاٽي واڌي ۾ خرچ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ٻڌل رهندو.

    نومبر 1934ع

    سکر مان ڏيارام واڌواڻي جي ايڊيٽري ۾ ماهوار ”گلن جي ٽوڪري“ نالي ٻارن لاءِ رسالو جاري ٿيو.

    24 نومبر 1934ع

    لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي خط نمبر R-6833-E ذريعي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي ٻڌايو ته بمبئي سرڪار جي مرضي آهي ته 6 مئي کان 18 مئي 1935ع تائين بادشاهه سلامت جي سلور جوبلي ملهائي وڃي.

    لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بورڊ پنهنجي اجلاس مورخه 12 جنوري 1935ع جي فيصلي نمبر 11 موجب انهيءَ تقريب لاءِ 500 روپيا منظور ڪيا ۽ صدر نبي بخش خان ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ راءِ بهادر گوڪل داس، ديوان ڀوڄراج، محمد ايوب کهڙي، علي حسن هڪڙي ۽ لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر تي مشتمل هڪ ڪاميٽي پڻ ٺاهي.

    25 نومبر 1934ع

    الوحيد جي پرچي ۾ مولوي نور محمد نظاماڻي جي وفات تي ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

    25 نومبر 1934ع

    1926ٿ ۾ قائم ڪيل ”ٻالڪن جي ٻاري“ جي اٺين سالگراهه ملهائي وئي، انهيءَ موقعي تي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سموريءَ سنڌ ۾ ٻاريءَ جو چوڏنهن شاخون سرگرم عمل هيون ۽ 1500 ٻار انهن جا ميمبر هئا، سالگراهه جي پڄاڻيءَ تي چونڊون پڻ ڪرايون ويون ۽ ٻاروتي گدواڻيءَ کي صدر چونڊيو ويو.

    26 نومبر 1934ع

    ڪراچيءَ ۾ ”ٻالڪن جي ٻاري“ لاءِ پاروتي گدواڻيءَ کي صدر چونڊيو ويو، ٻارن جي هيءَ تنظيم 1926ع ۾ قائم ٿي، 1934ع ۾ ان جون چوڏهن شاخون قائم ٿي چڪيون هيون ۽ ميمبرن جو تعداد 1500 هيو، ”ٻالڪن جي ٻاري“ هر سال ڌام ڌوم سان پنهنجي سالگراهه ملهائيندي هئي.

    9 ڊسمبر 1934ع

    ڪراچيءَ جي ”عامل يونين ڊراماٽڪ انسٽيٽيوٽ“ طرفان ٿياسافيڪل هال ۾ ڊرامو ۽ ويرائٽي پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو، ياد رهي ته هن انسٽيٽيوٽ طرفان 6 سيپٽمبر 1934ع کان موسيقي سيکارڻ جا ڪلاس به شروع ڪيا ويا هئا.

    13 ڊسمبر 1934ع

    سرڪار پنهنجي لکپڙهه بي آر نمبر 577-ب زريعي نواب غيبي خان چانڊئي تي جاگير محصول (جاگيرسيس) هڪ رپئي مان گهتائي اٺ آنا ڪيو، نواب صاحب جاگير محصول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي حوالي ڪندو هو.

    21 ڊسمبر 1934ع

    نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو، هن اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر لاڙڪاڻي کان سواءِ علي حسن هڪڙي، محمد ايوب کهڙي، امير علي لاهوري، احمد خان ڀٽي، گوڪلداس، پرڀداس تولاڻي، علي گوهر لاهوري، آسوديمل، فريد الدين، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، حسن علي اسراڻ، عبدالحق ڀٽي، محمد صديق وڳڻ، ڀوڄراج، پير بخش کهاور، آئلداس، حاجي جان محمد چانڊئي، الهداد ۽ قادر بخش تنئي سرڪت ڪئي. هن ۾ 52 رسمن تي بحث بعد فيصلا ڪيا ويا.

  • 1933

    1933ع

    ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي بورڊ ۾ هن سال چونڊجي آيل ميمبر هئا: عبدالهادي ٻگهيو، عبدالحق ڀٽو، احمد خان ڀٽو، آئلداس ماڌو راس، علي حسن هڪڙو، الله داد تنيو، فقير محمد انڙ، فريد الدين جتوئي، گوڪلداس ميولداس، حاجي امير عليلاهوري، حاجي جان محمد چانڊيو، حسن علي اسراڻ، ڄيٺانند نارو مل نصيرآبادي، قادر بخش تنيو، محمد ايوب کهڙو، محمد صديق وڳڻ، نبي بخش ڀٽو ۽ پرپداس سخاوتراءِ.

    ان کان سواءِ سرڪار طرفان جيڪي مهرٿاڦيل ميمبر ٿيا، اهي هئا: لاڙڪاڻي جو اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪليڪٽر، قمبر جو اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪليڪٽر، آسودومل نچومل، ڀوڄراج هربخشاڻي، حاجي امام بخش ماهوٽو ۽ سرشاهنواز ڀٽو.

    1933ع

    هن سال ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف تعلقن جي بورڊس لاءِ جيڪي ميمبر چونڊجي آيا هئا:

    تعلقو رتوديرو: احمد خان ڀٽو، علي نواز گهانگهرو، الله بخش جلباڻي، غلام قادر ڊکڻ، جان محمد ابڙو، قائم الدين ڀٽو، محمد صالح ڊکڻ، نبي بخش ڀٽو.

    شهدادڪوٽ: الله ورايو جروار، در محمد مغيري، فتح محمد مستوئي، گوبندرام آشيرام، گل محمد مستوئي، حاجي دريا خان مستوئي، الاهي بخش جروار، ڪيولرام، نيڪ محمد ڊکڻ، پير بخش کهاوڙ، ولي محمد کوکر، ، ولي محمد پلهه.

    ڏوڪري تعلقو: عبدالڪريم انڙ، دريا خان جوڻيجو، ڏتارام، فريدالدين جتوئي، خدا بخش سيهڙ، محمد خان جوڻيجو، محمد اويس ٻگهيو، رسول بخش گاڏهي، رسول بخش انڙ، ساجنداس، صاحب ڏنو جوڻيجو.

    لاڙڪاڻو: علي گوهر لاهوري، علي گوهر جماراڻي، دوست محمد کهڙو، غلام محمد ڪلهوڙو، جان محمد سانگي، محمد ايوب کهڙو، محمد نواز کهڙو، نامو مل، نور محمد شاهه، پريل سنگ، رسول بخش چانڊيو ۽ صاحب خان جوڻيجو.

    ميروخان: عبدالرزاق ڀٽو، اعتبار خان جوڻيجو، امير بخش مهيسر، بچل خان تنيو، داد محمد چانڊيو، غلام عمر مستوئي، حاجي الله بخش، جان محمد چانڊيو، ڪرم خان گوپانگ، نارائڻ داس اڌو مل، ساڌو رام طوطا سنگ ۽ يارو خان چانديو.

    وارهه: الله ڏنو پنهور، عبدالرحمان ڪلهوڙو، علي مراد کهاوڙ، الله بخش ڪلهوڙو، لعل بخش تنيو، گرڏتو مل، گوبند رام، قادر بخش تنيو، ڪريم بخش کهاوڙ، محمد عالم ڦلپوٽو ۽ ولي محمد لاکو.

    قمبر: عبدالحميد کٽي، احمد علي اسراڻ، علي حسن هڪڙو، الهداد خان تنيو، غلام علي اسراڻ، گل محمد ابڙو، حاجي رب رکيو لاکو، حاجي يعقوب لاکو، جمعيت راءِ، ڪيسومل، مٺل خان شيخ ۽ محمد پناهه چانڊيو.

    1933ع

    سرڪار ضلعي لاڙڪاڻي جي سمورن تعلقن جي لوڪل بورڊن لاءِ جيڪي ميمبر ٿاڦيا اهي هئا:

    شهدادڪوٽ: احمد نواز جمالي، آنند رام، مير احمد خان چانڊيو ۽ شهدادڪوٽ جو مختيارڪار.

    وارهه: آئلداس، ڪيولداس، محمد صديق وڳڻ ۽ وارهه جو مختيارڪار

    قمبر: حاجي علي حسن هڪڙو، جيرامداس، خليفو درگاهي الله ڏنو ۽ قمبر جو مختيارڪار.

    ڏوڪري: نارومل، رسول بخش جتوئي، ساڌو سنگ ۽ ڏوڪريءَ جو مختيارڪار.

    لاڙڪاڻو: ميهر چند، محمد پناهه ڪلهوڙو، ساجنداس ۽ لاڙڪاڻي جو مختيارڪار.

    ميروخان: چئنومل، گھلام رسول ڪلهوڙو، پير بخش کوکر ۽ ميروخان جو مختيارڪار.

    رتوديرو: الله بخش هڪڙو، آسنداس، گوڪلداس ۽ رتيديري جو مختيارڪار.

    1 جنوري 1933ع

    تعلقي ميروخان جي ڳوٺ ڪرم خان گوپانگ ۾ جمعي خان گوپانگ جي گهر ۾ گل حسن گوپانگ جي ولادت ٿي، جنهن 39 سال استاد طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ”شاد“ جي تخلص سان مشهور عوامي شاعر ٿيو، شاعري جا پنج ڪتاب شايع ٿيس ۽ 1997ع (5 جون) ۾ وفات ڪيائين.

    9 جنوري 1933ع

    سرائي حاجي خان نبي بخش ولد وڌيو خان چانڊيو، جيڪو پنهنجي وقت جو خلافتي هو ۽ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسيءَ تان دستبردار ٿيو، سو وفات ڪري ويو، مرحوم ڳوٺ مراد علي خان چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ جو ويٺل هو.

    26 جنوري 1933ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪئي وئي.

    30 جنوري 1933ع

    هاسارام پهناڻي4 جي ايڊيٽريءَ ۾ سکر مان هفتيوار ”نيو سنڌ ٽائيم“ اخبار جاري ٿي، جيڪا سکر جي ”اپر سنڌ پريس“ ۾ ڇپبي هئي، هن اخبار ۾ ڏيهي خبرن کان سواءِ سياسي، سماجي ۽ هندو ڌرمي مواد به شايع ٿيندو هو.

    5 فيبروري 1933ع

    جماعت ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي عليحدگي خلاف هلايل هندن جي تحريڪ جو ڀرپور جواب ڏنو وڃي، ان لاءِ پير علي محمد شاهه راشديءَ تي ڪم رکيو ويو ته هو ان ڏس ۾ قلمي جهاد ڪري.

    7 فيبروري 1933ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ سيپريشن“ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي.

    9 فيبروري 1933ع

    بدين ۾ حزب الله ڪيمپ جي لڳ ڀڳ ساڍن ٽن سو رضاڪارن کي هن تاريخ تائين گرفتار ڪيو ويو، اهي رضاڪار لواري حج روڪڻ لاءِ ستياگرهه ڪرڻ واسطي اتي ڪيمپ هڻي ويٺا هئا.

    12 فيبروري 1933ع

    خانبهادر مير غلام محمد خان ولد مير محمد خان وفات ڪري ويو، مرحوم سنڌي مسلمانن ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ تعريف جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون، ٽنڊي باگي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اسڪول کوليائين، سنڌ جي هندو خواهه مسلمانن کي اسڪالرشپون ڏئي کين اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏنائين، ڊاڪٽر دائودپوتو ۽ مير بنده علي خان سندس اسڪالرشپن تي ولايت مان پڙهي آيا.

    1 مارچ 1933ع

    گورڌن منومل ڪرشناڻي ڳيريلي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي اُجين ڀارت ۾ ويٺو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن ، ناولنگارن ۽ شاعرن ۾ ٿئي ٿو.

    1 کان 2 مارچ 1933ع

    انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراءِ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ته هندستان فلم انڊسٽريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ فلمن جي خالي ريلن ۽ ٻئي لاڳاپيل سامان تان ”امپورٽ ڊيوٽي“ هٽائي وڃي.

    هن ٻئي ڏينهن واري اجلاس ۾ چيو ته سرڪار جو سنڌ مسئلي ڏانهن رويو سرد آهي، هن چيو ته جڏهن ”جوائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽي“ ٺاهي وڃي ته ان ۾ ٿورائي وارن کي به مناسب نمائندگي ڏني وڃي.

    17 مارچ 1933ع

    انگريز سرڪار طرفان آئيني سڌارن بابت وائيٽ پيپر شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ اوڙيسا کي الڳ صوبن بنائڻ جي پڌرائي پڻ ڪئي وئي هئي.

    22 کان 23 مارچ 1933ع

    1 اپريل 1933ع تي دادو ضلعي جي قائم ٿيڻ واري فيصلي جي روشنيءَ ۾ دادو ضلعي جي نامزد ڪليڪٽرن، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊس جي صدرن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ اثاثن ۽ انتظامي مامرن جي ورڇ تي غور ويچار ڪري فيصلا ڪيا ويا.

