Category: BOOKS BY DR. PATHAN

  • ادب ۽ ماحول

     

    ادب ۽ ماحول

     

     

    وقت ۽ حالتن جو علم ادب تي اثر

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”580″ height=”600″}images/Doc/Book_Dr_Dur_Muhammad_Pathan_oct_2015.pdf{/aridoc}

  • CASES FIELD AGAINST BHAI LEKHRAJ, OM RADHE AND OTHERS OF OM MANDLI.

    CASES FIELD AGAINST BHAI LEKHRAJ, OM RADHE AND OTHERS OF OM MANDLI.

    Mr. H.s.PAMNANI: Will the Honourable Minster in charge please state-

    (a)              How many cased were filed against Bhai Lekhraj, Om Radhe, and others of Om Mandli at Karachi and Hyderabad (Sind)-

    (i)                By Government.

    (ii)              By others.

    (b)             When where the cases field and under what section was each case field?

    (c)              When were the cases withdrawn?

    (d)             What were the grounds for withdrawing the cases?

    The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH: (a) The number of cases field at Karachi and Hyderabad by Government and others is given below:-

                                                                By Government.     By others.

    Karachi           …       ..          ..                    I                            10

    Hyderabad   …        ..          ..                     2                             …

    (b) and (c) The required information is given Below:-

     

    The date on which the case was filed.

    The section under which the case was filed.

    The date on which the case was withdrawn.

    Karachi.

    (a)Case filed by Government.

    10th Jan, 1939.

    363/366/354/109, I.P.C

    20th July 1939.

    (b) Cases filed by others.

         

    5 cases ..  ..

    16th Feb, 1939.

    363, I.P.C.

    25th Aug, 1939

    3 cases .. ..

    13th Feb, 1939.

    342, I.P.C.

    25th Aug, 1939

    1 cases .. ..

    6th Feb, 1939.

    363, I.P.C.

    25th Aug, 1939

    1 cases .. ..

    9th Feb, 1939.

    342, I.P.C.

    11th Aug, 1939.

    Hyderabad.

         

    (a)              Cases filed by Government-

         

    1 case .. ..

    16th Aug, 1938.

    107, Cr.P.C.

    21st Nov. 1938.

    1 case .. ..

    22nd April 1939.

    451, I.P.C.

    Pending.

    (d) The cases where withdrawn on the following grounds:-

    Karachi.

         

    (a)  Government case…

    Government did not consider it necessary to proceed with the prosecution.

       

    (b) Other cases…

    In six cases the complainants, did not wish to proceed and therefore the, cases were dismissed under section 203, Criminal procedure Code. In the remaining four cases the complainants did not appear and the cases were dismissed under section 259 criminal Procedure Code.

       

    Hyderabad…..

    The proceedings under section 107 criminal procedure Code, where quashed by the Judicial commissioner’s Court.

       

    Mr. H.S. PAMANANI: It is written at page 2, “Government did not consider it necessary to proceed with the prosecution”.

    What were the grounds for dropping the cases?

    The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH : The grand’s were that the Public Prosecutor advised that the cased would not end in conviction.

    Mr. H.S. PAMNANI: Was not the advice of the Public Prosecutor taken before filing the cases?

    The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH: Nobody can make a report before the case is taken up.

    Mr. H.S.PAMNANI: Was he not consulted before the case?

    The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDYATULLAH: How could he be consulted beforehand? When there is evidence the case has to be proceeded with ordinarily.

    OM MANDLI ACTIVITES-BANNING OF

    2. Mr. H.S. PAMNANI: Will the Honourable Minster in charge please state-

    (a) Whether the attention of Government has been drawn to articles in the Sansar Samachar of July 18th and 20th 1939, dealing with Om Mandli of Karachi and Hyderabad (Sind)?

    (b) Are Government aware that the activates of Bhai Lekhraj and his associates still continue and that public opinion is greatly agitated over the ineffectiveness of the banning order?

    (c) What further steps do Government intend taking to see that the banning order becomes effective?

    The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH:

     (a) Yes.

    (b) The unlawful association (Om Mandli) has since ceased to function.

    (c) Does not rise.

    Mr. H.S.PAMNANI: Is Government satisfied that the association has ceased to exist?

    The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDYATULLAH: Government made enquiries from the District Magistrate through the D.S.P, and Government were informed that the Mandli had ceased to exist as such.

    Mr. H.S.PAMNANI: Is it a fact that even now Government is thinking of filing new cases against this Mandli?

    The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH: If there is fresh evidence, we will file fresh prosecutions. If any individual has a grievance against the Mandli he may go to Court.

  • ڪجهه ڪالم

    ڪجهه ڪالم

     

    ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

           

                   

    فهرست

    01. سنڌين جي تقسيم کان سنڌ جي تقسيم تائين

    02. سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپن جي صورت حال

    03. ٻه واٽي تي بيٺل قوم ۽ غيب جو مسئلو

    04. اچو ڪجهه ته آدرشن سان سچا ٿيئون

    05. ڄائي ناهي پر هوندي نانيءَ مهانڊي

    06. رس ۾ رسڻ گهوريو

    07. اڻ ڄاڻيءَ جهڙو عذاب ۽ ڊپ جهڙو گناهه ٿئي اي ڪونه

    08. داخلي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم

    09. اچو ته هڪ ٻي جا ويري نه ٿيون

    10. مولا منهنجي پڄاءِ ،ٻيا وڃي ٻن پون

    11. رئندي عمر گذاري ،يار دي خبر نه ڪائي

    12. دوکو ناهي دل جو دارون

    13. واٽون ويهه ٿيون ……

    14. خبر ٻڌ سڄڻ ،او! اڙي بي خبر

    15. آهي ڪو نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ کي بچائڻ وارو ؟

    16. سوچن ۽ لوچن ۾ توازن جو مسئلو

    17. ٻڌڻ ،سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب

    18. اسان جي تاريخ ۽ تحقيق دشمنيءَ جا ڪي مثال

    19. دک ،ڌرتي ڌڻين جو ڪامن فيڪٽر

    20. اسان مان هرڪو هٽ لسٽ تي آهي

     

    21. روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آيئي !

    22. سيفل سڀئي آهيون، پر سيف الملوڪ به ته ڪو ٿئي

    23. قوم ڪنهنجي پٺيان لڳي ؟

    24. شيڪسپيئر ۽ شاهه لطيف جون قومون

    25. رت آئي مٺڙي ٿاڌل جي

    26. ڪيڏا ڪارڪن ، ڏيهي منهنجي ڏوهه جا

    27. سنڌي اڳواڻ ٿيڻ سولو پر سنڌي ٿيڻ تمام ڏکيو

    28. وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي بابت اسان جي سماج جا ويچار

    29. اچو ت هڪ ٻي کي اڌورو قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيون

    30. هي دهلن سندا ڌڌڪا،ٻڌي ڇون ٻوڙا؟

    31. الطاف حسين کي موٽ احتيات سان ڏجي يا جذبات سان؟

    32. عدم طرف وڌندڙ اسان جا قدم

    33. ناظم آيو ناز سان بدليو ڪين نظام

    34. هي درگاهن تي دانهون ۽ اسان جي منزل جون راهون

    35. وري ورئي ٿو واءُ ،ڏکن سندو ڏيهه تي

    36. حڪومتون ملازمتن لاءِ ويري يا واهرو؟

    37. سياسي تنظيمون ۽ ڪارڪن

    38. تون دکي ٿي دجال

    39. هي هيڻا پوءِ به ٻيڻا ؟

    40. نيو يارڪ تائين پهچندڙ نظرون

     

     

    41. سنڌ ۾ سماجي ڪمن جي صورتحال

    42. اٺين آني جو اٺ ،ٻارنهن آناگهلاڻي

    43. وڏيون مڇيو ن،قانون ۽عوام

    44. تنظيمون توجه ڏين

    45. پاڻ اهڙا جو هاٿي به ڇٻر ۾ لڪائي ڇڏيون

    46. قوم يا هر ڪنهن لاءِ لٽ جو مال

    47. هيءُ دشمني ته ناهي

    48. شامتِ اعمال ما صور تي نادر گرفت

    49. ماندي ٿيءُ نه مارئي

    50. مفروضن جاماريل ماڻهو

    51. اچو ته کوهه مان ٻلو ڪڍون

    52. اچو ته قومي آسمان جي اوزون جا تهه بچايون

    53. وڍيل ٿي وايون ڪري

    54. ڇاکي وڃي ڇو ٻيلي رهين ٻين جو

    55. جيڪس هيس ڌاري

    56. فرض ادا ٿي ويو

    57. ڪامن فيڪٽرس جي تلاش

     58. انسان ،انسان آهي

    59. سنڌ ۾ فڪري ۽ نظرياتي ارتقا جو گهوٽالو

      

     

     

     

     

     

    .1سنڌين جي تقسيم کان سنڌ جي تقسيم تائين

     

    پاڻ کي جيڪڏهن عظيم ۽ قديم قوم جو وائڙو نسل چئجي ته ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. اڌ صدي کان مختصر عرصي ۾ اسان جي وائڙائپ تاريخ کي انوکي انداز ۾ ڪر موڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ ايندڙ اڌ صديءَ وارو اسان جو نسل اسان جي عقل تي ماتم ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو. دنيا ڪن سالن کان پوءِ ايڪيهن صديءَ ۾ داخل ٿيندي۽ اسان اڃا به ايڪيهه صديون پٺتي هليا ويندا سين .

    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪو موالي نشي جي حالت ۾ کٽ تان ڪري پيو. ٿورو هوش سنڀاليندي گهر وارن کان پڇيائين ته ” هي ڌماڪو ڇا جو ٿيو؟“ جواب مليس ته ” تون کٽ تان ڪري پيو آهين“. اهو ٻڌي مواليءَ چيو ته ” جيڪڏهن مان ڪري پيو آهيان ته مري ويس، پڪ ئي پڪ عضوا به ڀڄي پيا هوندا“. اسان انهي موالي جي جاءِ ورتي آهي. جڏهن سنڌ جو ورهاڱو ٿي ويندو ۽ اسان حالتن جي کٽ تان ڪري پوندا سين ته انهيءَ تاريخي حادثي واري ڌماڪي جي آواز جي ٻين کان خبر پڇنداسين. جڏهن اسان کي ٻيا ٻڌائيندا ته سنڌ ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي ته پوءِ مواليءَ وانگر چونداسين ته ” پڪ ئي پڪ اسان کي نقصان به ٿيو هوندو“ .

    اُٺ پکيءَ لاءِ چوندا آهن ته جڏهن طوفان لڳندو آهي، ته همراهه ٻوڙي ۾ منهن لڪائي ، سمجهندو آهي ته هن کان طوفان ٽري ويندو . پر اسان ته اُٺ پکي کان به پري آهيون ، اسان کي نه ته طوفان جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه وري پنهنجي سسي لڪايون ٿا. اسان کي ڪو به طوفان ان ڪري نظر نه ٿو اچي جو اسان قيامت جهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون.قيامت به اها جيڪا اسان پاڻ پنهنجي لاءِ برپا ڪئي آهي، حالتون اهي جيڪي اسان پاڻ پنهنجي لاءِ پيدا ڪيون آهن. سنڌ دشمن قوتن نه پر اسان پنهنجي عقل کي تالا هڻي پاڻ هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهيون. پاڻ ۾ وڙهڻ اسان جو دين ايمان بڻجي چڪو آهي.اسان لاءِ سٺي کان سٺو عمل هڪٻئي جي ڏاڙهي پٽ ڪرڻ آهي. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سروي ڪري ڏسو ، اوهان کي هنڌين ماڳين فقط سنڌي ئي هڪ ٻئي سان وڙهندا نظر ايندا.سنڌ جي صحافين کي سور ڪير ٿو ڏئي؟اٻوجهه عوام سان انياءُ ڪير ٿو ڪري ؟ ڪارو ڪاري جي نالي ۾ قتل جون قهري روايتون ڪنهن قائم ڪيون آهن ؟ڪنهن شريف جو پٽڪو ڪير ٿو لاهي؟ ڪلاس روم ۾ تعليمي ادارن ۾ استادن ۽ انتظامي اڳواڻن جي توهين ڪير ٿو ڪري؟ پاڻ ۾ وڙهندڙ شاگردن جون تنظيمون ڪير آهن؟ اسان جا دشمن سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ اسان هڪ ٻئي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ مصروف آهيون. هن وقت جڏهن اسان کي متحد ۽ مضبوط ٿيڻ جي گهرج آهي، تڏهن ڪوڙي انا، ذات پات جي زهر ، مقدس نظرين جي نالن ۾ عوام دشمني ۽ جهالت جي جنون کي اسان پنهنجو مذهب ڇو بڻايو آهي؟ اسان جي عقل کي ڇا ٿيو آهي؟ اسان سنڌ دوستيءَ جي دعويٰ ڪري سنڌي عوام جي زندگي ڇو ۽ ڪنهن لاءِ زهر بڻائي رهيا آهيون؟

    اڄ سنڌ ۾ آواز ۽ طاقت رکندڙ طبقن، شاگرد تنظيمن، وڏيرن، پيرن ۽ اميرن کي اهنسا جو اصول اپنائڻ گهرجي. جڏهن حالتون موت بڻجي اچي مٿا بيٺيون آهن ته پوءِ پاڻ کي گهٽا ڏئي مارڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي؟ عقل ۽ حالتن جي تقاضا ته اها آهي ته اسان پنهنجا ويڇا وساري ڇڏيون، ڪوڙي انا مان آزادي حاصل ڪيون ۽ نفرتن بدران پاڻ پيار جي ورکا ڪيون، جيڪڏهن پنهنجو ذيادتي ڪري ته انهيءَ زهر کي به زم زم ڄاڻي پي وڃون. هن وقت هڪ ٻئي کي معاف ڪرڻ ۾ ئي اسان جي اجتماعي بقاءَ جو راز لڪل آهي. اسان جيڪڏهن چاهيون ته قوم جي حيثيت ۾ ڪجهه وقت زندهه رهون ته پوءِ پاڻ تي ، ۽ هڪ ٻئي تي رحم ڪرڻ گهرجي. يقين ڪري ڄاڻو ته سنڌ کي جيترو نقصان اسان پهچايو آهي، اوترو نقصان آسمان ۽ ڌرتيءَ ، ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل ، جاندار ۽ غير جاندار شين ڪونه رسايو آهي. پڪ ڪري ڄاڻو ته سنڌ کي حد کان وڌيڪ ڇهيو سنڌين ئي پهچايو آهي. اسان ڌارين جا دوست آهيون ۽ پنهنجن جا ويري آهيون. اسان تي ڌاريو مٿي تي هٿ رکندو ته پاڻ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن سان غداري به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا سين . هن کي ڇا چئجي ته دنيا جهان وارا اسان جي جيجل ماءُ جي سيني تي ويهي خنجرن سان ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيا آهن ۽ اسان عجيب قسم جا غيرت مند غيرت جي انهيءَ تقاضا کان بي نياز ڪوڙي انا ۽ ڪوڙي غيرت جي نالي ۾ پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون. اسان لطيف کي نه بخشيو، اسان سچل کي نه بخشيو، اسان هر ڪنهن محسن تي رحم نه ڪيو ۽ هن نازڪ وقت ۾  به پاڻ ڪنهن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.اسان ذات پات رنگ نسل، نظرياتي فرق ، اميري غريبي ۽ عهدي رتبي جي بنياد تي روز بروز حد کان وڌيڪ تقسيم ٿيندا پيا وڃون. پوءِ اسان کي حالتون معاف ڇو ڪن؟  پوءِ اسان سان گڏ اسان جي ڌرتي کي تقسيم ڪرڻ کان ڪوئي ڇو روڪي ۽ ڇا لاءِ روڪي؟ اسان هن وقت تاريخ جو اهڙو باب لکي رهيا آهيون، جنهن جو عنوان آهي سنڌ جي تقسيم کان سنڌين جي تقسيم تائين هن دور جي جوڌن جي انوکي ڪهاڻي.   

     

     

    (ڪالم ” ڌرتي – ڌر تتي “، روزانامه جاڳو ، ڪراچي ،

    تاريخ :( 25. 10 .1994.

     

          . 2سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپن جي صورتِ حال

     

    رسمي طور تي يا نج سماجي علم جي پٽاندڙ نه ته به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان خاص طور تي ادبي دنيا ۾ باهمي لاڳاپن تي چڱو ڪجهه لکيو ويو آهي. پيڙهيءَ – وڇوٽي ته ڪيترو وقت بحث جو موضوع رهيو آهي. اهڙي ريت اسان جي افسانه نگارن پنهنجي ڪردارن جي اوٽ ۾ سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپن جي سٺي تصوير چٽي آهي. پر جڏهن انهن لاڳاپن کي موضوع بڻائي علمي ۽ عقلي بحث شروع ڪبو ته ان جي نتيجي طور انهن لاڳاپن کي وائکو ڪري، ڪنهن حد تائين تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

     

    لاڳاپا پوءِ اهي خانداني هجن يا ڪاروباري، وقتي هجن يا دائمي هجن.اهي اسان جي سماجي قدرن ، نظرين ۽ اصولن جا طابع ٿين ٿا.جيئن ته اسان پير شاهي ۽ امير شاهي جي ٻٽن زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون.ان ڪري اسان جا هر قسم جا لاڳاپا طبقاتي منفي سوچ جو پڙاڏو هوندا آهن. پير ۽ امير اسان جي سماج جو آدرش بنجي چڪو آهي ، ۽ انهيءَ هٿ ٺوڪئي آدرش ذريعي استحصال، مفت خوري ۽ هر قسم جي پسنديده شئي کي پنهنجو ڪرڻ ۽ اختيار ۾ ٻئي ڪنهن کي به شريڪ نه ڪرڻ جي منفي سوچ هر ڪنهن فرد ۽ ڪردار جي وجود ۾ شامل ٿي چڪي آهي. ان ڪري هر ڪو ماڻهو ساڳي ڏک ڏئي ٿو. هر ڪو ماڻهو سوچ ۽ لوچ ۾ پير ۽ امير آهي. اهڙي ماحول ۾ استحصال انهيءَ جو ٿئي ٿو جيڪو علم ، عقل ، جسم ، ذريعي ، وسيلي ۽ موقعي جي حساب سان ڪمزور آهي. انهن جزن مان ڪنهن وٽ ڪو به هڪ جزو ڪونهي يا نالي ماتر آهي ته اهو غلاميءَ جي زندگي گهاري ٿو.

    جيڪو جاهل آهي، اهو پڙهيل هٿان بيوقوف بڻجي وڃي ٿو. جيڪو بيوقوف آهي ، ان جو هر ڪو استحصال ڪري ٿو.جيڪو جسماني طور تي ڪمزور آهي. جيئن عورت ۽ ٻار ان کي هر ڪو محتاج بڻائي ٿو. زال ۽ مڙس جا لاڳاپا خواه اولاد ۽ والدين جا لاڳاپا، انهيءَ حقيقت جو مظهر آهن. اهڙِيءَ ريت جنهن کي ذريعا ، وسيلا ۽ موقعا ميسر آهن هو جهڙوڪ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معتبر ۽ معزز آهي.

    جيئن معاشي ۽ سماجي طور تي اسان جو سماج آرين ۽ اڻ آرين ۾ ورهائجي ويو آهي، تيئن سوچ ۽ لوچ جي حساب سان به اسان ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويا آهيون.هڪڙي طبقي وٽ مٿي ذڪرڪيل سمورا استحصال ۽ قوت جا جزا موجود آهن ۽ ٻين وٽ اُهي نالي ماتر آهن. انهن ٻنهي متضاد طبقن ۾ اڻ ٽر ڇڪتاڻ موجود آهي،  اُهي ٻئي طبقا هڪ ٻئي کي بيوقوف بنائڻ ۽ هڪٻئي کان پنهنجا مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن.

    مثال طور عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ پير ۽ امير وڌيڪ با اختيار آهي . جيئن ڪجهه وقت اڳ چيو ويندو هو ته ” انگريز سرڪار جي بادشاهيءَ تان سج لهي ئي نه ٿو.“ تئين اڄ اهو اعزاز اسان جي مٿئين طبقي کي حاصل آهي. اهو طبقو اقتدار ۾ هجي يا نه پر انهيءَ جي اختيار ۽ رسائيءَ ۾ ڪابه ڪمي نٿي اچي. هي طبقو هر دور جو حڪمران آهي. جيڪڏهن هن طبقي مان ڪو فرد حڪومت جي خلاف آهي ته به هن لاءِ ريل يا جيل ڪا معنيٰ نٿا رکن. اهو جيل ۾ ايترا سک ماڻي سگهي ٿو ، جيڪي عام ماڻهوءَ کي جيل کان ٻاهر ميسر ڪونهن. هن جي هلندي پڄندي تي حڪومت سان مخالفت يا موافقت اثر انداز نٿي ٿي سگهي.

    عام ۽ عوام جڏهن مٿئين طبقي جي انهيءَ حيثيت۽ حالت جو اندازو لڳائي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته وٽس اهڙي ”وڏي ماڻهو“ ٿيڻ لاءِ موقعا، ذريعا ۽ وسيلا ڪونه آهن ، ته پوءِ هو اهڙو سمجهوتو ڪري ٿو جنهن مطابق ڪجهه پنهنجو استحصال به ڪرائي ٿو  ۽ مٿئين طبقي جو به استحصال ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو پيرن، اميرن ۽ اقتدار يا اختيار ڌڻين جا خاص ماڻهو  ، مقرب ۽ ڪارندا انهن سان سچا ڪو نه ٿيندا آهن . انهن کي استحصال جي اهڙي ڪنجي هٿ چڙهي ويندي آهي، جيڪا ٻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اهي چاپلوسي، گلا ۽ سازش جو ڄار وڇائي پنهنجي پير ، امير  ۽ اختيار ڌڻيءَ ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط ويڇو پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. انهن مقربن ۽ خاص ماڻهن جا تڏا تڏهن ويڙهبا آهن، جڏهن سندن مالڪن کي پڪ ٿي ويندي آهي ته اهي مقرب ۽ خاص ماڻهو هنن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استحصال ڪن ٿا.

    استحصال جي انهيءَ انوکي سماجي سمجهوتي پٽاندڙ وڏو طبقو اهڙن ماڻهن کي مقرب ۽ خاص بنائڻ تي مجبور ٿيندو آهي، جيڪو سندن مفادن ۽ استحصالي نظام کي قائم رکڻ ۾ هنن جي مدد ڪن. اهوئي سبب جڏهن سنڌين کي سمجهه ۾ آيو، تڏهن راءِ قائم ڪيائون ته ” پير کي کڻن خليفا“.

    مٿئين طبقي جو اهو ويساهه ۽ يقين ٿي ويندو آهي ته جيڪو به وٽن اچي ٿو، سو ڪو نه ڪو مطلب کڻي اچي ٿو. ان ڪري هو هر ڪنهن کي فقير ۽ پينو ڄاڻندا آهن، ۽ مطلب يا سوال مطابق کانئن معاوضو وٺندا آهن ۽ سندن استحصال ڪندا آهن. انڪري جيڪو به وٽن ويو ، پوءِ اهو مطلب سان هجي يا بنا مطلب جي ، پر هن جو استحصال ضرور ٿيندو . اهڙي ريت جيڪو به مطلب، لالچ يا غرض سان وٽن ويندو کيس ڪانه ڪا قرباني ڏيڻي پوندي.استحصال ٿيڻ ۽ استحصال ڪرڻ جو اهواصول فقط هيٺئين ۽ مٿئين طبقي ۾ ڪارِفرما ڪونهي ، پر اهو هنڌين ماڳين رڪنهن طبقي ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ پٽاندڙ ئي سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپا جنم وٺن ٿا.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،   تاريخ : 19.07.1995)

         . 3ٻه واٽي تي بيٺل قوم ۽ غيب جو مسئلو

     

    انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڪن کان اک جو ۽ اک کان وات جو ڪم وٺي نٿو سگهجي. پر جسم جو ڪهڙو به حصو هجي، هر ڪنهن ۾ هڪ ڪامن فيڪٽر ٿئي ٿو. هر ڪو حصو ڪيترين ئي حالتن ۾ هڪ جيترو ۽ هڪ جهڙو ردِ عمل ڏيکاريندو آهي. مثال طور گرمي يا سخت سردي لڳڻ يا محسوس ڪرڻ سان هر ڪو عضوو ساڳيءَ ريت ردِ عمل ڏيکاريندو آهي. هن جي معنيٰ اها ٿئي ٿي ته هر ڪو عضوو پنهنجي انفرادي حصثيت به رکي ٿو ۽ اجتماعي يڪسانيت به رکي ٿو. جسم وحدت جو  ۽ ان جو  هر هڪ عضوو ڪثرت جو مظهر ٿين ٿا.

    بنهه اهڙيءَ ريت سياستدان جو بنيادي ڪم سياست، قلمي پورهيت جو بنيادي ڪم لکڻ پڙهڻ، استاد جو بنيادي ڪم پڙهائڻ، شاگرد جو بنيادي ڪم پڙهڻ ۽ واپاريءَ جو بنيادي ڪم واپار ڪرڻ آهي. پر ڪيترين ڳالهين ۾ سندن” ڪامن فيڪٽر“ به ٿين ٿا ۽ انهن شعبن ۾ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ”اجتماعي رنگ“ ۽ ”وحدت جو روپ“ متاثر ٿيندو.

    ”گڏيل ماضي“ ۽ ”اجتماعي مستقبل“ سڀني جو هڪ جهڙو ٿئي ٿو. ثقافت سمورن جي هڪجهڙي ٿئي ٿي. قومي قدر ، نظريا ۽ اصول هر ڪنهن جا هڪ جهڙا ٿين ٿا. اهڙي نموني ڪي ڪم اهڙا ٿين ٿا، جن ۾ سمورن کي هٿ ونڊائڻو پوندو آهي. اهي ڪنهن هڪڙي طبقي ۽ گروهه جي بلي ڪري نه ٿا سگهن.تاريخ دوستي ۽ تاريخ سازي جو عمل به انهن مان هڪ آهي. اهي قومون جيڪي پاڻ لاءِ ڪراماََ ڪاتبين نه ٿينديون آهن. پنهنجي عملن جو رڪارڊ نه ٺاهينديون آهن ۽ پنهنجي تجربن خواهه مشاهدن جو رڪارڊ نئين نسل ڏانهن منتقل نه ڪنديون آهن، عملي طور تي انهن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي ۽ اهي فقط نالي ماتر قومون بڻجي وينديون آهن. جيئن اسان جي سنڌي قوم هاڻي نالي ماتر قوم رهي آهي. اسان ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه رهي آهي جنهن مان اسان پاڻ کي زندهه، قائم ۽ دائم قوم چئي سگهون. اسان فقط ٻٽاڪن جي ڏڍ تي پاڻ کي قوم سڏيون ۽ سڏايون ٿا.هونئن نه ته حقيقت هي آهي ته اسان ذاتين ۽ گروهن جي ڏرن ۾ لڪا پيا آهيون. اسان مان اڪثر ذاتيون پنهنجو رشتو ڌرتيءَ سان ڳنڍڻ لاءِ اڄ به تيار ڪونهن. ڪو پنهنجي وڏن کي افغانستان ۽ ايران ۾ ثابت ڪري ٿو ته ڪو پاڻ کي نج عربي نسل جو سڏي ٿو. اهڙي ريت اسان جي نظرين ۽ قدرن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل هئڻ بدران ڪڏهن اولهه ۾ ٿين ٿيون ته ڪڏهن اتر يا اوڀر ۾ .

    اسان جي هن نظرياتي ڀونچال ۽ سماجي خلفشار جي ذميواري فقط ۽ فقط سياسي نظام ۽ سياسي شعبي تي عائد ٿئي ٿي. اسان جي سياست اڪثر ڪري اجتماعي ڀلائي بدران اجتماعي آپگهات جو ڪارڻ رهي آهي. اسان جي سياست عوام جي تعليمي ادارن، تعليمي ماحول ۽ تعليمي معيار کي تباهه ڪري ڇڏيو . پبلڪ اسڪول، گرامر اسڪول، ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جن ۾ ڌن ڌڻين جا ٻار پڙهن ٿا ، انهن ۾ استادن ۽ شاگردن جون اسٽرائيڪون به نه ٿين.ڪلاشنڪوف يا ڪاپي ڪلچر جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.انهن ۾ نه ته استادن جي کوٽ نه وري سامان جي ڪمي. ان جي برعڪس اسان جي سياستدان جيڪڏهن ڪنهن کي تجربيگاهه بڻايو ته اهي اسان جا ، بلڪه عوام جا تعليمي ادارا آهن. ڪهڙو ڪافر انهيءَ ڳالهه بلڪه شاگردن جي حقن جو منڪر ٿيندو ته ادارن ۾ شاگردن جو وجود ئي نه هجي. پر ڪهڙو اهڙو عوام دوست ماڻهو اهو ثابت ڪندو ته عوام جي لولن لنگڙن تعليمي ادارن ۾ سرگرم تنظيمن جي اڪثريت مٿئين ۽ هر دور جي سماجي خواهه سياسي حڪمران طبقي جي مفادن جي رکوال نه  آهي.اتفاق سان اسان جي سياست، سياسي نظام ۽ سياسي تنظيمن جا جوڙيندڙ مٿئين طبقي جا ماڻهو ئي آهن ۽ اسان انهن جي ترجماني يا غلامي ڪندا آهيون.

    اسان جو تعليمي نظام ڏسي وائسي ايترو ته ابتر ڪيو ويو آهي.جو هڪ طرف تعليم پرائڻ بي سود بڻجي چڪي آهي ته ٻئي طرف تعليم دانن ۽ تعليمي ادارن ۾ عوام جو اعتماد ئي نه رهيو آهي. سرڪار تعليمي ادارا ته ٻار سنوارڻ ۽ سڌارڻ بدران کارڻ جو ذريعو بڻجي ويا آهن. انهن ادارن ۾ اڄ انسان کي ٽين اک ته ڪانه ٿي ملي پر ظاهر جون ٻه اکيون به ٻوٽجي ٿيون وڃن. شايد ڏهه سال به وڏا آهن. انهيءَ کان اڳ ئي سرڪاري تعليمي ادارا پنهنجي اهڙي ۽ ايتري ساک وڃائي چڪا هوندا جو ماڻهو انهن بدران خانگي تعليمي ادران ڏانهن رخ ڪندا. يعني اڳتي هلي تعليم تي ڌن ڌڻين جي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي.

    سڃيو، مسڪين ۽ غريب نه ته  تعليم جو خرچ برداشت ڪري سگهندو ۽ نه وري تعليم وٺي ماڻهو مان انسان ٿي سگهندو. هو غريب ۽ غلام ٿي ڄمندو ۽ مفلس خواهه محڪوم ٿي مرندو.انهيءَ صورتِ حال ڏانهن اسان کي اسان جو سياسي نظام ئي وٺي وڃي رهيو آهي. عام سياسي ڪارڪن انڌي عقيدي ۾ اهڙو غرق ٿي چڪو آهي جو ايندڙ طوفان کي ڏسي ۽ محسوس نه ٿو ڪري سگهي.  

    اسان تاريخ جي انهيءَ نازڪ موڙ تي اچي بيٺا آهيون، جتي ”انتهائي تباهي“ ۽ ”انقلابي تبديلي“جو ٻه واٽو شروع ٿئي ٿو. اسان ڏٺو وائٺو ”انتهائي تباهي“ طرف وڌي رهيا آهيون. هن رستي تي هلندي اسان آدرش ۽ اصولن سان فريب ڪرڻ کي عيب نٿا ڄاڻون ۽ قومي استحصال کي برو نٿا ڀائنيون پر ان جي برعڪس ”اجتماعي آپگهات“ کي چڱو عمل ڄاڻون ٿا . اسان ايترا ۽ اهڙا ته ڏاها بڻجي ويا آهيون جو ڏاهپ جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهيون.

    هي اهو نازڪ موڙ آهي جتي شاهدين گڏ ڪرڻ ، عملن جي رڪارڊ ٺاهڻ، تجربن ۽ مشاهدن جي نچوڙ ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙي ڪرت اسان کي ”انتهائي تباهي“ ۽ ”انقلابي تبديلي“ جي ٻه واٽي تي تباهي خواهه تبديليءَ وارين ٻنهي صورتن ۾ ڪارائتي ثابت ٿيندي.جيڪڏهن اسان پاڻ ڌريج ۽ عقل سان انهيءَ رڪارڊ جو مطالعو ڪيو ته تبديلي ممڪن ٿي پوندي، پر جيڪڏهن پاڻ کي اهڙي توفيق نه ملي ته ايندڙ نسلن لاءِ اهو رڪارڊ اسان جو آئينو ٿي پوندو.

    انهيءَ ڪرت کي جيڪڏهن تاريخ دوستي ۽ تاريخ نويسي چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو پر اهو ڪم اڪيلي سر ڪو محقق يا مورخ ڪري نٿو سگهي. جيڪڏهن عوام دوست ۽ تاريخ دوست سياسي ڪارڪن ٿورو توجهه ڏيندا ته گهڻو ڪم ٿي پوندو، ڇو ته اسان جو قلم ڌڻي ، محقق يا مورخ اسان جي نظام ۾ اهڙي حيثيت رکي ئي نه ٿو جو کيس ڪا سياسي تنظيم پنهنجو تعاون ڏئي ۽ مواد خواهه معلومات جي ميڙي چونڊيءَ ۾ هن کي مدد ڏئي، هينئن ته ٿي سگهي ٿو ڪو قلم ڌڻي، محقق يا تاريخ نويس شعوري يا لاشعوري طور تي ڪنهن تنظيم جو منشي بڻجي وڃي ، پر هن لاءِ اهو مشڪل آهي ته هو ڪنهن به پارٽيءَ جي ڪنهن عهديدار يا ڪارڪن کان سندس نالو يا پيءُ جو نالو پڇي ۽ معلوم ڪري سگهي.

    پر جيڪڏهن پارٽيون، ان جا عهديدار يا ڪارڪن پاڻ کي عوام جو ۽ عوام لاءِ ثابت ڪرڻ واسطي ٽه ماهي يا ڇهه ماهي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ شايع ڪن ته هوند اهي اڃا به عوام جي وڌيڪ نزديڪ اچي سگهن. هاڻي ته صورتِ حال هي آهي جو پارٽيون ڇا ٿيون ڪن؟ ۽ ڇو ٿيون ڪن ؟ انهيءَ جي خبر هڪڙي الله کي ٻي انٽيليجنس وارن کي. ويچارو عوام بلڪ پارٽي جا اڪثر ڪارڪن اهڙي معلومات کان وانجهيل ٿين ٿا. سڀني جي چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته انهيءَ غيب جي خبر سڀني کي هئڻ گهرجي.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 13.02.1996)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

              . 4اچو ، ڪجهه ته آدرشن سان سچا ٿيئون

     

    قومن تي ڪڏهن ڪڏهن ڏکوئيندڙ ڏينهن به ايندا آهن. بلاشڪ هينئن به ٿيندو آهي ته ”قوم جا مرد زالن جهڙا ۽ زالون جنازن جهڙيون ٿيو پون.“پر هيءَ ڳالهه، جنهن جي نشاندهي ابنِ خلدون جي حوالي سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي آهي،ايڏي خطرناڪ ڪانهي ، خطرناڪ ڳالهه ۽ خوفائتي صورتِ حال ان وقت پيدا ٿيندي آهي، جڏهن قوم جا باشعور ماڻهو بي شعور، علم ڌڻي وائڙا ۽ اختيار ڌڻي خود غرض ٿي پون، اهڙِي صورتِ حال ۾ قوم جو واهي الله . اسان اهڙي ئي صورتِ حال مان گذري رهيا آهيون.

              ڏکوئيندڙ صورتِ حال هي آهي ته اڪثر ڪري اسان مان هر ڪو اُهو ڪجهه نٿو ڪري، جيڪو ڪجهه کيس پنهنجي ضمير، ذهن، علم ۽ ذميواريءَ پٽاندڙ ڪرڻ گهرجي. ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا ڏجن؟ ڪنهن گهر کان دفتر تائين، بازار کان گهٽيءَ تائين، ادارن کان فردن تائين ٿوري نگاهه ڪري ڏسبي  ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي.

              ڳالهه اتي دنگ نٿي ڪري، پر اسان مان اڪثر ڪري هر ڪو نه ته پاڻ سان سچو آهي نه وري پنهنجي آدرش سان سچو آهي. اسان هر قسم جي آدرش سان مذاق ڪيون ٿا. قرآن مجيد انهيءَ لاءِ آهي ته اسان ان کي پڙهون، سمجهون، ۽ ان تي عمل ڪيون. اسان قرآن شريف کي ان وقت ڪم آڻيندا آهيون جڏهن پنهنجي چوري ٿيندي آهي ته ان کي ڳولهڻ لاءِ يا ٿيل چوريءَ جو الزام لڳندو آهي ته پوءِ قسم کڻي پنهنجي سچائيءَ جي تصديق ڏيندا آهيون. هونئن نه ته قرآن شريف ڏي ڏسندا به ڪونه آهيون.

              اسان کي ڌرتي ۽ ڌر تيءَ – ڌڻين جا ڏک ان وقت ياد ايندا آهن. جڏهن پنهنجي مٿان کا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي. ان وقت اسان ڌرتي ۽ ڌر تيءَ – ڌڻين جي دکن دردن جو  دل کولي اظهار ڪندا آهيون، پر اهو به وري اهڙي نموني سان جو ڪنهن جو وار به ونگو نه ٿئي ، پنهنجو مطلب به پورو ٿئي ۽ ٿورو وري ٻين تي ٿئي. مثال طور سکر بئراج جي تعمير جون ڳالهيون هليون ته اسان جي وڏيرن کڻي ”هاري پارٽي“ ٺاهي ته جيئن جلسن جلوسن ۽ نعرن هڻڻ لاءِ هاري ساڻن گڏ هجن ۽ زمينن وٺڻ  ۾ کين آساني ٿئي .

              اهو زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ اسان پاڻ سان يا پنهنجي آدرش سان سچي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟اسان جا روحاني ، تعليمي، علمي ۽ سياسي آدرش انهيءَ ۾ خوش آهن ته اڻ ڳڻيا ماڻهو سندن معتقد ۽ پوئلڳ آهن. پر کين ڪهڙي خبر ته انسان انهيءَ الله کي مڃڻ لاءِ تڪڙو تيار ڪونه ٿيندو آهي ، جنهن کيس پيدا ڪيو آهي ۽ جنهن هن کي سڌارڻ سنوارڻ لاءِ سوا لک نبي موڪليا.

              اسان وٽ آدرشن سان عقيدت جو اهو عالم آهي جو لطيف سائين زندهه هو ته رَتُ ڪري ڇڏيو سين. جڏهن اسان کان جدا ٿيو، تڏهن اسان لاءِ دنيا جو عظيم شاعر بڻجي ويو. اسان جو ڪنهن چڱي ڀلي شخصيت جي وفات کان پوءِ سندس نالي پٺيان اڪيڊميون ٺاهيندا آهيون ۽ انهيءَ جا ڏينهن ملهائيندا آهيون ، اهڙي عمل پٺيان به اڪثر ڪري پنهنجي شهرت واري لالچ لڪل هوندي آهي.    هي جو هيترا سارا ماڻهو جلسن ۽ جلوسن ۾ وڃن ٿا، ڪي انهن مان پنهنجا مٿا ڦاڙائن ٿا ۽ ڪي وري ٻين جون ٽنگون ٻانهون ڀنڃي اچن ٿا.انهن مان سندن پنهنجي رهبر لاءِ عقيدت ۽ محبت جي معنيٰ ڪڍڻ اجائي آهي.ڇو ته اهو نظرياتي نه پر نفسياتي مسئلو آهي. نظريات انسانن ۽ معاشرن جي سڌارن لاءِ هوندا آهن. ڪو به نظرياتي ماڻهو ڏڦيڙي ٿي نه ٿو سگهي. اسان مان اڪثر جذباتي ٿين ٿا. انهن پنهنجي جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران انهن جي غلامي کي پسند ڪيو آهي. ان ڪري اسان اڪثر ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ٿي پوندا آهيون. ان ڪري اهڙي طبيعت وارن کي معتقد ۽ محبتي سمجهڻ ڀل آهي. عام ماڻهو ڪنهن مطلب لالچ يا مجبوري کانسواءَ آدرشن جي ويجهو نٿو وڃي . تحفظ ۽ ترقي جو اونهو عام ماڻهوءَ کي سياسي ۽ سماجي آدرشن جي ويجهو آڻي ٿي. جوانيءَ ۾ ماڻهو فطرتاّ آدرش دوست ۽ انسان دوست ٿئي ٿو، ۽ پوڙهائپ ۾ به انسان عملي زندگي کان ڪٽجي وڃڻ بعد آدرشن جي ويجهو وڃي ٿو. اهي ٻئي دور گهڙي پلڪ برابر آهن. جوانيءَ ۾ انسان نظرياتي طور پختو نه ٿو ٿئي ۽ پوڙهائپ ۾ وري عملي طور تي ڪنهن به ڪم جو نٿو رهي. انسان جي زندگي جو اهو وقت جنهن ۾ هو صبر ڪري سگهي ٿو ۽ نظرياتي پختگي ماڻي سگهي ٿو، ان ۾ هو اڻڳين مجبورين ۽ بيشمار مسئلن جو شڪار ٿئي ٿو. هو زندهه رهڻ واري تانگهه ۾ گهڻو ڪجهه ڪري نٿو سگهي.

              آدرش ۽ خاص طور تي سياسي آدرش جيڪي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا ۽ ماڻهن خواهه ملڪ جو مقدر بدلائي سگهن ٿا ۽ جيڪي عوام ۽ قوم کي ئي پنهنجو آدرش ڄاڻين ٿا ، انهن مان ڪيترا خود پنهنجي آدرش يعنيٰ عوام سان فريب ڪن ٿا ۽ هنن جي مقدر بدلائڻ نٿا گهرن ، ڇو ته سندن منفي سوچ مطابق هو حڪمران آهن ۽ ڄمندي حاڪم آهن . انهن حاڪمن کي هر دور ۾ محڪوم گهرجن ! ان ڪري سندن خيال مطابق جيڪڏهن محڪوم سڌري پوندا ته پوءِ هو ڪنهن تي حڪمراني ڪندا؟ڪيترن آدرشن سان ٻي جٺ پڻ آهي، اهي سياسي آدرش جيڪي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اقتدار جي ڪرسي تائين پهچن ٿا، تن کي سندن حريف ، خارجي قوتون ۽ انتظامي نا تجربيڪاري پير کپائڻ ئي نٿي ڏئي. ان ڪري اهي جڏهن به اقتدار ۾ اچن ٿا ته پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ مستقبل ۾ وري اقتدار ۾ اچڻ وارين تدبيرن ۾ لڳي وڃن ٿا. اهڙي صورتِ حال ۾ به عوام نظر انداز ٿئي ٿو.

              هاڻي جڏهن عوام گهنگهر گهارڻ تي مجبور هجي ۽ ان جي هر دور ۾ ۽ هر ڪنهن حالت ۾ مقدر سڌارڻ واري ڳالهه ئي نٿي ته هو ڪيئن اهڙن آدرشن سان سچو ٿيندو؟ عوام جيڪو پاڻ خود سياسي آدرشن جو آدرش آهي، ان سان جڏهن بااختيار آدرش دوکو ڪندو ته هي وري ڪهڙي آدرش سان سچو رهندو؟ ادبي آدرش پاڻ بي اختيار هئڻ ڪري عوام جي بک ۽ بدحاليءَ کي ختم نٿو ڪري سگهي. مذهبي آدرش هن دنيا جا نه پر آخرت جا پڪا يقين ڏياري ٿو.ان ڪري عوام جي اڪثريت اهڙن آدرشن کي به هاڻي پنهنجي ۽ الله جي وچ ۾ ويهڻ جي جاءِ نه ٿو ڏئي.

              هن صورتِ حال سڄي ڳالهه کي منجهائي ڇڏيو آهي، عوام آدرش سان ان وقت تائين سچائي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو جيستائين اصلي ۽ نقلي آدرشن جو فرق نمايان نه ٿو ٿئي . حق ۽ سچ اهو آهي ته اصلي آدرش عوام آهي. جيڪڏهن باقي آدرشن طرفان هن جو استحصال نه ڪيو ويندو، هن کي بيوقوف نه بڻايو ويندو ۽ هن سان سچي محبت ڪندي خدمت نه ڪئي ويندي ان وقت تائين ثانوي آدرشن کي ڪو به دل سان قبول نه ڪندو. ان وقت تائين ماڻهو مجبوريءَ، ڊپ، لالچ ۽ مصلحت مان ڪم وٺي گڏهه کي ابو چوندو رهندو.

              منهنجي خيال ۾ هن صورتِ حال ۾ مذهبي آدرشن ۽ ادبي آدرشن کي عوام جي آدرشي عظمت ۽ اهميت جا گيت ڳائڻ گهرجن. ڪٿي به، ڪڏهن به عوام سان آزار ٿئي ۽ عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان خلاف آواز بلند ڪيو وڃي.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 14.11.1995)

        . 5ڄائي ناهي پر هوندي ناني جي مهانڊي

     

    ننڍڙائپ ۾ هڪ الله جو بندو ڏٺو سون، جنهن کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۾ اجائي ضد ڪرڻ جو خفت هوندو هو. ماڻهن کي رَتُ ڪري ڇڏيندو هو . هڪ دفعي منجهند ٽاڪ جو وچ روڊ تي ماڻهن سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو هو، وات مان گڦون پيون نڪرنس ۽ رڙيون ٿي ڪيائين ته” مان نٿو مڃيان ته ڪو ڏينهن آهي ۽ سج اسان جي مٿان آهي. تون مون کي مڃراءِ ۽ ثابت ڪر يا منهنجي ڳالهه مڃ ته واقعي سج ڪونهي.“ ماڻهو هن کي ڏسي پاسو ڏئي ڀڄي ويندا هئا. ڀلا ڪنهن جو مٿو خراب ٿيو هو جو هن بددماغي سان منهن ڏئي. هو ويچارو هڪڙو هئو ۽ پنهنجو سڄو ڳوٺ مٿي تي کڻي ڏنو هئائين، پر هاڻي جتي ڪٿي اهڙا جوڌا جوان پيدا ٿي پيا آهن. جيڪي شرط رکڻ لاءِ به تيار آهن ته جيڪو ٻار ڄائو ڪونهي، سو هوندو پنهنجي نانيءَ جي مهانڊي.

              اسان جي نفسياتي مريض هئڻ جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شاهدي ۽ ثابتي آهي ته اسان پنهنجي ڏک کي ڇڏي ٻئي جي ڏک تي ڳوڙها هاريون، پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ٻئي ملڪ جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪيون ۽ اڪثر ڪري پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ جي قول ۽ فعل ڏسڻ پرکڻ کانسواءِ هن بابت ڪا راءِ قائم ڪيون. اهو ماڻهو ڪوڙو آهي، جيڪو پنهنجي دک جي دوا ڪرڻ بدران ٻئي جي درد لاءِ دارون تجويز ڪري. اهو ماڻهو قومي سوچ کان وانجهيل آهي، جيڪو پنهنجي هر ڳالهه ۾ ٻين ملڪن جي ڏاهن ، نظرين ۽ قدرن جا مثال ڏئي پنهنجي تاريخ ۽ ڌرتي مان ڪا به شاهدي ڏئي نه سگهي. اهڙي ريت اهو ماڻهو سودائي، وهمي ۽ وسوسي آهي، جيڪو اجايو انومان ڪڍي ۽ بيڪار خواهه بي بنياد مفروضا قائم ڪري. اهي ٽئي ڳالهيون اسان کي اڪثر ماڻهن ۾ نظر اينديون.اسان عظيم قوم جا وهمي سپوت آهيون، اسان نوڙي مان نانگ بڻائي سگهون ٿا.ڀلي مکڻ ۾ وار نه به هجي پر پوءِ به اسان مکڻ مان وار ڪڍي سگهون ٿا. انهيءَ کي اسان ڏاهپ سمجهون ٿا، اهوئي اسان جو منطق آهي، ۽ اهائي اسان جي تنقيد آهي.

              اوهان ڪنهن سان  ڪنهن به موضوع تي هڪ منٽ کلي ڳالهايو  هو لڳاتار 8 ڏينهن ۽ 8 راتيون ساهي کڻڻ کان سواءِ انهيءَ تي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ انهن جا روحاني راز ٻڌائي سگهي ٿو. اوهان جي نيتن تي روشني وجهي سگهي ٿو. پنهنجي شڪن، وهمن ۽ وسوسن کي حقيقتن جي روپ ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. اوهان محسوس ڪندا ته وقت کٽي پوندو ۽ هن جا ويچار اڃا اڌورا رهجي ويندا.پر جيڪڏهن اوهان کيس ٿوري مهلت ڏيو ۽ الله کان به ٽي حياتيون اوڌر تي وٺي اچو ته هو همراهه لڳاتار پنهنجي علم ۽ عقل جا واهڙ وهائيندو رهندو.

              اسان مان هر ڪو ائين آهي ۽ اسان هر ڪنهن لاءِ وهمي بڻجي مفروضن جو اهڙيءَ ريت خاڪو جوڙي سگهون ٿا. چڱي کي برو، اديب کي ادب دشمن ۽ قومي ڪارڪن کي قوم دشمن ، استاد کي تعليم دشمن ثابت ڪرڻ اسان جي ڏائي هٿ جو کيل آهي ، ڇو ته اسان ڄاڻون آهيون ۽ اسان کي اها پڪ هوندي آهي ته”ڄائي ناهي، پر هوندي ناني جي مهانڊي .“اسان ڪنهن ۾ خير، خيرخواهي، چڱائي ۽ ڀلائيءَ جي اميد رکنداسين ئي نه ته پوءِ چڱي کي به چڱو ڇو چونداسين؟

              اسان جيڪڏهن فقط وهمي هجون ته خطرو ڪونهي، پر اسان جا وهم اسان کي منفي روين ۽ ويچارن جي رڻ پٽ ۾ رولي وجهن ٿا، جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي. هن صورتِ حال اسان کي سچاين ۽ ڀلاين جو منڪر بڻائي ڇڏيو آهي.اسان کي يقين جي حد تائين وهم ٿيندو آهي ته ڪو به فرد ۽ انهيءَ فرد جو ڪو به فعل ۽ قول چڱائيءَ وارو ڪونهي. ڪو  به ماڻهو لالچ ، طمع ۽ غرض کان خالي ڪونهي ۽ ڪو به ماڻهو ٻئي سان دشمني ڪرڻ ۽ ٻئي کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ  رهي نه ٿو سگهي .

              هن ڪري اسان ڪنهن اڳواڻ کي صحيح معنيٰ ۾ اڳواڻ طور قبول نٿا ڪيون. ڪنهن اديب کي اديب نٿا ڄاڻو، ڪنهن تحرير کي مفيد نٿا ڄاڻو، ڪنهن استاد کي عالم نٿا سمجهون ، ڪنهن شاگرد کي فضيلت مند تصور نٿا ڪيون، ڪنهن عملدار کي رحم دل ۽ زير دست کي وفادار نٿا ڀانئيون . اسان سڀني جي نفي ڪيون ٿا ۽ ائين پنهنجي نفي ڪيون ٿا . اسان پنهنجي سوچ ۾ اها لچڪ ضرور رکندا آهيون ته متان ڪو چڱائي نه ڪري پر اها پڪ هوندي اٿئون ته چڱائي ڪوبه ڪونه ڪندو.

              اسان جي هن نفسياتي مرض جو اهو عالم آهي ته اسان ڪنهن مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کانسواءِ آسانيءَ سان ڪنهن لاءِ به راءِ قائم ڪري سگهون ٿا.پر قائم ڪيل راءِ تي ڳنڍ ٻڌي، ضد ۽ هوڏ به ڪري سگهون ٿا . نه فقط ايترو پر انهيءَ ”راءِ“ کي ٻين کان مڃرائڻ تي سندرو پڻ ٻڌي ويهنداسين.ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو اسان کي پنهنجي برج تان لاهي.

              هي استادن، اديبن ۽ سياسي خواهه نظرياتي رهبرن لاءِ سوچڻ جو مرحلو آهي . اهي ڌريون جيڪي فرد جي ذهن جي تعليم ۽ نظريي جي حوالي سان تربيت ڪن ٿيون ، تن کي سوچڻ گهرجي ته هر ڪنهن جي سوچ منفي ڇو ٿي ٿئي ۽ هر ڪو وهمي ۽ مفروضاتي ماڻهو ڇو ٿو بڻجي وڃي. اسان جي هن سوچ فقط ۽ فقط منفي روين کي جنم ڏنو، جنهن ڪري ”بي اعتمادي“ اسان جي قومي سڃاڻ بڻجي وئي آهي ۽ انهيءَ بي اعتماديءَ ڪري اسان ۾ اتحاد خواهه اتفاق پيدا ٿي نٿو سگهي. اسان قوم هوندي به قوم ٿي نه سگهيا آهيون ، اسان مان هر ڪو ماڻهن جي هجوم ۾ هوندي به اڪيلو آهي . اسان مان هر ڪو ويڳاڻپ جو شڪار آهي۽ ان کان وڌيڪ هي ڳالهه ته اسان مان ڪو به ماڻهو ”صاحب راءِ “ ڪونهي . نه اسان پاڻ راءِ جا صاحب آهيون ۽ نه وري ٻئي کي ڄاڻون ٿا.

              هنن حالتن جاهلن کي عالمن تي فوقيت ۽ ڏنڊي کي قلم تي حڪمراني ڪرڻ جو وجهه ڏنو آهي. وقت جي تقاضا آهي ته اسان اهڙيون تحريڪون هلايون ، جنهن ۾ عام ۽ عوام وهمي ۽ مفروضاتي نه ٿئي پر پنهنجي مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي جي آڌار تي ڪا راءِ قائم ڪري ۽ ڪنهن به راءِ کي اکيون ٻوٽي قبول نه  ڪري . جڏهن ۽ جتي به ڪو ماڻهو پنهنجي دوست يا دشمن لاءِ راءِ قائم ڪري هن جي قول ۽ فعل جو مثالن ۽ ثابتين سان ڇيد ڪرڻ بدران سکڻيون تشريحون ۽ اجايا روحاني راز ٻڌائي ته هن کي روڪي سندس هر ڳالهه ۽ ڳالهه جي هر پهلو کي هن جي مطالعي مشاهدي ۽ تجربي جي ڪسوٽيءَ تي ڀيٽيون . بلڪه کانئس  اهڙي تقاضا ڪيون ته سندس مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو هن جي پنهنجي راءِ جي ڪيتري پٺڀرائي ڪري ٿو.

              اسان جيڪڏهن اجايو پنڊت ۽ نجومي بڻجي هروڀرو هر ڪنهن ڄمندڙ ٻار کي نانيءَ مهانڊي ثابت ڪرڻ جي خفت ۾ لڳا رهيا سين ته پوءِ ڪا به تبديلي آڻڻ ناممڪن ٿي پوندي. اسان کي ڪنهن به اداري جي ڪارڪردگي ، ڪنهن به شخص جي قول ۽ ڪردار ، ڪنهن به واقعي ۽ موقعي تي ڳالهائڻ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ اجايو راءِ ڏيڻ ۽ ڳالهائن نه گهرجي. اهڙيءَ ريت ڪنهن به فرد کي اڳ ۾ برو يا ڀلو نه چئجي جيستائين هو پنهنجي قول ۽ فعل سان پاڻ کي برو يا ڀلو ثابت ڪري ۽ هن کي بري يا ڀلي ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙِيون ٺوس ثابتيون ۽ شاهديون هجن، جن جي اسان جو مطالعو ، مشاهدو ۽ تجربو ڪا تصديق ڏئي سگهي.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 23.04.1996)

              . 6رس مَ رسڻ گهوريو

     

    صدين جي  غلامي جي پاڇن ۾ پلجندڙ قوم جي ذهني ۽ فڪري بيهڪ ڏسڻي ۽ ماپڻي هجي ته پوءِ پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اسان کي پنهنجي ئي هلت چلت ۽ قول فعل کي ڏسڻ گهرجي. اسان اها ئي قوم آهيون، جنهن غلامانه سوچ ۽ جاگيردارانه فڪر کي مصر جي مميز وانگر پنهنجي ذهنن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري رکيو آهي . غلط فهمين، محرومين، ۽ پيڙائن جي دز اسان جي اکين ۾ اهڙي ريت ته گهر ڪري ويٺي آهي ، جو اسان سونهن، سچ ۽ حق کي به ڏسي ۽ پرکي نٿا سگهون. اسان جيڪو پاڻ سوچيون ٿا، ان کي ئي صحيح ڄاڻون ٿا ۽ لٺ کڻي ٻين کي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪريون ٿا. اسان جيڪو پاڻ ڪيون ٿا ، ان کي درست ڄاڻون ٿا ۽ ٻين کي پنهنجي پوئلڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيون ٿا. اسان سوچن ۾ بنهه ٻاراڻي اوستا وارا انسان بڻجي پيا آهيون . جيئن ٻار چاهيندو آهي ته سندس ماءُ ڪو به ڪم نه ڪري ۽ فقط کيس ريجهائي پرچائي ، تيئن اسان به هر ڪنهن ڏاهي، مدبر سوچ ڌڻي ۽ دانشور ۾ اهڙي ئي اميد رکون ٿا ته هو اسان کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي ، ڳالهائي ، سوچي ۽ لوچي . اسان جا جيڪڏهن افعال ايستائين غير جمهوري هجن ته به ڪڏهن نه  ڪڏهن فڪري ۽ علمي آزاديءَ جي تازي هوا اسان جي سوچن ۾ ڦيرو آڻي سگهي ٿي . ليڪن پاڻ وٽ ته ڳالهه اڃا اَور آهي. هتي ته مامرو ئي ٻيو آهي.

              اسان جن حالتن مان گذرون ٿا ، انهن جي تقاضا اها آهي ته ڪجهه وقت اجتماعي جياپي ۽ وجود لاءِ پاڻ گڏ ٿيون. ليڪن پاڻ ائين نٿا ڪيون. اسان کي جڏهن متحد ٿيڻ گهرجي ته ان وقت باهمي اختلافن جو شڪار ٿي وڃون ٿا.اسان کي جتي محبت ڪرڻ گهرجي، اتي نفرتن جا واهڙ وهائي ڇڏيون ٿا. اسان کي جتي عفو ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي، اتي ڪڏهن به معاف ڪرڻ نٿا گهرون.

               پر ڳالهه اڃا اَور آهي! اسان الائي ڪهڙي عينڪ پاتي جو پنهنجن جون چڱايون به اسان کي عيب لڳن ٿيون. اسان جي اندر وارين اکين مان بصيرت جي قوت اهڙيءَ ريت ته ختم ٿي وئي آهي، جو پاڻ کي ڪنهن جو ڳڻ ڪنهن جي صلاحيت ۽ ڪنهن جي خوبي به نظر نه ٿي اچي . ان جي برعڪس جنهن ۾ ڪا چڱائي يا صلاحيت ڏسون ٿا ته چڙي پئون ٿا. هتي هڪ اڌ مثال ڏجي ته بي وقتو نه ٿيندو.

              اسان جا ڪيترا اديب ۽ قلمي پورهيت گهڻو لکن ٿا ۽ سٺو لکن ٿا. مون سان هڪڙي نظرياتي مهربان اهائي شڪايت ڪئي بلڪه رازدارانه انداز ۾  پڇيو ته ” فلاڻو ڪي فلاڻو اديب هر ڪنهن موضوع تي لکي ٿو. مون کي شڪ ٿو پئي ته هو اهو سڀ ڪجهه پاڻ نٿو لکي، پر هن جي نالي ۾ ايجنسيون لکن ٿيون يا کيس لکي ڏين ٿيون.“ مان هن همراهه ڏي ڏسندو رهجي ويس. مون کي هن جي عقل تي ارمان ٿيڻ لڳو. عقل جي اڪابر کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي ته ايجنسيون فقط اديبن کي مقالا ۽ مضمون لکي ڏيڻ لاءِ ڪونه ويٺيون آهن. ايجنسين کي انهيءَ کان وڌيڪ ۽ اهم ڪم ٻيا به هوندا آهن.

              هاڻي ڪو انهيءَ بدنصيب، دانشور ۽ قلمي پورهيت کان  پڇي ته تون ته خلوص مان خلاص ٿي رهيو آهين ۽ پنهنجي سوچن جي رت کي مس بڻائي ڌرتيءَ خواهه ڌرتيءَ ڌڻي جي مسئلن، ماضي، حال، مستقبل تي لکي رهيو آهين، پر ڪن ماڻهن وٽ ته تنهنجو دڪو به داخل نٿو ٿئي . ويتر ان جي برعڪس اهي ته توکي پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي گهر کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويٺا آهن . اهو حشر فقط  ۽ فقط اديب جو نه آهي . سماجي   ڪارڪن هجي، صحافي يا فنڪار هجي قوم جو خير خواهه پر جيڪڏهن هو واقعي خير خواهه ، پر خلوص ۽ بي لوث آهي ته دشمنن کان اڳ پنهنجا هن جا تختا ڪڍندا۽ پراون کان اڳ هن تي اهي ناراض ٿيندا، جن لاءِ هو سوچي يا لوچي رهيو هوندو.

              رسڻ جي اها ريت عام ۽ عوام کي ڪانه ٿي اچي. جيڪڏهن انهيءَ جا ماهر آهن ته اهي جيڪي پاڻ کي لکيل پڙهيل ۽ عقل جا اڪابر ڄاڻن ٿا. هنن ويچارن جي اها مجبوري آهي ته هو پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نٿا سگهن. هو لال جا آرسي آهن ۽ عمل جي دنيا ۾ گڙنگ موالي آهن. ان ڪري ذهن جو فتور هنن لاءِ انوکي قسم جا الهام کڻي ايندو آهي. هو اهڙين ئي سوچن کي عام ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو اهڙن لولن لنگڙن انسانن برابر آهن ، جيڪي راهه وٺي ويندڙ هر ڪنهن مسافر کي پنهنجي بيساکيءَ سان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن . ڇو ته هو پاڻ اڳتي وڌي ۽ منزل طرف وڃي نه سگهندا آهن.

              اهڙا لولا لنگڙا انڌا۽ منڊا انسان به ته پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جا آهن. اڪثر ڪري ڪو به لولي لنگڙي ۽ انڌي منڊي گهر ڀاتي کي پنهنجي گهر مان ڪڍي ڪونه ڇڏيندو آهي. اوهان ۽ اسان به ائين ڪرڻ تي مجبور آهيون. انڪري انهن کي لوڌي ڪڍڻ بدران کين ڳراٽڙيون پائي ، هٿ ٻڌي ليلاٽيون ڪري اهو سمجهائڻو پوندو ته اهي اجايو رسڻ ڇڏي ڏين۽ ائين ناراض نه ٿين. پنهنجي قوم جي انهيءَ طبقي کي سمجهائڻ لاءِ پاڻ کي کليو ڪتاب بنائڻو پوندو ۽ وڏي صبر خواهه تحمل سان انهن حالتن جو انتظار ڪرڻو پوندو، جن جي روشنيءَ ۾ هو حق، سچ ۽ سونهن کي ڏسي ۽ پرکي سگهن.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 01.11.1994)

      .7اڻ ڄاڻائيءَ جهڙو عذاب ۽ ڊپ جهڙو گناهه ٿئي ئي ڪونه

     

    انسان جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو، جنهن کي خدا جو خليفو مڃيو وڃي ٿو ۽ جنهن کي ڌڻي تعاليٰ سهڻي صورت، حيثيت ۽ عظمت ڏني ، سو ڪن حالتن ۾ اهڙا ڪم ڪري ويهندو آهي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ سندس شان ۽ مان وٽان ڪونه هوندا آهن.هو اهڙن ڏوهن ۽ گناهن جو خالق به پاڻ هوندو آهي ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي به اهڙن ڏوهن ۽ غلطين جي ڀوڳڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. اهڙي صورت ۾ هن جي غلطي هن کان وڌيڪ ٻين لاءِ عذاب بڻجي پوندي آهي.

              انسان کي اهڙين خطائن کان بچائڻ لاءِ ڏاهن توڙي ڏاتر جوڳو بندوبست پڻ ڪيو آهي. پوءِ ڪي عقل جا اڪابر ٿي وڃن ٿا ته ڪن جي ترين کي تيل لڳي ئي نٿو. الله تعاليٰ سوا لک نبي موڪليا ته جيئن اسان کي اڻ ڄاڻائي جي اوڙاهه مان ڪڍيو وڃي. دنيا جهان ابتداء کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سڀني کان وڏو انگ ۽ گهڻو تعداد هادين ، رهبرن ۽ استادن جو ئي پيدا ڪيو آهي. انهن پڻ ساڳئي ئي تند تنواري آهي ۽ اهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو.

              ”اڻ ڄاڻائي“ لفظ ، لکڻ ۽ اچارڻ ۾ ته آسان آهي پر انهيءَ مان انڌ ۽ عذاب جا ايترا ته الا  اڀرن ٿا، جيڪي گهڙي پلڪ ۾ امن کي فساد، سڪون کي بي چيني، انسان دوستي کي انسان دشمنيءَ ۽ عقل کي بي عقليءَ ۾ بدلائي ڇڏين ٿا.”اڻ ڄاڻائي“ ڪري ماڻهو منطق کان وڌيڪ مفروضي کي حقيقت ڄاڻي ٿو.”اڻڄاڻائي“ اها انڌ جي گهوڙي آهي، جنهن  تي جنهن به سواري ڪئي اهو نه فقط ماڻهپي کان پر ٻنهي جهانن کان نڪري ويو.

    اسان پنهنجي اردگرد نظر ڦيرائينداسين،بلڪه سنڌ ۾ سنڌ واسين جو جائزو وٺنداسين ته پاڻ کي اڪثريت انهيءَ ئي انڌ جي گهوڙيءَ تي چڙهيل نظر ايندي. ائين محسوس ٿيندو ته اسان عقل کان وڌيڪ ڪنن تي ڀاڙيون ٿا. اسان کي جيڪو ٻڌايو ويندو، تصديق ڪرڻ کان سواءِ ئي ان تي ايمان آڻي ويهنداسين. نه رڳو ڳالهه ٻڌي ڳنڍ ٻڌنداسين ، پر مفت ۾ ٽپالي ٿي انهيءَ ڳالهه کي هڪ کان ٻئي هنڌ پهچائينداسين. اسان مبلغ آهيون ، پر مفروضن جا حقيقت شناسي ۽ سچائي جي تهه تائين پهچڻ جي جستجو پاڻ ۾ آهي ئي ڪو نه.اسان اهڙيءَ غلطي ڪري صدين کان وٺي سچ کي ڪوڙ ، ڪوڙ کي سچ، مظلوم کي ظالم، ۽ ظالم کي مظلوم، رهبر کي رهزن ۽ رهزن کي رهبر  بڻائيندا آيا آهيون. ايئن اسان پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي پاڻ ئي دانهون ڪندا آهيون . اسان اڻڄاڻائي جو شڪار ٿي سچ جي سسي وڍي ۽ حق جو مٿو ڦاڙي رڙيون ڪوڪون ڪندا آهيون، ته ”قهر ٿي ويو، حقدار کي حق نٿو ملي، ۽ سچ جو ڪٿي به پڙاڏو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.“

              اسان مان هرڪو هڪ ٻئي سان انهيءَ ڪري ئي ظلم ڪري ٿو جو هر ڪو انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ پڪو ايمان رکي ٿو.ڪو به تصديق ڪرڻ ۽ ڪو به سچ تائين پهچڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. اسان لاءِ فقط اهو ئي ڪافي آهي ته ڪنهن لاءِ ٻڌون ته هو نيڪ آهي ، ته هن جا چڳ وڍيامريد بڻجي پونداسين ۽ جيڪڏهن ڪنهن لاءِ ٻڌون ته هو برو آهي ته پوءِ هن جا ازلي دشمن بڻجي پونداسين . هن جهڙي جهالت ،هن جهڙي بيوقوفي ۽ هن جهڙي ذهني غلامي ٻي ٿي ئي نه ٿي سگهي . اهڙي حالت ۾ اسان جو ذهن اهو خالي توٻرو بڻجي پئي ٿو،جنهن کي هر ڪو آسانيءَ سان پنهنجي پسند واري گند ڪچري سان ڀري سگهي ٿو. اسان ڪنن جا اهڙا ته ڪچا ٿي پئون ٿا جو غلط ۽ غليظ ڳالهه جن ڀوت جيان ڪنن ذريعي واسو ڪري اسان جي وجود کي وڪوڙي ڇڏي ٿي. بي وسي ۽ بي حسيءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو عالم ٿي سگهي ٿو ته اسان ايئن اڻڄاڻائيءَ جو شڪار ٿي وڃون. بلڪه اڻڄاڻائيءَ جا غلام ٿي وڃون. اسان کي ڪير سمجهائي ته اها اڻڄاڻائي بيهودن بهتانن ۽ اجاين الزامن کي جنم ڏئي ٿي. اها اڻڄاڻائي اسان کان هر روز ڪيترن جي ڪردارڪشي ڪرائي ٿي . انهيءَ ڪري اسان پاڻ کي بيوقوف ۽ ٻئي کي مظلوم بڻائيندا رهون ٿا . هر اها ڌر جيڪا سنڌ ۾ ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻڻ گهري ٿي، انهيءَ تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اها اڻڄاڻائي ، انڌي عقيدت، سوچڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ قبول ڪرڻ ۽ ٻڌُ تي ڳنڍ ٻڌَڻ خلاف جهاد ڪري ۽ پنهنجي ڀر پاسي ۾ اهڙن ماڻهن کي ويهڻ ڏئي جيڪي مفروضن ۾ نه پر منطق ۽ پرک ۾ پختا هجن.

              سنڌ واسي،جنهن ٻي نفسياتي الجهن ۾ صدين کان وٺي سوگها ٻڌل نظر اچن ٿا،اهو آهي ڊپ. اسان جا ڏاها چوندا چوندا مري ويا ته ”سپ نه ماري ، سپ جو سراپ ماري .“ پر اسان سراپ کي ختم ڪرڻ بدران سدائين سپ خلاف سوٽا کڻي گهمون ٿا . اسان جو اهو انڌو منطق اسان جي علم ادب ۾ به آهي ته سياست ۾ به آهي. سماج جو شايد ئي ڪو اهڙو فرد هجي، جنهن کي اسان ”بي ڊپو“ چئي سگهون.

              اسان کي اهو ڪير ٻڌائي ته ڊپ غلاميءَ کي طول ڏيندو آهي، ظلم کي پروان چاڙهيندو آهي، حياتيءَ کي موت ۾ بدلائيندو آهي، اجتماعي آپگهات ، بلڪه سماجي ۽ قومي آپگهات کي هوا ڏيندو آهي . ماڻهوءَ کي جڏهن موت کان ڊپ ٿيندو آهي ته هن جي حياتي وهه بڻجي پوندي آهي ۽ گيدي بڻجي ويندو آهي. قومن کي جڏهن ظلم ۽ تشدد کان ڊپ ٿيندو آهي ته غلامي انهن کي بي پاڙي ول جيان وڪوڙي ويندي آهي. هڪڙي فرد کي جڏهن ٻئي فرد کان ڊپ ٿيندو آهي  ته پاڻ کي بچائڻ جي نالي ۾ ٻئي کي ماري وجهندو آهي . ڊپ جا اهي نتيجا ٻڌائن ٿا ته ڊپ اهڙو گناهه آهي، جنهن جو ڪو به ازالو ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جهان ۾ جيڪي به قهر ۽ ڪلور ٿيا آهن، انهن ۾ وڏو عمل دخل ڊپَ جو ٿئي ٿو. ظالم انهيءَ ڪري ئي مظلوم جي سسي وڍي ٿو، جو کيس اهو ڊپُ هوندو آهي ته متان مظلوم پنهنجي داد رسي پاڻ ڪري.

              ذهنن کي صاف ڪرڻ لاءِ، معاشري کي مثالي بنائڻ لاءِ، ۽ ماڻهوءَ کي انسان بنائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته فردن جي ذهنن مان ڊپُ ڪوري ڪڍيو وڃي ۽ ماڻهن کي اهو محسوس ڪرايو وڃي ته ڊپُ ڪنهن به درد جي دوا ڪونهي، پر هر درد جي پاڙ آهي. پوءِ اهو درد انفرادي هجي يا اجتماعي ، پنهنجو هجي يا پرائو .