    27 مارچ 1933ع

    دهلي4 ۾ ”هندو مها سڀا، جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۽ سينٽرل ليجسليٽو اسيمبليءَ جي هندو ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي، جن مان لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراءِ به هڪ هئو، هن ۾ ”وائيٽ پيپر“ تي تي ڪلاڪ بحث ڪري ان کي رد ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته 9 اپريل 1933ع تي سموري هندستان ۾ ”وائيٽ پيپر“ خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ گڏجاڻيون ڪيون وينديون.

    30 مارچ 1933ع

    سرشاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جي ٽه ماهي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي، دادو ۽ قمبر جي ڊپٽي ڪليڪٽرن کان علاوه 17 ميمبرن شرڪت ڪئي، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي هيءَ آخري گڏيل گڏجاني هئي، ڇو ته 11 اپريل کان دادو ضلعي حيثيت وٺڻ وارو هو، هن اجلاس ۾ 53 فيصلا ڪيا ويا هن اجلاس ۾ ڪي بي کهري، عبدالحق ڀٽي، قادر بخش جتوئي، محمد صديق وڳڻ، احمد خان ڀتي، خداداد خان شاهاڻي، محمد وارث جوڻيجي، سيد اسدالله شاهه، نبي بخش خان ڀٽي، حسن علي خان اسراڻ، سيٺ ڀوڄراج، فريد الدين جتوئي، راءِ صاحب گوڪلداس، علي حسن هڪڙي، الهدادخان تنئي، قادر بخش تنئي ۽ آئلداس شرڪت ڪئي.

    13 اپريل 1933ع

    صدر ۽ نائب صدر جي چونڊڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قمبر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽرن کان علاوه سرشاهنواز خان ڀٽي، ڪي بي کهڙي، حاجي علي حسن هڪڙي، محمد صديق وڳڻ، الهداد خان تنئي، حاجي امام بخش ماهوٽي، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، گوڪلداس، سيٺ ڀوڄراج، پرڀداس، آسوديمل، فريد الدين جتوئي، امير علي لاهوري ۽ قادر بخش تنئي شرڪت ڪئي.

    پرڀداس جي رٿ ۽ کهڙي جي تائيد تي سر شاهنواز ڀٽي کي بورڊ جي باقي عرصي تائين صدر چونڊيو ويو، اهڙيءَ ريت احمد خان ڀٽي جي رٿ ۽ راءِ صاحب گوڪلداس جي ٽيڪسي تي خانبهادر حاجي امير علي لاهوري کي نائب صدر منتخب ڪيو ويو.

    16 اپريل 1933ع

    جڏهن سرڪار طرفان آئيني سڌارن بابت پنهنجا ويچار ونڊڻ لاءِ ”وائيٽ پيپر“ جاري ڪيو ويو ته وڏين پارٽين ان تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو، هن ڏينهن تي ڪراچيءَ ۾ ”دي ڪراچي انڊين مرچنٽس ايسوسئيشن“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”وائيٽ پيپر“ تي بحث ڪيو ويو ۽ ان کي هڪ اطمينان نه ڏيندڙ سرڪاري قدم قرار ڏنو ويو.

    19 اپريل 1933ع

    ”هندو مها سڀا“ جي سڏ تي سنڌ ۽ هند جي هند مهاسڀائي ماڻهن ”وائيٽ پيپر“ جي خلاف احتجاجي گڏجاڻيون ڪيون ويون، اهڙي گڏجاڻي لاڙڪاڻي ۾ به ٿي.

    30 اپريل 1933ع

    مراد پور ۾ ”اپر سنڌ خلافت ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ٺهرائن ذريعي ”وائيٽ پيپر“ کي مسترد ڪيو ويو، ”مسلم ڪانفرنس“ جي مطالبن جي تائيد ڪئي وئي، چين سان همدرديءَ ۽ جپان تي ملامت جو اظهار ڪيو ويو، مريد سيٺارجا واري مسجد جي بحالي لاءِ مطالبو ڪيو ويو، خلافتي مفتي سعدالله جي جلاوطني تي سرڪار جي مذمت ڪئي وئي، ماڻهن کي سوديشي سامان لاءِ تاڪيد ڪيو ويو ۽ مسلمانن کي غير شرعي ڪمن کان پاسي ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي.

    13 مئي 1933ع

    سرشاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي ڊپٽي ڪليڪٽرن کان علاوه عبدالحق ڀٽي، محمد صديق وڳڻ، امام بخش ماهوٽي، نبي بخش ڀٽي، الهداد تنئي، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، احمد خان ڀٽي، آئلداس، ڀوڄراج، پرڀداس، امير علي لاهوري، فريد الدين جتوئي، گوڪلداس، آسودو مل، علي حسن هڪڙي، پير بخش گهلوڙ ۽ حاجي يار محمد چانڊئي شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ 37 فيصلا ڪيا، جن مان شهدادڪوٽ تعلقي ۾ ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، ڪي بي کهري کي بمبئي پرڳڻي جي لوڪلبورڊن لاءِ قائم ڪيل صلاحڪار بورڊ تي نامزد ڪرڻ، لارن تي درسال 200 رپيا في وٺڻ، ڪي بي کهڙي کي اين اي ڊي ڪاليج جي ڪاليجيئٽ بورڊ تي نامزد ڪرڻ ۽ قادر بخش تنئي کي مسز حامد علي ميٽرنتي هوم لاڙڪاڻي جي مئينجنگ ڪاميٽي تي نامزد ڪرڻ جهڙا فيصلا ذڪر لائق آهن.

    15 مئي 1933ع

    مها بليشور ۾ ڪراچي ميونسپل بل جي بمبئي ڪائونسل جي سليڪٽ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي.

    2 جون 1933ع

    سرشاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڪس آفيشو ميمبرن کان سواءِ سرائي علي گوهر لاهوري، محمد ايوب کهري، نبي بخش ڀٽي، احمد خان ڀٽي، محمد صديق وڳڻ، عبدالحق ڀٽي، حسن علي اسراڻ، پرڀداس، امام بخش ماهوٽي، سيٺ ڀوڄراج، سيٺ آئلداس، سيٺ آسوديمل، راءِ صاحب گوڪلداس، قادر بخش تنئي ۽ عبدالهادي ٻگهئي شرڪت ڪئي، هن اجلاس ۾ 22 فيصلا ڪيا ويا، جن مان گهوگهاري م انگلش ڪلاسز جي منظوري ۽ اسڪول بورد تي چونڊجي آيل ميمبرن جي منظوري جهڙا فيصلا ذڪر لائق آهن.

    28 جون 1933ع

    ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي.

    17 جولاءِ 1933ع

    پير محمد ولد امام بخش سومرو تعلقي ميروخان جي ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙي ۾ ڄائو، اڳتي هلي استاد پيرل قنبر جي نالي سان مشهور ٿيو، شاعراڻي مهارت سبب ڪيترن حڪمران کان انعام حاصل ڪيائين، هن اسٽيج ڊراما به لکيا ۽ ڳچ جيتري مشاعري به ڪئي، شاعري مان ڪجهه حصو ”اگهاڙا پير ٽانڊن تي“ جي عنوان سان شايع ٿيس، هن 1997ع ۾ وفات ڪئي.

    19 جولاءِ 1933ع

    خانبهادر محمد ايوب کهڙو لنڊن ۾ ”جوائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽي“ اڳيان پيش ٿيو ۽ سنڌ جي جدائي جو ڪيس پيش ڪيائين، سندس لنڊن وڃڻ ۽ پهچڻ سنڌ جي تاريخ جو انمول ۽ اڻ وسرندڙ واقعو بڻجي ويو، ڇو ته هو جنهن جهاز ۾ سفر ڪري ويو، تنهن کي ايراني رڻ پٽ ۾ هنگامي طور تي لهڻو پيو، کهري پند ڪري هڪ ڳوٺ مان گڏهه ڪيو ۽ بندر عباس پهچي ٻئي پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي وڃي لنڊن پهتو.

    20 جولاءِ 1933ع

    محمد ايوب کهڙي سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ پاران جوائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ هڪ ميمورنڊم ورهايو، جنهن ۾ سنڌ جي جدائي جي حق ۾ دليلن سان بحث ڪيو ويو هو.

    27 جولاءِ 1933ع

    ڦٽن پرسواڻي سوئي چنا ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي الهاس نگر ۾ آباد ٿيو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن، مضمون نگارن ۽ مترجمن ۾ ٿئي ٿو.

    آگسٽ 1933ع

    لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سخت بارش پئي، جنهن ڪري دادو ڪئنال سان لاڳاپيل ڪيترن واٽر ڪورسن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ نتيجي ۾ انهيءَ ايراضي ۾ ٻوڏ جهڙو ماحول پيدا ٿي پيو، هن صورتحال ۾ باقراڻي، ڏوڪري، باڊهه ۽ نصيرآباد جا روڊ رستا خراب ٿي پيا، انهن رستن تان ٽول اڳاڙيندڙ ٺيڪيدار پرسرام کي درخواست ڏئي ضلعي لوڪل بورڊ کي گذارش ڪرڻي پئي ته کيس 300 رپين جو نقصان پيو آهي، جيڪو معاف ڪيو وڃي.

    2 آگسٽ 1933ع

    ڪانگريس طرفان حڪومت خلاف عدم تعاون واري تحريڪ هلي، جيڪا لڳاتار هلڻ کان پوءِ 7 اپريل 1934ع تي ختم ٿي.

    30 آگسٽ 1933ع

    هوپ ڦل انگلش اسڪول، رام باغ ۾ ”سينٽرل لٽرري گروپ“ جي اهتمام سان ليڪچر پروگرام ٿيو، اي ايم عباسيءَ ”سنڌي ڊراما“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

    30 آگسٽ 1933ع

    ڪراچيءَ جي سينٽرل لٽرري گروپ طرفان هوپ فل اسڪول رام باغ ۾ اي ايم عباسيءَ ”سنڌي ڊرامو“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

    20 سيپٽمبر 1933ع

    ڊاڪٽر ائني بيست گذاري وئي، هن مائي 1847ع ۾ لنڊن ۾ جنم ورتو، هند ۽ سنڌ ۾ هن ٿياسافيءَ کي زور وٺرايو، ٿياسافيڪل سوسائٽي کان سواءِ ”هوم رول ليگ“ به قائم ڪيائين ۽ انهيءَ پليٽ فارم تان سياست ڪيائين، سنڌ جا ناميارا سياستدان جهڙوڪ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ جي ايم سيد ۽ ڪيترا هندو اديب ۽ سياستدان ۽ جمشيد مهتا سندس نظرياتي پوئلڳ ٿي رهيا.

    26 سيپٽمبر 1933ع

    سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي ڊپٽي ڪليڪٽرن کان علاوه حاجي امير علي لاهوري، نبي بخش خان ڀٽي، عبدالحق ڀٽي، پير بخش کهاوڙ، الهداد تنئي، امام بخش ماهوٽي، پرڀداس تولاڻي، محمد صديق وڳڻ، حسن علي اسراڻ، عبدالخالق ڀٽو، فريدالدين جتوئي، سيٺ آسودي مل، وڏيري عبدالهادي ٻگهيئي ۽ قادر بخش تنئي شرڪت ڪئي، هن اجلاس ۾ اسڪول بورڊ جي سفارشن جي منظوري، مدرسه ڪاميٽي جي جوڙجڪ، باءِ لاز ۾ ترميم، رٽائر ٿيل استادن کي پينشن ڏيڻ، لاڙڪاڻي مدرسي جا رولس منظور ڪرڻ، 4500 روپين تي درياهه مان پلي مارڻ تي فيض محمد کي ساليانو ٺيڪو ڏيڻ مسلم هاسٽل ڪراچيءَ لاءِ 6000 رپيا ڏيڻ، لاڙڪاڻي مدرسي جي تعليمي معيار نه سڌارڻ تي پرنسپال جي انڪريمينٽ مارڻ، تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جا نوان اسڪيل منظور ڪرڻ جهڙا فيصلا ڪيا ويا.

    13 آڪٽوبر 1933ع

    سکر مان ٺاڪرداس مسند جي ايڊيٽريءَ ۾ هفتيوار ”سوديشي“ اخبار جاري ٿي، جيڪا هڪ سال کن هلي، هيءَ اخبار ”امرپريس“ ۾ ڇپبي هئي.

    17 آڪٽوبر 1933ع

    سنڌ جي جدا صوبي جي انتظام هلائڻ لاءِ آفيس، رهائش جي بندوبست سان گڏ نون عهدن قائم ڪرڻ بابت سفارشون ۽ تجويزون پيش ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڊو ڪاميٽي جي ڪراچيءَ ۾ گڏجاڻي ڪئي، هن ڪاميٽيءَ ۾ مسٽر هيوڊو کان سواءِ ”خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سيٺ حاجي عبدالله هارون، قاضي عبدالرحمان، اي ايل پرائيس، مسٽر ميڪلاڪن، مسٽر ڪاولا ۽ ديوان بهادر هيرانند کيمسنگهه ميمبرن طور ڪم ڪيو.

    21 آڪٽوبر 1933ع

    ”بزم ادب ڪراچي“ طرفان ڪراچيءَ ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن طرح هئي.

    ”مزو انگور جو ميخوار کان پڇ“

    هن طرحي مشاعري لاءِ مختلف شهرن مان شاعرن پنهنجو ڪلام موڪليو، جن ۾ لاڙڪاڻي واسي شاعر پڻ هئا.

    28 آڪٽوبر 1933ع

    هند سرڪار جي رفارمس افيس پنهنجي ٺهراءُ ذريعي ستن ڄڻن تي مشتمل ”سنڌ ايڊمنسٽريٽو انڪوائري ڪاميٽي“ جوڙي ته جيئن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي بعد پيدا ٿيندڙ انتظامي مسئلن جو اڳواٽ حل ڳولهيو وڃي، هن ڪاميٽيءَ جو اڳواڻ/چيئرمين مسٽر ايڇ ڊو، جڏهن ته ايڇ بي ليمبرڪ ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، مسلمان ميمبرن مان هاجي عبدالله هارون کان سواءِ ٻيو ميمبر خانبهادر محمد ايوب کهڙو هو.

    31 آڪٽوبر 1933ع

    حيدرآباد ۾ ”هندو مسلم يونٽي ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ڪيترن هندو، مسلم ۽ پارسي اڳواڻن شرڪت ڪئي، سر غلام حسين هدايت الله جي ڪوششن سان سڏايل هي ميڙاڪو ٿيا، سافيڪل هال ۾ ٿيو، هن ۾ ”چونڊن جي گڏيل سرشتي“ جي حق ۾ ۽ ”هندو مسلم اتحاد“ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، لاڙڪاڻي واسين پڻ هن ڪانفرنس ۾ پاڻ ملهايو، مسلمان اڳواڻن مان خانبهادر محمد ايوب کهڙي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

    18 نومبر 1933ع

    بزم ارب ڪراچيءَ طرفان مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي:

    ”هيءَ زندگي اسان جي مثل حباب آهي“

    هن مشاعري ۾ جن شاعرن ذاتي خواهه قلمي حصو ورتو، تن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، لعلچند ”مجروح“، هدايت علي ”نجفي“، قادر بخش ”بشير“، حاجي محمود ”خادم“ غلام احمد ”نظامي“  ۽ محمد بخش ”واصف“ جا نالا ذڪر لائق آهن.

    19 نومبر 1933ع

    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ قائم ڪيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ڪراچي اڪيڊمي هال ۾ مشاعرو ٿيو، ”قادر جي قدرت“ جي موضوع تي سڏايل هن مشاعري جي صدارت غلام علي چاڳلا ڪئي، هن ۾ ڪيترن ئي هندو خواهه مسلمان شاعرن پنهنجو ڪلام پڙهيو.

    16 ڊسمبر 1933ع

    شيخ عبدالله ”عبد“ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”مجلس مشاعره“ طرفان ڪراچيءَ ۾ مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ ”يا الاهي شل سدائين يار محفل ۾ رهي“ جي طرح مصرع ڏني وئي هئي.

    16 دسمبر 1933ع

    ”بزم ادب“ ڪراچيءَ طرفان ڪراچيءَ ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي.

    ”يا الاهي شل هميشه يار محفل ۾ رهي“

    هن مشاعري لاءِ مختلف شهرن مان شاعرن پنهنجو ڪلام موڪليو، جن ۾ لاڙڪاڻي واسي شاعر پڻ هئا.

    16 ڊسمبر 1933ع

    سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي، پير بخش کهاوڙ، جان محمد چانڊئي، نبي بخش ڀتي، الهداد تنئي، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، امام بخش ماهوٽي، پرڀداس تولاڻي، سيٺ آسوديمل، آئلداس گوڪلداس، عبدالخالق ڀٽي، محمد صديق وڳڻ، امير علي لاهوري، قادر بخش تنئي، عبدالحق ڀٽي، فريد الدين جتوئي ۽ سيٺ ڀوڄراج شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي ٽن اسڪولن کي 2 رپيا درماهه ٻيڙي ڀاڙو ڏيڻ، ضلعي اندر روڊن ۽ پلين جي مرمت تي ايندڙ خرچ جي منظوري ڏيڻ، اسڪولي ٻارن لاءِ ڪونين وٺڻ، فريد الدين جتوئي کي انڊين ريڊ ڪراس جي مئينجنگ ڪاميٽي لاڙڪاڻي تي نامزد ڪرڻ، شهدادڪوٽ لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري ۾ ميٽرنٽي هوم قائم ڪرڻ، ضلعي ۾ گشتي ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم ٺيڪي تي ڏيڻ جا فيصلا ڪيا ويا.

    20 ڊسمبر 1933ع

    لاڙڪاڻي جي آنند شيوا منڊليءَ ضلعي جي لوڪل بورڊ کي درخواست ڪئي ته ان کي ڊسپينسري هلائڻ لاءِ گرانٽ ڏني وڃي، ڊسٽرڪٽ بورڊ پنهنجي اجلاس مورخه 14 مارچ 1934ع تي پنهنجي فيصلي نمبر 3 موجب منڊليءَ کي 240 رپيا في سال جي حساب سان گرانٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

    22 ڊسمبر 1933ع

    غلام النبي ولد جمعو خان جروار، تعلقي شهدادڪوٽ جي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ ڄائو، هن اڳتي هلي ڊاڪٽر نذير احمد جروار جي نالي سان حڪمت ۽ علم و ادب جي دنيا ۾ شهرت پاتي، ناميارو شاعر ٿي گذريو، ان کان سواءِ تاريخ جي موضوع تي ڪتاب لکيائين، سندس سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ ڪيترو ڪلام چيل آهي. هن 1994ع ۾ وفات ڪئي.

    26 ڊسمبر 1933ع

    ٺيڪيدار، سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو سابق نائب صدر، بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر، سنڌ جي جدائي واري تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندڙ ۽ ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽي جو سابق نائب صدر بابا حاجي مير محمد ولد بلوچ خان سيلا وٽو وفات ڪري ويو.

  • 1932

    1932ع

    لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽي جي گونڊرام ڄيٺسنگ (تحريڪ دوران ڏهون ڊڪٽيٽر) ۽ مورسنگ (پهرين ڊڪٽيٽر) کي ڇهه مهينا جيل ۽ هڪ سو روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي، اهڙي طرح ڪانگريسي ورڪر لالچند کي وري ڏهه مهينا جيل جي سزا ڏني وئي.

    1932ع

    ملان ابڙي جي ويٺل نامور خلافتي اڳواڻ مولوي حاجي احمد ملوي ولد فضل محمد جي وفات ٿي، هن حيدرآباد ۾ تعليم ورتي ، ڳچ عرصو بلوچستان ۾ رهيو، مٺڙيءَ ۾ مدرسو کوليائين ۽ آخر ۾ ٻني ٻارو ڪري وقت گذاريائين.

    1932ع

    لاڙڪاڻي واسي شاعر ۽ قلم ڌڻي حاجي محمود ”خادم“ جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ قائم ٿي، جنهن لاءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کي صدر، حاجي محمود ”خادم“ ۽ جي اين ناگراڻي کي نائب صدر، گوپي رام رکياڻي کي سيڪريٽري، شيخ عبدالله ”عبد“ کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪشنچند ناگراڻي کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، هن سوسائٽي سنڌي ادب ۾ تنقيد ۽ شاعريءَ ۾ موضاعتي شاعريءَ کي فراغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

    5 جنوري 1932ع

    بمبئي سرڪار پنهنجي حڪم نامي ذريعي سنڌ ۽ هند ۾ قائم ٿيل ڪانگريس ڪاميٽيون ۽ انهن جون ذيلي تنظيمون بندش هيٺ آنديون، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جن تنظيمن تي بندش پئي اهي هيون: ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪاميٽي (لاڙڪاڻو)، سٽي ڪانگريس ڪاميٽي (لاڙڪاڻو)، ڪانگريس ڪاميٽي (قمبر)، نوجوان ڀارت سڀا (لاڙڪاڻو) ۽ بائڪاٽ ڪاميٽي (لاڙڪاڻو).

    13 جنوري 1932ع

    سياست جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بمبئي سرڪار ٻه حڪم ناما جاري ڪري ضلعي لاڙڪاڻي جي هنن فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽن کي اسپيشل مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا: مسٽر گرين، چئنراءِ ڪشنچند، جي  جي ڊريو، گرڏنومل بخت راءِ، گوبند رام جهمٽمل ۽ آغا عبدالنبي.

    انهن کي سمري ڪورٽ جا اختيار ڏنا ويا، جن ٻين کي سمري ڪورٽ جا اختيار ڏنا ويا اهي هئا: شاهه محمد، جي واءِ مرزا، ڪشنچند ڪندنداسي، حسن علي سومرو ۽ منگهاسنگ گلاب سنگ.

    26 جنوري 1932ع

    ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ جي سهاري هيٺ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي هال ۾ مشاعرو منعقد ٿيو، هن مشاعري جي صدارت مير ايوب خان ڪئي ۽ مشاعري جو عنوان هو ”حب وطن“

    26 جنوري 1932ع

    حاجي مهمود ”خادم“ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج هال ۾ مشاعرو ٿيو، هن مشاعري جي صدارت مير ايوب خان ڪئي ۽ ان لاءِ عنوان هيو .حب وطن“

    لاڙڪاڻي واسي شاعرن مان به ڪيترن هن مشاعري لاءِ پنهنجا شعر تخليق ڪيا.

    31 جنوري 1932ع

    سنڌ ۾ ڪانگريس حڪومت خلاف سول نافرمانيءَ واري تحريڪ جو آغاز ٿيو، جيڪا 9 مئي 1933ع کان 1 آگسٽ 1933ع جي وقفي سان 7 اپريل 1934ع تائين هلي.

    12 فيبروري 1932ع

    گورنر ان ڪائونسل، انڊين ڪرمنل لا امينڊمينٽ ائڪٽ آف 1908 هيٺ حيدرآباد ضلعي جي ڪانگريسي ڪاميٽيءَ ۽ ان جي ذيلي شاخن کي غير قانوني ٺهرايو.

    17 فيبروري 1932ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بينڪ جي ڊائريڪٽرز ۽ ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي.

    4 مارچ 1932ع

    سموري سنڌ ۾ جتي جتي ڪانگريس پارٽيءَ جو شاخون هيون، اتي ”مهاتما گانڌي جي گرفتاريءَ جو ڏينهن“ ملهايو ويو، ڪانگريس وقت جي سرڪار جي انهيءَ قدم جي مذمت ڪئي ۽ گانڌي جي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

    12 مارچ 1932ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ سر شاهنواز ڀٽي، راءِ بهادر ڪالي جي موشن تي ڳالهائيندي ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي ته گول ميز ڪانفرنس جي سب ڪاميٽين جي ڪم کي بهتر بنائن ۽ سڌارن کي يقيني بنائڻ لاءِ گورنر جي مختلف پارٽين جي اڳواڻن جي ڪانفرنس سڏائي، ڀٽي وڌيڪ چيو ته هن موشن جي نه ته ضرورت آهي ۽ نه وري ڪا اهميت آهي، ڇو ته منجهائيندڙ حالتون سرڪار نه پر ڪانگريس پيدا ڪيون آهن.

    21 مارچ 1932ع

     لاهور ۾ علامه اقبال جي صدارت ۾ ”آل انڊيا مسلم ڪانفرگس“ ٿي، جنهن ۾ سنڌ مان حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد به شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن وڏو گوڙ ڪيو، شيخ عبدالمجيد اسٽيج سنڀالي مائيڪ تي ماڻهن کي صبر ڪرڻ لاءِ چيو، ان تي ماڻهن مان آواز اٿيو ته ”سنڌيءَ کي ٻڌو، سنڌيءَ کي ٻڌو“، ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد جي نالي پٺياڻ ڄاڻ طور ”سنڌي“ لفظ جو اضافو ٿيو.

    اپريل 1932ع

    مولوي عبدالله بنگلديرائي وفات ڪئي، هن ديني علم چاليهه ورهيه بنگل ديري ۾ مدرسو هلايو، پاڻ ناميارو طيب به هئو، هن ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي پليٽ فارم تان سياسي خدمتون به سرانجام ڏنيون.