    اسان جي دانشورن ۽ مدبرن کي منظم نموني”قومي نفسيات“ جي مطالعي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ مطالعي جي روشنيءَ ۾ منظم نموني سان درد جي دوا ڪرڻ جي ضرورت آهي .پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته ڪنهن کي به درد پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. ڪنهن به علمي ،ادبي، نظرياتي ۽ سياسي تنظيم وٽ اهڙي گنجائش ڪونهي ۽ ايترو وقت ڪونهي جو قوم جي سماجي ،سياسي، ثقافتي، نظرياتي ۽ نفسياتي مسئلن تي غور ڪري . بس اسان مان جيڪو ڄمي ٿو ، اهو اکيون ٻوٽي قوم کي مريض ڄاڻي ٿو ۽ چئي ٿو ۽  پوءِ پنهنجي پسند مطابق دوا تجويز ڪري ٿو. بس اسان اهي انڌا اونڌا ويڄ آهيون جن کي مرض جي خبر ناهي، پوءِ به مريض مٿان ڪات ۽ ڪهاڙا ڊڀ ۽ ستيون کڻي بيٺا آهيون . جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ڪرڇ مان ڪا تنظيم ڪر کڻي ڪوڪ ڪري ها ته اسان دڳ ۽ پيچري سان آهيون .اسان کي ”اڻڄاڻائي“ جي اٻهرن نتيجن جي خبر آهي ۽ ”ڊپَ“ جي منفي اثرن کان باخبر آهيون . اسان ڄاڻون ٿا ته اڻڄاڻائي جهڙو ڪو عذاب ڪونهي ۽ ڊپَ جهڙو ڪو گناهه ڪونهي ۽ اهي ٻئي ڳالهيون اسان سنڌ اسين ۾ وڏي پيماني تي موجود آهن.    

       (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 16.04.1996)

    . 8       داخلي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم

               

    هن دؤر کي نظرياتي عروج جو زمانو چيو وڃي ٿو. شايد ئي اسان مان ڪو اهڙو ماڻهو هجي ،جيڪو پنهنجي نظرياتي پختگيءَ ۽ بي مثال حيثيت جي دعويٰ نه ڪندو هجي . جيڪو ٿو آني مان ڦٽي نڪري سو قوم جي حال ۽ مستقبل کي سنوارڻ جا سبق ڏئي ٿو. سماجي ڪارڪن هجن يا سياستدان، شاگرد هجن يا استاد ، واپاري هجن يا سرڪاري ملازم ، صحافي هجن يا اديب اسان جا اهي سمورا طبقا قوم جي ڀلائي ۽ فرد جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا .

    پر جيتريون ڳالهيون ٿين ٿيون ، جيتريون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ۽ جيتريون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، صورتِ حال اوتري ابتڙ ۽ خراب ٿيندي وڃي ٿي . نالي ماتر به ترقي ڪانه ٿي ٿئي. انسان جو روز به روز حال حشر ايئن ٿيندو وڃي ٿو ،جهڙوڪ هن جي مٿي تي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ڳنڍ هجي، هن جا هٿ حالتن جي ٽوڙهن سان ٻڌا ويا هجن ۽ هو ڪنڊن واري پيچرن تان گذري رهيو هجي ۽ مسئلن جي ڇتن ڪتن جي لوڌ هن پٺيان هجي. اڄوڪي عوام جو روح زخمي آهي ۽ وجود رتوڇاڻ آهي.

              اڄ جو سنڌي داخلي غلاميءَ جي اهڙي ڀيانڪ دور مان گذري رهيو آهي، جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملي نه ٿو سگهي، هن تي اها غلامي اسرائيل يا آمريڪا مسلط ڪانه ڪئي آهي. يا وري ڌرتي ۽ آسمان مظلومن سنڌين تي ڏمريا آهن. اهو قرب هڪ سنڌيءَ ٻئي سنڌيءَ تي ڪيو آهي . اڄ جو سنڌي ٻئي سنڌيءَ جي ظلم جو نشانو بڻيل آهي.اسان جا آدرش، اسان جا نظريا اسان جا اصول، اسان جا قدر ۽ اسان جا ادارا اسان جي سنڌين هٿان نشانو ٿيا آهن. اسان پنهنجي آدرشن کي ”قيدي آدرش“ بڻائي ڇڏيو آهي.اسان پنهنجي ڪنهن به آدرش جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون بلڪه آدرش کي پنهنجي ذاتي خواهه گروهي مفادن جي ڍال بڻايون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان نظرين ،قدرن ۽ اصولن جي ڳالهه ٻئي کي بيوقوف بنائڻ  ۽ پنهنجي اندر واري مڪروهه انسان کي لڪائڻ لاءِ ڪندا آهيون. اسان پنهنجي گناهن کي لڪائن ۽ ڏوهن کي پالڻ لاءِ تنظيمن ۽ جماعتن ۾ پناهه وٺون ٿا. اسان جي چڱ مڙسي ٻئي جي پٽڪي لاهڻ لاءِ مخصوص ٿي چڪي آهي.

              هن وقت اسان جو معاشرو ظالم ۽ مظلوم طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪڙا ماڻهو ڏنڊي ۽ ڏاڍ جي زور تي ڪنهن تنظيمن يا جماعت جي آسري تي چڱ مڙسي يا عهدي رتبي جي آڌار تي ،ذات پات يا هلنديءَ پڄنديءَ جي زور تي شريف ، بيوس، لاچار ۽ مجبور انسان جو استحصال ڪري ٿو ۽ ظلم جون انيڪ روايتون قائم ڪن ٿا. اهڙي صورتِ حال سچي، سڌي ۽ سادي انسان کي پاڻ جهڙي انسان جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ جو انسان اهڙي عذاب جي زندگي گذاري رهيو آهي . هو مظلوم آهي، محڪوم آهي ۽ مجبور آهي.

              اهڙن مجبورن ۽ مظلوم غلامن جو تعداد ظالمن ۽ استحصال ڪندڙن جي تعداد کان گهڻو وڏو آهي. بلڪه ائين چئجي ته اسان جي اڪثريت داخلي غلاميءَ جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي ۽ اسان جي ٿورائي پنهنجي ئي ڌرتي وارن جي رت چوسڻ ۾ مصروف آهي. هنن قهري ڪارواين اڪثريت کان ڌرتيءَ جي بک کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عوام پنهنجي ذاتي سورن ۽ عذابن ۾ ايترو ته مصروف ۽ منجهيل رکيو ويو آهي جو هن کان جهڙوڪ ڌرتي جا ڏک ساريا ئي نٿا ٿين.بهاري مسئلو حل ٿيو يا نه ؟ ڪالا باغ ڊيم اسان جي ترقي جو ڪارڻ آهي يا تباهيءَ جو سبب آهي؟ ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿئي يا نه ؟ سنڌ جو وڏو وزير يا گورنر سنڌي ٿئي يا غير سنڌي؟ عوام اهڙن دکن دردن، سورن ۽ مسئلن کي ان ڪري ئي محسوس ڪري نٿو سگهي جو هن جي پنهنجي زندگي ئي عذاب بڻائي وئي آهي.

              عوام اڄ جي حالتن ۾ صبح شام انهيءَ اڻ تڻ ۾ آهي ته هن جي عزت سان رهجي اچي. هن جي جان ۽ مال کي ڪو ڇهيو نه رسي، پر جيئن ته هن کي داخلي غلامي جي ڳٽ سان ڪنڌ جهڪائي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ان ڪري هو پنهنجي پيرن کان پرتي ڏسي نٿو سگهي.

              هن تي ظلم اهي ڪن ٿا،جيڪي سندس آسرو ٿيڻ گهرجن، هن تي قهر اهي ڪن ٿا جيڪي رحم ۽ ڪرم لاءِ آهون ۽ دانهون ڪن ٿا. هن جي زندگي انهن عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جيڪي اجتماعي خوشحالي جي ڊاڙ هڻن ٿا.هن کي ڌرتي کان اهي ڌار ڪن ٿا، جيڪي قوم کي متحد رکڻ لاءِ تنظيمون ،پارٽيون ۽ جماعتون جوڙين ٿا. هن تي ڏاڍ ۽ ڏمر اهي ڪن ٿا، جيڪي ڏاڍن کي ڏارڻ جا نعرا هڻن ٿا . هن کي سڃو ۽ سکڻو اهي ڪن ٿا ، جيڪي قوم جي خوشحاليءَ جي دعويٰ ڪن ٿا . ان ڪري ڪنهن به قومي ۽ سياسي فيصلي خواهه مسئلي ۾ عوام اهڙن ڌاڙيلن جو ساٿ نٿو ڏئي نتيجي ۾ سنڌ جا سنگين مسئلا روز به روز سنگين ۽  ڳنڀيرٿيندا وڃن ٿا ۽ عوام انهن ۾ ڪا به دلچسپي نٿو وٺي. اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته سنڌ جي ”حال“ خواهه ”مستقبل“ سان لاڳاپيل مسئلن ،خواهشن ۽ منصوبن ۾ عوام وڏي اڪثريت سان شرڪت ڪري ته پوءِ پهريون اسان کي عوام جي آزارن ۽ عذابن مان جان آجي ڪرڻي پوندي. عوام جي عزت، جان ۽ مال کي نشانو نه بنائڻو پوندو. جيستائين عوام داخلي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جيستائين عوام جي زندگي اسان جي هٿن سان عذاب بڻبي رهندي ۽ جيستائين اسان جي هٿ ۽ زبان، قول ۽ فعل کان عوام لاءِ آزار پيدا ٿيندا رهندا، ان وقت تائين تِرَ جيتري تبديلي به ڪا نه ايندي، بلڪه جڏهن ڪنهن تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام طرفان مدد بدران ان جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مزاحمت ٿيندي رهندي. ڇو ته عوام  اهڙن ظالمن ،ڦورن،ٺڳن ۽ رهزنن کي ڪنهن به قسم جي واڳ ڏيڻ نه چاهيندو . ان ڪري جيڪڏهن اسان ڪجهه ڪرڻ گهرون ٿا ته ان لاءِ پهريون عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻو پوندو. هن کي نام نهاد دانشورن جي علمي استحصال ،وڏيري جي سماجي ظلم ، ڪاموري جي اختياري ڏاڍ ۽ نقلي سياسي ڪارڪنن جي نظرياتي پرماريت کان بچائڻو پوندو.    

    عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته اسان ٻين کي سڌارڻ بدران پاڻ کي سڌارڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان پاڻ سان ، پنهنجي نظريئي سان، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان سچا ٿيون. اسان پنهنجي تنظيمن ۾ داخلي احتساب جي عمل کي اوليت ڏيون. جيڪڏهن اسان جي تنظيم ،ذات ۽ پيشي سان لاڳاپيل ڪو فرد ،ڪارڪن يا عهديدار ڪا اهڙي ڳالهه ڪري يا ڪو اهڙو عمل ڪري جنهن سان عوام جي دل آزاري ٿئي يا عوام جي عزت جان ۽ مال کي ڇيهو رسي ته پوءِ ان جو جوڳو تدارڪ ڪيون. مظلوم جي ڌر وٺون ۽ ظالم توڙي ظلم جي پاڙ پٽڻ جو پڪو پهه ڪيون.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 10.01.1995)

     

     

     

     

       . 9اچو ته هڪ ٻئي جا ويري نه ٿيون

           

    چيو وڃي ٿو ته مور جڏهن پنهنجي کنڀن ۽ پرن ڏي ڏسندو آهي ته خوشيءَ وچان ٽڙي پوندو آهي ۽ نچڻ لڳندو آهي. پر جڏهن سندس نگاهه هن جي پنهنجن ڪارين ۽ موچارين ڄنگهن تي پوندي آهي ته روئي پوندو آهي. عوام دوست انسان جي ڪيفيت به مور جي ڪيفيت جهڙي ٿي پوندي آهي. جڏهن هن کي پنهنجي چؤطرف اهڙا مانجهي مڙس مٿير نظر ايندا آهن ، جيڪي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي دکن دردن کي پنهنجو سور سمجهندا آهن . هن کي پنهنجي ماضي ۽ حال ۾ اهڙا موتيءَ جا داڻا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي هر وجهه کان ”آدرشي انسان“ هوندا آهن، سچ تان سر صدقي ڪرڻ ، ۽ جان جوکي ۾ وجهي ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جهڙا ڪرداربه هن کي هر دور ۾ نظر ايندا، پر بنهه اٽي ۾ لوڻ برابر. اهڙن انسانن جي عمل، قدرن، نظرين ۽اصولن جي اهڙي مڃتا ڏسي گل جيان ٽڙڻ جا موقعا ملي ويندا آهن.

    پر انهن جي برعڪس اڪثريت کي اهڙن افعالن جي قيد ۾ قابو ڏسجي، جن ڪري انسانيت ۽ قوميت جي چهري تي بدنما داغ ٿي پون ، اهڙي صورت حال ۾ مور جو اهو روپ اکين آڏو تري اچي ٿو، جڏهن هو پنهنجي پيرن کي ڏسي روئي پوندو آهي. برائي ۽ ڀلائي هر دور ۾ موجود هونديون آهن. ڪنهن به دور ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ته برائي ختم ٿي ويندي آهي ۽ نه وري ڀلائيءَ جي پاڙ پٽجي ويندي آهي. البته ايئن ضرور ٿيندو آهي ته ڪڏهن برائيءَ جي بادشاهي قائم ٿي ويندي آهي ته ڪڏهن ڀلائيءَ جي بادشاهي برپا ٿي ويندي آهي.جڏهن برائي مٿو کڻي ماڻهن جي ذهنن، ضميرن ۽ عملن تي حڪمراني ڪرڻ لڳندي آهي ، تڏهن قوم جا باشعور فرد پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جو توجهه ڇڪرائيندا آهن. جيڪڏهن انهن کي ٻڌو ويندو آهي ته قوم پاڻ سنڀالي وٺندي آهي، ٻئي صورت ۾ تباهي ۽ بربادي انهيءَ قوم جو مقدر بڻجي ويندو آهي. اڄ اسان انهيءَ حوالي سان انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ڪهڙي موڙ تي پهتا آهيون؟ اهو اسان کي سوچڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل ڍڪيل ڪانهي ته اسان هن وقت لافاني قدرن ، نظرين ۽ اصولن کان منهن موڙڻ لڳا آهيون. شريف، سچو ، اصول پرست ۽ ايماندار ماڻهو اسان جي عذاب ۽ عتاب جو شڪار بڻجي چڪو آهي. غريب، بي پهچ، معصوم ۽ سادي انسان جي زندگيءَ ۾ اسان زهر ملائي ڇڏيو آهي. انساني زندگي اسان لاءِ ٽڪي جي به اهميت نٿي رکي. اسان اکيون بند ڪري ٻئي جو حق آسانيءَ سان هڙپ ڪري وڃون ٿا. هاڻي چوريءَ نه پر زوريءَ ڪنهن جو ڌنُ ، دولت ۽ عزت تي ڌاڙو هڻي سگهون ٿا . معاشرو ،ضمير ۽ خدا اسان لاءِ بي معنيٰ لفظ بڻجي چڪا آهن . اهڙو ته انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿيڻ جو شوق وڌي ويو آهي، جو اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي اهڙا ته شهسوار بڻجي ويا آهيون جو دنيا کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿا ڪيون.

              ايماندار ، رشوت کان پاسيرو، سفارش جو منڪر ۽ صلاحيت کي مان ڏيندڙ  عملدار اسان جي نظرن ۾ بي فيض انسان آهي. سچو ۽ سادو انسان اسان جي سوچ مطابق احمق ۽ بيوقوف آهي. عملدار اهو سٺو جيڪو اسان جا غلط ڪم ڪري . ماڻهو اهو سٺو جيڪو اسان کي به بي وقوف بڻائي وڃي. جنهن اسان لاءِ محبت سان ڳالهايو ته ڪلهه مري ويو. جنهن اسان کي سچ چيو هن ڄڻ هميشه لاءِ دشمني کنئين. اوهان ڪنهن سان لک چڱايون ڪيو، ڪنهن کي سڄي ڄمار رت پياريندا رهو،پر جيڪڏهن ڪنهن لاچاريءَ ۽ مجبوريءَ ڪري هڪ ڪم نه ڪيو ته اوهان جي هر چڱائي رائگان وئي. جهڙوڪ اوهان هن سان ڪڏهن به چڱو پير ڪو نه ڀريو هو. هي احسانن جو قتلام ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ هي لافاني نظرين، قدرن ۽ اصولن سان قهر ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

              ڳالهه اتي دنگ نٿي ڪري ، پراسان انسانيت ۽ ماڻهپي کي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي پيرن هيٺيان چيڀاٽڻ شروع ڪيو آهي. ڪنهن ڊرائيور کان گاڏي ڦرڻ لاءِ هن کي گوليون هڻي اُڦٽ مارڻ اسان جي نظرن ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي. پنهنجي ڏاڍ مڙسيءَ جي سڪي چمڪائڻ لاءِ ڪنهن شريف جي پٽڪي لاهڻ کي لازمي ڄاڻون ٿا. امتحان ۾ چڱن نمبرن ۾ پاس ٿيڻ لاءِ لٺ ۽ چٺ جو استعمال ڪرڻ ڏاهپ ڄاڻون ٿا. هر غلط ڪم ڪرڻ ۽ ناجائز طريقي سان ڪم وٺڻ ئي اسان جي ڄاڻ سڃاڻ بڻجي چڪي آهي. اسان تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر ڪونه ٿو ٿئي . فقط ۽ فقط مفادن جو جن ڀوت اسان جي ماڻهپي ۽ وجود ۾ واسو ڪري چڪو آهي.اسان پنهنجي تشخص ۽ ماڻهپي جا قاتل بڻجي چڪا آهيون . اسان انسان ۽ قوم جا ويري بنجي چڪا آهيون . اسان جي ظلم ۽ بي رحميءَ جو ڪو مثال نٿو ملي. اسان جو جڏهن پاڻ ۾ اهڙو وهنوار آهي ته ٻي دنيا ۽ ٻيا ماڻهو اسان تي ڪهڙو رحم ڪندا؟ ڇا ايئن ته نه آهي جو غير قوم ۽ باقي دنيا جيڪو ڪجهه اسان سان ڪري رهي آهي، اهو اسان جي عملن بلڪه اوڳڻن جو نتيجو آهي؟ جيڪڏهن مذهبي حوالي سان اها ڳالهه نه کڻجي ته پوءِ ايئن کڻي چئجي ته جڏهن ڌارين ۽ غيرن کي پڪ پئجي وئي آهي ته اسان هڪ ٻئي جي ڏاڙهيءَ پٽ ۾ لڳا پيا آهيون ۽ هڪ ٻئي جا ويري بڻجي ويا آهيون ته انهن کي اسان خلاف سازشون ڪرڻ جون، اسان جي ڌرتيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۽ اسان جي مستقبل سان هٿ چراند ڪرڻ جو حوصلو ملي ويو آهي.              

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 20.12.1994)

         .10مولا منهنجي پڄاءِ ، ٻيا وڃي ٻن پون

           

    انسان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ لاءِ ڪيترائي روپ ۽ حلقا جوڙي رکياآهن.انمان”ذاتي“،”خانداني“  ،”گروهي“،”اجتماعي“  ،  ”قومي“ ۽ ”بين الاقوامي“ حلقا عام فهم، مقبول ۽ معروف آهن. اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ڪهڙي حوالي ۽ ڪهڙي حلقي جي حوالي سان ٿئي ٿي ؟ اهو هڪ اهم سوال آهي۽ انهيءَ سوال جو جواب ئي اسان جي شخصي، قومي ۽ انساني قد بت ماپڻ جو واحد طريقو ٿيندو آهي.

              اسان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ هينئن ڪرائيندا آهيون ته اسان سنڌي هڪ عظيم ۽ قديم قوم آهيون. اسان ان وقت به مهذب هئا سين جڏهن باقي دنيا اڃا تهذيب جي لفظ کان به بي خبر هئي. اسان بهادر، بي باڪ، پُرخلوص، مهمان نواز مطلب ته هر ڪنهن چڱي ڳڻ ۽ لڇڻ جا خالق ۽ رکوالا آهيون. اسان کي جڏهن به غلاميءَ جو طوق وڌو ويو ته اسان ڪا ويرم ئي ڪا نه لاتي. دشمن، جابر ۽ قابض کي اهڙا ته ٽوٽا چٻاياسين جو کيس ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويو  . مختصر لفظن ۾ ايئن چئجي ته ڏاڏي آدم کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ، دنيا جهان ۾ جيڪا به ترقي ٿي ان کي اسان پنهنجو ڪارنامو ۽ شاندار ماضيءَ جو پڙاڏو سمجهنداسين . نه رڳو پاڻ ايئن سمجهنداسين، بلڪه دنيا جهان کي به ائين مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

    هن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسان شاندار بلڪه مثالي ماضيءَ جا وارث آهيون. پر هن وقت اسان جي ڪهڙي صورت حال آهي؟ اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. اسان جي ”عظيم ماضي“۽ ڏکوئيندڙ حال ۾ پاڻ کي جيڪو زمين آسمان جو فرق نظر اچي ٿو، ان جوهڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ماضيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جو قول ۽ فعل اجتماعي مفادن جي رنگ ۾ رتل هوندو هئو . اڳ ۾ اسان قومي ۽ اجتماعي مفادن کي اهميت ۽ اوليت ڏيندا هئاسين، جڏهن ته هاڻي قوم ۽ قومي مفادن وار لفظ زبان تي ته آهن ، پر مطلب ،غرض، طمع ۽ لالچ ذاتي نوعيت جو رنگ چڙهيل آهي. پهريون اسان پنهنجي من جون مرادون پوريون ٿيندي ڏسڻ چاهيندا آهيون ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي جو خيال رکڻ گهرندا آهيون. نه فقط ايترو پر پنهنجو مطلب پورو ڪرڻو هوندو يا مفاد حاصل ڪرڻو هوندو ته نظرين،قدرن ۽ اصولن کي لتاڙڻ کان به ڪين ڪيٻائينداسين. اسان پنهنجي غرض پوري ڪرڻ لاءِ آدرشن ۽ ادران، تنظيمن ۽ جماعتن جو تقدس به پائمال ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائينداسين. ڌرتي وڃي کڏ پئي ، ڌرتي ڌڻي وڃي ٻَنِ پون ، پهريون اسان پاڻ کي ڏسنداسين ۽ پنهنجي طمع کي ڏسنداسين.

              اسان کي ذاتي مفاد بي پاڙي ول جيان وڪوڙي ويا آهن، ان ڪري وطن دوستي جي روشني ۽ عوام دوستيءَ جي هوا اسان جي ذهن ۽ ضمير جي ٻوٽي کي ملي ئي ڪانه ٿي سگهي. اسان ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي محبت جو مزو ماڻي ئي ڪونه ٿا سگهون.  

    اسان جيڪڏهن پنهنجي مفادن سان مطلب رکون ته به ڳالهه ٺهي، پر هتي ته قصو ئي اور لڳو پيو آهي . اسان پنهنجي معمولي کان معمولي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ غير معمولي گناهه ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي وڃون ٿا. اهو نه ڏسنداسين ته ٻئي کي ڪو نقصان ٿو پهچي يا ٻي جي عزت يا حيثيت کي ڪو ڇيهو ٿو رسي . اسان جي هر حالت ۾ اها ئي ڪوشش رهندي ته ڀلي ته ڌرتي ڦاٽي پئي پئي، آسمان ڏري پئي، قدرن ۽ اصولن جي بيخ ڪني ٿئي پر اسان جي غرض پوري ٿئي. ذاتي غرض جي انهيءَ غلاميءَ اسان کي مثالي ظالم ،پرماريت جو ڪوڏيو ۽ ڏوهاري بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪري اسان سڌي ۽ سنئين رستي سان هلي منزل ماڻڻ کي برو ۽ غلط فعل ڄاڻڻ لڳا آهيون. ظلم، زيادتي، استحصال ۽ ناحق واري هن وهنوار ۾ جيڪڏهن ڪو اسان جو ساٿ نٿو ڏئي ته هن خلاف نفرت ۽ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي ڇڏيون ٿا. پر جيڪو اسان جي اهڙن افعالن ڪري مزاحمت ڪري ٿو ته ، ان کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريون ٿا ، بلڪه ان جي وجود کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون. هنن حالتن اسان کان حق ۽ سچ چوندڙ رسائي ڇڏيا آهن، قدرن ، نظرين ۽ اصولن اسان کان منهن موڙڻ شروع ڪيو آهي. ڪو به ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ ۽ ڪو به ڪنهن کي چڱائي چوڻ جي پاڻ ۾ سگهه نٿو ساري. معاشري مان ايئن ماڻهپو موڪلائيندو پيو وڃي جو ماڻهو کوکلا ۽ مطلبي ٿيندا پيا وڃن.هر ڪو انهيءَ ڌن ۾ لڳو پيو آهي ته مولا منهنجي ئي پڄائي ۽ ٻيا وڃي ٻَنِ پون .آهي ڪو هن ڌرتيءَ جو دانشور جو قوم کي اهڙي چڪڻ مان چاڙهي؟ آهي ڪو هنن ماروئڙن جو مدبر جيڪو عوام تان اهو آزار لاهي؟ ڇا اسان فردن جي شخصيت جي تعمير ۽ تڪميل لاءِ ڪجهه به ڪري نٿا سگهون؟

     

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 17.01.1995)

     

     

     

     

     

     

       . 11رئندي عمر گذاري ، يار جي خبر نه ڪائي

             

    انساني فطرت ۽ نفسيات تي ، جيڪو ڪجهه اسان جي عوامي شاعرن لکيو آهي، اوترو ڪنهن يونيورسٽيءَ جي بلڪه پوري ملڪ جي يونيورسٽين جي سائيڪالاجيڪل ڊيپارٽمينٽس جي جملي پروفيسرن به ڪونه لکيو هوندو . بي شڪ دنيا جهان نفسيات جا وڏا ماهر پيدا ڪيا آهن، جن نفسيات جي موضوع تي اُٺ ڪتابن جا لکيا آهن، پر اسان جي انسان دوست عوامي شاعرن جي جتي ۾ پير پائڻ جهڙا ڪو نه آهن. علم ڌڻين جيڪو انساني نفسيات تي ڪم ڪيو آهي، ان جو اولين مقصد اهو آهي ته انسان ،سندس فطرت ۽ نفسيات کي سڃاڻي ان مان پنهنجو مطلب ڪيئن ڪڍجي. ان جي برعڪس اسان جي شاعرن انسان جي اهڙيءَ ريت مطالعو ڪيو آهي، جنهن مان جيڪڏهن ڪجهه پلئه پوي ٿو ته مطالعي ڪندڙ کي نه  پر، ان جو جنهن جي نفسيات، فطرت يا طبيعت جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو. مطالعي ڪندڙ کي وري مايوسيءَ کان وڌيڪ محبت ۽ خاموشيءَ کان وڌيڪ وري وري ڪوشش ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو.

              انسان الله تعاليٰ جي عجيب ۽ انوکي مخلوق آهي . هو جتي زندگيءَ کان وٺي موت ۽ موت کان پوءِ واري حياتي تائين هر ڳالهه ۾ الله جو محتاج آهي ، اتي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ بلڪل آزاد، بي پرواهه ۽ بي نياز آهي. انسان جيڪڏهن چاهي ها ۽ پنهنجي ڀلائيءَ واي پيغام کي هڪ ئي وقت ۽ هڪ قسط ۾ قبول ڪري ها ته پوءِ سوا لک نبين جي اچڻ جي ضرورت پيدا نه ٿئي ها. سچ کي ساٿ ڏيڻ ۽ حق کي پنهنجو ڪرڻ ايڏو ته ڪو مشڪل ڪم آهي،جو اڪثرانسان جي فطرت ۽ طبيعت ان کي تڪڙو قبول نه ٿي ڪري . ان ڪارڻ انسان کي ڪنهن نبي يا پيغمبر جي ضرورت پئي.

    هاڻي جڏهن ڪو نبي اچڻو ڪونهي ۽ ڪو پيغمبر ٿيڻو ڪونهي، تڏهن گلاب جي خوشبوءِ عطر مان ئي محسوس ٿيڻي آهي. هر قوم ۾ انسان دوست پيدا ٿيندا رهن ٿا. جيڪي انسان کي سمجهائڻ، سلجهائڻ، دڳ لائڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو پيغام  ڏيندا رهن ٿا . سنڌ ۾ ته صدين کان وٺي اهو تسلسل قائم ۽ دائم رهيو آهي.

    سنڌ جي مٽيءَ اهڙا ته ڏاها پئي پيدا ڪيا آهن، جن انساني تربيت جو انوکو انداز اختيار ڪيو آهي. جنهن ملائيت جي ۽ ان جي انداز جي نفي ڪئي. هنن ظلم ۽ ظالم، ڏاڍ ۽ ڏاڍي سان دل کولي ٽڪر به کاڌوته عام ۽ مظلوم عوام کي ايڏي ته محبت ۽ اهميت ڏني جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي.ٻئي کي مڃڻ خاطر ۽ ٻئي کي احساس برتري ڏيارڻ خاطر ڪنهن چيو ته ”مان جوڙ جتيءَ جي ناهيان او يار …..“ ته ڪنهن فرمايو ” هو جا پائن پيرَ ۾ ، آءٌ تنهن جتيءَ ناهه جيهي.“ هنن عام انسان ۽ عوام کي پنهنجي سوچن ۽ اکين ، دل ۽ دماغ ۾ جاءِ ڏني، ۽ انهن سان ڪڏهن به نفرت نه ڪئي. هنن نفرتن کي پري رکيو ۽ انسان کي ويجهو آندو ، سنڌ ۽ سنڌ واسين باقي دنيا کي انسان دوستيءَ جو اهو ئي ڏانءُ ڏنو.

              سڀ ڪجهه هوندي بلڪه ”يار به چاڪي ۽ سينڌ به اڻڀي“   مصداق اسان جو ڇو ساڳيو حشر رهيو آهي. اسان ڇو پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي حياتي گذارڻ جا عادي بڻجي چڪا آهيون. اسان جي دل ۽ دماغ کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا چڱائي، ڪا نيڪي، ڪا حق ۽ سچ جي ڳالهه  اثر نٿي ڪري.

              يقين ڄاڻو ته اسان عجيب ۽ انوکي قوم بڻجي چڪا آهيون. اسان ڪنن سان هلون ٿا ۽ اکين سان کائون ٿا .    

    ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته اسان خدا جي وجود جو ٻڌي ان کي مڃڻ لاءِ تيار ٿي نٿا وڃون، پر گلا ، غيبت، الزام، بهتان ۽ ڪوڙ کي ٻڌي بنا سوچڻ ۽ تصديق ڪرڻ جي اعتبار ڪري ويهون ٿا. ڪنن سان اسان ايئن هلندا آهيون.

              اسان اکين سان ڪيئن کائيندا آهيون؟ ان جو مختصر جواب هينئن ڏئي سگهجي ٿو ته ڪنهن ڏي به نماڻا نيڻ کڻي ڏسو، موٽ ۾ اوهان جو اڌ هنيانءُ کاڃي ويندو. هو اوهان تي ايئن لڳندو جهڙوڪ هو اوهان کي اصل بلڪه ازل کان وٺي ڏمريو ويٺو آهي.

    ڳالهه فقط اتي دنگ نٿي ڪري اوهان ڪنهن سان چڱائي ڪيو، جڏهن هٿ نه سڙيو ته مون تي ميار، ڪنهن سان محبت ڪيو، موٽ ۾ نفرت نه مليو ته مون تي ڏنڊ .

    اسان جا اهي ئي رنگ ۽ ڍنگ آهن، روپ ۽ ٻهروپ آهن. جن کي ڏسي شاعر فرمايو ته ” يار جي خبر نه ڪائي، روئندي عمر گذاري“ اسان ڪيستائين ڏاهن ۽ پنهنجن خيرخواهن کي روئاريندا رهنداسين ؟

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 9.08.1994)

     

     

     

     

     

     

     

     

      12 .      دوکو ناهي دل جو دارون

                

    اڄ اهو دؤر اچي ويو آهي، جو جيڪڏهن ڪنهن سان ڪنهن کي چڱائي ڪرڻي هوندي ته پهريون ادب سان هٿ ٻڌي پڇڻو پوندس ته ” سائين يا سانئڻ  ! ڇا مان اوهان سان چڱائي ڪيان؟“ جيڪڏهن هن اهڙي اجازت نه ورتي ته بدن تي کل ئي نه هوندس. اڳي چيو ويندو هو ته ”چڱائي ڪري درياهه ۾ لوڙهجي“ پر هاڻي روايتون بدلجي چڪيون آهن. هاڻي چڱائي ڪري ان کي نه پر پاڻ کي لوڙهن گهرجي ڇو ته خيريت ان ۾ ئي آهي.

    اسان جي قوم نفسياتي طور تي انهيءَ صورت حال کي ڇو پهتي آهي؟ چڱائي ڪندي هٿ ڇو ٿا سڙن؟ اوهان جيڪڏهن ڪنهن سان پيار ۽ خلوص سان هلندا ته هو اوهان سان نفرت ڪندو، ايئن ڇو ٿو ٿئي ؟ ڀلائي ڪندي موٽ ۾ برائي ڇو ٿي ملي؟ ٽن صدين کان وٺي اسان ان چڪڻ مان نه چڙهيا آهيون.لاکيڻي لطيف به دانهون ڪيون هيون ته ” اوڳڻ رسي سڀڪو، ڳڻين پرين رٺام“ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي اها سٽ ٻڌائي ٿي ته اسان ڳڻائتن جا دشمن ٿيندا آيا آهيون. اسان چڙندا آهيون ته چڱائي ڪرڻ تي ناراض ٿيندا آهيون ته ڀلائي ڪرڻ واري تي ! اسان جي ريت ئي عجيب آهي.  جيڪو اسان سان دوکو ڪري اهو اسان جو خير خواهه آهي. جيڪو اسان جو استحصال ڪري، اهوئي اسان جو محسن آهي. اسان ڳڻ چور آهيون ۽ اسان جي دل جو دارون فقط ۽ فقط دوکو آهي. دوکي بنا اسان کي قرار ئي نه ٿو ملي.

    قوم جي انهيءَ سوچ کي ڪير بدلائيندو؟ هي ڪم اهوئي مٿي تي کڻڻ گهرندو، جيڪو دوکو کائڻ ۽ دوکي ڏيڻ جي خلاف هوندو. جيڪو چڱائي کي چڱائي ۽ مندائي کي برائي ڄاڻيندو. جيڪو خود-فريبي ۽ قوم –فريبي ۾ ايمان نه رکندو هوندو. قوم کي ته قوم دشمن قوتن انهيءَ ڏاڪي تي اچي بيهاريو آهي. ان ڪري هي ڪم فقط ۽ فقط قوم جا خير خواهه ئي ڪري سگهن ٿا. اسان جي قوم اهڙي درياهه ۾ لڙهي رهي آهي، جنهن جو هڪ ڪنارو ڏوهه پرستي ته ٻيو ڪنارو خود – فريبي آهي . درياهه کي اهي بند ڌرتيءَ يا ڌرتيءَ ڌڻين پاڻ ڪونه ٻڌا آهن.اهي حالتن ۽ حادثن جا جوڙيل بند آهن. اهي ٽٽي سگهن ٿا ۽ اهي ٽوڙي سگهجن ٿا. انهيءَ لاءِ عقل جو ڪوڏر ۽ همت جي بيلچن جي ضرورت آهي. انهيءَ سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي ته ته قوم کي انهيءَ قيد ۾ ڪنهن بند ڪيو آهي. اُهي ڪهڙا محرڪ، محور ۽ مرڪز آهن جن اسان جي نفسيات کي اهڙو انوکو ۽ عجيب روپ ڏنو آهي.

    هن صورتِ حال جي قائم ۽ دائم رکڻ ۽ رهڻ جو پهريون ۽ بنيادي سبب اهو آهي ته قومي نفسيات جي ماهرن هن مسئلي کي مستقل طور تي سنگين مسئلي جي حيثيت ۾ نه کنيو آهي. شاهه ، سچل، سامي ۽ ٻين دانشورن هن مسئلي تي ضروري توجه ڏنو، پر ٻين انهيءَ جو تسلسل قائم نه رکيو . جيئن هر درد جي دوا ٿئي ٿي، تيئن هن مسئلي جو به حل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو.

    اسان جي انهيءَ قومي نفسيات ان ڪري دائمي درد جي صورت ورتي آهي، جو صدين کان وٺي عام ۽ عوام کي ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن سياست، ڪڏهن ثقافت ته ڪڏهن علم ادب جي نالي تي ايترا ته دوکا ڏنا ويا آهن، جو هاڻ جيڪو قوم کي هن خود  فريبيءَ جي طلسم مان ڪڍڻ گهري ٿو ته سندس ڪوشش کي به شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪنهن قوم سان چڱائي ڪئي هجي ته قوم کي به ڪڏهن چڱائي تي اعتبار اچي .اهم سبب هي به آهي ته اسان جي مٿئين طبقي چڱائي ۽ خلوص جي اهڙي ته مٽي پليت ڪئي آهي جو ماڻهن جو چڱائي ڪرڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. جڏهن به نيڪي، چڱائي، خيرخواهي، سچائي خلوص۽ قرباني ، مطلب هر ڳڻ کي سرڪاري ، درٻاري، نوڪر شاهي ۽ وڏيرا شاهيءَ جي دروازي تي وٺي وڃبو ته اهي ڳڻ اتان ننگا ، لنگڙا ۽ لولا ٿي موٽندا. ان ڪري حقيقت ۾ اسان مان ڪيترا ماڻهو حقدارن بدران ڳڻن کي حق غضب ڪندڙن جي در تي وٺي وڃن ٿا۽ اتان پاڻ توڙي ڳڻ بي مهتا ٿي موٽن ٿا. اهڙن ڳڻن جو حقدار عوام آهي ۽ اهي عوام لاءِ ئي آهن. اهي عوام دشمن قوتن لاءِ قربان ڪبا ته مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه به هڙ پلئه نه پوندو.

    ڳڻن تان ارواح ان ڪري به کڄي ويندو آهي جو انهن جي چهري تي ڪنهن نه ڪنهن لالچ يا غرض جو ٺپو هنيو ويندو آهي. اسان پاڻ جڏهن ڳڻن جا چهرا داغدار ڪنداسين ته پوءِ انهن کي عوام وٽ قبوليت ڪيئن ملندي؟

    اسان جون دليون جيڪي ڌڻي ڄاڻي ته الائي ڪيترين صدين کان دوکي کي دارون ڄاڻينديون اچن ٿيون، انهن کي دلاسي ۽ درست دوا جي ضرورت آهي. اسان کي انهيءَ اعتماد جي ضرورت آهي، جيڪو پاڻ تي يقين ۽ ٻئي تي اعتبار ڪرڻ جي سگهه ڏئي. اسان کي انهيءَ اعتماد جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي اسان قدرن،نظرين ۽ اصولن جي منهن مٿي ڪرڻ لاءِ مالي ۽ جاني قرباني ڏئي سگهون. اسان جيڪڏهن هن موڙ تي ناحق، برائي ۽ اوڳڻن خلاف نفرت جي جذبي کي اڀاري سگهون ته عوام دوکي کي دل جو دارون ڄاڻڻ ڇڏي ڏئي. اسانکي پنهنجي قول ۽ فعل سان اوڳڻن جي ندا ڪرڻي پوندي ۽ عوام جي دلين جا تالا ٽوڙڻا پوندا. ماڻهو جيڪو ڪجهه محسوس ڪن ٿا، ان جو ڀرپور اظهار به ڪري سگهن. جيڪڏهن عوام کي اظهار جو موقعو مليو ته هو ڀلائي ۽ برائي، ظلم ۽ رحم، اوندهه ۽ روشني مطلب ته سمورن تضادن ۽ انهن جي فرق کي محسوس ڪري وٺندو اهڙيءَ حالت ۾ ئي هو دوکي کي دارون نه ڄاڻندو.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،  تاريخ : 18.04.1995)

     

         . 13واٽون ويهه ٿيون………….

     

    اوهان ڪنهن اديب ۽ دانشور سان ملو، هن کي دانهون ڪندي ٻڌندا ته قوم کيس پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي. اوهان ڪنهن سماجي ڪارڪن سان ملو، هو اوهان سان شڪايت ڪندو ته چڱي ڪم ۾ هن سان ڪو به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. اوهان سچي ۽ سٺي استاد سان ملو هو ، روئي اوهان کي ٻڌائيندو ته هن جا شاگرد پڙهڻ لاءِ تيار ڪونهن. اوهان ڪنهن سياستدان جي مٿي تي قرآن رکي کانئس سچي ڪرايو، هو ڪوڙي کل گاڏڙ موٽ ڏيندو ته پيو ٿو ڪم هلائجي. اوهان ڪنهن صحافيءَ سان ملو، هو اوهان سان شڪايت ڪندو ته کيس ڪوڙين خبرن، تعارفي ليکن ۽ پريس رليز شايع ڪرڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي.

    مطلب ته معاشري ۾ ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻيندڙ سمورا فرد خوش ڪونه آهن، بلڪه روز به روز مايوسي ۾ وڪوڙبا پيا وڃن. هن صورتِ حال کي ڇا چئجي؟ اسان ڪٿي پهتا آهيون ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ هيءُ ئي مناسب وقت آهي ته پاڻ انهن سوالن جا جواب تلاش ڪري وٺون.

    پهرين ڳالهه اسان کي جيڪا ذهن ۾ رکڻ گهرجي اها هيءَ آهي ته اهڙي پريشاني ۽ مايوسي انهن ماڻهن کي ٿئي ٿي، جيڪي ذهني ۽ فڪري طور تي عوام منجهان آهن ۽ عوام لاءِ آهن. يعني جن وٽ سوچون ۽ لوچون ته آهن پر کين ذريعا ۽ وسيلا ڪو نه آهن. اهو ئي طبقو عوام جي بي حسي ۽ پنهنجي بي وسيءَ کي محسوس ڪري ٿو ۽ مايوسيءَ واري موڙ تي پهچي ٿو. باقي اسان جو مٿيئون طبقو نه اهڙي ڳالهه سوچي ٿو ۽ نه وري اهڙي لوچ رکڻ جي خواهش رکي ٿو. اسان جو ”اپر ڪلاس“ اها آسماني مخلوق آهي، جيڪا ڌرتيءَ جو کائيندي به ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي دل ۽ درد کان وانجهيل آهي.ڪو مري يا جيئي اهو هن جو مسئلو ڪونهي. ادارا تباهه ٿين ٿا، قدر زوال پذير ٿين ٿا، ٻولي ۽ ثقافت تباهه ٿين ٿيون ، اهي هن لاءِ ڇرڪائيندڙ اشارا ٿي نٿا سگهن. ان جي برعڪس اسان جي اهي وڏا اڪثر حالتن ۾ عوام سان منافقي ئي ڪندا. اسان کي ”سنڌي ٻولي“ پڙهڻ ۽ سکڻ جو تاڪيد ڪندا ۽ اسان ۾ ٻولي بابت شاونزم تي ٻڌل سوچون پيدا ڪندا ته جيئن اسان اتي ۽ انهيءَ موڙ تي مارون کائيندا ۽ مٿا ڦاڙيندا رهون ۽ هنن جا ٻار انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون پڙهي وڏا وڏا ڪامورا بڻجي سگهن . اهي ماڻهو اسان کي سنڌيت – پڻو سيکاريندا، پر پاڻ لساني ۽ ثقافتي حد دخليون ٽوڙي شاديون مرادون،دوستيون ۽ دنيا داريون دنيا جهان، بلڪه عوام دشمن قوتن سان ئي رکندا. اهوطبقو جيڪو اسان کي بيوقوف ڪرڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، ۽ جنهن جي هٿان اسان صدين کان بيوقوف بڻبا رهون ٿا، تنهن ۾ قومي ۽ عوامي سوچ ۽ لوچ جي تلاش ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.

    عوام جي اها ذهني خواهه فڪري تبديلي آڻيندڙن جي مايوسي،جنهن جي شروعات ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي، اها درحقيقت پريشان ڪندڙ صورتِ حال ڪانهي.اسان نه موٽڻ واري موڙ تي ڪونه پهتا آهيون. بلڪه هي صورت حال اسان کي وڌيڪ سوچڻ ۽ لوچڻ جي دعوت ڏئي ٿي.  

    صدين کان وٺي ” اپرڪلاس“ جي منافقي، استحصال، ظلم ۽ ذيادتيءَ کي سهندي ۽ ڏسندي عوام کي هاڻي يقين ٿي چڪو آهي ته مذهب، سياست ۽ سماجي ڀلائي جي نالي تي هن کي هر دور ۾ دوکو ڏنو ويو آهي. ان ڪري جڏهن به عوام جي ڀلائي جي ڳالهه ڪبي، ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻڻ جي ڳالهه ڪبي ،ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٻن سببن ڪري، ان جي موٽ نه ملندي. ان جو پهريون سبب هي هوندو ته عوام ”تاريخي نفسيات“ پٽاندڙ شروع ۾ شڪ، بي حسي ۽ غير دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪندو. هن جي غير دلچسپي کي بيحسيءَ جو روپ تڏهن ٿو ملي، جڏهن هن کي اها پڪ ٿي ٿئي ته اسان لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ اسان يعنيٰ عوام وانگر بي پهچ ۽ بي وس آهي. هو ذريعن ۽ وسيلن کان خالي آهي ۽ هن وٽ ڪو به اهڙو علاءُ الدين جو ڏيئو ڪونهي ، جنهن سان ويٺي ويٺي دنيا بدلائي ڇڏي.

    اسان جي حالتن ۽ اسان جي تعليم عوام کي خوشحالي واري تبديليءَ جو ” مادي روپ“ ئي ياد ڪرايو آهي. ان ڪري عوام تبديلي مان مراد ڌن، دولت، نوڪري، بنگلو ۽ گاڏي وغيره سمجهي ٿو. عوام ان کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻائي چڪو آهي.اهڙي صورت حال ۾ ڪنهن دانشور بدران دنيا جي دجال کي ئي مقبوليت ملي ٿي . ڇو ته هن جي هٿ ۾ اَنُ هوندو ، ماني ڀور هوندو ۽ ڌنُ هوندو. ان هوندي به ڪنهن عوامي استاد، اديب ،صحافي، شاعر ، عالم، سماجي ڪارڪن ۽ سياسي ڪارڪن کي مايوس ٿيڻو ڪونهي، بلڪ پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي جنت جي ڌنڌلي عڪس کي چٽي ڪرڻ لاءِ کيس ڪلاسيڪل ادب ۽ ثقافت جو سهارو وٺڻو پوندو. هنن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته کيس جنگ جو ميدان ۽ ماحول پيدا ڪرڻو ڪونهي، بلڪ پيار، محبت، خلوص، ايثار، همدردي، وفا ۽ ٻين اهڙن ڳڻن خواهه لڇڻن جي تبليغ ڪرڻي آهي، جنهن مان ماڻهپي ۽ انسانيت جا گل ڦٽي نڪرن . جنهن مان ”مادي غرض “  بدران ”نظرياتي محبت“ عام ٿي سگهي. مارئي مثل اهڙا ماڻهو پيدا ٿي سگهن، جيڪي سيڻ ۽ سون ۾ فرق ڪن، جن کي محل ۽ ماڙيون متاثر نه ڪن. جن کي ڪوٽ ۽ ڪڙا ڊيڄاري نه سگهن ۽ جيڪي هڪ ئي وقت ” پکن ۽ پنهوارن“ سان محبت ڪري سگهن. اهو عوامي سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان جو امتحان آهي. هن کي اتان ڪم کڻڻو آهي، جتي شاهه، سچل ۽ ساميءَ ڇڏيو هو.

    عوام دوست ڏات ڌڻيءَ ۽ سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته هن وقت اسان کي اهو يقين رکڻ گهرجي ته عوام جڏهن ”اپر ڪلاس“ کان مايوس ٿيو آهي، تڏهن ان جي بيحسي ئي ڪم ڪندڙ لاءِ وڏي خزاني ۽ وڏي موقعي برابر آهي. ان ڪري موقعي کي مايوسي ڄاڻڻ پاڻ تان ۽ پنهنجي عوام تان ايمان کڻڻ برابر ٿيندو. جڏهن جڏهن به واٽون ويهه ٿي وڃن، تڏهن تڏهن ايئن سوچڻ گهرجي ته پاڻ کي ۽ پوري قوم کي دڳ، رستي ۽ پيچري جي تلاش آهي. رستو اهو ئي لهندو آهي، جيڪو خاموش نه ويهندو آهي ۽ منزل طرف وڌندو آهي . ها هيءَ ڳالهه برابر آهي ته عوام دشمن قوتن جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ هر ڪنهن قوم کي پنهنجي دڳ تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اچو ته اسان پاڻ کليا ڪتاب ٿي پئون ۽ پنهنجي قؤل ۽ فعل جي سچائيءَ سان عوام دشمن قوتن کي ڪوڙو ثابت ڪيون .اچو ته محبت، خلوص، ماڻهپي ۽ سچائيءَ جي موڙ تي بيهي عوام کي سڏ ڏيون . پڪ ڄاڻو ته عوام انهيءَ آواز تي لبيڪ چوندو، هڪ هنڌ تي گڏ ٿيندو ۽ ايئن ويهن واٽن کي رد اچي ويندو .

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،  تاريخ : 7.03.1995)

     

     

     

     

     

     

        . 14    خبر ٻڌ سڄڻ، او! اڙي بي خبر

     

    اقتدار  ڌڻين مان  ٻن  ساٿين هڪ  ٻئي کي حال   اوريندي  چيو  ته

     ”ڳجهيون هدايتون مليون آهن ته دهشتگردن اندرون سنڌ ڏي منهن ڪيو آهي، ان ڪري اسان کي اٿڻ ويهڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، ڇو ته متان اهي دهشتگرد ڪٿي اسان کي نه نشانو بڻائن .“ مون جڏهن اها سُس پُس ٻڌي ته اهڙي ڳالهه کي اقتداري ڌر جو روايتي بهانو ڄاتم. سوچيم ته ماڻهن جا ڪم ڪونه ٿا ٿين، ان ڪري انهن کي بچڻ جو اهو هڪ بهانو آهي. نه ڪوئي وس وارو ٻاهر نڪرندو ۽ نه ڪوئي بي وس ماڻهو دانهون ڪندو.

    پر پوءِ اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ لڳيون ته ” ڪي پناهه گير ڪراچي مان لڏي اندرنِ سنڌ آباد ٿيڻ لڳا آهن“اهي خبرون مختلف هنڌن ۽ ضلعن کان اچڻ لڳيون. اهڙين خبرن تي هنڌين ماڳين تبصرا ٿيڻ لڳا.ڪنهن ڪيئن ٿي چيو ته ڪنهن ڪيئن ٿي چيو. جيترا وات اتريون ڳالهيون ٿيون . پر هر ڪو تبصرو اسان جي سادگيءَ جو مظهر پيو محسوس ٿئي. ايئن ٿو لڳي ، جهڙوڪ خوش فهمين جا خواب ڏسي رهيا آهيون يا پنهنجي”حال“ خواهه ”مستقبل“ لاءِ دنيا جهان وانگر سوچيون ئي نه ٿا.

    اسان اڃا سائنسي ۽ منطقي انداز سان سوچڻ ئي شروع نه ڪيو ته وري اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ لڳيون. هڪڙي خبر ڇپي ته ” ڪراچي مان ڀڄي يا لڏي ايندڙ ماڻهن وٽ رات جون گاڏيون اچن ٿيون ، هي گاڏيون هڪ خيراتي اداري جون آهن .“

    اها خبر پڙهڻ سان مون کي اندرون سنڌ جا اهي وڏيرا ياد اچي ويا، جيڪي ڏوهاري ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن هلڪي ڦلڪي ڏوهه ۾ لاڪپ ڪرائي پوءِ رات جو کين پنهنجين گاڏين ۾ کڻي وڃي ڏوهه ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن ڏوهه دوران انهن مان ڪنهن کي ڪو کڻي سڃاڻي به ، ته به هن جي شاهدي ڪوڙي ٿي پئي. ڇو ته ڏوهي سرڪاري طور تي لاڪپ ۾ بند هئو.

    جڏهن حڪومت دهشتگردن جي وٺ پڪڙ ۾ مصروف هجي ۽ ڪي ماڻهو ڪراچي ڇڏي اندرون سنڌ ۾ اچن ۽ رات جو ڳجهيءَ طرح ڪوئي ساڻن رابطو قائم ڪري يا هنن ڏانهن گاڏيون اچن ته هن سموريءَ صورت حال کي ”انڊر گرائونڊ تحريڪ بلڪ منظم تخريبي تحريڪ “

     جو هڪ پهلو چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو .

    جيڪڏهن ڪراچيءَ جي صورت حال تي کڻي مختلف رايا قائم  ڪجن، ايئن چئجي ته اهو سڀ ڪجهه اقتداري پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو پاڻ ۾ سالن جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جو نتيجو آهي يا حزب اختلاف جي سياسي چال آهي. بين الاقوامي سازشن جو پڙاڏو آهي يا سنڌ دشمنيءَ جي صورت آهي، يا وري ايجنسين جي عنايت آهي. اهي سمورا سبب هجن يا انهن مان ڪو به هڪ سبب هجي. پر جنهن ڳالهه تي سنڌ واسي تشويش ظاهر ڪري سگهن ٿا. اها دهشتگردن جي منظم حڪمت عملي آهي. هنن پنهنجي ويڙهاند جو آغاز اهڙيءَ ريت ته ڪيو آهي جو خارجي طور تي انهن کي ٻاهرين حڪومتن جو آشيرواد حاصل ٿي چڪو آهي۽ داخلي طور تي اهي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندي به سنڌين جي نفرتن کان آجا رهيا آهن. سنڌ واسين جي وڏي اڪثريت جهڙوڪ هن سڄي جهيڙي ۾ غير جانبدار ٿي چڪي آهي. ٿورا سياستدان ۽ اديب آهن، جيڪي فقط بيانن تي گذارو ڪري، پنهنجي ڌرتيءَ جو قرض لاهي رهيا آهن.

    دهشتگردن وڏي هوشياريءَ سان الائي ڪيترن ملڪن جون همدرديون حاصل ڪري ورتيون آهن. هو افغانستان کان اسلحو وٺن ٿا ۽ افغانستان کان اسلحي نه وٺڻ واري معمولي ڌمڪي تي  ئي افعانستان کي پريشان ڪري سگهن ٿا . ان ڪري افغانستان جا حڪمران هنن جي چوڻ تي پاڪستان حڪومت ۽ جهڳڙالو ڌر جي وچ ۾ ”امين“ جوڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا . هنن ڀارت ۽ پاڪستان جي ازلي دشمنيءَ مان فائدو وٺي ڪراچيءَ جون حالتون ڪشمير جي حالتن جهڙيون بڻائي، ڀارت جي همدردي حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙيءَ طرح ڪي ملڪ جمهوريت جي نالي ۾ ته ڪي ملڪ انساني حقن جي اوٽ ۾ ته ڪي وري دنيا جي نئين جوڙ جڪ جي خفت ۾ جهڳڙالو ڌر کي هنج ۾  ويهارڻ ڀلو ڄاڻن ٿا. اهڙي حيثيت يا منزل ماڻڻ ۾ جهڳڙالو ڌر جي سياسي بصيرت، معامله فهمي ۽ منظم حڪمت عملي جو وڏو عمل دخل آهي.

    هيءَ حالتن ۽ حادثن جي ستم ظريفي، اسان جي دانشورن جي خواب خيالي ۽ اسان جي مدبرن جي بصيرت کان وانجهائپ ئي آهي، جو ظالم گروهه پاڻ کي دنيا جهان ۾ مظلوم ڌر ثابت ڪري سگهن ٿا.ٻاهرين حڪومتن ۽ قومن جي مزاج ۽ مجبورين مان فائدو وٺي سگهن ٿا.  حڪومتن کي پنهنجي مرضيءَ واري ”وقت“، ”جاءِ“ ۽ ”حالتن“ مطابق ڳالهين ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا، پر اسان هر ڪنهن ڌر کان سڀ ڪجهه لٽائيندي به خوش آهيون ۽ خاموش آهيون. جيڪڏهن دهشتگرد سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪن، ته به اسان خاموش آهيون، جيڪڏهن اسان ” مرڪزي ڪردار“ هوندي به ڳالهين ۾ شامل نه هجون ته به خوش آهيون.اسان ڪنهن تي به ڪنهن به قسم جي نظر رکڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. پوءِ ڇو نه ڪو دهشتگرد اچي اسان جي پاڙي ۾ آباد ٿئي.

    هن کي بدنصيبي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي جو هڪڙي سياسي پارٽي 1985ع ۾ قائم ٿي ۽ ڏهين سال ۾ دنيا جهان کي پاڻ سان ملائي الڳ ۽ آزاد ٿيڻ جي ڳالهه ڪري. ٻئي طرف اسان آهيون جو اڌ صديءَ گذرڻ بعد به عقل ڪونه آيو اٿئون. پنهنجي وجود جو ته رهيو پري پر پنهنجي تشخص جو ڪيس به ٺاهي نه سگهيا آهيون.

    پي . پي دؤر ۾ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ٺاهه ڳالهين دوران ايم ڪيو ايم  وارن پنهنجن مطالبن کان علاوه حڪومت اڳيان ايڪيهن مثالن وارو ” مظلوميت وارو داستان“ پيش ڪيو ۽ حڪومت کي چيو ته اوهان اسان تي هي ۽ هيترا ظلم ڪيا . ڇا سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري، نيم سرڪاري اداري، ڪنهن سياسي پارٽي يا تنظيم وٽ اهڙا انگ اکر آهن، جن مان معلوم ٿئي ته :

    (1) پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ واسين کي ڪيتريون نوڪريون ملڻ گهربيون هيون ۽ انهن مان ڪيتريون مليون آهن؟

    (2) ڪوڙن ڪيلمن جي نالي ۾ سنڌ واسين کي ڪيتريءَ جائداد ۽ ملڪيت کان محروم ڪيو ويو؟

    (3) سنڌ جي زرعي زمين انهيءَ عرصي دوران سنڌين کي ڪيتري ملي ۽ ٻين کي ڪيتري ملي.

    (4) ريڊيو ،ٽي وي ۽ ثقافتي ادارن مان سنڌين کي ڪيترو ونڊ مليو ۽ ٻين ڪيترا جهول ڀريا؟

    (5) سرڪاري خرچ ۽ اسڪالرشپ تي ڪيترن سنڌين کي غير ملڪي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن مان تعليم ملي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٻين کي ڇا هڙ پلئه پيو؟

    (6) سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين صوبن جا ملازم، مزدور ۽ پورهيت هر سال ڪيترو ناڻو ڪمائي پنهنجي گهر موڪلين ٿا؟

    (7) هر دور ۾ سياسي انتقام جو نشانو بڻائي ڪيترا ۽ ڪهڙا سنڌي ماڻهو جيلن ۾ وڌا ويا؟

    (8) اسان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ڳڀرو جوان وڏن  شهرن ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيا ؟

    (9)    اسان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ماڻهو ڌاڙيلن هٿان کڻايا، ماريا ۽ لٽيا ويا؟

    (10)       سنڌ ۾ شروع کان وٺي ايجنسين ۽ ٻين اهلڪارن اسان تي ڪهڙا ڪهڙا احسان ڪيا؟

    (11)       صنعت ، زراعت ۽ حرفت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان کي ڪڏهن ۽ ڪيترا قرض مليا ۽ ٻين تي ڪيتريون نوازشون ٿيون؟

    (12)       سنڌ جا ڪيترا صاحب لوڪ ٻين صوبن ۾ عملدار ٿي رهيا ان جي ڀيٽ ۾ ويچاريءَ سنڌ ۾  ٻين صوبن جي ڪيترن ماڻهن کي عهدا ، رتبا ، زمينون ۽ پلاٽ مليا ؟

    اسان جي دانشورن ، مدبرن ۽ خير خواهن کي اهي ڳالهيون سوچڻ گهرجن ۽ سنڌ جو ڪيس تيار ڪري مختلف محاذن تي وڙهڻ گهرجي ۽ سنڌ واسين کي هوشيار ڪرڻ گهرجي . هن ڪم ۾ دير ٿي ته اسان سان وڏو انڌير ٿي ويندو . اسان جو مقدر مٽجي ويندو ۽ سنڌ جي جاگرافي بدلجي ويندي .

     

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 25.07.1995)

     

     

      15.آهي ڪو نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ کي بچائڻ وارو؟

           

    جڏهن انگريز اسان جا حڪمران هئا ته هنن اسان جي ٻيڙيءَ ٻوڙڻ لاءِ پنهنجن ڏاهن کان صلاحون ورتيون. کين صلاح ملي ته : ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻ گهرو ٿا ته ان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي تباهه ڪيو.“  انگريز انهيءَ ڳالهه تي اڌوگابرو ڪم ڪري هليا ويا، پر اسان کي جهڙوڪ پنهنجي تباهي ڪرڻ جو ڏسُ ڏئي ويا. هاڻي اسان پاڻ پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي پٺيان اچي پيا آهيون. اهو سلسلو اڌ صديءَ کان جاري آهي.

              تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ بابت پنهنجن روين کي ڏسبو ته ايئن لڳندو جهڙوڪ اسان جي دشمنن اسان کي ستي پياري ڇڏي آهي. اسان هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي پاڻ خلاف سازش سمجهڻ لڳا آهيون، پر اهو محسوس نه ٿا ڪيون ته اسان پنهنجي منفي روين ۽ سوچن سان پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان ڪيتري نه دشمني ڪري رهيا آهيون. اسان جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اهو سمجهندا بلڪ چوندا آهن ته ماضيءَ تي ڪم ڪرڻ، يعني تاريخ ۾ دلچسپي رکڻ قبرن کوٽڻ جهڙو اڪارتو ڪم آهي . ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ ايوب شاهيءَ کان لڳڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ منظم نموني سان پنهنجن توڙي پراون اسان جي ٻوليءَ جي جهولي خالي ڪرڻ شروع ڪئي. ثقافت کي اسان جي ڪن دوستن نچڻ ٽپڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. حالتن وري اسان کي اهڙو ته سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي جو وڏن شهرن ۾ اسان جي ٻولي ۽ ثقافت پنهنجي سڃاڻپ ۽ سماجي ڪارج وارو حق وڃائي ويٺي آهي.

              ماڻهن کي اها خوشفهمي آهي ته ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جي ترقيءَ توڙي تحفظ لاءِ جيڪي ادارا جوڙيا ويا آهن، اهي ئي ٻوٽو ٻاريندا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ماڻهن کي ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪرڻو ڪونهي. پر اهڙي آس رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ڇو ته ڪيترائي سبب آهن، جن اسان جي انهن ادارن کي غير فعال بڻائي ڇڏيو آهي. انهن مان پهريون سبب هي آهي ته ڪي مخصوص لابيون انهن ادارن تي قابض آهن. انهن ادارن ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهليت پٽاندڙ مقرر نه ڪيوويندوآهي.پر ڪونه ڪو پنهنجو ماڻهو ٿاڦيو ويندو، پوءِ اهو ڇو نه اهڙو ۽ ايڏو جهور پوڙهو هجي جو روزانو پاڻ کڻائي اچي. ادران کي تباهه ڪرڻ جو ٻيو مثال ڪهڙو ملندو جو سرڪاري ملازمت ۽ عمر  ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ به ڪن ماڻهن کي اهڙن ادارن ۾ رکيو وڃي ٿو . سولن لفظن ۾  هينئن چئجي ته اهي ماڻهو جيڪي عمر ۽ سگهه جي حوالي سان سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جهڙا نه  رهندا آهن، انهن کي قومي ادارن مٿان نازل ڪيو ويندو آهي.ڪي ادارا ڪن ماڻهن لاءِ اهڙا ته مخصوص ٿي وڃن ٿا، جو انهن ماڻهن کي ور ور ڏئي انهن ادارن ۾ رکيو وڃي ٿو.

              ادارن جي غير فعاليءَ جو مکيه ڪارڻ هي به آهي ته اهڙن ادارن جا ملازم ادارن ۾ فقط نوڪري ڪن ٿا. اهو نه ٿا محسوس ڪن ته انهن ادارن ۾ سندن مقرري ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ڪانهي.  هو انهن ادارن ۾ ملازمت نه بلڪ قوم جي خدمت جهڙي عبادت ڪن ٿا. عام ڪارڪن جي انهيءَ رويي ادارن کي وڏو ڇهيو رسايو آهي. منهنجي خيال ۾ صدر يا وزير اعظم پنهنجي عهدي جو حلف نه کڻي پر اهڙن ادارن جي معمولي کان معمولي ڪارڪن کي پاڻ سان وچن ڪرڻ گهرجي ته هن کي نڌڻڪي سنڌجي شاندار تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻي آهي.

              مون ”نڌڻڪي سنڌ“ جا لفظ انهيءَ ڪري ڪم آندا آهن جو ڪنهن سرڪار ، سنڌ جي  تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي جوڳو ڌيان ڪونه ڏنو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان جي سڄي ساري هڪ نسل مارشل لا جي بدبودار ڇانو ۾ جنم ورتو ۽ پلجي جوان ٿيو آهي. اونداهي رات جهڙي اهڙي دور ۾ ڏسي وائسي اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو. پر جيڪڏهن ڪا جمهوري حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي، ته اڳ واٽ منظم منصوبه بندي نه هئڻ ڪري تجربيڪار ۽ ڄاڻو ماڻهن جي ڪميءَ ۽ حريفن جي دشمنيءَ کي منهن ڏيڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي وڃي ٿي جو خاص طور تي اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تاريخ تي ايترو ڌيان ڏئي نه ٿي سگهي . اهڙي حڪومت اڳ قائم ڪيل ادارن کي فعال بنائڻ يا انهن جي نئين سر انتظامي ترتيب  ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍي نه ٿي سگهي. اهڙي صورت حال ۾ جيڪڏهن ڪنهن حڪوممت هڪ ادارو قائم ڪيو ته پوءِ اهو ڪهڙي ڪم جو؟ ڇو ته ادارن ٺاهڻ سان نه پر ادارن کي فعال بنائڻ سان مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا.

              سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي انهيءَ ڪري ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي جو اڳ ۾ ڪم ٿيو ئي ڪونهي. اسان وٽ ڪم ايئن ٿيو آهي جو اسان جي تاريخ جي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مثال طور”مهين جو دڙو“ جي نالي کي وٺو. اهو دڙو هندن جو ڪونهي جو انهن کي ”موهن جو دڙو “ چئجي. اهڙيءَ ريت ان کي مسلمان ڪو نالو  ”موئن جو دڙو“ به ڏئي نه ٿو سگهجي.جيڪڏهن اهو مري ويلن جو دڙو آهي ته پوءِ جهڪر جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي ۽ ٻين دڙن کي موئن جو دڙو ڇو نه چئجي؟ اهڙيءَ ريت اسان جي تاريخ کي بگاڙيو پيو وڃي. ۽ ڪنهن به اقتدار ڌڻي يا عوامي نمائندي طرفان احتجاج نه ٿئي ته پوءِ ان کي سرد مهري ۽ بيحسي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟اڌ صديءَ جو عرصو گذري ويو آهي. انهيءَ عرصي دوران  ٻيو نه ته سنڌ ۾ ” تاريخ جي ترتيب ۽ تحفظ“ جو ادارو قائم ٿيڻ گهربو هو. پر اڃا وقت ويو ڪونهي. ڇو ته قومن ۾ جڏهن وقت جي زيان جو احساس پيدا ٿيندو آهي، تڏهن اهي مثبت قدم کڻڻ سان ان جو ازالو ڪري سگهنديون آهن. جيڪڏهن حڪومت وارا سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌ آرڪائيوز قائم ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو خاڪو چٽي سگهن ٿا ته ” سنڌ جي تاريخ جي ترتيب ۽ تحفظ جو ادارو“ به قائم ڪري سگهجي ٿو . اهڙيءَ ريت اڳ ۾ قائم ڪيل ادارن کي پڻ فعال بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن  ٿا .

              نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت تي ان وقت تائين بهتر ڪم ٿي نٿو سگهي، جيستائين علمي ۽ قلمي دنيا سان لاڳاپيل اسان جي افرادي قوت ان ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين کي محسوس نه ٿي ڪري. ڇو ته عوام  جي روين بدلائڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته علم ڌڻي پنهنجي روين کي بدلائين.اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن تاريخ ۽ تحقيق کي به اسان جي علمي ۽ قلمي ماحول ۾ معتبر ۽ با مقصد قلمي پورهيو ڄاتو وڃي.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 7.11.1995)

     

     

     

     

     

     

     

     

    16.     سوچن ۽ لوچن ۾ توازن جو مسئلو

     

    لطيف سائين فيصله ڪن انداز ۾ ڏاڍي ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي، فرمايو اٿس ته”جي ڪوڙو تون ڪفرسين ته ڪافرڪيم سڏاءِ “اسان سان جٺ اها آهي ته اسان نه پاڻ کي ٻڌندا آهيون ۽ نه وري ٻئي کي ٻڌندا ۽ مڃيندا آهيون.

    پاڻ کي ٻڌڻ، پاڻ کي مڃڻ ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ جا سبق ڏيندي اسان جي ڏاهن جا الائي ڪيترا نسل وڃي قبرن ڀيڙا ٿيا. اسان اهو چئي کين سندن پيغام کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ته هوصوفي لاڪوفي آهن ۽ سندن پيغام اسان کي بي عمل بڻائي ڇڏيندو. جيڪڏهن اسان مان هر ڪو پاڻ سڃاڻي ها ته ، نه پاڻ ڪنهن جي هٿان استعمال ٿيون ها ۽ نه وري ڪو ٻيو ڌاريو استحصال ڪري ها. پاڻ نه سڃاڻڻ ، پاڻ کي نه ٻڌڻ ۽  پاڻ کي نه مڃڻ جو نتيجو اهو  نڪتو آهي ته هوا ۾ اڏندڙ ڪک پن بڻجي ويا آهن. جنهن جيڪا ڳالهه ڪئي، ان تي ڳنڍ ٻڌي کڻي هائو ۾ هائو ملائينداسين.ان تي ڪڏهن به سوچ ويچار ڪونه ڪنداسين. جيڪڏهن سوچ ويچار ڪري سگهون ٿا ته پوءِ پنهنجن توڙي پراون ، ڏاهن توڙي اڏاهن کي پرکي سگهون ها. انهيءَ ڪري اسان جهڙوڪ ٻين کي به نه ٿا ٻڌون ۽ سمجهون. لياقت ۽ صلاحيتن، سوچن ۽ لوچن، وقت ۽ دولت کي بيڪار استعمال ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ ڪيڏي نه ڪم جي ڳالهه ڪئي آهي.مٿي ذڪر ڪيل سٽ ۾ ساڳئي ڳالهه سلي اٿس. چئي ٿو ته ” انهيءَ ٿيڻ ۽ پاڻ کي سڏڻ جي ڪوشش نه ڪر، جيڪو تون نه آهين. اهو ٿيءُ ۽ ايئن هل جيڪو اصل ۾ پاڻ آهين. “ حقيقت به اها آهي ته جيڪڏهن مور ڪانءُ جيان هلڻ لڳندو ته ، پنهنجو ٽلڻ به وساري ويهندو.

              هي هڪ عام فهم ڳالهه آهي ته نڪ کان ڪن جو ، ۽ ڪن کان وات جو ڪم وٺي نٿو سگهجي. هر ڪنهن جو ڪم الڳ الڳ آهي ۽ انهن کان اهوئي ڪم وٺڻ گهرجي.اسان جي سوچن ۽ لوچن ۾ انهيءَ ڪري توازن برقرار نه ٿو رهي ۽ ڪو به ڪم ان ڪري نتيجو نه ٿو ڏئي جو اسان اهو ڪجهه ڪيون ٿا جيڪو پاڻ کي نه ڪرڻ گهرجي ، ۽ اهو ڪجهه نٿا ڪريون جيڪو اسان کي ڪرڻ گهرجي. هر ڪنهن جون لياقتون ۽ صلاحيتون الڳ آهن. هر ڪو انهن لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق هڪ ٻئي کان الڳ  ۽ منفرد آهي. ان ڪري هر ڪنهن جو ڪم الڳ آهي ۽ الڳ ٿيڻ گهرجي. صحافي سگهڙ ٿي نه ٿو سگهي، سياستدان سائنسدان ٿي نه ٿو سگهي. علم ادب الڳ شئي آهي، صحافت جدا ڳالهه آهي، سياست انهن ٻنهي کان مختلف آهي . زندگيءَ جو هر شعبو هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هوندي به الڳ آهي، پر اسان وٽ ايئن ڪونه آهي. اسان مان هر ڪو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي. ڳالهه اتي دنگ نه ٿي ڪري، پر اسان مان هر ڪو اها تبليغ ڪري ٿو ۽ اها ڪوشش ڪري ٿو ته باقي دنيا هن وانگر ٿي پئي. پوءِ اديب ۽ شاعر سياستدان سان ملندو ته سياستدان ان کي تبليغ ڪندو ته لکڻ پڙهڻ ڇڏي سياست ۾ ڪاهي پئو. اهڙي ريت اديب ۽ شاعر جي تمنا رهندي ته ٻيا ماڻهو هر ڪو ڪم ڪار ڇڏي هٿ ۾ قلم کڻي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لڳن. سماجي ڪارڪن سان ملبو ته اهو ئي چوندو ته سياستدان ٺڳ ۽ قلم ڌڻي سودائي آهن صحيح ۽ سچو ڪم  فقط سماجي ڪارڪن ئي ڪن ٿا. صحافي اهو ٿو سوچي ته سچ فقط ۽ فقط هو ئي ٿو ٻڌائي پر اديب ته قوم کي خيالي پلاءُ ٿو کارائي.

              پر جيڪڏهن اسان مان هر ڪو اهو سوچڻ لڳي ته هن کان سواءِ ٻيو پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ڪم ٿو ڪري ۽ هن جون اهي ڪوششون به ڪارائتيون آهن ته ههڙي صورت حال ئي پيدا نه ٿئي. هوند هر ڪوماڻهو هر ٻئي کي پنهنجي پوءِ لڳ، مريد ۽ معتقد بڻائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري.

              جنهن معاشري ۾ لياقتن ۽ صلاحيتن جي سڃاڻ، شناس ۽ قدر داني ڪو نه هوندي، اتي هر ڪو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم کي بيڪار ۽ بي سود ڄاڻيندو بلڪه ٻئي ماڻهوءَ کي ڪم ئي اهڙو ڏيندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ هن جي ڏانءُ، لياقت ۽ صلاحيتن مطابق نه هوندو. اسان وٽ ايئن ئي پيو ٿئي ٻين ڳالهين کي ڇڏي رڳو ملازمتن کي ئي وٺو ، اوهان سروي ڪري ڏسو ۽ هر ڪنهن ملازم کان پڇو . اوهان کي جواب ملندو ته کيس ٻي نوڪري نه پئي ملي ان ڪري اها نوڪري ڪري رهيو آهي. سرڪاري دفترن ۾ جيڪا اوندهه لڳي پئي آهي ۽ ڪم جو اڪلاءُ نه پيو ٿئي ۽ هر ڪو ماڻهو ڪنهن ٻيءَ نوڪريءَ جي تلاش ۾ سرگردان آهي ۽ ان نوڪريءَ هوندي ڪونه ڪو اضافي ڌنڌو ڌاڙي به ڪري ٿو ، ان جو هي به هڪ بلڪ اهم ڪارڻ آهي ته ان کي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق ملازمت ڪانه ملي آهي. هن جون لياقتون ۽ صلاحيتون بيقرار روح بڻجي هن کي بي سڪون بڻائي ڇڏين ٿيون. اسان جيستائين ٻين جي لياقتن ۽ صلاحيتن کي مڃتا نه ڏينداسين ۽ هر ڪنهن کي سندس ڪم بدران پنهنجي ڪم سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا سين ، ان وقت تائين اسان مان ڪنهن جي به محنت رنگ نه لائيندي نه پاڻ ڪم ڪري سگهبو ۽ نه ٻئي کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. بس هر ڪو انهيءَ ڌُن ۾ هوندو ته ٻئي کان سندس ڪم ڇڏائي پنهنجي ڪم سان ڪيئن لڳائي. انهيءَ روش ۽ انهيءَ سوچ اسان مان ٻين سان تعاون ڪرڻ واري سگهه ۽ صلاحيت کسي ڇڏي آهي. بلڪ ان جي برعڪس اسان کي هڪ ٻئي جو حريف ۽ دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياستدان اديب کي بيڪار ۽ بي مقصد ڄاڻي ٿو ۽ اديب ۽ دانشور کي ڏاهو به چئي پر ان کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ چاهي ٿو.ليڪن  انهيءَ ڏاهي جي چوڻ تي هلڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي . زندگيءَ جي هر شعبي جو اهڙو ئي حشر آهي.

              اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي سان هٿ نه ونڊايو ته ڪا خراب ۽ خطرناڪ ڳالهه ڪونهي. پر هڪ ٻئي کي آزاديءَ سان پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيون ته هوند بهتر نتيجا نڪري پون. اسان جيڪڏهن سوٽو کڻي اخبار وارن جي مٿان چڙهي وينداسين ته هي خبرون ڇپيو ۽ هي خبرون نه ڇپيو ته عوام تائين حق سچ ڪيئن پهچندو؟ ۽ عوام صحيح عام راءِ ڪيئن قائم ڪري سگهندو . اسان جيڪڏهن اديبن ۽ ليکڪن تي پابنديون مڙهينداسين ته اهي ڌر بڻجي ڪنهن پارٽي، شخصيت يا ڪنهن واقعي يا مسئلي تي قلم کڻن ته پوءِ ادب ۽ اديب جو ڪهڙو مقصد وڃي بچندو ؟ اسان جيڪڏهن ڪنهن سياستدان تي پنهنجي مرضي مطابق بيان ڏيڻ ۽ سياست ڪرڻ لاءِ بار وجهنداسين ته هو پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون ڪيئن ڪم آڻي سگهندو؟ هن لاءِ ضروري آهي ته اسان صحافيءَ کي صحافي، سياستدان کي سياستدان، اديب کي اديب ، شاگرد کي شاگرد ئي رهڻ ڏيون ۽ انهن تي ٻيا بار نه رکون. ايئن ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجن سوچن ۽ لوچن ۾ توازن قائم ڪري سگهون ٿا. هي ڳالهه تمام ضروري آهي ته اسان ٻين کي زوري پاڻ جهڙي بنائڻ جي ڪوشش نه ڪيون ۽ پاڻ ٻين جهڙي ٿيڻ جو سعيو نه ڪيون. بلڪ ٻين کي آزاد ڇڏيون ته اهي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق سوچن ۽ لوچن، ۽ اسان پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ڪم ڪيون.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 31.10.1995)

    17.      ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب

     

     سنڌ ۾ تمام سٺو ۽ تمام گهڻو لکيو وڃي ٿو ، پر وس وارا پڙهن ئي ڪونه ٿا. اسان جون اخبارون سنڌ واسين جو بي بدل آوا ز آهن.اسان جون آهون ۽ دانهون، حڪايتون ۽ شڪايتون روزانو اخبارن ذريعي در در تي پهچن ٿيون پر اهي ڪونه ٿا پڙهن، جيڪي ڪجهه نه ڪجهه اسان جي دردن جو دارون ڪري سگهن ٿا.”واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو“ واري صورت حال ڪانه رهي آهي. ٻڌڻ وارو ٻروچ اڄ ٻوڙو ٿي پيو آهي، بلڪ سنڌي سليمي به پڙهي نٿو سگهي. جيڪڏهن پڙهڻ وارن جو اهو حشر آهي ته هاڻي اچو ۽ اهو ڏسون ته ڀلا ٻڌڻ وارا ڪيترا آهن.هن ڪالم جي عنوان ۾ مون ”ٻڌڻ“ ، ”سمجهڻ“ ۽ ”مڃڻ“ هڪ ٻئي سان مشروط ۽ مربوط بڻايو آهي. اهو هينئن ته جيڪڏهن ڪو ٻڌندو ئي ڪونه ته سمجهندو ڪٿان؟ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن گهڻو ڪجهه ٻڌي به ماڻهو رتيءَ ڀر سمجهي ئي ڪونه ته به ٻڌڻ ڪهڙي ڪم جو؟ پر جيڪڏهن ماڻهو ٻڌي سمجهي به، پر انهيءَ کي مڃي ڪونه ۽ ان تي عمل ئي ڪونه ڪري ته پوءِ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ مان ڪهڙو فائدو.

              هاڻي اچو ته ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب ڏسون. اسان طبقاتي سماج ۾ رهون ٿا. سياڻن جو چوڻ آهي ته ”مڊل ڪلاس“ اسان وٽ منظم نموني سان ٺهي جڙي نه سگهيو آهي. ان ڪري اسان جي سماج ۾ صحيح معنيٰ ۾ ٻه طبقا آهن: ”مٿيئون طبقو“ ۽ ”هيٺيون طبقو“. هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته عام ۽ عوام جي ڀلائيءَ جي جيڪا به ڳالهه ٿئي ٿي، ان جي معنيٰ هيءَ هوندي آهي ته ” مٿئيون طبقو غريبن کي پنهنجا حق ڏئي، مٿن ظلم نه ڪري ۽ سندن استحصال نه ڪري.“ ان ڪري جڏهن به عوام جي ڀلائي ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي ڳالهه ڪبي ته اسان جو ”مٿئيون طبقو“ نه فقط پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجي ڇڏيندو، بلڪ اڻ ڳڻين ماڻهن کي به مجبور ڪندو ته هو پنهنجي ڪنن ۾ آڳريون وجهي ڇڏن ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٻڌن. اهي ماڻهو جيڪي روزگار ،ملازمت، بدلي،  ڦڏي کان بچڻ وغيره جهڙيون مجبوريون ۽ مفاد رکن ٿا، اهي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اثر رسوخ واري ماڻهو يا ”مٿئين طبقي“ جي نمائندي جا محتاج ٿين ٿا. ان ڪري هو چاهيندي به چڱي ڳالهه نه ٻڌڻ لاءِ مجبور آهن. هو پاڻ کي ايئن بليڪ ميل ڪرائي سچ جو پاسو ڇڏي وڃن ٿا. حادثن ۽ حالتن جي واچوڙي کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه هنن کي متاثر نه ٿي ڪري. ڪن حالتن ۾ هنن جا ڪن کلي پون ٿا ۽ اکين تان پٽيون لهي پون ٿيون ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ٻڌن، سمجهن ۽ مڃن ٿا، نه ته سڀني جو خير.

              هاڻي جڏهن ”مٿئيون طبقو“ نه فقط پاڻ ٻڌي پر ٻڌندڙن کي بدظن ڪرڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هيٺين طبقي جو ڳچ حصو پنهنجن مفادن ۽ مجبورين ڪري ٻڌڻ گوارا نه ڪري ته پوءِ اندازو لڳايو ته ڪيترا ٿا ٻڌن؟

    ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي. اهي ماڻهو، جيڪي اڳ ۾ ئي ڪي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا ملازم آهن. انهن سان هيءَ مجبوري آهي ته هو هر ڪا ڳالهه سمجهن ضرور ٿا ليڪن ان کي ٻڌڻ ۽ مڃڻ کان گهڻو پري ٿين ٿا. مثال طور سنڌ ۽ سنڌ واسين جي سورن کان هر ڪو سرڪاري ملازم باخبر آهي، پر هو نوڪريءَ بچائڻ خاطر نه ته اهڙن فنڪشنن ۾ وڃي سگهي ٿو ۽  نه وري ڪنهن پارٽيءَ جو رڪن ٿي ڪنهن جي ڳالهه مڃي ٿو. اهڙيءَ ريت اسان جي آباديءَ جو هي حصو مجبور ۽ مفلوج آهي. حالتون ڪهڙيون به هجن، پر اهو طبقو ٻڌڻ، سجهڻ ۽ مڃڻ وارن جي صف ۾ شامل ٿي نٿو سگهي.

              اسان جي پڙهيل ڪڙهيل طبقي جي وڏي اڪثريت جو اهو حال آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي راءِ جو ڌڻي چئي نه ٿو سگهجي. ڇو ته اسان جا ڪيترائي لکيل پڙهيل، عاقل ۽ بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي ڪنهن نظريئي يا آدرش جا معتقد ۽ مريد بڻجي وڃن ٿا. ان ڪري پوءِ باقي ڄمار” هزماسٽرس وائيس“ بڻجي ٻين جون ڳالهيون ڪندا وتن ٿا. هنن کي ٻڌڻ لاءِ نه ته ڪوئي وقت ٿئي ٿو ۽ نه وري هو ڪنهن ٻئي جو ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. بلڪ هو ٻئي کي ”ٻڌڻ“ وڏو گناهه سمجهندا آهن. انهيءَ حساب سان اسان جي لکيل پڙهيلن مان ”نظرئي وڪوڙيل ۽ گروهه زده طبقو“ ڪنهن جو ڪجهه به قطعي ڪونه ٻڌندو.

              اسان جي آدمشاريءَ جو وڏو حصو اڻپڙهيل آهي، پر جيڪڏهن ٿورو گهڻو پڙهيل آهي ته فقط نالي ماتر. اهي پنهنجي مسئلن ۾ ايترو ته مصروف ۽ مجبور آهن جو واقعي انهن وٽ ايترو وقت ئي ڪونهي ته هو ڪنهن کي ٻڌن. هاري پنهنجا ڪم ڪار۽ ٻني ٻارا ڇڏي، گاهه ۽ ڳاهه ڇڏي ڪنهن عالم جو واعظ، ڪنهن دانشور جي تقرير ۽ مدبر جو خطاب ڪونه ٻڌندو. ان ڪي اسان پنهنجي آدمشماريءَ جي وڏي حصي کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن ۾ شامل ڪري  نه ٿا سگهون.

              انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڻ ۾ ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جي ڪمي آهي ۽ انهيءَ ئي صورت حال ۾ ڪنهن عالم، دانشور ۽ مدبر کي حق ۽ سچ جي ڳالهه ٻڌائڻي ۽ مڃائڻي آهي. جيئن زلزلا جبلن کي ڦاڙي ۽ ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيندا آهن، تيئن ئي اڄ جي عالم دانشور ۽ مدبر کي پنهنجي ڳالهه چوڻي ۽ مڃائڻي پوندي.ان لاءِ هنن کي نت نوان طور طريقا ڪم آڻڻا پوندا. بهرحال هنن کي اهو ڌيان ڪرڻو پوندو ته کين ٻڌڻ وارا آهن ئي ڪونه. في الحال هو پاڻ چوڻ وارا ۽ پاڻ ئي ٻڌڻ وارا آهن. هي صورت حال پريشان ڪندڙ ضرور آهي، ليڪن مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪونهي. ڇو ته اهڙيون حالتون نبين ۽ پيغمبرن کي به ڏسڻيون پيون هيون. ايتري قدر جو الله تعاليٰ کي پنهنجي قرآن ذريعي دلداري ڏيڻي پئي ۽ فيصله ڪن انداز ۾ فرمائڻو پيو ته ڪي ماڻهو ٻوڙا ۽ گونگا ٿيندا آهن ۽ هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ به نبين ۽ پيغمبرن حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن کي ٻڌڻو، سمجهڻو ۽ مڃڻو پيو. اسان وٽ ۽ اسان ۾ ٻڌڻ،سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب گهٽ آهي ۽ اها هن دور جي سچائي آهي.

     

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 24.10.1995)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

    18. اسان جي تاريخ ۽ تحقيق دشمنيءَ جا ڪي مثال

              

    ”تاريخ“ ۽ ”تحقيق“ سان اسان جي جهڙوڪ لڳي ئي ڪا نه ٿي. اهي ماڻهو جيڪي هن ڪم سان لڳل آهن، تن کي اسان قبرون کوٽيندڙ، اجايو وقت ضايع ڪندڙ  ۽ مٿي ڦريل ڄاڻيندا آهيون. اسان جو وس پڄي ته محققن کي ڪچو کائي ڇڏيون ۽ تحقيقي ادارن کي تالا لڳائي ڇڏيون.سڪاري ۽ نيم سرڪاري تحقيقي ادارا جيئن اڪ ڪارا ڪري رهيا آهن، انهن تي اسان کي ان ڪري چڙ نٿي اچي جو اسان تاريخ ۽ تحقيق کي بيڪار ڪم ڄاڻون ٿا. ان ڪري انهن اداران ۾ ڪم ٿئي يا نه ٿئي اسان جي صحت تي اثر ڪونه ٿو ٿئي.

    ڪنهن به ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ جودارومدار پنهنجن عملن تي ٿئي ٿو. بلڪ ايئن چئجي ته ٻولي ۽ علم ادب جي عمارت پنجن ٿنڀن تي ٻڌل ٿيندي آهي جيڪي هن:”تخليق“ ،”تحقيق“ ،  ”ترجمو“ ، ”تنقيد“ ، ۽”تنظيم“.اسان وٽ بدقسمتيءَ سان انهن عملن ۽ ٿنڀن ۾ ڪوبه توازن ڪونهي . ۽ انهن جا نتيجا اسان جي اڳيان آهن. ڪجهه وقت اڳ مون ڪالم ذريعي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن کي صلاح ڏني هئي ته سنڌيءَ جي نصاب ۽ ڪورس کي انهن پنجن ”ت“ کي ڌيان ۾ رکي ترتيب ڏيو، اهو ئي سئليبس ٺاهڻ جو بهتر، مثالي ۽ سائنٽيفڪ طريقو آهي. پر ڪنهن به يونيورسٽيءَ طرفان انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو ويو. جيڪڏهن هن صلاح تي ٿورو توجهه ڏنو وڃي  ته ”تاريخ“ ۽ ”تحقيق“ جي به الله ٻڌي ها. پر ايئن ڪونه ٿيو.

              ويهن سالن جي تجربي ۽ مشاهدي مون کي انهيءَ موڙ تي اچي پهچايو ، جو مون لکين روپيا خرچ ڪري ” گل حيات انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو ته جيئن تاريخ دوستي ۽ تحقيقي نوعيت واري تعليم کي عام ڪرڻ جي هڪ پُر خلوص ڪوشش ڪجي. پر دکن، دردن ۽ سورن جو مذڪور ويهن سالن ۾ به ساڳيو ئي رهيو،بلڪ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ صورتحال اڃا به ابتر ٿي وئي آهي.

              اڳ آئون جڏهن پنهنجي مقصد لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪندو هئس، ته ان وقت جيڪي تلخ تجربا ٿيا، اهي پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏيم ۽ ڪنهن کي ميار نه ڏنم. پر ”گل حيات انسٽي ٽيوٽ“ ذريعي هاڻي عوام لاءِ ۽ ڪم لاءِ ڪم ڪجي ٿو.هن وقت جيڪو ٻڌجي ۽ سهجي ٿو، اهو رڪارڊ تي آڻڻ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن اسان پنهنجي تاريخ دوستي ۽ تحقيق نوازي جي ڳڻن ۽ اوڳڻن جو رڪارڊ ٺاهي سگهون.

              آئون جڏهن پي ايڇ ڊي ڪندو هئس ته ڪن همراهن کي اچي ڏک ورايو ته آئون ڪلهوڪو ٻار متان ڊاڪٽر ٿي وڃان. ان ڪري هنن همراهن اهڙي ڪئي، جيئن ٻرڙي ڪئي ٻارن سان. انهن مان هڪڙو همراهه لياريءَ مان مڪراني موڪليندو هو. آئون طارق روڊ تي رهندو هئس. لياريءَ جا غنڊه اچي گاريون به ڏيندا هئا ۽ ڪتاب به فليٽ مان ڪڍي اڇلائيندا هئا. ٻئي همراهه اهو قرب ڪيو جو هڪ دفعي پاڻ اچي ڪراچي جي هڪ آڳاٽي ۽ گمنام شاعر جي پونئرن جو ڏسُ پتو ڏنائين. آئون سندس ٿورا مڃيندي شام جو وڃي گمنام شاعر جي وارثن تائين پهتس. در کڙڪايم ته هڪڙو ماڻهو نڪري آيو . هن مون سان چڙيو چڙيو ٿي ڳالهايو. اڃا دل کولي حال احوال به ڪو نه ڪيم ته ٻيو ڏٺل ماڻهو اتان اچي گذريو. هن زور ڀريو بلڪ گهلي وٺي ويو ته اسان پهريون گڏجي چانهه پيئون. چانهه پيئارڻ دوران حال احوال ورتائين، چيو مانس ته ، ”فلاڻي شاعر جو احوال ۽ ڪلام وٺڻ آيو آهيان.“ ان تي ميزبان چيو ته ،”جنهن ڏسُ ڏنو ٿئي تنهن توسان دشمني ڪئي آهي. تون جنهن سان ڳالهائي رهيو هئين اهو تنهنجي فلاڻي شاعر جو اولاد نه پر چريو آهي. هو پنهنجي رڳ تي اچي ها ته توکي مار ڪڍي ها. شڪر ڪر جو آئون پهتو آهيان. هيءُ منهنجو پاڙو آهي.“

              ويهه سال اڳ تحقيق ۽ تاريخ جي جستجو ههڙا حشر ڪيا . پر ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ مصداق صورتحال اڃا وڌيڪ ابتر ٿي وئي آهي. هاڻي جهڙوڪ ماڻهو مارين نه ٿا پر نسورو مارين ٿا ، سو به مرڻ کان اڳ. هاڻي ٿي شاهه لطيف جي مجبوري محسوس ٿئي ته هن ايئن ڇو چيو هو ته ” جنين ڪاڻ مياس، سي ڪلهي ڪانڌي ئي نه ٿيا.“

              گل حيات انسٽيٽيوٽ طرفان اسان هر ڪنهن قلم ڌڻيءَ کي سندس ڄمڻ واري تاريخ تي سالگرهه مبارڪ نامو موڪليندا آهيون. هن وقت تائين اسان اهڙا هزارين خط موڪليا هونداسين. ليڪن موٽ فقط چئن پنجن جي ملي آهي.باقي ڪنهن کان به ڪونه پڳو آهي ته ٻه اکر لکي چئي ته ”خير مبارڪ!“.

    اهڙي ريت مواد، معلومات، ڪوائف ۽ فوٽو وغيره وٺڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ جن تائين اسان پاڻ پهچي سگهندا آهيون، انهن سان پاڻ وڃي ملندا آهيون، هونئن نه ته خط لکندا آهيون. ۽ اڪثر ڪري ان ۾ جوابي لفافو به  وجهي ڇڏيندا آهيون. پنجن سالن کان وٺي اسان طرفان موڪليل اڻ ڳڻيل جوابي لفافن مان هڪ به واپس ڪونه موٽيو آهي. آئون هڪ شخص ڏي پورا هڪ سئو دفعا ويس ۽ هر دفعي گذارش ڪيم ته اوهان پنهنجو فوٽو ڏيو ته ”گل حيات جي گئلري“ ۾ لڳايون . هر دفعي اهو جواب مليو ته ” سڀاڻي کڻي وڃجانءِ“ سئو دفعا وڃڻ کان پوءِ به اهو سڀاڻو اڃا ڪونه آيو آهي.

              ”گل حيات“ کان ٻارهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي رهندڙ هڪ شخصيت کي پاڻ وڃي دعوت ڏنم ته اوهان جي پاڙي ۾ اوهان جي ڇانو ۾ اسان قومي اهميت وارو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪڏهن قرب جا قدم کڻي اچو.انهيءَ دوست دلاسو ڏنو ۽ آئون فون تي کيس يادگيرو ڏياريندو رهيس.سندس اها وراڻي ملندي آهي ته ”آئون ڪشمير کان موٽيو آهيان. افغانستان وڃڻو آهي، هاڻي عمري تي ويندس “ هو ايڏا ته مفاصلا طئي ڪري سگهندو آهي، پر ٻارهن ميل سفر ڪري نٿو سگهي.

              ”گل حيات“ ۾ اسان جيڪو ڪجهه گڏ ڪيو آهي يا ڪري رهيا آهيون ان کي اسان قوم جي امانت ڄاڻون ٿا. جيڪڏهن ۽ جڏهن قوم ان خزاني جي سنڀال ڪرڻ جو ذمو کڻڻ گهريو ته اسان هڪ ڪلاڪ لاءِ به ميڙي چونڊي کي پاڻ وٽ نه رکنداسين. ”گل حيات“ ۾ 1843ع کان وٺي اڄوڪي دور جو اهو اهم رڪارڊ موجود آهي. جنهن مان سياست، علم ادب، سماج، مذهب، ثقافت ۽ صحافت تي اُٺ ڪتابن جا لکي سگهجن ٿا. اسان جيئن ۽ جيڪو ڪم ڪيون ٿا ، ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ڪجهه ايجنسين جي اشاري تي پيو ٿئي ۽ پڪ ئي پڪ ايجنسين جو خيال هوندو ته اسان اهو ڪن تنظيمن جي چوڻ تي پيا ڪيون. اهو ٻڌون ٿا ۽ محسوس ڪيون ٿا. پوءِ به ڪم ڪجي ٿو ڇو ته هي ڪم قوم جو آهي ۽ قوم لاءِ آهي. جيڪڏهن ٻيا ماڻهو رويا بدلائڻ لاءِ تيار نه آهن ته اسان پنهنجو شيوو ڇو بدلايو؟

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 10.10.1995)

     

     

     

     

     

     

    19 .       دک ، ڌرتي – ڌڻين جو ڪامن فيڪٽر

             

    سنڌ جي سيني جن کي ماءُ جي ڇاتي مهيا ڪئي آهي، اهي ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏائن ٿا، بلڪ سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. پوءِ اهي ڇو نه پٺاڻ هجن يا بلوچ،سيد هجن يا صديقي، قريشي هجن يا فاروقي. اهي ذاتيون، ڪٽنب ۽ قبيلا سندن محدود پئماني جي ڄاڻ سڃاڻ آهي. پر هنن جي مجموعي ڄاڻ بلڪ ناز سنڌ ۽ سنڌيتپڻو آهي.

              هر ڪنهن قوم جي پوئلڳن جا پنهنجا پنهنجا ”ڪامن فيڪٽرس“ ٿيندا آهن. ان ڪري ئي هر ڪنهن قوم جي سوچ ۽ لوچ، ثقافت ۽ ٻولي، تاريخ ۽ طرز زندگي، ماضي ۽ آئيندو مختلف ٿيندو آهي. قوم ۽ قوميتن جي عالمن ۽ ڄاڻن جو چوڻ آهي ته”گڏيل ماضي “، ”زبان“، ”ڌرتي“ ۽ ”زندگي گذارڻ جو نظريو“ ئي ڪنهن قوم جا بنيادي عنصر ٿين ٿا. هڪ دفعي مرحوم جي الانا مون کان پڇيو هو ته : ” ڊاڪٽر صاحب قوم ڇا کي چئبو آهي؟“ مون کيس وراڻي ۾ مٿيان عنصر ٻڌايا. ان تي مرحوم چيو ته ” اهي عنصر نه پر ڄاڻ سڃاڻ جا پئمانا آهن. قوم ان کي چئبو آهي، جيڪا پاڻ مڃائي، مثال طور بنگالي پهريون پاڪستاني قوم جو حصو هئا، پر جڏهن بنگلاديش ٺهيو ته اسان پاڻ کي هنن کان الڳ قوم تسليم ڪيو.“ مون کي سندس ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ اڄ جيڪو مون کان قوم جي وصف پڇندو آهي ته مان کيس اهائي ٻڌائيندو آهيان.

              اڄ جڏهن ”قوم“ ۽ ”قوميت“ جي علم جو ماهر، اسان سنڌ واسين کي ڏسندو ته ڏاڍو منجهي پوندو. ڇو ته ماهرن جي ڏسيل ۽ ڏنل وصف مطابق اسان ۾ اهو به لڇڻ ڪونهي. مثال طور اسان مان ڪيترا سنڌي سنڌ جي ماضيءَ سان رشتي رکڻ بدران پاڻ کي ٻاهران آيل ڄاڻائيندا آهن. ڪي پاڻ کي عربي نسل ته ڪي پاڻ کي وچ ايشيا جو وارث سمجهندا آهن. معنيٰ ته اسان مان ڪيترن قوميت ۽ قوم جو بنيادي عنصر يعنيٰ”گڏيل ماضي“ قبول ڪيو ئي ڪونهي.

              هاڻي اوهان قوم ۽ قوميت جي ٻئي عنصر يعنيٰ ”ٻولي“ ڏي ڌيان ڌيو. اسان جي اڪثريت ڌارين ٻولين ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي.وڏن شهرن ۾ اسان جا سنڌي گهرن ۾ به غير سنڌي ٻوليون ڳالهائن ٿا. اسان جو مٿئون طبقو اندر توڙي ٻاهر ، ستي توڙي جاڳندي انگريزي ٻولي ڳالهائي ٿو. اسان جو عوام ڏسي وائسي اخبارون ۽ رسالا وٺندو ته غير سنڌي ! هن جي معنيٰ اها ٿي ته اسان خود – اختياري رويئي سان قوم ۽ قوميت جي مکيه عنصر يعنيٰ ”ٻولي“ جي پاڻ نفي ڪيون ٿا .

    اسان جي ”قوميت“ جو بنيادي عنصر يعنيٰ ”ڌرتي“ اسان جي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي.جهڙوڪ ڌرتي سسندي پئي وڃي. هاڻي ته همراهه اچي ڪراچيءَ کان لڳا آهن. دشمنن جو وس پڄي ته هڪ ڏينهن ۾ ان کي ڳڙڪائي وڃن. اهڙيءَ ريت اسان جي ”ثقافت“جو اهو عالم آهي جو هر گهر جي ”ثقافت“ الڳ آهي. اهڙيءَ ريت ”گڏيل مستقبل“ لاءِ هر ڪو ماڻهو پنهنجي ٻولي پيو ٻولي، ڪو اولهه ڏي ٿو ڏسي ته ڪو اوڀر ڏي . پاڻ ڏي ته ڪو ڏسي ئي ڪو نه ٿو.

              هي آهي اسان جي ”قوميت“ جي عنصرن جو حشر، جيڪو اسان پاڻ ڪيو آهي. ايڏي اختلاف هوندي به هڪ شئي اسان سڀني ۾ ساڳئي آهي. اها شئي آهي دک ، درد ، سور ۽ پيڙا . اسا ن مان ڪو به اهڙو ڪونهي، جيڪو پاڻ کي سکي سڏائي ۽ سمجهي. امير هجي يا غريب، عملدار هجي يا بيروزگار، شاهه هجي يا گدا، جنهن کي ڏسبو ۽ جنهن کان پڇبو اهو پاڻ کي دکي سمجهندو.اسان مان هر ڪو سورن ۾ آهي، سچ پچ ته سورن  نه پر  بلڪ عذابن ۾ آهي ، ڪنهن کي ڪهڙا سور ته ڪنهن کي ڪهڙا؟ هر ڪنهن وٽ سور آهن ئي آهن.

              لطيف سائين جڏهن محسوس ڪيو ته اسان مان ڪيترا مذهب، سياست، قوميت ۽ ڪنهن ٻئي ڳالهه تي متفق ٿيڻ لاءِ تيار نه آهن ته هن عظيم انسان سورن کي ڪامن فيڪٽر ڄاڻي سڏ ڏنو ته ” اچو سورن واريون، ڪيون سور پچار.“ ڏاڍيون ڪم جون ڳالهيون ڪيائين ۽ کولي ٻڌايائين ته ”ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڊڻ نه ٿئي.“پر اسان سندس ڳالهه نه ٻڌي، پوءِ لطيف ”ڏک“ ۽ ”سور“ کي انوکي نموني ۾ پيش ڪيو. چيائين ته ” ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ.“ پوءِ به قوم جي هيٺئين توڙي مٿئين طبقي ، امير توڙي غريب اها ڳالهه نه سمجهي ۽ نه ٻڌي. پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه بدران شيهو وجهي اڄ به اسان نه ڪجهه ٻڌون ٿا ۽  نه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون. حالانڪ اسان جو وجود ، بلڪ ڪائنات جو ذرو ذرو اسان کي ٻڌائڻ  ۽ اسان جي اندرين وارين اکين کولڻ لاءِ آتو آهي.

              صديون اڳ جيان اڄ ۽ اڄوڪي دور ۾ به ”دک“ اسان جو ”ڪامن فيڪٽر“آهي. اهوئي اسان جوتاريخي ۽ حالتن وارو رشتو آهي. اهائي اسان جي مضبوط رسي آهي، جنهن اسان کي هڪ ٻئي سان ٻڌي رکيو آهي. پر اسان وقت ۽ حالتن جي جنگ ڪيئن وڙهي رهيا آهيون؟ بنهه ايئن جيئن ميرن پنهنجي پٽڪن سان هڪ ٻئي کي ٻڌي تلوارون کڻي بندوقن جي منهن ۾ پيا؟؟

              دک ئي اهڙو عنصر آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وجود ۾ سمايل آهي.اسان انهيءَ ذريعي ئي ”ڪثرت“ ۾ ”وحدت“ پيدا ڪري سگهون ٿا، پر نفسيات جو ماهر، دانشور ۽ مدبر ڪٿان اچي؟

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،تاريخ : 23.05.1995)

    20 .       اسان مان هر ڪو هٽ لسٽ تي آهي

           

            جيئن جيئن دنيا جهان اسان خلاف اکيون ڦوٽاريندو رهي ٿو ۽ جيئن جيئن خارجي قوتون واڳونءَ جيان وات ڦاڙي اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ آتيون ٿي وڃن ٿيون  ، تيئن تيئن اسان ۾ پاڻ کي ۽ هڪ ٻئي کي موت ڏيڻ لاءِ من ۾ مانڌاڻ پيدا ٿي وڃي ٿو.اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي سان دشمني نه ٿا ڪيون ته آرام ڪو نه ٿو اچي. اسان جيڪڏهن ڪنهن جون پاڙون ڪونه ٿا پٽيون ته سڪون نه ٿو ملي. وڏي عرصي کان وٺي اسان جو معمول اهو ئي رهيو آهي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسان ڄاوا ئي پنهنجن جا ترا ڪڍڻ لاءِ آهيون.

              انوکي ڳالهه اها آهي ته هڪ ٻئي سان دشمني ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنهن جواز ۽ سبب جي ضرورت ڪانه پوندي آهي. بس اسان کي هڪ ٻئي سان دشمني ڪرڻي هوندي آهي. ايئن هر ڪو هڪ ٻئي جو دشمن لڳو پيو آهي . پوءِ ڀلي ته ڪنهن جي فرشتن کي به خبر نه هجي، بلڪ ڪوئي پاڻ به نه ڄاڻندو هجي. خبر تڏهن پوندس جڏهن پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائي ويندس.

              اسان مان هر ڪو هڪ ٻئي جي هٽ لسٽ تي ڇو آهي؟ اهو اسان جي قومي نفسيات سان لاڳاپيل اهم سوال آهي. انهيءَ سوال جي جواب تلاش ڪرڻ کان سواءِ ڪوبه علمي، ادبي، نظرياتي، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ قوم کي پاڻ سان گڏ ڪري ۽ گڏ کڻي منزل طرف گامزن ٿي نه ٿو سگهي.

    اسان جو پنهنجن سان نه راهه مولا ۽ نه وري راهه رسول دشمني ڪندا آهيون ، ان جو هڪ بنيادي ڪارڻ هي آهي ته اسان ڪنهن کي لئه ڪرڻ ڪونه ڏيندا آهيون . ڪو جيڪڏهن قلم کڻي قوم جي خدمت ڪندو آهي.ڪو جيڪڏهن ترَ جي پير يا امير جي اجائي حاضري نه ڀريندو آهي. ڪو جڏهن عوامي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪندو آهي ته اسان مٿس اهو الزام هڻندا آهيون ته ” همراهه هٿن کان نڪتو پيو وڃي.“ انڪري ان جي آڪڙ لاهڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت شل ڪو غريب اڇا ڪپڙا پائي نه هلي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڳڻ ڪارڻ سندس عزت ۽ احترام  نه ٿيڻ لڳي . اسان مٿس بهتان هڻڻ لڳنداسين ته ”همراهه مفت ۾ پيو لئه ڪري.“ پوءِ هن جي لئه ڊاهڻ جو جوڳو بندوبست ڪنداسين ۽ هن جا اهڙا ته دشمن ٿي پوندا سين جو پيو ڏينهن جا تارا ڏسندو .

    اسان پنهنجي چوگرد نظر ڦيرايون . اسان کي هر انهيءَ ماڻهوءَ خلاف نفرت جا طوفان نظر ايندا، جيڪو ناجائز طريقي سان ڪنهن جا انگل پورا نه ٿو ڪري، اسان کي هنڌين ماڳين اهو ماڻهو بدنام ٻڌايو ويندو جيڪو هزارين چڱايون ڪندي ڪنهن سان ڪنهن لاچاريءَ ۽ مجبوريءَ سبب ڪو هڪ دفعو چڱائي ڪري نه سگهيو هوندو .

     اسان جو عوام نه ڪيل گناهن جون سزائون ڀوڳيندو رهي ٿو. اهو ماڻهو قرار ۾ ڪونهي جنهن جا لٽا ڪپڙا اڇا آهن ۽ جيڪو جهوپڙيءَ بدران ڪنهن ڪچي جاءِ ۾ رهي ٿو.جيڪو اکيون ٻوٽي ڪنهن جي حڪم جي پيروي نه ٿو ڪري، جيڪو ڀلي ۽ بري جي تميز رکي ٿو ۽ جيڪو پنهنجو ۽ قوم جو استحصال ڪرڻ نه ٿو ڏئي ۽ جيڪو ڏوهه کي ڏوهه ۽ چڱائي کي چڱائي چئي ٿو. اسان جيڪڏهن ڪنهن کي فڪري آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.اسان جڏهن پنهنجن کي اختلاف جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.اسان جيڪڏهن ڪنهن کي جائز لئه ڪرڻ جي اجازت ڏئي نه ٿا سگهون، اسان جڏهن ڪنهن کي ”مادي ترقي“ ڪندي ڏسي برداشت ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ قومي ڀلائي جي نالي ۾ اسان جي جاکوڙ ڇاجي لاءِ آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ پوءِ اديب جيڪڏهن ڪتاب لکي ته هن رنڍا نه روڙيا ته ٻيو ڇا ڪيو؟ پوءِ جيڪڏهن سماجي ڪارڪن ڪٿي اکين جي ڪئمپ هڻائي ته ڇا ٿيو؟ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سياستدان قوم جي سورن تي ڳوڙها  وهايا ته ڇا ٿي پيو؟

    اهڙيءَصورتحال ۾ اسان جو هر قلم – ڌڻي ، هر ڪو سماجي ڪارڪن۽ هر ڪو سياستدان ايئن ڪري رهيو آهي، ڄڻ کوهه ۾ مئل ٻلو موجود آهي ۽ هو ٻه ٽي سو باٽليون  پاڻيءَ جون ڪڍي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ته ايئن ڪرڻ سان هو کوهه کي پاڪ ڪري ڇڏيندو.

    اسان جي اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جو انهيءَ ڪري دڪو داخل نه ٿو ٿئي ۽ هنن جي  ڳالهه ۾  ان ڪري اثر پيدا نه ٿو ٿئي جو هو سماج جي داخلي خلفشارڏي توجهه نه ٿا ڏين. اسان مان هرڪو جو هينئن اهڙي عذاب جي اوڙاهه ۾ رجهي رهيو آهي ، ۽ اسان جو هنئن هڪ ٻئي جون ٽنگون ٻانهون ۽ سسيون لڻي رهيا آهيون ته ڪنهن به اسان کي هن آپگهاتي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان جهڙوڪ ايئن پيا ڪيون ته ڪو غير اسان کي نه ماري باقي اسان هڪ ٻئي کي ڀلي ته گجر جيان ڪٽيندا رهون.

    ڪنهن خارجي مثبت تبديلي آڻڻ يا ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان اڳ ”داخلي تبديلي“ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. اسان جي سماج جي وجود کي اندران ئي اندران داخلي خلفشار، اجائي اختلاف ۽ بنا سبب دشمنيءَ واري ٽي بي وڪوڙي چڪي آهي ، ۽ اسان جو زور وري انهيءَ مريض جي هٿ منهن ڌوئڻ تي رهيو آهي. هي اسان جي عوام دوست ۽ ڌرتيءَ دوست ساٿين لاءِ هڪ اهم ايجنڊا آهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪرڻ اسان سمورن جي ناقابل تلافي غلطي ٿيندي. اسان پنهنجي گهر ۾ موجود نانگ کي کير پيئاري، گهر ۽ در کان ٻاهر نانگ کي مارڻ سان بچي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي اڳ ۾ اها هٽ لسٽ ڦاڙڻي پوندي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو نالو لکيل آهي، جيڪا اسان پاڻ ٺاهي آهي.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،     تاريخ : 04.04.1995)

    21 .       روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آيئي!

             

    سنڌي علم ادب جو ڳچ حصو ”محبت“ جو مذڪور آهي. اسان جي شاعرن ۽ اديبن جيترو محبت جي جذبي کي عام ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، اوترو پنهنجي اجتماعي ۽ قومي حقن لاءِ نه لکيو آهي. بيشڪ مزاحمتي ادب سرجي پيو، پر امن ۽ محبت جون ڳالهيون اڃا به وڌيڪ زور سان ڪيون پيون وڃن.

              سنڌيءَ ۾ پيار ۽ محبت جي ايتريون ۽ ايڏيون ڳالهيون ڪرڻ مان اهوئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ واسيءَ کي ڀرپور انداز سان محبت ڪانه ملي آهي.هو صدين کان وٺي انفرادي طور تي ۽ اجتماعي طور تي محبت کان محروم رهيو آهي. اجتماعي طور تي محبت کان اسان محروم ڪيئن رهيا آهيون؟ اهو معلوم ڪرڻو هجي ته هر دور جي حڪمرانن جي اکين ۾ ڏسڻ گهرجي، تاريخ جي چهري تان پڙدو لاهي ڏسجي ۽ وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن جو رنگ ڏسجي . پاڻهن خبر پئجي ويندي ته اسان کي اجتماعي طور تي محبتون مليون آهن  يا نفرتون. اسان انفرادي طور تي محبت کان محروم آهيون يا نه؟ انهيءَ سوال جي جواب تلاش ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجن روين ۽ اندازن جو مطالعو ڪرڻو پوندو. پراوا ته رهيا پراوا پر پنهنجن به سنڌ واسين کي ڏکن جي ڏونگرن هيٺان پئي آندو آهي. هن حقييقت جي تصديق ڪرڻ  لاءِ اسان جو لوڪ ادب ڪيترن ئي پهاڪن ۽ چوڻين سان ڀريو پيو آهي. تاريخ جا ورق اڻ ڳڻين واقعن سان ڀريا پيا آهن. چيو ويندو آهي ته”ميرن کي گهران لڳي“،۽ انهيءَ چواڻيءَ سنڌيءَ کي سورن جي سوغات سدائين سنڌي کان ملي.

    صدين جي غلاميءَ  ۽ آزاديءَ جي اکٻوٽ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار خواهه نفسيات تي منفي اثر وڌا آهن. انهن مان هڪ برو اثر اهو به پيو آهي ته اسان پاڻ ۾ محبت ۽ ميٺ ۾ گهاري گذاري نه سگهندا آهيون. اسان جي پرچڻ جا ته سبب هوندا آهن،پر رسڻ لاءِ ڪنهن جواز، سبب ۽ ڪارڻ جي ضرورت ڪانه محسوس ڪندا آهيون.اسان هڪ ٻئي سان ڪيئن رسون ٿا؟ ۽ ڪڏهن رسون ٿا؟ اها ڪنهن کي به ڪل ڪانهي. پر جيڪڏهن ڳالهه فقط رسڻ تائين دنگ ڪري ها ته به جهڙوڪ اسان فائدي ۾ هئا سين.پر اسان جو رسڻ قهر بڻجي پوندو آهي.خدا تعاليٰ به ڪنهن گنهگار تي ناراض ٿي، کيس ايڏي سزا نه ڏيندو آهي ته جيتري اسان رسڻ کانپوءِ ڪنهن کي سزا ڏيندا آهيون. ڀلي ته ڪنهن سان کير کنڊ هجون، پر جيڪڏهن هن سان رسي پياسين ته سندس کير ئي زهر ڪري ڇڏينداسين. اها ڪنداسونس جو کيس ڏينهن جا تارا ڏسڻ ۾ ايندا. هن سلسلي ۾ اسان جي اها فطرت بڻجي چڪي آهي ته ڀلي ڪو اسان تي هزارين احسان ڪري ۽ ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون پنهنجو رت پياري، پر جيڪڏهن ڪنهن لاچاري، مجبوري ۽ بيوسيءَ سبب هڪ دفعو اسان جو ڪم نه ڪيائين يا پير ڀري نه سگهيو ته پوءِ اڳوڻا احسان به کڏ جي تري ۾ ته همراهه به تحت سرا جي تري ۾ . هن جا اسين جاني دشمن ٿي پونداسين ۽ سندس حياتي ئي حرام ڪري ڇڏينداسين.

    اسان جي اهڙي ريت اک مٽڻ واري عادت کي ڏسي، اسان کي ڳڻ چور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ئي شايد اسان جي شاعرن ۽ اديبن صدين کان وٺي محبت جي موضوع تي گهڻو ڪجهه لکيو ۽ چيو آهي.سماج جي هنن سپورنجن ان ڪري ئي محبت کي عام ڪرڻ مناسب ڄاتو ته جيئن اسان نفرت جهڙي مقدس ۽ عظيم جذبي جي اجايو ۽ بي دريغ  استعمال نه ڪيون.محبتون ماروئڙن لاءِ هونديون آهن ۽ نفرتون ظالمن، جابرن ۽ ڌارين لاءِ هونديون آهن. نفرتون ڪنهن به ناراضپن جي صورت ۾ ضايع نه  ڪبيون آهن. جهالت، غربت ۽ استحصال ۽ ظلم جون حالتون ئي نفرتن جون حقدار هونديون آهن.

    منهنجي خيال ۾ ڀلي ته ڪو خيراتن ۾ خزانا لٽائي پر هن کي ايترو ۽ اهڙو سڪون نه ملندو، جيترو درگذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ مان ملي سگهي ٿو.

    در گذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ جو عمل محبت جي جذبي مان ڦٽي نڪرندو آهي. معاف انهيءَ کي ڪبو آهي، جيڪو غلطي ڪري . درگذر خطائون ئي ڪبيون آهن. پر هي ڪٿان جو انصاف آهي؟ ۽ هي ڪهڙي اسان جي فطرت آهي ته اسان انهن کي به معاف نه ٿا ڪيون، جيڪي نه ته غلطي ڪن ٿا ۽ نه وري ڪنهن قسم جي خطا ڪن ٿا . اسان جو ڏوهه فقط اهو آهي ته وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن اسان مان هر ڪنهن کي اهڙي زاوئي ۽ اهڙي ڪنڊ تي ٽيڏو ويهاري ڇڏيو آهي، جتي جيڪا به نگاهه پئي ٿي اها اسان کي پرکي ۽ پروڙي نه ٿي سگهي. نتيجي ۾ اسان پاڻ ٽيڏا ٿي پيا آهيون ۽ ”هوت مڙوئي هيڪڙو پر ٽيڏا ڏسن ٽي“ مصداق هڪ ٻئي کي انيڪ روپن م تسليم ڪيون ٿا، جڏهن ته اسان جو روپ فقط هڪ آهي ۽ اهو هي آهي ته اسان ساڳئي قوم جا فرد آهيون ۽ اسان جا دک ۽ سک ، هڪ جهڙا آهن . اسان جو ماضي ساڳيو آهي ۽ اسان جو مستقبل ساڳيو آهي.

              اسان جي محققن اسان کي تاريخ جا اهي ورق پڙهايا، جن ۾ اسان جي دانهن، آهن ۽ ڪوڪن جي رت مان ٻڏل داستان موجود آهن. اسان کي مدبرن وقت ۽ حالتن جا اهي روپ ڏيکاريا، جن کي ڏسندي اسان کان دانهون نڪري ويون. اسان کي سماج اهي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ، جن اسان جي نيڻن کي ڪڏهن به سڪڻ نه ڏنو. اسان سان رهبرن رهزنيون ڪيون، هادين دڳ کسيا، سڄڻن دشمنيون ڪيون، ايترو ۽ ايڏو روئاري ڪنهن به کلڻ ڪين سيکاريو. جيڪڏهن شاعرن ۽ اديبن محبت جون ڳالهيون ڪيون ته سي به مثالن ۾، اشارن ۾ ڪناين ، تشبيهن ۾ ۽ اصطلاحن ۾. ڪنهن ايئن نه ٻڌايو ته محبت درگذر ڪرڻ جو نالو آهي. پيار معاف ڪرڻ جو نالو آهي ۽ پريم خامين سان گڏ خوبين کي به قبول ڪرڻ جو نالو آهي.اسان کي روئاريو ته هر ڪنهن آهي پر کلايو ڪنهن ڪنهن آهي . ڀلا جيڪڏهن ٻيو ڪو کلائي نه ٿو سگهي يا کلائڻ نه ٿوچاهي ته ڇا پاڻ اسان ايئن ڪري نه ٿا سگهون. ڇا کلائڻ به ڪو طريقو آهي جو ڪنهن ٻئي کان سکجي؟اسان پاڻ ان وقت کلي سگهون ٿا، جڏهن پاڻ ۾ پرچي پئون ۽ رسڻ جون ريتون ڇڏي ڏيون. پر جيڪڏهن رسي پئون ته پرچڻ لاءِ نه ڪي قهر بڻجي هڪ ٻئي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ لاءِ آتا رهون .

     

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 04.10.1994)

     

     

     

     

     

     

     

     

    22 .  سيفل ته سڀئي آهيون، پر سيف الملوڪ به ته ڪو ٿئي

             

    اسان جي ڀر پاسي واري ڳوٺ ۾ سيفل فقير هوندو هو. هن جي وڏڙن ته هن لاءِ چڱي خاصي دولت ڇڏي، پر پنهنجن ڦري فقير ڪري ڇڏيس. ڪنهن مئيءَ ماليءَ تي هٿ صاف ڪيس ته ڪنهن ٻني ٻاري تي قبضو ڪيس. سيفل پنهنجن جا اهي قرب ڏسي چريو ٿي پيو. لٽا ليڙون ليڙون ، وار وڏا ۽ سڄو جسم مٽيءَ ۾ ڀڀوت !کيس ڏسندي ڊپُ وٺي ويندو هو. سدائين لٺ ڪلهي تي ۽ لٺ ۾ لوٽي ٻڌل. جنهن ۾ ڏڌ، ماني، ٻوڙ ۽ ڀت پيل هوندو هئس . اکيون ڳاڙهيون ڪيو لنگ وجهي رستي تي اچي بيهندو هو . ڪو لنگهيو ناهي ۽ هن جا احوال شروع ٿي ويندا هئا . ماڻهوءَ جي پوئتان هلندو ويندو ۽ کيس سموري ڳالهه ٻڌائيندو هو. نالا وٺي چوندو هو فلاڻي مائٽ ٻني تي قبضو ڪيو ، فلاڻو سون کڻي ويو ۽ فلاڻي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو نه ملندو هئس ۽ واٽ ويندي ڪنهن وڻ وٽان گذر ٿيندو هئس ته انهيءَ وڻ کي به سورن جا مذڪور ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. شام جو جڏهن جناور جهنگ چري وٿاڻن ڏي موٽندا هئا ته سيفل فقير ڪنهن نه ڪنهن مينهن، ٻڪري يا ڍڳيءَ پٺيان هلندي ان کي سڀئي سور ٻڌائيندو هو.

              سيفل فقير کي اسان چريو سمجهندا ۽ چوندا هئا سين . جتي به ملي ويندو هو ته اسان لاءِ عيدون ٿي وينديون هيون. ڪو کيس ڀتر هڻندو هو ته ڪو کيس سروٽا. جڏهن هن کي به ڪاوڙ ايندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن جو مٿو ڦاڙي وجهندو هو. ٻالپڻي ۾ اهو سمجهندا هئاسين ته سڄي ترَ ۾ هڪڙو ئي چريو سيفل آهي. پر ايئن ڪونه هو . هاڻي ٿي خبر پئي ته اسان مان  گهڻي کان گهڻا سيفل آهن .ڪنهن دانشور يا مدبر سان ملو، ڪنهن امير يا غريب سان ڪچهري ڪيو، ڪنهن دفتر ۾ يا دوڪان ۾ وڃو. ڪنهن گهٽيءَ ۾ وڃو يا بازار ۾ وڃو. اوهان کي هر هنڌ سيفل ئي سيفل ملندا. بس رڳو اوهان جي پهچڻ جي دير آهي. هر ڪو اوهان کي سڄي ڄمار جا سور هڪ ئي گڏجاڻي ۽ ڪچهري ۾ ٻڌائي ڇڏيندو.ڪنهن کي اولاد نه ٿيڻ جو غم هوندو ته ڪنهن کي نا خلف ۽ نالائق اولاد تي ڪاوڙ هوندي. ڪو مائٽن کان رٺل هوندو ته ڪو دوستن تي ناراض هوندو. ڪنهن کي نوڪري جي تلاش هوندي ته ڪنهن کي پنهنجي واپار جو اونو.زبردست بالا دستن جي شڪايت پيا ڪندا ته بالادست زير دستن تي پيا ٻرندا. ڪنهن کي اديبن کان شڪايت هوندي ته ڪنهن کي صحافين کان. ڪو سياستدانن تي ڏمريل هوندو ته ڪڪو حڪمرانن جي لاک پيو لاهيندو.

    اهو سڀ ڪجهه انساني فطرت جي مطابق آهي. انسان ڪنهن مان به خوش نه هوندو آهي. پر ڪنهن کان خوش نه رهڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ هر وقت سيفل فقير ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي. هتي ته اسان مان هر ڪو سيفل فقير آهي. ٻين کي ڇڏيو. مڃيو سين ته عام ماڻهو ايترو پڙهيل ڪڙهيل ۽ عقل جو اڪابر ۽ سوچڻ ويچارڻ وارو ڪونهي ، ان ڪري عام ماڻهوءَ جي اها فطرت ٿي سگهي ٿي. پر هتي ته لکيل پڙهيل ، سياڻن ۽ سمجهو، دانشورن ۽ مدبرن جوئي حشر اهڙو لڳو پيو آهي. اسان مان هر ڪو جو پاڻ کي سيبتو ۽ سياڻو سڏائي ٿو ، سو ستن سيفلن برابر آهي. دانشورن وٽ دنيا جهان جو ايڏو ته درد آهي جو جيڪڏهن هڪڙو ليکڪ روئڻ ويهي ته ملڪ جي سمورن ڪارخانن جو ڪپڙو به هن جي ڳوڙهن اگهڻ لاءِ ڪافي نه ٿئي.وري جيڪڏهن ڪنهن سياستدانن جا سور ٻڌبا ته ٻڌڻ وارو روئي روئي انڌو ٿي پوندو پر همراهه جي ڳالهه نه کٽندي. هاڻي هن صورتحال کي ڇا چئجي. جيڪڏهن جٿي ڪٿي سيفل ئي سيفل آهن ته پوءِ سيف الملوڪ کي ڪٿي تلاش ڪجي.

    اهڙي صورتحال جا ٻه سبب آهن.انهن مان هڪڙو سبب ”نفسياتي“آهي ۽ ٻيو”نظرياتي“آهي . نفسياتي سبب اهو آهي ته ڪنهن به حاڪم ۽ حڪمران، ڪنهن به وس واري يا وسن واري، ڪنهن به دوست يا عزيز عام کي ۽ عوام کي ٻڌو ئي ڪونهي. ڪو به ڪنهن جا سور ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. ماڻهن کي پنهنجي اندر جو احوال اورڻ ، ٻوڙوٻڌي آچار ڪرڻ ۽ پنهنجا غم هلڪا ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو آهي . ان ڪري هر ڪو پنهنجا سور ٻڌائڻ لاءِ آتو آهي. ڪنهن کي به ڪٿي به موقعو ملي ٿو ته هو هر ڪنهن اڳيان پنهنجو اندر کولي رکي ٿو . ۽ پنهنجي مظلوميت خواهه محروميءَ جي دوا ڪرڻ جي تانگهه رکي ٿي. جيڪڏهن ماڻهن جي اندر جو بار هلڪو هجي ها ته عام ۽ عوام پاڻ کي اڪيلو، ويڳاڻو ۽ نڌڻڪو محسوس نه ڪري ها ۽ هر ڪنهن وٽ ٻين کي ٻڌڻ لاءِ وقت هجي ها، عوام جي اهڙي نفسيات ۽ ماڻهن جا اهڙا رويا اهو ثابت ڪن ٿا ته عوام ۽ عام کي صدين کان وٺي نه ٻڌو ويو آهي. حالتن ٻڌڻ وارن کان ڪن کسي ورتا آهن. ايئن کڻي چئجي ته ٻڌڻ وارن پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهه بدران ڇهيو وجهي ڇڏيو آهي . جيڪڏهن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ٻڌڻ وارو ڪا ڳالهه ٻڌندو ته  ٻڌائڻ وارو باقي دنيا اڳيان ڪنهن به صورتحال ۾ پنهنجا پول پڌرا نه ڪندو  ۽ پاڻ کي بيوس، لاچار ۽ ڪمزور ثابت نه ڪندو. انقلابن ۽ تبديلين ۾ ايمان رکندڙ ماڻهو ههڙين حالتن کي سونهري موقعوڄاڻيندا آهن.             

    اهي انيڪ زبانن ۽ لاتعداد هلڪن آوازن کي منظم ڪري ان مان قوت پيدا ڪندا آهن. پر اسان وٽ ڳالهه ايئن ڪونهي. هنن حالتن ۾ جهڙوڪ ٻار کير پيئڻ لاءِ روئي ٿو. ليڪن ماءُ کيس ببوُ نه ٿي ڏئي. ڀلا ٻوڙي ۽ انڌي ماءُ کي ڪهڙي خبر ته سندس ٻار روئي رهيو آهي؟ حالتن جي بدنصيبي اها آهي ته اسان مان هر ڪو سيفل به آهي ۽ سيف الملوڪ ٿيڻ ته رهيو پنهنجي جاءِ تي پر ”مائي صفوران“ ٿيڻ لاءِ به ڪوئي تيار ڪونهي . اها ”مائي صفوران“ جيڪا پنهنجي اولاد کي ببو ڏئي ۽ کير پيئاري. حالانڪه اسان وٽ مائرن ته ڇا پر ابن ۽ اڳواڻن سڏائڻ وارن جي ڪا ڪمي ئي ڪونهي. هر گهٽيءَ ۾ ڪونه ڪو ليڊر آهي ۽ هر ڳوٺ ۾ ڪو نه ڪو رهبر آهي.

    انهيءَ ”نفسياتيءَ سبب“ کان علاوه ٻيو ”نظرياتي سبب“ آهي.اسان طبقاتي نظام ۾ رهون ٿا. اسان وٽ ننڍ وڏائي ۽ ذات پات مذهب جهڙي مڃتا وٺي چڪي آهي. اسان ڌن ۽ دولت، اثر ۽ اختيار زور ۽ ڏاڍ جي بنياد تي نه فقط ٻين جو استحصال ڪيون ٿا، پر استحصال کي قائم ۽ دائم رکڻ جي به ڪوشش ڪيون ٿا. اسان ڪيترين حالتن ۾ ڦرڻ لاءِ ڦريلن جهڙيون دانهون ڪندا آهيون، ڌڪ به هڻندا آهيون ته دانهون به ڪندا آهيون. چوري به ڪندا آهيون ته چور چور به چوندا آهيون. اسان جو مٿئيون طبقو انهيءَ ڳالهه کي آسان ۽ ڪارائتو ڄاڻي ٿو ته ڪنهن غريب کي ٻڌڻ بدران هن کي ٻڌڻ تي مجبور ڪيو وڃي ، بلڪ هيرايو وڃي. هن کي ڪڏهن ٻٺپيون ٻڌائجن ته ڪڏهن ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪجن.غريب جڏهن به ڳالهه ڪندو ته پنهنجا سور ٻڌائيندو. پاڻ تي ٿيل ظلمن ۽ ذيادتين جا مذڪور کوليندو. ڪنهن مدد ۽ مهرباني جي خيرات وٺندو.ان ڪري هن جي وات تي هٿ رکي ڪنن جا پڙدا صاف ڪري ڇڏجن. جيئن هو ٻڌائڻ بدران فقط ٻڌندو رهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وڏي ادب ۽ احترم سان پنهنجي مرشدن کي ٻڌون ٿا، سياسي اڳواڻن کي ٻڌون ٿا ۽ چڱن مڙسن کي ٻڌون ٿا.

    هاڻي جڏهن اسان جو مٿيون طبقو به فقط ٻڌائڻ تي ڳنڍ ٻڌي ۽ مصيبت وري اها جو پاڻ مان پاڻ جهڙا اديب ۽ عالم، صحافي ۽ شاعر به رڳو ٻڌائڻ جو ٺيڪو کڻن، بلڪ ٻڌائڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ۽ پنهنجي ڏات جو معراج ڄاڻن ته عام ۽ عوام کي ڪير ٻڌندو. پر پڪ ڄاڻو ته اسان سيفلن مان اهوئي سيف الملوڪ هوندو ۽ ٿيندو جيڪو ٻين کي به ٻڌي.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 31.03.1996)

     23 .        قوم ڪنهن جي پٺيان لڳي؟

     

    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان جي ڪيترن سياستدانن سنڌ کي مرڪز بڻائي سياست ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي.اڌ صديءَ جو اهو تجربو ٻڌائي ٿو ته سنڌ سطح جي سياست ڪندڙن مان ڪنهن کي به وڏي ۽ مثالي ڪاميابي ملي نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته سنڌ جي سرزمين تي هڪ محدود تعداد واري لساني تنظيم پندرهن سالن جي ٿوري عرصي ۾ دنيا جهان کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ورتو آهي ۽ پاڪستان جي هيڏي ساري فوجي قوت، مختلف صوبن جي مفادن، اڻ ڳڻين سرڪاري ايجنسين جي موجودگي ۾ پنهنجي الڳ قومي تشخص بلڪ ملڪ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي.

              اسان جا ڪيترا اڳواڻ پنهنجي ناڪاميءَ ۽ موجوده صورتحال تي ايئن ئي تبصرو ڪندا ته اهو سڀ ڪجهه ايجنسين جو ڪمال آهي ،  جن پندرهن سالن جي ڄمار واري تنظيم کي انهيءَ موڙ تي پهچايو آهي ۽ کين يعنيٰ اسان جي اڳواڻن کي هر اليڪشن ۾ کٽڻ کان باز رکيو آهي. ڇا اهو سنڌ جي قومي جدوجهد جي تاريخ جو رڪارڊ ڪونهي ته گذريل اليڪشن جي هڪڙي مثال کانسواءِ باقي اڌ صديءَ جي عرصي ۾ ڪو به قوم پرست اڳواڻ اليڪشن کٽي نه سگهيو آهي. جيڪڏهن مڃجي ته اهو ايسٽيبلشمينٽ ۽ ايجنسين جو ڪم آهي ته پوءِ ملڪي يا بين الاقوامي ڪورٽن ۾ انهن سازشن کي وائکي ڪرڻ کان ڪنهن ڪنهن کي روڪيو آهي. ڪيترا سنڌ دوست اڳواڻ وري ايئن چوندا آهن ته ” جاهل قوم ۽ بي شعور ماڻهن سان واسطو پيو آهي.“ هيءَ ڳالهه به بنهه ايئن آهي جيئن چيو ويندو آهي ته ” اٿي پاڻ نه سگهجي، لک لعنت گوڏن تي وجهجي.“ جڏهن ڪو سياستدان پنهنجي قوم کي ڏوهي ڄاڻي ٿو ته اهو ظالم قومن، ڌارين ۽ دنيا اڳيان پنهنجي قوم جو ڪيس ڪيئن پيش ڪري سگهندو؟ منهنجي خيال ۾ هن وقت تائين ڪنهن به اهڙي وڪيل پنهنجي اصيل جو اهو چئي بند خلاص نه ڪرايا آهن ته سندس اصيل ڏوهي آهي، چور آهي ۽ خوني آهي. قومن جي ڪورٽ ۾ پنهنجي قوم کي جاهل ۽ بي شعور سڏڻ جو مطلب آهي پاڻ کي ”جاهلن ۽ بي شعورن جو سردار سڏائڻ“ ۽ جڏهن دنيا جهان کي خبر پئجي وڃي ٿي ته هي همراهه آهن ئي ”باباءِ جاهل ۽ قائد بي شعور “ ته پوءِ اتان موٽ به اهڙي ملندي .

    جڏهن ڪو به سياستدان ايئن چئي ٿو ته سندس قوم جاهل ۽ بي شعور آهي، ته پوءِ ڄڻ اهو تسليم ڪري ٿو ته هن پنهنجي قوم ۾ شعور پيدا ڪرڻ  وارو بنيادي ڪم ڪيو ئي ڪونهي ۽ سڄو وقت پاڻ کي رهبر، ليڊر ۽ اڳواڻ بنائڻ ۽ سمجهڻ جي ڌم ۾  ضايع ڪندو رهيو آهي.

    حقيقت هي آهي ته سنڌي قوم جهڙي ڏاهي ۽ باشعور قوم ڪا ورلي ٿيندي. جڏهن استحصال ڪندڙ ظالمن ۽ لٽيرن جو وڏو انگ هنن جو هادي ۽ اڳواڻ بڻجڻ لڳي ته اهڙي صورتحال ۾ قوم جو اهڙو ردِعمل منطقي ۽ عقلمندانه نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو. اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ته ڇڏيو پر سندن وڏا قبرن ۾ هوندي به ماڻهن کي پنهنجي مزارن تي مٿو ٽيڪائڻ ۽ سندن کيسا خالي ڪريو ڇڏين، تن جي قيادت عوام لاءِ ڪهڙي ڪم جي؟ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ابن ڏاڏن کان به وڌيڪ ظالم، استحصالي ۽ عوام دشمن هجن تن کي اڳواڻ بنائڻ ٿيو ” جَوَ ڍيري ۽ گڏهه رکپال“. حالتن جي ستم ظريفي نه پر هنن همراهن هر ڪو دڳ اهڙيءَ ريت جهلي رکيو آهي جو ملڪ جي استحڪام جي ڳالهه ڪيو ته ان وقت به سندن قيادت جي ضرورت پئي ٿي ۽ جيڪڏهن پنهنجي علحيده تشخص جي ڳالهه ڪريو ته به انهن جو ڳيجهو ٿيڻو پوي ٿو . مطلب ته قوم ڪاڏي به منهن ڪندي، هي همراهه مڇون مهٽي ڏاڙهيءَ کي تيل هڻي اڳيان اچي بيهندن ته اوهان جا قائد اسان آهيون.

    هن چڪڻ مان چڙهڻ جو طريقو اهو آهي ته وچئيون هيٺئون طبقو سياست ۾ اچي ۽ سياسي تنظيمن جي قيادت انهن جي هٿ هيٺ رهي. جيستائين قيادت پيرن ۽ اميرن جي هٿ ۾ هوندي ان وقت تائين سنڌ ۾ سياست جو رنگ ئي اهڙو رهندو ۽ نتيجا ئي اهڙا نڪرندا.

    جيڪي هادي ۽ رهبر قوم کي بي شعور ۽ ڏوهي ڄاڻن ٿا ۽ عام ماڻهو کي پنهنجي ڀر پاسي ۾ ويهارڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪي چاهن ٿا ته سنڌ ۾ ڪک پن به سندن مرضيءَ مطابق چري پري. جيڪي اقتدار ۾ هوندي يا نه هوندي دنيا جي جنت جا پروانا ڏئي سگهن ٿا. بدليون ڪرائي سگهن ٿا ۽ نوڪريون ڏياري سگهن ٿا. بلڪ ماڻهو مارائي يا اغوا ڪرائي سگهن ٿا ، سي پنهنجي پوئلڳن کي چريو ڄاڻي کين ڳڙ چٽائي ڪاٺ ڪلهي تي کڻائن ٿا. اهڙي قيادت ماڻهن کي منجهائڻ ۽ مارائڻ واري ڳالهه نه ڪندي ته ٻيو ڇا ڪندي؟ اهڙي قيادت عوام کي اهڙي ئي سياسي منزل مقرر ڪري ڏيندي، جيڪا عوام مئي کان پوءِ به ماڻي نه سگهي . ماڻهن کي دڳ ئي اهڙا ڏسيا ويندا ، جيڪي هر نسل کي ڳڙڪائي ويندا ۽ پنهنجي ڪارڪنن جي ذهني خواهه فڪري تربيت ڪرڻ بدران سندن زبانن تي اهڙا نعرا ۽ لفظ چنبڙايا ويندا، جنهن جي اچارڻ سان سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن قوتون ته هوشيار ٿي وڃن، پر پنهنجا ماروئڙا ۽ سانگيئڙا به ڊڄي وڃن ۽ سياست کان ئي بانءِ ڪري پري ڀڄي وڃن . پر فقط اليڪشن جي ڏينهن ۾ کين لٺ ۽ چٺ ڏيکاري پنهنجي مرضيءَ مطابق ووٽ ڏياري سگهجي. اليڪشن جي ڏينهن ۾ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن کي ووٽ ڏئي ٿو. ووٽ ڏيڻ وقت هو ان کي ووٽ ڏئي ٿو، جنهن مان ئي کيس گهٽ تڪليف پهتي آهي، يا جنهن جي ڪارن ڪرتوتن کان هو گهٽ واقف آهي. هو ثقافتي ، سماجي ۽ مذهبي دٻائن هيٺ اچي ڪنهن نه ڪنهن کي ووٽ ڏئي ٿو. پر ووٽ ڏيڻ وقت هو اهو ضرور سوچي ٿو ته ٻن قاتلن مان ووٽ ان کي ڏئي جيڪو کيس بيدرديءَ سان نه پر صبر ۽ تحمل سان ماري. ڇو ته اڌ صديءَ کان وٺي هن جو ووٽ کيس پاڻ کي يا هن جي طبقي کي نصيب نه ٿيو آهي.

    ايئن چوڻ ئي مناسب ٿيندو ته اڌ صديءَ کان وٺي عوام جو ووٽ وٺڻ وقت به ، سندس سماجي، ثقافتي يا مذهبي استحصال ڪيو وڃي ٿو. مناسب ته ايئن آهي، پر جيڪڏهن ٿوريءَ گهڙي لاءِ اها ڳالهه تسليم نه ڪيون ته پوءِ اهو مڃڻو پوندو ته اسان جي سياستدانن اسان کي ”ووٽ“ ڏيڻ ته سيکاريو آهي، پر حق وٺڻ نه سيکاريو اٿئون.

    حقن جي ڳالهه ان ڪري نٿي ڪئي وڃي جو جاگيرداراڻي ۽ پيراڻي نظام ۾ هر ڪو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن وڏيري، امير يا پير وانگر سوچي ٿو ۽ انهيءَ سوچ مطابق پنهنجي حيثيت مڃرائي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ نظام جي اثر هيٺ اميري ۽ غريبيءَ جا فرق سوچ ۽ لوچ جي حوالي سان مٽبا رهن ٿا. اسان مان هر ڪو پاڻ کي ”خان ٿو سمجهي ۽ گڏهه کي هڪلڻ وارو ڪو به نه رهيو آهي.“ اهوئي سبب آهي جو سنڌ سطح جي سياست، سنڌي عوام جي مفادن ۽ روشن مستقبل لاءِ دائمي نوعيت وارا اتحاد قائم ٿيندي به دائم رهي نه ٿا سگهن . ڇو ته هر ڪو ٻئي کي پوئلڳ بڻائڻ جي چڪر ۾ آهي.هر ڪو پاڻ کي اڳواڻ ڄاڻي ٿو ۽ هر ڪو پاڻ سير سڏائي ٿو. اسان وٽ قوم جي رهبرن جي ته ڪمي ڪانهي، پر خادمن جي کوٽي آهي.

    قومن جي تاريخ جا ورق ٻڌائن ٿا ته ڪيترن ڏکين موقعن تي قوم جي اميرن ۽ غريبن خواه هڪ ٻئي سان وڙهندڙ ذاتين ۽ قبيلن گڏجي پنهنجي ۽ پنهجي قوم جي جان ڇڏائي آهي. اهڙيءَ جدوجهد ۾ ڌن – ڌڻين ۽ ديني اڳواڻن مالي ۽ جاني قربانيءَ جا مثال قائم ڪيا آهن، پر کين انهيءَ موڙ تي حالتن ئي پهچايو ۽ هنن پنهنجي ڪنن مان ڪپهه ڪڍي پنهنجن ڏاهن ۽ سياڻن کي غور سان ٻڌو ۽ ان تي عمل ڪيو . ڌڻي ڄاڻي ته اسان اها منزل ڪڏهن ماڻينداسين .