    5 اپريل 1932ع

    سنڌ جي جدائي لاءِ مالي ڪميٽيءَ ڪراچيءَ ۾ اچي جاچ ڪئي.

    10 اپريل 1932ع

    پير علي محمد شاهه ۽ پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”بزم مشاعره“ سکر طرفان سکر ۾ طرحي مشاعرو ٿيو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”دل ۾ هزارين درد اٿم چشم تر نه ٿي“

    هن مشاعري لاءِ لاڙڪاڻي واسي شاعرن مان به ڪيترن پنهنجا شعر تخليق ڪيا.

    10 اپريل 1932ع

    راشدي برادران طرفان قائم ڪيل ”بزم مشاعري“ سکر جي سهاري هيٺ هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي:

    ”دل ۾ هزارين در اٿن چشم تر نه ٿي“

    11 اپريل 1932ع

    ضلعي حيدرآباد خلافت ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ايندڙ سال لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي، هن گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي ۽ چونڊيل عهديدارن جو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي ”خلافت ڪاميٽي“ واري حصي ۾ موجود آهي.

    16 اپريل 1932ع

    شڪارپور جي ڄيٺمل پرسرام جي صدارت هيٺ سنڌ ساهت سميلن (سنڌ ادبي ڪانفرنس) ٿيو، هن ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مرزا غلام مصطفيٰ ۽ سيڪريٽري آغا صوفي هئا.

    موقعي تي طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”تنهنجو عارض مہ تابان، تنهنجو رخ نير انور

    هن سهيلن ۽ مشاعري ۾ لاڙڪاڻي مان ميان غلام عباس ”جوش“، جان محمد صوفي ”گلشن“، ڪشنچند ”بيوس“ رام پنجواڻي، يار محمد صديقي ”مشتاق“، واحد بخش ”عاشق“، عبدالوهاب ”ناظم“ ۽ حاجي محمود ”خادم“ شرڪت ڪئي.

    18 اپريل 1932ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس ذريعي سنڌي عوام ۽ خاص طور تي سنڌي مسلمانن کي سنڌ بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري ڳالهه تي هم راءِ ۽ هم خيال ٿيڻ لاءِ زور ڀريو ويو.

    18 اپريل 1932ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ خانبهادر کهڙي ۽ لاڙڪاڻي جي ٻين مکيه سياسي اڳواڻن ڀرپور حصو ورتو.

    18 اپريل 1932ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ ڪانفرنس ٿي.

    18 اپريل 1932ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون، ميران محمد شاهه، مير محمد بلوچ، جي ايم سيد کان سواءِ لاڙڪاڻي واسي محمد ايوب کهڙي به شرڪت ڪئي، هيءَ ڪانفرنس سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ جو حصو هئي.

    23 اپريل 1932ع

    انڊيا گورنمينٽ جي مالي سيڪريٽري مسٽر برين جي چيئرميني ۾ ”سنڌ سييريشن ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ مسلمانن، هندن، پارسين ۽ ڪرستانن جي نمائندن ميمبر طور شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي واسين مان لالچند نولراءِ، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ سر شاهنواز ڀٽي به ميمبر طور ڪانفرنس جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس جي آخري گڏجاڻي 17 مئي 1932ع تي ٿي، ”سنڌ سيپريشن ڪانفرنس“ جي سموري رپورٽ ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

    25 اپريل 1932ع

    سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري مسئلي تي قائم ڪيل سرڪاري ”برئن ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي ٿي، انهيءَ حوالي سان سرڪار جيڪي به ڪاميٽيون ٺاهيون، انهن جون رپورٽون ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو، هن ڪاميٽيءَ جي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آهي.

    25 اپريل 1932ع

    برطانيه جي وزيراعظم جي خواهش تي هند سرڪار ”سنڌ ڪانفرنس“ جوڙي ته جيئن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري مسئلي تي غور ويچار ڪري، ڪانفرنس جو اجلاس هن تاريخ کان شروع ٿيو ۽ ان جي آخري گڏجاڻي 17 مئي 1932ع تي ٿي، هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمانن، ڪرستانن ۽ هندو اڳواڻن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي واسين مان سرشاهنواز ڀٽو ۽ محمد ايوب کهڙو به ميمبر طور شريڪ ٿيا، سنڌ ڪانفرنس جو اڳواڻ برين هئو، مسلمان اڳواڻن ڀرپور نموني سنڌ جي جدائي جو ڪيس پيش ڪيو.

    12 مئي 1932ع

    ٻالڪرش ڊي ڪمل، مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي ”سرتاج“ جي تخلص سان شاعر مشهور ٿيو ۽ ان کان سواءِ چترڪاريءَ ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريائين، هي صاحب 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي جئپور ۾ آباد ٿيو.

    13 مئي 1932ع

    گورنر ان ڪائونسل ”انڊين ڪرمنل لا امينڊمينٽ ائڪٽ (1908 جوXIV)“ هيٺ ڪراچي ۽ نواب شاهه ۽ ٻين ضلعن جي ڪانگريس ڪاميٽين ۽ انهن جي ذيلي شاخن کي غير قانوني قرار ڏنو.

    21 ۽ 22 مئي 1932ع

    خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ ”پنجيب سنڌ اسڪول بورڊ ايسوسئيشن“ جي ڪانفرنس ٿي.

    23 مئي 1932ع

    ملير جي فرسٽ ڪلاس جاگيردار سردار ڄام بجار خان جي صدارت هيٺ حاجي پير بخش بلوچ جي باغ ۾ 600 ماڻهن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”ملير زميندارس ايسوسئيشن اينڊ بس سروس“ ٺاهي وئي، موٽر بس ڪمپني ٺاهڻ لاءِ پنجاهه هزار جي موڙي تجويز ڪئي وئي ۽ ڏهن روپين جو شيئر مقرر ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ماڻهو وڌ ۾ وڌ ڏهه شيئر خريد ڪري سگهي ٿو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 12 موٽر بسون خريد ڪري سرڪاري منظوري کان پوءِ مکيه رستن تي هلايون وڃن، انهيءَ موقعي تي جيتوڻيڪ 300 ميمبر ڪيا ويا، پر پوءِ به اهو فيصلو ڪيو ويو ته موٽر بس خريد ڪرڻ لاءِ زميندار رقم ڏئي، جيڪا موڙي گڏ ڪرڻ کان پوءِ کيس واپس ڪئي ويندي.

    23 مئي 1932ع

    ملير ڪراچي ۾ حاجي پير محمد بلوچ جي باغ ۾ لڳ ڀڳ ڇهه سئو ماڻهن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سردار ڄام بجار خان ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”ملير زميندار ايسوسئيشن“ جو بنياد رکيو ويو ۽ ان لاءِ سردار ڄام بجار خان کي صدر، وڏيري يار محمد کي نائب صدر، ايم اي خان کي جنرل سيڪريٽري حاجي پير محمد بلوچ کي خزانچي ۽ ملان محمد يعقوب هوٽل والا کي نائب خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    هن گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملير کان ڪراچيءَ تائين هلائڻ لاءِ ٻارنهن موٽر بسون خريد ڪيون وينديون، ان لاءِ ميمبر پنجاهه هزار روپيا گڏ ڪري ڪمپني ٺاهيندا، انهيءَ ڪمپنيءَ جي هڪ حصي جي قيمت ڏهه روپيا هوندي، بسون خريد ڪري واسطيدار عملدارن کان روٽ پرمٽ ۽ اجازت ورتي ويندي.

    24 مئي 1932ع

    سنڌ جي ڪمشنر آر اي گبسن پريس نوٽ جاري ڪري ڪراچيءَ جي مکيه رستن تي خانگي موٽر بس سروس هلائڻ جي اجازت ڏني، انهيءَ سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ، ايس پي، ڪراچي ميونسپالٽي جي نمائندي، ڪراچي ڇانوڻيءَ جي ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بس مالڪن جي ٻين نمائندن تي ٻڌل ٽريفڪ ايڊوائيزري ڪاميٽي جوڙي ته جيئن شروع ٿيندر موٽر بس سروس لا3 قاعدا قانون تجويز ڪن.

    25 مئي 1932ع

    ڪرشن سندرداس وڇاڻي (ڪرشن راهي) لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي بمبئي ۾ آباد ٿيو، سندس شمار مشهور ليکڪن ۽ مشاعرن ۾ ٿئي ٿو، هن جي لکيل ڪتابن مان ”لڙڪ ۽ مرڪ (ڪهاڻيون)“ ۽ ”ڪماچ“ (شعر) ذڪر لائق آهن.

    1 جون 1932ع

    مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرآباد مان ”طيرا ابابيل“ نالي هڪ هفتيوار رسالو ڪڍيو، جيڪو فيبروري 1934ع تائين نڪرندو رهيو، هن رسالي تنهن وقت جي سياسي سماجي ۽ مذهبي تنگ دليءَ واري دور ۾ مسلمانن جي جذبن ۽ امنگن جي ترجماني ڪئي.

    18 کان 21 جون 1932ع

    ڀٽ شاهه جو سرڪاري طور تي ميلو ٿيو، جنهن موقعي تي زرعي نمائش، سوديشي بازار، سنڌ هندي نمائش، ڪو آپريٽو ڪانفرنس، راڳ جي ڪانفرنس، ادبي مجلس، زميندارن جي ڪانفرنس ۽ صوفي روح رهاڻ ٿي.

    18 کان 22 جون 1932ع

    لاکيڻي لطيف جو ميلو لڳو، جتي سنڌ جي ڪلچر ۽ زندگيءَ تي صوفي متي جو اثر جي عنوان سان ادبي ڪانفرنس به ٿي، جنهن ۾ جي ايم سيد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، لعل چند، امر ڏني مل، سنگهارام ٽهلراماڻي، صوفي عبدالستار جهرڪ واري، صوفي روشن الدين ڍوري ناري واري ۽ نواب غلام حيدر تاجپوري وغيره شرڪت ڪئي. ميلي جي موقعي تي زرعي، سوديشي ۽ مڪاني هنرن جي نمائش کان سواءِ ڪوآپريٽو ۽ زمينداري ڪانفرنسون ٿيون.

    19 جون 1932ع

    سموري سنڌ ۾ ”سنڌ ازاد ڏينهن“ ملهايو ويو، جتي ڪئي گڏجاڻيون ٿيون، جلوس ڪڍيا ويا، ٺهراءَ بحال ڪيا ويا ۽ سنڌ جي عليحدگي بابت دعائون گهريون ويون، لاڙڪاڻي ضلعي پڻ هن ڏينهن ملهائڻ ۾ پٺتي نه رهيو

    19 جون 1932ع

    سموري سنڌ ۾ سنڌ جي عليحدگي جو ڏينهن ملهايو ويو، عام هڙتال رهي، جتي ڪٿي جلسا ٿيا.

    26 جون 1932ع

    لاڙڪاڻي ۾ ميان علي محمد قادريءَ جي اوطاق تي مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت مدرسٿ ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي تڏهوڪي پرنسپال عبدالرزاق ”رفعت“ ڪئي، مصرع هئي:

    ”نگاهه قيس کي پرواهه ڇا ليليٰ جي محمل جي“

    ميزبان ۽ مهمان کان سواءِ جن ٻين شاعرن هن مشاعري ۾ شرڪت ڪئي، اهي هئا، ميان غلام سرور ”فقير“، نواز علي ”نياز“. محمد بخس ”واصف“، حاجي محمود ”خادم،، حڪيم لعل چند ”مجروح“، ”جوش“ قادري، ممتاز علي ”ممتاز“، حافظ عبدالله وڳڻ ”حافظ“، واحد بخش ”عاشق“، رامچند ”رام“، ماستر حبيب الله ”آزاد“ ۽ مولوي محمد عظيم”شيدا“.

    30 جون 1932ع

    ڪراچيءَ ۾ مکيه مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن 5 جولاءِ 1932ع تائين کهڙو صاحب سنڌ محمدن ايسوسئيشن جي نمائندي جي حيثيت سان ولايت نه وڃي ته پوءِ ميران محمد شاهه کي وڃڻ گهرجي.

    بقول ميران محمد شاهه جي، کهڙي مرحوم کي ضلع لاڙڪاڻي جي اسڪول بورڊ جي چيئرمين ٿيڻ جو خيال هو ۽ سندس مخالفت ۾ امير علي لاهوريءَ جو پٽ به اميدوار هو.

    30 جون 1932ع

    گورنر جنرل ملڪ سان آرڊيننس نمبر 10 سال 1932ع لاڳو ڪيو، جنهن مطابق سرڪار ۽ عملدارن کي وڌيڪ اختيار ملي ويا، انهيءَ آرڊيننس جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آهي، اهو آرڊيننس ضلعي لاڙڪاڻي سان پڻ لاڳو ٿيو، هن کان اڳ 1 جنوري 1932ع تي ساڳي قسم جو آرڊيننس نمبر 2 سال 1932ع جاري ڪيو ويو هئو.