    جڏهن قيادت ۽ طريقي ڪار جي تبديلي نه آئي ته سنڌ ۾ سنڌ سطح واري قومي سياست جو ساڳيو ئي حشر رهندو. قومي سياستدان اهو چئي پاڻ کي خوش ڪندا ته هو اليڪشن نه انقلابي سياست ڪري رهيا آهن. اهڙي ريت جيڪي چونڊن ۾ حصو وٺندا، اهي هر ڀيري ڦهڪو ڏئي پيا ڪرندا ۽ چونڊن هارائڻ کان پوءِ اهو تاثر ڏئي پاڻ کي خوش ڪندا ته کين ”ايجنسين“ هارايو ۽ ”جاهل قوم“ سندن قدر نه ڪيو.

    اهڙيءَ صورتحال کي بدلائڻ جو واحد طريقو هي آهي ته اسان جو مٿئون طبقو ڌرتيءَ دوستيءَ جو ثبوت ڏيندي، حقيقتن کي تسليم ڪندي پنهنجي جوڙيل پارٽِن ۾ جمهوري قدر ۽ اصول رائج ڪري، هر ڪنهن پارٽيءَ جون وقت تي چونڊون ٿين ۽ پارٽيءَ جي قيادت لڳاتار هڪ شخص جي حوالي نه ٿئي، بلڪ پارٽيءَ جي قيادت تبديل ٿيندي رهي.  

    اهڙيءَ ريت هر ڪا پارٽي پنهنجي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جي درجه بندي ڪري، سرگرم ڪارڪنن جي سياسي، نظرياتي ۽ سماجي ترتيب جو اهتمام ڪري ته جيئن ڪارڪن مثالي ۽ آدرشي روين سان عوام جي دل جيتي سگهن ۽ ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن جي ڳالهه تي يقين اچي ۽ قوم ڪنهن نه  ڪنهن جي پٺيان لڳي.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 08.08.1995)

     

    24 .     شيڪسپيئر ۽ شاهه لطيف جون قومون

           

    عالمي شهرت رکندڙ انگريز دانشور شيڪسپيئر 1564ع ۾ ڄائو ۽ 1616 ۾ وفات ڪري ويو. لاکيڻي لطيف جي والادت 1690ع ۾ ٿي. يعني شيڪسپيئر جي وفات کان پڪي مني صدي پوءِ ڀلارو ڀٽ – ڌڻي اسان جي ڪڻي ۾ آيو. هيءَ ڳالهه هن ريت به ڪري سگهجي ٿي، ته شيڪسپيئر جنهن موڙ تي پنهنجي قوم ڇڏي ويو هئو، انهيءَ قوم پنهنجي ڏاهن جي ڏس تي پوري مني صدي سفر ڪيو هو ۽ ايترو اڳتي وڌي چڪي هئي.

              شيڪسپيئر پنهنجي قوم کي ڪهڙي موڙ تي ڇڏيو هو؟ انهيءَ جو جواب سندس ئي قوم جي مشهور نقاد ۽ محقق مختصر پر جامع لفظن ۾ ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته ” انگريز قوم، شيڪسپيئر جي زماني ۾ قتل ۽ غارت جي وحشت پڻي مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي .“

    شيڪسپيئر جي دور جي جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ تصوير چٽجي، ته اها هن ريت ٿيندي. خارجي ميدان ۾ فوجي فتحن ۽ داخلي طور تي ملڪ دشمن قوتن کي مات ڏيڻ وارين حڪومتي ڪوششن عوام جا حوصلا بلند ڪيا. هنن ۾ قومي اتحاد ۽ آزاديءَ جو پر سڪون احساس مضبوط ٿيڻ لڳو.نتيجي ۾ عوام، وطن دوستي ۽ قوم کي پاڻ ارپڻ وارن ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. عوام اڳين حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي غربت ۽ افلاس مان جان ڇڏائيندي محسوس ڪيو. داخلي طور تي اهڙين حالتن ڪن هنڌن تي طبقاتي نظام ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ڪرايو. اهڙي تضاد وڏن وڏن زميندارن جي تسلط کي ٽوڙڻ شروع ڪيو. بي زمين زرعي پورهيت کيڙڻ ۽ کائڻ واري حيثيت وٺڻ لڳا. مٿئين ۽ هيٺئين طبقي جي انهيءَ ڇڪتاڻ ليکڪن کي نت نوان موضوع ڏنا. ليکڪن سماجي انصاف ۽ ڏوهه دشمنيءَ خلاف قلم ڪات ڪهاڙا کڻڻ شروع ڪيا ۽ ڏاهن ليکڪن نفسياتي طور تي مٿئين طبقي کي مفلوج ڪرڻ ۽ غريب عوام جي حوصلي بلند ڪرڻ لاءِ پنهنجي لکڻين ۾ انهيءَ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته حادثا، خانداني دشمنيون ۽ بدقسمتيون فقط ۽ فقط مٿئين طبقي جو مقدر آهي. ظلم ۽ ڏاڍ سان هٿ ڪيل دولت، عزت ۽ حڪوت اولاد هٿان يا عزيزن جي سازشن ڪري هٿن مان ايئن هليو وڃي ٿي جيئن مٺ مان واري. ان ڪري دولت ۽ حڪومت، اختيار ۽ اقتدار جو وارث هڪ فرد يا خاندان ٿي نه ٿو سگهي. شيڪسپيئر جو ڊرامو ” ڪنگ ليئر“اهڙيءَ لکڻيءَ جو نمونو آهي. هن جا ٽريجيڊي ڊراما ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهن.

              مني صدي پوءِ جيڪو ڀلاري ڀٽ ڌڻي کي ماحول مليو، اهو شيڪسپيئر جي ماحول کان بلڪ مختلف هئو. اسان جي سنڌ ، داخلي ۽ خارجي خطرن ۾ وڪوڙيل هئي. عام ۽ عوام جو ٽڪو مان به ڪونه هئو، نه فقط سياسي، بلڪ اقتصادي ۽ سماجي حالتون به ابتر ٿي چڪيون هيون. حالتن جو منطقي نتيجو ” غلامي“ ئي هو، جيڪو انگريز جي اچڻ سان ظاهر ٿيو.

              لطيف سائين کانپوءِ به صديون گذري چڪيون آهن، هن موجوده حالتن ۾ به اسان شيڪسپيئر جي دور واري منزل کي نه پهتا آهيون. بلڪ ان جي ڀيٽ ۾ اسان اڳتي وڃڻ بدران روزانو پٺتي وڃي رهيا آهيون. شيڪسپيئر جي زماني ۾ اميرن ۽ غريبن جو اختلاف شروع ٿيو، پر اڄ اسان غريب هوندي به ڪنهن امير ۽ پير جي چوڻ تي ڪنهن جي چوري ڪرڻ ۽ ڪنهن جي قتل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪيون ٿا. اسان مٿئين طبقي جي هٿان استعمال ٿيڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا. شيڪسپيئر جي زماني ۾ جو کيڙي سو کائي تي عمل ٿي چڪو هو. اسان وٽ شاهه عنايت اهڙي ڪوشش ڪئي ته سندس سسي لڻي پوءِ ساهه کنيون سين. اڄ ” کيڙي سو کائي“ بدران ڀريا مٽ ڀرجي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي دولت ۾ اضافو ٿئي ٿو ته امير جي دولت ۾ اضافو ٿئي ٿو، جيڪڏهن نوڪريون ملن ٿيون ته ڪوٽا جي روپ ۾  تحفي طور هلنديءَ پڄنديءَ وارن کي ملن ٿيون. ڌن، دولت، عزت ۽ شهرت جو سج مخصوص گهراڻن جي اڱڻ کي روشن ڪري ٿو. هي حالتون عوام دوست قلم – ڌڻيءَ لاءِ چئلينج برابر آهن.

              ڪا قوم ڪهڙي موڙ تي پهتي آهي؟ انهيءَ ڏسڻ لاءِ ان جو سرجندڙ ادبي ۽ قلمي پورهيو ئي وڏي ڪسوٽي ٿيندو آهي. قومن جي ٻالپڻي، بلوغت ۽ پوڙهائپ جو چهرو قلم ۽ مس مان جوڙيل آئيني ۾ ئي ڏسي سگهبو آهي.اسان ڪٿي آهيون انهيءَ پرکڻ لاءِ اسان کي به پنهنجو علمي ۽ ادبي خزانو ڏسڻو پوندو.

              چار صديون اڳ شيڪسپيئر جي قوم قتل و غارت واري وحشتپڻي  مان جان ڇڏرائي رهي هئي. چار صديون پوءِ، پاڪستان قائم ٿيڻ بعد اسان کي ليکڪن ۽ دانشورن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڌاڙيلن ۽ بدمعاشن جا ڪردار ” مثالي ۽ آدرشي ڪردار“ بڻائي پڙهڻ لاءِ ڏنا. اهڙي فڪري تربيت، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي محرومين جي احساس ۽ اختيار خواهه اقتدار ڌڻين هٿان استعمال ٿيڻ واري اسان جي فطرت ملي جلي ”ايم آر ڊي تحريڪ“ کانپوءِ اسان جي نصيب ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جو زهريلو ٻج ڇٽيو ۽ ان جي نتيجي، اسان جيڪو ڀوڳيو ان جو ازالو صدين گذرڻ بعد به ٿي نه سگهندو.

              دنيا جهان جي مڃيل ڏاهن ، علم ادب ۽ قلمي پورهئي ذريعي قوم کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو طريقو ڪم آندو آهي . اسان اڃا اهڙي ڪسوٽي ڪم آندي ئي ڪونهي. وقت گذرڻ سان گڏ اها ڪسوٽي بي معنيٰ ۽ بيڪار بڻجي ويندي. ڇو ته اسان جي تعليمي ادارن مان اهڙا نسل تيا ر ٿي اچي رهيا آهن جيڪي پنهنجي والدين سميت ڪاپي ڪلچر کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو راز ڄاڻن ٿا، جيڪي امتحان ڏيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ گائيڊ يا ڪي نوٽس وٺي امتحان حال ۾ وڃن ٿا. اهڙي قوم ڪٿي ٿي علم ادب جو مطالعو ڪري پنهنجي رفتار، موڙ ۽ منزل بابت اندازا لڳائي سگهي.

              آئون جيڪڏهن موجوده دور جي قلمي پورهئي ۽انهن جي سرچشمن جي باري ۾ راءِ ڏيان ته هنئين چوڻ مناسب ٿيندو، ته اسان وٽ هڪ ئي وقت تي منفي خواه مثبت قلمي پورهئي جون نديون وهي رهيون آهن. مثبت قلمي پورهئي جي ڀيٽ ۾ منفي قلمي پورهئي جو مقدار گهڻو آهي ۽ ان جي وڌڻ ۽ ويجهن جا ذريعا خواهه سرچشما انيڪ آهن. عوامي ادب ۽ عوام لاءِ ادب بلڪ سچو ادب اوچتي هوا جي جهوٽي وانگر ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو ۽ ٽي وي جي کڙڪي مان اندر ٽپي پوي ٿو. صحافت پريس رليز ڪلچر جي ٻل بڻجي ڪن مخصوص گروهن جو آرگن بڻائي پئي وڃي. اسان جي اخبار ۾ مختيار ڪار ۽ صوبيدار جي بدلين جي خبرن کان سواءِ جيڪڏهن ڪو مواد شايع ٿئي ٿو ته ان جو به  ڳچ حصو بيلڪ ميل ڪرڻ وارين خبرن ۽ غلط رپورٽن جي حوالي ٿي وڃي ٿو.ادبي رسالن تي ادبي گروهن جون هڪ هٽيون آهن. مذاڪرن، محفلن ۽ ڪانفرنس ۾ ڪي دانشور اسان کي ڏند ڪٿائون، ٽوٽڪا، چرچا ۽ ديومالائي قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائن ٿا. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اسان ٻار ۽ بي سمجهه آهيون، اسان کي ڪو به سچ ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪونهي.ڪو به سنجيده ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. اسان به سچ ٻڌڻ لاءِ تيار نه  آهيون. اسان ٻارن وانگر انگل ٿا ڪريون ته اسان هيءَ شئي نه پڙهنداسين ۽ هيءَ شئي نه ٻڌنداسين.اچو ته هاڻي پاڻ فيصلو ڪيون ته قومي لحاظ کان اسان ذهني ۽ فڪر جي ڪهڙي اوستا ۾ آهيون. شيڪسپيئر جي قوم ڪٿي پهتي آهي؟ ۽ لطيف سائين جي قوم ڪيڏانهن وڃي رهي آهي.  

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،   تاريخ : 14.03.1995)

    25 .           رت آئي مٺڙيءَ ٿاڌل جي

           

    سيوهڻ جي مغل نواب يا سندس ويجهي مائٽ جي ڳالهه ڪندا آهن ته هو همراهه سيوهڻ ٻاهران ٽه واٽي تي تيل جو ڪڙاهه رکائي ويهندو هو. نوڪر چاڪر ڪڙاهه کي باهه ذريعي گرم ڪندا رهندا هئا ۽ هي همراهه کٽ وجهي ويهي رهندو هو. ڪنهن به طرف کان ڪو سنڌي آيو ته کڻي ٽهڪندڙ ڪڙاهه ۾ وڌو ويندو هو . هيڏانهن ڪڙاهه ۾ پيل مظلوم جون آهون ۽ دانهون ڌرتي ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏينديون هيون ۽ هوڏانهن هو همراهه پيو گد گد ٿيندو هو.

              اڄ نه ته آهيون اسان اُهي سنڌي ۽ نه وري ڪڙاهي حڪمران. اڄ واٽن ۽ ٽه واٽن تي ڪڙاهه ڪونه ٿا تپايا وڃن. البته گرمين ۾ هر سال ڪا خدا جي مخلوق ايندي آهي. واٽن، رستن ۽ روڊن تي ڪنهن پوليس چونڪي، ڪنهن پيٽرول پمپ، يا وسنو واري جڳهه تي شاميانو لڳي ويندو آهي. پنج اٺ ماڻهو ٿاڌل گهوٽيندا آهن. ايندڙ ويندڙ گاڏيون اتي خود به خود رڪجي وينديون آهن ۽ مسافر ڏوڪڙ ڏئي اها ٿاڌل پيئندا ۽ هنيانءُ ٺاريندا آهن. پر اها عجيب رونق ڏسي ڪيترن جو هنيانءُ ڪونه ٺرندو آهي. ويتر کين ڏک ٿيندو آهي ۽ هنن کي انوکا انومان وڪڙي ويندا آهن.

              مون پارا وهمي ماڻهو سوچيندا آهن ته متان ايئن هجي ته انهيءَ ٿاڌل ۾ ڪا اهڙي شئي به ملائي ويندي هجي، جيڪا مٺو زهر ثابت ٿئي ۽ پيئندڙن ۾ ڪنهن اوپري شئي جي عادت وجهي ڇڏي. اهڙا وهمي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ايئن به سوچيندا آهن ته سنڌ جي اتر کان ڏکڻ تائين روڊن رستن تي نظر رکڻ جو اهو ڪو نئون طريقو ته ڪونهي؟ ٿاڌلي ماڻهو ڪنهن اهڙي ڪم سانگي ته ڪونه آيا آهن ؟

    کڻي اهڙن وهمي ماڻهن جي ويچارن تي اعتبار نه به ڪجي، پر ڪي ماڻهو هن رونق کي ڏسي روئي پون ٿا ته اسان جي ماڻهن کي عقل ڇو نه ٿو اچي؟ ڇا اسان جا ماڻهو بک ۽ بي روزگاري جي هن ماحول ۾ به ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نه ٿا سگهن. انهن کي اهڙا ڏان ڇو نه ٿا اچن جو ڪنهن اهڙي موسم ۾ هڪ نه پر هزارين ماڻهو پنهنجو گهر تر ڇڏي نڪري پون ۽ موٽ تي کيساڀري پنهنجي وطن ورن.        

              سنڌ ڪيڏي نه عظمتن ۽ نعمتن واري ڌرتي آهي، جو سائبيريا جا پکي پکڻ هجن يا ڀر پاسي جا ماڻهو هجن. سنڌ انهن کي پناهه ڏيڻ ، زندهه رکڻ ۽ خوشحال بنائڻ جي هڪ خاص موسم فراهم ڪري ٿي.شايد هن ڌرتي جي اهڙي ننگپاليءَ واري فطرت ڪري ”سنڌو“ لفظ جي ئي معنيٰ ٿي: پناهه ڏيندڙ ۽ خوشحال بنائيندڙ.   

              پر اڄ اهو ”سنڌو“ پنهنجي اها معنيٰ مٽائڻ لڳو آهي. شايد هن اسان جا حال ۽ افعال ڏسي سڪي ٺوٺ ۽ بنجر بڻجن جو پڪو پهه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي سنڌو ۾ ڪا سهڻي ته ڇا پر ٻلي به ٻڏي نه ٿي سگهي . ڪنهن سهڻي ۽ ڪنهن ميهار جو رومانوي داستان هن سڌوءَ مان جنم وٺي نه ٿو سگهي. ڪا سسئي سنڌوءَ جي لهرن لوڏن تي صندوقڙيءَ ۾ ترندي ڀنڀور ۾ پهچي نه ٿي سگهي.  اڄ اسان جي سنڌوءَ پاڻ پوڄائڻ وارو حق پاڻ کان کسي ورتو آهي.اڄ خواجه خضر جهڙوڪ سنڌ مان لڏپلاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جي سنڌوءَ کي زبان هجي ها ته هوند هن کان رسڻ ۽ ناراض ٿيڻ جو ڪارڻ پڇي وٺجن ها . پر هن دادلي درياهه جي دهشت اڄ واري جي وحشت ۾ تبديل ٿي رهي آهي.

              ڇا ائين ته نه آهي ته سنڌو اسان جا افعال ڏسي سڪڻ ۽ رسڻ لڳو آهي؟ ڇا ايئن ته نه آهي سنڌو سڪندي رسندي اسان کان پيغام ڏئي رهيو ته اوهان ”سنڌو“ کي زندهه رکي نه سگهيا، پر هاڻي سنڌ ۽ سنڌي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪجو ، ڇو ته انهن جو به وارو اچڻ وارو آهي ۽ اسان جي افعالن جو انهن تي به اثر پوڻ وارو آهي .  

    ڳالهه اسان جي افعالن ۽ پرڪارن جي آهي . اسان مثال طور ٿاڌل جي وهنوار ۽ ڪاروبار جي ڳالهه ڪئي آهي . ٺيڪ آهي ته اسان کي اهو اعتراض ڪونهي ته ڪو ٻاهريون هتي اچي ڇو ٿو ڪمائي . پر آهي ڪو اسان مان جيڪو روڊن ۽ رستن تي نظر رکي اهو حساب ڪتاب ڪري ڏيکاري ته انهيءَ وهنوار ۾ ڪيتري افرادي قوت ڪم اچي ٿي ۽ ڪيترا ماڻهو هن وهنوار سانگي پنهنجا گهر تڙ ڇڏي آيا آهن ، ۽ روزانو سنڌ مان انهن کي ڪيتري اپت ٿئي ٿي؟ اهڙو حساب ڪتاب ڪري پوءِ سموري سنڌ کان سوال ڪري ته اسان کي ڪمائڻ ۽ زندهه رهن جا ڍنگ ڇو نه ٿا اچن؟ اسان جون سوچون ۽ لوچون اسان جي اقتصادي خوشحاليءَ جو ڪارڻ ڇو نه ٿيون ٿين.اسان لال جا آرسي ڇو ٿي ويا آهيون؟ جڏهن دنيا ڌوڙ مان به ڌن ٺاهي سگهي ٿي، ته اسان پنهنجي ڌن کي ڌوڙ ڇو ٿا بڻايون؟ اُهي ۽ اهڙا کوڙ سارا ذريعا ۽ وسيلا آهن. ذريعن ۽ وسيلن جي انهيءَ ڌن مان اسان فائدو ڇو نه ٿا وٺون؟ جڏهن غير سنڌي گهرن ۾ ميڻ بتيون، ماچيس ۽ ٻيو الائي ڇا مان ڇا ٺاهيو وڃي ٿو ته اسان سنڌين جي گهرن ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڌڻي تعاليٰ اسان جي هر ضلعي کي، ضلعي جي هر تعلقي کي، ۽ مختلف وسندين ۽ واهڻن کي کوڙ سارو ڪچو مال ڏنو آهي. اسان وٽ کجيون آهن، ڏير آهي ، پلال آهي ، ٻوڙا سر ۽ ڪانا آهن، جوهي جي مٽي آهي ، وڻ ٽڻ آهن، جهنگ جبل آهن. اسان جيڪڏهن تخليقي ۽ پيداواري صلاحيتن کي ڪم آڻيون ته ڇا ڇا نه ٿا ڪري سگهون؟اڳ ٻهراڙين ۾ عورتون گهرن ۾ ٽوپيون، رلهيون اڳٺ ۽ چوٽيون ٺاهينديون هيون.سئي سان ڀرت ،مردن جا پهرياڻ ۽ ماين لاءِ گج ڀريا ويندا هئا.هاڻي هن وقت هر هنڌ ۽ هر گهر ۾ اهڙو تخليقي ۽ پيداواري ڪم نه ٿو ٿئي. اڳي ٿورا ڪمائيندا هئا ته گهڻا کائيندا هئا. هاڻي جهڙوڪ ڪمائڻ وارا ڪونهن. اسان جهڙوڪ پاڻ پالڻ ڇڏي ڏنو آهي. ٻيا ماڻهو اسان جي گهرن ۽ شهرن ۾ اچي ڪمائي وڃن ٿا. پر اسان هٿ تي هٿ رکڻ تي ئي ڳنڍ ٻڌي ويٺا آهيون.

              اسان جي اها غير پيداواري ۽ غير تخليقي سوچ، اسان کي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي ميدانن ۾ تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. پنهنجي ڀر پاسي ۽ شهرن ۾ ڏسبو ته اسان جي شرافت جا ڪوٽ ڪرڻ لڳا آهن. ڪرپشن وڌڻ لڳي آهي.اسان جي گهرن، اوطاقن ۽ وٿاڻن جون ثقافتي رونقون مٽجڻ لڳيون آهن. ٽڪي جي نوڪري جي تلاش ۾ اسان سياسي ۽ سماجي طور تي پاڻ کي پنهنجي نئين نسل کي ڪنهن نه ڪنهن هلندي پڄندي واري ماڻهو وٽ گروي رکي چڪا آهيون. هٿ جو پورهيو پاڻ لاءِ حرام قرار ڏئي پاڻ کي پورهيت جي عظمت ۽ حيثيت کان محروم ڪري چڪا آهيون. هي حالتون ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ڊپ ٿيندو آهي ته اسان ۾ زندگي جي رونق ۽ حرارت  جهڙوڪ رهي ئي ڪانهي. اسان نه ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻون ٿا ۽ نه وري پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن کي سڃاڻون ٿا. ڌڻي ڄاڻي ته هي حالتون اسان کي ڪاڏي وٺي وينديون؟ڇا سنڌ جي ڪهاڻي فقط اها آهي ته ڪڏهن انهي جي رستن روڊن تي ٽهڪندڙڪڙاهه رکيا وڃن ۽ ڪڏهن مٺي ٿاڌل جامٽ رکيا وڃن؟

     

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 29.04.2001)

     

     

    26 .     ڪيڏا ڪارڪن ، ڏوهي منهنجي ڏيهه جا !

           

    هر ڪنهن خبر ٻڌي يا پڙهي هوندي ته سنڌي جي هڪ قوم پرست شاعر ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مان پنهنجي حياتي جي شام وارو پهر ايم ڪيو ايم جي ٿڌڙي ڇانو ۾ گذارڻ چاهيان ٿو ۽ سنڌ جي ٽئين حصي تي ايم ڪيو ايم جي حاڪميت ۽ مالڪيءَ جو حق تسليم ڪيان ٿو. هي آواز اسان جي انهيءَ ڌرتيءَ دوست جو آهي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي سورن جي ڳالهه ڪئي. سڄي ڄمار ڌرتيءَ جا گيت ڳاتا ۽ هاڻي جڏهن سندس زندگيءَ جي شام ٿي چڪي آهي ته پنهنجي نظرين، قدرن ۽ اصولن جي شام غريبان ملهائي رهيو آهي.

              سنڌ جو هي ساڃهه وند ماڻهو اسان جي تاريخ جو ڪو پهريون ماڻهو ڪونهي، جنهن پنهنجي نظرين، قدرن ۽ اصولن جي قبلي کي مٽايو آهي . نه وري ڪو آخري ماڻهو آهي ، جنهن جي دل ۽ دماغ مان اهڙي صدا بلند ٿي آهي.پر اسان جي اها بدنصيبي رهي آهي ته اسان جي سوچ ۽ لوچ جو بنياد جذبن، امنگن ۽ احساسن تي رهيو آهي۽ جذبا امنگ توڙي احساس دائمي نوعيت جا ڪونه ٿيندا آهن.ان ڪري ڪيترن ڏاهن، ڏات ڌڻين ۽ قومي هڏ ڏوکين پنهنجي ڄمار ۾ اهڙي اکٻوٽ راند پئي کيڏي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اڌ صديءَ جي تاريخ کي اڳيان رکو ۽ تعليمي ادارن جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسو. ”ٻوليءَ جي تحريڪ“ کان وٺي”ون يونٽ“ جي تحريڪ تائين، ”چوٿين مارچ“ جي واقعي کان وٺي ”بهاري نه کپن“ واري تحريڪ تائين، ”ڪوٽا سسٽم“ جي حق کان وٺي ”ڪوڙن ڊوميسائيلن“ رد ڪرڻ واري جاکوڙ تائين ، هر موڙ تي وڏا وڏا نالا پيدا ٿيا ۽ ٿورن سالن کان پوءِ اسان جا اهي هيرا الائي ڪاڏي گم ٿي ويا. جن کي اڄ اسان تلاش ڪرڻ کان پوءِ به ڳولهي نه ٿا سگهون. ايئن ٿو لڳي ڄڻ اهي ڄاوا ئي ڪونه هئا . ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ انهن جي دلين ۽ دماغن ۾ ڪڏهن سنڌ ۽ سنڌ واسي آباد ئي ڪونه ٿيا هئا. اڄ ڪٿي آهن اسان جا اُهي گم ٿيل هيرا؟ انهن جي اڪثريت وڃي نوڪري ۽ ملازمت جي چادر پائي ٻيو جنم ورتو ۽ سندس اهو ٻيو جنم گهڻي ڀاڱي انهن نظرين، قدرن ۽ اصولن جي بنهه برعڪس رهيو، جن جي هنن تبليغ ڪئي هئي. جن تي هلڻ جو هنن وچن ڪيو هو. انهن وچن تان اسان جا الائي ڪيترا هيرا ايئن ڦري ويا ڄڻ سندن زبان تي ڪڏهن اهڙي ڳالهه آئي ئي ڪونه هئي. اهڙن ”وقتي وفادارن“ پنهنجي جوڻ ڇو مٽائي؟ انهي سوال جو جواب قوم کي ڪنهن به ڪونه ڏنو آهي. جوڻ مٽائڻ جو ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو ته پاڻ کي سستي شهرت سان چلڪائي چمڪائي پنهنجو ملهه وڌائجي ۽ پوءِ حالتن جي بازار ۾ پنهنجو من گهريو ۽ من پسند ملهه وٺي سگهجي.

              ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته اسان جي انهن وقتي وفادارن جوڻ مٽائڻ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌين سان اها ويڌن ڪئي آهي جيڪا ڌارين ۽ غيرن به ڪونه ڪئي هوندي. عملدار ٿيا ته رعيت آزار ٿيا. وڃي پنهنجيون ٻنيون سنڀاليائون ته ٻين جون ونيون به پنهنجون ڪيائون . مطلب ته جتي ويا ۽ جتي به کين موقعو مليو ، اتي لٽڻ ۽ ڦر ڻ کي پنهنجو دين ايمان بڻائي ويٺا.

              سنڌ هر دور ۾ اهڙا ” گم ٿيل“ هيرا پيدا ڪيا آهن. گم ٿيندڙ انهن قافلن کان علاوه رنگ مٽائڻ وارن ۽ ڀاڄوڪڙ ڪارڪنن جو انگ به سنڌ ۾ گهٽ ڪونه رهيو آهي. خاص طور تي سياسي ڪارڪنن ته مختلف پارٽين جي ڪنين چٽڻ تي ڳنڍ ٻڌي ڇڏي. اسان جو اپر ڪلاس ته هر دور ۾ اقتدار ۾ رهڻ گهرندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن خاندان جا چار فرد هوندا ته چارئي مختلف پارٽين سان واڳيل هوندا. اهو ان لاءِ ته جيئن جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هجي ان مان فائدو وٺجي. اسان جي سياست جي قيادت اڪثر ڪري اميرن ۽ مڇي ماني لائق ماڻهن جي هٿن ۾ هوندي آهي.ايئن به ٿيو آهي جو مڊل ڪلاس جو ماڻهو پارٽي ٺاهي، ان کي مقبول بڻائي گهڙي پلڪ ۾ اپر ڪلاس ۾ داخل ٿي ويندو آهي. مطلب ته سياسي قيادت وڏن ماڻهن جي هٿ هيٺ هوندي آهي. جڏهن ته انهن جي پارٽين جا هراول دستا يعنيٰ ڪارڪن اڪثر ڪري لوئر ڪلاس جا ٿيندا آهن. انهن ڪارڪنن مان جن کائي ڄاتو يا ڪمائي ڄاتو، سي اهڙا ته پروفيشنل ٿي وڃن ٿا ، جو جتي کائڻ، ڪمائڻ جا داءَ وڏا هوندا، هي همراهه منهن به اوڏانهن ڪندا. ان ڪري سياسي پارٽيون مٽائڻ ۾ اهي ايتري به ويرم نه ٿا لڳائن، جيتري پنهنجي بدن جي ڪپڙن بدلائڻ ۾ لڳائن ٿا.

              اسان جي سمورين پارٽين جا سمورا ڪارڪن ڪي پروفيشنل ڪونه آهن. انهن مان ڪيترا سئو فيصد نظرياتي، سچا ۽ بي لوث آهن. اهڙن ئي  ڪارڪنن کان وڏي کان وڏو گناهه ٿي وڃي ٿو. اهي جڏهن پنهنجي قيادت جي اصلي، سنڌ دشمن ۽ عوام ويري وارو روپ ڏسي وٺن ٿا ته اتان ڀاڄ جو آغاز ڪن ٿا. ڪي ايترا مايوس ٿي وڃن ٿا جو ڄمار جو ڳچ حصو جيل ڪاٽڻ ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ باوجود صوفي ۽ سنت ٿي سياست ۽ دنيا کان ئي بانءِ ڪري ويهي رهن ٿا. سندن اها ۽ اهڙي مايوسي ”نئين ڪارڪن “ جي سوچ ۽ لوچ تي برو اثر وجهي ٿي. نئون ڪارڪن جڏهن يقين ڪري ويهي ٿو ته ”سڀ ڪوڙ“ آهي ته پوءِ هو نظرين، قدرن ۽ اصولن کي رڃ ڄاڻي مفادن ۽ منافقين کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ٿو ۽ پوءِ اهڙا ڪارڪن اڳتي هلي پروفيشنل ڪارڪن بڻجي پون ٿا. اهي پروفيشنل ڪارڪن جتي سڻڀو ڳڀو ڏسندا، اوڏانهن ڊوڙ ڪندا. اهڙا پروفيشنل ڪارڪن دوستن سان به راضي ته دشمنن تي به مهربان . ڪا ايجنسي هجي يا ڪا حڪومت هر ڪا لٺ ۽ چٺ هنن کي جهڪائي سگهي ٿي.

              ڀاڄوڪڙ نظرياتي ڪارڪنن جو ٻيو قسم اهو آهي، جيڪي ڪونه ڪو ٻوٽو ٻارن ٿا. اهڙا ڪارڪن قوم جا ايترا ڏوهي ڪونه آهن. ڇو ته اهي پنهنجو سياسي ۽ نظرياتي سفر جاري رکن ٿا. ڪانه ڪا پارٽي ٺاهي ، ڪو پليٽ فارم جوڙي پنهنجي لياقت ۽ صلاحيتن جي ورکا ڪن ٿا. کين پنهنجي پنهنجي اختلاف کي مثبت موڙ ڏيڻ تي هنن کي شاباس ڏئي سگهجي ٿي. ليڪن سابق قيادت سان خاموشي تي ٻڌل سمجهوتي بدران کين انهيءَ قيادت تي وڏي دليريءَ سان ” قومي فرد جرم“ عائد ڪرڻ گهربو هو ڇو ته اختلاف خاموشي جو نالو ڪونه ٿيندو آهي ۽ اهو اختلاف جيڪو حق ۽ ناحق، ڪوڙ ۽ سچ، دوست ۽ دشمن جو فرق نه ٻڌائي اهو بي معنيٰ ۽ مطلبن تي ٻڌل هوندو آهي. ان ڪري اهي ڪارڪن جيڪي اختلافن جي بنيادن تي چپ چاپ ڪا پارٽي ڇڏي ٻي پارٽي ٺاهن ٿا اهي ڄڻ هڪ سر جي مست ٺاهن ٿا ۽ پڪ ئي پڪ انهيءَ مست ۾ هو پاڻ ئي نمازي هوندا .

     

     

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 22.04.2001)

     

     

     

     

     

    27 .    سنڌي اڳواڻ ٿيڻ سولو پر سنڌي ٿيڻ تمام ڏکيو

           

    انگريزن جي دور ۾ ٽن ماڻهن ”سنڌي“ سڏائڻ جو شرف حاصل ڪيو، اهي آهن: مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالواحد سنڌي . انهن مان مولانا عبيدالله پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏايو ۽ باقي ٻين مهربانن کي غير سنڌين ”سنڌي“ سڏيو. مولانا عبيدالله کي سنڌ ڌرتيءَ دين ڏنو ۽ پنهنجي دل  ۾ جاءِ ڏني. هن ڀلاري شخص سنڌ جي اهڙن ٿورن جي مڃتا ڪندي، پنهنجي لاءِ اعزاز ڄاتو ته هو پاڻ کي ”سنڌي“ سڏائي.  

              شيخ عبدالمجيد جي سنڌي سڏجڻ جو قصو به تاريخي اهميت جو آهي. 1932ع ۾ پنجاب ۾ هڪ جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت علامه اقبال ٿي ڪئي . انهيءَ جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي پنهنجي اڳواڻن تي جو ڪاوڙ آهي ته هنن وٺي گوڙڪيو. اهي ڪنهن کان به پليا نه پيا پلجن . نيٺ اسان جي ڪونڌر شيخ عبدالمجيد ڪر کنيو ۽ مائيڪ جي اڳيان اچي بيٺو . حاضرين ۽ سامعين منجهان جتان ڪٿان آواز اچڻ لڳو: ”سنڌي ڪو سنو، سنڌي ڪو سنو“ گهڙي پلڪ ۾ چئني طرف خاموشي ڇائنجي وئي ۽ بگڙيل جلسو وڏي رونق ۾ اچي ويو. ائين ۽  انهيءَ کان پوءِ شيخ عبدالمجيد ”سنڌي“ سڏجڻ لڳو.

              مرحوم عبدالواحد ذات جو انڍهڙ هو  ۽ ننڍڙائپ ۾ مائٽن کان ڪاوڙجي سنڌ مان هليو ويو . سندس ڪاوڙ جو وڏو ڪارڻ هي هيو ته مائٽ کيس ديني تعليم ڏيارڻ پيا گهرن ۽ هي همراهه دنيا جي تعليم وٺي وڏو ماڻهو ٿيڻ پيو گهري . ڪجهه تعليم ورتائين ۽ سيد ذاڪر حسين جي مهربانيءَ سان هن کي ”جامعيه مليه“۾ پڙهندڙ  ننڍڙن ٻارن جي سنڀال جي نوڪري ملي. نوڪري جي تقاضا اها هئي ته هو شادي شده هجي. ان ڪري کيس جيلاني سيدن مان گهر واري ملي. عبدالواحد پاڻ اتان جي ماحول ۾ اوپرو هئو، هن ته اتي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ به کيس ڌاريائپ سبب ”سنڌي“ سڏيو ويو ۽ اسان جو عبدالواحد ايئن ”سنڌي“ بڻجي ويو. بي بي سي ۾ ڪم ڪندڙ آصف جيلاني اسان جي عبدالواحد سنڌي انڍهڙ جو پُٽ آهي .

    انهن ٽنهي بزرگن يعنيٰ مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالواحد سنڌي تي ”سنڌي“ هجڻ ۽ سڏائڻ جو اهو رنگ چڙهيو جو اهي ٽئي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ انتهائي بي لوث، پر خلوص ۽ پنهنجي مقصد سان سچا رهيا ۽ ٽنهي جو انت ڏاڍو ڏکيو ٿيو.پڇاڙيءَ واري پهر ۾ هنن جي ذهني حالتن ۾ ڏاڍيون لاهيون چاڙهيون آيون .  

    ”سنڌي ٿيڻ“ ۽ ”سنڌي سڏائڻ“ ڪا ٻاراڻي ڳالهه ڪانهي، انهيءَ امانت جو بار ٿئي ٿو . جنهن لاءِ ماڻهوءَ کي ڀوڳڻو پئي ٿو . غير مشروط طور تي بي لوث ۽ پرخلوص ٿيڻو پئي ٿو ۽ زندگيءَ ۾ انهن ماڻهن جي بي رخين، نظر اندازين ، تڪليفن، مخالفتن ۽ دشمنين جو نشانو ٿيڻو پئي ٿو ، جن لاءِ سوچجي ۽ لوچجي ٿو . ”جنين لاءِ مياس سي ڪلهي ڪانڌي ڪين ٿيا“  سنڌي ٿيڻ ۽ سنڌي هجڻ جي منزل آهي ، ڄاڻ سڃاڻ آهي ، اعزاز ۽ انعام آهي سچو سنڌي هوندو ته پنهنجا ۽ پراوا ساڻس زيادتيون ضرور ڪندا.

              عام سنڌي به سچو آهي، پر خلوص آهي ۽ بي لوث آهي ۽ وفادار آهي. هو منٿ ۽ محبت جو ماڳ آهي. عام سنڌيءَ سان سچي ته ڇا پر ڪوڙي محبت ڪري ۽ جتائي هن جو سر به لڻي سگهجي ٿو ۽ سر وڍڻ تي به سنڌي چون چران نه ڪندو. اسان جوعوام سنڌي آهي ان ڪري سور ۽ سختيون به سهندو حيرانيون ۽ پريشانيون به ڏسندو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسي به رهيو آهي ته برداشت به ڪري رهيو آهي. پر هن جو اڳواڻ خوش آهي، سک ۾ آهي ۽ سڪون ۾ آهي. ان ڪري هي چوڻ مناسب ٿيندو ته

    سنڌي ٿيڻ تمام ڏکيو پر سنڌي اڳواڻ ٿيڻ تمام سؤلو. جيڪڏهن سنڌي اڳواڻ ٿيڻ سؤلو نه هجي ها ته ايئن پنجن مان پندرهن نه ٿين ها، روزانو نت نوان ليڊر ۽ اڳواڻ پيدا نه ٿين ها . جيڪڏهن سنڌي اڳواڻ ٿيڻ مشڪل هجي ها ته پنڌ گهمڻ وارا ماڻهو پيجارن ۽ بنگلن ۾ پير پائي نه سگهن ها . پر اسان وٽ ته سياست جهڙو سولو واپار ۽ وهنوار آهي ئي ڪونه . هن ميدان ۾ جيڪو به سڃو آيو ته سائو ٿي ويو . هي عجيب طلسم آهي ۽ انوکو جادو آهي . جو آيو سو  اگهيو .

              ايندڙ دؤر ۾ جڏهن سنڌ جي سياسي تاريخ لکي ويندي ته مستقبل جو محقق هر وجهه کان هي اعتراض اٿاريندو ۽ سوال اڀاريندو ته سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ هر پارٽي وحدت کي قائم رکڻ بدران پاڻ ڪثرت ۾ ڪيئن تبديل ٿي؟ ۽ هڪ پارٽي مان هڪ کان وڌيڪ پارٽين ڇو جنم ورتو؟ سنڌ جي ڪنهن به پارٽي نعم البدل قيادت ڇو نه پيدا ڪئي؟ هر پارٽي جاگيردارانه سوچ ۽ انداز سان ڇو هلائي وئي؟ گهڻي کان گهڻين پارٽين جي اڳواڻن ”رازداري“ ۽ ”ضابطي“ جي نالي ۾ اڀرندڙ قيادت ۽ پرخلوص ڪارڪنن جو استحصال ڇو ڪيو؟ ڪنهن خاص وقت کان پوءِ ڪنهن پارٽيءَ جا انتهائي پرُجوش، فعال ۽ ڪارائتا ڪارڪن پارٽي ڇڏي ڇو ويا؟ اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا سوال آهن، جن جا جواب سنڌ جي پارٽين جي قيادت کي ڏيڻا پوندا.انهن پاڻ جواب نه ڏنو ته تاريخ پاڻ انهن جو جواب تجويز ڪندي. اهي ماڻهو جيڪي تاريخ جي موڊ کي ڄاڻن ٿا ۽ سمجهن ٿا، سي هن ڳالهه تي اتفاق ڪندا ته سنڌ جي پارٽين جي قيادت ۽ پر خلوص ڪارڪنن هر هڪ نازڪ موڙ تي سنڌ جي خوشحالي، روشن مستقبل، سک ۽ سڪون واري تبديلي جي ڪوشش کي صدي اڌ صدي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ٻولي جي تحريڪ هجي يا ون يونٽ جي تحريڪ، ايم آرڊي جي تحريڪ هجي يا ڪالا باغ ڊيم جي تحريڪ هر موڙ تي عوام، بلڪ سنڌي عوام پنهنجي سياسي، نظرياتي  ۽ قومي جذبي، ڏاهپ ۽ وابستگي جي ثابتي، بلڪ عملي ثابتي ڏني آهي. پر هر موڙ تي قيادت کان غلطيون ٿيون آهن۽ قيادتون غلطيون ڪنديون رهيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي قيادت غلطي نه ڪري ته ان جا پر خلوص، باصلاحيت ۽ سگهارا ڪارڪن بلڪ بازو ايئن ڪٽجي الڳ نه ٿين. جيڪڏهن انهن پر خلوص، باصلاحيت ۽ سگهارن ڪارڪنن ۾ نظرياتي پختگي هجي ها ته اهي لال جا آرسي ٿيڻ، صوفي منش ٿيڻ ۽ دنيا ترڪ ڪري ويهڻ کي اهميت نه ڏين ها . ان بدران هو پارٽي ۾ ويهي قيادت سان مهاڏو اٽڪائن ها يا قيادت جي جاگيردارانه سوچ ۽ عمل جو پڙدو چاڪ ڪن ها.     

    ڪارڪنن بلڪ ڀڳوڙن ڪارڪنن جي انهيءَ عمل ڪنهن تبديلي ۽ ڪنهن انقلاب کي پٺتي ڌڪڻ ۾ اوترو ۽ اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي جيترو ان پارٽيءَ جي قيادت ڪردار ادا ڪيو آهي . سندن رويو اهڙو آهي جو چوندا آهن ته ڪنهن هنڌان ست ڀائر اچي گذريا. ڇهن ڀائرن کي نانگ کاڌو پر انهن دانهن ڪوڪ نه ڪئي. جڏهن ستون ڀاءُ نانگ کاڌو ته هن دانهن ڪئي ته ”گهوڙا ڙي گھوڙا مون کي نانگ کائي ويو .“ اهي ڪارڪن جيڪي قيادت جي نانگ کان ڏنگيا وڃن ٿا ، اهي خاموش ڇو ٿيندا آهن ؟ ڇا هي ڪارڪن چاهن ٿا ته ڌرتي تي زندهه رهندڙ آخري سنڌي اهڙي دانهن ڪري؟ ڪارڪنن جي اهڙي خاموشي تي سڄي قوم کي يرغمال بڻائي جاگيرداراڻي سوچ رکندڙ قيادت کي تحفي ۾ ڏئي ٿو . ڇا اهو ظلم ڪونهي؟ اهي ڪارڪن ڪهڙو قومي انقلاب آڻي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي پارٽيءَ ۾ انقلاب آڻي نه ٿا سگهن. اهي ڪهڙي دشمن جي سيني کي چيري سگهندا .

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ، تاريخ : 08.04.2001)

    28 .    وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي بابت اسان جي سماج جا نظرياتي ۽ عملي ويچار

           

    اسان پنهنجي ڄمڻ کان وٺي اهي نصيحتون ۽ هدايتون ٻڌيونسين ته لساني ۽ علاقائي اختلاف ميساري  ملڪ ۾ قومي وحدت ۽ ايڪو پيدا ڪيو ويندو . هاڻي اسان جي حڪمرانن کان ذري گهٽ اها ڳالهه وسري چڪي آهي ، ڇو ته وڏي عرصي کان وٺي حڪمرانن کي ملڪ يا عوام جي اوني بدران پنهنجي اقتدار جي ڪرسيءَ کي هٿ ڪرڻ ۽ بچائڻ جو فڪر پئي دامن گير رهيو آهي.

              وحدت، ايڪي ۽ اتفاق جون ڳالهيون انهيءَ وقت ڪيون ويون، جڏهن ان کان ٿورو وقت اڳ تاريخ جي ڦيڦي کي تقسيم ڪرڻ طرف زور سان ڦيرايو ويو ۽ نتيجي ۾ هندستان جي تقسيم ٿي . تاريخ ۽ حالتن کان تقسيم جو راڳ بند ڪرائڻ لاءِ اسان جي حڪمرانن وحدت، اخوت ۽ ايڪي جو آواز بلند ڪيو. اهڙي ڳالهه ڪرڻ کي وقت جي تقاضا بڻائي وئي. ڇو ته خارجي خطرن کي منهن ڏيڻ کان سواءِ ملڪ ۾ کوڙ سارا سياسي تجربا ڪرڻا هئا . اهڙن تجربن جي پڄاڻي ون يونٽ قائم ڪرڻ سان ڪئي وئي. اتحاد، ايڪي ۽ وحدت جون ڳالهيون ڪندي حڪمرانن ملڪ ٽوڙي ماٺ ڪئي ۽ پوءِ اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار قائم ڪرڻ جي ڌن ۾ لڳي ويا.

              لساني، صوبائي ۽ علاقائي تضادن جي خاتمي جو  راڳ آلاپي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون . خاص طور تي سنڌ ۾ پناهگير آبادڪاري، ڪليمن جا مامرا ۽ همدردين جي بنياد تي ملازمتن جي ورکا جهڙا پاڻ ورسائڻ وارا ڪم نهايت آساني ۽ سليقي سان ڪيا ويا. ان ڪري هاڻي ملڪي سطح تي سياستدان ۽ حڪمران وحدت جي ڳالهه نه ٿا ڪن. پر ان جي برعڪس اقتدار ڌڻي توڙي اقتدار کان وانجهيل سياستدان صوبائي خودمختياري ۽ 1940ع جي ٺهراءُ واريون ڳالهيون ڪن ٿا.

              جيئن ملڪي سياست وقت به وقت سانڊي جيان رنگ بدلائيندي رهي آهي. تيئن وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي کي بولاٽيون کارايون ويون آهن. پر اهو اسان جو موضوع ڪونهي. اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي سماجي ۽ نظرياتي تناظر ۾ اسان وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي بابت ڪهڙي سوچ ۽ ڪهڙي لوچ رکون ٿا؟

              سنڌ جو سماج به هن وقت تقسيم ۽ ڪثرت جو پيرو وٺي چڪو آهي. 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ وارين سوچن ۽ لوچن جو اهوئي منطقي نتيجو هئو. اسان جي وڏڙن تقسيم جي حق ۾ راءِ ڏني هئي. ان ڪري تقسيم يا ڪثرت جو عمل ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين تاريخ ۽ حالتن جي ڦيڦي کي ڏنل تحرڪ ماٺيڻو ٿئي ۽ ڦيڦو چڪر ڪاٽڻ واري قوت وڃائي منطقي طور پٺتي ڦرڻ شروع ڪري يا ان جي موشن يعنيٰ تحرڪ کي هٿراڌو  روڪيو وڃي.سنڌ جي سماج ۾ تقسيم ۽ ڪثرت جو جادو ۽ انهيءَ جادو جو اثر اسان کي هر هڪ فرد جي وجود کان وٺي، گهرن ۽ شهرن، تنظيمن ۽ ادارن مطلب ته هنڌين ماڳين نظر اچي ٿو. اڄ جو سنڌي پنهنجي وجود ۾ ڀور ڀور آهي. هن ۾ اجتماعي حوالي سان نظرياتي ناپختگي پيدا ٿي چڪي آهي. ان ڪري هو روز به روز نت نيون سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي تنظيمون قائم ڪندو رهي ٿو . 

              ڪثرت يا تقسيم جي اثر ۽ جادو کي محسوس ڪرڻو ۽ ڏسڻو هجي ته خاندان جي رشتن ۽ ناتن کي ڏسو.ادارن ۾ نانيءَ ويڙهن کي ڏسو.هر هنڌ اوهان کي تقسيم، تضاد ۽ اختلاف نظر ايندا. تضاد ، اختلاف ، تقسيم ۽ ڪثرت غير منطقي عمل ۽ رويا ڪونه آهن . انهن کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچائڻ لاءِ انهن کي برداشت ڪرڻو پوندو. انهن جي مخالفت سان تضادي روين ۽ اختلاف ۾ اڃا به وڌيڪ شدت پيدا ٿيندي. پر هائو، اسان تضاد، اختلاف، تقسيم ۽ ڪثرت کي صحيح موڙ ڏئي سگهون ٿا ۽ اهڙو موڙ ڏيڻ به گهرجي. ٻي صورت ۾ اسان کي تباهي ۽ بربادي کان ڪو به بچائي نه ٿو سگهي.

              صحيح موڙ ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ٿڌي دماغ ۽ سهپ جي جذبي سان تضادن، اختلافن، تقسيم ۽ ڪثرت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيون. انهن جي پس منظر ، ڪارڻ ۽ نتيجن جي نشاندهي ڪيون. جيڪڏهن انهن پٺيان جائز سبب آهن ته پوءِ اسان کي تضادن ۽ اختلافن جي پٺ ڀرائپ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪي احساس محروميون ۽ غلطيون آهن ته پوءِ انهن جو ازالو ڪرڻ  گهرجي.

              تضادن، اختلافن، تقسيم ۽ ڪثرت جي روين جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪري ، يا انهن کي صحيح موڙ نه ڏئي اسان تاريخ ۽ حالتن جا ڏوهاري ٿي پيا آهيون. ڇو ته اسان سمورن جو جڏهن مقصد ساڳيو آهي ۽ منزل ساڳئي آهي ته پوءِ واٽون ويهه ڇو ٿيون آهن؟ ڇا اها اسان جي عقل جي ڏيوالپڻي جي ثابتي آهي يا مثالي ڏاهپ جو ثبوت آهي؟

              عملي طور تي اسان ڪثرت، تقسيم، تضاد ۽ اختلاف جا پوئلڳ بڻجي چڪا آهيون. ليڪن نظرياتي طور تي وري ايڪي، اتحاد، اتفاق ۽ وحدت جون ڳالهيون ڪيون ٿا. جنهن جو مطلب هي ٿيو ته وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي بابت اسان جو نظريو تضادن تي ٻڌل آهي. اسان جيئن چئون ٿا، تيئن ڪيون نه ٿا، ۽ جيئن ڪيون ٿا تيئن چئون نه ٿا. انهيءَ فلسفي جي حوالي سان اسان جي قول ۽ فعل، سوچ ۽ لوچ ۾ تضاد موجود آهي ، جيڪا ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي . وحدت بابت به اسان جي سوچ توڙي لوچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.اسان وحدت غير منطقي نموني واري چاهيون ٿا. اسان مان هر ڪو ايئن ٿو چاهي ته باقي انسان هن جهڙا تي پون. اسان جهڙوڪ ٻئي جي انفراديت، انفرادي صلاحيتن ۽ لياقتن کي تسليم ڪرڻ کان نابري واري ويهون ٿا. نڪ جو ڪم سنگهڻ آهي، انهيءَ کان ڏسڻ جو ڪم وٺي نه سگهبو. اکين جو ڪم ڏسڻ آهي ان کان زوريءَ اسان سنگهڻ جو ڪم وٺي نه ٿا سگهون. بنهه اهڙيءَ ريت ڪثرتون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت ۽ افاديت رکن ٿيون. اهي سموريون ڪثرتون ملي وحدت کي جنم ڏين ٿيون. بلڪل ايئن جيئن انسان جا سمورا عضوا الڳ الڳ ڪم ڪندي مجموعي طور تي ماڻهو کي ماڻهو بڻائن ٿيون.

              ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ايئن نه ٿيو آهي ته ڪثرتن کي ختم ڪري وحدت قائم ڪئي وئي هجي. رنگت، خوشبو، ٽاري، ٻوٽو ، پتيون اهي سڀ ملن ٿيون ته گل روپ وٺي ٿو . انهن مان هر هڪ شئي جي الڳ حيثيت ۽ اهميت آهي. ان ڪري وحدت تڏهن قائم ٿيندي، جڏهن ڪثرت جو تشخص قائم رهندو  . پر اسان ايئن نه ٿا سوچيون ۽ ايئن نه ٿا ڪيون. اسان جيڪڏهن محقق آهيون ته چئون ٿا ته دنيا جهان جو هر ڪو ماڻهو محقق ٿئي. اسان سياستدان آهيون ته چئون ٿا ته هر ڪو سياسي ڪارڪن ٿي پئي. وحدت خواهه ڪثرت کي ختم ڪرڻو ڪونهي. ٻنهي کي قائم رکڻو آهي ۽ گڏيل مقصدن جا ڪامن فيڪٽرس تلاش ڪري ڪثرتن، اختلافن تضادن جي انهن ۽ اهڙين صلاحيتن مان ڪم وٺڻو آهي. ان ڪري ڪنهن تي پنهنجي ڇاپ هڻڻي ڪانهي، پر تعاون ۽ سهڪار وٺڻو آهي ۽ ڏيڻو آهي. ايئن ئي اسان وحدت ۽ ڪثرت ۾ توازن به قائم ڪري سگهنداسين ته اجتماعي مقصد به ماڻي سگهنداسين.

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،تاريخ : 1.02.2001)

     

     

    29 .  اچو ته هڪ ٻئي کي اڌورو قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيون

     

    نفيءَ جا نغارا جيڪي اسان جي سماج ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ، تن جي آواز مان اسان کي سچ ۽ صلاح واري مڌر آواز جو پڙاڌو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. اسان پنهنجي وجود کان وٺي هر ڪنهن فرد ۽ شخص جي نفي ڪيون ٿا.پنهنجي نفي جو مثال ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ملندو جو اسان ڌرتي ڄاوا سڏائڻ بدران پاڻ کي عربن يا  افغانن جو اولاد سڏائڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا . هيءَ اسان جي عجيب غيرت آهي. جو پنهنجي مائي ڪنهن سان کلي ڳالهائي ته بي گناهه کيس ڪاري ڪري ماريون، پر اسان ساڳيا ئي غيرت مند پنهنجي رضا خوشيءَ ۽ هوش حواس سان ابا ڏاڏا مٽائي ڇڏيون ته ان ۾ پنهنجي عظمت ڄاڻون.

              اسان پنهنجي اصل نسل جي نفي ڪري، در حقيقت پنهنجي ڌرتيءَ جي نفي ڪيون ٿا. ڌرتيءَ کي ماتا ڄاڻي به ان سان رشتو قائم نه ٿا ڪيون. پنهنجي قهر جي ڪهاڻي اتي پوري نه ٿي ٿئي. پر اسان سنڌي سڏائي پنهنجي ئي لوئي سان وير وجهون ٿا. وڏن شهرن  ۾ جيڪي به اسان جا وڏ – گهراڻا ماڻهو رهن ٿا، انهن مان اسي سيڪڙي جي گهرن ۾ پاڻ کي سنڌي ٻڌڻ لاءِ ڪانه ملندي !

              پنهنجا نسل مٽائڻ ذهني غلاميءَ جو پڙاڏو آهي ۽ پنهنجي زبان ڪٽي منهن ۾ ٻي ڄڀ چمبڙائڻ قومي احساس ڪمتريءَ جو مظهر آهي. اسان رڳو ائين اجتماعي طور تي پنهنجي، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي ئي نفي نه ٿا ڪيون پر پنهنجي وجود جا به منڪر ٿي پئون ٿا . سون جي صلاحيتن ۽ لکن جي لياقتن جا ملڪ آهيون، اسان انهن کي ڪم آڻيون ته هوند نالو به روشن ٿئي ۽ دنيا جهان کي به فائدو رسي. جنهن ماڻهو بجلي ٺاهي، ريڊيو، ٽي وي ٺاهي، جهاز ٺاهيو ۽ فون ايجاد ڪئي ، انهن جي صلاحيتن ۽ ڪوششن مان قيامت تائين انسان ذات فائدو وٺندي . پر اسان جي صلاحيتن ۽ لياقتن مان ته اسان پاڻ به فائدو وٺي نه ٿا سگهون. پڙهبو ڪونه پر ڪاپيءَ تي سندرو ٻڌي ڊگري وٺبي. محنت ۽ مزدوري ڪانه ڪبي پر هٿ ٻڌي خيرات وٺڻ ۾ عيب نه ڄاڻبو . دفترن ۾ دير سان وڃبو ۽ سوير موٽبو، عملدار ٿبو ته رعيت آزار ٿبو . واپاري ٿبو ته ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جو سهارو وٺبو. قدم کڻون ته ڌرتي ڌٻڻ لڳي ، پر ڪنهن نه ڪنهن جي قدمن ۾ سر رکڻ ۾ خوشي ٿيندي. سياستدان ٿبو ته عوام کي دوکو ضرور ڏبو . پهريون پنهنجا ڀڀَ ڀربا پوءِ ڇو نه ملڪ جو ۽ عوام جو ڏيوالو نڪري وڃي. امير کان غريب تائين، حاڪم کان محڪوم تائين ، اختيار ڌڻين کان بي اختيارن تائين ، ننڍي کان وڏي تائين ، پڙهيل کان اڻپڙهيل تائين، مرد کان عورت تائين اسان جو ڪيترو سيڪڙو پنهنجي ۽ پرائي نفي نه ٿو ڪري؟

              نفي جي اهڙي عالم ۾ اسان جا رابطا ، واسطا ۽ تعلق به مخصوص ۽ محدود نوعيت جا ٿي پيا آهن. اسان هڪ ٻئي سان يا واسطيدار سان ”ورڪنگ رليشن شپ“ به قائم نه ٿا ڪري سگهون . اسان مان افهامِ تفهيم ختم ٿي رهي آهي.تعاون ۽ سهڪار ناپيد ٿيندا پيا وڃن. ان ڪري جيڪڏهن گهر آهي ته هر ڪنهن ڀاتيءَ جا قبلا ڪعبا الڳ آهن، جيڪڏهن دفتر آهي ته بالادست جو منهن اولهه ڏي هوندو ته زير دست جو منهن اوڀر ڏي. اسان فقط هڪ ٻئي لاءِ اوپرا ئي نه ٿي پيا آهيون، بلڪه هڪ ٻئي لاءِ آهيون ئي ڪونه ! اوهان ڪنهن امير، وزير يا حاڪم حڪمران ڏي خط لکو ، هڪ دفعو نه پر هزار دفعا لکو . اوهان کي ڪنهن به قسم جي موٽ ڪانه ملندي. ايئن لڳندو ڄڻ اهي امير وزير حاڪم حڪمران هن ملڪ ۾ ئي ڪونهن يا هن ملڪ جا ئي ڪونهن.

    سان جي ورڪنگ رليشن شپ جو اهو عالم آهي جو اوهان ڪنهن ثقافتي يا سماجي تنظيم کي لکو ته پنهنجي عهديدارن جو احوال ۽ ڪارڪردگي رپورٽ ڏياري موڪل . اوهان ڪنهن عالم اديب، شاعر ۽ صحافيءَ کي لکو ته پنهنجا ڪوائف ڏياري موڪل. اوهان ڪنهن سياسي پارٽيءَ کي لکو ته پنهنجي منشور جي ڪاپي ڏياري موڪليو . اوهان کي جواب مشڪل سان ئي ملندو .

    اسان هڪ ٻئي کي جزوي ۽ وقتي طور تي قبول ڪيون ٿا. اسان جو تعلق هڪ ٻئي سان ان وقت تائين هوندو آهي، جيستائين ڪو مطلب يا ڪو ڪم هوندو آهي. اسان جزوي طور هينئن قبول ڪيون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪو ڳڻ آهي، جنهن ۾ ڪو ڪم يا مطلب آهي ته هو اسان لاءِ قبول ڪرڻ لائق آهي. جيستائين ڪو ماڻهو اسان سان چڱائي ڪندو، اهو ان وقت تائين چڱو آهي. چڱي ماڻهوءَ کان جيڪڏهن لڱائي يا سستي ٿي پئي يا هو ڪنهن لاچاريءَ يا مجبوريءَ ڪري اسان جي اميدن تي پورو نه پيو ته هو بيڪار ۽ بي سود ٿي پئي ٿو. اسان جون دوستيون دشمنين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. پنهنجا لاڳاپا جهڙوڪ سنگين صورتحال اختيار ڪري وڃن ٿا. اسان اهڙا ته ڏکيا ۽ ڏنگا ٿي پئون ٿا جو جيڪڏهن شاهه لطيف جو رسالو کوليون ۽ ان کي آئينو بڻايون ته پنهنجي شڪل ئي ڪانه وڻي. لاکيڻو لطيف ٿو چئي ته”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا“ پر اسان چونداسين ته ڪوبه قبول ناهي . جي ڌاڙا هڻنداسين ته پنهنجي کي، جيڪڏهن لٽينداسين ته پنهنجي کي، جيڪڏهن نه مڃينداسين ته پنهنجن کي . پوءِ ڇو نه دنيا جهان چئي ته اسان شيرشاهه جا شڪرا آهيون ۽ رڳو پنهنجي گهر جا ڪڪڙ ماريندا آهيون. غير سنڌي عملدار مان سنڌي کي جي فائدو نه ٿيندو ته تڪڙو نقصان به نه ٿيندو. پر الله پناهه ڏئي سنڌي عملدار کان هو وڏيري جيان پاڻ به ماريندو پر ٻين کان به مارائيندو. اسان اهي انڌا هاٿي آهيون، جيڪي پنهنجي ئي لشڪر جو نقصان ڪندا آهيون.

    هن نازڪ حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، انهن جي ته تقاضا اها آهي ته اسان هڪ ٻئي کي اڌورو قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيون ۽ لاکيڻي لطيف جي صلاح وٺون ته ”جيها جي تهيا مون مارو مڃيا.“

       (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،تاريخ : 25.02.2001)

     30 .  هي دهلن سندا ڌڌڪا ، ٻڌين ڇو نه ٻوڙا  ؟

             

    چوندا آهن ته اڳئين زماني ۾ ڪائنات جو ذرو ذرو ڳالهائيندوهو، وڻ ٽڻ ڳالهائيندا هئا ۽ جهنگ جا جناور ڳالهائيندا هئا، پکي پکڻ ڳالهائيندا هئا ۽ جبل پهڻ ڳالهائيندا هئا. انهن کي هر ڪو ٻڌندو هو ۽ هر ڪو سمجهندو  هو ،  پر اڄ اسان کي الائي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن ماڻهو ڳالهائن ٿا تڏهن به اسان ڪونه ٿا سمجهون، اسان جي ڪنن ۾ ڪپهه پيل هجي ها ته اها ڪڍڻ آسان هئي، پر لڳي ٿو ته اسان پنهنجي ڪنن ۾ شيهو ڀري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪجهه به ٻڌي نه ٿا سگهون. اسان اک کڻي آسمان ڏي ڏسڻ لاءِ به تيار ڪونه آهيون ته انهيءَ اسان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا رنگ پئي بدلايا آهن؟اسان اهو زمانو به ڏٺو جڏهن ماڻهن اسان کي گهرن ۽ گهٽين ۾  ڍورن ڍڳن وانگر ڪٺو، اڄ اهي ماڻهو هٿ جوڙي اسان کان معافيون وٺي رهيا آهن. اڳ حق گهرڻ لاءِ سنڌ جي ڪن سياستدانن جيڪي ڳالهيون ڪيون انهن جي موٽ ۾ کين ملڪ دشمن، علحيدگي پسند، مذهب منحرف ۽ الائي ڇا مان ڇا چيو ويو  . پر اڄ اهي ڳالهيون هر ڪنهن جي زبان تي آهن.هر ڪو سياستدان عجيب ۽ انوکي ٻولي ٻولي رهيو آهي. انهيءَ ٻوليءَ ۾ پيغام آهي ۽ هن دور جي وڏي کان وڏي پيشنگوئي آهي. انهيءَ پيغام ۽ پيشنگوئيءَ جو واسطو اسان جي آئيندي سان آهي. پر اسان حالتن جو سچ ۽ سڏ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. انهيءَ سڏ جي روشنيءَ ۾ پاڻ کي تيار رکڻ جو اونوئي نه ٿا رکون . حالتن ڳالهايو پر اسان ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، هاڻي ماڻهو ڳالهائڻ لڳا آهن ته اسان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. ماڻهو به اهي ڳالهائن ٿا جيڪي معتبر آهن. اهي پنهنجي عقل سليم ۽ هوش حواس سان ڳالهائن ٿا، هنن تي اهڙي گفتگو ڪرڻ لاءِ ڪو ظلم زبر دستي ڪو نه ٿو ڪري. پر هو پنهنجي دل جي زبان سان ڳالهائن ٿا. ڪنهن ڪنڊ پاسي تي يا لڪي چوري نه ٿا ڳالهائن.پر هزارها ماڻهن اڳيان ڳالهائن ٿا.سندن اهڙيون ڳالهيون اخبارن ۾ ڇپجن ٿيون ۽ اخبارون اڄڪلهه هر ڪو پڙهي رهيو آهي.

              ڳالهه ڪندا آهن ته بنگلا ديش جڏهن اوڀر پاڪستان هئو، انهيءَ زماني ۾ اسلام آباد شهر اڏيو ويو . اوڀر پاڪستان جا سياستدان سرڪاري ڪم سانگي اسلام آباد گهمڻ آيا ته انهن مان هڪ سياستدان اسلام آباد جي رستن ۽ روڊن تي لڳايل گل ڏٺا. هن انهن گلن کي سنگهيو ۽ روئي چئي ڏنائين ته ”هنن گلن جي خوشبوءِ ۾ مون کي اوڀر پاڪستان جي عوام جي رت جي بوءِ اچي ٿي.“ سندس اها ڳالهه مغربي پاڪستان ۾ ڪنهن کي به پسند ڪا نه آئي.پر هن جي زبان تي آيل جملو تاريخ جو پڙاڏو هو ۽ تاريخ هن سياستدان جي زبان بڻجي پيشن گوئي ڪئي ۽ حالتن ٿورن سالن ۾ اها پيشن گوئي سچي ڪري ڏيکاري.

              اها ڳالهه جڏهن هڪ بنگالي سياستدان ڪئي ته اسان انهيءَ کي هن ڪري وزن نه ڏنو جو، بنگالين کي اسان علحيدگي پسند ڄاڻندا هئاسين.اڄ ڪو به علحيدگي پسند سياستدان اهڙي ڳالهه ڪونه ٿو ڪري پر ملڪ جا خيرخواهه وفاق دوست سياستدان ۽ اقتدار ڌڻي ماڻهو هڪ ئي آواز آلاپي رهيا آهن، هو وڏي واڪي چئي رهيا آهن ته اسان جو ملڪ هاڻي بچڻ وارو ناهي.ڌڻي ڄاڻي اها تعجب جي ڳالهه چئبي يا بدنصيبي چئبي يا وڏو سچ چئجي جو هن ملڪ جي وڏي صوبي سان واسطو رکندڙ نگران وزير اعظم اقتدار ۾ هوندي وڏي واڪ چيو آهي ته ملڪ جي حياتي چند سال آهي.

              چند سال پٺتي وڃڻ جي ڳالهه ڪانهي. اڄوڪن ڏينهن کي ڏسو، سياستدانن ۽ حڪمرانن جا بيان پڙهو. هر ڪو اسان کي تاثر ڏئي رهيو آهي بلڪ ذهني طور قبول ڪرائي رهيو آهي ته ملڪ ٽٽڻ وارو آهي.

             

    ٻن وڏين پارٽين جي اڳواڻن جي زبان تي اها ئي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن سندن قيادت کي ملڪ ۾ موٽڻ نه ڏنو ويو ته وفاق خطري ۾ پئجي ويندو. پنجاب سان واسطو رکندڙ سياستدان وفاق جي خطري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. اهڙي ريت لڳ ڀڳ سمورن سياستدانن تاريخ جو قرض لاٿو آهي ۽ ملڪ جي مستحڪم مستقبل بابت انديشا ظاهر ڪيا آهن.

              اچو ته ”عوامي آواز“ اخبار جا ورق ورائي ڏسون. گذريل ٻن مهينن تي نظر وجهون، اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. بيانن جون ڪي سرخيون ملاحظه ٿين.

    1.    ”پاڪستن عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو، فوج واپس نه وئي ته حالتون سنگين ٿينديون“ (نوابزادو نصرالله خان، 12 فيبروري)

    2.    ”حڪمرانن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، وفاق خطري ۾ آهي.“ (پي پي قيادت ، 25 جنوري)

    3.    ”پاڪستان م عدليه آزاد ناهي.“ ( سابق چيف جسٽس سجاد شاهه،  14 فيبروري)

    4.    ”ملڪي حالتون خراب ٿي ويون، برطرفيون جاري رهيون ته ملڪ ٽٽي پوندو.“ (غنويٰ ڀٽو، 19 فيبروري)

    5.    ”سنڌ کي پاڪستان ٺاهڻ جي سزا نه ڏني وڃي، پنجاب جي عملدارن کي نا انصافيءَ کان روڪيو، ڪافرن جو ملڪ ته بچي سگهي ٿو، پر ظالم رياست رهي نه ٿي سگهي“ (صوبائي وزير،25 فيبروري)

    6.    ”1940ع جي ٺهراءَ موجب حق نه مليا ته سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو هڻڻ کان به نه ڪيٻائينداسين.“ (الطاف حسين، 23 جنوري)

    7.    ”مڪمل صوبائي خود مختياري نه ڏني وئي ته سنڌ جو ٻچو ٻچو آزاديءَ جي ڳالهه ڪندو.“( الطاف حسين، 3جنوري)

    8.    ”صوبن کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ کانسواءِ جمهوريت جي بحاليءَ جو ڪو به فائدو ڪو نه ٿيندو.“ (غنويٰ ڀٽو، 13 جنوري)

    9.    ”سنڌ سان نا انصافي برداشت نه ڪنداسين، پاڻي نه مليو ته وڏي تباهي ايندي.“ (غنويٰ ڀٽو، 26 فيبروري)

    10.          ”پنجاب ۽ ارسا جو چيئرمين ضد تي قائم، ننڍا صوبا بي وس، ووٽنگ واري رٿ به رد.“ ( اخباري خبر، 23 فيبروري)

    11.          ”ووٽنگ ۾ سرحد ۽ بلوچستان کي ڪا به اهميت حاصل ناهي، اصل جهيڙو سنڌ ۽ پنجاب ۾ آهي“ (ارسا جو چيئرمين)

    12.          ”پنجاب جي بالا دستي ۽ فوج جو ڪردار قبول نه ڪبو.“ ( پونم، 23 جنوري)

    13.          ”پاڪستان ۾ فاشزم اڄ به موجود آهي، هلندڙ سال حڪمرانن سان هڪ هڪاڻي ڪنداسين.“(بينظير ڀٽو، 3 فيبروري)

    14.          ”عوام کي حق نه مليا ته ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو.   (…………. 29  فيبروري)

    15.          ”مظلوم قومن کي حق نه ڏنا ويندا ته آزاديءَ کان پوءِ ڪا به واٽ نه بچندي.“ (قومپرست اڳواڻ، 18 فيبروري)

    16.          ”پاڪستان جي خاتمي جو خدشو آهي .“ (پير پاڳارو، 2 فيبروري)

               

    اخبارون انهن ۽ اهڙن بيانن سان ڀريون پيون آهن، نئين سج ڪو نئون سياستدان اهڙي ڳالهه ڪري ٿو . حالتن جا دهل سياستدانن جي زبان بڻجي چڪا آهن. اهي سياستدان اسان کي وڏي واڪ پيغام ڏين ٿا. هوشياري ڪرڻ ۽ آئيندي جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو تاڪيد ڪن ٿا.تاريخ پنهنجو پاسو مٽائيندي، اسان تي طنز ڪندي چوي ٿي ته ”هي دهلن سندا ڌڌڪا، ٻڌين ڇو نه ٿو ٻوڙا.“

     

     

         (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 11.03.2001)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

    31.الطاف حسين کي موٽ احتياط سان ڏجي يا جذبات سان؟

           

    ايم ڪيو ايم جي بانيءَ الطاف حسين سنڌي صحافين سان دل کولي ڳالهيون ڪيون آهن، حالتن جي مناسبت سان انهيءَ موقعي تي ”مور ٿو ٽلي“ وارو گيت به ٻڌايو ويو. ڇا اسان هاڻي مور بدران پان ٽلڻ ۽ نچڻ شروع ڪيون يا مونن ۾ منهن پائي ماضي، حال ۽ مستقبل جي روشنيءَ ۾ ڪو جواب، ڪو رويو ۽ ڪو ردِ عمل ٺاهي وٺون؟

              اسان سنڌي نفسياتي طور تي ڏاڍا روايتي ۽ جذباتي ماڻهو آهيون. ڀلي اسان پاڻ تي ويساهه نه به ڪيون پر جذبات جي وهڪري ۾ اچي اسان پنهنجي ڪنڌ لڻندڙ تي به ويساهه ڪري ويهندا آهيون. پوءِ ڇو نه اسان کي تاريخ دانهون ڪندي ٻڌائي ٿي ته اسان سان پنهنجن توڙي پراون هر موڙ تي ويساهه گهاتي ڪئي آهي.