    30 جون 1932ع

    لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽي داد ڀائي نوريجي جي ورسي ملهائڻ لاءِ عوامي ميڙاڪو سڏايو، جنهن جي صدارت هيڍ سندرداس  ولڀداس ڪئي.

    20 جولاءِ 1932ع

    سنڌ آزاد جماعت پاران محمد ايوب کهڙي برطانيه جي گڏيل پارلياماني ڪاميٽيءَ اڳيان پيش ٿي، ان جي ميمبرن ۾ ياداشت نامو ورهايو، ان ياداشت نامي ۾ دليل ڏئي ثابت ڪيو ويو هئو ٿه سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ بمبئي سان گڏ رکي نه ٿو سگهجي.

    20 جولاءِ 1932ع

    سنڌ آزاد جماعت پاران محمد ايوب کهڙي برطانيه ۾ گڏيل پارلياماني ڪاميٽي اڳيان پيش ٿي، ميمبرن ۾ ياداشت نامو ورهايو، ان ياداشت نامي ۾ دليل ڏئي ثابت ڪيو ويو هو ته سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ بمبئي سان گڏ نه ٿو رکي سگهجي.

    15 آگسٽ 1932ع

    تيج موٽو مل ڀاڳچنداڻي دادو ۾ ڄائو، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڇي گانڌيڌام ڪچ ۾ ويٺو ۽ اتي علم ادب جي ميدان ۾ پاڻ موکيائين.

    16 سيپٽمبر 1932ع

    سنڌ جي مسلمانن ”سنڌ جي جدائي جو ڏينهن، ملهايو، هنڌين، ماڳين ميڙاڪا ٿيا ۽ جلوس ڪڍيا، هر ڪنهن ميڙ ۾ سنڌ جي جدائي جي حق ۾ تقريرون ڪيون ويون ۽ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ضلعي ۽ واسين به انهيءَ ڏينهن کي وڏي جوش جذبي سان ملهايو.

    16 سيپٽمبر 1932ع

    سموري سنڌ ۾ ”سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ“ لاءِ ڏينهن ملهايو ويو، تحريڪ جي حامين هنڌين ماڳين ميڙاڪا ۽ اجلاس ڪيا ۽ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جو وچن نڀايو.

    8 آڪٽوبر 1932ع

    جيوت هيرانند چاولا، راڻيڇپور ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي بعد کيس پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي وڃي بمبئي وسائڻي پئي، هن اتي ئي علم ادب جي دنيا ۾ مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو.

    19 نومبر 1932ع

    لاڙڪاڻي ۾ انڊين ريڊ ڪراس سوسائٽي جي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مس حامد اي علي ميٽرنٽي هوم لاڙڪاڻي کي دسٽرڪٽ لوڪل بورد طرفان 6 سئو رپيا سالياني امداد ڏيڻ تي بورڊ جو ٿورو مڃيو ويو ۽ بورد کي گذارش ڪئي ته لاڙڪاڻي انڊين ريڊ ڪراس سوسائٽي جي مينيجنگ ڪاميٽي تي بورڊ پنهنجو نمائندو نامزد ڪري، لاڙڪاڻي بورڊ پوءِ پنهنجي ميمبر عبدالحق ڀٽي کي نامزد ڪيو هو.

    21 نومبر 1932ع

    خانبهادر محمد ايوب کهڙي لاڙڪاڻي مان علامه اقبال کي خط لکي سندس ٿورو مڃيو ته هن گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ جي جدائي واري مسئلي تي ذاتي دلچسپي ڏيکاري، کهڙي، علامه اقبال ڏي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ڪاروائي ۽ ان ۾ پاس ڪيل ٺهرائن جي ڪاپي به ڏياري موڪلي ته جيئن علامه اقبال سنڌي مسلمانن جي انهيءَ جدوجهد کان ڀلي پت باخبر رهي.

    28 نومبر 1932ع

    لاڙڪاڻي جي مشهور شاعر ۽ ادبي خاندان قادري جي شخصيت غلام سرور ”فقير“ جي وفات ٿي، سندس ولادت 1886ع ۾ ٿي، هن پنهنجي ڄمار ۾ علمي، ادبي ۽ تعليمي شعبن ۾ وڏو نالو ڪمايو.

    15 ڊسمبر 1932ع

    حيدرآباد ۾ ”ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي ته جيئن سنڌي عوام کي تحريڪ ۾ شامل ڪري سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبائي خودمختياري وٺي ڏجي، هن ڪانفرنس جا تفصيل جي ايم سيد جي ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي“ ۾ موجود آهن.

    16 ڊسمبر 1932ع

    سموريءَ سنڌ ۾ ”سنڌ آزاد ڏينهن“ ملهايو ويو، هنڌين ماڳين جلسا ڪيا ويا ۽ سنڌ جي جدائي بابت ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    19 ڊسمبر 1932ع

    حاجي محمود خادم جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ڪراچي اڪيڊمي هال ۾ سيٺ غلام علي چاڳلا جي صدارت هيٺ ”قادر جي قدرت“ جي عنوان تي مشاعرو ٿيو، جنهن لاڙڪاڻي واسي شاعرن پڻ قلمي طور تي حصو ورتو.

  • 1931

    1 جنوري 1931ع

    سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ آل انديا ڪانگريس ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ نئين ورڪنگ ڪامٽي جوڙي وئي، جون جي اڌ تائين چونڊون مڪمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پارٽي چونڊن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ تنازعن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي.

    5 جنوري 1931ع

    سرڪار طرفان ڪانگريس ۽ ان جي ذيلي شاخن کي غير قانوني قرار ڏيڻ بعد ڪراچيءَ ۾ ساري رات گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا ويا ۽ پارٽي جون سموريون آفيسون سيل ڪيون ويون.

    5 جنوري 1931ع

    هند سرڪار خاص پڌرنامو ڪڍي ڪانگريس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ٻين تنظيمن تي بندش وڌي، سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪانگريسي اڳواڻن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو.

    7 جنوري 1931ع

    پوليس ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين ذيلي شاخن تي ڇاپا هنيان.

    7 ۽ 8 جنوري 1931ع

    جيڪب آباد ۾ الله بخش سومري جي ڪوششن سان سنڌ جي لوڪل بورڊن جي پريزيڊنٽن ۽ سياستدانن جي ڪانفرنس ٿي.

    9 جنوري 1931ع

    خانبهادر الله بخش سومري جي ڪوششن سان حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ جيڪب آباد ۾ سنڌي مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ڪيترن مسلمانن سنڌي ميمبرن، زميندار ۽ عوامي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي ڪاروائي ۽ ان ۾ پاس ٿيل ٺهرائن جو متن ”گل حيات“ ۾ موجود آهي، هن ڪانفرنس ۾ لاڙڪاڻي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جن مان احمد خان ڀٽو، واحد بخش خان ڀٽو جا نالا ذڪر لائق آهن.

    11 جنوري 1931ع

    رام باغ ڪراچيءَ ۾ ڪانگريسي جلسي تي پوليس لٺيون وهايون، جنهن جي نتيجي ۾ ڏيڍ سئو ماڻهو زخمي ٿيا ۽ انهن مان پنجاهه سخت زخمي ٿيا، پوليس ڇٽيهه ڪانگريسين کي گرفتار ڪيو، جن مان ويهه عورتون هيون.

    12 جنوري 1931ع

    انڊين رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي سنڌ بابت سب ڪاميٽي نمبر نائن جي گڏجاڻي ٿي، ارل رسل جي صدارت ۾ 19 ميمبرن شرڪت ڪئي، جن مان چار (سر آغا خان، محمد علي جناح، شاهنواز ڀٽو ۽ غلام حسين هدايت الله) سنڌي هئا،

    سب ڪاميٽيءَ جي ٻي گڏجاڻي 13 جنوريءَ تي ۽ ٽي گڏجاڻي 16 جنوري تي ٿي ۽ اها راءِ قائم ڪئي ته سنڌ جي جدائي کي اصولي طور قبول ڪيو وڃي ٿو پر اهو به تجويز ڪجي ٿو ته مالي امور تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ هندستان ۾ ماهرن جي گڏجاڻي ٿيڻ گهرجي.

    16 جنوري 1931ع

    بٺي تعلقي ميروخان جي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان مولانا محمد علي ”جوهر“ جي وفات تي هڪ تعزياتي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ تقرير ڪندڙن مولانا محمد علي جي سواع ۽ خدمتن تي روشني وڌي ۽ آخر ۾ تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

    16 جنوري 1931ع

    علي خان قمبر ۾ مولانا مير محمد نورنگي، مولانا عبدالڪريم سيالوي، مولوي محمد سليمان ”واعظ“ ۽ مولوي غلام صديق ۽ ٻين عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”انجمن اصلاح المسلمين“ قمبر جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن ۾ مولانا نورنگي کي صدر، مولانا محمد عظيم ”شيدا“ کي نائب صدر، مولوي غلام صديق کي ناظم ۽ حاجي فتح محمد کي نائب ناظم مقرر ڪيو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ اهو تجويز ڪيو ويو ته ڪائونسلر مسلمانن لاءِ ”شيخ الاسلام“ منتخب ڪن.

    19 جنوري 1931ع

    لنڊن ۾ ”گول ميز ڪانفرنس“ پوري ٿي ،اها 12 نومبر 1930ع کان شروع ٿي هئي، سنڌ مان سرشاهنواز ڀٽي ۽ سر غلام حسين هدايت الله ان ۾ شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ هندستان کي آئيني سڌارن ڏيڻ واري مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو.

    29 کان 31 جنوري 1931ع

    الوحيد جي انهن پرچن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي حق ۾ قسطوار مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ هن نه رڳو بمبئي سان سنڌ جي الحاق جا نقصان ٻڌايا پر اهو به تجويز ڪيو ته جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي وڃي ته پوءِ مسلمانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

    31 جنوري 1931ع

    بچارام ليلارام ليڏواڻي سکر ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ ”بني رام سنڌو“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ورهاڱي کان پوءِ هي صاحب لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو.

    1 فيبروري 1931ع

    ڇٽن شاهه، سڪرنڊ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مووي شفيع شاهه کي صدر، مولوي محمد پريل کي سيڪريٽري ۽ ميان محمد حسن کي خزانچي مقرر ڪيوويو.

    2 فيبروري 1931ع

    شيخ عبدالمجيد جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي مير محمد بلوچ کي صدر، محمد رمضان صديق کي سيڪريٽري ۽ حاجي علي محمد آخوند کي خزانچي چونڊيو ويو.

    6 فيبروري 1931ع

    مولوي غلام محمد کي صدارت هيٺ جهمپير ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي عبدالغفور قاضي کي صدر، محمد عالم درزي کي سيڪريٽري ۽ غلام محمد جکري کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    7 فيبروري 1931ع

    نواب شاهه ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وي جنهن لاءِ آخوند عبدالواحد کي صدر، رئيس غلام صديق خان کي نائب صدر ۽ عبدالخالق کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، ان کان سواءِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي، جنهن ۾ محمد عثمان، ميان الله ڏني، آخوند عبدالواحد ۽ عبدالخالق کي ميمبر طور کنيو ويو.

    10 فيبروري 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي خلافتي ليڊرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ مير محمد بلوچ کي صدر ،مير الله بخش کي نائب صدر، شيخ عبدالمجيد سنڌي کي سيڪريٽري، مولوي محمد عثمان کي خزانچي ۽ مولانا دين محمد وفائي کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي لاڙڪاڻي مان قاضي فضل الله کي کنيو ويو، گڏجاڻيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ ۽ موتي لعل جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس سڏائي ويندي، ان کان سواءِ خلافت ڪاميٽيءَ کي فعال بڻايو ويندو، هن گڏجاڻيءَ جو تفصيلي احوال ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

    11 فيبروري 1931ع

    داد مهيسر ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد جمن شاهه کي صدر مولوي حاجي عبدالقادر کي نائب صدر، در محمد کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ صدر کي گذارش ڪئي وئي ته هو خزانچي جو عهدو به قبول ڪري.