    الطاف حسين ڪهڙين حالتن ۽ مجبورين ۾ ڳالهه ڪئي آهي؟ اهو اسان ۾ ڪهڙي اميد رکي ٿو. هن دوستي ۽ خلوص کي قائم رکڻ لاءِ ڪهڙي گئرنٽي ڏني آهي؟ اهي اهم پهلو آهن، جن تي اسان کي سوچڻ گهرجي.

    الطاف حسين هن وقت اڪيلو آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ سندس ڪي شرط مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن.هو صاحب پنجاب ۽ اسٽبلشمينٽ ته ڇا پر فوج جي خلاف به ڳالهائي ٿو. انهن ڳالهين مان ڏٺي وائٺي اڪيلائپ جي تصديق به ٿئي ٿي. جيڪڏهن هو ڪنهن لڪل قوت جي ڏڍ ۽ اشاري تي اها چال نه ٿو کيڏي ته پوءِ اسان سنڌي بارگيننگ پوزيشن ۾ آهيون ۽ پوءِ اسان کي ٻُڌي قبول ڪرڻ بدران ڪجهه ٻڌائي قبول ڪرائڻ گهرجي . پر جيڪڏهن ڪنهن ”لڪل طاقت“ جي سهاري ۽ اشاري تي هو اهو ڪجهه چئي ٿو ته پوءِ اسان کي آڳو پيڇو ڏسڻو پوندو. ڪو به سياستدان جيڪڏهن پنجاب، اسٽيبلشمينٽ يا فوج خلاف ڳالهائي ٿو ته ان جو مطلب هي به نه وٺڻ گهرجي ته واقعي هو انهن جي خلاف آهي. ڪڏهن ڪڏهن نه پر اڪثر سياستدان جڏهن گهڻو گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن ته اڪثر اهي زماني کي ڏيکارڻ ۽ بيوقوف بنائڻ لاءِ ايئن ڪندا آهن. جڏهن ته دراصل اهي پاڻ ۾ جهٽ ۽ پڳ مٽيا يار هوندا آهن. ان ڪري الطاف حسين جن اختلافن کي اڀاري ٿو يا ظاهر ڪري ٿو ، اسان کي انهيءَ جي پسمنظر ۽ اصل حقيقت تائين به پهچڻ گهرجي. ايئن نه ٿئي جو اسان سندن هشيءَ تي پنجاب، اسٽيبلشمينٽ يا ڪنهن ٻئي طاقت خلاف ٿي بيهون ۽ جڏهن نشانبر ٿيون تڏهن خود الطاف حسين تاڙيون وڄائڻ شروع ڪري ۽ اسان اڪيلا ٿي ڪُٽجي وڃون .

    اسان کي هيءَ ڳالهه به ڌيان تي رکڻي پوندي ته الطاف حسين هن موڙ تي پنجاب ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڇو ٿو ڳالهائي؟ اهڙي سچ چوڻ لاءِ هن هي وقت ڇو منتخب ڪيو آهي؟ هن اهو سچ ان وقت ڇو نه ٿي چيو جڏهن حيدرآباد وارن فسادن دوران پنجاب جي وڏي وزير ۽ ٻين سياستدانن کليءَ طرح مهاجرن جي ناجائز ڌر ورتي ۽ هنن جي مالي، اخلاقي ۽ سياسي مدد ڪئي؟ اڌ صديءَ جي تجربن ۽ مشاهدن کان پوءِ سچ ڳالهائڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي پر انهي سچ جي دائميت جي ڪهڙي گئرنٽي آهي؟ يا اها گئرنٽي ڪير ڏيندو؟

    الطاف حسين جو معافي نامو بيشڪ سندس تدبر جو مظهر هجي ، ليڪن اهو واضح ۽ صاف ڪونهي. هن جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن سنڌي سمجهن ٿا ته اسان سندن ڏوهي آهيون.“ اهو غير مبهم جملو آهي. الطاف حسين کي پناهگير آبادڪاري، ڪوڙن ڪليمن ۽ ملازمتن ۾ ڪيل ذيادتين کان وٺي سمورن مامرن ۽ مسئلن بابت پنهنجو موقف چٽو ڪري ٻڌائڻو پوندو. کيس اها ڳالهه واضح ڪري ٻڌائڻي پوندي۽ گئرنٽي ڏيڻي پوندي ته ازالي ٿيڻ جهڙين غلطين ۽ گناهن جو هر حالت ۾ ازالو ڪيو ويندو.

    اسان مان گهڻي کان گهڻا ماڻهو سنڌي – مهاجر اختلافن جو حل چاهين ٿا. هيءَ حقيقت آهي ته مهاجر هاڻي سنڌ مان ڪنهن ٻئي طرف لڏي به ڪو نه ويندا. سنڌي توڙي مهاجرن کي گڏجي سنڌ ۾ رهڻو آهي ۽ ٻنهي جا مفاد گڏيل آهن. پر سنڌي اهو به ڪونه چاهيندا ته هو ڪنهن ٻئي  اسرائيل کي جنم ڏئي پنهنجي ايندڙ نسلن کي دائمي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏين.انهيءَ خدشي جي روشني ۾ به الطاف حسين جي آڇ کي ڏسڻو پوندو. خود الطاف حسين صحافين سان ڳالهائيندي ٻه اهم ڳالهيون ڪيون آهن. هڪ هي ته ” مهاجر پاڻ کي هٿين خالي نه ڪندا.“ ٻي هي ته ”اسان کي ايترو به تنگ نه ڪيو جو گڏجي رهڻ ناممڪن ٿئي، ڇو ته ملڪن مان ملڪ جنم وٺندا آهن.“ اهڙن جملن مان ايئن لڳي ٿو ته الطاف حسين اسان کي لٺ به ڏيکاري ٿو ته چٺ به ڏيکاري ٿو ۽ سندس اهڙي رويي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.

    سنڌي ۽ مهاجرن جي لاڳاپن جي تاريخ جي اڌ صديءَ جو رڪارڊ اسان جي اڳيان آهي. اسان کي اهي مشاهدا ۽ تجربا به ڌيان ۾ رکڻا پوندا. اسان کي ڪير جواب ڏيندو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽارچر سيل ڇو قائم ڪيا ويا؟ اسان کي ٻورين ۾ لاش ڪهڙي سوغات ۾ ڏنا ويا؟ ۽ اسان جي نياڻين جي انگن تي ڏنڀن جا نشان ڪنهن  ۽ ڇو هنيا؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه پاڻ ڪيو ويو يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي ڪيو ويو؟ اهو سچ ڪير ٻڌائيندو؟

    سنڌي – مهاجر اختلافن مان خود مهاجرن کي ڪيترا فائدا مليا؟ ۽ سنڌين کي ڇا مليو؟ اندرون سنڌ ٻورين ۾ ايندڙ لاشن جي وارثن ۽ پونيئرن کي ته ڪجهه نه مليو پر ڪراچيءَ ۾ ماڻهن کي ڪروڙين روپيا  ڏنا ويا.ان ڪري اها گئرنٽي ڪير ڏيندو ته سنڌي شهيد به املهه هئا ۽ سندن پونيئرن يا وارثن کي رڳو ڳوڙها نصيب ۾ ڇو آيا؟ ڇا انهن جو به تدارڪ ٿيندو؟

    الطاف حسين جي خطاب تي اسان کي ڪو فيصلو ڏيڻو ڪونهي پر اهو اسان کي سمجهڻ گهرجي۽ ايم ڪيو ايم کي بانور ڪرائڻ گهرجي ته هي خطاب سنڌين سان ڊائلاگ جي ابتدا آهي. الطاف حسين جي ڳالهه ٻول نقطئه آغاز طور قبول ڪري کيس وڌيڪ ڳالهائڻ ۽ گئرنٽين ڏيڻ جي صلاح ڏئي سگهجي ٿي. هن لاءِ بهتر ايئن ٿيندو ته صحافي برادري اڳتي اچي ۽ اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکي الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي واضح ڪري ته سنڌي امن پسند آهن. هو خطائن ۽ گناهن جي معافي به ڏئي سگهن ٿا. هو ٻين کي زندهه رهڻ جو موقعو ڏئي پاڻ به زندهه رهڻ جو حق رکن ٿا. ان ڪري فقط هڪ خطاب کي ”حرفِ آخر“ چئي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ ايم ڪيو ايم کي هڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏيڻ گهرجي، جيڪا طئه ٿيل اصولن، طريقيڪار ۽ اعتراضن ۽ مقصدن کي ڌيان ۾ رکي سنڌ جي مدبرن، دانشورن، صحافين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان ڳالهيون ڪري ۽ گئرنٽيون ڏئي. جيڪڏهن الطاف حسين اقوام متحده جي ججن کان ڪراچيءَ ۾ ٿيل ذيادتين جي انڪوائري ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته سنڌين کي به اهو حق رسي ٿو ته سنڌي مهاجر اتحاد ٿيڻ جي صورت ۾ گئرنٽي به اهڙي ۽ ايتري وٺن.

     

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 21.01.2001)

     

     

    32 .        عدم طرف وڌندڙ اسان جا قدم

     

    اسان مان ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو اها هام هڻي ته هو سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.اسان مان هر ڪو پريشان ۽ حيران آهي. هر ڪو هي ڳالهه مڃي ٿو ته پاڻ ڏکين ڏينهن مان گذري رهيا آهيون . اسان جي چؤطرف مسئلا ۽ مونجهارا آهن. هڪ طرف غربت آهي ته ٻئي طرف بيروزگاريءَ آهي. تعليم هجي يا تجارت ملازمت هجي يا سياست، زندگيءَ جو هر هڪ شعبو مفلوج ٿي رهيو آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن درد ۽ دک وڌندا پيا وڃن. جنهن به مسيحا هجڻ جي دعويٰ ڪئي تنهن دوا بدران درد ڏنو. هر ڪو پنهنجو ڪتاب کڻي آيو، هر ڪو پنهنجو نظريو کڻي آيو، هر ڪنهن پاڻ تي ايمان ۽ اعتقاد آڻڻ جي تلقين ڪئي. ڪنهن به قوم تي ۽ عوام تي اعتماد ڪونه ڪيو. مطلب ته جيڪو آيو سور ڏئي ويو ۽ پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.

    اڻکٽ درد جي موجودگيءَ ۾ اسان ۾ هاڻي دوا جو احساس به پيدا ٿي چڪو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن مان چوٽڪارو ملي. مسئلا ۽ مونجهارا ختم ٿي وڃن ۽ هر ڪو سک جو ساهه کڻي. هر ڪو ماڻهو ايئن سوچي به ٿو ۽ ايئن لوچي به ٿو. پر سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ به اسان منزل ماڻي ڇو نه ٿا سگهون؟ پوءِ به اسان جا انفرادي، اجتماعي ۽ قومي ڏک پنجن منجهان پندرهن ڇو ٿا ٿين؟

    ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي ”وسيع تر انفراديت“ جو دور آهي ! ان ڪري هر ڪو ماڻهو فقط پاڻ لاءِ سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو. ان ڪري اجتماعيت ۽ قوميت هن لاءِ بي معنيٰ دائرا بڻجي پيا آهن. ڪو به قوم کي ۽ اجتماعي حالتن کي ٺاهڻ لاءِ پاڻ کي ڍاهڻ نه ٿو چاهي.         

    ٿورو اڃا غور ڪري ڏسبو ته اسان مان ڪي ماڻهو پنهنجي وجود ۾ انفراديت کان ٿورو ٻاهر نڪري، پنهنجي برادري ۽ ذات پات جي ڀلائي ۽ خيرخواهي لاءِ به سوچن ٿا. ان ڪري ذاتين پاتين جي بنيادن تي تنظيمون ٺاهن ٿا ۽ پنهنجي ڏاڍ مڙسي مڃرائڻ لاءِ قبائلي جهيڙن ڪرڻ تائين اڳتي وڌي اچن ٿا. ذات پات ۽ ڪڙم قبيلي جي بت ۾ ننڍي کنڊ جي مذهبي حالتن روح ڦوڪيو.انهيءَ نظرئي جا ابا ڏاڏا هندو ئي آهن. پر اڄ ڪلهه هندو توڙي مسلمان ذات پات جي زنگ کان پاڻ بچائي نه سگهيا آهن. بلڪ انهيءَ انسان دشمن نطريئي جا مبلغ بڻجي چڪا آهن.

    جهڙي ريت انفراديت پرستي پوري انسانيت جي نفي ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت ذات پرستي وري ظلم، ذيادتي، بي انصافي ۽ بد امنيءَ کي جنم ڏئي ٿي. اسان چوندا آهيون ته ڪو لڪل ۽ غير سنڌي هٿ سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي ٿو. بي شڪ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو جي پاليسي اڃا ختم ڪانه ٿي آهي. ان کان سواءِ اسان جي سياسي ڪلچر اهڙي نظام کي قائم رکيو آهي. جنهن ڪري ماڻهو ذاتين ۽ برادرين ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا. پر ذاتين پاتين ۾ اختلافن ۽ تضادن پيدا ڪرڻ جا ڪارڻ اسان پاڻ ئي ٿيون ٿا.

    پر پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي ٽوڪري ايجنسين کي کڻائيندا آهيون.بنهه ايئن جيئن ڏوهه پاڻ ڪندا آهيون، پر ٿڪ لعنت شيطان تي ڪندا آهيون، جڏهن ته شيطان ڪنهن کي هٿ کان وٺي گناهه نه ٿو ڪرائي.                                                                                      

    انفراديت ۽ ذات پات لاءِ ڏوهه ثواب ڪرڻ کان علاوه اسان ٿورو اڳتي وڌي ڪنهن گروهه يا لابيءَ لاءِ به پاڻ پتوڙيون ٿا. هن بدعت سنڌ ۾ موقعن، ذريعن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ وارا گروپ پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ادارا، ريڊيو ۽ ٽي وي اهڙن ماڻهن لاءِ مڙهه مقام بڻجي چڪا آهن. مجال آهي ڪنهن نئين ۽ اوپري ماڻهوءَ کي جو هنن جو ڪڙو ٽوڙي سگهي. ادارن ۾ عهدا ۽ رتبا ملندا ته مخصوص ماڻهن کي،ريڊيو يا ٽي ويءَ تي پذيرائي ٿيندي ته مخصوص لابين جي.ٻيو وتي ٻاهريان چڪر ڏيندو. هر ڪنهن هنڌ پير يا ڪنهن وڏيري جي درٻار لڳي پئي آهي. ٽوپي ٽانڊو ڪندو ته ڳالهه ۾ اثر پيدا ٿيندس ۽ پنهنجي جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ملندس.  

    اسان جي سهڪار سر پرستي، تعاون ۽ امداد جي ڪهاڻي اهائي آهي. سهڪار ۽ سر پرستيءَ جي منڊي گهوڙي انفرادي غرض، ذات پات ۽ گروهه کان ٻاهر نڪري ئي ڪانه ٿي سگهي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان جا اجتماعي ۽ قومي مسئلا حل ٿين ئي ڪونه ٿا ۽ اسان روز به روز وڌيڪ آزار، سور ۽ درد ڏسندا رهون ٿا. اهڙين حالتن ۾ اسان جو هر قدم عدم طرف وڌندو رهي ٿو.

    عدم طرف وڃڻ جو مطلب ٿيندو مري وڃڻ يا هي جهان ڇڏي وڃڻ. جڏهن اسان قومي ۽ اجتماعي مسئلن ڏانهن توجه نه ٿا ڏيون ۽ هٿ پير نه ٿا هلايون ته زندهه  قوم ڪيئن ٿا ٿي سگهون؟انهيءَ حساب سان اسان زندهه قوم آهيون ئي ڪو نه ڇو ته اسان جيئرا آهيون ته پاڻ لاءِ، زندهه آهيون ته ذات پات يا گروهه لاءِ. قوم لاءِ اسان جو زندهه هجڻ ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي ۽ نه ان کي ڪو ضروري ڄاڻون ٿا.

    اسان جو هر قدم هن ڪري به عدم طرف وڌي ٿو، جواسان ۾ ڪٿي به ورڪنگ رليشنشپ نظر نه ٿي اچي.اسان ڪامن فيڪٽرس  کي اڳيان رکي تعاون نه ٿا ڪيون. ان ڪري هنڌين ماڳين، اسان جي قول ۽ فعل، اسان جي رويئي ۽ انداز ۾ عدم کانسواءِ ڪجهه به ڪونه آهي.

    بک، بيروزگاري ، جهالت، بد امني جان ۽ مال جي تحفظ جو اونو ۽ ٻيا اهڙا مسئلا ، سمورن جا مسئلا آهن.ايئن ڪونه آهي ته ڪو فرد واحد، ڪا هڪڙي ذات يا ڪو هڪ گروهه انهن مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. جڏهن مسئلا ۽ مونجهارا هڪجهڙا آهن ۽ هر ڪنهن لاءِ آهن ته پوءِ اسان پنهنجي انفراديت، ذات ، گروهه لاءِ ڇو ٿا سوچيون؟ پوءِ اسان جو هر قدم عدم جي رنگ ۾ رتل ڇو آهي؟اسان کي عدم تعاون، عدم اعتماد، عدم دلچسپي ۽ عدم سهڪار ڇو پسند آهن؟ اسان کي هر اهو لفظ ۽ هر اهو عمل ڇو ٿو وڻي جنهن جي اڳيان عدم اچي ٿو؟لفظ عدم سان اسان جي ايتري محبت ڇو آهي؟ عدم طرف وڌندڙ  اسان جو هر قدم اسان کي ڪٿي پهچائيندو؟

    عدم تعاون، عدم دلچسپي ۽ عدم تعلق اسان مان هر ڪنهن کي ويڳاڻو ۽ وياڪل بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان هڪ هوندي، اسان هڪ قوم مان هوندي به الڳ الڳ ۽ جدا جدا آهيون. اسان مان هر ڪو بي يارو مددگار ٿي پيو آهي. ڪو ڪنهن جي سار نه ٿو لهي، ڪو ڪنهن جي مدد نٿو ڪري، ڪو ڪنهن جي ڪم نه ٿو اچي. جڏهن ته ٻيءَ دنيا ۾ ايئن ڪونهي.باقي دنيا ۾ ڀل ته ڪنهن کي ڪنهن جو منهن نه وڻي،ذات پات مان هجي نه هجي، پر جيڪڏهن قومي ڪم ڪندو ته کيس پاڻ هرتو تعاون ملندو. هن جي همت افزائي ٿيندي.پر اسان ڪنهن کي کنگهنداسين به ڪو نه ، اسان ماڻهو آهيون پر ڪنهن جي به ڪم جا نه آهيون. اسان شايد عدم آهيون ۽ عدم جا راهي آهيون.

     

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي)،

     

     

     

     

     

    33  .    ناظم آيو ناز سان پربدليو ڪين نظام

           

    اسان سنڌين جي ڀل ته دنيا جهان ۾ ساک سٺي نه هجي پر دوش دشمن به اها ڳالهه مڃيندو آهي ته مهان نوازيءَ ۾ اسان سنڌين جو ته ڪو مٽ ئي ڪونهي.اڌ صدي اڳ اسان مهمان نوازيءَ جو اهڙو مظاهرو ڪيو هو جو ڏتڙيلن کي ڏيڍي ڏيکاري، پاڻ پنهنجو گهر ڇڏ وڃي گهٽين ۾ ويٺاسين ، تان جو اڄ پنهنجي ئي شهرن ۾ پنهنجو گهر ڪونهي. اسان انهن مهمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي زبان وڍي سندن ڄڀ پنهنجي وات سان چنبڙائي ڇڏينداسين، پنهنجا پٽڪا ۽ ٽوپيون لاهي هميشه لاءِ اگهاڙا ٿي پياسين.

              اسان جي اهڙي مهمان نوازيءَ جي واکاڻ ٻڌي ڪنهن ڀر پاسي جي ماڻهن کي خيال ٿيو ته ڇو نه سنڌ  وڃي چڙهه ڪري اچجن. پر هنن اها ڏاهپ ڪئي جو آڪهيون ڪاهي اچڻ بدران پهريون واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ پنهنجو هڪ ڏاهو سنڌ موڪليائون. همراهه هتي پهتو ته ان وقت رمضان جو مهينو هو. هڪ طرف سرڪاري سختي ۽ ٻئي طرف دين ايمان جو جذبو ، ملڪ جو ماحول ئي مٽجي چڪو هو . اوطاقن جي درن تي ڍنگهر، هوٽلن کي تالا ۽ گهرن جا دلا خالي. همراهه ٽپهريءَ تئين رلندو رهيو پر ڪنهن چانهه پاڻيءَ جي به صلاح ڪانه ڪَيَسِ هي همراهه پريشان ٿي ويو. نيٺ ڪنهن کي هٿ کان پڪڙي ماجرا معلوم ڪيائين ته ”سنڌ ته سکيو ستابو ملڪ آهي ، پر هتي هر ڪو بکيو اڃيو ڇو ٿو گذاري .“ سنڌيءَ ڇنڊ پٽيس ته ”اڙي بي ايمان تو کي خبر ناهي ڇا ته خير سان رمضان برڪتون کڻي آيو آهي.“ اهو ٻڌي ٻاهرين همراهه کُڙين تي کڻي زور رکيو ، هن کي ڏسندي سندس ملڪ وارا ماڻهو کيس وڪوڙي ويا. هر ڪنهن پئي سکئي ستابي ملڪ سنڌ جي مهمان نوازيءَ جي ڳالهه پڇيس. هن منهن ڀيلو ڪري کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪو رمضان آيو هو. جنهن کين اڃيو بکيو بڻائي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ڪنهن کي سمجهه ۾ ڪا نه آئي.هو منجهي پيا ته اهو رمضان ڪير آهي؟ڪٿان آيو آهي؟ ڪيترا ڏينهن سنڌ ۾ رهندو؟ ڇا ايڏو طاقتور آهي جو سندس حڪم تي هر ڪو بکون ڪاٽي ٿو؟ نيٺ  انهيءَ مسئلي تي سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ هنن پئنچائت ويهاري. جنهن فيصلو ڪيو ته ڪنهن ٻئي ڏاهي کي سنڌ موڪليو وڃي ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي اچي.

              هي ٻيو همراهه جڏهن سنڌ پهتو ته محرم شريف جو مهينو هو.ماڻهن جي اڪثريت کي ڪارا ڪپڙا پاتل هئا، هنڌين ماڳين ماتمي جلوس پيا ٿين ، مومنن جا نيڻ آلا ۽ هر ڪو ماتم ۾ مصروف، همراهه پاسو وٺي ڪنهن کان پڇيو ته اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو روئڻ پٽڻ کان بس ئي نه ٿا ڪيو؟کيس جواب مليو ته توکي خبر ناهي ڇا ته محرم آيو آهي؟ همراهه نه ڪنهن کان موڪلايو ۽ نه ڪنهن کان وڌيڪ حال ورتو، سڌو منهن ڪيائين پنهنجي ملڪ. ماڻهن جڏهن حال احوال ورتس ته چيائين ته ” مون رمضان ته ڪونه ڏٺو، شايد اهو تخت تان لهي ويو يا گذاري ويو، پر سنڌ ۾ ڪوئي محرم آيو آهي جنهن ڪري ماڻهو روئن پٽن ٿا.“

              وڏڙن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي. هنن وري ٽيون ماڻهو سنڌ ۾ موڪليو . هو سنڌ پهتو ته عالمن ۽ اديبن سان مليو، صحافين ۽ سگهڙن سان مليو. استادن ۽ شاگردن سان مليو. قوم پرستن ۽ ترقي پسندن سان مليو. هن هرڪنهن کان بکن ۽ ڏکن، دانهن ۽ ڪوڪن جو ڪارڻ پڇيو . هر ڪنهن وٽان کيس هڪ ئي جواب مليو ته ”ادا اسان جو نظام خراب آهي، جيستائين نظام نه بدلبو ۽ نه سڌرندو ان وقت تائين بک ۽ ڏک، آهون ۽ دانهون اسان جو مقدر بڻيل رهنديون.“

    همراهه کي جهڙوڪ خزانو ملي ويو.ان ڪري نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو هڪ ساهي ۾ وڃي پنهنجي وطن پهتو. ماڻهو ته ڄڻ عيد جي چنڊ جيان هن جو انتظار ڪري رهيا هئا.همراهه پهچڻ سان ئي کنڀجي ويو. هر ڪو تهذيبن جي ماءُ عظيم سنڌ جي حالن احوالن وٺڻ لاءِ آتو هئو. هرڪو ايئن هن جي ويجهو اچي ويٺو ڄڻ هي سياري جي باهه هجي جو هر ڪو پيو هن ڏي سري پري ويهي. سڀني ڪن ڏنو ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو”واقعي سنڌ دکن دردن جي نگري بڻجي وئي آهي. پر پنهنجي وڍئي جو ڪهڙو ويڄ طبيب؟ اتي رمضان يا محرم مسئلو پيدا ڪونه ڪيو آهي.پر هنن جو نظام خراب ٿي پيو آهي. نظام اهڙو ته فريبي ۽ ڏنگو اٿن جو هنن کي هٿ ئي نه ٿو اچي. اهو نظام صاحب جيڪڏهن جهنگ جهر يا ڪنڊ پاسي مون کي نظر اچي ها ته ڪن پڪڙي سنڌين حوالي ڪيون اچان ها پر اهو نڀاڳو مون کي ڪٿي به نه مليو .“

    هر هڪ پرڏيهيءَ رمضان، محرم ۽ نظام کي ماڻهون سمجهيو هو . بيشڪ اها سندن غلطي هئي. پر جيڪڏهن مان غلطي نه ٿو ڪيان ته پرڏيهي ”نظام“ کي ماڻهو ڄاڻي ڪوٽ کٽي ويا . جيڪڏهن اسان بدلجي پئون، ماڻهو سڌري پون ته نظام خود به خود بدلجي وڃي . اسان جو نظام هن ڪري نه ٿو بدلجي جو اسان ايئن ئي اهڙا ته تڪڙا رنگ بدلايون ٿا جهڙا سانڊو به ڪو نه بدلائيندو هوندو. اسان فقط رنگ ۽ ڍنگ بدلايون ٿا مگر پنهنجي وجود ۽ وجود جي اندر واري ارڏي، خود غرض ۽ مطلبي انسان جي حيثيت ۾ ساڳيائي آهيون. اسان مٽجون ۽ بدلجون ٿا وقت ۽ حالتن جي هٿان پر ڪڏهن وقت ۽ حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪيون . اسان وقت ۽ حالت اڳيان ابهم ٻار آهيون. اسان هر پنجين اٺين سال وري جنم وٺندا آهيون. يا ايئن کڻي چئجي ته اسان کي وري وري حياتي بخشي ويندي آهي ۽ هر نئين حياتي ملڻ تي اسان جي ڇٺي ڪئي ويندي آهي ۽ اسان تي نئون نالو رکيو ويندو آهي.ڪڏهن ”بنيادي جمهوريت“ جي پينگهي ۾ ويهاري ”چيئر مين“ نالو رکيو ويو ته ڪڏهن ”خدمت ڪاميٽي“ جو نالو ڏئي ماڻهن جي ڪلهي تي ويهاريو ويو. اڄ ٽئين چوٿين جنم ” ناظم“ نالو تجويز ڪيو ويو آهي.            

              اسان سادا ۽ سٻاجها ماڻهو سياست ڇا ڄاڻون؟ اسان کي ته ايتري خبر آهي ته جڏهن ڪنهن جهيڙي يا ويڙهه ۾ ڪو ماڻهو سادگيءَ ۾ شڪست کائيندو آهي ته چوندو آهي ته ”حريف مون سان سياست ڪري ويو“ معنيٰ ته هن سان دوکو ۽ فريب ٿيو. عام ماڻهو دوکي ۽ فريب کي سياست سڏي ٿو.

              سياست دوکي ۽ فريب جو ٻيو نالو هجي يا نه هجي پر هي به حقيقت آهي ته اڄ ڪلهه اها گلن جي سيج به ڪانه رهي آهي. سياست ۾ نالي ڪمائڻ وارو ڀلي ته پنهنجي حياتي تان هٿ نه به کڻي پر کيس پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن تان هٿ کڻڻو پوندو. وري ان ۾ وڏي کان وڏو عمل دخل پنهنجي ئي افعالن جو هوندس. دنيا جهان جي تاريخ ۾ اهڙو مثال نه ملندس ، جيڪو سياسي حوالي سان اسان جي ملڪ ڏنو آهي. هن دور جي ٽن وڏين پارٽين جا اڳواڻ هن وقت ملڪ ۽ ماڻهن کان پري آهن. بلڪ ست سمنڊ پار آهن.

              اسان جي نئين سياسي نظام ۾ نئين ڪردار ”ناظم“ جو اضافو ٿيو آهي. ڏسڻو هي آهي ته اهو ناظم ڪهڙا ٿو رنگ بدلائي ۽ ڪرسي ڇڏڻ کان پوءِ ڪٿي ٿو پهچي؟ ڏينهن ۽ مهينن ۾ بنگلن ۽ گاڏين جو مالڪ ٿو ٿئي يا جلاوطنيءَ جي اڳواٽ درخواست ڏئي پوءِ ٿو ڪرسي تي ويهي. ”ناظم“ پنهنجو يا قوم جو ڪهڙو ٿو حشر ڪري، اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهندو . پر جا ڳالهه اسان ٻڌائي سگهون ٿا سا اها آهي ته ”نظام“ وارو گڏهه ساڳيو ئي آهي. هاڻي کڻي هن جا آٿر بدلايا ويا آهن.پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اها تبديلي هاڻي انهن کي به نه ٿي وڻي ، جيڪي پاڻ به اها آڻڻ لاءِ آتا هئا.

              ضلعي حڪومت جي ڳالهه ملڪ جي وڏين وڏين پارٽين ڪئي، ڪن پارٽين ته ان کي پنهنجي چونڊن واري منشور ۾ به شامل ڪيو. پر هاڻي جڏهن اهو ڪم ٻيون قوتون ڪري رهيون آهن ته ضلعي حڪومتن جا روحاني راز ٻڌائڻ وارا به انهيءَ مان نقص ڪڍي رهيا آهن.

              مزي جي ڳالهه اها آهي ته ضلعي حڪومت جي ڳالهه ڪا سياسي پارٽي ڪري يا غير سياسي پارٽي ڪري، ٻئي عوام کي اعتماد ۾ ڪونه وٺنديون. ٻئي پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشي جو مظاهرو ڪنديون آهن. جڏهن فوج اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها سندن خيال ۾ ڪرپٽ ۽ پنهنجي توڙي عوام جي دشمن قيادت مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ مقامي سطح تي غير سياسي ۽ عوام دوست قيادت اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. پر پتو پوءِ پوندو آهي ته جيڪڏهن پير نه ته سندن خليفا، وڏيرا نه ته سندن ڪاراوا، سياستدان نه ته سندن آشيروادي اڳتي وڌي ايندا آهن. نظام تبديل ڪونه ٿيندو آهي پر ناظم شطرنج جي مهرن جيان مٽجي ويندا آهن. جيڪي دقيانوسي، رجعت پسند، جاگيردارانه، وڏيرا شاهي ۽ پير شاهي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو باعث ٿيندا آهن. هن کان اڳ هر دور ۾ ايئن ئي ٿيو آهي. هتي ڳالهه پڻ تاريخ جي اهم باب جي حيثيت رکي ٿي ته ” نعم البدل سياسي قيادت“ پيدا ڪرڻ واري ڪوشش هڪ اهڙي سياستدان کي جنم ڏنو جنهن جي هٿن کان صدر ۽ چيف جسٽس ته ڇا پر فوجي ادارا به غير محفوظ ٿي پيا.

            هن وقت جيڪا مقامي سطح تي تبديلي اچي رهي آهي، اها نظام جي تبديلي ته ڪانهي. پر هر هنڌ نئين ”ناظم“ جي آمد ضرور آهي. اهو ناظم وڏي ناز ۽ انداز سان ايندو . ڏسڻو آهي ته ناظم جي بوتي ۾ جان اچڻ سان ڪنهن جي ٿي جان وڃي. دقيانوسي نظام جي يا عوام جي؟ يا ايئن ٿيندو ته وري ڪو پرڏيهي سنڌ گهمڻ ايندو ۽ وطن واپس ٿي، پنهنجي ماڻهن کي ٻڌائيندو ته سنڌ واقعي دک ۽ درد جي نگري آهي ، ليڪن ان ۾ ڏوهه رمضان، محرم ۽ نظام جو ڪونهي پر اتي ڪوئي ”ناظم“ آيو آهي، جنهن سڀني جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي.          

             

     

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 17.12.2000)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

    34 .  هي درگاهن تي دانهون ۽ اسان جي منزل جون راهون

             

    اخبار ۾ خبر شايع ٿي ته خوراڪ کاتي مان ڇانٽين خلاف ملازمن سيوهڻ ۾ احتجاج ڪيو ۽ قلندر جي درگاهه تي دانهين ٿيا. هنن درد وندن جي دانهن اها آهي ته سڄي سنڌ اندر خورڪ کاتي جي تازو ريگيلر ڪيل چوڪيدارن، فوڊ سپروائيزرن ۽ فوڊ انسپيڪٽرن کي 36 مهينن کان پگهارون نه ڏنيون ويون آهن. ڪچن ملازمن جي ماهوار پگهارن مان 500 روپيا ماهوار ڪاٽيا وڃن ٿا ۽ پنجن سالن کان چوڪيداري ڪندڙن کي پڪو نه ڪيو ويو آهي.واقعي لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ هي هتان جا نه پر اسرائيل يا هندوستان جا آهن.

              ڪڏهن ڪڏهن نه پر اڪثر ڪري هاڻي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪيترين حالتن ۾ اسان سان پنهنجا توڙي پراوا دشمن جهڙو سلوڪ ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪو احسان ڪري ٿو ته جهوليءَ ۾ خيرات وڌي وڃي ٿي. هون نه ته هر ڪو وات جو گرهه به کسڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.

              انياءَ ۽ نڌڻڪائي جي ڪهاڻيءَ جو معراج آهي ته ماڻهو ايترو مايوس ٿي وڃن جو ڪنهن کي به پنهنجو خير خواهه ۽ سڄڻ نه سمجهن. هنن لاءِ حق،انصاف ۽ خيرخواهي جا سمورا دڳ ۽ دروازا ائين بند ڪيا وڃن . جو هو پيرن فقيرن جي درگاهن کي پنهنجي آس ۽ اميد جو آخري سهارو ڄاڻي ، اتي وڃي دانهين ٿين .هي دور جو وڏي کان وڏو سانحو آهي ۽ مستقبل قريب ۾ حالتن بدلجڻ جو پڙاڏو آهي.اها مايوسي اسان جي تاريخ، جاگرافي ۽ سياست تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿي ۽ سماج ۾ ڌرتيءَ ڌٻڻ جهڙي اٿل پٿل آڻي سگهي ٿي . پر هي ڳالهه اقتدار ڌڻين جي ڌيان تي ڇو نه ٿي اچي؟ هيءَ صورتحال ملڪ، معاشري ۽ ماڻهن جي ته مفاد وٽان ٿيندي ئي ڪانه ، پر انهيءَ جي اثر کان واڳ ڌڻي به بچي نه ٿا سگهن.

              سنڌ جي سورن جو مذڪور مايوسي جي رنگ ۾ رتل آهي. پاڪستان جي پهرين وزير اعظم هن صوبي جي ثقافت کي ڳنوارن ۽ ريڍارن جي ثقافت سڏيو. هن صوبي جي ٻوليءَ جي جهولي خالي ڪئي وئي. الاٽمينٽ ۽ سيٽلمينٽ جي نالن ۾ ڪيترن کي بي گهر ۽ هٿين خالي ڪيو ويو. هن صوبي ۾ بک ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو نه آيو. حالتون اهڙيون ٿي بيٺيون آهن جو ماڻهن ڌرتيءَ جي سيني تي رهڻ بدران ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو آپگهات جا واقعا روز به روز وڌي رهيا آهن. ماڻهو  ”ماٺ“ ۽ ”موت“ کي انهيءَ ڪري پنهنجي سيني سان لڳايو آهي، جو هتان جو هر ڪو انسان جهڙوڪ”اذيت پرست“ ٿي پيو آهي . پر جيڪڏهن انهيءَ انسان ڏکن سان سمجهوتو ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته صورتحال ٻيو رخ وٺي سگهي ٿي.هاڻي صورتحال ٻيو رخ وٺڻ لڳي آهي. دنيا جهان، پنهنجن توڙي پراون سنڌ واسين کي احساس ڏيارڻ شروع ڪيو آهي. اڄ صوبي پنجاب سان لاڳاپيل ۽ ملڪ جو بزرگ سياستدان نوابزادو نصرالله خان ميان نواز شريف جي جان بچائڻ واري جلاوطني تي تبصرو ڪندي چوي ٿو ته ”وڏي صوبي سان لاڳاپيل وزير اعظم کي عدالتي سزا ملڻ  باوجود جان بخشي جلاوطن ڪيو ويو ،مگر ننڍي صوبي سان وسطو رکندڙ وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي .“ اها سوچ سنڌ واسين جي پنهنجي سوچ ڪونهي. پر اسان کي ٻوڙو ڄاڻي، ٻيا ماڻهو ڪوڪون ڪري، وڏي واڪ اهڙيون ڳالهيون اسان جي ڪنن ۾ پرٽن ٿا، جيڪڏهن اهي ڳالهيون ڪنن کان گذري اسان جي دل ۽ دماغ تائين پهتيون ته قهرام مچي سگهي ٿو.

              پر ڪنهن قهرام مچڻ ۽ ڌرتي ڌٻڻ جهڙي اٿل پٿل جو ڪو امڪان في الحال نظر نه ٿو اچي ، ڇو ته اسان جو سوچون ۽ لوچون ئي نراليون آهن . اسان اهي ماڻهو آهيون جيڪي مخدوم بلاول، پرو چانڊئي ۽ ذوالفقار ڀٽي کي هڪجهڙو ڄاڻي سندن مزارن ۽ قبرن تي پڙ وجهندا آهيون ۽ پٽ پنندا آهيون ۽ باسون باسيندا آهيون. بلاشڪ سنڌ جي انهن ٽنهي ڪردارن کي طبعي موت قبولڻ جو موقعو ڪونه ڏنو ويو ،  پر ٽنهي جي قومي، سماجي ۽ سياسي ڪردار ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هڪڙي هٿين خالي تڏي تي وهي ڌارين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ گهاڻي ۾ پاڻ پيڙهايو. ٻئي ماڻهو اغوا ڪيا، ماريا، لٽيا ۽ ڦريا. ٽئين دنيا جهان کي پنهنجو سياسي تدبر ڏيکاري پاڻ لاءِ بدخواهن جو ٽولو پيدا ڪري ورتو . پهريون دانشور هو، ٻيو ڌاڙيل هو ۽ ٽيون مدبر هو . پهريون ڌرتي دوست هو، ٻيو ڌرتي ڌڻين جو دشمن هو ۽ ٽيون ڏيهه توڙي پرڏيهه جي فرق کان آزاد ۽ جڳ مشهور سياستدان هو. پر اسان سندن مزارن ۽ قبرن جي حاضري ڏيندي، مٿن پڙَ چاڙهيندي ۽ باسون باسيندي ٽنهي کي هڪ قطار ۾ ويهاري ڇڏيو آهي.اسان جو انهيءَ ڳالهه سان ڪم ڪونهي ته هنن حياتي ڪيئن گذاري ۽ ڪهڙو پيغام ڏئي ويا. پر اسان جو واسطو ته پنهنجي لوڀ ۽ لالچ، مطلب ۽ مفاد سان هوندو آهي. ان ڪري ئي اسان ٽن مختلف بلڪ هڪ ٻئي کان متضاد ڪردارن کي ساڳيائي پڙ پارائي پر فقير بڻائي ويٺا آهيون.اڄ اسان کي ته خبر آهي ته مخدوم بلاول، پرو چانڊئي ۽ ذوالفقار ڀٽي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ليڪن صدي ڏيڍ صدي پوءِ اهو فرق به ميسارجي ويندو ۽ اسان جي سنڌ جي تاريخ جا اهي ڪردار پنهنجو تاريخي تشخص وڃائي ويهندا پوءِ محض ۽ محض پير فقير سمجهيا ويندا. صدين کان  اسان اهڙو روحاني ۽ نظرياتي وهنوار ڪندا آيا آهيون ۽ ڌڻي ڄاڻي ته اسان الائي ڪهڙن ۽ ڪيترن عوام دشمنن کي عوام دوست، غدارن کي هيرو ۽ لٽيرن کي فقير بڻائي ڇڏيو آهي .

              ڪا درگاهه اصل هجي يا نقلي پر ان تي دانهين ٿيڻ ۾ اسان لکيل پڙهيل توڙي اڻپڙهيل هڪ جهڙا رهيا آهيون. اسان جي اڻ ڳڻين شاعرن ۽ اديبن لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست جي درگاهن تي به دانهون ڏنيون آهن ۽ سندن اهڙو کوڙ سارو ڪلام سنڌي ادب جو اٽوٽ حصو آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو قلندر شهباز جي درگاهه تي دانهين ٿئي ٿو ته اهو اسان جي سماجي، نفسياتي ۽ ثقافتي لاڙن، سوچن ۽ ويچار جو اهڃاڻ آهي. هن مان اسان نه به پر ٻي قوم اهو اندازو لڳائي سگهندي ته سنڌي قوم پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن جي ڪلهن تي بار اڇلي ڇڏيندي آهي.پير فقير ته  ڇڏيو پر جيڪڏهن ٻيو ڪو نه مليو ته ”رک الله“ تي چئي اسان پنهنجو ۽ پرائو بار هلڪو ڪندا آهيون. بيشڪ هي حقيقت آهي ته الله تعاليٰ جي حڪم کانسواءِ ڪک پن ڪونه ٿو چري، پر انهيءَ پاڪ الله جو ئي فرمان آهي ته ”مان انهيءَ قوم جومقدر نه ٿو بدلايان، جيستائين اها قوم پنهنجو مقدر بدلائڻ نه چاهيندي. “ ڍنگهر پاڻ ڏبو آهي پوءِ نگهباني بيشڪ الله ڪندو آهي. پر اسان سنڌين جو وس پڄي ته اسان در تي اهو ڍنگهر به ڪنهن ٻئي کان ڏيارايون.

              اسان جڏهن لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست وٽ دانهين ٿيندا آهيون ته ڌڻي ڄاڻي انهن عظيم انسانن جي روحن تي ڇا گذرندي هوندي. سچل سرمست انهي انسان کي عظمتن جا درس ڏنا جنهن کي ڪجهه به نه ڄاتو ويو. اهوئي انسان جيڪڏهن اڄ سچل سائينءَ جي پيغام کي هنيئن سان هنڊائڻ ۽ عملي زندگيءَ ۾ نافذ ڪرڻ بدران وري درازي جي درگاهه تي وڃي بيهي ته اهڙي شخص کي ڇا چئجي؟ اهڙيءَ ريت اسان جيڪڏهن لاکيڻي لطيف جي پيغام کي پٺي ڏئي پنهنجا ٻئي جهان وڃائي وري لاکيڻي لطيف جي درگاهه تي سوالي بڻجي اچون ته شاهه ڀٽائي جي روح کي ڪهڙو سڪون ملندو؟ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ ته هر سوال جو جواب ڏنو آهي ۽ هر مسئلي جو حل ڏسيو آهي.اسان لطيف سائين جي نالي پٺيان تنظيمون ۽ ادارا به قائم ڪيون ٿا.وستين ۽ بستين تي به سندس نالو رکون ٿا. لطيف سائين جي نالي تي ٽرين به ڪڍيسين ۽ دوڪان به کولياسين.پر سندس پيغام تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو سين. اسان جڏهن ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي پيغام کي بي اثر ڪري ڇڏيوسين ته پوءِ سندس دعائن جو ڪهڙو حشر ڪنداسين؟ اهڙي ريت قلندر شهباز ته جلالي فقير چيو وڃي ٿو. هن بزرگ پنهنجي حياتي ۾ قلم کي ڏنڊو ۽ ڏنڊي کي قلم بڻائي حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان سندس سچا پوئلڳ ڇو نه ٿا ٿيون؟ اهي بزرگ اسان جي سنڌ ۾ ان ڪري ته نه پيدا ٿيا هئا ته هنن جي پيغام ۽ ڪردار کي ڪجهه به نه ڄاڻون ؟ پر جڏهن هو الله کي پيارا ٿي ويا ته پوءِ سندن درگاهن کي دعائن گهرڻ ۽ دانهن ڏيڻ جو گهوارو بڻايون؟ هي ڪٿان جو انصاف آهي جو اهي بزرگ جڏهن زندهه هئا ته به اسان جا بار انهن تي هئا ۽ هاڻي جڏهن اسان ۾ نه آهن ته به اسان جا بار مٿن آهن.

              هنن بزرگن جي درگاهن تي وڃڻ سان ته ڌڻي ياد اچي وڃي ٿو ۽ اسان کي پنهنجي عظمت ۽ حيثيت جي خبر پئي ٿي. اسان انهن ڳالهين ڏي توجهه ڇو نه ٿا ڏيون ؟ بي شڪ درگاهن تي دانهون ڏجن، پر پنهنجي منزل جون راهون به ته ذهن ۾ رکجن، اهي بزرگ به ته ڪا نه ڪا انسان کي راهه ڏسي ويا آهن.اسان سندن چيو ڇو نه ٿا مڃيون؟ اسان پنهنجي سوچن ۽ لوچن کي ڇو نه ٿا مٽايون؟

     

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 24.12.2000)

     

     

     

     

     

     

    35 .       وري ورئي ٿو واءُ، ڏکن سندو ڏيهه تي

             

    ڪڏهن ڪڏهن منجهي پئبو آهي ته پاڻ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي، نٺر؟ ضدي؟ يا خود سر؟ افعال ته اهڙا اٿئون. جيڪا ڳالهه اقتدار ڌڻين کي وڻي،اها اسان کي ڀيت ئي ڪانه پئي !وس وارن چيو ته اسان ون يونٽ ٿا ٺاهيون پر اڱڻ تي اوپرا اٺ ڏسي اسان وٺي دانهون ڪيون ،پر ماڻهو اسان سان ملهه ڪري ويا. اسان جي ماڻهن هٿان ، اسان جا ماڻهو ڪي قيد ته ڪي اٺن تي چاڙهي ٿر پهچايا ويا . ميدان جو خالي ٿي پيو ته ون يونٽ جو ڳٽ کڻي اسان پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي ڳچي ۾ وڌو. پوءِ به اسان جي اڪثريت هوڏ تان نه لٿي ۽ ضد ڪري بيٺي ته ون يونٽ نه گهرجي.

              اسان پنهنجي ٻولي بچائڻ لاءِ به اهڙو ضد ڪيو، بهارين اچڻ خلاف به اهڙي هوڏ ڪئي سين. ڪالا باغ ڊيم خلاف به اهڙا خود سر ٿي بيٺاسين. آمرن خلاف به جمهوريت دوستن کان اڳ ڪڍي وياسين. ايم آر ڊي ۾ ايترو حصو ورتوسين جو خود ايم آر ڊي ٺاهيندڙن به اهڙو حصو نه ورتو.پر اسان کي هر دفعي پنهنجي هوڏ، ضد ۽ خود سريءَ جي سزا به ملي آهي. هر دفعي اسان جو دشمن اسان جا ئي ماڻهو اسان خلاف ڪم آڻيندو رهيو . ايم آر ڊي کانپوءِ سنڌ کي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ شهري دهشتگردي جي اڏند کٽولي تي ويهاري اسان مٿان هڪ نسل پرست پارٽي مڙهي وئي. ٻهراڙين کي اڪيلو ڪري منظم نموني سان ڌاڙيلن جي تربيت ڪري کين اسلحو ڏئي سنڌ جي طول عرض ۾ ماڻهن جي حياتي مٺ ۾ ڪئي وئي. ڀريا ڏهه سال سموري سنڌ ۾ ڌاڙيلن ڏينهن رات ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو. ڪنهن جي به جان، عزت ۽ دولت محفوظ نه رهي. سنڌ واسين کي انهيءَ ۽ اهڙي سبق سيکارڻ ۾ پوليس کان وٺي ويندي اثر رسوخ وارن  ۽ ڌارين  دل کولي ماڻهن جي مدد ڪئي. اهڙي قرب ۽ احسان اسان جي قدرن، نظرين ۽ اصولن کي ته ڇا پر لغت ۽ لفظن کي ئي بدلائي ڇڏيو. ”سنڌو“ جي معنيٰ آهي وحشين ۽ درندن کان پناهه ڏيندڙ، خوشحال ۽ آباد ڪندڙ پر پوءِ ”سنڌو“ جي معنيٰ ٿي پئي وحشين کي پناهه ڏيندڙ.

              هاڻي به اسان جا افعال ساڳيا آهن. ضد ۽ هوڏ کان مڙئون نه ٿا. مالياتي ايوارڊ جو مسئلو هجي يا پاڻيءَ جي ورڇ واري ڳالهه ، عام ماڻهو ته ڇا پر حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو به هوڏ ڪري بيهن ٿا. تان جو وزارتن ۽ گورنرين جي به پرواهه نه ٿا ڪن. ڪرسين تي ويٺا آهن ته به ڪڙڪي سان ڳالهائين ٿا . وري جڏهن ڪرسيون ڇڏين ٿا ته هنن جا منهن کلي ٿا پون. هوڏي طبيعت واري قوم جي سوچ جي اها وڏي تبديلي آهي ۽ اها تبديلي حالتن جي ڌرتيءَ ڌٻڻ جو اهڃاڻ آهي.هاڻي حالتن جو اٺ ڪهڙي پاسي پيو ليٽي؟ اها ڳالهه ته هن وقت هر ڪو ڏاهو سمجهي چڪو آهي.

              جن کي نالي ماتر اختيار ملي ٿو سي اهڙيون ڳالهيون ڪن ئي ڪن ٿا، پر بي اختيار ماڻهو به الائي ڇا مان ڇا چئي وڃن ٿا. ميان نواز شريف جي جلاوطني تي هر ڪنهن وڏي واڪ ڳالهايو آهي. سنڌيءَ ۽ پنجابيءَ جي فرق کي شدت سان محسوس ڪيو ۽ انهيءَ تضاد کي اڀاريو آهي. سنڌي ماڻهو هاڻي ڏاڍو چيڙاڪ ۽ لاپرواهه ٿي پيو آهي. پنهنجي جان جي پرواهه به نٿو ڪري. اهو ئي سبب آهي جو آپگهات جا گهڻي کان گهڻا واقعا سنڌ ۾ ئي ٿين ٿا. سنڌي هاڻي هوڏي ۽ ضدي کان سواءِ اذيت پسند به ٿي پيو آهي. هن هر ڪنهن کي ناراض ڪري وڌو آهي.پاڻ کان به ناراض ٿي پيو آهي.

              اهي آثار ٻڌائن ٿا ته وري ڪو ممڻ مچڻ وارو آهي. وري ڏيهه تي ڏکن جا ڏينهن اچڻ  وارا آهن. امن امان جون حالتون خراب ٿينديون . ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرا وڪوڙي ويندا . پر پوءِ  دنيا ڏسندي ته ان لاءِ ڪو اسرائيل يا هندوستان کان ڪونه ايندو. ڪو اتر يا اولهه کان پٽڪو ٻڌي ڪونه ايندو. دنيا ڏسندي ته اسان جهڙا هوندا، اسان مان ئي هوندا جيڪي اسان کي سبق سيکاريندا. عملدر رعيت آزار ٿي ويندا. ماڻهو پاڻ کي چڱو مڙس چئي چڱن جو پٽڪولاهڻ شروع ڪندا. هنڌين ماڳين هٿ کس شروع ٿي ويندي. چوري ۽ زوري عام ٿي ويندي. مورخ ۽ تاريخ دان قلم ۽ ڪاڳر کڻي ويهن ۽ ڏسن ته جن ضلعن ۾ چونڊون ٿيون آهن، اتي انتقامي ڪارواين، چورين ۽ جهيڙن جو گراف ڪيئن نه تيزيءَ سان وڌڻ ٿولڳي. جتي به ٻه ماڻهو چونڊن ڪارڻ هڪٻئي سان ناراض ٿي پيا هوندا، اتي لچ ۽ لوفر جو به مڪو مچي ويندو .اختلافن جي آڙ ۾ اهو به ڏوهن ڪرڻ کان ڪين گهٽائيندو. ايئن اهي چونڊون اسان جي تقسيم جو ڪارڻ بڻجي پونديون.

              اسان تي فقط اهي احسان ڪونه ٿيندا پر ڏوهن جي دنيا ۾ ٽين ڪلچر جو اضافو ٿيندو. ڌاڙن ۽ اغوائن جو دور ته اچڻو ئي اچڻو آهي، پر ڌڻي ڄاڻي اڃا الائي ڇا ٿيندو؟ انهن ڳالهين تي سوچڻ گهرجي. حالتن جي سيڙهه اڃا پنهنجا ڪنڊا اڀا ڪونه ڪيا آهن، ڏوهن جو اڃا مينهن اٺو ڪونهي . جيڪڏهن اسان چاهيون ته حالتن جو رخ مٽائي سگهون ٿا.  

              اسان فقط هوڏي ۽ ضدي ئي نه آهيون، پر گهمنڊي به آهيون. اسان کي گهمنڊ آهي ته اسان جيڪا به تحريڪ هلائي آهي اها ڪامياب  ويندي ، پر ائين ڪو نه ٿيو آهي

    اسان چيو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٿئي پر ايوب شاهيءَ جي دور ۾ ته ان کان ذريعه تعليم  هئڻ جو به حق کسيو ويو. اسان چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي صوبائي ٻولي بڻايو وڃي ته اسيمبلين ۾ بل پاس ڪري اسان کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ٻن ٻولين جو صوبو آهي. انهن مان هڪڙي قومي ٻولي آهي ۽ ٻي يعنيٰ سنڌي علاقائي زبان آهي. اهڙي ريت ون يونٽ اسان جي.

    تحريڪ جي روشنيءَ ۾ ڪونه ٽوڙيو ويو. اها اقتدار ڌڻين جي تنهن دور جي سياسي مجبوري ۽ ضرورت هئي. بيشڪ اسان تحريڪون هلائي ڪونه ڪو در بند ڪيو پر اقتدار ڌڻين ٻيو در کولي ڇڏيو. اسان چيو سين ته سٺ نه چئو ٻين ٽي ويهان چئي حساب ڪتاب برابر ڪري ڏيکاريو.ان ڪري اسان گهمنڊي ضرور ٿيون پر اوترا جيترو گهمنڊ ڪرڻ جو حق آهي. ايندڙ دور جون حالتون اسان جي انهيءَ ۽ اهڙي گهمنڊ جي سار سنڀال لهڻ لاءِ اسان جي در تي بيٺيون آهن. هي اسان جي هوڏي طبيعت سان به ضرور ڪا نه ڪا هيڪاندي ڪنديون.اسان جي گهمنڊ ،ڏاهپ ۽ ادرڪ جو امتحان ٿيڻ وارو آهي.اها وقت جي تقاضا آهي ته سنڌ جا سياسي ڪارڪن ، سماج سڌارڪ ۽ دانشور مونن ۾ منهن وجهي ايندڙ  ڏکين حالتن جو ٽوڙ ڪڍن.هي اهو وقت آهي جنهن ۾ اسان کي باهمي برداشت ۽ صبر کي عام ڪرڻو آهي. سهپ ۽ سهڪار کي دلين ۽ دماغن ۾ ويهارڻو آهي. اسان کي ڏسڻو آهي ته جيئن احساس محرومي اسان کي هڪ ٻئي جو ويري نه بڻائي ڇڏي. اسان اڳ ئي لالچ ۽ لوڀ جو شڪار ٿي پاڻ ون يونٽ ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪالا باغ ڊيم  رٿا جي سوچ ڏني آهي.ايئن نه ٿئي جو هاڻي ڪا لالچ ۽ڪو لوڀ ابتر ٿيندڙ حالتن کي هٿي ڏيڻ جي ڪارڻ بڻائي ڇڏي.

              آئون آخر ۾ وري پنهنجو انومان ۽ انديشي تي موٽي اچان ٿو.ڌڻي ڪري ته ايئن نه ٿئي ۽ شال منهنجي سوچ غلط نڪري. پر  حالتون اهو ٿيون ٻڌائن ته وري ورئي ٿو واءُ، ڏکن سندو ڏيهه تي، اغوائون عام ٿينديون.امن امان جون حالتون خراب ٿينديون. چوريون ۽ زوريون وڌي وينديون. ڇو ته اسان سوچڻ ۽ لوچڻ شروع ڪيو آهي. دنيا اسان جي سوچن جو رخ بدلائڻ لاءِ مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ڪندي. اسان کان سوچڻ وسري ويندو ۽ اسان جان بچائڻ لاءِ آتا ٿي پونداسين. اسان جيڪڏهن ڪي به ڏوڪڙ ميڙيا آهن ته اهي واري مٺ بڻجي ويندا. دنيا چاهيندي ته اسان جو کيسو به خالي هجي ته هٿ به خالي هجن. دماغ به سوچڻ ڇڏي ڏئي ۽ دل به محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏئي.

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،    تاريخ : 07.01.2001)

    36 .       حڪومتون ملازمن لاءِ ويري يا واهرو؟

     

    صديون اڳ تنهن دور جي حڪمران سنڌ جي هڪ بزرگ کان پڇيو هو ته حڪومت کي ڪيئن مضبوط ۽ قائم رکجي؟ موٽ ۾ بزرگ صلاح ڏني هيس ته چار  قلعا يا ڪوٽ ٺهراءِ يعنيٰ چئن شعبن ڏانهن ڌيان ڏئي. فوج کي انعام اڪرام ڏئي پنهنجو بڻاءِ، عوام کي عدل ۽ انصاف آسان ڪري ڏي.دشمنن تي ڪڙي نظر رک ۽ دليون خواهه ذهن بدلائيندڙن کان صلاح ۽ دعائون وٺ.

    هي صلاح انهيءَ وقت ڏني وئي هئي جڏهن ڌاريا ڌاڙا هڻي ملڪن تي قبضو ڪندا هئا ۽ ڏيهي حڪمران عوام جي امنگن، احساسن ۽ حقن جو خيال رکڻ ضروري نه ڄاڻندا هئا. هاڻي حالتون ٻيون آهن، خاص طورتي پاڪستان ۾ حڪمرانيءَ جا انداز ئي نرالا آهن. حڪمراني يا حڪومت ڪرڻ جا ڏانءَ هتي ايترا ته بدلبا رهيا آهن، جو هن ملڪ کي جيڪڏهن سياست ۽ حڪمرانيءَ جو تجربيگاهه چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هتان جي عوام مارشل لائن جون مهربانيون به ڏٺيون ته بنا آئين جي حڪمرانيون به ڏٺيون، هتي جيڪو به حڪمران آيو، پنهنجي بغل ۾ نئون ڪتاب ۽ هٿ ۾ نئين بندوق کڻي آيو . هتي حڪومتون ڪڏهن پٽي تي ڏنيون ويون ته ڪڏهن انهن کي مسخري جي ٽوپي بڻائي هڪڙي جي مٿي تان لاهي ٻئي جي مٿي تي رکي وئي . اهڙي صورتحال ۾ صديون اڳ وارو بزرگ زندهه هجي ته شايد هو ڪي ٻيون صلاحون ڏئي ها.

    حڪومت ڪهڙي به هجي پوءِ اها ٿاڦيل هجي يا باسيل، چونڊيل هجي يا چور دروازي کان آيل ، هر ڪنهن حڪومت کي پنهنجي پاليسين لاڳو ڪرڻ، امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام کي راضي رکڻ لاءِ پنهنجي عملدارن يعنيٰ ملڪ جي ڪامورا شاهي يا سرڪاري ملازمن تي ڀاڙڻو پئي ٿو. حڪومتن جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪامي جو گهڻو دارومدار انهيءَ طبقي تي ٿئي ٿو. اهي عملدار ئي آهن جيڪي جيڪڏهن پنهنجيءَ تي پون ته حڪمرانن جي غداريءَ جهڙن عملن کي به عوام دوستيءَ جو عمل ڪري پيش ڪن ۽ ناراض ٿين ته ڳجهي طرح کنيل قرض به پڌرا ڪري ڏيکارن.

    انهن عملدارن جا به ٽي قسم آهن، هڪڙا با اختيار ۽ اقتدار جا حصيدار ٻيا ”انڌي بجي ۾ خوش“ جهڙا يعنيٰ ڪجهه اختيار ۽ ڪجهه بي اختيار طبقو ۽ ٽيون هيٺيان ملازم يعني سرڪاري مرشدن جا سرڪاري طور تسليم ڪيل ڏن ڏيندڙ مريد ، اهي فقط حڪمن مڃڻ لاءِ هوندا آهن.

    عملدارن جو مٿئيون طبقو بادشاهن برابر آهي. هو ڪٿي به هوندا يا ڪٿي به بدلي ٿيندا، سندن حيثيت ۽ هشمت گهٽڻي ڪانهي . وچئون طبقو نقلي رعب تاب جو ڌڻي ٿئي ٿو ۽ هنن جي ڪرسي طلسم جهڙي ڪشش رکندي آهي ۽ اهڙن ئي عهدن تي مارا ماري لڳندي آهي. هن عهدي ۾ اهڙو ته انوکو اثر آهي جو مٿين آفيسرن ۽ هيٺين ملازمن جي گارين ٻڌڻ باوجود عهديدار پنهنجن ڪرسين کي چمبڙي پيا هوندا آهن. انهيءَ ئي طبقي ۾ ڪي اهڙا به عهدا هوندا آهن، جيڪي عهدا نه پر عذاب برابر هوندا آهن. اهڙن عهديدارن کي هر ڪو ، بليڪ ميل ڪري سگهندو آهي. اهي عملدار انڌي جي جوءِ برابر ٿيندا آهن. عوام به انهن تي ناراض ته تنظيمون به انهن تي ڏمريل .تر جو وڏيرو ڪاوڙجي ته به اهڙي عملدار جي چيلهه ڀڃي ڇڏي . جيڪڏهن انهيءَ عملدار جا زير دست به ناراض ٿين ته به هن جا لاهه ڪڍي ڇڏن . بالا عملدارن لاءِ هي زرخريد ساٿي ۽ حڪمرانن لاءِ منشي!.

    اهي ئي عملدار آهن، جيڪي پنهنجي عزتن ۽ حيثيتن ۽ ذلتن جا بدلا وٺي ڄاڻن ۽ حڪومتن کي ڪامياب يا ناڪام بڻائي سگهن . حڪومت جڏهن به اهڙن عملدارن جي ويري ٿي ته پوءِ سندس ڪو واهرو ٿي نه سگهندو.پر جيڪڏهن حڪومت انهن عملدارن جي واهرو ٿئي ته سندس سڪرات سولي ٿي سگهندي. هنن عملدارن جوئي سڌو سنئون عوام سان واسطو ۽ واهپو ٿئي ٿو. حقيقت ۾ هي ئي اونڌي يا سنئين ڪري سگهن ٿا. منهنجي خيال ۾ صديون اڳ وارو بزرگ موجود هجي ها ۽ اڄ جي ڪا حڪومت کانئس صلاح وٺي ها ته بزرگ اوس اها ئي موٽ ڏئي ها ته هر ڪا حڪومت هنن يا ههڙن عملدارن جي واهرو ٿي نه ٿي سگهي ته ويري به نه ٿئي ، ڇو ته ان مان نقصان وري به حڪومت کي ئي پوندو.

    حقيقت ۾ عوام کي جيڪي به سک ۽ ڏک ملن ٿا، عوام تي جيڪي به عنايتون ۽ نوازشون ٿين ٿيون ، اُهي عملدارن جي هن طبقي جي طريقه ڪار جي جادو جو اثر هوندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن عملدارن جي هن طبقي جا ملازمتي حق محفوظ آهن ته اهو عوام جي حقن تي تڪڙو ۽ دليريءَ سان ڌاڙو نه هڻندو . جيڪڏهن ايندڙ ويندڙ هنن تي عتاب نه ڪندو ته هي ڏسي وائسي عوام لاءِ عذاب نه ٿيندا.

    بدقسمتيءَ سان جيڪا حڪومت آئي آهي، اهاهنن لاءِ سوٽو کنيون آئي آهي ۽ هنن کي پاڻ سڌارڻ جون تلقينون ڪندي وڃي پنهنجي گهر پهتي آهي. هي طبقو هر ڪنهن کان بليڪ ميل ٿي پوءِ پاڻ باباءِ بليڪ ميل ٿي وڃي ٿو. ٻين جا دڙڪا ۽ دهمان ٻڌي، ڏسي پاڻ بيرحم ٿي پئي ٿو. کيس اهو يقين نه هوندو آهي ته ڪڏهن ٿو گهر ويهي يا ڪڏهن ٿو بدلي ٿئي، انڪري وقت کان اڳ پنهنجي گهر ڀرڻ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪندو آهي. عملدارن جي انهيءَ ”مڊل ڪلاس“ کي اسان پاڻ ڪرپٽ ڪيو آهي ۽ انهن کي اهڙي ريت ڪٺور به پاڻ بڻايو آهي. ”مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ مصداق انهن کي حڪومت، حزب اختلاف، اعليٰ عملدار، زيردست، صحافي، وڏيرو، تنظيمون ۽ مفاد پرست پنهنجي پنهنجي نهن تي نچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙين حالتن ۾ هو ٽلي ٽلي انهيءَ جي ناچ تي نچندا آهن. جيڪي سندن واهرو ٿي سگهندا آهن ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪري سگهندا آهن.

    هنن کي سڀ جي غلام بنائڻ بدران جيڪڏهن عوام جو خادم بنائڻو آهي ته پوءِ کين انهن قيدن مان آزاد ڪرائڻو پوندو. سندن ترقيءَ ۽ تبادلي کي ڪنهن نه ڪنهن طريقه ڪار مطابق بنائڻو پوندو. ۽ کين انهيءَ ڪرڻ جي آزادي ڏيارڻي پوندي، جنهن لاءِ کين مقرر ڪيو ويو آهي. يا جنهن ڪرڻ جي قاعدي، قانون ۽ آئين اجازت ڏني آهي. ٻئي صورت ۾ عملدارن جو هي مڊل ڪلاس ڪرپشن ۽ ڪڌن ڪمن جو بي تاج بادشاهه ٿي پوندو ۽ هو ڪنهن جو به نه هوندو، فقط ۽ فقط پنهنجي لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو.

     ملازمت  ڍانچو انهيءَ وقت تباهه ۽ برباد ٿي ويو، جڏهن سينارٽيءَ جي ٻيڙي ٻوڙي، پنهنجي من پسند ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻين مٿان ٿاڦيو ويو. جونيئر ماڻهو جڏهن با اختيار پوزيشن ۾ آيا ته تجربي نه هئڻ ڪري ڪيترن ماڻهن جا ڳيجهو بڻجي پيا. ان ڪري ادارن جي ڪم جي رفتار متاثر ٿي. نه فقط ايترو پر حق کان محروم ملازمن وس پڳي ٿاڦيل جونيئر آفيسر لاءِ انتظامي مسئلا به پيدا ڪيا.

    ملازمتي ڍانچي کي بچائڻ ۽ وري برقرار رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ”ڊائريڪٽ اپائنٽمينٽ“ واري حڪمت عملي رد ڪئي وڃي ۽ سينارٽيءَ کي اوليت ڏني وڃي. ڪو سينيئر آفيسر جيڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان نا اهلي ثابت ڪري چڪو آهي ته هن کي اها اڳواٽ خبر هئڻ گهرجي ته هو پنهنجي نا اهليءَ ڪري پروموشن يا پوسٽ ماڻي نه سگهندو.

    عملدارن جي اهڙيءَ ريت مقرريءَ سان گڏو گڏ هي پڻ ضروري آهي ته ادارن ۾ ٿيندڙ  انتظامي مداخلت کي ٻنجو ڏياريو وڃي ۽ اداري اندر زير دستن کي بليڪ ميل ٿيڻ يا حزب اختلاف بڻجڻ کان بچايو ويو. اهو فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن بالا آفيسر ۽ زيردستن کان ملازمتي قاعدن قانونن جي پابندي ڪرائي وڃي. اجائي هنبوڇي هڻندڙن جي دل شڪني ڪئي وڃي ۽ عهدي جو غلط استعمال ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

     

     

     

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 12.01.1995)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

    37 .         سياسي تنظيمون ۽ ڪارڪن

             

    سياسي تنظيمون ۽ پارٽيون ئي عوام جو اوکي وقت ۾ ڏڍ، ڇپر ۽ ڇانو ٿين ٿيون . انهن جي ئي پليٽ فارم تان عوام جي حقن جو آواز بلند ڪيو ويندو آهي. اهي پارٽيون ئي اسان جي روشن مستقبل ۽ اجتماعي ڀلائي جي ضمانت ٿينديون آهن . پر سنڌ ۾ انهن پارٽين جي ڪهڙي صورتحال آهي ۽ اهي پنهنجي مقصدن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويون آهن؟ ان لاءِ وقت اچي ويو آهي ته ڪجهه سوچجي.

              سنڌ ٻن قسمن جي سياسي پارٽين کي جنم ڏنو آهي: انهن مان هڪڙيون پارٽيون اهي آهن، جيڪي پاڪستان سطح تي ۽ پاڪستان جي حوالي سان سياست ڪن ٿيون. ٻيون اهي پارٽيون آهن، جيڪي سنڌ سطح تي سنڌ جي حوالي سان سياست ڪن ٿيون .انهيءَ کان اڳ جو انهن ٻنهي قسمن جي پارٽين جي حوالي سان ڳالهه ڪجي، مناسب ٿيندو ته پهريائين سنڌ جي سياسي وايو منڊل جي مجموعي صورتحال کي به ڌيان ۾ رکجي.

              سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٽن قسمن جي سياسي سوچ موجود آهي: هڪڙيون پارٽيون بنهه سنڌ دشمني جي بنياد تي سياست ڪن ٿيون، جن ۾ هڪ به سنڌي موجود ڪونهي.ڪي  پارٽيون سنڌ دوستيءَ جي بنياد تي سياست ڪن ٿيون ۽ سنڌ جي منفرد تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي تشخص لاءِ جاکوڙ ڪن ٿيون جن ۾ وري پاڪسان دوست شامل ڪونه آهن. هڪڙيون پارٽيون وري پاڪستان دوستي جي بنياد تي سياست ڪن ٿيون، جن ۾ سنڌي خواهه غير سنڌي موجود آهن.

              انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي وڏن خاندانن پنهنجي خانداني مفادن کي ڌيان ۾ رکي انوکي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. سنڌ جو ڪو به وڏو خاندان نج سنڌ دشمن سياست ۾ ملوث ڪونه آهي، البته سنڌ دوستي ۽ پاڪستان دوستي جي حوالي سان خاندانن انتهائي منافقانه انداز سان سياسي ميدان ۾ قدم رکيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هڪ ئي خاندان جو هڪ فرد جيڪڏهن پاڪستان دوستيءَ واري سياست ڪري ٿو ته ٻيو فرد وري ان جي برعڪس سنڌ دوستيءَ واري چال هلي ٿو. اهڙي ريت جيڪڏهن هڪ خاندان جو هڪ فرد ساڳئي پارٽيءَ جي نرم ڌر سان واسطو رکي ٿو ته ٻيو وري ان پارٽيءَ جي گرم ڌر سان تعلق رکي ٿو. اها صورتحال ۽ سياسي حڪمت عملي ڪنهن به صورت ۾ سياسي تدبر ۽ ڏاهپ جو پڙاڏو ڪونهي. پر ان جي برعڪس غريب، مظلوم ۽ ڏتڙيل عوام جي قيادت تي ڌاڙي هڻڻ برابر آهي. انهيءَ سياسي حڪمت عملي ذريعي عوام جو هر دڳ ۽ رستي کي روڪيو ويو آهي. عوام جنهن به محاذ تي پنهنجن حقن ۽ روشن مستقبل لاءِ لڙڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي اتي ساڳيائي چهرا رهبرن جي صورت ۾ ملندا. جيڪي حقيقت ۾ رهبر گهٽ رهزن وڌيڪ هوندا. عوام جي هر تحريڪ اتان ئي موڙ کائي ٿي ۽ عوام خلاف انهيءَ ئي موڙ تي ڪانه ڪا ويساهه گهاتي ٿئي ٿي. عوام اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به حضرت ايوب وانگر صبر ڪري ٿو. ڇو ته هن کي فقط اهو ٻڌايو ويو آهي ته سياست دولت سان ئي ڪري سگهبي آهي، ۽ سنڌ ۾ سياست، مذهب ۽ روحانيت جون گاديون ڄڻ مخصوص گهراڻن کي تحفي ۾ ڏنيون ويون آهن ۽ سنڌ جو اهو نصيب آهي ته پيري، فقيري ۽ وڏيرائپ گڏجي آدرشي خاندانن کي قائم رکنديون آيون آهن. عوام کان اها ڳالهه وسري وئي آهي يا کين اهو ياد ڏيارڻ وارو ڄائو ئي ڪونهي ته ڪوئي جڏهن بئلٽ باڪس ۾ پنهنجو ووٽ وجهندو آهي ته ان وقت بنهه آزاد هوندو آهي. اهو ان وقت ڪنهن جو به غلام ڪونه آهي. پر ان وقت کيس بيدار ڪرڻ وارن جي ڀيٽ ۾ ٺڳن ۽ دوکي ڏيڻ وارن جو تعداد گهڻو هوندو آهي. ان وقت سرڪاري ذرائع ابلاغ، ثقافتي قدرن ۽ مذهبي عقيدت جو ڏڍ تي هن جو استحصال ڪيو ويندو آهي ۽ اهو پنهنجي آزاديءَ سان پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري نه سگهندو آهي. نتيجي ۾ سماجي ۽ مذهبي حوالن سان اڳ ئي قيادت ڪندڙ فرد سندن سياسي ۽ حڪومتي اڳواڻ به بڻجي ويندا آهن.

              اهي اڳواڻ اقتدار ۾ اچڻ شرط پنهنجي ئي طبقي جي مفاد وٽان قاعدا ۽ قانون جوڙيندا ۽ پنهنجي طبقي کي مضبوط ڪرڻ جا سانباها ڪندا. پوءِ سندن حڪم کان سواءِ ڪک پن نه چرندو. نوڪريون هنن جي چوڻ تي ملنديون. بدليون هنن جي سفارشن تي ٿينديون، جيلن جا ڀڀ هنن جي چوڻ سان ڀربا ۽ خالي ٿيندا. کين اهڙو اختيار ملي ويندو، جنهن کي ڪٿي به ۽ ڪڏهن به چئلينج ڪري نه سگهبو.

              هن طبقي جو اقتدار دائمي ٿئي ٿو، اليڪشن کٽڻ يا هارائڻ هنن لاءِ بي معنيٰ آهي. ڇو ته جيڪڏهن پاڻ اقتدار ۾ نه هوندا ته سندن ڪو نه ڪو مٽ مائٽ ضرور اقتدار ۾ هوندو، جيڪو سندس هر خواهش جي تڪميل ڪرائيندو. جيڪڏهن سندن ڪو عزيز قريب اقتدار ۾ نه آيو ته پوءِ سندن طبقو ئي هنن جي گهر ويٺي مدد ڪندو.

              جڏهن سماج تي اهڙن ماڻهن جو قبضو هجي ۽ جڏهن سياست تي اهڙن ماڻهن جو ڪنٽرول هجي ۽ جڏهن سياسي پارٽيون اهڙن ماڻهن جي گهر نوڪرياڻين برابر هجن ته پوءِ عام سياسي ڪارڪن جي سياسي، ذهني ۽ فڪري تربيت ڇو ڪئي ويندي. استحصالي طبقا پنهنجي نظام کي قائم رکڻ لاءِ استحصالي سوچن وارا ماڻهو ئي پيدا ڪندا. اهوئي سبب آهي جو اڪثر پارٽين جو ڪارڪن عوام مان هوندي به عوام دشمن ٿي پوندو آهي. مظلوم هوندي به ظالم ٿي پوندو آهي ۽ عوام جي خيرخواهيءَ جا خواب ڏسندي به عوام خلاف ڪم ڪري سگهي ٿو. هو عوام، عوامي مستقبل ۽ پارٽي جو نه پر اڳواڻن جو نمائندو ٿيندو آهي. هو پنهنجي اڳواڻ کي ”الله جو پاڇو“ ڄاڻي ٿو ۽ سندس خيال مطابق سندس رهبر کي ستن ولين جيتري طاقت ۽ ڪرامت ٿئي ٿي. ان ڪري هو خدا ۽ خدا جي رسول خلاف ته سڀ ڪجهه ٻڌي سگهندو پر پنهنجي رهبر ۽ اڳواڻ خلاف ڪجهه به نه ٻڌندو. هو ڪنهن شريف جي ڏاڙهي ته پٽي سگهندو پر پنهنجي اڳواڻ خلاف اکر به ڪو نه ٻڌندو.

              سنڌ ۾ اڪثر پارٽين جي ڪارڪنن جي اها ئي صورتحال آهي .۽ انهي صورتحال صدين جي جاگيردارانه، پيري مريديءَ واري ۽ استحصالي نظام کي قائم ڪرڻ ۽ رکڻ ۾ ته ڪردار ادا ڪيو آهي ، ليڪن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روشن مستقبل لاءِ رتي ڀر به ڪم نه ڪيو آهي. ڪن حالتن ۾ ڪارڪن ڪنهن پير جي خليفي ۽ وڏيري جي ڪمدار برابر بنجي چڪو آهي، بلڪ ڪيترين ڳالهين ۾ انهن کان به گوءِ کڻي ويو آهي، خليفو، ڪمدار ۽ ڪارڪن جو واسطو غريب عوام سان ٿئي ٿو ۽ ٽئي پنهنجي ئي مظلوم، غريب ۽ ڏتڙيل عوام خلاف ڪم ڪن ٿا.

              وقت جي تقاضا آهي ته اهي پارٽيون جيڪي فقط ۽ فقط عوام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرن ٿيون ۽ جن جي قيادت استحصالي طبقي جي فرد جي هٿ هيٺ ڪا نه آهي ، انهن کي پنهنجي پارٽي ڪارڪنن جي شخصيت ۽ ڪردار تي توجهه ڏيڻ گهرجي. انهن طرفان اهڙا ورڪشاپ ڪرائڻ گهرجن، جيڪي ٻين لاءِ به مثالي ٿي سگهن، من نه من انهيءَ تبديليءَ جو اثر ٻين تي به پئي ۽ عام ماڻهو جي ڀلائي جو ڪو رستو نڪري پئي.

     

     

    (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 24.09.1994)

    38 .           تون دکي ٿيءُ نه دجال

             

    چون ٿا ته قيامت اچڻ کان اڳ دجال ايندو، جيڪو اک کان ڪاڻو هوندو ۽ ماڻهن کان ايمان ڦريندو. دنيا قحط جهڙين حالتن مان گذرندي هوندي ۽ هن کي مانيءَ ڀور ڏيڻ جو اختيار هوندو.هو هڪ هٿ سان ماني ڏيندو ته ٻئي هٿ سان ان جي موٽ ۾ ايمان وٺندو ويندو. انهيءَ دجال جي دور ۾ اسان هجون يا نه هجون، پر جيڪا ڳالهه پڪ سان چئي سگهون ٿا، اها هيءَ آهي ته دجال جي آمد جي اسان مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي. هو جيڪڏهن اڄ به کڻي اچي ته کيس ڪا به تڪليف ڏسڻي ڪانه پوندي، ڇو ته اسان ماني ڀور لاءِ ، رزق يا ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ ايمان جهڙي معمولي الائي غير معمولي شئي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ! بلڪ دجال کي ڪنهن به دک نه ڏيڻ لاءِ اسان ماڻهن کي اهڙي ريت ذهني طور تي تيار ڪرڻ به شروع ڪيو آهي ۽ پاڻ دجال جي خليفن طور ڪم ڪندا رهون ٿا !!

              آدم روز به روز وڌندو پيو وڃي ۽ انهيءَ جي ڀيٽ ۾ آمدني ۽ ڪمائيءَ جا ذريعا وڃن پيا گهٽبا. هڪ ڪمائڻ وارو آهي ته ڏهه کائڻ وارا آهن، ڳالهه رڳي خالي پيٽ ڀرڻ جي هجي ته ڪيترا اها پلصراط به ٽپي وڃن، پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ اڳ واريون ”عياشيون“ هاڻي ”ضرورتون“ بڻبيون پيون وڃن. ريڊيو، ٽيليويزن، بجلي، فون ۽ اڪثر حالتن ۾  پنهنجي سواريءَ جو بندوبست هاڻي آرام يا آسائش ڏيندڙ شيون نه ، پر ضرورتون بڻجي چڪيون آهن. رکي ۽ رڳي پيٽ ڀرڻ جي ڀيٽ ۾ انهن تي وڏو خرچ ٿئي ٿو ۽ ماڻهو اهڙي خرچ ڪرڻ تي مجبور آهي. انهيءَ حساب سان ۽ اٽي لٽي خواهه اجهي، جي خرچ پکي جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهو ۽ وچولي طبقي جي ملازمن جي آمدني کي ڏسبو ته يقين نه ٿو اچي ته پوءِ به ماڻهو زندهه ڪيئن آهي؟ ٻه اڍائي هزار روپين جي آمدني وارو ماڻهو بيماري، شادي غمي ۽ ٻين حادثاتي خرچن کان پوءِ ڇا بچائيندو هوندو ۽ ڪيئن پورائو ڪندو هوندو؟ هو جيڪڏهن پگهار کڻي بازار ۾ ويندو ته انهيءَ مان مهيني لاءِ بصر وٺي سگهندو يا ٻه بوٽ، جيڪڏهن اٽو وٺندو ته لوڻ مرچ لاءِ ٽڪو به ڪو نه بچندس، گيهه وٺندو ته ڀاڄيءَ لاءِ ٻئي هٿ آسمان ڏي کڻي. اهو آهي اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ مهانگائيءَ جو عالم .

              انهيءَ مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ شايد ڪنهن حد تائين اسان لاءِ ممڪن ٿي سگهي ها، جيڪڏهن انگريزن اسان جي تعليم کي تباهه نه ڪيو هجي ها ۽ اسان مان پورهئي جي عظمت جو احساس موڪلائي نه وڃي ها. انگريزن کان اڳ سنڌ ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏو گڏ حڪمت يا طب لازمي پاڙهي ويندي هئي. ان کان علاوه هٿ جي پورهئي کي عيب نه ڄاتو ويندو هو، پر آهستي آهستي اسان جي ۽ اسان جي نظرين خواهه قدرن جي ٻيڙي ٻوڙي وئي تان جو تعليم يافته طبقو ڪک ڀڃي ٻيڻي ڪرڻ کان به رهجي ويو. ڪيترين حالتن ۾ ته تعليم يافته ماڻهن کي جڏهن معمولي ملازمتون ملي ويون ته انهن رت جي رشتن کي به سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. معمولي تعليم ۽  معمولي ملازمت جو اهڙو جادو اڄ به محسوس ڪري سگهجي ٿو، اهوئي سبب آهي جو ماڻهن جون ذاتيون بدلجي ويون ۽ سندن پيءَ ماءُ هنن جي حاضري ڀرڻ کان به محروم ٿي ويا.

              پر اهڙين حالتن کي بدلائڻ ۾ حڪومتون ئي اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪڏهن حڪومتون تعليمي نظام ۾ منصوبه بندي ڪن ها ۽ معاشري جي گهرجن خواهه آدمشماري کي ڌيان ۾ رکي اڳواٽ فيصلو ڪن ها ته کين ڪهڙي شعبي ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا ماڻهو گهرجن ، ته پوءِ اسان جا ادارا بيروزگارن جي کيپن ڪڍڻ جو ذريعو نه بڻجن ها. اسان جا اڻ ڳڻيا انجنيئر، ڊاڪٽر، ٽيڪنيشنس ۽ باقي تعليم يافته ماڻهو نوڪريءَ لاءِ در در جون ٺوڪرون نه کائيندا وتن ها. پر جيڪڏهن گهڻو وقت اڳ فني ۽ هنري تعليم کي عام ڪيو ويو هجي ها ۽ پورهئي جي عظمت جو تقدس رکيو ويو هجي ها ته به حالتون ههڙيون سنگين نه هجن ها.

              هر ڪنهن پارٽيءَ، ڌڙي يا حڪومت ۾ آيل ماڻهو اهو پئي جواز ڏنو آهي ته کين موقعو ئي ڪڏهن  ڏنو ويو آهي ته اهي سڪون سان ويهي حڪومت هلائن ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪا نه ڪا منصوبه بندي ڪري سگهن. سندن وات گلاب اها ڳالهه سورهن آنا سچ آهي. واقعي هن ملڪ ۾ جمهوريت جي ڀيٽ ۾ مارشل لا جي ڄمار وڏي رهي آهي، پر جيڪڏهن جمهوريت کي اک ڇنڀڻ ۽ گهڙي پلڪ جو موقعو مليو آهي ته مخالف ڌر ۽ اقتدار واري ڌر پاڻي پٽ واري لڙائي لڙي وقت گذاريو آهي.انهيءَ ڄنڊا پٽ ۾ مصروف رهڻ ڪري واقعي حڪومتن کي نه موقعو مليو ۽ نه وري مهلت ملي.

              پر هر ڪنهن حڪومت کي اڳ واري حڪومت طرفان ڀرتي ڪيل ملازمن کي ڪڍڻ جو موقعو ڪيئن ٿو ملي؟ اهو ظلم ۽ ڏاڍ فقط ان ڪري ڪيو ويندو آهي ته پنهنجن ماڻهن کي راضي رکي سگهجي! سياسي تضاد ۽ اختلاف ته سياستدانن ۾ ٿيندا آهن، عوام ۽ عوام جو ملازمتي طبقو ته عملي سياست کان پري هوندو آهي. بيروزگاريءَ جي سٽيل عوام لاءِ رشوت يا سفارش کان سواءِ اسان رستو ئي ڪو نه ڇڏيو آهي. تعليم يافته بيروزگار طبقو ته سياسي لاڳاپن جي لٺ کڻي نوڪريون ڪو نه وٺي سگهندو آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي رشوت، سفارش يا لياقت تي نوڪري ملي وئي ته هن ويچاري ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو سالن جا سال نوڪري ڪندي، ڪڏهن اوچتو هن کي آرڊر ملي ته وڃي گهر ويهه . هي فقط ظلم ناهي، پر دجال جي خلافت جو حق ادا ڪرڻو آهي. اهو ڪنهن به حڪومت جو شيوو نه هئڻ گهرجي ته جيڪو مٿس ايمان آڻي، نوڪري فقط ان کي ملي سگهي يا ان جي نوڪري بچي سگهي.

              راڄ ۽ ڀاڳ ورهائبا ڪو نه آهن، اهڙي ريت عوام جي به ايئن تقسيم ڪري نه ٿي سگهجي. ملازم طبقو ته عوام مان فرمانبردار ۽ ٻڌي ٻانهي جهڙو طبقو ٿئي ٿو. هن گونگي ۽ بيوس طبقي کي بيروزگاريءَ جي مڏي ڪاتيءَ سان ڪهڻ ڪنهن به حڪومت جو ڪارنامو نه سڏيو ويندو. ڪاش ڪرسيءَ تي ويٺل وقتي اقتدار ڌڻي اهو به سوچن ته اهي فقط ۽ فقط پنهنجي پارٽي جا يا پنهنجي ووٽ بينڪ جا خير خواهه نه ٿا ٿي سگهن، ڇو ته قسم کڻڻ کان پوءِ هو سڀ جا آهن ۽ سڀ لاءِ آهن. جيڪڏهن سڄي قوم جو قسم کڻي به فقط پنهنجن کي نوازيندا ته پوءِ وري هڪ ڏينهن ووٽ وٺڻ ۽ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ انهن کي عوام ڏانهن اچڻو پوندو. ڪاش قانون ۾ يا آئين ۾ اهڙي گنجائش رکي وڃي، يا رکيل گنجائش تي لازمي عمل ڪرايو وڃي ته ڪو به جڏهن ملازمت ۾ اچي ته ان کي مکڻ مان وار ڪڍڻ جيان نوڪريءَ مان نه ڪڍيو وڃي ۽ ايئن اڻ ڳڻين گهرن جي چلهه وسائي ماڻهن کي پيٽ سان پٿر ٻڌڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.

     

     

    (ڪالم ” وڏا وڻ وڻڪار جا “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 03.09.1994)

     

     

     

     

    39 .           هي هيڻا پوءِ به ٻيڻا؟

             

    شايد ڪو اهڙو چونڊيل نمائندو هجي، جنهن کي وزير ٿيڻ جو شوق نه هجي. هر ڪنهن جي حسرت ۽ خواهش اها هوندي آهي، پر پوءِ ڪي وڃي ڪرسي تي ويهن ۽ ڪي وري ڪرسي تي ويٺلن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪن.

              ماضي قريب جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته وزارتن ٺهڻ ۽ ڊهڻ کان وٺي ويچارن وزيرن جي عقل جي ڊوڙ بابت انيڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ملنديون . ساڻن منسوب ڪيل قصن، ڪهاڻين ۽ ٽوٽڪن جا ٻه سبب هئا. هڪ ته ڪي وزير واقعي دنيا جو اٺون عجوبو هئا، بس مقدر کي نڀاڳ کنيو هو جو اهي وزير ٿي پيا. ٻيو سبب هي هيو ته وزير جي مخالف لابي هن جي ڪردار ڪشي لاءِ ڪوڙا ٽوٽڪا، قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور ڪري ڇڏيندي هئي.

              جڏهن به جمهوري دور ايندو آهي ته ڪي نه ڪي عقل جا اڪابر وزير ، سندن عاقل بالغ دوست يا دشمن کل ڀوڳ جهڙا اڻ مٽ مثال ڇڏي ويندا آهن.

              سنڌ جو هڪ تمام وڏو چڱو مڙس آهي، هن کي سياست جو ايترو ته تجربو آهي جو هن بي ڊي ميمبر ٿيڻ کان وٺي، صلاحڪار، صوبائي ۽ مرڪزي وزير  ٿي ڏيکاريو . ڳالهه ٿا ڪن ته کائنس جڏهن موتمار بيماري ”ايڊز“ بابت سوال ڪيو ويو ته جواب ۾ هن چيو  اسان جي ملڪ کي هاڻي ايڊ وٺڻ ۾ ڪو به مونجهارو ڏسڻو نه پوندو ڇو ته حڪومت جون پاليسيون هنڌين ماڳين مقبول ٿي چڪيون آهن.

    مون پنهنجي پٽ سان گڏ ويٺي ٽي وي ڏٺي ۽ ”واءُ سواءُ“ جو پروگرام هلي رهيو هو.پروگرام ۾ غير ملڪي وفد جي هڪ وزير سان ملاقات ڏيکاري وئي. ان بعد وزير صاحب کان سنڌي ۾ سوال جواب ڪيا ويا. وزير موصوف فرمايو ته ”مان پنهنجي سيڪريٽري صاحب سان متفق آهيان، پوءِ هن پني تي لکيل جواب پڙهڻ شروع ڪيو. لکت ۽ اکر کيس ڪٿي ڪٿي سمجهه ۾ نه پئي آيا ۽ هو منجهي پئي پيو.“ اهو لقاءُ ڏسي مون واري ننڍي پٽ چيو ” بابا مون کي پڙهڻ نه ايندو آهي ته اوهان مار ڪڍندا آهيو، هو ڏسو وزير ڏسي به پڙهي نه ٿو سگهي .“ مون ڏانهس ڏٺو ۽ پٽ کي چيم ته تون به وزير ٿيڻ ٿو گهرين ڇا؟

    لاڙڪاڻي سان لاڳاپو رکندڙ هڪ آڳاٽي وزير جو قصو ته سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هن همراهه ڪڏهن ڪو مانڊول ڏٺو ٻڌو ڪو نه هو. وٽس وڏيرا ويا ۽ گذارش ڪيائون ته ” سائين اسان جا مانڊول سوڙها آهن، اوهان اهي ويڪرا ڪرائي ڏيو.“ ان تي وزير فرمايو ته ”ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي ، هيڏي کڻي اچو ته مان ٿو اوهان کي ويڪرا ڪري ڏيان.“

    وزير هيڻو پوءِ به ٻيڻو، ڀلي ته ميلن ملاکڙن، جلسن جلوسن ۾ ماڻهو ڪنهن وزير کي چيڙائي رکن، پر پوءِ به ”ان جو منهن جنڊ ڏي“ مصداق ماڻهن کي وري به سندن در کڙڪائڻا پون ٿا.ضياءِ شاهيءَ جي دور ۾ مرحوم مير علي احمد ٽالپر سان ملڻ ٿيو . پاڻ ڊ فينس جو وزير هو. ڳالهين دوران مون کيس چيڙائي وڌو، ڳالهه معمولي هئي. مون کيس ايترو چيو هو ته ” مان مير علي احمد ٽالپر جو قدر ڪيان ٿو، باقي ڊفينس منسٽر کي ڪو نه ٿو سڃاڻيان ۽ نه وري ڪو منهنجو هن سان واسطو آهي.“ مير مرحوم ڳاڙهو ٿي ويو. ان وقت اسان جو هڪ وڏو اديب هن وٽ ويٺو هو، مير مرحوم چيو ته ”تون نوجوان اديب آهين، ۽ مون کي تنهنجي خودداري پسند آئي، پر پنهنجن وڏن اديبن جا پرڪار ڏس.“ ڏانهس اشارو ڪندي چيائين. ”هن کي ڏس ٻاهر گاريون ڏيندا آهن، ۽ هتي پير ٿو ويٺو چٽي ته کيس پٽ ڇڏائي ڏيان.“ مير اڃا ٿڌو نه ٿيو، ڪرسيءَ تان اٿي هڪ ڪتاب جي ڊمي کڻي آيو ۽ ان جو پهريون ورق ورائي مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنائين، ان تي لکيل هو ” سرڪار ! پاڪستان ۽ اسلام جي دشمن جي ايم سيد جو هي ڪتاب هن صورت ۾ وڏي جاکوڙ کان پوءِ پريس تان هٿ ڪيو اٿئون. ۽ اوهان کي ان لاءِ اڳواٽ عرض رکون ٿا ته جيئن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ کان اڳ ان جو ڪو جوڳو تدارڪ ڪري سگهو ……………اوهان جا …………..

    يقين ڪيو ته اهي ٻه نالا ايڏن ۽ اهڙن وڏن اديبن جا آهن، جن جي نالي وٺڻ کان اڳ مون کي ادب ۽ احترام لاءِ ٻه ٽي گرڙيون ڪرڻيون پونديون.

              بهر حال شايد وزير هيڻا پوءِ به ٻيڻا آهن، ٻيڻا نه هجن پر پاڻ وهيڻا ضرور آهن . هر ڪنهن وزير باتدبير سان جيڪڏهن ڪو ناعاقبت انديش حلقو آهي ته ان صورت ۾ همراهه ڏاڍو ڏٺو ٿئي ٿو، اهڙن ئي خير خواهن وزيرن  ۽ وزارت جي اهم منصب جو مان گهٽايو آهي.پاڻ اهي ديوارون به پڙهي آيا آهيون جن تي مطالبا لکيل هوندا هئا ته فلاڻي خان يا فلاڻي معتبر کي وزير بڻايو وڃي. اهڙي ريت اخبارن ۾ بيان به پڙهيا سون، جن ۾ بيان ڏيندڙ پنهنجي حلقي جي وزير خلاف لڳايل الزامن جي پر زور لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته هي وزير نهايت ايماندار، شريف ۽ پارٽيءَ جو پر خلوص وفادار آهي ۽ هن خلاف پروپيگنڊا بند ڪئي وڃي. اهڙن بيانن مان ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته ويچارا ڪي وزير واقعي ويچارا آهن.

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 22.10.1994)

     

    40 .         نيويارڪ تائين پهچندڙ نظرون

             

    ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سنڌ واسين جيڪا تدبر ۽ سياسي شعور جي جهلڪ ڏيکاري،انهيءَ پنهنجن توڙي پراون کي پريشان ڪري وڌو.ٻي مخلوق مونن ۾ منهن پائي ويٺي، کانئن افغاني گوريلا وسري ويا ۽ سندس آڱريون ڏندين اچي ويون ته گنجي ۽ گوڏ پائيندڙ هٿين خالي انسان ڏاڍ ۽ ڏمر جو ڪيئن مقابلو ڪري رهيو آهي ؟

              اها سونهن سنڌ واسين جي ڳچيءَ ۾ پئي، کين ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي منظم ڪيو ويو. هيرون کي گهٽيءَ گهٽيءَ پهچايو ويو. ڪلاشنڪوف ڪلچر کي عام ڪيو ويو ۽ ڌاڙيل فيڪٽر کي هٿي ڏني ڏئي. اهو پئڪيج سنڌ دشمن قوتن جو سنڌ لاءِ هڪ تحفو هئو. جنهن مان اڃا تائين سنڌ واسين جان ڪانه ڇڏائي آهي. پر جيڪو مسئلو سڀني جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي. اهو آهي ايم ڪيو ايم جي جن جو مسئلو. اهو جن هاڻي پنهنجي خالقن ۽ مالڪن کي به اکيون ڏيکاري رهيو آهي.

              ماضي قريب جي سالن جا ڏينهن ۽ راتيون اهي شاهدي ڏين ٿا، ته پيپلز پارٽيءَ کي ايم ڪيو ايم برداشت نه ڪيو. بلڪ انهيءَ اختلاف ۽ تصادم آگسٽ 1990ع ۾ چونڊيل حڪومت جي پڄاڻي آڻيندي، ايم ڪيو ايم  ۽ نواز ليگ ۾ پهريون ڀيرو سياسي پريت جي انوکي ريت قائم ڪئي . ايم ڪيو ايم پاڻ هرتو پيپلز پارٽيءَ سان سياسي ناتو ٽوڙي وڃي، آءِ ، جي ، آءِ سان پڳ مٽي ياري رکي. اها ياري به گهڻو وقت هلي نه سگهي. تان جو انهيءَ حڪومت ”شهري دهشتگردن“ خلاف آپريشن شروع ڪيو. ”شهري دهشتگرد“ جي سياسي اصطلاح کي هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اهو ڪهڙيءَ پارٽيءَ لاءِ  ڪم آندو ويو ۽ هاڻي به ان مان ساڳئي مراد ورتي وڃي ٿي.

              عام طور تي سنڌ جو عوام ۽ خاص طور تي تاريخ تي نظر رکندڙ طبقو جڏهن پاڪستاني سياست جي حوالي سان ڏکن – ڏڌي سنڌ جي اڌ صديءَ جي صورتحال کي ڌيان ۾ رکي ٿو. ته ڪيترا ئي سوال هٿوڙا بڻجي هنن جي ذهن کي چٿيندا رهن ٿا. اها صورتحل ڪجهه هن ريت آهي :-

              پاڪستاني سياست جي حوالي سان سنڌ جي ٻن سياسي تنطيمن کي هڪجهڙو ۽ هڪ نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهي آهن، ”جيئي سنڌ“ ۽ ”ايم ڪيو ايم“ جيئن سمورا پناهگير ايم ڪيو ايم جا حامي نه آهن، تيئن سمورا سنڌي جيئي سنڌ جا حمايتي ڪونه آهن . ٻنهي تنظيمن ۾ انهيءَ حوالي سان هڪجهڙائي آهي ته اهي ٻئي تنظيمون پنهنجي ٻوليءَ وارن کي قوم ڄاڻن ٿيون ۽ پنهنجي پنهنجي قوم جي پاڻ هرتو نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪن ٿيون. ان کان علاوه ٻئي تنظيمون هڪ کان وڌيڪ ڌڙن ۾ تقسيم ٿي چڪيون آهن يا تقسيم ڪيون ويون آهن.

              ٻنهي تنظيمن ۾ فرق اهو آهي ته ”ايم ڪيو ايم “ وارا ڀير تي ڏونڪو هڻي چون ٿا ته هنن پاڪستان ٺاهيو آهي، جڏهن ته ”جيئي سنڌ“ اهڙي دعويٰ نه ٿي ڪري. حالانڪ ان جي برعڪس حقيقت اها آهي ته ” پاڪستان “ ٺاهڻ ۾ سنڌ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. مسلم ليگ کي پهريون ۽ آخري صدر سنڌ ڏنو. مسلم ليگ جو پهريون ۽ آخري ساليانو اجلاس سنڌ ۾ ٿيو. سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي، جنهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. نه صرف ايترو بلڪ ڏتڙيل، لاچار، مجبور، بي گهر ۽ غريب پناهگيرن کي اجهو، ڇپر ۽ ڇانو سنڌ مهيا ڪيو. سنڌ وقتي مفادن خاطر اهڙي دعويٰ نه ڪئي.

              وڏي تعجب جي ڳالهه اها آهي جو ٻنهي تنظيمن سان پاڪستاني سياست جي حوالي سان رويا ۽ رابطا الڳ الڳ رکيا ويا آهن. ٻنهي مان هڪڙي ڌر آهي جنهن وٽ ٽارچر سيل ڪلچر آهي. مگر ٻي ڌر فقط دهمانن تي گذارو ڪري ٿي. هڪڙي ڌر فوج خلاف منظم نموني سان نفرت هلائي آهي ۽ فوجي جوانن کي نشانو بڻايو آهي. ان جي برعڪس ٻي ڌر جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار جو کاتو انهيءَ حوالي سان پاڪ ۽ صاف آهي. هڪڙي ڌر ٻاهرين طاقت کي مداخلت ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندي رهي ٿي ته ٻي ڌر خلاف ڪير به اهڙو الزام هڻي نه ٿو سگهي. هڪڙي ڌر ڪراچيءَ جي صورتحال کي ڪشمير جي صورتحال سان ڀيٽي ٿي ۽ پاڪستان کي ٻاهرين ملڪن ۾ بدنام ڪري ٿي ۽ ٻي ڌرآهي جو جنهن ڪڏهن به پنهنجي ڳالهه سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر ڪانه ڪڍي آهي. هڪڙي ڌر جو اڳواڻ ڪورٽ سڳوريءَ طرفان اشتهاري ملزم قرار ڏنو ويو ۽ هو ڏوهن ۾ ملوث هئڻ باوجود ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو ، اتي ملڪ خلاف ڪم ڪري سگهي ٿو ته ٻي ڌر جو اڳواڻ ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي اهڙي ڪنهن به گناهه ۾ ملوث ثابت نه ڪيو ويو آهي.

              اهو ڇو ٿو ٿئي ۽ ڪيئن ٿو ٿئي ؟ انهن سوالن جا جواب سياستدان ئي ڏئي سگهن ٿا . پر جيڪا ڳالهه سنڌي عوام سوچي ٿو اها هي آهي ته ڪو ئي مٿن اعتبار ڪري. سنڌ واسي امن دوست، انسان دوست آهن. تاريخ جي ڪنهن به موڙ تي سندن نالو انساني رت جي رنگ سان نه لکيو ويو آهي. پاڪستاني سياست جي حوالي سان هو فقط ڪنهن هڪ پارٽيءَ جا عقيدت مند ڪونه آهن. جتي انهن مان ڪي رٺل راڻا آهن ته ڪن وري حالتن کي اکين تي رکي صبر سان وقت گذاريو آهي. هو سنڌ جي حوالي سان به سياست ڪن ٿا ته پاڪستان جي حوالي سان به سياست ڪن ٿا. بلڪ حڪمران ڌر جي سنڌ ۾ ”ووٽ بئنڪ“ طور پنهنجو ڪردار به ادا ڪن ٿا. ان ڪري حڪمران ڌر جڏهن ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪندي ته ان وقت ان ووٽ بئنڪ جو ان کي اعتماد حاصل هوندو . انهيءَ اعتماد جي تقاضا هيءَ آهي ته سنڌ جي عوام جي حقن جو حق ادا ڪيو وڃي . جڏهن سنڌ جي تقسيم جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ جڏهن ڪراچيءَ ۾ اقوامِ متحده جي امن فوج کي سڏيو پيو وڃي، تڏهن سٻاجهڙن ۽ معصوم سنڌين جي خاموشين جي آواز کي به سڃاتو ۽ محسوس ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ نيويارڪ تئين پهچندڙ نظرون هنن معصومن، مظلومن لاءِ اڃا وڌيڪ هاڃا ۽ حادثا پيدا ڪنديون.

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 13.11.1994)

     

     

     

     

     

     

     

     

    41 .       سنڌ ۾ سماجي ڪمن جي صورتحال

             

    قديم سنڌ ۽ هند جي ماضي جا ورق ورائڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته هن خطي ۾ پئنچائتي نظام موجود هئو، جنهن جي موجوده دور واري يونين ڪائونسلن واري نظام سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. قديم زماني جون پئنچائتون گهڻي ڀاڱي حڪومتي اثر کان آزاد هيون، پر موجوده دور ۾ يونين ڪائنسلون سرڪاري پئنچائتن برابر آهن. ڪنهن به دور جي حڪومت ۽ ڪنهن به ملڪ جي حڪومت عوام جا دک درد پوريءَ ريت حل نه ڪيا آهن. ان ڪري خاص طور تي مغربي ملڪن انهيءَ ڏس ۾ مثال قائم ڪري، ”پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ“ واري اصول کي پنهنجي سماج جو بنياد بڻايو ، انهيءَ جذبي ڪيترن ئي قسمن جي تنظيمن کي جنم ڏنو. اڄ ڪلهه مغرب ۾ اهي تنظيمون غير سياسي هوندي به ملڪ ۽ دنيا جي سياسي نظام تي اثر انداز ٿين ٿيون.

             

    سنڌ ۾ پڻ اهڙيون تنظيمون قائم ٿيڻ شروع ٿي چڪيون آهن. جن کي اسان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهرين قسم ۾ اهي تنظيمون اچي وڃن ٿيون جيڪي نج پنهنجي ذريعن وسيلن تي هلن ٿيون ۽ انهن جي کانئن سواءِ ٻيو ڪو به پر گهور نه ٿو لهي. ٻئي قسم ۾ اهي تنظيمون اچي وڃن ٿيون جن کي سرڪار طرفان مالي ، معلوماتي ۽ فني امداد ملندي رهي ٿي. ٽئين قسم ۾ اهي تنظيمون شامل آهن، جيڪي ٻاهرين ملڪن جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري تنظيمن جي سهڪار سان زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ سماجي خدمتون سر انجام ڏين ٿيون. انهن ٽنهي قسمن جي تنظيمن سنڌ ۾ ڪهڙو سماجي انقلاب آندو آهي؟ اها ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي .

    سڀ کان پهرين ڳالهه جيڪا ذهن ۾ رکڻي آهي، اها هيءَ آهي ته سنڌ ۾ سماجي تنظيمن جو ڄار نه ته سرڪاري حڪمت عملي سبب وڇايو ويو آهي ۽ نه وري اهو سماجي شعور ۽ تعليم جو نتيجو آهي. ان جي برعڪس سنڌ ۾ وڏي پئماني تي  سماجي تنظيمن جو قيام ٿورن ماڻهن جي شوق ۽ دفتري ڪرپشن جي مليل جليل رنگ جو نتيجو آهي . ان ڪري ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته اهڙين تنظيمن جي قيام ڪرپشن ۽ پرماريت کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. حڪومت طرفان ڪڏهن به اهڙا انگ پڌرا نه ڪيا ويندا آهن ته حڪومت  طرفان ڪهڙين تنظيمن کي ڪيتري مالي ۽ فني معلومات ملي، ۽ ان مان عوام کي ڪيترو لاڀ مليو. اهڙيءَ ريت تنظيمن وٽ به ڪو اهڙو طريقيڪار ڪونهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ته انهن ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن. سڄي سنڌ ۾ ”سگا “ ،”سڪ پريت“ ۽ ڪا هڪ اڌ اهڙي تنظيم هوندي،جنهن جي ڪارڪردگي سڀني جي اڳيان پڌري آهي، باقي نه ته ٿيو ڀلو ۽ ڪا به سماجي تنظيم پاڻ کي انهيءَ جو ذميوار نه ٿي ڄاڻي.

              خادمي ۽ مخدومي ۾ زمين آسمان جو فرق ٿيندو آهي. پاڻ جن سماجي حالتن مان گذري رهيا آهيون، انهن پٽاندڙ ته ڪو ماڻهو ڪنهن کي پنهنجو ٻرو به ڪو نه ٿو ڏئي پر ٻيءَ لاءِ وقت ، محنت ۽ ڏوڪڙن جي قرباني ڪير ڏيندو؟ ماڻهو ذاتي ۽ گروهي مفادن جي زنجيرن ۾ ايترا ته جڪڙيل آهن جو هنن کي سماج جي خدمت ڪرڻ جي مهلت ڪٿي ٿي ملي.

              اهڙين حالتن ۾ روز به روز اڻ ڳڻين سماجي ڀلائي وارين تنظيمن جو قيام ڪنهن ٻئي ڳالهه جي به نشاندهي ڪري ٿو. هاڻي هي ڳالهه ڳجهي نه رهي اهي ته سماجي ڀلائي وارين تنظيمن کي مالي ۽ فني امداد ڏيندڙ سرڪاري ادارا ۽ انهن جا عملدار ڪميشن وٺن ٿا. اهڙا عملدار تنظيمن جي آڊٽ اهڙيءَ ريت ڪن ٿا ، جن ۾ عهد يدارن کي به کائڻ کپائڻ جو موقعو ملي ٿو. ان ڪري هن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته سماجي ڀلائيءَ لاءِ ملندڙ رقم چڱو حصو عملدار ۽ عهديدار گڏي کائي وڃن ٿا. سنڌ ۾ جيڪڏهن سماجي ڀلائيءَ جو ڪو ڪم ٿئي ٿو ته ڪاڳرن تي ۽ فائلن ۾. انهن جو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ، ماڻهن ۽ ادارن تي ڪنهن به قسم جو مثبت اثر نه ٿو ٿئي.

              انقلاب دوست قوتون اهڙين سماجي تنظيمن ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ کي انقلاب دشمن قدم ڄاڻينديون آهن. اسان جيڪڏهن اهڙن انقلابي ساٿين سان هم خيال نه ٿيون، پر پوءِ به اهو چوڻو پوندو ته سنڌ ۾ سماجي تنظيمن جي بي ربط، حد کان وڌيڪ تنقيد کان بچيل قيامِ سنڌ ۾ سماجي تباهي آندي آهي. نظر داري ۽ نگهباني واري نظام  نه هجڻ ڪري تنظيمن جي قيام معاشري ۾ ڪرپشن ۽ پرماريت کي عام ڪيو آهي. علاوه ازين ملڪي حڪومتون يا غير ملڪي مالي امداد ڏيندڙ ادارن کانئن مدد وٺندڙ فردن يا تنظيمن ذريعي اسان مٿان پنهنجا ويچار ۽ نظريا مڙهيا آهن ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪيا آهن. انهي الزام تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته اسان ورتو ڪيترو آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ معاضي طور ڏنو ڪيترو آهي؟ هر قسم جي سماجي تنظيمن کي اڄ يا سڀاڻي انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻو پوندو .جڏهن خود حڪومت ٻين حڪومتن ۽ ادارن کان مشروط قرض وٺي انهن جي شرطن مطابق، سياسي ۽ اقتصادي سڌارا آڻين ٿيون ته پوءِ مالي امداد ڏيندڙ ادارا مفادن کانسواءِ ڇو مدد ڪندا؟ بيشڪ اهي سياسي مفاد نه به وٺندا هجن پر انهيءَ ڳالهه کان ڪير انڪار ڪندو اهي ادارا پنهنجي مرضي مطابق اسان جي سماج کي بدلائڻ گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي مرضي ۽ پسند وارن پراجيڪٽس  ۾ مدد ڪندا آهن ۽ اسان جي ضرورتن واري پراجيڪٽس کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن.

    اسان جي هر ڪا تنظيم ڪا ٻاهرين ملڪن وارن امدادي ادارن کان امداد نه ٿي وٺي. اسان جي سماجي تنظيمن جي اڪثريت حڪومتي ۽ غير حڪومتي ادارن کان امداد وٺي ٿي. تنظيم ڪنهن کان به مدد وٺي، مدد ڪندڙ ادارو ملڪي هجي يا غير ملڪي پر اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻيون آهن ته ايرينگن پائڻ جي آسري تي پنهنجا ڪن نه ڪٽائجن. تنظيمي ۽ سماجي ڪم مان فائدو سماج يا قوم کي ملي ۽ امداد ڏيندڙ يا وٺندڙ عوام خلاف ڪنهن ايجنسي جو روپ اختيار نه ڪن.

    سرڪار ۽ سماجي ڪارڪنن کي اها ڳالهه پڻ ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته خدمتن جي ميدان ۽ ڪارڪردگيءَ جي ميدان ۾ ورجاءُ نه ٿئي.جيڪڏهن ساڳئي قسم جو ڪم ساڳين حدن اندر هڪ کان وڌيڪ تنظيمون ڪنديون ته اها پڻ عوام ۽ قوم خلاف هڪ قسم جي سازش ٿيندي. اهڙي صورت ۾ جهڙوڪ ڪارڪنن جون صلاحيتون، ذريعا ۽ وسيلا تقسيم ٿيندا ويندا ۽ اهي پنهنجي قوت ۽ اثر کي وڃائي ويهندا. ان ڪري ساڳين مقصدن وارين چپي چپي تي قائم ٿيندڙ سماجي تنظيمن مان عوام کي ڪنهن به قسم جو لاڀ نه ملندو. ان جي برعڪس اسان کي ايئن ڪرڻ گهرجي ته ٿورن مفاصلن تي ساڳين مقصدن لاءِ قائم ڪيل سماجي تنظيمن کي هڪ ٻئي ۾ ملائي ڇڏجي ته جيئن صلاحيتن، ذريعن ۽ وسيلن کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان بچائي سگهجي. گهڻين سماجي تنظيمن جي قيام جو مقصد ڪهڙو به هجي، پر ان جو برو اثر اهو ئي ظاهر ٿيڻو آ هي ته عوام اڳ ۾ قائم ڪيل ادارن ۽ تنظيمن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏيندو. هر ڪو ماڻهو هڪ سر جي مست ٺاهڻ ۾ ايمان رکندو ۽ ڪڏهن به ڪا ”جامع مسجد“ جڙي ڪانه سگهندي.ان ڪري سماجي ڪارڪنن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هو جيڪڏهن سنڌ ۾ سماجي انقلاب آڻڻ چاهين ٿا ته اڳ ۾ انهن ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي فعال بڻائن، جيڪي عوام جي سهڪار لاءِ عرصي کان وجهائينديون رهن ٿيون.

    اسان وٽ جڏهن اڃا سماجي تنظيمن جو ڪم ئي رولي ۾ آهي ته پوءِ ڪيئن ٿا چئي سگهون ته سماجي ڪمن جي صورتحال صحيح ۽ بهتر آهي.اسان جيڪڏهن پاڻ سان، پنهنجي سماج سان ۽ قوم سان سچا آهيون ته پوءِ موجوده صورتحال کي بدلائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. ٻئي صورت ۾ تاريخ اسان جو نالو به استحصالي طبقن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيندي.

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 10.10.1994)

     

     

     

               

     

     

     

     

     

     

      . 42    اٺين آني جو اٺ ٻارهن آنا گهلاڻي.

           

    برسات جيڪي سنڌ ۾ قهر ڪيا آهن، انهن کان هر ڪو واقف آهي. جڏهن زمين جو وڃي اهو حال رهيو آهي ته اها وڌيڪ پاڻي جذب نٿي ڪري سگهي، تڏهن عوام ، شهرن، ڳوٺن ۽ فصلن سان ڪهڙي ويڌن ٿي هوندي . سورن جي انهيءَ مذڪور مان الائي ڪيترا داستان جوڙي سگهجن ٿا. بارش وڌيڪ پوڻ سبب سنڌو  ۾ به چاڙهه آيو آهي ۽ ان سان گڏ منڇر به موج ۾ اچي وئي آهي. انهيءَ صورتحال ڪيترن سنڌ واسين جو سک ڦٽائي ڇڏيو آهي.

              پاڻي، جيڪو هر ڪنهن جيوت جو جياپو آهي ۽ انساني تهذيب جي ارتقا جو پهريون ڏاڪو رهيو آهي، ان کي اڄوڪي انسان پنهنجي پنهنجي مطلبن ۽ مقصدن خاطر ڪم آڻڻ به سکي ورتو آهي. ”پاڻيءَ جي سياست“ هاڻي پاڪستاني سياست جو بنيادي گر، بلڪ تاڃي پيٽو بڻجي چڪي آهي. ڪالا باغ ڊيم پرست سياستدان، مئي متي مهراڻ جي مستي، دهشت ۽ هستيءَ مان فائدو وٺي نصيحتون ۽ وصيتون ڪرڻ جهڙا ٿي وڃن ٿا ته دادلي درياهه کي لغام نه ڏنو ويندو ۽ ڪالا باغ ڊيم نه ٺاهيو ويندو ته ايئن ئي نقصان ٿيندا. پر کين ڪير سمجهائي ته انسان اشرف المخلوقات، جيڪو وڏي سگهه رکي ٿو، سو صدين کان وٺي اهڙين حالتن جو مقابلو ڪندو آيو آهي. اهڙا مقابلا ئي سندس وجود ۽ عظمت جي ساک ڀريندا آهن. سنڌو صدين کان وٺي ڪاوڙبو رهيو آهي، پر سنڌ واسين ان جي موجن مان به اڻ ڳڻيا فائدا پئي ورتا آهن. سنڌو جو غصو ڪڏهن به قهر ۽ ڏمر نه بڻيو آهي. بيشڪ سنڌو شهر ڦٽايا ۽ ماڻهن مجبور ٿي پنهنجي گادين حڪمرانين جا هنڌ بدلايا ، پر سنڌو ۽ سنڌ واسين جي اها اک ٻوٽ راند ٻنهي جي وجود کي ختم نه ڪري سگهي آهي. ان ڪري انهيءَ صورت حال کي بهانو بڻائي حيران ۽ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. دنيا جا ڪيترا ملڪ شهر اهڙا به آهن، جيڪي سامونڊي طوفان، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۽ مسلسل بارشن باوجود سک ۽ سڪون جي زندگي گذارين ٿا. جڏهن ته اهي آفتون انهن جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. پوءِ سنڌ جي حوالي سان سنڌوءَ جي موج کي ڏمر ۽ بارشن کي قهر طور پيش ڪرڻ مان نه ته سنڌ واسين سان خيرخواهي ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان کي چڱن مقصدن واري سياست چئي سگهجي ٿو. سنڌي قوم جو مثال ڇٻر جهڙو آهي، ڇٻر کي ڍور ڍڳو کائي يا ماڻهو لتاڙي پوءِ به پاڻ هرتو ڦٽي پئي ٿي. انهيءَ جيان سنڌ واسين صدين کان وٺي سماجي، سياسي ۽ آسماني آفتن جو پئي مقابلو ڪيو آهي ۽ ان کي ڪو ختم ڪري نه سگهيو آهي.    اها انصاف جي ڳالهه ڪانهي ته سنڌ واسين کي ملندڙ مصيبتن جي سببن کي ختم ڪرڻ  بدران زمين ۽ آسمان واري ڪنهن مصيبت کي بهانو بڻائي ساڻن نقلي همدردي ڪئي وڃي. جيڪڏهن سنڌو اسان جون وستيون تباهه ڪري ٿو ته ان جي ذميواري ايريگيشن کاتي تي مڙهي سگهجي ٿي. بندن تي مٽي وجهي انهن کي مضبوط ڪرڻ بدران جڏهن ڪروڙين روپيا عملدارن جي پيٽ ۾ هليا ويندا پوءِ ٻوڏن کان اسان کي ڪير بچائي سگهندو؟  

    اهڙي ريت جيڪڏهن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو موثر ۽ بهتر نظام موجود هجي ته بارش اسان جا گهر گهاٽ ڇو ڊاهي؟ ٻوڏن ۽ بارش جي تباهه ڪارين کي گهڻي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. شرط اهو آهي ته سرڪاري کاتا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪن ۽ انهن جا عملدار لاهي پاهي عوامي خزاني کي هڙپ ڪرڻ بند ڪن.

    اهڙين تباهين کي منهن ڏيڻ جا ڪيترائي سماجي ۽ سياسي طريقا به موجود آهن. عوام کي بزدل، ڀاڙي۽ محتاج بنائڻ بدران ان جي حوصلي، بردباري ۽ همٿ کي اڀاري سگهجي ٿو. اوچتين آفتن کي منهن ڏيڻ جو جذبو هر ڪنهن ۾ موجود آهي. جڏهن اڃا سوسائٽي ۽ حڪومت جو وجود ڪو نه هو، تڏهن به انسان اهڙين آفتن کي منهن ڏيندو آيو آهي. پر اڄ هر ڪنهن حيلي وسيلي هوندي به هو محتاج، مجبور ۽ بي وس بڻجي چڪو آهي. بلڪ انهيءَ کي اهڙي موڙ تي آندو ويو آهي.

    اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به حڪومت اڳواٽ، وقتي ۽ دائمي منصوبا بندي نه ڪئي آهي. نه وري عوام پنهنجي حقن جي حفاظت اهڙي ريت ڪئي آهي، يا ڪن کاتن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪڙي نظر رکي سگهيو آهي . سنڌوءَ جي بندن تي مٽي پئي ٿي يا نه ؟ ڳوٺن ۽ شهرن کي گندي پاڻي، بارش جي پاڻي يا درياهه جي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ واسطيدار عملدار ڇا ٿا ڪن؟ انهن سوالن جو جواب عوام وٽ ئي موجود آهي. هر ڪا پارٽي عوام کي اصلي قوت جو سرچشمو چئي ٿي. عوام کي ايئن ئي رهڻ ۽ ٿيڻ گهرجي. قوت جي سرچشمي ٿيڻ سان ئي عوام پنهنجي ڪيترن دردن جو دارون ڪري سگهي ٿو.

    هر ڏکئي وقت تي ۽ هر اهڙي صورتحال ۾ هر دور جي حڪومت پنهنجي ڪوتاهين، غلطين۽ سستين تي پڙدي وجهڻ لاءِ عوام جي اٻوجهائپ ۽ جذبن سان ويساهه گهاتي پئي ڪئي آهي ۽ اهڙين حالتن مان پنهنجي ڪرسي، قد ۽ بت کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. مثال طور تي سخت بارشن ۽ ٻوڏن وقت عملدار، امير، سياستدان ۽ حڪمران ماڻهن سان همدردي ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري پوندا آهن . انهن دورن دوران جيڪي شاهي خرچ ٿين ٿا ۽ جيترو سرڪاري خزانو لٽيو وڃي ٿو، اهو جيڪڏهن متاثر عوام ۾ ورهايو وڃي ته، هوند انهن جا ڏک دور ٿي وڃن ۽  عوام کي فقط دلاسا يا وڌ ۾ وڌ ٻن اڍائي هزارن جي خيرات نه ملي.

     

    عوام جون حڪومتون، عوام مان حڪومتون ۽ عوام لاءِ حڪومتون اهڙي ريت قوم کي ڏک ۾  ڏسي پنهنجي وزيرن عملدارن کي اشتهاري ڪردار نه بنائينديون آهن، اهي اٺين آني جي اُٺ تي، ٻارهن آنا خرچ نه ڪنديون آهن. سستي شهرت، عوامي جذبن جي استحصال ۽ شاهي خرچين جون روايتون اڄ به قائم آهن ۽ شايد مستقبل ۾ به قائم رهن .

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 03.12.1994)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

         .43       وڏيون مڇيون، قانون ۽ عوام

             

    سياسي حوالن سان ”سفيد هاٿي“ جو استعارو ته پاڻ گهڻو وقت اڳي ٻڌي چڪا آهيون، پر جڏهن کان سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن شروع ٿيو آهي، تڏهن کان ”وڏيون مڇيون“ جو استعارو ٻڌڻ شروع ڪيو اٿئون. ”سفيد هاٿي“ انهيءَ فرد يا حڪومت کي چيو ويندو آهي، جنهن جو بدلي وٺڻ وارو حافظو تيز هجي ۽ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو حقي يا ناحقي پلئه وٺي. ”وڏيون مڇيون“ انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو جيڪي ڪنهن جي به وٺ ڪرڻ جهڙا ڪو نه هوندا آهن. ڪو به قانون، ڪو به قاعدو، ڪا قوت ۽ ڪا به حڪومت هنن جو وار به ونگو ڪري نه ٿي سگهي. ڀلي ته اسان ڪتابن ۾ پڙهيو هجي ته هر ڪو شهري قانون جي نگاهن ۾ برابر آهي ۽ ڪو به قانون کان مٿي ڪونهي، پر عملي زندگي ۾ ”وڏيون مڇيون“ قانون کان بالا ٿين ٿيون .”جو ڏاڍو سو گابو“ مصداق، اهي مڇيون سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿيون، ڪڌن ڪرتوتن ڪرڻ سان گڏ اهي ڪنهن اسيمبلي جا ميمبر ۽ ڪنهن حڪومت جا وزير ٿي سگهن ٿا. هنن لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي، هنن جي لٺ کي ٻه مٿا ٿيندا آهن، ۽ ڪا به حڪومت يا قوت هنن کان پنهنجو مٿو ڦاڙائڻ نه گهرندي آهي.   

              سنڌ ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيڻ جي نتيجي ۾ هر ڪنهن حڪومت کي فائدو رسيو ۽ وقتي طور تي امن امان جي صورت حال بهتر ٿيڻ ڪري ان کي موقعو ۽ سڪون به مليو ۽ ”اضافي نمبرن“ کڻڻ لاءِ دعويٰ ڪرڻ جو جواز به مليو. پر ان مان وڌيڪ نقصان فوج ۽ عوام کي پيو آهي.

              فوج اهو چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته سنڌ هڪ حساس ترين صوبو آهي ۽ ڪيترن حوالن سان ”لانگ بوٽ“ ۽ ”خاڪي وردي“ جا اصطلاح هتي علم ادب ۽ ٻوليءَ ۾ جاءِ وٺي چڪا آهن. ان ڪري فوج پنهنجي خلاف وڌيڪ نفرت جي ٻج ڇٽڻ کان پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . ان هوندي به خابرو ايجنسين طرفان تصديق نه ڪيل معلومات فراهم ڪرڻ ۽  ٻين سببن ڪري سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا واقعا به رونما ٿيا، جن فوج کي پنهنجي ڪارڪردگي تي نظر ثاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ انهن واقعن تي شديد عوامي ردِ عمل به ٿيو. هتي هنن حالتن ۾ سنڌ واسين جي ڏاهپ ۽ صلاحيت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي ، جن فوج خلاف نفرت پکيڙڻ بدران مظلومن جي داد رسيءَ لاءِ دانهون ڪوڪون ڪيون پر ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ جڏهن فوج دهشتگردن خلاف قدم کڻڻ شروع ڪيا ۽ ڪيترن گناهن خواهه ٽارچر سيلن جي نشاندهي ڪري پنهنجي قدم کي جائز به قرار ڏياريو، تڏهن به انهن دهشتگردن پنهنجن سياسي مقصدن کي آڏو رکي فوج خلاف زهريلي نفرت پکيڙڻ جي تحريڪ هلائي.

    هن فوجي آپريشن مان مجموعي طورتي سڄي ملڪ جي عوام ۽ خاص طور تي اندرون سنڌ جي عوام کي ڪافي ڇيهو رسيو آهي ۽  وڌيڪ ڇيهي ملڻ جو انديشو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته فوجي آپريشن ۾ ڪيترا ڌاڙيل ۽ رهزن مارجي ويا آهن، ليڪن اندروني سنڌ جي عوامي اظهار جي سروي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته انتهائي بدنام ڌاڙيل ۽ مختلف ٽولن جا سردار اڃا زندهه آهن ۽ سندن ڪو به وار ونگو نه ٿيو آهي.اهي پڻ وڏين مڇين جيان قوت ۽ قانوني گرفت کان بي نياز ۽ آجا آهن. جڏهن به فوج واپس ٿيندي، اهي اهڙو ته رڻ ٻاريندا جو ڄاول ٻارن کان به ڌرڙيون نڪري وينديون.

    اهو چيو وڃي ٿو ته فوج جي واپسي کان پوءِ پوليس عوام جي حفاظت ڪندي ۽ اهڙي ڪم لاءِ سندن تربيت به ڪئي پئي وڃي. ليڪن ”شولڊر پروموشن“ ۽ ڌاڙيلن خلاف ڪامياب مهم ڪندڙ پوليس کاتي جي عملدارن ۽ ڪارڪنن کي انعام ۽ پروموشن ڏئي جيئن ۽ جهڙي ريت واپس ورتا ويا آهن، انهيءَ هنن همراهن جي اڪثريت کي بي دليو ۽ دل شڪستو ڪري وڌو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پوليس کاتي جي ڪيترن ماڻهن  ڌاڙيلن سان عليڪ سليڪ رکي، پر پوءِ به ڪن عوام دوست پوليس وارن معمولي پگهار هوندي به فرض جي حق ادا ڪرڻ جا غير معمولي ڪارناما سر انجام ڏنا.انهن مان ڪنهن کي به ”صدارتي ايوارڊ“ ته نه مليا، مورڳو مليل پروموشن به واپس ورتا ويا. ڄنگهه ڀڳو ڪم ڪندو آهي، ليڪن دل ڀڳو ڪک به ڀڃي ٻيڻو نه ڪندو آهي، اها ڳالهه اندروني سنڌ جو ماڻهو چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو.

    ”وڏين مڇين“ جي ذڪر نڪرڻ سان مسئلي جو حل ته نه ڪڍيو ويو، ليڪن ان جي برعڪس جهڙوڪ گناهه دوستي ۽ ڏوهه پرستيءَ جي جذبن ، امنگن ۽ سوچن کي تقويت ڏني وئي . جڏهن لاچار، بيوس ۽ مجبور عوام کي اهو يقين ٿيڻ لڳو آهي ته اسان جي معاشري ۾ جيڪو جيڏو ڏوهاري آهي، اهو اوترو محفوظ آهي، هو هر قسم جي گرفت کان آجو ۽ قانون کان مٿي آهي، تڏهن اها سوچ هن جي ڪردار تي منفي اثر ڇڏيندي. هن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه رهندو ته هو وڃي وڏين مڇين جي وات ۾ پئي يا پاڻ ڪنهن نه ڪنهن وڏي مڇي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري.

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 06.08.1994)

     

     

           . 44    تنظيمون توجهه ڏين

             

    انهيءَ تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت  ڪانهي ته اسان جو تنظيمون ڪهڙيون ۽ ڪيترن قسمن جون آهن؟ پر جن تنظيمن سان پنهنجو واسطو ۽ واهپو ٿئي ٿو ، اهي ٽن قسمن جون آهن.پهريون سياسي تنظيمون، ٻيو ملازمن جون تنظيمون ۽ ٽيون شاگردن جون تنظيمون. شاگردن جون تنظيمون آهن ته سياسي پارٽين جو ذيلي شاخون، پر انهن ڪيترن ڳالهين ۾ پنهنجي حيثيت ، نوعيت ۽ اهميت کي الڳ گروپ ۾ مڃرايو آهي. اهڙي ريت ملازمن جون تنظيمون وري ٻن قسمن جو آهن : هڪڙيون اهي جيڪي سياست کان بنهه پري فقط پنهنجي پيشوارانه برادري جي حقن حاصل ڪرڻ جي ناقابل شڪست قوت آهن، ٻيون اهي جيڪي گهٽ تعليم ورتل ٿين ٿيون ۽ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي جو آشيرواد حاصل هوندو آهي. اها هن ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته اڪثر حالتن ۾ وقت جي حڪمرانن شاگردن ۽ مزدورن جي تنظيمن کي غلط استعمال به ڪيو آهي ۽ مٿن ڏاڍ ڏمر به ڪيو آهي. جيڪا پارٽي اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي، اها انهن ٻنهي تنظيمن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪندي آهي ۽ موٽ ۾ حڪومت وري انهن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ شروع ڪندي آهي. اسان وٽ تنظيمي شعور ۽ طبقاتي تضادن جي شڪل ذاتي مفادن ۽ گروهي مفادن جي ڌنڌ ڪري نمايان نظر نه ٿا اچن . ان ڪري ئي اهي تنظيمون واري وٽيءَ سان لٺ ۽ چٺ جو نشانو ٿي وڃن ٿيون ۽ هڪ ٻئي خلاف استعمال ٿين ٿيون. جيڪي تنظيمون آشيرواد جي خيرات وٺنديون، انهن جو اهڙو ئي حشر ٿيڻو آهي، اهي ڪڏهن ريل ۾ هونديون ته ڪڏهن جيل ۾ هونديون، کين في الحال اهو سمجهائڻ ڏکيو آهي ته اقتدار جي ڪرسي جو رنگ ۽ روپ، تقاضائون ۽ ادائون هڪجهڙيون ٿينديون آهن، ڪا به پارٽي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندي ته ان جو انداز ۽ ان جي ادا مٽيل هوندي، ان ڪري ٿيڻ ايئن گهرجي ته اهي تنظيمون به هڪ اهڙي ”تنظيمي ڪلچر“ کي جنم ڏين، جيڪي ڪنهن سياسي پارٽي جي ترجمان ۽ آواز بڻجڻ بدران فقط ۽ فقط برادري جي حقن جي حفاظت ڪن ۽ جيڪڏ هن ”پوليٽيڪل پريشر“ طور ڪم ڪن ته پوءِ ان وقت گروهي نه پر قومي ۽ اجتماعي مفاد اڳيان هئڻ گهرجن ۽ نه ڪي پارٽي يا شخصيت جا مفاد . جيڪڏهن پارٽي ڊسپلين جو احترام ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي ته پوءِ اقتدار يا اختلاف واري ڌر هر ٻئين ٽئين مهيني پنهنجي ذيلي تنظيمن جي ڪانگريس سڏرائي سياسي عمل ذريعي پنهنجي حڪمت عملين ۽ طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري ، ذرائع ابلاغ ذريعي عوام تائين پهچائي ته جيئن عام ماڻهو پنهنجي قول ۽ فعل کي ان مطابق موڙي يا مضبوط ڪري سگهي. پر اسان وٽ ايئن ڪونه ٿو ٿئي، بس بدقسمتي اها آهي ته اسان جون ڪيتريون پارٽيون جمهوري قدرن کي قبول ڪرڻ جي دعويٰ جي باوجود جمهوري اصولن تي نه هلنديون آهن. ان ڪري انهن جو طريقيڪار ۽ رويو جمهوري نه پر آمرانه ۽ جاگيردارانه هوندو آهي. انهن جا اڳواڻ پنهنجي پارٽين کي پنهنجي جاگير ڄاڻي، انهن تي آمرن وانگي حڪم صادر ڪندا آهن. ان ڪري اهڙيون پارٽيون پنهنجي ذيلي تنظيمن کي ڪئين اعتماد ۾ وٺنديون؟ ۽ ڪيئن بنا ناغي انهن جون ڪانگريسون سڏرائي طريقيڪار يا ٻين ڳالهين تي انهن کي اعتماد ۾ وٺنديون. ان ڪري اسان جي سياسي نظام ۾ فيصلا توڙي عهديدار مسلط ڪيا ويندا آهن.

     

    پر جيڪڏهن ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ پارٽي جمهوري روايتن کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته اخبارن کان سواءِ ان لاءِ سرڪاري ذرائع ابلاغ جا ٻيا دروازا بند رهندا. ان ڪري عوام اهڙي پارٽي جي طريقيڪار ۽ حڪمت عملين کان چڱي ريت باخبر ٿي نه ٿو سگهي.

    اهڙي صورتحال ۾ اها تنظيمن ۽ انهن جي ذيلي تنظيمن جي مفاد وٽان ڳالهه ٿيندي ته اهي اقتدار ۾ هجن يا اقتدار کان ٻاهر ، پر گڏجي جمهوري قدرن، نظرين ۽ اصولن جو مان مٿاهون ڪن. اجتماعي پريشر گروپ ٺاهي پنهنجي پنهنجي پارٽي کي جمهوري اصولن مطابق منظم ڪن ۽ هلائن. ان کان سواءِ ذرائع ابلاغ يعنيٰ اخبارون، رسالا، ريڊيو ۽ ٽي وي تي حزب اختلاف يا حزب اقتدار کي هڪ جيترو موقعو فراهم ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪرائن. اهو موقعو ڪاروائي ۽ جوابي ڪاروائي بدران پنهنجي ڪارڪردگي ۽ طريقيڪار تائين محدود هئڻ گهرجي، خيالن جي اظهار جو اهو حق فقط ۽ فقط ذيلي تنظيمن جي پريشر ۽ پريس ميڊيا جي دٻاءَ هيٺ ئي ملي سگهي ٿو.

    سمورين تنظيمن ۽ ذيلي تنظيمن جي اها بدقسمتي آهي ته انهن کي سلجهيل ڪارڪن نه ٿا ملن. جيڪي سندن حلقي ۾ داخل ٿين ٿا، تن جي تنظيمي حوالي سان ڪا به تربيت نه ٿي ڪئي وڃي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته ڪا به تنظيم يا ذيلي تنظيم هر ڪنهن کي ميمبر بنائڻ جو جهاد نه ڪري . بيشڪ ان جا دروازا کليل رهن، پر انهن دروازن مان اهڙا ماڻهو اندر داخل ٿين جن ۾ پنهنجي پارٽي، تنظيم ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جو جذبو به هجي ته ڏانءُ به هجي.انهن تنظيمن کي ڏوهارين يا مفاد پرستن جي ڍال نه بڻايو وڃي. جيئن اڄ جي صورتحال آهي. تنظيم جو ڪارڪن انهي سٺي گهر ڌياڻيءَ جهڙو هجڻ گهرجي، جيڪا هڪ ئي وقت تي پيڪا ۽ ساهرا راضي رکندي آهي.ڪارڪن کي هڪ ئي وقت تي پنهنجي پارٽي ۽ قوم جي مفاد جي نگهباني ڪرڻي آهي، نه ڪي پنهنجي ذاتي مفاد جو رکوالو، عوام جو دشمن ۽ قوم جو غدار ٿيڻو آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ڪا به تنظيم ڪنهن کي ميمبر ڪرڻ کان اڳ ان جي ارادن ، لاڙن ۽ خواهشن جاچڻ کان علاوه شخصيت ۽ ڪردار کي به نظر ۾ رکي، نه فقط ايترو پر ان جي شخصيت ۽ ڪردار جو رڪارڊ رکي ۽ ان کان عوام کي باخبر رکندي رهي. پنهنجي ڪارڪنن ۾ تنظيمي ضابطو پيدا ڪرڻ، تنظيمي ڪارڪردگي کان باخبر رکڻ ۽ سندس شخصيت کي سنوارڻ سينگارڻ لاءِ وقت به وقت تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪري . ايئن ڪرڻ ۾ پارٽي، تنظيم، ذيلي تنظيم ۽ عوام جو ڀلو آهي. ايئن ڪرڻ سان جمهوري قدرن کي مقبول بنائڻ ۾ پاڻ کي وڏي هٿي ملي ويندي. اسان جون ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ پارٽيون ان ڪري ئي عوام ۾ مقبول ٿي نه سگهيون آهن، ڇو جو انهن جا ڪارڪن پارٽي ڊسيپلين ۽ مينيفيسٽو کان وانجهيل ۽ فقط پنهنجي ذاتي مفادن جا مريد ٿين ٿا، اهي هڪ ئي وقت تي عوام، تنظيم ۽ قوم کي دوکو ڏين ٿا.

              اهي تنظيمون، جيڪي سياسي مقصد نه ٿيون رکن ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جون ذيلي تنظيمون نه آهن. انهن ۾ پڻ جمهوري قدرن، نظرين ۽ اصولن کي عام ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. اهي به غير جمهوري ماحول ۽ جاگيردارانه نظام جو اثر قبول ڪنديون رهن ٿيون. اهي به اڪثر ڪري وڏيرائپ يا حڪمراني ڪرڻ جو ڏيک ڏين ٿيون، انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙين تنظيمن کي بچائڻ جا في الحال ترت قدم اهي کڻي سگهجن ٿا ته ڪو به فرد لڳا تار تنظيم جو عهديدار نه بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به ميمبر کي ڪو عهدو جاگير طور نه ڏجي . ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو عهديدار يا جملي عهديدار جڏهن پنهنجي عهدن جو ناجائز فائدو وٺن يا تنظيم جي اغراض و مقاصد خلاف ڪم ڪن ته پوءِ انهن خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري کين يا کيس عهدن تان برطرف ڪري سگهجي.

              تنظيمون ۽ پارٽيون انهيءَ صورت ۾ هنن تجويزن تي غور نه ڪنديون، جڏهن ۽ جيڪڏهن انهن جا عهد يدار ۽ ڪارڪن جمهوري روايتن ۾ ايمان نه رکندا هوندا، يا انهن تنظيمن کي پنهنجي ذاتي خواهه گروهي مفادن حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو ڄاڻندا هوندا. اهڙي صورت ۾ اهو عوام  ۽ پريس تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهڙن عهديدارن جي پرڪارن کي پڌرو ڪن ۽ هر ڪنهن تنظيم کي مجبور ڪن ته اها جمهوري قدرن پٽاندڙ هلي، ٻئي صورت ۾ تنظيمون، ڏوهارين، بدڪردارن، عوام دشمن ۽ قوم دشمن قوتن جا مورچا بڻجي وينديون.

     

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 17.09.1994)

     

     

     

     

     

     

     

     

        . 45پاڻ اهڙا ، جو هاٿي به ڇٻر ۾ لڪائي ڇڏيون

             

               جپان جيڪڏهن، صنعت ۽ حرفت ۾ ترقي ڪئي آهي ته ڇا ٿيو؟ هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي ته جس ڏيونس. آمريڪا جيڪڏهن ”اڀ لڙائي“ ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي ته ڪهڙو ڪارنامو سر انجام ڏنائين؟هن جي به ڪهڙي مجال جو هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي ؟اهو اعزاز فقط ۽ فقط اسان کي حاصل آهي. اسان جيڪڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڏي توجهه نه ڏنو ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي؟ اسان جيڪڏهن علم ۽ قلم هٿ ۾ کڻي به عمل جي دنيا کان پري رهيا سين ته ڪهڙو گناهه ڪيوسين. ڇا اسان جا ڪارناما ڳڻڻ جهڙا ۽ جيترا نه آهن ؟

              عام ۽ عوام اڃا ايترو پڙهيل ڪو نه آهي، جو ڪارنامن مٿان ڪارناما سرانجام ڏيندو رهي. ليڪن لکيا پڙهيا، عقل جا اڪابر ، قلم جا ڌڻي ، دانش ۽ تدبر جا ٺيڪيدار ۽ ادارن جا اڳواڻ اهڙا به آهن جو جڏهن به چاهن تڏهن هاٿي کي به ڇٻر ۾ لڪائي ڏيکارين. انهن کي ئي اسان وڻڪار جا وڏا وڻ ڄاڻيندا آهيون ۽ انهيءَ خوش فهيءَ ۾ مبتلا هوندا آهيون ته وقت ۽ حالتن جي نٽهڻ اُسَ ۾ انهن ئي وڏن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي ساهه پٽي سگهون ٿا. پر لطيف سائين انهيءَ وڻڪار لاءِ اڳ ئي چئي چڪو آهي ته وڏن وڻن جي انهيءَ وڻڪار ۾ نيلا نانگ به موجود هوندا آهن. ان ڪري اتان سڪون بدران سور ملڻا آهن، خوشين بدران ڏک ملڻا آهن.

              ”ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ“ جيوڻيڪ غريب توڙي امير جي ذهنيت بڻجي پئي آهي. پر وس وارن، با اختيار ، ذريعن ۽ وسيلن جي ڌڻين ، قلم ڌڻين، ادارن جي اڳواڻن، سياسي، سماجي پيل پاون جو جادو ئي اور آهي. ”اُهي اک ڇنڀ ۾ هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي سگهون ٿا.“     

    ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ جو مطلب آهي : ڪنهن جي چڱائي ڳڙڪائي وڃڻ، ڪنهن جي نيڪيءَ تي پاڻي ڦيرڻ، ڪنهن جي حيثيت جو منڪر ٿيڻ ۽ قسم قرآن تي ڪيل پنهنجي ڳالهه تان ڦري وڃڻ. مثال طور ڪو ماڻهو ڪنهن اداري ۾ مثالي ڪم ڪري هليو وڃي. پوءِ سندس پر پٺ چئجي ته ڀينگ ڪري ويو. مثال طور ڪو ماڻهو ڪنهن مظلوم  يا معصوم سان خير خواهي ڪري وڃي، ۽ پوءِ ٻيو ڪو وڃي انهيءَ مظلوم جا ڪن ڀري ته توسان قهر ٿي ويو. مثال طور چونڊن کان اڳ ووٽر سان وڏا وڏا وعدا وعيد ڪيا وڃن پر چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ووٽر سان ملڻ ۾ به پنهنجي توهين ڄاڻن.انهن کي چئبو آهي ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ.

              حقيقت ۾ هاٿي انهيءَ ڪري ڇٻر ۾ لڪي ٿو، جو اسان پنهنجو اکيون بند ڪري ڇڏيون  ٿا. اسان اهڙن موقعن، واقعن ۽ حالتن جو نوٽس نه ٿا وٺون. اسان محسوس نه ٿا ڪرايون ته استحصال جو هي ظالماڻو طريقو آهي. اسان پاڻ هر ڪنهن کي ڊگهو رسو ڏئي ڇڏيو آهي.

              غريب، مظلوم ۽ بي پهچ ۽ بي وس ماڻهو لالچ ۽ مجبوريءَ ۾ جيڪڏهن ڳڻ چور ٿئي ، ڪنهن جي چڱائي وساري ڇڏي يا ڪنهن جي ڪارنامن تي پاڻي ڦيري ته اهو معاف ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هو جيڪڏهن ايئن نه ڪري ته شايد سندس مطلب پورو نه ٿئي. ڇو ته پاڻ کي هي خبر آهي ته اسان جي معاشري ۾ صلاحيت ۽ لياقت جي مڃتا ٿيڻي ڪونهي. پنهنجي ڪم ڪڍڻ لاءِ پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جو من جيتڻو آهي . پوءِ اهو ڇو نه پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهوءَ جو ڪنڌ ڪٽي من جيتجي. اسان جي عوام لاءِ اهو ئي هڪ دڳ ۽ رستو ڇڏيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن وڏيري جي چوڻ تي هڪ غريب ٻئي غريب جي چوري ڪري ٿو، خون ڪري ٿو ۽ ڌاڙا هڻي ٿو . جيستائين عام ماڻهو پنهنجي سوچ، خواهه لوچ جي آزادي جو مزو نه ورتو آهي ۽ جيستائين هن پنهنجي ذاتي غرض، لالچ ۽ طمع جو بت ڀڃي ڀور نه ڪيو آهي ۽ جيستائين هن پاڻ کي مذهبي ، سياسي، احساساتي، سماجي ۽ جذباتي استحصال کان نه بچايو آهي، ان وقت تائين عام ماڻهو اهڙيون غلطيون ڪندو رهندو.

              پر جڏهن لکيل پڙهيل ، عقل جا اڪابر به ساڳئي ريت هلن ۽ هنن جو ڪم ئي هاٿي ڇٻر ۾ لڪائڻ تائين محدود ٿي وڃي، ته ان کي ڇا چئجي؟

              صحآفيءَ کي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر ٿئي ٿي. پر پوءِ به جيڪڏهن هو ڪوڙ تي سندرا ٻڌي بيهي ته عام ۽ عوام جي ” عام راءِ “ ڪهڙو رنگ وٺندي؟ سياستدان جيڪڏهن هر دفعي ڪوڙا ڏٽا ڏئي ووٽ وٺندو رهي ته هن جو ”آدرشي روپ“ ڪيئن برقرار رهندو؟ ادارن جا ڌڻي انهيءَ ڊپ کان ته متان کائڻ پيئڻ ۾ ٻيو به اچي شامل ٿئي يا گلا خوريءَ جو هزار داستان کولي ويهندا ته ادارن ۾ نئون خون ۽ نيون صلاحيتون ڪيئن داخل ٿي سگهنديون. عالم ۽ اديب جيڪڏهن ملڪ ۽ قو م جي دکن دردن کي نظر انداز ڪري پنهنجي سورن جا مذڪور ويهي ٻڌائيندو ته سچو ۽ سچار ڪيئن سڏائيندو؟

              پر اسان جي معاشري ۾ اهي ايئن هاٿيءَ کي ڇٻر ۾ لڪائيندا رهن  ٿا ۽ پوءِ به اهو محسوس ڪن ٿا ته پاڻ آدرشي انسان آهن، بي دڳن کي دڳ لائيندڙ آهن ۽ دنيا جهان جي دردن جي دوا آهن. ليڪن حقيقت ۾ ڪي به نه آهن. هو هاٿي کي به ڇٻر ۾ لڪائي نه ٿا سگهن. سندس اهو طلسم ان وقت تائين باقي رهڻو آهي جيستائين عوام اکيون بند رکيون ايندو. عوام اکيون کوليون ته ڪيترا ڊهي پوندا ۽ طلسم ٽٽي پوندا.

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 08.04.1995)

            . 46 قوم يا هر ڪنهن لاءِ لٽ جو مال

           

     ”ڌڻي“ ۽ ”ڌرتي“ شروع کان وٺي انساني نظرين، قدرن ۽ اصولن جا مرڪز رهيا آهن.ماڻهو ڪڏهن به ”مذهب” ۽ ”ملڪ“ تي آسانيءَ سان سمجهوتو ڪو نه ڪيو آهي.بلڪ اڪثر ڪري انهن ٻنهي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني آهي. پر انهيءَ رت جي ڀيٽا ڏيڻ جو هميشه سبب اهو رهيو آهي ته ٻين تي نه چاهڻ باوجود پنهنجو ”ڌڻي“ مسلط ڪجي ۽ ٻين کان پنهنجي ”ڌرتي“ تي مڙهيل تسلط کي ختم ڪجي.

              انسان انهن ٻنهي حوالن سان ته الائي ڪيترا رت جا درياهه وهايا آهن.ليڪن ”ڌڻي“ جو ٻانهو ۽ ”ڌرتي“ جو خير خواهه جڏهن پاڻ ”ڌڻي“ ۽ ”ڌرتي“ جي نالي تي ظلم ڪري ٿو، منافقي ڪري ٿو ۽ استحصال ڪري ٿو ته ان وقت فقط ۽ فقط علم ۽ قلم جا آواز ٻڌڻ اچن  ٿا، ۽ باقي ضمير، اصول، قدر ۽ نظريا خاموش ٿي وڃن ٿا. سنڌ ۽ سنڌي قوم اڄ ڪهڙي صورتحال مان گذري رهيون آهن؟ جتي ٻيا ماڻهو سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جڏهن سنڌ واسي ڌارين خلاف دانهون ۽ ڪوڪون ڪري رهيا آهن، تڏهن اهڙين حالتن ۾ اسان جو ڪهڙو عمل رهيو آهي ؟

              سچ پڇو ته قوم جي حيثيت ۾ اسان عمل ۽ ڪردار جي حوالي سان انفرادي خواهه اجتماعي طور تي انهيءَ موڙ تي پهتا آهيون ، جتان قومون پنهنجو وجود وڃائي ويهنديون آهن. ايئن ڪو نه آهي ته قومون فقط ڌارين جي دشمنين يا يلغارن سان ختم ٿي وينديون آهن، پر فردن جا عمل به حالتن جي ڳنڀيرائپ هوندي به بيوقتيون راڳڻيون بڻجي پون، بلڪ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ جهڙا ٿي پون ته قوم کي ڪير بچائي سگهي ٿو. اسان پنهنجي بد افعالن، قوم دشمني ۽ ڪوتاهه نظري ڪري انساني تاريخ ۾ هڪ نئين اصطلاح جو اضافو ڪري رهيا آهيون: ”ريڊ انڊينس“ چوڻ سان اها ڳالهه خود به خود سمجهه ۾ ايندي آهي ته اها قوم جنهن کي آمريڪي پناهگيرن تباهه ۽ ختم ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ”سنڌينس“ جو اهو مطلب ورتو ويندو ته اها قوم جنهن پنهنجو پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو. هن وقت داخلي طور تي اسان کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي منفي ڪردار جو مسئلو درپيش آهي.وقت جي تقاضا آهي ته انهيءَ چڪڻ مان چڙهي پئون. ٻئي صورت ۾ اسان جي مستقبل جو واهي الله آهي.

              آئون سڄي دور جي نفي ڪرڻ نه ٿو گهران، نه وري پر خلوص، وفادار ۽ بي لوث مگر آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن فردن جي ڪوششن ۽ قربانين تي منڌيئڙو ڦيرائڻ گهران ٿو. بلڪ اهو تسليم ٿو ڪيان ته انهن جي ئي دم ۽ عمل سان اسان اڃا زندهه آهيون، پر پوءِ به دعويٰ ۽ ثبوت سان چئي سگهجي ٿو، اوهان ڪنهن به اداري ۾ وڃو، ڪنهن تنظيم کان اونت وٺي ڏسو، ڪنهن به کاتي تي نگاهه وجهو، اوهان کي ڪوڙ، دوکي، ڍونگ ۽ فريب کان سواءِ شايد ئي ٻيو ڪجهه نظر اچي. اوهان اديبن ۽ صحافين سان ملو، استادن ۽ شاگردن کي ڏسو، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جي ويجهو وڃو، واپاري يا دوڪاندار سان ملو، عملدار يا امير سان ملو، زندگيءَ جي هر موڙ تي سماج جي لڳ ڀڳ هر ڪردار جي وهنوار، انداز، فطرت ۽ ذهنيت ۾ اوهان کي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي جهلڪ نظر ايندي ۽ قوم جو تصور، قوم جو مفاد ۽ اجتماعي مستقبل جو اونو ڳولهيو به ڪو نه ڏسڻ ۾ ايندو.

              هن مايوس ڪن حالتن ۾ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها محسوس ٿيندي ته اسان جي اڪثريت قوم، قومي مفادن ۽ اجتماعي مستقبل کي ئي لٽ جو مال سمجهي ٿي. اسان دوکو ڪيون ٿا ته پنهنجي سان، اسان فريب ڪيون ٿا ته پنهنجي سان ۽ اسان استحصال ڪيون ٿا ته پنهنجي جو ، پاڻ ڏاڍائي ڏيکارينداسين ته فقط پنهنجي کي. اسان جي باهمي وهنوار جي ئي بگڙيل صورتحال ڪانهي، پر اسان گڏجي جيئن پنهنجي ادارن ۽ قومي ذريعن، وسيلن کي لٽي رهيا آهيون ، انهيءَ عمل اسان کي چور، حرام خور ۽ ڌاڙيل بڻائي ڇڏيو آهي. ٻين شعبن کي ڇڏيو آئون فقط تعليم ۽ تعلمي ادارن جو ئي مثال عرض رکان ٿو.اوهان يقين ڪيو نه ڪيو ، پر هي سچ آهي ته ڪيترا استاد تعليمي ادارن ۾ وڃن ٿا پر پڙهائن ڪو نه ٿا.کين پوءِ به جس پر انهن استادن لاءِ ڇا چئجي جيڪي صرف پگهار وٺڻ واري ڏينهن ايندا آهن. مون تعليم ۽ تعليمي شعبي جو مثال ان ڪري ڏنو آهي جو ان جي پنهنجي منفرد ۽ نرالي اهميت آهي. هن شعبي جي ذريعي ئي آئيندي جي ابن جي شخصيت ۽ ڪردار کي ٺاهيو وڃي ٿو. جڏهن ههڙي اهم ۽ حساس شعبي جو اهو حشر آهي ته پوءِ باقي شعبن جو ڪهڙو حال هوندو؟ تعليمي ادارن جي تباهي، ڪن استادن جي ڌرتي ڌڻين جي مستقبل سان دشمني ڪرڻ تائين محدود ڪونهي. تعليمي ادارا هاڻي تباهي جو مرڪز بڻجي چڪا آهن. شاگردن، استادن ، انتظاميه ۽ والدين پنهنجا مقصد ۽ فرض وساري ڇڏيا آهن. هر ڪو لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ مصروف آهي. ڪنهن کي مفت جا پگهار گهرجن، ڪنهن کي شاگردن جون فيون گهرجن، ڪنهن کي مفت جون مارڪون گهرجن.

    مطلب ته اسان جو معاشرو لٽيرن ۽ مفاد پرستن جي ورڪنگ رليشن شپ جي اصولن تي هلي رهيو آهي. ڪو به قومي ۽ لافاني قدر، نظريو ۽ اصول ڪنهن جي لاءِ به ڪم جو نه رهيو آهي. اسان قوم کي، قومي ذريعن ۽ وسيلن کي لٽ جو مال ڄاڻي هڙپ ڪري رهيا آهيون.نانگ پنهنجي ٻچن کي کائيندو آهي، ليڪن اسان پاڻ کي ۽ پنهنجي مستقبل کي کائي رهيا آهيون. هن تباهي ۽ برباديءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ اهو ماڻهو اهم ڪردار ادا ڪري رهيوآهي ، جيڪو لکيو پڙهيو آهي، جيڪو پاڻ کي سياڻو، عاقل ۽ بالغ ڄاڻي ٿو ، جيڪو پاڻ کي وڏو ڄاڻي ٿو ۽ جن کي ڏسڻ ٻڌڻ کانپوءِ اسان کي مستقبل جي وڻڪار جو احساس ٿيندو آهي.

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،تاريخ : 11.03.1995)

         . 47       هيءَ دشمني ته ناهي

             

    ”جاڳو“ اخبار جي هن ئي ڪالم ذريعي مون دشمنيءَ جي موضوع تي ٻه ٽي ڪالم لکياآهن.انهن مان هڪڙي ڪالم جو عنوان هو”جهيڙو لاهه يزيد.“  انهيءَ ڪالم ۾ مون ڪوڙي انا جي نالي ادب، اخلاق ۽ اصول جي بيخ ڪني ٿيڻ واري ڏکوئيندڙ صورتحال ڄاڻائي هئي.ٻئي ڪالم جو عنوان هو ته ”ڇا اسان کي دشمني ڪرڻ به نه ٿي اچي؟“ ان ۾ مون ٻڌايو هو ته دشمنيون ۽ دوستيون انساني زندگيءَ جا اڻمٽ روپ آهن، پر انهن جا به ڪي اصول ۽ طريقا ٿين ٿا، جيڪي اسان وٽ ڪونهن. اسان انهيءَ وقت اهي اصول ۽ طريقا وساري ويهون ٿا، جڏهن ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪنهن شريف بي ڏوهي ۽ غير لاڳاپيل ماڻهوءَ خلاف محاذ قائم ڪيون ٿا. اسان جا ماڻهو وانگاري فطرت ۽ طبيعت وارا آهن. ان ڪري اسان وانگار تي ٻئي سان وڙهڻ ۽ ٻئي کي مارڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون. هي ڪڌو ڪم ڪندي اسان ”دوستي نڀائڻ“ يا ”وفاداري نڀائڻ“ جي ڊاڙ هڻندا آهيون. سنڌ ۾ اڃا ڪو اهڙو مثال قائم ڪونه ٿيو آهي ته ڪنهن وڏيري، ڪنهن تنظيم يا پارٽيءَ وانگار تي ڪنهن غريب جو گهر ٺهرايو هجي، ڪنهن مظلوم جي مدد ڪئي هجي ۽ ڪنهن بيوس جي امداد ڪئي هجي. اسان ته پاڻ سان چڱائي ڪرڻ سکيا ڪو نه آهيون ۽ نه وري ٻئي سان چڱائي ڪرڻ ايندي اٿئون. هائو، جيڪڏهن ڪنهن جي پاڙ پٽڻي هجي، ڪنهن سان دشمني ڪرڻي هجي يا ڪنهن جي سسي لڻڻي هجي ته پوءِ ڪنهن دوست، ڪنهن وڏيري يا ڪنهن تنظيم جو اشارو ئي ڪافي آهي.

              منهنجي ٽئين ڪالم جو عنوان هو”اقليتن تي عذاب، اڃا ايندو اڳتي.“ هن ڪالم ۾ مون انهن ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر ڪيو هو. جتي ڪا هڪ اڌ ذات تعداد جي لحاظ کان باقي ٻين ذاتين کان گهڻي ٿي ٿئي. سنڌ جيڪا اڳ ئي سماٽ ۽ غير سماٽ جي خانن ۾ ورهايل آهي، تنهن تي ذات پات جو زنگ اهڙيءَ ريت ته چاڙهيو ويو آهي، جو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي شڪل صورت ئي بگڙجي وئي آهي. سنڌي سنڌيءَ جو دشمن ڪيئن ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن اوهان کي اها ڳالهه ٻڌڻي ۽ صورتحال ڏسڻي آهي ته پوءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ وڃو.ذات پرستن هٿان اوهان کي ظلم جا نت نوان داستان گهڙبا محسوس ٿيندا. اڪثر ڪري گهڻائي واري ذات اوهان کي ٻين تي الرون ڪندي نظر ايندي.ڪيترن هنڌن تي ماڻهو ڪتي جي چڪ کان ته بچي سگهي ٿو، پر ذات پرست جي ڌڪ کان بچڻ جو تصور به ڪري نه ٿو سگهي. مون پنهنجي انهيءَ ڪالم ۾ انهن ئي معامرن کي جاءِ ڏني هئي.

              اڄ جو ڪالم اسان جي نفرت، ڪروڌ، وير ۽ دشمنيءَ جي هڪ ٻئي رويئي جي نشاندهي آهي. اسان جاگيردارن ۽ وڏيرا شاهيءَ واري نظام ۾ رهون ٿا. شهري ماڻهو انهيءَ حوالي سان ڪي قدر آزاد ٿين ٿا، پر ٻهراڙين ۾ اڃا اها باهه ٻري ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ هن نظام ڪيترن بيگناهن کي سٽي وڌو آهي.ڀلي ته ڪوئي ڪيترو امير هجي، يا ڪوئي ڪيترو سچو هجي، پر سوچيندو ساڳي هڪ ئي نموني سان. هر ڪو سوچ ۾ وڏيرو ۽ رويي ۾ ڀوتار نظر ايندو. ڪمي ڪنهن ۾ به نظر ڪانه ايندي. وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نظام ۾ بنيادي ڳالهه اها هوندي آهي ته عزت، دولت، شهرت ۽ طاقت فقط پاڻ لاءِ آهي، ٻئي ڪنهن کي به ان ۾ شريڪ ڪرڻو ڪونهي. پر جيڪڏهن شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري يا پاڻ پنهنجن ذريعن، وسيلن، سوچ ۽ لوچ سان عزت، دولت، شهرت، طاقت يا انهن مان ڪنهن به هڪ کي حاصل ڪري ته پوءِ انهيءَ شخص کي جيئرو ڇڏڻو ناهي. پر جيڪڏهن موت به هن کي ماري نه سگهي ته پوءِ هن جو جيئڻ جنجال بڻائڻو آهي ۽ حياتي وهه ڪرڻي آهي.

              ڪو پيٽ کي پٿر ٻڌي ٻه ڏوڪڙ گڏ ڪري ٻني وٺي ۽ جي ڪنهن کي اها ڳالهه نه وڻي ته پوءِ هنن جي فرشتن کي ئي خبر نه پوندي. لکپڙهه ٿي ويندي، دستاويز ٺهي ويندا. شاهدن گواهن جون شاهديون ٿي وينديون ۽ رات جي پيٽ ۾ ڪجهه ٻيو پاڻ هرتو مالڪ بڻجي ويندو. ڪم اهڙو ته پڪو ٿيندو جو نه ته ڪورٽ ئي اصلي مالڪ کي زمين موٽرائي ڏئي سگهي نه وري پوليس ئي هن جو پاسو وٺي.

              پنهنجي ڪا پوڙهي يا ڪرڙوڍ ماري ڪنهن تي ڪارنهن جو چٽو هڻي موت جو ڊپ ڏئي مٿس ڳاٽي ڀڳي چٽي رکڻ، بليڪ ميل يا ڏاڍ ڪري پنهنجي معمولي ملڪيت ڳري بها تي زوريءَ ٻئي کان خريد ڪرائڻ، شادين براتين، جلسن، جلوسن وقت معتبرائپ جي نالي ۾ بيگار يا نقد جي صورت ۾ غنڊا ٽئڪس وٺڻ سنڌ ۾ ڏاڍ مڙسيءَ جي ثقافت ٿي پئي آهي.

              اڪثر ماڻهو نه فقط پاڻ مٿڀري ماڻهوءَ جي مجبوريءَ ۾  غلامي قبول ڪري ٿو، پر موقعي ملڻ تي پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهوءَ کي به ڪاريهر نانگ جيان سٽي وجهي ٿو. هو جتي ڏسي ٿو ته سندس دال ڳرڻ واري ڪانهي ۽ گاهه هن جي گاڏيءَ کان گهڻو آهي ته پوءِ وڏي حرفت سان اهڙي ماڻهوءَ جا ڪن ڀرڻ شروع ڪري ٿو، جنهن جا هٿ هن جو نشانو بنيل ماڻهوءَ لاءِ ”موت جا هٿ“ ثابت ٿي سگهن. پوءِ وڏيري جي اوطاق هجي يا ڪنهن ڪاموري جو دفتر ، هنڌين ماڳين نشانو بڻيل ماڻهوءَ جي گلا غيبت شروع ٿي ويندي، ڪردار ڪشيءَ جا قصا بيان ڪيا ويندا. تر جو ڪو نه ڪو وڏيرو يا ڪامورو جيڪڏهن ڪنن جو ڪچو ٿي، هنن جي ڳالهه ۾ اچي بيوقوف ٿي بيٺو ته پوءِ هنن جا ٻيڙا پار ٿي ويا.

              تعجب جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مڪر ۽ فريب، ڏاڍ ۽ ڏمر جي راند ۾ بيوقوف اهو بڻجي وڃي ٿو، جيڪو پاڻ کي ڏاهو ۽ ڏاڍو سياڻو سڏائي ٿو. اسان جا اڪثر ماڻهو ڪن ڪچي هئڻ ڪري قهر ڪري ويهندا آهن. اسان جا ڪيترا بي ڏوهي ۽ معصوم ائين مظلوم بڻجي ويندا آهن. سنڌ ۾ صدين کان وٺي ايئن بي سبب ظلم جاري آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪيترن ڪونڌرن جا ڪنڌ لڻايا ويا آهن. انهيءَ ڳالهه کي تستائين ٻنجو اچڻ مشڪل آهي، جيستائين ٻين کي به زندهه رهڻ ترقي ڪرڻ ۽ خوش رهڻ جو حق نه ٿا ڏيون.

              عوام کي اها ذميواري سيکاري ڪير؟ اسان وٽ اديب ۽ شاعر ته ايترو بي اثر بڻايو ويو آهي جو کيس گهر جا ڀاتي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اسان جي تعليمي ادارن کي ”اوندهه جا دروازا“ بڻائي هر سال لولا لنگڙا، اڌورا ۽ اڻپورا انسان پيدا ڪيا وڃن ٿا. اسان جي مرشدن کي فقط پنهنجا پير ڌورائڻا آهن. اسان جي اڳواڻن کي رڳو ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻڻيون آهن. ان ڪري سوچڻو انهيءَ کي آهي، جيڪو نشانو ٿئي ٿو. آواز مظلوم کي ئي اٿارڻو آهي، جيڪو متاثر ٿئي ٿو ۽ نشانو بڻجي ٿو. ڇو ته سندس آواز ۾ اثر ۽ جادو ٿئي ٿو.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،        تاريخ : 23.01.1995)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

          . 48 شامتِ اعمال ما صورتِ نادر گرفت

           

     ڪلهوڙن وڏي ڪوشش سان ڀور ڀور ٿيل سنڌ کي مغلن، مغلن جي نوابن ۽ سندن ڇاڙتن کان ڇڏائي اڃا اڪائي جو روپ ئي ڪو نه ڏنو ته نادر شاهه سندن ڪوششن کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏيو. نادر شاهه سنڌ کي وري ٽڪرا ٽڪرا ڪيو، عوام سان ارڏايون ڪيون ۽ ڌرتي خواهه ڌرتيءَ وارا سندس ظلم جو نشانو بڻيا. تنهن دور جي ڏاهن حالتن جو جائزو ورتو ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته نادر شاهه جي آمد تنهن دور جي وس ڌڻين جي عملن، غلط ڪارين ۽ غلط حڪمت عملين جو منطقي نتيجو هو.

              ڇا ايئن ته نه آهي ته اڄ جون اگريون حالتون پڻ اسان جي عملن، غلط ڪارين ۽ غلط حڪمت عملين، غلط سوچ ۽ غلط لوچ جومنطقي نتيجو آهن؟ انهيءَ اهم ۽ ڳنڀير سوال تي هن ئي دور جي ڏاهن انسانن کي سوچڻو آهي.

              منهنجي خيال ۾ هر دور جي سڄي مانڊاڻ ۽ ماحول ۾ مرڪزي ڪردار فرد ۽ ان جي شخصيت ئي ادا ڪري ٿي. جيڪڏهن فرد جي شخصيت ۽ ڪردار جي تربيت خواهه تعمير بهتر رخ ۾ نه ٿي ٿئي ته پوءِ ان جو عمل، ان جي حڪمت عملي، قول ۽ فعل، سوچ ۽ لوچ به صحيح دڳ واري ٿي نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪسوٽيءَ مطابق هن دور جو استاد، اديب ۽ شاعر، صحافي ۽ دانشور، مدبر ۽ مفڪر ڏوهي ثابت ٿئي ٿو. جيڪڏهن استاد ٻيو ڪجهه نه ڪري ها، فقط ۽ فقط فرد کي لکڻ پڙهڻ جو عادي بڻائي ها ته به فرد اڳتي هلي انهيءَ عادت کي ڪم آڻيندي دنيا ۽ جهان کي ڏسي پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ ۽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ها. اسان جو نوجوان ايئن اڄ ڪتاب ۽ قلم، علم ۽ تعليمي ادارن جو دشمن بڻجي نه پئي ها. جيڪڏهن اسان جو اديب ۽ شاعراستاد جو ساٿي بڻجي، بلڪ ”استاد ثاني“ بڻجي فرد کي پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ ٺاهڻ تي توجهه ڏئي ها ته هوند اسان پنهنجي فرسودي تعليمي نظام جي پيدا ڪيل منفي نتيجن تي اثر انداز ٿي سگهون ها. اهڙي ريت جيڪڏهن سياستدان پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ کي ڪامياب ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ڪارڪنن جي قوم دوستي ۽ انسان دوستي تي ٻڌل ذهني ۽ فڪري تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏين ها ته سياست جي صورتحال اڄ ٻي ڪجهه هجي ها.

              بلاشڪ، اسان جي انهن سمورن ادارن ۽ رهبرن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جن ۾ استاد، اديب ۽ سياستدان پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪري نه سگهيا.پر پوءِ به تاريخ ته ڪنهن کان صفائي نه وٺندي آهي، تاريخ جي نظر ته نتيجن تي هوندي آهي.ان ڪري جڏهن به تاريخ منهن کوليندي ته سندس فيصلو استاد، اديب ۽ سياستدان جي خلاف ويندو. ان ڪري جو تاريخ اڳيان فقط نتيجا آندا ويندا ۽ ذهن بدلائيندڙ ڌرين جي ڪا به دانهن يا ڪوڪ تاريخ جي حضور ۾ پيش نه ڪئي ويندي ته کين ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو.

              تضادن جي هن دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه ڪانهي. ظالم ڪيئن چاهيندو ته رحم عام ٿئي؟ جهل ڪيئن گهرندو ته گهر گهر علم پهچي؟ ڪا قهري قيادت ڪيئن پسند ڪندي ته جهنگ جهر ، بر شهر، وستيون ۽ واهڻ، سونهن خواهه سندرتا جا گهوارا ٿين؟ پر تاريخ ڪو به جواز ڪونه ٻڌندي آهي. ان ڪري اسان تضادن جي هن دنيا ۾ جنهن به ڌر سان لاڳاپو رکون ٿا ۽ جنهن به نظريئي، اصول يا عقيدي سان ڄاتا سڃاتا وڃون ٿا، اسان کي ان جي هراول دستي جيان ڪم ڪرڻو پوندو. اسان کي مخالفتون ۽ موافقتون ڏسڻيون پونديون. ان باوجود اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو. ِهن دور ۽ هُن دور جي ڏاهن خلاف تاريخ کي جيڪو فيصلو ڏيڻو پوندو ، ان ۾ اهو پڻ شامل هوندو ته اسان جو دور اسان جي سوچن ۽ لوچن جو منطقي نتيجو هو. جيڪڏهن اسان لاءِ خارجي سببن اُهي حالتون پيدا ڪيون ته اسان به اهڙين حالتن پيدا ڪرڻ جا پاڻ ذميوار رهيا سين. حالتن کي بدلائڻ يا سڌارڻ لاءِ موسمن جي نه پر ماڻهن جي تبديلي کي وڏو عمل دخل هوندو آهي ۽ اسان ماڻهو خواهه ماڻهن جي ذهنن کي ته ڇا پر پنهنجي پنهنجي حلقي جي ذهنن کي به بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

              اسان جي دور ۾ جيڪي به جاڳرتا يا بيداري آڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، حقيقت ۾ انهن مان ڪيترا پنهنجا معتقد، مريد ، اکيون ٻوٽي قبول ڪندڙ ۽ ميان مٺو پيدا ڪري رهيا آهن. ڇو ته جاڳرتا ان وقت تائين اچي ئي نٿي سگهي، جسيتائين فرد جي ذهني ۽ فڪري تربيت نٿي ٿئي. فرد جي ذهني ۽ فڪري تربيت ان وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين سندس شخصيت ۽ ڪردار کي ٺاهيو نٿو وڃي. ليڪن ڪنهن به هنڌ تي ڪنهن به رنگ ۾ اهو ڪم نٿو ٿئي. ان ڪري اسان روز به روز دوغلا، کوکلا، مفاد پرست ۽ نظرين کان وانجهيل، ڪورا، اڌورا ۽ اڻپورا ساٿي خواهه حلقا جوڙيندا رهون ٿا. ڪارڪن کان وٺي عوام تائين ڪنهن جي به بنيادي تربيت نٿي ٿئي. فقط کين وقتي جذبو ۽ جنون ڏنو وڃي ٿو ۽ سندس انهيءَ جوش خواهه عقيدتمندي جو ڀرپور استحصال ڪيو پيو وڃي. ان ڪري فرد کان وٺي گروهه تائين ۽ گروهه کان وٺي قوم جي چڱي خاصي حصي تائين، هر ڪنهن جي حڪمت عمليءَ ۾ جهول ٿئي ٿو. هر ڪنهن جي سوچ ۽ لوچ ۾ تضاد ٿئي ٿو ۽ اسان هر دفعي ڪن ٽوپائڻ بدران ڪن وڍائي ويهون ٿا. حالتون جيڪو به رخ يا رنگ وٺن ٿيون، ان لاءِ وڏي کان وڏي ذميواري ۽ ڀاڱي ڀائيواري اسان جي ٿئي ٿي . ايئن ان وقت تائين ٿيندو رهندو جيستائين اسان ”فرد“ ۽ ”ڪارڪن“ جي شخصيت خواهه ڪردار کي نه ٺاهينداسين. اهو ڪم وري تڏهن ڪري سگهجي ٿو، جيستائين ٻين کي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ بدران پهريون ”پاڻ“ کي ٺاهيون، سڌاريون ۽ بدلايون.

     

    (ڪالم ”فالو – آن“، روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ،       تاريخ : 05.10.1991)

         . 49       ماندي ٿيءُ نه مارئي

     

    جن حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، اهي بلاشڪ تشويشناڪ آهن . شاندار ماضيءَ کي اسان پاڻ وساري ويٺا آهيون.روشن آئيندي جو وري ايترو اونو اٿئون جو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي لاءِ پڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. امتحان ڏيون ته ڪاپي ڪري، نوڪريون وٺون ته ڏوڪڙ ڏئي. صنعت ۽ تجارت سان لڳي ئي ڪانه ، ثقافت سان فقط نعري بازي جو عشق اٿئون. پنهنجي اهڙن پرڪارن جي باهه تي حالتن وري گاسليٽ جو ڪم ڏيکاريو آهي. شهرن ۾ دهشتگرديءَ ته  ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف پاڻي. ڪنهن کي ڪا واٽ ڪانه ٿي ملي. هر ڪنهن جون متيون ئي منجهي پيون آهن. سياسي ڪارڪن پنهنجي قد بت وڌائڻ ۾ مصروف آهن. ملڪ جا مدبر الائي ڪهڙي سياست ۾ مصروف آهن. دانشورن کي دنيا پنهنجو مڃڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي.

         اهڙين سنگين حالتن کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٻهراڙيءَ جو معصوم، سٻاجهو ۽ سڌو سنئون اهو عوام آهي، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت ۾ آهي. جنهن کي اسان پنهنجي معيشت جو ابو چئون ٿا ۽ جنهن کي اسان جا مدبر قوت جو سرچشمو چون ٿا. بلاشڪ شهرن ۾ رهندڙ عوام به آزار ۾ آهي، پر دکن ۽ دردن، سورن ۽ عذابن ۾ ٻهراڙيءَ وارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندن سورن جي مذڪور جو اندازو هڪ مثال مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته آئون جنهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ رهان ٿو، اهو ڌاڙيلن جي دهشتگرديءَ جو ڇهه دفعا نشانو بڻجي چڪو آهي  ۽  هر دفعي ڌاڙيل پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي موٽيا آهن. ٻه دفعا هنن پوليس پارٽين کي نشانو بڻايو ۽ چار دفعا هو ماڻهن کي اغوا ڪري ويا. اغوائن جي وارداتن عوام جي سوچن ۽ لوچن کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو ٻهراڙيءَ جو ڪو به ماڻهو پنهنجي جان، مال ۽ عزت کي محفوظ نٿو ڄاڻي. بي حسي ۽ بي همٿي جو اهو عالم نظر اچي ٿو ته جڏهن ڪا سرڻ ڪنهن ڪڪڙ جا چوزا کڻڻ اچي ٿي ته ڪڪڙ ان سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر جڏهن ڌاڙيل ڪنهن گهر ۾ گهڙي  ڪو ٻار ٻڍو اغوا ڪرڻ گهرن ٿا ته گهر ڌڻي، ڪڇي، پڇي ۽ لڇي نٿا سگهن. لوڪ ڪهاڻين ۾ پڙهيو اٿئون ته ڪنهن بادشاهيءَ ۾ راڪاس بڙم باڪاس انساني آبادين کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ روزانو ڪيترا ماڻهو کڻي کائي ويندو هو. پوءِ بادشاهه فرمان جاري ڪيو ته هر ڪو گهر واري وٽيءَ ۽ پنهنجي رضا خوشيءَ سان راڪاس کي ماڻهو ڏئي. لڳي ٿو ته جيڪڏهن حالتون اڃا به ابتر ٿيون ته پوءِ ٻهراڙيءَ جو عوام به اهائي واٽ وٺندو ۽ واري وٽيءَ سان پاڻ کي اغوا لاءِ پيش ڪندو. اغوائن جي انهيءَ عالم ۾ ٻهراڙيون خالي ٿيڻ لڳيون آهن. ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي رهيا آهن. ڌن – ڌڻي جي دولت ”ڪاري ناڻي“ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هن موڙ تي ۽ هنن حالتن ۾ جيڪڏهن لطيف سائين ٻيو جنم وٺي پنهنجي ڌرتي ڏسي ها ته وري کيس ساڳيون سٽون ورجائڻيون پون ها ته ”ڏسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.“

    انهن حالتن ۾ ڪو به عوام جو ڀرجهلو ڪونهي. ڪو به کين آٿت نٿو ڏئي. ڪو به کين دڳ نٿو لائي. جڏهن ته وقت جي اها تقاضا آهي ته کين پيغام ڏنو وڃي ته ”ماندي ٿيءُ نه  مارئي، تنهنجو الله ڀي آهي.“

     جيڪڏهن اڄ جي حالتن ۾ عوام پنهنجي ئي رنگ نسل بلڪ پنهنجن ئي ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻيو آهي ته اها تڪليف ڏيندڙ هئڻ باوجود نئين ڳالهه ڪانهي.ڇو ته عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ساڳئي صورتحال کي صدين کان وٺي منهن ڏيندو آيو آهي، مٿس ڪنهن ڪنهن ڌاڙا نه هنيا آهن. سياستدانن جي اڪثريت سندس ويساهه ۽ عقيدت تي ڌاڙا هنيا، عملدارن رعيت آزارن سندس حقن تي ڌاڙا هنيا، واپاري هن جو رت چوسيو، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن هن جا کيسا خالي ڪيا،ملان کيس نفرت جي نگاهه سان ڏٺو. سندس چڱي مڙس کيس پنهنجي کٽ تي ويهارڻ به پسند نه ڪيو. هو عزت جي زندگي گذارڻ لاءِ صدين کان آتو آهي. نه کيس تعليم ملي، نه کيس تربيت ملي. هو صدين کان وٺي اڪيلو ۽ ڇورو ڇنو آهي، بي وس ۽ مجبور آهي. انهيءَ عوام تي جڏهن آزارن مٿان آزار ٿين ٿا، ۽ عذابن مٿان عذاب اچن ٿا ته ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون. ۽ جڏهن به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، تڏهن ڪابه شئي چٽي ۽ صاف نظر نه ايندي آهي. ڳوڙهن سان ڀريل اکين واري انسان جي هٿ ۾ جڏهن لٺ، باٺو، بندوق يا ڪلاشنڪوف اچي وڃي ٿي ته پوءِ ايئن ئي ٿئي ٿو ، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي. هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مختصر جواب اهو آهي ته مظلوم ، مظلوم کي نشانو بڻائي رهيو آهي. نشاني بڻائڻ جي شدت ظالمن جي ظلم کان به وڌيڪ گهري ٿيندي  آهي .

         هنن حالتن ۾ عوام کي فقط اهو احساس ڏيڻو آهي ته انسان اٽل ۽ اڏول ٿئي ٿو . حالتون ۽ حادثا، زلزلا ۽ طوفان، وبائون ۽ جنگيون، ڌاڙا ۽ اغوائون اسان جي تاريخ جو بدقسمتيءَ سان اڻمٽ رنگ بڻجي چڪيون آهن. ڪنهن دور ۾ عوام تي قهر نه ٿيا؟ ڪن اسان جي وڏڙن کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو ته ڪن سندس کلون لهرايون، ڪن کين گهاڻن ۾ پهرايو ته ڪن تتل ڪڙاهن ۾ اڇليو ، پوءِ به اسان جو نسل ختم ڪونه ٿيو، پوءِ به اسان جا وڏڙا حياتيءَ کان مايوس نه ٿيا. بلڪ هنن موت جي بازار ۾ زندگيءَ جو رقص ڪري ڏيکاريو. ڏکن جا ڏونگر ڏاري ڏيکاريا. تڪليفن جا آسمان سر تي کڻي پنهنجي منزل طرف وڌي ڏيکاريو، ان ڪري مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي. ليڪن تدبر ۽ تحمل سان ، بردباري ۽ بهادريءَ سان حالتن کي بدلائڻو آهي. جيڪڏهن عوام ڪجهه به نه ڪري ته به زندهه رهي سگهي ٿو ۽ دنيا جي ڪابه قوت کيس ختم ڪري نٿي سگهي. پر جيڪڏهن هن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو، هنن حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي پرکيو، ڌاڙيلن پيدا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پيدا ڪرڻ جون حالتون بدلائي ورتيون، رٺلن کي پرچائي ورتو ۽ پرتلن کي پنهنجو ڪري ورتو ته اسان جا هي ڏکيا ڏينهن ختم ٿي سگهن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ عوام اڳرو ٿيندو ۽ اڳرو آهي. نه فقط ايترو پر عوام اڏول آهي  ۽ عظيم آهي. کيس نه ته مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه وري خوف ۽ دهشت جي احساس جو ٻل ٿيڻو آهي.

     

     

    (ڪالم ”فالو – آن“، روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ،

    تاريخ : 26.10.1992)

     

     

     

     

     

     

           . 50    مفروضن جا ماريل ماڻهو

           

    حيلا، وسيلا ۽ ذريعا انسان کي پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪندا آهن. اياز ٻڪرار هئو، پر جڏهن کيس محمود جي روپ ۾ حيلا، وسيلا ۽ ذريعا ملي ويا ته وڏو ماڻهو بڻجي ويو ۽ هن جون ذاتي صلاحيتون نکري بيٺيون.

              سنڌ ۽ سنڌ واسين جي نصيب ۾ حيلن، وسيلن ۽ ذريعن جي کوٽ رهي آهي ۽ جڏهن به ڪنهن قوم جو اهڙو حشر ٿيندو آهي يا ڪيو ويندو آهي ته پوءِ اها قوم اڻ ڏٺين قوتن ۽ معجزن ۾ ايمان رکڻ شروع ڪندي آهي. هن جي لوچ ته گهٽجي ويندي آهي پر سوچ ۾ اضافو اچي ويندو آهي . انهيءَ سوچ جو بنياد وري وهم ۽ وسوسا بڻجي پوندا آهن ۽ هر ڪنهن فرد جي بصيرت مفروضن تائين محدود ٿي ويندي آهي. اسان جو اهو ئي حشر آهي ۽ اسان انهيءَ موڙ تي پهچي چڪا آهيون.

              مفروضا ، وسوسا ۽ وهم اسان جي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ واهيرا ڪري ويٺا آهن. ان ڪري اسان حالتن، واقعن ۽ فردن جي جاچ پڙتال سائنسي بنيادن تي ڪري نه ٿا سگهون، پر ان جي برعڪس انهن بابت پاڻ ڪو نه ڪو مفروضو ٺاهي، انهيءَ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهون ٿا.

    تاريخ ۽ تحقيق جي صحت ۽ سند اسان جي انهيءَ مفروضاتي سوچ ڪري مُرجهي پئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد انهيءَ مفروضاتي روين جي ور چڙهي اسان کان اوجهل ٿي ويو آهي . اسان جي مفروضاتي سوچ جو اهو عالم آهي جو سابق وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کان زندهه رهڻ جو حق کسيو ويو، سندس مزار جڙي وئي، پر ڪيترا ماڻهو ڪيتري وقت تائين اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه رهيا ته ڪو سابق وزير اعظم هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه رهيو آهي. ڌاڙيل پرو چانڊئي تي مئي کان پوءِ پڙ پون ٿا ۽ هن جي حياتيءَ تي فلم ٺهي ٿي. اهو سڀ ڪجهه اسان جي مفروضاتي سوچ جو نتيجو آهي. اسان جي انهيءَ سوچ الائي ڪيترن آدرشي انسانن کي سٽي معمولي انسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ڏوهارين کي متقي ماڻهن کان به مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي.

    پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل، اڪثر ماڻهو اهڙي سوچ رکن ٿا ۽ انهيءَ سوچ جي بنياد تي قائم ڪيل نظرين، قدرن ۽ اصولن لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏين ۽ وٺن ٿا. ڪن حالتن ۾ ته ڳالهه ويڙهه ۽ ڄنڊا پٽ تي به پهچي وڃي ٿي.

    مفروضاتي سوچ رکڻ اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي پئي آهي، بلڪ اسان انهيءَ سوچ جا غلام بڻجي چڪا آهيون. اهوئي سبب آهي جو ڪنهن ڳالهه جو آڳو پيڇو ڪو نه ٿا جاچيون ۽ عقل جون اکيون ٻوٽي ويهي ٿا پاڻ مرادو ان جا روحاني راز ڳولهيون. اسان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسڻ کانسواءِ ۽ ملڻ کانسواءِ هن سان انتها درجي جي محبت يا نفرت ڪيون ٿا. اسان انهيءَ موڙ تي اچي پهتا آهيون ، جو هاڻي عقل به اسان تي ماتم ڪري ٿو.

    هن عذاب مان جند ڇڏائڻ کان سواءِ اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪنهن به قسم جي ترقي ڪري نه ٿا سگهون ۽ ڪنهن صورت ۾ سچ ۽ ڪوڙ ، حق ۽ ناحق، ظلم ۽ رحم بلڪ تضادن جي تميز ڪري نٿا سگهون. اسان کي اها ڳالهه ڌيان رکڻي آهي ته پاڻ کي ئي اڻ هوند مان هوند ڪرڻي آهي، ۽ پاڻ کي ئي پنهنجو محتسب ٿي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏسڻو آهي. اسان کي پنهنجي سوچ ۽ لوچ ۾ توازن پيدا ڪرڻو آهي.پاڻ کي فقط ۽ فقط سوچڻ تي ئي سندرو ٻڌڻو ڪونهي، بلڪ ان کان ٻيڻو ٽيڻو لوچڻو آهي. اسان جيترو پاڻ کي مصروف رکنداسين، اوترو ئي مفروضن تي ٻڌل سوچ جو معيار ۽ اندازو گهٽبو ويندو. بلڪ اهڙي صورت ۾ اسان پنهنجن ڏاهن، مدبرن ۽ مفڪرن کي به ٻڌڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪنداسين. هاڻي ته هر ڪو پاڻ کي عقل جو اڪابر بلڪ”عقل ڪلُ“ ڄاڻي ٿو ۽ ڪنهن جي ڪا چڱي ڳالهه ، صلاح ۽ نصيحت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.

    مغربي ملڪن ۾ صلاح مشورو ئي زندگيءَ جي هر ڪنهن شعبي ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. وڏا وڏا سرمائيدار، عملدار ۽ سياستدان قانوني، سياسي ۽ قتصادي ماهرن کان مشورا وٺندا آهن. اهي ڪي ايڏا بيوقوف ڪونه آهن ۽ نه وري سندن عقل تي تالا لڳل آهن. هنن وٽ ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ جو قدر آهي ۽ پاڻ کي ”عقل ڪل“ نه ٿا ڄاڻن. اسان جيڪي  پاڻ کي عقل جا اڪابر ڄاڻون ٿا ڪنهن کي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه آهيون، مغربي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اسان زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ پٺتي آهيون، ان ڪري پوئلڳ بڻجي چڪا آهيون.

    اسان جو ڇوٽڪارو انهيءَ ۾ آهي ته اسان جنهن شعبي ۾ آهيون، فقط انهيءَ شعبي جي دائري تائين سوچيون ۽ ٻئي شعبي ۾  ڄنگهه نه اٽڪايون، اسان جيڪڏهن شاگرد آهيون ته پنهنجون سوچون به شاگرديءَ جي حدن تائين محدود هجن.اسان جيڪڏهن استاد آهيون ته اسان جون سوچون به انهيءَ رنگ جون هجن. لطيف سائينءَ جي ڏوراپي ”جي ڪوڙو تون ڪفر سين، ته ڪافر ڪيم سڏاءِ“ کان بچڻ لاءِ اسان پنهنجي قول، فعل ۽ ڪردار ۾ اهي نظر اچون، جيڪي آهيون. اهڙي صورت ۾ اسان ٻهروپي ۽ ڏوهروپي ٿيڻ کان بچي وينداسين ۽ اسان جي شخصيت اڌ ڪاٺ جي ۽ اڌ لوهه جي نظر نه ايندي.ايئن ڪرڻ سان اسان نه فقط مفروضاتي سوچ رکندڙ شخصيت ٿيڻ کان بچي وينداسين بلڪ حقدار کي حق به ڏينداسين، اهو هن روپ ۾ ته استاد کي استاد ڄاڻينداسين، والدين کي والدين تسليم ڪنداسين، سياستدان کي سياست ڪرڻ ڏينداسين ۽ ڏاهي کي ڏاهو ڄاڻينداسين. پاڻ”عقل ڪل“ جي عذاب کان بچي وينداسين ۽ هڪ اڌوري اڻپوري وجود ۾ اڻڳڻين شخصيتن کي جن جيان واسو ڪرڻ نه ڏينداسين.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،            تاريخ : 27.09.1994)

         . 51    اچو ته کوهه مان ٻلو ڪڍون

             

    هن دور ۾ جيڪا تعليمي ترقي ٿي آهي ۽ تعليم يافتن جو تعداد وڌي ويو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پر پوءِ به هر ڪنهن جي وات اهائي وائي آهي ته اسان ۾ ”لکيل پڙهيل جاهلن“ جو طبقو وڃي ٿو وڌندو مضبوط ۽ منظم ٿيندو.  سنڌ ۽ سنڌ واسين جيڪي به سور ڏٺا ۽ سٺا آهن، اهي کين لکيل ”پڙهيل جاهل“ طبقي ئي ڏنا آهن. ڪنهن اڻ پڙهئي غريب هاريءَ ۽ مسڪين ڪڏهن به سنڌ لاءِ ڪو مامرو پيدا نه ڪيو آهي. هر ڪا مصيبت هٿ ٺوڪئي معتبر ۽ بي عمل ڊگري يافته ماڻهن جي غلط ڪارين جو نتيجو ٿئي ٿي.

              اسان اٺ ڪتابن جا ته پڙهي ويا آهيون، پر ڪنهن حد تائين حاصل ڪيل علم کي پنهنجي عمل تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏنو آهي. ويتر علم کي اوٽ بڻائي پنهنجي مفاد پرستيءَ، استحصالي حرفت ۽ دوکي بازي جي اوڳڻن کي انوکو روپ ڏنو آهي. چيو ويندو آهي ته بارش جا ڦڙا جڏهن سمنڊ جي سِپ ۾ پوندا آهن ته موتي بڻجي پوندا آهن ۽ اُهي جڏهن ڪنهن بر پٽ بيابان جي سَپَ (نانگ) جي منهن ۾ پوندا آهن ته زهر بڻجي پوندا آهن. علم جي بارش به اسان تي ايئن اثر انداز ٿي آهي.اسان مان ڪيترا رڻ پٽ جي انهن نانگن برابر آهي، جن علم جي قطرن مان زهر ٺاهڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاتو آهي.

              ملان کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو دعا ڦيڻي ذريعي پنهنجي معجزن جو واپار ڪري ٿو.وڪيل کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو ڏوڪڙن جي ڪمائي ۽ پيشيورانه مجبوريءَ جو بهانو ڏئي ، انهيءَ ماڻهوءَ جو به ڪيس وڙهڻ ۽ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، جنهن سندس ئي پٽ کي اغوا ڪيو هجي يا سندس ئي گهر کي کاٽ هنيو هجي. استاد کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو ڪلاس روم ۾ علم کي عام ڪرڻ بدران ٽيوشن تي مارو ڪري ٿو. مطلب ته زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪا به ڪمي ڪانهي، جيڪي پنهجي علم کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استحصالي حرفت ۽ دوکي بازيءَ لاءِ ڪم نه آڻيندا هجن.

              اسان پڙهيو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ.“ پر پاڻ اهڙو سچ چونداسين جو پاڻ بدران ٻين کي نچائينداسين. علم سيکاريو ته حق جي واٽ وٺو، پر اسان انهيءَ سنگلاخ ۽ پُر خطر رستي تي هلڻ لاءِ ڪڏهن به پاڻ تيار ڪو نه ٿينداسين. ان جي برعڪس حق ٻڌائڻ ۽ حق جي حيثيت بچائڻ بدران پاڻ بچائڻ تي زور ڏينداسين. اسان علم کي فقط پڙهڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ علم جو اسان جي عمل ۽ عملي زندگيءَ سان تر جيترو به تعلق ڪونهي. اسان علم ٻين لاءِ حاصل ڪندا آهيون ۽ ٻين کي پنهنجي احترام ڪرڻ ۽ علم تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا آهيون. علم اسان کي بدلائي نه سگهيو آهي. اسان انهيءَ کوهه مثال آهيون، جنهن ۾ ٻلو ڪري پيو هجي ، اسان انهيءَ کوهه مان ٻه ٽي سو دلا پاڻيءَ جا ڪڍي اهو ڄاڻي ويٺا هجون ته کوهه پاڪ ٿي ويو . انهيءَ کوهه ۾ ٻلو ساڳيوئي هجي ۽ اسان ان کي ٻاهر نه ڪڍون ته کوهه پاڪ ڪو نه ٿيندو. اسان ڪانه ڪا ڊگري وٺي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وارو ڪم ته ڪيون ٿا ، پر پنهنجي اندر واري گند غير کي ٻاهر نه ٿا ڪڍون. اهوئي سبب آهي جو علم اسان کي ۽ اسان جي اندر کي اجاري نه ٿو سگهي. اسان اوڳڻ نه فقط اپنايون ٿا، پر اوڳڻائپ کي پنهنجو بنيادي حق ڄاڻون ٿا.

              جيڪڏهن علم اسان تي تر جو به اثر ڇڏيو هجي ها ته هوند پنهنجي اولاد ۽ شاگرد کي ڪاپي ڪلچر جو غلام نه بڻايون ها. جيڪڏهن علم اسان تي اثر انداز ٿيو هجي ها ته اسان پارت ۽ سفارش تي ڪن نه ڏيون ها، جيڪڏهن علم کي اسان دل و جان سان قبول ڪيون ها، ته پوءِ رشوت نه وٺون ها. جيڪڏهن اسان علم کي ٽين اک طور قبول ڪيون ها ، ته ذات پات جا زنجير پائي ننڍ وڏائيءَ جي بتن کي سجدا نه ڪيون ها. جيڪڏهن علم اسان لاءِ ڪا اهميت رکي ها ، ته اسان پنهنجي ماروئڙن سان غير مشروط پيار ڪيون ها. جيڪڏهن ڪو رسي پئي ها ته ان کي پاڻ وڃي پرچايون ها. پنهنجي وطن کي ”ڌرتي ماتا“ سمجهون ها. جيڪڏهن علم اسان لاءِ ڪا معنيٰ رکندو هجي ها ته پنهنجي عالم ۽ دانشورن جو قدر ڪيون ها. اسان ته پنهنجو قدر پاڻ به ڪو نه ٿا ڪيون.جيڪڏهن پنهنجو قدر ڪرڻ اچي ها ته اوڳڻن کان پاسو ڪيون ها. اسانجي عمل ، زبان ۽ هٿ کان ٻيو محفوظ هجي ها، پر حقيقت ايئن ڪو نه آهي. اسان کان ڪير به محفوظ ڪونهي، بلڪ اسان پاڻ به پاڻ کان محفوظ ڪو نه آهيون.

              علم انسان کي بيوس ۽ بي حس نه بڻائيندو آهي. علم انسان جي نفرت، چڙ، ڏمر ۽ ارڏائپ کي ته ختم نه ڪندو آهي ، پر ان کي مثبت موڙ ڏيندو آهي. علم اسان کي ناحق سان نفرت ڪرڻ جو حوصلو ڏئي ٿو، پنهنجي اوڳڻن تي چڙهڻ سيکاي ٿو، ظلم تي ڏمر ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو ۽ ڏاڍ سان ارڏائپ ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿو. پر انهيءَ صورت ۾ جڏهن اسان پنهنجي عمل کي حاصل ڪيل علم سان ملايون. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن پهريون پنهنجي وجود واري کوهه مان طمع ، خود غرضي ، ۽ ذاتي مفاد وارو مئل ٻلو ٻاهر ڪڍون ۽ پوءِ ان کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي سئو دلا پاڻيءَ جا ڪڍون. پر جيڪڏهن ٻلو کوهه ۾ پيو هوندو ته سڄي کوهه خالي ڪرڻ سان به پاڪ نه ٿيندو.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 11.10.1994)

       . 52اچو ته قومي آسمان جي اوزون جا تهه بچايون

             

    ڌرتيءَ جي آسمان سان ، جيڪا زيادتي ترقي يافته ملڪن ڪئي آهي، آسمان وارا ان جو بدلو اسان جي ايندڙ نسلن کان وٺندا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ترقي يافته ملڪن جي ڪارخانن جي دونهين، ايٽمي تجربن ۽ بارود جي استعمال جي اثر، آلودگي ۽ ٻين سببن ڪري اوزون جو تهه ڦاٽي رهيو آهي.هي تهه صدين کان وٺي انسان ذات ۽ ٻئي مخلوق جي صحت ۽ سونهن جو ضامن پئي رهيو آهي. جيڪڏهن هن تهه کي وڌيڪ ڇهيو رسيو ته پوءِ انسان جي سونهن ۽ سندرتا ختم ٿي ويندي. اوزون جو تهه سج جي روشني ۽ گرمي کي روڪي نه سگهندو. پوءِ نتيجي ۾ ايتري گرمي وڌي ويندي جو هر ڪنهن کي يقين ٿي ويندو ته سج نيزي پاند اچي ويو آهي. پوءِ چمڙيءَ جون بيماريون عام ٿي وينديون. اڳتي هلي انسان جي چمڙي جانورن جي چمڙي کان به وڌيڪ سخت ۽ کهري ٿي پوندي. پوءِ ايندڙ دور جا شاعر اسان وانگر پنهنجي محبوب کي ڪنهن گل سان تشبيهه نه ڏيندا، ڪنهن جا ڳل بخمل جهڙا نرم محسوس نه ڪندا. ايندڙ دور جا شاعر وڏي فخر سان چوندا ته منهنجي محبوب جي کل اهڙي نرم آهي جهڙي ڪنهن هاٿي يا گڏهه جي . سچ پچ ته آڳرين تي ڳڻڻ جيترا ترقي يافته ملڪ انسان ذات جي وڏي انگ جي مستقبل ، سونهن ۽ خوشين جا ويري آهن. هو اوزون جي تهه کي نقصان پهچائي، جهڙوڪ اڀ کي ڦاڙي رهيا آهن ۽ باقي قومون ڦاٽي اڀ کي ٽوپا ڏيڻ ۾ مصروف آهن .

              بنهه اهڙيءَ ريت هر قوم جي هر ڪنهن شعبي ۾ به ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد ٿيندا آهن، جيڪي وري پنهنجي قول ۽ فعل ، فطرت ۽ ذهنيت، شخصيت ۽ ڪردار سان قومي اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي واري آسمان جي اوزون واري تهن کي نقصان رسائيندا رهندا آهن. سندن ڪرتوتن جو به قوم جي آئيندي تي اهڙو غلط اثر پئي ٿو، جهڙو آسمان واري اوزون واري تهه ڦاٽڻ سبب انسان تي اثر پوندو. هن ڪري قومي ڪردار واري چمڙي کي بيماريون وڪوڙي وينديون آهن، قدرن ۽ نظرن جي سونهن متاثر ٿيندي آهي ، سوچن مان سرهاڻ ختم ٿيڻ لڳندي آهي ۽ لوچن جي رفتار سست ٿي ويندي آهي.

              قومون جيڪڏهن اجتماعي طور تي غلط فيصلو ڪن ته ڊڄڻ جي ڳالهه ڪانهي ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙين قومن ۾ جيڪڏهن پاڻ کي ۽ پنهنجي عمل کي درست ڪرڻ جي ساڃاهه آئي ته اهي مثالي قومون بڻجي وينديون . چيني قوم اجتماعي غلطي ڪري پاڻ کي آفيمي قوم بڻائي ڇڏيو. هيءَ قوم سالن جا سال انهيءَ آپگهاتي وهنوار ۾ مصروف رهي. تباهي جي انهيءَ عاشق قوم کي جڏهن عزت ڀرئي انداز سان زندهه رهڻ جو احساس ٿيو، تڏهن هر ڪو بدلجي ويو ۽ هر ڪا شئي بدلائي ڏيکاريائون.

              پر تاريخ جا ورق انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته جڏهن به ڪنهن قوم جي مختلف شعبن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد ڪاريون رڍون بڻجي پيون ۽ پنهنجي غلط سوچ ۽ لوچ سان قومي آسمان جي اوزون واري تهه کي ڇهيو رسائڻ شروع ڪيو ته نتيجي ۾ قوم جواجتماعي سڌارو ناممڪن ٿي پيو.

              آسمان جو اوزون وارو تهه سج جي گرميءَ کي روڪي ٿو ۽ ڌرتيءَ تائين اوتري گرمي پهچائي ٿو جنهن جي ڌرتي ۽ ان تي پلجندڙ جيوت کي ضرورت ٿئي ٿي. اهڙي نموني ۾ آدرش، آدرشي شخصيتون، آدرشي اصولن، نظرين ۽ قدرن جا پرچاري قومي آسمان جي اوزون جي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي آدرش، آدرشي شخصيتن ۽ انهن جي مبلغن خلاف رڻ ٻرايو ويو ته ان قوم کي وقت ۽ حالتن واري سج جي گرمي کان ڪير به بچائي نه سگهندو ؟

    اسان پڻ بنهه اهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون. اسان جا آدرشي انسان، اسان جا آدرشي قدر، نظريا ۽ اصول، انهن جو پرچار ڪندڙ علم ڌڻي ۽ قلم ڌڻي۽ انهن جا مرڪز يعنيٰ ادارا هاڻي اوزون جي تهه وانگر تباهه ڪيا پيا وڃن. اهو ڪو سموري قوم جو گڏيل فيصلو ڪونهي. انهن کي تباهه ڪندڙ ڪا آسماني مخلوق به ڪانهي، نه  وري ڪو ڌاري ۽ دشمن قوم جي اها سازش آهي. پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن هٿ ٺوڪين قومي هڏ ڏوکين، نام نهاد ڏات ڌڻين ۽ مفاد پرست نقلي باشعورن جو ڪم آهي.اهي ياجوج ماجوج جيان اسان جي قومي آسمان جي اوزون واري تهه کي چٽي رهيا آهن. اهي اسان جي آدرشن جا دشمن، مدبرن جا منڪر، ادارن جا ويري ۽ اديبن خواهه شاعرن جا مخالف آهن.

              اديبن جي مخالفت کان ڪير ٿو ڪنهن کي روڪي؟ اديب ۽ شاعر واري جا ڪوٽ بڻجي ۽ حالتن جي تيز رفتار درياهه کان جيڪڏهن پنهنجو پاڻ ، قوم ۽ قومي قدر بچائي نه سگهن ته پوءِ واريءَ جا اهڙا ڪوٽ ڪهڙي ڪم جا؟ قوم کي اعتماد ۾ وٺي، بلڪ قوم کي ساڻ کڻي انهن خلاف ”اجتماعي تحريڪ“ هلائڻ وقت جي ضرورت بڻجي پوندي . اهڙي نموني سان ادارا جڏهن الله کي پيارا ٿي وڃن يا ڪيا وڃن ته انهن خلاف به اهڙي طريقه ڪار سان تحريڪ هلائي سگهجي ٿي. پر جڏهن ذاتي ۽ گروهي مفادن کي آڏو رکي ڪنهن اداري ، آدرشي اصولن يا شخصيت خلاف تحريڪ هلي ته ان کي اسرڻ کان اڳ وائکو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اهڙي تحريڪ اسان جي قومي آسمان واري اوزون جي تهه کي ڇهيو رسائيندي .

    اسان جي سچن ڏات ڌڻين کي ڪوئي ڌاريو لٺ ۽ چٺ سان جهڪائي نه سگهيو .کين ڪنهن عهدي ۽ رتبي جي پنجوڙ به ڪو نه ڦاسايو . هنن ڪنهن کان ڪجهه ورتو به ڪو  نه ، ان جي برعڪس قوم کي ڏنو . هنن پنهنجي حياتي جي خوشين، ذريعن ۽ وسيلن جي ميڙي چونڊي قوم کي واپس ڏني. انهن خلاف ڪڏهن ڪڏهن عوام دشمن قوتون نقلي دانشورن کي ئي ڪم  آڻي اسان جي ڏات ۽ ڏاهپ ، فڪر ۽ فلسفي واري اوزون جي تهه کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي .

    اهڙي ريت آدرشن ، ادارن ، نظرين ۽ قدرن خلاف جيڪا تحريڪ هلي ته پاڻ کي ڏسڻ گهرجي ته ، اها اجتماعي نوعيت ۽ قومي مفادن وٽان آهي يا انهن ياجوجن ماجوجن جي جي هلايل تحريڪ آهي جن کي قوم دشمن ۽ عوام دشمن قوتن اهڙي هُشي ڏني آهي. ڇا اهو ممڪن نه آهي ته اسان جا اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد قومي آسمان واري اوزون جي تهه کي ايئن ڇيهي رسائڻ بدران قومي جرڳا سڏائي ادارن ۽ فردن خلاف ڪيس هلائن ۽ احتساب جون روايتون قائم ڪن ؟  

     

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 12.07.1994)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

    53.            وڍيل ٿي وايون ڪري ………

     

            ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين جي ڪن سٻاجهن خيرخواهن جو خيال آهي ته زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ وسيع تر اتحاد ۽ اتفاق ٿيڻ گهرجي . اديبن کي ادب جي دنيا ۾ ويڇا وسارڻ گهرجن ، سياستدانن کي قوم جي مفاد ۾ هڪ ٿيڻ گهرجي . اهڙي خواهش رکندڙ هر ڪو حساس ماڻهو جذبن جي سادگيءَ تي کيرون لهڻي ۽ سندن وات گلاب . پر اهڙي خواهش اسان جي حالتن ۾ انهيءَ سهڻي خواب برابر آهي ، جنهن جو ڪو به تعبير ڪو نه ٿيندو آهي . جيڪڏهن عملي ۽ نظري طور تي اها خواهش ڪو روپ وٺڻ جهڙي هجي ها ته پوءِ ”سنڌ قومي اتحاد“ جو ههڙو حشر نه ٿئي ها ۽ اسان جا ڏاها رڳو ٽيبل ٽاڪ ذريعي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جا جوهر ڏيکارڻ تائين محدود نه رهن ها .

              اسان انهن حالتن مان گذري رهيا آهيون ، جن جي ڪک مان اڻ ڳڻيا تضاد پيدا ٿيندا رهيا آهن . هن موڙ تي تضادن کي نظر انداز ڪري ، اتحاد ۽ اتفاق جي ڳالهه ڪرڻ ائين آهي جيئن مرض جي نشانين کي نظر انداز ڪري مريض کي خوش ڪرڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ٽڪين ڦوٽن جو لپ ڀري کارائڻ . ارتقا جي عمل جي تقاضا هيءَ آهي ته انهن تضادن کي ختم ڪرڻ بدران وڌڻ ۽ ويجهڻ ڏجي ته جيئن هو پنهنجي پنهنجي رخ ۾ مڪمل رنگ ۽ روپ وٺي بيهن . اهڙين حالتن ۾ ئي عوام پنهنجي ”حال“ ۽ ”مستقبل“ جي مفاد وٽان ڪن تضادن کي پنهنجو ڪندو ۽ ڪن تضادن کي سهڻو ٽوهه ڄاڻي ڦٽو ڪري ڇڏيندو .

              ڏک جي ڳالهه اها آهي جو اسان کي هر ڪا تعليم اڌوري ۽ اڻ پوري ملندي آهي . پوءِ اها عام تعليم هجي ، عملي تعليم هجي يا نظرياتي تعليم . صدين کان وٺي اسان کي ”محنت“  جي ڳڻن ، ”اتحاد“ جي فائدن ۽ ”زندگي“ جي حقيقتن کان ته باخبر رکيو  ويو آهي، ليڪن اها ”تعليم“ ”نفرت“ جي نڙيءَ تي لت ڏئي،  ”اختلاف“ جون اکيون ڪڍي ۽ ”موت“ کي مروٽي  سروٽي ڏني وئي آهي. اسان کي جهڙوڪ انهن امر جذبن ”نفرت“ ،   اختلاف“ ۽ ”موت“ جي افاديت ، اهميت ۽ عظمت کان بي خبر رکيو ويو آهي . حالانڪ ”محبت“ جيان ”نفرت“  به عظيم جذبو آهي . ”اتحاد“ جيان ”اختلاف“ به وڏي وٿ آهي ۽ ”زندگي“ جيان ”موت“ به برابريءَ واري حيثيت رکي ٿو  . اسان کي انهن کان اجايو ۽ ائين ڊڄڻ نه گهرجي . کين دل جي گهراين سان پنهنجي پنهنجي حيثيت ڏيڻ گهرجي .

    ائين ڪو نه آهي ته ”اتحاد“ کي اسان اڄ جي حالتن ۾ اکيون ٻوٽي نظر انداز ڪري ڇڏيون يا ڪو”اتحاد“ اسان جي دور ۾  بيڪار  ،  بي سود ۽ بي معنيٰ عمل آهي . ليڪن مسئلو هي آهي ته ”اتحاد“ زندگيءَ جي ڪهڙن ڪهڙن شعبن ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو  ۽ اسان کي پنهنجي ڪهڙن صفن ۾ ”اتحاد“ پيدا ڪرڻ گهرجي ؟

    اديبن جي دنيا ۾ ان ڪري ”اتحاد“ پيدا ٿيڻو ڪونهي جو هيءَ دنيا اڄ ڪيترين نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي آهي . ڪن جو خيال آهي ته ”ادب سماجي ڪارج“ رکي ٿو ۽ ڪن جو خيال آهي ته ”ادب اديب يا شاعر جي فني يا فڪري صلاحيتن جو تابع ۽ ترجمان آهي .“  ڪي اديب ”ترقي پسند“ آهن ، ڪي ”وطن دوست“ آهن ۽ ڪي پاڻ کي ”ادب دوست“ سڏائن ٿا . انهن نظرياتي اختلافن سبب سمورن اديبن ۾ ”اتحاد“ پيدا ڪرڻ جو هر ڪو سعيو اجايو ثابت ٿيندو . اهو حشر ۽ حال اسان جي ”سياست“ جي شعبي جو پڻ آهي . سنڌ ۾ اديبن جون ايتريون تنظيمون ۽ جماعتون ڪين آهن جيتريون سياسي پارٽيون .

    ارتقاء جي هن موڙ تي ”اتحاد“ ته رهيو پنهنجي ماڳ  ۽ پري جي ڳالهه پر اسان نه به چاهيون ، ان هوندي به تنظيمن  ، تحريڪن ۽ نظرياتي ڪئمپن کي اڃا ڀور ڀور ٿيڻو آهي . ڇو ته انهن ۾  ”اجتماعي مفاد“ ، ”جذبي سان سچائي“ ، ”قرباني ۽ ايثار“ ۽ ”مسلسل جدوجهد“  جي جذبن ۽ عملن جي اڻ هوند آهي . تنظيمون تحريڪون ۽ نظرياتي ڪئمپون جڏهن انمول ، اساس ۽ بنياد تان هٽي وڃي ”پاڻ چمڪائڻ“ ، ”ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ “ ، ”ٻين جي اشارن تي نچڻ“  ۽ ”پنهنجن ئي ڪارڪنن کي پاڻ جهڙو نه ڄاڻڻ“ جو ذريعو بڻجي وينديون آهن ته انهن جو حشر ٽٽڻ ، ڀرڻ  ۽ پاش پاش ٿيڻ هوندو آهي .

    ڪنهن به تنظيم جي ٽٽڻ ۽ ڪنهن تحريڪ جي ڀرڻ جو اندازو لڳائن بنهه آسان ۽ ممڪن هوندو آهي . ان لاءِ ڪي پارسيون پڙهڻيون ڪو نه پونديون آهن . اسان جيڪڏهن پنهنجي ڀرپاسي ، پنهنجي ڌرتي تي يا پنهنجي وجود ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته ارتقاء جو هي عمل بنهه ظاهر ۽ نمايان ٿي اسان جي اڳيان ايندو .