    12 فيبروري 1931ع

    بٺوري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مولوي محمد يوسف کي صدر، سيٺ محمد عثمان کي سيڪريٽري ۽ سيٺ محمد هاشم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    12 فيبروري 1931ع

    جيڪب آباد ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ خلافتي مولوي حاجي رحيم بخش کي صدر، شمس الدين کي سيڪريٽري ۽ عبدالرحمان کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    13 فيبروري 1931ع

    چڪ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ خانصاحب مير محمد پٺاڻ کي صدر، پير بخش خان کي نائب صدر، ابو شوڪت حمزي کي سيڪريٽري ۽ الله ڏني خان کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    13 فيبروري 1931ع

    فقير آباد، ديهه 22 نصرت، ٿرپارڪر ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد جمال شاهه کي صدر، مولوي محمد موسيٰ کي نائب صدر، سيد قبول محمد کي سيڪريٽري ۽ سيد حسن شاهه کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    15 فيبروري 1931ع

    عودي، تعلقي ٺل ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ عبدالرحمان سرڪيءَ کي صدر ۽ مولوي عبدالڪريم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    15 فيبروري 1931ع

    ڳوٺ مولوي عبدالله لغاري ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ قائم ڪئي وئي ۽ ان لاءِ مولوي محمد حسن لغاري کي صدر، سليمان خان کي سيڪريٽري ۽ غازي خان کي خزانچي چونڊيو ويو.

    15 فيبروري 1931ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌي بمبئي روانو ٿي ويو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن تي ”الوحيد“ جي پرچي ۾ سندس خط شايع ٿيو، هن خط ۾ شيخ مرحوم سنڌي مسلمانن کي ”آزاد سنڌ جماعت“ جي شاخن کولڻ لاءِ اپيل ڪئي.

    17 فيبروري 1931ع

    ڳوٺ سيال نزد دادو ۾ ڳوٺانن جو ميڙاڪو ٿيو،جنهن ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي ميان محمد حسن کي صدر، سرائي ميان محمد حسن کي نائب صدر، مولوي محمد صالح عباسيءَ کي سيڪريٽري ۽ قاضي ميان حاجي احمد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    18 فيبروري 1931ع

    تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي جنهن جا باني عهديدار هن ريت چونڊيا ويا. مولوي خير محمد (صدر)، حامد خان (سيڪريٽري) ۽ حسين خان (خزانچي)

    19 فيبروري 1931ع

    شڪارپور ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ حاجي مولابخش سومري کي صدر، مولوي فضل الله حڪيم کي نائب صدر، مولوي عبدالڪريم چشتي کي سيڪريٽري ممتاز کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خير محمد ”فقير“ کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    19 فيبروري 1931ع

    سجاول (ضلعي ٺٽي) ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد پير محمد شاهه کي صدر، مولوي حاجي محمود کي خزانچي ۽ ملان ابوبڪر کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    20 فيبروري 1931ع

    حيدرآباد ۾ وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ پير غلام مجدد کي صدر ۽ عبدالجبار کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    20 فيبروري 1931ع

    تعلقي ڊگري جي ڳوٺ مولوي عبدالحي ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ مولوي هاجي عبدالحي کي صدر، الله ڏني ڀُٽي کي سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊيو ويو.

    20 فيبروري 1931ع

    عيدالفطر جي موقعي تي ماتليءَ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پارٽيءَ جي ماتلي شاخ لاءِ محمد خان نظاماڻي (صدر)، مولوي عطاءُ الله (سيڪريٽري) ۽ حاجي ڪريم بخش (خزانچي) کي عهديدار چونڊيو ويو.

    21 فيبروري 1931ع

    ڳوٺ الله آباد ڊکڻ، تعلقي دادو ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مولوي حاجي عبدالله کي صدر، رئيس عرض محمد کي نائب صدر، ميان غلام النبي کي سيڪريٽري ۽ ملان عبدالحامد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    20 مارچ 1931ع

    نيو هالا ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي پير محمد کي صدر، قاضي احمد علي کي سيڪريٽري، ميان محمد جمن کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميان حاجي غلام محمد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    26 مارچ 1931ع

    جواهر لعل نهرو جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ ”آل انڊيا اسٽوڊنٽس ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس جي ڪامياب ڪرڻ ۾ تيرٿ سڀاڻي، آئي جي مامتورا، ايڇ پي ميرچنداڻي، ايڇ جي بوٽاڻي، بي ٽي شاهاڻي، آر ايڇ واڌواڻي ۽ وي آءِ جڳتياڻي اهم ڪردار ادا ڪيو.

    27 مارچ 1931ع

    آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ڪراچيءَ جي هرچندراءِ نگر ۾ گڏجاڻي ٿي،جنهن جي صدارت جواهر لعل نهرو ئي، هن گڏجاڻي ۾ گذريل گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي منظور ڪئي وئي ۽ ان کان سواءِ جنرل سيڪريٽريءَ طرفان پيش ڪيل رپورت جو جائزو ورتو ويو.

    27 مارچ 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ سباش چندر بوس جي صدارت ۾ ”نوجوان ڀارت سڀا ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ هندستان جي چوٽيءَ جي ڪانگريسي اڳواڻن شرڪت ڪئي، آڌرڀاءُ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين سوامي گووندا ننڊ پنهنجي آجياڻي جي تقرير ۾ چيو ته ڀڳت سنگ کي ڦاسي ملڻ کان پوءِ هندستان جي نوجوانن لاءِ اهو ناممڪن آهي ته سرڪار سان سهڪار ڪن، هن انهيءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته هندستان ۾ سوشلزم جو نظام هجڻ گهرجي.

    29 مارچ 1931ع

    آل انڊيا ڪانگريس جو پنجيتاليهون ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو.

    29 کان 31 مارچ 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت هيٺ ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جو 45 ساليانو اجلاس ٿيو، هن اجلاس ۾ مهاتما گانڌي، خان عبدالغفار خان ۽ سباش چندر بوس شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي واسي به هن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙن مان هئا.

    1 اپريل 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ ”جمعيت العلماء هند“ جو ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چوٽيءَ جي هند سنڌ جي عالمن شرڪت ڪئي.

    26 اپريل 1931ع

    سکر مان هفتيوارن ”مزدور“ جو اجراءُ ٿيو، ”محموديه پريس“ مان شايع ٿيندر هن اخبار جا حافظ عبدالمجيد ڀٽي ۽ ابوشوڪت حمزو ايڊيٽر ٿي رهيا، اخبار ۾ مزدورن جي حقن جي ترجماني ڪئي ويندي هئي ۽ ان کان علاوه ڪٽرپڻي ۾ ايمان  رکندڙ هندن جي مخالفت به ڪندي هئي، هيءَ اخبار 1932ع ۾ بند ٿي وئي.

    15 مئي 1931ع

    بدين ۾ ڏکڻ سنڌ جي مشهور ديني عالمن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ جمعيت العلماٰءِ سنڌ جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي غلام علي کي صدر، مولوي عبدالوهاب کي نائب صدر، مولوي احمد ملاح کي سيڪريٽري ۽ منهاج حاجي عبدالله کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، هن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪن عالمن جانالا هن ريت آهن: مولوي قاضي غلام محمد، حاجي مولوي عطاالله، مولوي تاج محمد، مولوي محمد هاشم، مولوي امام الدين، مولوي عبدالڪريم، حافظ الله ڏنو، مولوي عبدالڪريم، مولوي مير محمد ۽ مولوي عبدالوهاب.

    28 مئي 1931ع

    مسلم ليگي اڳواڻ مولوي سر محمد يعقوب، مراد آباد مان پير علي محمد شاهه راشديءَ کي خط لکيو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ۽ فعال بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، پيرعلي محمد شاهه راشدي ان وقت سنڌ محمدن ايسوسئيشن جو سيڪريٽري هو، راشدي 8 جون تي کيس موٽ ڏني ته هو سنڌ ۾ مسلم ليگ کي فعال بنائڻ جي ڪوسش ڪندو پر ان لاءِ ڏانهن ”پراونشل مسلم ليگ“ جي قاعدن قانونن جي ڪاپي ڏياري موڪلي، راشدي کيس اهو به ذهن نشين ڪرايو ته سنڌ ۾ پرخلوص ۽ بي لوث ورڪرن جي ڪمي آهي ان ڪري هن کي ڪم ڪرڻ ۾ ٺاهوڪي دشواري ڏسڻي پوندي.

    1 جون 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ سباش چندر بوسي جي صدارت هيٺ ”سياسي مظلومن جي ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ هندستان جي سياسي قيدين جي واهر لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان کان علواه سياسي قيدين جي همت افزائي ۽ سياسي شهيدن جي وارثن سان همدرديءَ وارا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، پنڊت موتي لعل ۽ مولانا محمد علي جوهر جي وفات تي پڻ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    5 جون 1931ع

    مراد آباد ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي سيد صدر الدين کي صدر 7 مولوي عبدالحليم کي نائب صدر چونڊيو ويو.

    28 آگسٽ 1931ع

    انيتا ڪمل ڪيولراماڻي ”پياسي“، لورالائي بلوچستان ۾ ڄائي، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بروچ ۾ رهي، هن آزاد شاعريءَ ۽ مضمون نگاري کي موضوع بڻائي قلم کنيو، سندس ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

    3 سيپٽمبر 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ مکيه مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي جدائي جي مسئلي تي روشني وجهڻ لاءِ (گول ميزڪانفرنس ۾) الله بخش سومرو، محمد ايوب کهڙو، شيخ صاحب ۽ ميران محمد شاهه ولايت وڃن ۽ خرچ سڀ ڪو پاڻ ڀري.

    3 سيپٽمبر 1931ع

    سنڌ فنانس ڪاميٽيءَ اڳيان ميران محمد شاهه، الله بخس سومري ۽ محمد ايوب کهڙو شاهدي ڏني.

    7 سيپٽمبر 1931ع

    لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس جي ”فيڊرل اسٽرڪچر ڪاميٽيءَ“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”سائمن ڪميشن رپورٽ“، ”نهرو رپورٽ“ ۽ هندستان جي صوبائي خواهه مرڪزي حڪومتن جي رپورٽن تي غور ويچار ڪيو ويو.

    9 سيپٽمبر 1931ع

    لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور خلافتي اڳواڻ امام الدين شاهه راشدي وفات ڪري ويو.

    9 آڪٽوبر 1931ع

     بمبئي ڪائونسل جو اجلاس هلي پورو ٿيو.

    8 نومبر 1931ع

    پير علي محمد شاهه راشديءَ جي سيڪريٽري شپ ۾ سکر ۾ قائم ڪيل ”بزم مشاعره“ طرفان سکر ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح مصرع هئي ”ڇاڏيکاريئه چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي“

    هن مشاعري ۾ لاڙڪاڻي مان جن شاعرن شرڪت ڪئي اهي هئا : ميان علي محمد قادري، حاجي محمود ”خادم“ ۽ ”نياز“ ”سرور“ ”ضامن“، ”فقير“ ۽ ”جوش“ وغيره.

    8 نومبر 1931ع

    سکر ۾ آغا نظر علي، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي جي ڪوششن سان هڪ مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت سکر جي سٽي مئجسٽريٽ محمد اسحاق ڪئي، هن مشاعري جي مصرع هئي:

    ”ڇا ڏيکاريئه چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي“

    هن مشاعري ۾ حاجي محمود ”خادم“، ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور ”فقير“ وغيره شرڪت ڪئي.

    24 نومبر 1931ع

    حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جي پهرين سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سيد ميران محمد شاهه ڪئي، شرڪت ڪندڙن مان محمد هاشم ”مخلص“، محمد ابراهيم ”خليل“، محمد بخش ”واصف“، محمد صديق ميمڻ، محمد صديق ”مسافر“، ”خليق“ مورائي ۽ غلام مرتضيٰ جا نالا ذڪر لائق آهن.

    هن گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ماڻهن ۾ علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ هر مهيني جي آخري آچر تي مشاعرو ڪرايو وڃي.

    26 نومبر 1931ع

    ميهڙ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس“ سڏائي وئي، جنهن ۾ مسلمانن کي متحد ٿي پنهنجي مذهبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ جي تلقين ڪئي وئي.

    26 نومبر 1931ع

    سيٺ حاجي مير محمد بلوچ جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان خلافتي اڳواڻ اچي شريڪ ٿيا، لاڙڪاڻي مان جن شرڪت ڪئي، انهن مان مولانا فتح محمد جو نالو ذڪر لائق آهي، هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي هنڌين ماڳين سنڌ آزاد جماعتون ٺاهڻ، پنجاهه سيڪڙو ڍلون گهٽائڻ، پن چري معاف ڪرڻ، ورثي جو بل پاس نه ڪرڻ، هارين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، مظلوم ڪشميرين سان همدردي ڪرڻ ۽ غير مسلم پبلشر خواه پرنترس کي قرآن شريف نه ڇپرائڻ جي موضوعن ۽ مسئلن تي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    11 ڊسمبر 1931ع

    ضلعي جيڪب آباد جمعيت العلماءِ جي مولوي نبي بخش عوديءَ جي صدارت هيٺ ٺل ۾ گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ مولانا ابو محمد عبدالله ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي ملڪي حالتن تي تقريرون ڪيون، آخر ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، هڪ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان حيدر بخش جتوئي جي ڪتاب ”فرياد سنڌ“ تي پابندي هڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻئي ٺهراءُ مطابق گداگري تي بندش وجهڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

    12 ڊسمبر 1931ع

    ٺل ۾ ڪوٺايل جمعيت العلماءِ ضلعي جيڪب اباد جو ٻئي ڏينهن تي به ميڙاڪو جاري رهيو، ان ۾ فيصلو ڪيوويو ته هر مهيني جي پهرين جمعي تي مبلغن طرفان عوام ۾ مذهبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ تبليغ ڪئي ويندي، ان لاءِ هڪ تبليغي بورڊ پڻ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ مولوي نبي بخش عوديءَ کي صدر، مولوي محمد اسماعيل کي نائب صدر، مولوي در مهمد کي سيڪريٽري ۽ مولوي عبداللطيف کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

    13 ڊسمبر 1931ع

    ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ هاشم سومري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ محمد فضل سومري کي صدر، آخوند عبدالڪريم کي نائب صدر ۽ خالق ڏني سومري کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    13 ڊسمبر 1931ع

    ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ حيدرآباد جي سهاري هيٺ حيدرآباد ۾ هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي.

    ”سج چڙهي آيو مٿي، اٿ ننڊ مان بيدار ٿي“

    20 ڊسمبر 1931ع

    راشدي برادران طرفان قائم ڪيل ”بزم مشاعره“ سکر طرفان هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي.

    ”لذت درد جدا لذات آزار جدا“

    20 ڊسمبر 1931ع

    ”بزم مشاعره“ سکر طرفان سکر ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”لذت درد جدا لذت آزار جدا“

    هن مشاعري لاءِ ڪيترن لاڙڪاڻي واسي شاعرن به پنهنجا شعر جوڙيا، بزم راشدي ڀائرن (علي محمد شاهه ۽ پير حسام الدين شاهه) جي دم سان آباد هئي.

    25 ڊسمبر 1931ع

    لاڙڪاڻي ۾ ڀٽا برادري جي سردار، 1926ع ۾ زميندارن طرفان مرڪزي اسيمبليءَ جي ٿيندڙ ميمبر، 1930ع ۾ منتخب ٿيل بمبئي ڪائونسل جي ميمبر سردار واحد بخش ڀٽي ٽيٽيهن سالن جي ڄمار م وفات ڪئي.

  • 1930

     

    7 جنوري 1930ع

    ارجن داس ڪراچيءَ ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي شاعر جي حيثيت ۾ مشهور ٿيو، هي صاحب ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ ويٺو، اتي 1974ع تائين سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيا آهن.

    8 ۽ 9 جنوري 1930ع

    ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ سنڌ جي لوڪل سيلف گورنمينٽ باڊيز جو سيمينار ٿيو.

    10 جنوري 1930ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ ضلعي اندر ڪوآپريٽو تحريڪ کي زور وٺاڻ لاءِ درگاس آڏواڻيءَ جي صدارت ۾ ڪوآپريٽو ڪانفرنس ٿي.

    11 جنوري 1930ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچي ضلعي جي چوپائي مال جي بهتريءَ لاءِ ضلعي جي مالدارن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ انهيءَ مقصد لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وئي ۽ مير محمد بلوچ کي ان جو صدر چونڊيو ويو.

    25 جنوري 1930ع

    جيمس فاريس بروٽن (James Forrest Burton) انگلينڊ ۾ وفات ڪري ويو، هو ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ سنڌ پنجاب ريلويءَ جو چيف انجنيئر هو ۽ سندس نگرانيءَ ۾ ئي ريلوي جو ڪم ٿيو هو،

    هي پاڻ 1897ع کان 1912ع تائين ڪي ايم سي جو چيف انجينئر ٿي رهيو، ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ايسٽ انڊيا ٽرام وي ڪمپني لميٽيڊ جو مئنيجنگ ايجنٽ هو، هن کي 1911ع ۾ قيصر هند گولڊ ميڊل مليو، ڪراچيءَ ۾ وڪٽوريا روڊ کان ڪچهري روڊ ويندڙ رستو سندن نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي.

    26 جنوري 1930ع

    ڪانگريس جي سڏ تي سموري سنڌ جي انهن هنڌن تي ڪامياب هڙتال ٿي، جتي جتي هن پارٽيءَ جو اثر رسوخ هئو.

    26 جنوري 1930ع

    ڪانگريس طرفان سنڌ ۽ هند ۾ آزادي ڏهاڙو ملهايو ويو.

    12 فيبروري 1930ع

    جمعيت العلماءِ سنڌ جي ڪراچيءَ جي ضلعي شاخ جون چونڊون ٿيون، جن ۾ قاضي فتح علي شاهبنديءَ کي صدر ۽ مولوي فتح علي سجاوليءَ کي نائب صدر چونڊيو ويو، ان کان سواءِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ تي سجاول تعلقي مان مولوي قاضي محمد، ميرپور بٺورو تعلقي مان مولوي محمد عثمان، ٺٽي تعلقي مان مولوي محمد صاحب، گهوڙا ٻاري تعلقي مان مولوي محمد اشرف ۽ ٺٽيشهر مان مولوي محمد حسين کي ميمبر طور کنيو ويو.

    مارچ 1930ع

    حافظ مولوي عبدالرحمان جي دستاربنديءَ جي موقعي تي وڳڻ ۾ ديني عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جن مان مولانا خوش محمد ميروخاني، مولانا محمد عظيم ”شيدا“ ۽ مولانا محمد سليمان ”واعظ“ جا نالا ذڪر لائق آهن، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”جميعت علماءِ اسلام“ کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، هڪ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بئراج جي کوٽائي دوران مسجدن کي شهيد ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ٻئي ٺهراءُ ذريعي ”شارڌا ايڪٽ“ کي مسلمانن جي مذهبي روايتن ۽ مفادن جي خلاف قرار ڏيندي ان جي مخالفت ڪئي وئي.

    2 مارچ 1930ع

    لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ستياگره تحريڪ لاءِ والنٽيئرن جا نالا درج ڪيا ويا، ٿڏي تي مورسنگ، گومل ۽ منشيءَ پنهنجا نالا لکرايا.

    4 مارچ 1930ع

    ڪانگريس پارٽيءَ حڪومت خلاف عدم تعاون جي تحريڪ جو آغاز ڪيو، اها تحريڪ پورو هڪ سال ۽ هڪ ڏينهن هلي.

    15 مارچ 1930ع

    حافظ مولوي عبدالرحمان جي دستاربنديءَ جي موقعي تي وڳڻ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي سنڌ جمعيت علماءِ جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ اتر سنڌ جي ناميارن عالمن شرڪت ڪئي، هن ميڙاڪي ۾ ملڪي حالتن تي ڪيترن عالمن تقريرون ڪيون، جنهن بعد پنج ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، انهن ٺهرائن جا متن گل حيات جي ويب سائيٽ موجود آهن، انهن ٺهرائن ذريعي پارٽي کي وري ۽ وڌيڪ فعال بنائڻ، بئراج جي کوٽائي دوران مسجدن جي حرمت رکڻ ۽ شارڌا ائڪٽ جي مخالفت ڪرڻ اهم ٺهراءُ هئا.

    23 مارچ 1930ع

    ميهڙ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مسلمانن کي متحد ٿي فرنگي سرڪار جي چالن ۽ سازشن کي منهن ڏيڻ جي تلقين ڪئي وئي

    6 اپريل 1930ع

    ڪانگريس جي سڏ تي سول نافرماني جي تحريڪ جي شروعات ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڪانگريس پڻ پنهنجي جماعت جي سڏ تي ڀرپور حصو ورتو.

    6 اپريل 1930ع

    ڪانگريس طرفان عدم تعاون واري تحريڪ سنڌ ۾ شروع ٿي، جيڪا 4 مارچ 1931ع تائين هلي، هن دوران ڪيترائي سنڌي ڪانگريسي جيلن ۾ ويا.

    16 اپريل 1930ع

    لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ جي مکيه ڪانگريسي اڳواڻن جهڙوڪ ڊاڪٽر چوئٿرام نارائڻ داس بيچر، سوامي ڪرشنانند، مني لال وياس، تاراچند لعلواڻي ۽ وشنو شرما کي گرفتار ڪيو ويو.

    16 اپريل 1930ع

    ملڪي آزاديءَ واري هلچل دوران ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڪانگريس جلوس ڪڍيو، حڪومت جلوس کي منتشر ڪرڻ لاءِ گولي هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڪانگريسي ڪارڪن شهيد ٿي ويا.

    28 اپريل 1930ع

    پير صاحب پاڳاري جي گرفتاريءَ تي هفتيوار ”نوراسلام“ جي پرچي ۾ ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

    4 مئي 1930ع

    سيٺ حاجي عبدالله هارون سکر ۾ مسٽر جناح ۽ سر شفيع کي لنچ ڏني، جنهن ۾ خانبهادر کهڙي پڻ شرڪت ڪئي.

    26 مئي 1930ع

     خانبهادر محمد ايوب کهڙي ”مصائب سنڌ“ نالي انگريزي ۾ ڪتابڙو لکي تاريخي، ثقافتي، اقتصادي ۽ سماجي طور تي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ بمبئي پرڳڻي ۾ هجڻ ڪري ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن، جڏهن هي خطو هر لحاظ کان پنهنجو منفرد تشخص رکي ٿو ۽ بمبئي کان عليحدگي ان جو فطري، تاريخي ۽ سياسي حق آهي.

    29 مئي 1930ع

    ڪراچيءَ ۾ سر شاهنواز ڀٽي، خان بهادر محمد ايوب کهڙي، سائين جي ايم سيد ۽ ٻين مسلمان سياستدانن جي غير رسمي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائي ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏائڻ وارن موضوعن ۽ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

    29 مئي 1930ع

    ڪراچيءَ ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئيکان عليحدگي ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏائڻ جي حوالي سان ويچار ونڊيا ويا.

    7 جون 1930ع

    قلندر بخش ولد حاجي محمد ڍورونارائي سابق پريزينڊن ضلعه لوڪل بورڊ ۽ سابق ميمبر بمبئي ڪائونسل کي زمين جي پاڻي جي سوال تان ماريو ويو.

    4، 5، 6 جولاءِ 1930ع

    شملي ۾ مسلم ڪانفرنس جي انتظامي بورڊ جي گڏجاڻي ٿي، بورڊ ڪيترائي ٺهراءُ بحال ڪيا، جن مان هڪ واسطو سنڌ جي عليحدگي سان به هو، بورڊ ٺهراءُ ذريعي راءِ ظاهر ڪئي ته سنڌ کي مڪمل طور تي بمبئي کان بنا دير جي الڳ ڪيو وڃي.

    11 جولاءِ 1930ع

     خان صاحب حاجي علي حسن هڪڙي جي صدارت ۾ قمبر ۾ 3000 هندن ۽ مسلمانن جو عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ ڪانگريس جي هلايل ”ستياگره تحريڪ“ جي مخالفت ڪئي وئي، هن جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ مکيه ماڻهن مان علي محمد شاهه راشدي، مکي گوبندرام، قائم خان شيخ خان صاحب ۽ سرائي رب رکيو لاکو ذڪر لائق آهن،

    گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ مختلف ٺهراءُ پاس ڪري پير پاڳاري تان ڪيس واپس وٺڻ ۽ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا.

    15 سيپٽمبر 1930ع

    پير پٺي عليه رحمت جو ڇاونجاهون سجاده نشين پنهنجي دور جي انگريز سرڪار کان انعام ۽ آفرين نامو حاصل ڪندڙ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي ميمبر ڪجهه وقت لاءِ تعلقي لوڪل بورڊ گهوڙا ٻاريءَ جي صدر، ڪمشنر جي درٻاري ۽ ضلعي جي جرگا ڪائونسل جي ميمبر شيخ ميان حاجي جلال الدين وفات ڪئي.

    1 آڪٽوبر 1930ع

     سردار واحد بخش ڀٽي، گول ميرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لنڊن وڃڻ کان اڳ ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽي کي تمام شاندار نموني ائٽ هوم ڏنو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سئو مسلمان شريڪ ٿيا.

    21 نومبر 1930ع

    ڪراچيءَ ۾ سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي بنگلي تي ناميارن مسلمانن جي گڏجاڻي ڪئي وئي، ته جيئن انگريزي اخبار ڪڍڻ لاءِ صلاح ڪئي وڃي، هن گڏجاڻي ۾ اخبار لاءِ گهڻي خرچ جو انداز لڳايو ويو ۽ ايترن ڏوڪڙن نه ملڻ جي خيال کان اخبار ڪڍڻ وارو خيال لاٿو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن مان جي ايم سيد، سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن.،

    31 ڊسمبر 1930ع

    ميهڙ ۾ خلافت جو يارهون ساليانو جلسو ٿيو، جيڪو ٻه ڏينهن هليو، جلسي جي آخر ۾ ڪيترائي ملڪي ۽ سياسي اهميت جا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، ان کان علاوه قاضي عارف تعلقي ميهڙ ۾ سمجد جي صحن ۾ شهيد ڪرڻ جي مذمت ۾ ۽ الجزائر جي مسلمانن جي همدرديءَ ۾ به ٺهراءُ پاس ٿيا، تر ۽ ڀرپاسي ۾ آيل ٻوڏ ۽ مڪڙ جي حملن ڪري جيڪو مالي، اقتصادي ۽ زرعي نقصان ٿيو، ان کي ڌيان ۾ رکي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته متاثرين جون ڍليون گهٽايون وڃن.

  • 1929

     

    1 جنوري 1929ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪراچي ضلعي ۾ ڳوٺ سڌارڪ تحريڪ شروع ڪئي.

    7 جنوري 1929ع

    نامرياني سياستدان سيٺ هرچندراءِ جو پيءُ ڪانگريسي سياستدان، ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر تعلقي لوڪلبورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ، سنگيت جو ڪوڏيو ۽ علم دوست راءِ بهادر سيٺ وشنداس لاڏاڻو ڪري ويو.

    12 جنوري 1929ع

    حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ ”انجمن نصرت اسلام“ آرين سان مناظرو ڪيو، انهيءَ سلسلي ۾ مولوي ثناءُ الله امرتسري محمد ابراهيم سيالڪوٽي ۽ بابا خليل داس کي ٻاهران گهرايو ويو، هن جلسي جي صدارت ميران محمد شاهه ڪئي.

     9 فيبروري 1929ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ جمشيد نسروانجي جي صدارت هيٺ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پروگرام رٿي ”رورل ريڪنسٽرڪشن“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي وئي.

    9 فيبروري 1929ع

    سرائي حاجي ميان ولي محمد خان ولد حاجي مراد علي خان چانڊيو جيڪو پنهنجي دور جو خلافتي هو ۽ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسيءَ تي دستبردار ٿيو هو، سو وفات ڪريو ويو.

    9 فيبروري 1929ع

    ڪراچيءَ ۾ جمشيد مهتانسروانجيءَ جي صدارت هيٺ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ رورل ري ڪنسٽرڪشن نالي هڪ جماعت ٺاهي وئي ته جيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ترقي ۽ سڌاري جا ڪم ڪرايا وڃن.

    12 فيبروري 1929ع

    چوئٿرام آر گانڌي وارهه ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ رهيو، سندس شمار ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نگارن ۾ ٿئي ٿو.

    18 فيبروري 1929ع

    جي ايم سيد ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ ٿيڻ کان پوءِ ”ڳوٺ سڌار“ منصوبو تيار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هفتيوار ”مسلمان“ ميرپور خاص ۾ هڪ مضمون شايع ڪرايو، جنهن جو تت هن ريت هئو ته:

    ماڻهن مان جهالت جو دور ڪرڻ، هنر ۽ حرفت طرف ماڻهن جو توجهه ڇڪرائڻ، اديبن جي انجمن ٺاهي کانئن سنڌي ادب جي واڌاري جو ڪم وٺڻ، نائٽ اسڪول کولڻ، هارين جون جماعتون ٺاهڻ، ٻهراڙيءَ جي عورتن جي سماجي ۽ تعليمي حالت سڌارڻ، نشي وارين شين جي استعمال خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ ملڪ مان بيڪاري ختم ڪرڻ.

    4 مارچ 1929ع

    چئن لعل آهوجا ”اڻٽر“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت جي ڄام نگر شهر ۾ آباد ٿيو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن ۽ مضمون نگارن ۾ ٿئي ٿو، هن جو شايع ٿيل ڪتابن مان ”پاپ جي پاڙ“ (1958ع) ۽ احمد آباد جون سنڌي شخصيتون (1977ع) ذڪر لائق آهن.

    13 مارچ 1929ع

    رمضان عيد پڙهڻ کان پوءِ امروٽ ۾ خلافت ڪاميٽي امروٽ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ بئراج جي تعمير دوران مسجدن شهيد ڪرڻ واري حڪومت جي حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن مسجدن شهيد ڪرڻ واري فيصلي تي نظر ثاني نه ڪئي وئي ته تحريڪ هلائي ويندي.

    10 اپريل 1929ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڳوٺ سڌار تحريڪ جي سلسلي ۾ ساري ضلعي ڪراچي لاءِ پروگرام ڪري، حاتم علوي ۽ مولوي عبدالڪريم چشتي سان گڏجي ضلعي جو گشت جو آغاز ڪيو، سندس مخالفن ان گشت کي سياسي رنگ ڏئي ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر گبسن کي ڀڙڪايو، جنهن پوءِ جي ايم سيد کي گشت بند ڪرڻ ۽ ساڻس ملڻ جو حڪم ڪڍيو، ليڪن هن ان جي انحرافي ڪري گشت مڪمل ڪيو.

    17 اپريل 1929ع

    جيڪب آباد ۾ صوبيدار جي جاءِ تي پوسٽر لڳايو ويو، جنهن جو متن هن ريت هو:

    اسان کي ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته توهان هڪ مسلمان ابوالحسن جي خون کي لئي مٽي ڪرڻ چاهيو ٿا، خدا ۽ رسول وٽ جوابده آهيو، جيڪڏهن خوني رجوع نه ٿيا ته ان جي بدلي ۾ مان ڏهه خون ڪندس.

    هڪ مومن

     

    مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو خيال هو ته اهو پوسٽر ڪنهن مسلمان جو نه پر هندن جي سازش جو نتيجو هو، ڇو ته ان جي ٻولي هڪ مسلمان جي ٻولي نه آهي ۽ خاص طور تي ”مومن“ جو لفظ اڪثر ڪري مسلمان پاڻ لاءِ استعمال نه ڪندو آهي.

    10 مئي 1929ع

    قمبر علي خان ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت ميان غلام محمد خان ڪئي، جڏهن ته مولوي عبدالڪريم چشتي ۽ ميان علي محمد پرجوش تقريرون ڪيون، هن جلسي ۾ ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جن مان هڪ ٺهراءَ ذريعي خيرپور رياست جي ڪائونسل کي عوامي اعتماد نه هجڻ تي ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، ٻئي ٺهراءُ ۾ جيڪب اباد ۾ ٿيل هنگامن تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثرين سان همدردي ڪئي وئي.

    12 مئي 1929ع

    الوحيد جي پرچي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”مسلم قوم جي سمجهدار باثر ۽ درد دل ماڻهن جي خدمت ۾ اپيل“ جي عنوان سان هڪ مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ هن اسيمبلين ۽ ڪائونسلن ۾ ڪار آمد عيوضين کي چونڊڻ موڪلڻ لاءِ تجويز ڏني ته ”سنڌ مسلم ووٽر ايسوسئيشن“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي وڃي ۽ اسيمبلي خواهه ڪائونسلن ۾ ڪارآمد عيوضي چونڊيا وڃن

    2 جولاءِ 1929ع

    سکر مان ڀوڄراج اجواڻيءَ ايڊيٽري ۾ هفتيوار ”ڀارت“ اخبار جاري ٿي، جيڪا 1934ع ڌاري بند ٿي وئي، هن اخبار ۾ ميونسپل سکر جي مسئلن تي گهڻو لکيو ويندو هو.

    21 جولاءِ 1929ع

    ”الوحيد“ جي پرچي ۾ ”شيخ عبدالمجيد جو دکدائڪ خط“ جي عنوان سان هڪ خط شايع ٿيو، جنهن ۾ شيخ صاحب ٻين ڳالهين سان گڏ هي تجويزون ڏنيون ته:

    1.       مظلوم مسلمانن جي مددگار جماعت قائم ڪئي وڃي.

    2.       اها جماعت عملداري ۽ غير عملداري ظلمن کان مسلمانن کي بچائيندي رهي.

    3.       انهيءَ جماعت پاران هڪ پگهاردار مبلغ مقرر ڪيو وڃي، جو هميشه سنڌ جو دورو ڪندو رهي ۽ پنهنجي جماعت ۽ اخبارن کان بالا عملدارن کي واقف ڪندو رهي.

    4.       في الحال الوحيد اخبار جو ايڊيٽر انهيءَ جماعت جو سيڪريٽري ۽ خزانچي ٿئي.

    5.       ٻين اخبارن جا ايڊيٽر انهيءَ جماعت جي ڪميٽيءَ جا ميمبر ٿين.

    6.       پوريءَ سنڌ ۾ ان جماعت جون شاخون هجن.

    11 نومبر 1929ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙي، سر شاهنواز ڀٽي، حاتم علوي ۽ قاضي عبدالرحمان شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي مسلمانن ۾ سياسي، سماجي، واپاري ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي.

    8 ڊسمبر 1929ع

    سيتلداس کٽڻمل جي ايڊيٽريءَ ۾ سکر مان هندو ليگ گزيٽ نالي روزاني اخبار جاري ٿي، جيڪا اڳتي هلي هفتيوار ٿي، اخبار سکر جي ڪوهنور پريس مان ڇپائي ويندي هئي، سانوڻ مل ۽ آرت مل پنجابي هن جا ايڊيٽر ٿي رهيا.

    15 ڊسمبر 1929ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاح پرنسپال گوڪلي ڪيو، ڊي جي ڪاليج ۾ ڪوٺايل هن ڪانفرنس ۾ پرنسپال شهاڻي، آسانند اماتورا، ڊاڪٽر گربخشاڻي، اين اي قاضي، ڄيٺمل پرسرام، پروفيسر ڦيرواڻي ۽ جي ايم سيد کان سواءِ ڪيترن ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، هن موقعي تي ”سنڌي ساهت سڀا“ نالي ادبي تنظيم جوڙي وئي.

    15 ڊسمبر 1929ع

    ڪراچي وديارٿي سماگم جي چيئرمين آسانند مامتورا، ادب سان دلچسپي رکندڙن جي گڏجاڻي سڏائي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ڪوٺايل هن گڏجاڻيءَ ۾ پرنسپال ايس سي شهاڻي، پرنسپال جي اين گوڪلي، پرنسپال اين اي غلام علي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، شيورام ڦيرواڻي ۽ جي ايم سيد وغيره شامل ٿيا. ”سنڌ وديارٿي سماگم جي پريذيڊنٽ جي اين گوڪلي هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو، بحث مباحثي بيد ”سنڌي ساهت سڀا“ نالي تنظيم جوڙي وئي، جنهن جي هي متا ۽ مقصد طئي ڪيا ويا:

    1.       سڀ ڪنهن رستي سان سنڌي اديبات جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪرڻ.

    2.       سنڌ جي هڪ مرڪزي جماعت طرح ان کي فعال رکڻ ۽ سنڌي دانن، اهل قلم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙن کي پاڻ سان شامل ڪرڻ، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ”سنڌي ساهت سڀا“ جا اهي فرض هوندا ته

    i.                    مرڪزي لائبرري ٺاهي وڃي.

    ii.                  ڇاپيل سنڌي ڪتابن جي درست يادداشت (ببلوگرافي) پوري طرح تيار ڪري.

    iii.                هٿ لکيل (قلمي) ڪتاب گڏ ڪري ڇپرائجن.

    iv.                 نون سنڌي ڪتابن شايع ڪرائڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪري.

    v.                   ڪنهن قابل سنڌي دان جي لکيل سنڌي ٻولي ۽ اديبات بابت تاريخ هٿ ڪري ڇپرائجي.

    vi.                 هڪڙي اعليٰ درجي جي مضمونن واري منمزن جاري ڪري.

    ”سنڌي سهات سڀا“ کي فعال بنائڻ لاءِ هن ريت عهديدار ۽ ميمبر مقرر ڪيا ويا.

    پرنسپال ايس سي شهاڻي(صدر)، ڊاڪٽر گوربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽو (نائب صدر)، لعل چند امر ڏنو مل ۽ مسٽر عبدالحق (جوائنٽ سيڪريٽري) اي جي مامتورا (خزانچي)، اهڙي ريت ميمبر هن ريت مقرر ڪيا ويا.

    پرنسپال اين اي غلام علي، محمد صديق ميمڻ، ڄيٺمل پرسرام، جي ايم سيد، نادر بيگ مرزا، امداد علي قاضي (آءِ آءِ قاضي)، پيرو مل مهرچند آڏواڻي، روچيرام سڏاڻي، شيوا رام ڦيرواڻي، ٽي ايم آڏواڻي ۽ منگها رام ملڪاڻي

    (هن سوچ ۽ ڪوشش اڳتي هلي ”سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ يا سنڌي ادبي بورڊ کي جنم ڏنو)