    اجتماعي مفادن ۽ مقصدن ڏانهن وڌندڙ ڪنهن به تحريڪ يا تنظيم جو منطقي عمل ۽ ان جو نتيجو هيءُ هوندو آهي ته ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏ نوان ساٿي ، نئون خون ۽ نئون روح ڦوڪبو ويندو آهي ، ان جي انفرادي قوت ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي . ذريعا ۽ وسيلا ان لاءِ ارزان ٿيندا ويندا آهن ، شهرت ۽ نيڪ نامي ان جا پير چمڻ لڳندي آهي ۽ ”منزل“ مهينن بدران ڏينهن تي نظر ايندي آهي . اهي ڳالهيون بدقسمتيءَ سان اسان جي علمي ، ادبي ، سماجي  ثقافتي ته ڇا پر سياسي تنظيمن ۽ جماعتن ۾ به ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿيون اچن . ان جي برعڪس اسان جون وڏي کان وڏيون پارٽيون ۽ تنظيمون اندروني خلفشار ، ڄنڊا پٽ ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن . ڪيتريون تنظيمون پنهنجي صفن ۾ نون ساٿين شامل ڪرڻ بدران پنهنجن ئي پراڻن پر خلوص ۽ انيڪ قربانيون ڏيندڙ وفادار ساٿين کي تنظيم نيڪاليءَ جون تحريڪون هلائي رهيون آهن .اهو عمل اسان جي علمي ، ادبي ، ثقافتي ، سماجي ، مذهبي ۽ سياسي تنظيمن جو فطري ۽ وقت خواهه حالتن جي مطابق آهي . ڇو ته اسان جاگيردارانه ۽ وڏيرانه ماحول ۾ رهون ٿا . ان ڪري اسان مان هر ڪو پُرخلوص ۽ بي لوث ٿيڻ بدران ”وڏيري“ ، ”چوڌري“ ۽ هٿ ٺوڪئي ”معتبر “ ٿيڻ جي خفت ۾ هوندا آهيون . اسان جي نظرياتي تربيت نالي ماتر به ٿيل نه هوندي آهي ان ڪري اجتماعي ۽ قومي مفاد بدران ذاتي ۽ گروهي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندا آهيون . سچن ماڻهن کان صفائي حاصل ڪرڻ واري تحريڪ اڪثر ڪري انهن حالتن ۾ هلائي ويندي آهي ، جڏهن پُرخلوص ، وفادار ۽ مقصدن سان سچا ڪارڪن پنهنجي ئي تنظيم جي کڙپيل ، استحصالي سوچ رکندڙ ، شهرت ۽ دولت جي عاشق اڳواڻن جي هٿ ۾ کيڏي  ، سندن آڱرين جي اشارن تي نچي ، تنظيم يا تحريڪ جي نالي اهڙيون ۽ ايتريون ته مثالي خدمتون سر انجام ڏيندا آهن ، جن مان نا عاقبت انديش اڳواڻن کي ته دولت ، شهرت  ۽ عظمت جا انبار ملي ويندا آهن ، ليڪن قرباني ڏيندڙ پُرخلوص ڪارڪن شاندار عمارت جي پيڙهه جي پٿر جيان اوجهل يا گمنام ٿيندا ويندا آهن . ڪي اڳواڻ سندن گمناميءَ جو فائدو وٺي کين آسانيءَ سان عمل جي ميدان مان ڪڍي ڇڏيندا آهن ، ڪي اڳواڻ وري اهڙن ڪارڪنن کي ڪنهن اڻ وڻندڙ عمل ۾ ملوث ڪري سڄي ڄمار بليڪ ميل ڪندا آهن. پر جيڪو ڪارڪن پنهنجي سگهاري جذبي ۽ مقصد جي سچائيءَ ڪري بليڪ ميل ٿي نه ٿو سگهي ، يا هو پنهنجي صحيح يا غلط عمل کي تنظيم جو تابع ”اجتماعي عمل“ سمجهن ۽ ثابت ڪن ٿا ته پوءِ انهن خلاف اهڙيون تحريڪون هلايون وينديون آهن ، اڪثر ڪري ايشيا ۽ ٿرڊ ورلڊ ملڪن ۾ جي سياست ۾ اهڙي عمل کي پسنديده چال ڄاتو ويندو آهي .

    شهرت ، دولت ۽ حيثيت ۾ شريڪ نه ڪرڻ جي شوق ۾ يا ڪنمهن ڳجهي هٿ جي حرڪت ۾ اچڻ ڪري پنهنجن کي ائين ڇني ڌار ڪرڻ مان جيڪي منفي اثر ظاهر ٿين ٿا ، اهي تحريڪن ۽ تنظيمن جي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندا آهن . ڇو ته هڪ طرف عوام اندروني خلفشار جي شڪار اهڙِين تنظيمن کي ڦڏئي ، مقصد کان خالي، دولت ۽ شهرت جو گهوارو ڄاڻي منهن موڙڻ لڳندو آهي ۽ ٻئي طرف ڇني ڌار ڪيل ڪارڪن نظرياتي پختگي نه هئڻ واري صورت ۾ پنهنجي زندگي انهيءَ تحريڪ يا تنظيم کي تباهه ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن . جيئن ته اهي عمل جن ڪري کين پنهنجي تنظيمن ، تحريڪن ، ۽ جماعتن مان خارج ڪيو وڃي ٿو ، سي خارج ٿيل ڪارڪنن جا ”ذاتي عمل“ نه هوندا آهن ، بلڪ حقيقت ۾ ان پارٽيءَ جي حڪمن ۽ اصولن جا تابع  ۽ سموري تنظيم جا ”گڏيل عمل“ هوندا آهن . ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ڪارڪنن کي بليڪ ميل ۽ بدنام ڪري پنهنجي تنظيمن مان خارج ڪن ٿا  ، سي اڳتي هلي ساڳين عملن جي ڏوهه ۾ پنهنجن خواهه پراون هٿان بليڪ ميل ٿيندا رهن ٿا . اهڙي ريت اهڙن اڳواڻن تي ٻڌل هر ڪا تحريڪ  ، تنظيم ۽ پارٽي پاڻ هرتو تباهه ۽ ختم ٿي وڃي ٿي .

     

    (ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 18-05-1991)

     

     

     

     

     

     

    54.  ڇا کي وڃيو ڇو ، ٻيلي رهين ٻين جو

     

    دانهن مٿان دانهون ۽ ڪوڪن مٿان ڪوڪون ٿيون پون ته سماج کي بدلايو ، ظلم لڳو پيو آهي . انسان ذات پات جي رنگ ۾ وٺجي ويو آهي ، غربت جي غار جو منهن اڃا بند نه ٿيو آهي ، جهالت روز بروز وڌندي پئي وڃي ، ڏاڍ ۽ ڏمر جا ڏينهن ئي نه ٿا کٽن  . پرماريت پنهنجا پر پکيڙي ويٺي آهي ، ڪٿ به امن ۽ سڪون جو نالو نشان نظر نه ٿو اچي ، لافاني قدر ختم ٿيندا پيا وڃن ، غريب جو اوهي واهي ڪونهي ، ڏاڍي لٺ کي ساڳيائي ٻه مٿا آهن ، وغيره وغيره .

    سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهي حالتون ڇو نه ٿيون بدلجن ۽ آخر ڪار اهي ڪڏهن بدلبيون ؟ انساني تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته اهڙو ڪو سوال ئي ڪو نه ٿيندو آهي جنهن جو جواب موجود نه هجي . هر سوال جو جواب ٿيندو آهي ته پوءِ هن سوال جو به جواب هئن گهرجي ، جيڪو واقعي آهي به .

    حالتن جي بدلائڻ ۾ ڪنهن کي عمل دخل حاصل آهي ؟ انهيءَ  مسئلي تي اسان جي معاشري ۾ اڻ ڳڻيا اختلاف موجود آهن . هڪڙن جو خيال آهي ته حالتن کي انسان بدلائي ٿو ۽ ٻين جو خيال آهي ته حالتون انسان کي بدلائين ٿيون ، ان ڪري انسان حالتن اڳيان بي بس ، مجبور ۽ لاچار آهي . جيڪي چون ٿا ته حالتن کي انسان بدلائي ٿو   انهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن انسان هٿ ٻڌي حالتن جي تبديليءَ جو انتظار ڪندو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته هو هڪ بي جان شئي آهي ، جنهن پاڻ کي حالتن جي وهندڙ درياهه ۾ جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي . دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن ، انهن پٺيان شعوري ڪوشش موجود هوندي آهي ، انهيءَ قوم جا ڏاها پهريون ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻيندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پوءِ ٻي تبديلي ايندي آهي .

    جيڪڏهن ڏاهن انسانن جي شعوري ڪوشش ڪا تبديلي آڻڻ جو واحد ذريعو  هجي ها ته پوءِ لاکيڻي لطيف جي پيغام جي موجودگيءَ باوجود اسان جو ههڙو حشر ڇو ٿيو آهي  جو پيرن هيٺان شهرن جي ڌرتي ڇڏائيندي وڃي ، وات مان زبان سسندي وڃي ٿي ۽ راتين جي ننڊ خواهه ڏينهن جو سڪون تباهه ٿيندو پيو وڃي . هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو لطيف سائين ته اسان سان سچو رهيو ، ليڪن اسان ساڻس ۽ سندس پيغام سان سچا نه رهيا آهيون  . اسان لطيف سائين جو نالو روڊن ، ريلن ، هوٽلن ۽ هاسٽلن ، ڪارخانن ۽ ڪتاب گهرن ، جماعتن ۽ ادارن تي ته رکيو آهي ليڪن سندس پيغام کي سمجهي ان تي عمل نه ڪيو آهي . لطيف سائين اسان جي ثقافتي چر پر ۽ هلچل جو اهڃاڻ ته وڃي رهيو آهي ، ليڪن اسان کانئس قومي ،انقلابي ۽ عالمي شاعر هئڻ واري حيثيت کسي ورتي آهي . اها حيثيت ڪنهن کسي آهي ؟ قوم ؟ نه ، ڪڏهن به نه ، بلڪ اسان پاران سفيد پوش ٻه اکر پڙهيل ڪڙهيل ، پاڻ کي سيبتن ، ڏاهن ، ۽ سياڻن سڏائيندڙ  انسانن ! جيڪي قوم جو دک درد رکڻ جي دعويٰ ڪيون ٿا ، جيڪي قوم جي روشن آئيندي جي خوابن ڏسڻ لاءِ پيٽ ڀري کائي سمهون ٿا .

    هن جو اهو مطلب ٿيو ته واقعي ڪا شخصيت ۽ سندس شعوري ڪوشش حالتن جي بدلائڻ جو اڪيلو ذريعو نٿي ٿئي . بلڪ حالتن بدلائڻ ۾ ڪي ٻئي محرڪات ، ڪارڻ ۽ سبب به ٿين ٿا ، پر اها دعويٰ ۽ اها ڳالهه اسان جي معاشري ۾ قبول ڪرڻ جوڳي ناهي . اسان پنهنجي معاشري ۾ اهو تڪڙو مڃائي نه ٿا سگهون ته حالتن  بدلائڻ ۾ شخصيت کي ثانوي حيثيت حاصل هوندي آهي . اهو مثال به سمجهائي نه ٿا سگهون ته ماڻهو وڻ مان انب تڏهن ئي پٽي سگهندو ، جڏهن وڻ ۾ انب هوندا ، حالتون تبديل تڏهن ڪري سگهبيون جڏهن حالتون سازگار هونديون . اسان جو معاشرو ”آدرش پرست“ ۽ ”آدرش پسند“ معاشرو آهي ، انهيءَ سوچ اسان جي عوام  ۽ ان جي علمي ،ادبي ، ثقافتي ۽ سياسي اڳواڻن جي فطرت کي پڻ متاثر ڪيو آهي . عوام جو خيال آهي ته اديب ۽ شاعر جي قلم کي جنبش ايندي ته آهني ۽ فڪري انقلاب ايندو ۽ جي قومي اڳواڻ زبان کوليندو ته ظلم جا زنجير ٽٽي پوندا . اهڙيءَ ريت اسان جو علمي ، ادبي ۽ سياسي اڳواڻ به پاڻ کي انقلاب آڻيندڙ ڄاڻي ٿو .

    هاڻي جيڪڏهن سنڌ صدين کان وٺي مردم خيز مٽي رهي آهي ۽ هن ڌرتيءَ علم ادب خواهه سياست جي ميدان ۾ املهه ماڻڪ ماڻهو پيدا ڪيا آهن ته پوءِ به ڪا تبديلي ڇو نه آئي آهي ۽ اسان دانهون ۽ ڪوڪون ڇو ٿا ڪريون . يا ته اسان جون دانهون ۽ ڪوڪون اجايو آهن يا وري انهن املهه ماڻڪ ماڻهن ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريو آهي .

                 اسان جي دانهن ۽ ڪوڪن ۾ ته وزن آهي ، البت انهيءَ ڳالهه تي سوچي سگهجي ٿو ته اسان جي علمي ، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي آدرشن ڪيتري قدر ٻوٽو ٻاريو آهي . ڪنهن اجائي اينگهه ڪرڻ بدران ٿورن لفظن ۾ ائين چوڻ ڪافي ٿيندو ته ٻوٽي ٻارڻ جو مقصد آهي ته پنهنجي قول ۽ فعل ، شخصيت ۽ ڪردار کي ملائي ، بي لوث بڻجي پنهنجي منزل طرف انتهائي خلوص ۽ پڪي ارادي سان اڳتي وڌڻ ۽ بس . هاڻي انهيءَ ڪسوٽيءَ کي اڳيان رکي اچو ته اسان پنهنجي پنهنجي آدرشن جي ڪارنامن جو جائزو وٺون . ائين ڪرڻ سان پاڻهي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا ۽ اهو احساس ٿيڻ لڳندو ته اسان کي پنهنجي آدرش دوستي ، آدرش پرستي ۽ آدرش پسندي واري نظرئي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي .

    جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته حالتون نه بدليون آهن ۽ اسان اهي حالتون بدلائڻ گهرون ٿا ته ان جو هي مطلب پڻ آهي ته اسان هر انهيءَ آدرش کي نه ٿا مڃون ، جنهن جي دعويٰ آهي ته هو حالتن بدلائڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي . جڏهن اسان موجوده حالتن کي قبول نه ٿا ڪيون ته لاشعوري طور تي پنهنجي آدرشن کي قبول نه ٿا ڪريون ، پر جڏهن شعوري طور تي پنهنجي آدرشن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪنداسين ته پوءِ جهڙوڪ دنيا جي سمورن انقلابن ۽ تبديلين جي پهرين مڃيل اصول کي پنهنجو ڪري ورتوسين ۽ اهو اصول آهي ”نفي کان اثبات“ طرف وڌڻ .

    هي ڳالهه جيڪڏهن اسلامي تاريخ ۽ دين مان مثال ڏئي ڪجي ته مناسب ٿيندو . اهو ماڻهو ان وقت تائين مسلمان ٿي نه ٿو سگهي ، جيستائين ڪلمو نه ٿو پڙهي . اهو ماڻهو ان وقت تائين الله کي نه ٿو مڃي ، جيستائين سندس مڃتا کان هو اڳ اڻ ڳڻيا الله مڃڻ کان انڪار نه ٿو ڪري . يعني ته پهريون هر شئي ۽ هر الله کان انڪار ڪري ٿو ۽ پوءِ حقيقي الله جو اقرار ڪري ٿو . اهڙي ريت جيستائين اسان  اڻ ڳڻين آدرشن جي مڃتا جا منڪر نٿا ٿيون ، ان وقت تائين حقيقي آدرشن جي مڃتا ڪري نه ٿا سگهون . اهو حقيقي آدرش ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي ؟ انهنيءَ جو جواب تلاش ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪري اهو اعلان ڪري ته جيئن آئون هنن حالتن مان خوش نه آهيان ، تيئن انهن حالتن پيدا ڪندڙ ۽ حالتن بدلائڻ وارن دعويدارن کان به خوش نه آهيان ، ان ڪري نه ته حالتن کي مڃان ٿو ۽ نه وري آدرشن کي مڃان ٿو .

     

    (ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 30-03-1991)

    55.         جيڪس هيس ڌاري …….

     

     ڪتابن جا ورق ورائي ڏسبا ، اخبارن جا صفحا اٿلائي ڏسبا ۽ ٽي وي يا ريڊيو جو سئچ آن ڪري ٻڌبو ته جتان ڪٿان اهي دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اينديون ته هر ڪنهن کي ويچاري قوم جو ڏک آهي ، سڀني جو هنيانءُ ٿو پيو ڦاٽي ، جيڪڏهن اهو حشر ۽ حال ٻه اڍائي سال اڃا رهيو ته قوم جي هڏ ڏوکين جو ماس ته ڇا پر هڏا به ڳري ويندا .

    قلم ڌڻين وٺي قلمي ڪات ڪهاڙا کنيا آهن ته ستل قوم کي هر صورت ۾ اٿاريو ۽ جاڳايو وڃي . اخبارن جا سينا ”هوشيار ، خبر دار“ جي قلمي آوازن ڦاڙي وڌا آهن . اخبارن کي اڳيان رکي ڏسبو ته اسان جي ليکڪن گهڻي کان گهڻو جنهن موضوع تي لکيو آهي ، اهو موضوع آهي ”قوم جي بيداري“ پر ڪو ويچارن ليکڪن کان اهو به پڇي ته ڀائرو اوهان جنهن مجبور ، مفلس ، مظلوم قومن لاءِ جاڳرتا جي باهه ٻاري ڏني آهي ، اها ستي ڪٿي آهي ؟ ان کي آرام ڪڏهن نصيب ٿيو آهي اوهان ڇو اچي هن جي پٺيان پيا آهيو ، گهٽ ۾ گهٽ اوهان ته کيس ٿورو آرام ڪرڻ ڏيو . کيس آرام جي ضرورت آهي . ڇڏيوس ته اها پنهنجي ذهن ۽ دماغ کي تازو ڪري وٺي .

    آئون پنهنجي اديبن ۽ ليکڪن جي انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪو نه ڪندس ته ڪو اسان جي قوم غفلت جي ننڊ ۾ آهي . ان جي برعڪس ان جو آرام ئي ڦٽل آهي . جيڪڏهن ڪنهن کي اعتباري نه اچي ته هو پنهنجي دل تي هٿ رکي پاڻ کان پڇي ته ڪيترا سال ٿيا آهن جو هن قرار سان ننڊ نه ڪئي آهي ؟ هن جون راتيون ڪيئن گذرن ٿيون ؟ ۽ هن جا ڏينهن ڪيئن گذرن ٿا ؟ جڏهن اسان مان به اهو ڪو نه ٿو مڃي ته هن کي آرام  جي ننڊ نصيب آهي ته پوءِ قوم ڪيئن ستل چئبي ؟ ها قوم ستل ڪا نه آهي ، بلڪ اسان جي قوم ڇٻر مثال آهي ، جيئن جيئن ڇٻر کي گهوڙو ۽ گڏهه به کائي ، ڍور ۽ ڍڳو به کائي پر پوءِ به اها پاڻ  – هرتو ڦٽي پئي ۽ کُٽي ئي ڪو نه . اسان جي قوم کي ڪنهن ڪنهن نه کاڌو ، لٽيو ۽ ڦريو آهي ؟  عملدارن رعيت آزارن سان ملي ڏسو ته جهڙوڪ مڏي ڪاتي وهائڻ کان به ڪين ٿا مڙن . ڪنهن ”چڱي مڙس“ ڏي وڃو ، پٽڪو ٻڌي ته مٿي سان وڃبو پر موٽ تي اهو چيلهه سان ٻڌل هوندو ، ڪنهن اقتدار واري ڳواڻ ڏي پنڌ ڪبو ته وعدن ۽ دلاسن جي بار سان ڪنڌ ئي ڀڄي پوندو ، بي اختيار بادشاهن سان ملبو ته ”نيٺ ته صبح ٿيندو “ جي نيرن ڪرائي تڪڙو زوانو ڪري ڇڏيندو . قوم جي ڪنهن به فرد کي ڪٿي به سهارو ملي ، سا ڳالهه اسان وٽ ٿيڻي ئي ڪانهي .

    پر ، جيڪا ويڌن هر ڪو قوم سان ڪري ٿو ، اها ڏسي پٿر دل انسان به روئي پئي . آئون جڏهن اليڪشن کان اڳ ۽ پوءِ واري عرصي جي انهن بيانن کي اڳيان رکي پڙهڻ ويٺو آهيان ته ڇرڪ نڪتا ٿا وڃن  . هن ڌرتي ۽ هي قوم جيڪڏهن واقعي اسان جي اڳواڻن ، رهبرن ۽ مدبرن جي هجي ها ته هوند ان جي ايتري توهين نه ڪئي وڃي ها ، ڪن قدردانن اهو چيو ته هن دفعي قوم سوچ کان ڪم نه ورتو ته کيس پڇتائڻو پوندو ، ڪن اهو فرمايو آهي ته قوم پنهنجي غلطيءَ جو ازالو ڪيو آهي ، ڪي وري اڃا تائين اهو فرمائي رهيا آهن ته هي قوم سڌرڻي ئي ڪانهي .

    اڙي بابا ! هي ويچاري قوم ڪنهن ڏانهن قرآن شريف کڻي ڪو نه وئي آهي ته اوهان ان جا اڳواڻ ٿيو ، رهبر ٿيو ۽ اقتدار يا ايوان ۾ ويهي ، هن جي خدمت ڪيو . خدمت فقط سياست ، محلن ، ماڙِن ۽ بنگلن ذريعي ڪا نه ٿيندي آهي . جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو هاري ڪري ٿو ، جيڪو اونداهي رات ۾ لنڊيون لتاڙي گرمي ، سردي ۾ ڌرتي مان انَ اپائي ٿو ، جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو اديب ، شاعر ، ۽ صحافي ڪري ٿو  ، جيڪو پنهنجيون ننڊون ڦٽائي قوم لاءِ لکي ٿو  ۽ پنهنجي ٻچڙن جي وات جو گرهه کسي پنهنجي ئي پئسن مان پنهنجيون لکڻيون شايع ڪرائي ٿو ، جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو معصوم ۽ مظلوم شاگرد ڪري ٿو ، جنهن کي جوڀن ۽ جوانيءَ تي پهچڻ کان اڳ ڪا نه ڪا ڌر سندس انسان دوستي يا وطن دوستي جي جذبن جو استحصال ڪري کيس قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي ٿي  ، جيڪڏه قوم جي ڪو خدمت ڪر ي ٿو ته اهو چونڪ تي بيٺل بوٽ پالش ڪندڙ ٻالڪ ڪري ٿو ، جنهن پنهنجي عمل سان ”محنت جي عظمت“ کي پئي ثابت ڪيو آهي . باقي اقتدار ۾ رهي ڪري به قوم کي معاف نه ڪرڻ ۽ اقتدار کان ٻاهر رهي به قوم جي لاک لاهڻ نه خدمت آهي ، نه محنت آهي ۽ نه وري عظمت ئي آهي .

    چيو ويندو آهي ته ”جنهن جو کائجي ، تنهنجو  ڳائجي .“ اسان جنهن جو کائون ٿا تنهنجو جي ڳائي نه ٿا سگهون يا ان کي ڪجه ڏئي نه ٿا سگهون ته ڏکوئيون ته نه . ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو لطيف سائين فرمائي ته ”جيها جي تيها ، مون مارو مڃيا .“ پر اسان انهن مارن تي ميارن رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم نه ٿا ڪريون . اسان ڪا تحريڪ هلايون ته گوليون کائي اها ئي قوم ، جيل ڀري اها ئي قوم ، ۽ رت جي هولين مان گذري ته اها قوم  . پوءِ به اها قوم غافل ! پوءِ به اها قوم غلطين جو مجمسو ! پوءِ به اها قوم جاهل ۽ بي سمجهه !!

    ڌڻي تعاليٰ جڏهن آدم کي خلقڻ جو ارادو فرمايو ته ملائڪن هن تخليق جي مخالفت ڪئي ۽ عرض ڪيو ته هي زمين تي فساد ڪندو ۽ رت وهائيندو . ڇا ، اها ڌڻي کي خبر نه هئي ته آدم جو اولاد دنيا ۾ وڃي ڇا ڪندو ؟ بلاشڪ کيس اها خبر هئي ، پر پوءِ به رب ڪريم جو انسان ذات تي اعتماد ته ڏسو جو فرمايائين ته آئون پنهنجو خليفو پيدا ڪري رهيو آهيان . مٽيءَ مان ٺاهيل پنهنجي ان خليفي کي باهه مان جوڙيلن کان سجدا ڪرايائين ! جنهن آدم کي مڃڻ ، سڃاڻڻ ۽ سندس حيثيت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ، اهو تڙيو ويو . هن دنيا ۾ اهي ئي روايتون باقي آهن ۽ باقي رهنديون ، هڪڙا ماڻهو الله جي روايتن ۽ خواهشن کي مان ڏيندي آدم ۽ آدم جي اولاد کي احترام ڏيندا ، ۽ ٻيا انسان اشرف المخلوقات ۽ الله جي خليفي کي پنهنجي پيرن جي پڻي ڄاڻيندا آهن . اها ڪسوٽي ئي ڪنهن جي عظمت ۽ حيثيت کي مڃائي به ٿي ته مقرر به ڪري ٿي . جڏهن عام انسان ۽ آدم جي اولاد جو به اسان کي ايترو احترام ڪرڻو آهي ته پوءِ پنهنجي قوم سان ته انهيءَ کان وڌيڪ عزت ۽ احترام سان پير کڻڻو پوندو ڇو ته فرد قوم جي ڪري ئي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ قوم کان سواءِ فرد جو وجود بي معنيٰ هوندو آهي . انسان قوم جي  ڇپر ۽ ڇانو ۾ رهي ڏونگر به ڏاري سگهي ٿو ۽ پنهنجو مستقبل به سڌاري سگهي ٿو . هن جي بقا هن جو وجود قوم جي صدقي ٿئي ٿو ، پر ائين لڳي ٿو ته اسان جي قوم جهڙوڪارين جي قوم آهي ان ڪري ساڻس اهو ۽ اهڙو رويو رکيو پيو وڃي .

     

         (ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 06-04-1991)

     

     

     

     

     

     

    56.       فرض ادا ٿي ويو !

                        

    ويچاري بدنصيب قوم کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ته هر ڪو ڪري ٿو ، ليڪن لڳي ٿو ته اسان جي اڳواڻن ، عقيدتمندن ۽ هڏ ڏوکين کي هوشيار ۽ خبر دار ڪرڻ وارو آهي ئي ڪو نه ! حقيقت ۾ اُهي انسان جيڪي پاڻ کي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جا خير خواهه ، خادم ۽ رهبر ڄاڻن ٿا ، جيڪڏهن جاڳي پون ته سٻاجهي سنڌ سڀاڳي ٿي پوي .

    مقصدن جي برابري هئڻ باوجود هر هڪ شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو پورهئي جي ورڇ پٽاندڙ هڪ ٻئي کان الڳ ٿين ٿا . جيڪو ڪم سياست جي شعبي کي ڪرڻو آهي ، اهو ڪم علم ادب سر انجام ڏئي نه ٿو سگهي . اهڙيءَ ريت استاد وڪالت ڪري نه ٿو سگهي ۽ وڪيل ڪنهن مريض جي دوا ڪري نه ٿو سگهي . هي ڪم سياسي شعبي جو آهي ته اهو حقيقتن ،حالتن ۽ واقعن تي نظر رکندو هلي ته جيئن ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جي جوڳي حفاظت ڪري سگهجي. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ سياسي پارٽيون ته مٿي ۾ وارن جيتريون آهن ، پر ڪنهن به پارٽيءَ جي تنظيمي ڍانچي ۾ ”ريسرچ سيل“ ۽ ”برين پول“ جي گنجائش ڪانهي . بلڪ ڪيترين پارٽين جي جوڙ جڪ ته بنهه غير سائنسي بنيادن تي ٻڌل ٿئي ٿي . جڏهن اسان جي ڪن پارٽين جي اڳواڻن کي اها به خبر ڪانهي ته هڪ تنيظيم جا  ڪيترا  ۽ ڪهڙا شعبا هئڻ گهرجن ۽ اهي ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندا رهن ، ته اهڙين حالتن ۾ ڪهڙي ٿي اميد ڪري سگهجي ته ڪو ”ريسرچ سيل“ به هجي ، ڪو ”برين پول“ به قائم ڪجي ، ۽ هڪ اڌ ”وجيلنيس ڪاميٽي“ به هئڻ گهرجي . نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪن خاص ڳالهين ، واقعن ۽ حالتن جو وقتائتو جائزو وٺي نه ٿو سگهجي ۽ نه وري ان مطابق ڪا ”عام راءِ “ هموار ڪري سگهجي ٿي ، تان جو جڏهن ڪا مصيبت مٿان اچي بيهي ٿي ته پاڻ کي روئڻ ۽ مٿي پٽڻ جو به موقعو ڪو نه ٿو ملي .

    مثال طور اها خبر وڏي ڌام ڌوم سان ٽي وي وغيره تان نشر ٿي ته خانگي شعبي ۾ ڄامشوري وٽ پاور هائوس قائم ڪرڻ لاءِ ٻن ڪئمپن سان ڳالهه ٻولهه وڌائي وئي آهي . ڪنهن به هن اهم خبر جو نه ته نوٽس ورتو ۽ نه وري تجزيو ڪيو . ڪنهن به دانهن ۽ ڪوڪ نه ڪئي ته جيڪڏهن ڄامشورو ۾ پارو هائوس قائم ٿيو ته ان جو هتان جي مقامي آبادي جي تعداد ، سماجي حالتن، سندن لاءِ روزگار جي موقعن ۽ خود ماليات تي ڪيترو اثر پوندو ؟ اڳ جڏهن هن ئي آباديءَ جي ڀر پاسي ۾ ”خدا جي بستي“ قائم ڪئي وئي آهي ته هتي اڳ ۾ رهندڙ خدا جي بندن جو ڪهڙو حشر ڪيو آهي . ٿورو پر ڀرو نوري آباد قائم ڪرڻ سان خود نوي ۽ ڄام تماچيءَ جا روح ڪيترو خوش ٿيا هوندا؟ اهو اسان جو نه پر اڳواڻن جو ڪم آهي ته هر قسم جي اهڙي ڳالهه جي پس منظر ۽ پيش منظر کي عوام جي اڳيان آڻين .

    اهڙيون خبرون روز به روز ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون . ليڪن اسان جي چڱن ڀلن اڪابرن جي مٿن کان گذري وڃن ٿيون. ساڳئي ريت مختلف اخبارن ۾ وقت به وقت نهايت ڇرڪائيندڙ ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ مواد پڻ شايع ٿيندو رهي ٿو . پر ڪو به انهن جو نوٽس نه ٿو وٺي ۽ هر ڪنهن جي ڄڻ جونئن به ننڊ پئي آهي . مثال طور جنوري 1991ع ۾ هڪ معاصر انگريزي اخبار ۾ محترم ايم .  واءِ اورڪزئي جو خط شايع ٿيو . جنهن ۾ هن صلاح ڏني ته پاڪستان جيڪو هن وقت چئن صوبن تي مشمتل آهي ، تنهن کي ڏهن صوبن ۾ ورهايو وڃي ، محترم اورڪزئي جيڪو هتي آءِ . جي پوليس رهي چڪو آهي ، سو پهريون شخص ڪونهي  ، جنهن ورهاست جي ڳالهه ڪئي آهي . کانئس اڳ ڪيترا مهربان ۽ قدر دان قينچيون کڻي سنڌ يا ٻين نقشن کي ڪتري چڪا آهن . انهن مان مير نبي بخش زهري ، مرزا جاويد بيگ ، رشيد احمد قدوائي ، ۽ جميل نشتر جا نالا ذڪر لائق آهن . انهيءَ خيال کي سرڪاري سطح تي هوا ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ سابق مارشل لا جي دؤر ۾  انصاري جي قيادت ۾ جيڪا آئيني ڪميشن ويهاري وئي  ، تنهن وري پاڪستان کي ڊزن کن صوبن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي .

    محترم اورڪزئي جي انهن خطن کان پوءِ ڪراچيءَ مان ڊاڪٽر محمد عذير جو ساڳئي اخبار ۾ خط شايع ٿيو  ، جنهن وري اورڪزئي جي انهيءَ راءِ کي ٽيڪو ڏيندي صلاح ڏني آهي ته هڪ سؤ  پنجويهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي صوبو ٺاهيو وڃ . سندن انهيءَ گوهر افشاني کان پوءِ ”فرينڊس آف سنڌ فورم“ جي اڳواڻ ڪراچي واسي ايس ايس جعفريءَ جو ساڳئي موضوع تي خط شايع ٿيو  ، جنهن جو لب لباب ته ساڳيو آهي ، البت سندس اندازِ بيان انوکو آهي . هي صاحب فرمائي ٿو ته ” جا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سا اها آهي ته اهي ماڻهو جيڪي بين الاقوامي معاملن جي ڄاڻ رکن ٿا ،سي ٻين ملڪن جي تجربن مان سبق ڇو نه ٿا پرائڻ . نائجريريا کي اڻويهن صوبن ٺاهڻ کان اڳ گهرو لڙائيءَ مان گذرڻو پيو ………..“ فاضل خط نويس جي تحرير مان جيڪا خوشبوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿي ، اها بنهه ظاهر ، نمايان ۽ پڌري آهي .

    ساڳيو ئي مهربان ساڳئي ئي موضوع تي هن کان اڳ 1985ع ۾ به قلم کڻي چڪو آهي ۽ اڄ به انهيءَ راءِ تي اورچ نظر اچي ٿو . هن وقت هو اڪيلو نه آهي بلڪ پنهنجي هم خيال ساٿين جي صف ۾ شامل آهي . سالن جي انهيءَ سوچ جو سنڌ واسين ڪهڙو نوٽيس ورتو آهي؟ علمي ۽ قلمي ميدان ۾ ڪنهن به پنهنجي هنن قدردانن سان ٻولا چاري ڪئي آهي ؟ ڪنهن عوام کي ٻڌايو آهي ته سندن ڌرتيءَ لاءِ اهڙيون به ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون .”جيڪڏهن سياستدان سانت ڪيون ويٺا آهن ته اسان جي صحافت ته اهو فرض ادا ڪري سگهي ٿي .  ڇا ڪنهن به اخبار ۾ ڪو اهڙو هفتيوار ڪالم شروع ٿي نه ٿو سگهي ، جنهن ۾ پڙهندڙن کي اهڙي قسم جا بيان ، خط ۽ خبرون جيئن جو تيئن ڪنهن تبصري کان سواءِ ئي پڙهڻ لاءِ مهيا ڪيا وڃن ته جيئن اسان کي خبر پئي ته اسان لاءِ ٻيا ڪهڙي خير خواهي ڪندا رهن ٿا .

    اهي خط ته رهيا پنهنجي ماڳ پر اخبارن جي پهرين صفحن تي وڏين سرخين ۾ انتهائي اهم خبرون شايع ٿين ٿيون . جن کي جهور کان جهور پوڙهو به ڪنهن عينڪ کان سواءِ پڙهي سگهي ٿو . پر نوٽس وٺڻ وارو وري به پاڻ کي ڪو نه ٿو ملي . مثال طور هڪ معاصر انگريزي اخبار جي پهرين صفحي تي شه سرخيءَ جي خبر لڳي آهي ته ”مردم شماريءَ جا اکر سنڌ ۾ سياسي طوفان آڻي سگهن ٿا .“ اسلام آباد جي نمائندي پنهنجي ڪهاڻي هنن لفظن سان شروع ڪئي آهي ته هڪ وڏو سياسي طوفان سنڌ صوبي جو منتظر آهي ، ڇو ته مردم شماري ڪندڙ سرڪاري اهلڪارن جيڪي انگ اکر گڏ ڪيا آهن ، اهي شهري ۽ ٻهراڙي واري آدمشماري اڳوڻي صورتحال (توازن) ۾ وڏي تبديلي ثابت ڪن ٿا . جيڪا ڳالهه نه ته ايم ڪيو ايم ۽ نه وري سموري ملڪ لاءِ قبول ڪرڻ لائق آهي .“

    هڪ ڏينهن اها خبر شايع ٿي ۽ ٻئي ڏينهن تي انهيءَ اخبار ۾ ساڳئي موضوع تي اداريو لکيو ويو . جنهن ۾ جهڙوڪ هڪ ئي وقت تي سنڌ اندر انهيءَ ڪم ۾ مصروف عملدارن ۽ اهڪارن جي ايمانداري ، طريقه ڪار ۽ محنت ۽ ٻئي طرف سنڌ واسين جي رواداري خواهه سرڪاري ڪمن ۾ سهڪار واري جذبي کي نظر انداز ڪندي ، ساڳئي ريت گهر شماريءَ جي ابتدائي نتيجن کي ناقابل قبول ۽ ڪوڙو قرار ڏنو ويو ، نه صرف ايترو بلڪ اها صلاح ڏني وئي ته سنڌ ۾ آدمشماريءَ جي ڪم کي اڌ ۾ روڪيو وڃي .

    جيستائين آدمشماريءَ جو ڪم روڪيو نه ويو ، ان وقت تائين اسان صبر ، تحمل، ۽ بردباريءَ جا نت نوان مثال قائم ڪندا رهيا سين . فيصلي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪن اخبارن اداريا لکيا ، ڪن اڳواڻن بيان ڏنا ۽ اهڙي ريت خير خوبيءَ سان اسان پنهنجي قومي خدمت جو فرض ادا ڪري ڇڏيو !

    زنده آباد قوم جا مدبرو !! شاد آباد قوم جا دانشورو !!!

    (ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 20-04-1919)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

    57.    ڪامن فيڪٽرس جي تلاش

     

    وڏيون شخصيتون پنهنجي پنهنجي وجود ۾ مڪمل انجمن ڄاتيون وينديون آهن . انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي . ڇو ته دور جا عظيم انسان پنهنجي وسيع تر مطالعي ، مشاهدي ، تجربي  ۽ احساس جي خزاني کان سواءِ سوچ ۽ لوچ جي سوغات جا ڌڻي به ٿيندا آهن . سندن اندروني ڪائنات خيالي ۽ تصوراتي ڪو نه ٿيندي آهي . هو پنهنجا نظريا ، قدر ۽ اصول پڻ شوق مطابق ڦيرائيندا ۽ بدلائيندا ڪو نه آهن . اول ته اهي اکيون ٻوٽي ڪنهن کي ڪو نه مڃيندا آهن . پر جيڪڏهن ڪنهن کي مڃيندا آهن ته دنيا جي ڪا به طاقت کين انهيءَ کان منهن مٽڻ تي مجبور ڪري نه سگهندي آهي . اهڙن انسان کي ئي پنهنجي دور جو ”وڏو انسان“ چيو ويندو آهي .

    پاڻ جنهن دؤر مان گذري رهيا آهيون . لڳي ٿو ته اسان جي دؤر جو هر ڪو ماڻهو به ڄڻ ڪامل ، مڪمل ۽ عظيم انسان آهي . هر ڪو پنهنجي وجود ۾ ڄڻ مڪمل انجمن آهي . اهوئي سبب آهي جو هر ڪو ڏيڍ چانور جي ديڳ الڳ چاڙهيو ويٺو آهي . ان ڪري ادبي جماعتون ڏسو ته ڳڻيون نه ڳڻبيون . سياسي پارٽِون ڳڻبيون ته ائين لڳندو ڄڻ سنڌ ۾ سياسي پارٽيون ٺاهڻ جون ڪي فيڪٽريون هجن . ثقافت جي ٺيڪيداري هر ڪنهن کي ورثي ۾ ملي آهي . دنيا جهان جو ڏک سمورن جا سينا ساڙهي رهيو آهي . ڪن دوستن کي دنيا جهان يا قوم جو ڏک سٺو نه ٿو لڳي ته ذات پات رنگ نسل جي بنياد تي پارٽي ٺاهي پٽڪو ضرور ٻڌندا . مطلب ته هر ڪو ٻه ٽي ٿان بغل ۾ دٻايو پيو گهمندو ، جڏهن به جٿي ٿو موقعو ملين ته ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ کان سواءِ ٿان ڦاڙي پنهنجو پاڻ کي پٽڪي ٻڌرائڻ ۾ ويرم نٿو لائي .

    بيشڪ هن دؤر ۾ به ڀلن ، سٺن ۽ بيلوث انسانن جي ڪمي ڪانهي . ائين ڪونهي ته ڪو هي دؤر به ”عظيم انسان“ کان خالي هوندو . پر اڄوڪن عظيم انسانن ۽ ڪلهه جي عظيم انسانن ۾ زمين آسمان جيڏو فرق آهي . ڪلهه جي عظيم انسانن پنهنجي دؤر جي تقاضائن مطابق ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ تي توجهه ڏنو هو ۽ اڄ جو پاڻ هرتو عظيم انسان ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ کي به پنهنجو نٿو ڪري . هن جو جيڪڏهن زور ۽ توجهه آهي ته پاڻ وڻائڻ ۽ پنهنجي شخصيت مڙهائڻ تي آهي . پوءِ نه ڇو ان لاءِ پنهنجي يا پرائي حيثيت يا شخصيت کي به خاڪ ۾ ملائڻو پوي .

          ڳالهه نڪتي آهي ”ڪامن فيڪٽرس“ جي، جن کي مٿي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي . يعنيٰ هڪڙا آهن ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ ۽ ٻيا آهن ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“. انهن جي به جيڪڏهن وضاحت ڪبي هڪجي ته بيجا نه ٿيندو .

    ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ رنگ ، نسل ، ذات پات ۽ دين ڌرم جا تابغ نه ٿيندا آهن . بلڪ دنيا جا مڙوئي دين ڌرم انهن جي ئي تبليغ ڪندا آهن ۽ هر ڪنهن دين پنهنجي پنهنجي نظرئي ۽ طريقي جي وسعت سان انهن جي تشريح ڪئي آهي ، اهي آهن سچ ، حق ۽ سونهن. هر ڪو نظريو ”سچ“ جي منهن مٿي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو . هر ڪو مڪتبه فڪر ”حق پرتسيءَ“ جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ هر ڪو فلسفو معاشري ۽ ڪائنات جي ”سونهن“ کي نروار ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو . البت ڪي ڪي نظريا ، دين ۽ انسان ذات جي عظمت جي ڳالهه ڪن ٿا .

    ماضي جي عظيم انسانن انهن ئي ”ڪامن فيڪٽرس“ کي پنهنجو ڪيو . انهن کي پنهنجي قول فعل، شخصيت ۽ ڪردار سان نروار ڪيو .

    ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ يا اخلاقيات تي ٻڌل هن سوچ ۽ لوچ جي پڄاڻي ان وقت ٿي ، جڏهن ڌرتيءَ تي ڌارين جو راڄ شروع ٿيو . هي ڌاريا رنگ نسل ، زبان ، ذات ۽ پات کان وٺي اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن ۾ بنهه اوپرا ، نرالا ۽ ڌاريا هئا . سندن ڪوشش سان ۽ سندن اثر هيٺ پنهنجي ڌرتي جو ”اخلاقي“ ۽ ”ثقافتي“ نظام بري طرح متاثر ٿيو . انهن ڌارين مثبت نظرين ، اصولن ، عقيدن ۽ ڌرمن کي پنهنجي منفي مقصدن ، ذاتي مفادن ، اقتصادي استحصال ۽ سياسي غلامي کي برقرار رکڻ لاءِ ڪم آندو . نتيجي ۾ ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ جي جاءِ تي ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ کي حيثيت ملي . جن ماڻهن انهن ۾ فنا پاتي سي ئي انهيءَ دؤر جي عظيم انسانن ۾ شمار ڪيا ويا .

    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ ڪهڙا آهن . ان جو جيڪڏهن مختصر جواب ڏيون ته فقط ايترو چوڻ ڪافي نه ٿيندو ته ڌرتي“ ، ”ٻولي“ ، ”ثقافت“ ۽ ”تاريخ“ ئي خارجي ڪامن فيڪٽرس آهن . جيئن هن کان اڳ ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ ڪري ڪنهن شخصيت کي ڄاتو سڃاتو ويندو آهي .”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ وري ڪنهن قوم جي ڄاڻ سڃاڻ ٿين ٿا .

    قوم جا هڏ ڏوکي ڏاها انسان انهن حالتن ۾ حيران ۽ پريشان ٿي پوندا آهن ، جڏهن کين اهو احساس ٿيندو آهي ته سندن قوم جي اڪثريت ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ کي ته صديون اڳ وڃائي ۽ ويساري چڪي آهي،پر هاڻي ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ نه قوم کان خاص کسبا ۽ وڃائبا وڃن ٿا.

    منهنجي خيال ۾ اسان پڻ اهڙي حالتن جي انگاس تي لٽڪيا پيا آهيون . تاريخ يعنيٰ ”ماضي“ کي پنهنجي ”اجتماعي حافظي“طور مڃڻ بدران ان کي رجعت پسندي جي نشاني سمجهي ڇڏي ڏنو آهي . ”ڌرتي“ ، يعنيٰ زمين لاءِ ”سکر بيراج“ جي تعمير کان وٺي ويندي اڄوڪي دؤر تائين هاري ، زميندار ، ڌن ڌڻي ۽ سياستدان دانهون ڪوڪون ڪندا پيا اچن ته زراعت لائق زمينون سندن هٿن مان نڪرنديون پيون وڃن .

    ”ٻوليءَ“ جو ٻين تي حشر ڪيو ئي آهي . پر اسان سنڌي ميڊيم اسڪولن کولڻ جا مطالبا ڪندي به ڪنهن نه ڪنهن ڌاري  زبان کي پنهنجو ميڊيم بڻايون ٿا . سنڌ ڪڏهن به لساني تنگ دليءَ جو مظاهرو نه ڪيو آهي . بلڪ هر هڪ دؤر ۾ لساني رواداري جو مظاهر جڏهن به سندن ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ ڪنڊاوڌا ويا ، تڏهن انهن ڪنڊن کي گلن ۽ ٽانڊن کي بهار ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي . اهو ئي سبب آهي جو جڏهن چيو ويندو هو ، ”ته سنڌي وائي ڪم نه آئي“ يا ”پارسي ٻولي گهوڙي چاڙهسي“ ته انهن ۽ اهڙين حالتن ۾ شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جهڙا عظيم شاعر پيدا ٿيا . جن سون تي سيڻ مٽائڻ کي ناپسند ڪيو ۽ انهن فقط ۽ فقط پنهنجي مادري زبان ۾ لکيو . ليڪن اڄ جو اديب چند ڏوڪڙن جي آسري تي پنهنجي مادري زبان تان به هٿ کڻڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو .           

    ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ مان ”ڌرتي“ ، ”تاريخ“ ۽ ” ٻولي“ جهڙا اهم فيڪٽرس ائين پنهنجي اهميت ۽ حيثيت وڃائي ويٺا آهن، پر گهٽ حشر ”ثقافت“ جو به ڪونه ٿيو آهي .  اسان پنهنجي رهڻي ڪهڻي ، اٿئي ويهڻ ، کاڌي پيتي ، رسم ۽ رواج ۾ به ڄڻ سنڌي رهيا ئي ڪو نه آهيون .

    انهن ڳالهين کي ڳڻيندي انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته اسان پنهنجا داخلي ۽ خارجي سمورا ڪامن فيڪٽرس وڃائي ويٺا آهيون . اهي بزرگ نظر نه ٿا اچن جيڪي ”اخلاقيات“ جي هن نظام کي نئين سر رائج ڪن . ڪنهن کي دين ڌرم ۽ اخلاقي ڳالهه چوڻ جي به همٿ ڪا نه ٿي ٿئي  . ڇو ته هن ويچاري کي ”رجعت پسندي“ جا خطاب ته ملن ئي ملن ٿا پر اوڳڻ جا اوتار سندن جاني دشمن بڻجي پون ٿا . برائيءَ جا بند ٻڌڻ واري کي ايترو ته بدنام ڪيو و ڃي ٿو ، جو کيس ڪو ئي ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي . ايمانداري هنن لاءِ کوٽا سڪا آهن . خير خواهي جي وٽن ڪا به گنجائش ڪانهي . حلال ڪري کائڻ سندن لاءِ حرام ٿي پيو آهي . جتي اڪثريت ئي اهڙن ماڻهن جي هجي اتي بزرگ جي ڪهڙي دال ڳرندي ؟ پر هي همراهه به لوهه جا چڻا چاڙهيون ويٺا آهن . نيٺ ته اهي ڳرندا .

    جتي ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ کي فروغ ڏيڻ دل گردي جو ڪم ٿي پيو آهي . اتي ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ کي رائج ڪرڻ گدو بندر واري اسپتال ۾ داخل ٿيڻ برابر آهي . شاهه لطيف جي چوڻي مطابق ته : ”جي اتر ڊاهي ان جي ته ڪنهن کي ڪارون ڪن ؟“

    جيڪڏهن اُهي ”ڪامن فيڪٽرس“ جيڪي اسان جي وجود ، حيثيت ۽ تشخص جو سبب آهن . انهن کي اسان پاڻ پنهنجو نه ڪندا سين ته گاڏو ڪيئن گڙندو؟ پوءِ ڇو نه اسان جو اهڙو حشر ٿئي جيڪو ٿي رهيو آهي . منهنجي خيال فرد جي انفرادي تعمير ۽ تڪميل لاءِ ”داخلي ڪامن فيڪٽرس“ ۽ قوم جو اجتماعي تعميل ۽ تڪميل لاءِ ”خارجي ڪامن فيڪٽرس“ هر دؤر ۾ هڪ جهڙي حيثيت ۽ اهميت رکن ٿا .

    انهن ٻنهي قسمن جي ”ڪامن فيڪٽرس“ کان نفرت ۽ بي رخيءَ جو وڏي کان وڏو ڪارڻ انهن ”ڪامن فيڪٽرس“ جي تبليغ ۽ تشريح غلط ٽولن جي هٿ ۾ اچڻ آهي، جيڪي پنهنجي گروهي مفادن خاطر اخلاق ، مذهب ، انسان ، ڌرتي ، ٻولي ، تاريخ ۽ ثقافت جو غلط استعمال ڪن ٿا . جڏهن مذهب ۽ اخلاق جي ڳالهه ڪندڙ ۾ مذهب ۽ اخلاق جي ڪا بوءِ ئي نه هجي . جڏهن ڌرتيءَ سان دوستيءَ جي ڳالهه ڪندڙ غداريءَ کي روزگار بڻائي . جڏهن ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ٻاڪاريندڙ انسان ڌارين ٻولين جي جهوليءَ ۾ گل وجهي . جڏهن تاريخ جا ورق ورائيندڙ هر هڪ صفحي تي فقط ۽ فقط پنهنجي ذات پات ، رنگ نسل ۽ دين ڌرم کي ڏسي سگهي ، جڏهن ثقافت جي تحفظ ۽ ترقيءَ جي اوني ۾ اکيون آليون ڪندڙ انسان پنهنجي ئي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻيءَ کان ڪرڀ ڪري ته پوءِ باقي ڪهڙا ”ڪامن فيڪٽرس“ بچن ٿا ، جن سان اسان سڃاڻجي سگهون ٿا ۽ جيڪي اسان جي سوچ ۽ لوچ تي پنهنجي ڇاپ هڻي سگهن ٿا .

     

    (ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 02-03-1991)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

      58.         انسان انسان آهي

             

    هن دنيا جو وڏي کان وڏو طلسم اهو آهي جو ڏينهن ۽ رات، نيڪي ۽ برائي، سچ ۽ ڪوڙ، گناهه ۽ ثواب ۽ اهڙيون مڙيوئي متضاد خواهه مخالف شيون منجهيل سٽ جيان پاڻ ۾ مليون پيون آهن. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ فرق محسوس ڪندي به انسان منجهي پوندو آهي.تان جو هن جي عملن جي”ڏينهن“ مان ”رات“ ڦٽي نڪرندي آهي. ”نيڪي“ وڃي ”برائي“ تي پهچندي آهي ۽ ثواب بدلجي گناهه ٿي پوندو آهي. ان ڪري هن جادو نگريءَ ۾ ڇنڊي ڦوڪي پير کڻڻو پئي ٿو. ته جيئن ”ڏينهن“ مان ”رات“ ٿيڻ بدران ”رات“ کي ”ڏينهن“ ۾ بدلايو وڃي. انهيءَ حساب سان دنيا به ڄڻ هڪ پلصراط آهي، جنهن کي ساڃهه، تميز ، فرق ۽ سوچ جي سواريءَ کانسواءِ پار ڪرڻ ڏکيو ٿي پئي ٿو.

              بنهه اهڙي نموني سان انسان به پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل ڪائنات آهي، جنهن ۾ نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، گناهه ۽ ثواب جهڙا ٻج سندس فطرت جي زمين ۾ ڇٽيا پيا آهن.دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا قتل، وڳوڙ ۽ قهر انساني فطرت جي نا آشنائي ڪري ٿيا آهن، ان ڪري انساني فطرت کي سمجهڻ ۽ قبولڻ ضروري ٿي پئي ٿو.

              ڪن انسان کي ”آدرش“ ۽ ”فرشتو“ ڄاتو. هن کي هر ڪنهن برائي کان پاڪ ۽ صاف ڄاتو . هن سان اميدون ۽ آسرا وابسته ڪيا. هر موڙ تي هن مان چڱائي جي اميد رکي .پر ڏسندي ڏسندي سندن اهو ”آدرش“ هڪ پٿر جي بت ۾ بدلجي ويو. نتيجي ۾ اميدون ۽ آسرن جون پيشانيون بت سان ٽڪرائجي رت ۾ ريٽيون ٿي ويون.صدين کان ايئن ٿيندو پيو اچي.خاص طور تي ”سياست “ ۽ ” محبت“ ۾ انسان جو آدرشي تصور هن کي مافوق الفطرت بڻائي، دنيا کي دوکي ، فريب ۽ مڪاريءَ جي نگري بڻائيندو آيو آهي. انسان جي انهيءَ ئي ”آدرشي تصور“ هر دور ۾ مايوسيءَ کي جنم ڏنو. جڏهن ڪنهن جي دل گهريو ”آدرش“ هن جي دل وٽان نه نڪتوته ، چاهيندڙ مايوسيءَ جو چولوپائي وڃي ڪنڊ وسائي يا ٻئي جهان ۾ پهتو. ”سياست“ ۾ انسان پاڻ کي ”آدرش“ جي روپ ۾ پيش ڪندو آهي. عوام جي مجبورين ۽ ضرورتن جو اندازو لڳائي ، کيس اميدن ۽ آسرن جا سبز باع ڏيکاريندو آهي. اهڙي ريت اقتدار خواهه اختيار جي مسند تائين پهچي ويندو آهي. ”جديد سياست“ کان اڳ جڏهن ڏاڍ، ڏمر، ورثي يا ٻين ڳالهين ڪري ڪوئي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ڪندو هو، ان وقت ۽ ان دور ۾ ”لٺ ۽ چٺ“ جي حڪمت عملي اختيار ڪري پاڻ کي ”الله جو پاڇو“ تسليم ڪرائيندو هو، يعنيٰ ته هو ” مافوق الفطرت هستي“ جي جامي پائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان ڪري ئي ”بادشاهه ست ولين برابر“ وارو نظريو پيدا ٿيو.

              انسان جو ”آدرشي تصور“ محبت خواهه سياست جي ميدان ۾ هاڃيڪار رهيو آهي. ڇو ته انسان انسان آهي. هو ”مافوق الفطرت هستي“ ٿي نه ٿو سگهي. خطا اوس ئي هن کان ٿيندي. ان ڪري انسان کي ”خطا“ کان خالي سمجهڻ پاڻ سان دوکي ڪرڻ برابر آهي. مايوسي انهيءَ تصور جي پيداوار آهي. جيئن انسان کي بي عيب ۽ آدرش ڄاڻڻ غلطي آهي. تيئن ان کي فقط ۽ فقط ڏوهي ، ڪريل، پاڻ کان گهٽ ۽ گنهگارڄاڻڻ به غلط آهي. اهي ٻئي تصور انسان کي ڄڻ اڌوري ۽ اڻپوري حيثيت ۾ قبول ڪن ٿا.

              انسان کي گهٽ ڄاڻڻ، ڏوهي محسوس ڪرڻ، گنهگار، وحشي، بدتهذيب، ڄٽ، جاهل ۽ اناڙي سمجهڻ مان وڏو قهر اهو ٿئي ٿو ته جهيڙا ۽ فساد ٿين ٿا، قتل ۽ خون ٿين ٿا، لڙايون ۽ جنگيون لڳن ٿيون. جڏهن انسان کي ”جاهل ۽ ڄٽ“ ڄاڻي خالي توٻرو سمجهي ديني ۽ مذهبي مبلغ کيس پنهنجي نيڪ نصيحتن ۽ وسيعتن سان ڀرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا ته هو ”مبلغ“ ۽ ”تبليغ“ کان سواءِ مذهب، اخلاق ۽ علم سان به نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. جڏهن سياسي، مذهبي، سماجي يا اقتصادي سبقت حاصل ڪري ڪو گروهه ٻئي گروهه ، فرد يا قوم کي بدتهذيب ۽ وحشي ڄاڻڻ شروع ڪري ٿو ته انسانن جا خالي هٿ ڪلاشنڪوفن ۾ بدلجي وڃن ٿا. جڏهن ڪا قوم يا گروهه يقين جي  حد تائين پاڻ کي حاڪم ۽ ٻين کي محڪوم ڄاڻي ٿو ته پوءِ غلاميءَ جي زنجيرن ٽٽڻ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو.

    ايئن اهڙي ريت صدين کان وٺي انسان کي اڌورو تسليم ڪرڻ، ڪڏهن ڀلو ته ڪڏهن برو ڄاڻڻ، تباهي ۽ برباديءَ کي جنم ڏيندو رهيو آهي. انهن ٻنهي تصورن انساني تاريخ ۾ وڏي اٿل پٿل پئي پيدا ڪئي آهي. سماجي اختلافن کان وٺي قومي وڳوڙن تائين انهيءَ اٿل پٿل جا اثر محسوس ڪيا ويندا آهن.

              انهن ٻنهي تصورن خلاف ردِ عمل ۾ وڏيون تحريڪون به هليون. سنڌ ۾ ”تصوف“ جي تحريڪ انهيءَ پس منظر ۾ جنم ورتو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ”تصوف جي تحريڪ“ سنڌي معاشري ۾ اڳتي هلي هاڃيڪار اثر وڌا جن کي هن وقت به محسوس ڪيو وڃي ٿو. مگر اها تحريڪ ان دور جي مجبوري هئي ۽ ضرورت هئي. هن تحريڪ ان ڪري صحيح رخ نه ورتو ، جو ان جوکم واري تحريڪ ۾ اسان جي ديني عالمن حصو نه ورتو ڇو ته انهن مان ڪن وڃي درٻار ۽  سرڪار ۾ عزت ۽ احترام جي ڪوڙي سڪي لاءِ بادشاهن يا حڪمرانن کي الله جو پاڇو سڏڻ شروع ڪيو، ۽ ڪن مڪتبن خواهه مدرسن ۾ ويهي درسي ڪتابن پڙهائڻ ۽ تحقيق ڪرڻ کي شعور جي سج اڀارڻ برابر ڄاتو. ڪي وري پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بچائڻ ۾ تصوف جي انقلابي تحريڪ کان پري رهيا . ان ڪري” تصوف جي تحريڪ“ کي عالمن جو هر اول دستو نه ملي سگهيو ، ۽ اها ردِ عمل طور شديد ٿيندي وئي. ڄڻ ته ڪنهن درد جي دوا ايئن ٿي جو مريض کي نشو ته ڏنو ويو، ليڪن ان جي آپريشن ڪنهن نه ڪئي!.

              ”تصوف جي تحريڪ“ جا دور رس اثر اڄ به اسان جي ڳچيءَ ۾ رسي جيان وڌا وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو شاهه ڪريم، شاهه لطيف، شاهه عنايت، سچ سرمست ۽ مڙني عظيم شاعرن کي فقط ۽ فقط صوفي شاعرن جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.

              ”تصوف“ پنهنجي دور جي ”ردِ عمل“ جي حيثيت واري تحريڪ هئي. هيءَ تحريڪ تڏهن شروع ٿي، جڏهن اقتصادي ، سياسي ۽ سماجي غلامي کي عوام مٿان مسلط ڪرڻ ۽ ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ مذهب سياست جي پٺڀرائي ڪئي. مذهب ۽ سياست کي عوام دشمني خاطر استعمال ڪيو ويو. بادشاهه يا حڪمران کي ”الله جا خليفا نه پر پاڇي“ طور مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، درٻاري ۽ سرڪاري ماڻهن کي الله جا نيڪ ۽ چونڊيل ٻانها ڪري پيش ڪيو ويو ۽ عوام جي وڏي اڪثريت کي جاهل، غلام ۽ نڪمو ڄاتو ويو. جڏهن انسان اشرف المخلوقات جي ائين توهين ٿيڻ لڳي ته صوفين ٻين مقصدن واري صوفياڻي تحريڪ شروع ڪئي : هڪ مقصد مطابق انهن ادارن، نظرين ۽ انهن سان وابسته شخصيتن خلاف آواز بلند ڪيو ويو، جن عوام ۽ عام انسان کي گهٽ ڄاڻڻ شروع ڪيو هو. هنن “مذهب“ ۽ ”سياست“ کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻايو.جيئن ته ”مذهب“ استحصالي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ”سياست“ جي ساٿي طور غلط استعمال ڪيو ويو،ان ڪري صوفي بزرگن جي گهڻي ڪاوڙ ”مذهب“ ۽”       مذهبي ٺيڪيدارن“ خلاف ٿي پئي. هنن جي اها نيت ڪانه هئي ته ڪو ”مذهب“ جي اداري خلاف لاهي پاهي ڪات ڪهاڙا کڻجن. پر جيئن ته ”مذهبي ٺيڪيداري“ درٻاري ۽ سرڪاري نوازشن حاصل ڪرڻ ۽ انسان کي گهٽ ثابت ڪرڻ جو واپار بڻجي وئي ، ان ڪري هنن صوفين مذهبي ٺيڪيدارن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ روزي، نماز، حج، زڪوات جي ظاهري مگر باطني طور منافقي تي ٻڌل عملن جي مذمت ڪرڻ شروع ڪئي.جڏهن ظالم ۽ جابر حڪمران خلاف آواز بلند ڪرڻ تي عوام کي دوزخ پهچائڻ جهڙيون فتوائون ڏنيون ويون ته صوفي بزرگن جنت“ کي ”دلاسو“ ۽  ”دوزخ “ کي ”دڙڪي“ طور پيش ڪيو. ”هنن روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم“ ته ضرور چيو پر هي به ٻڌايو ته ”اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.“

              جيئن ته عوام کي جاهل، ڄٽ، غلام ۽ ظالم حڪمرانن جي ٻڌي ٻانهي طور پيش ڪيو ويو ۽ جابر حڪمرانن کي الله جو پاڇو بڻايو ويو ته ان وقت صوفي بزرگن وري عوام کي احساس ڪمتريءَ مان ڪڍڻ لاءِ آواز بلند ڪيو ته ”نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو“ . تان جو ڳالهه کي اڃا به کولي هيئن چيو ويو ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.“ صوفي بزرگن ظالم ۽ آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن ماڻهن جي عوام يعنيٰ اڪثريت تي ناجائز حڪمراني خلاف ايڏي ته بغاوت ڪئي جو ان جي نتيجي ۽ اثر هيٺ سچل سرمست ايئن به چيو ته ”ڇا ٿيون ڀانئيو جيڏيون، آهيان رب ستار.“ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿيو جو انسان کي انسان نه ڄاتو ويو. هن جي نالي مٽ ڪئي وئي. انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ هن پاڻ کي اهو ڪجهه سڏايو، جيڪو ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي.

              انهيءَ مثالن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته جيڪڏهن ۽ جڏهن به انسان اڌورو ۽ اڻپورو ڄاتو ويندو . هن کي فقط ”آدرش“ يا فقط “خراب“ ڄاتو ويندو ته اهو انسان خلم ٻاري وجهي ٿو. ان ڪري ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته ”انسان کي انسان“ ئي ڄاتو وڃي.

              انسان کي اڌوري ۽ اڻپوري مڃڻ جي آزار مان اڄوڪي دور ۾ به اسان جند نه ڇڏائي آهي. پاڻ انهيءَ ڳالهه تي بحث نه ٿا ڪريون ته موجوده جوڙ جڪ ۾ اسان جي قوم کي ڪيترو تهذيب يافته ڄاتو وڃي ٿو. اها ڳالهه واضح آهي ته ٻين گروهن جو اسان جي قوم سان ورتاءُ اهڙو آهي، جنهن مان اهو ئي ثبت ٿئي ٿو ته پاڻ کي اڌورو ۽ اڻپورو يعنيٰ ڄٽ، جاهل، تهذيب کان ڪورو، وحشي، ويڙهاڪ، ڦورو، گهٽ ۽ بيڪار ڄاتو وڃي ٿو. ان جا جيڪي نتيجا نڪرڻا آهن، ان لاءِ تاريخ اڳ ئي اڻ ڳڻيا مگر هڪ جهڙا فيصلا ٻڌائي چڪي آهي.

              مگر داخلي طور تي اسان پنهنجي قوم ۽ سماجي سطح تي پڻ اهو تاثر ڏئي رهيا آهيون ته اسان جي قوم جو هر هڪ فرد اڌورو ۽ اڻپورو آهي. اهوئي سبب آهي جو ديني عالمن کي عوام کان ڄڻ ته ڪراهت اچي ٿي ۽ هو پنهنجي ئي عوام کي گنهگار ڄاڻن ٿا. دنياوي عالم ۽ دانشور وري نئين نسل کي ناتجربيڪار ۽ جذباتي ڄاڻي ٿو.ڪامورو باقي عوام کي پنهنجو غلام ڄاڻي ٿو. ڌن ڌڻي غري عوام کي انسان ئي ڪو نه سمجهي ٿو. جڏهن اندروني طور تي اسان انسان کي انسان نٿا سمهجون تڏهن بيروني طور تي ٻيا گروهه اسان جي قوم کي ڪجهه نٿا ڄاڻن ۽ اسان ويٺا اجتماعي سزا ڀوڳيون.

              خارجي طور ٻين گروهن ۽ قومن طرفان جيڪو ٿي رهيو آهي، ان تي مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي ڇو ته تاريخ جا سبق اسان جي اڳيان آهن، پر جنهن ڳالهه تي ويچارڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت اها ئي آهي ته اسان داخلي طور تي انسان کي انسان ڄاڻون ٿا يا نه؟

              انسان کي انسان ڄاڻڻ جو مطلب آهي انسان کي پنهنجي فطرت جي روشنيءَ ۾ قبول ڪرڻ. خامين ۽ خوبين سميت، چڱاين ۽ مداين سميت، بنهه ايئن جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي قبول ڪندي چيو هو ته ” جيها جي تيها، مون مارون مڃيا.“ انسان کي انهيءَ وقت تائين انسان طور قبول ڪري نه ٿو سگهجي، جسيتائين پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائجي. جيڪڏهن ڪو انسان پاڻ ڪڏهن خطا نه ڪري، ڪنهن کان غلطي نه ٿي هجي، پاڻ پاڪ، صاف، بي عيب، ڪامل ۽ مڪمل هجي ته هو ٻئي تي ميار رکي سگهي ٿو. ٻئي کي اڌورو ۽ اڻپورو ڄاڻي سگهي ٿو. اها منزل وري ڪوئي تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن”انساني تاريخ“ مان ”انسان خطا جو پتلو آهي“ جا لفظ خارج ڪري ڏيکاري.

              نيڪي ۽ بدي. شر ۽ خير سڀ انساني سڀاءَ ۾ شامل آهن. تعليم ۽ تربيت سان ئي انهيءَ جي فرق ۽ تميز کي نمايان ڪري سگهجي ٿو ، بدي ۽ شر جو رخ موڙي سگهجي ٿو، ليڪن انهن کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. جيئن ويڙهاند ۽ جهڳڙلو طبيعت کي ظلم، ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف ”جهاد“ ۾ بدلايو ويو ۽ دنيا ۾ مذهبن خواهه ٻين نظرين بدي ۽ شر وارن اوڳڻن لاءِ ڀلائيءَ وارا نعم البدل مهيا ڪيا.

              انسان کي انسان جي حيثيت ۾ ئي قبول ڪرڻ ۾ ڀلائي آهي. هن کي ”فرشتي“ يا ”شيطان“ جي روپ ۾ قبول ڪرڻ پنهنجي تباهي آڻڻ جي برابر آهي، اهڙين حالتن ۾ ”محبت“ ۽ ”خدمت“ جي جاءِ تي ”توهم پرستي“ ۽ ”نفرت“ جو راڄ هلندو آهي . ان ڪري عافيت ان ۾ ئي آهي ته انسان کي انسان ئي ڄاتو وڃي پر پنهنجي سر ڪوئي انسان پنهنجي آپي مان نڪري پاڻ کي  ”فرشتو  يا ”شيطان “ ثابت ڪري ته پوءِ ان جي انهيءَ حيثيت مڃڻ کان انڪار ڪجي، پر پيار يا تڪرار سان کيس انهيءَ جاءِ تي آڻي بيهارجي ، جيڪا هڪ انسان جي جاءِ يا حيثيت ٿيندي آهي. ڇو ته هيءَ اسان جي دنيا انسانن جي جاءِ آهي. هن ۾ فقط انسان ئي رهي سگهن ٿا، جيڪي ”خطائن“ جا پتلا به هوندا آهن ته نيڪين ۽ چڱاين جا ”آدرش“ به ٿيندا آهن. پر هو نه ته ”فرشتا“ ٿيندا آهن ۽ نه وري ”شيطان“ ٿيندا آهن. انسان فقط  انسان ئي ٿيندا آهن.

    (روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ، تاريخ : 17.02.1988)

         . 59سنڌ ۾ فڪري ۽ نظرياتي ارتقا جو گهوٽالو

               

    پنهنجي دور تي تنقيدون ڪرڻ، ڪج بحثيءَ تي سندرو ٻڌي گهڻين ڳالهين مان وڏون ڪڍڻ ۽ ڪيترين ڳالهين کان منڪر ٿيڻ، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي عقل جي ڏيوالي ڪڍڻ برابر ٿيندو آهي. پر پنهنجي دور جي دک ۽ درد ۾ شريڪ ٿي، ڪن ٺوس ويچارن کي آڏو رکي، سڄي دور سان مهاڏو اٽڪائڻ به ڪا بري ڳالهه ڪانهي. تاريخ جي هر دور ۾ قومن کي سخت تنقيدون به سهڻيون پونديون آهن ۽ ڪن اٽل انسانن جو مهاڏو به برداشت ڪرڻوپوندو آهي. تاريخ جو تيز وهڪرو پوءِ به بنا روڪ ٽوڪ جي اڳتي وهي ويندو آهي. اهو ڪنهن جو انتظار نه ڪندو آهي. پر اڪيلن ۽ اٽل انسانن جا مهاڏا صدين تائين ياد ڪيا ويندا آهن.

              سقراط اڪيلي سر پنهنجي دور سان مهاڏو اٽڪايو، هن کي ڪنهن به نه ٻڌو، تاريخ جو وهڪرو به اڳي جيان تيزيءَ سان وهندو ويو. ڪنهن به سقراط جو انتظار نه ڪيو، خود سقراط به وقت ۽ حالتن کي روڪي نه سگهيو، ليڪن تاريخ اهو فيصلو ڏنو ته سقراط سچ تي هو. انساني تاريخ نئين سج نوان سقراط پيدا ڪندي رهي آهي، مذهب ، سياست، ادب ۽ زندگي جي هر هڪ شعبي ۾ روز بروز اڪيلا، اٽل ۽ مهاڏو اٽڪائيندڙ انسان پيدا ٿيندا رهن ٿا ۽ اسان ملي جلي سندن موت آڻيندا رهون ٿا. پر جيڪڏهن کين ٻڌو وڃي ان کان سواءِ دوست ۽ دشمن جي ڳالهه کي هينئن سان هنڊايو وڃي ته هوند هڪ طرف اسان جي ڊڪشنري مان ڪج بحثي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ ٻئي طرف پاڻ کي ڏسڻ پرکڻ جو به موقعو ملي وڃي.

              تنقيد ۽ مخالفت ڀلي ته سچ تي مبني نه هجي ، پر اها به اڪارتي ڪو نه ٿيندي آهي. ڇو ته دوست سدائين عيبن تي پڙدو وجهندا آهن، پر دشمن کي سدائين غلطين، ڪمزورين ۽ براين جي تلاش هوندي آهي. مخالف يا دشمن ئي ته پنهنجي تنقيد ۽ مخالفت جي آرسي ڏيکاري، اسان کي پنهنجي اوڳڻن، عيبن  غلطين ۽ ڪمزورين کان باخبر ڪندو آهي. واقعي اهي انسان بدنصيب هوندا آهن، جن کي دشمن نه ٿا ملن. مخالفت ئي ته ”وجود“ ۽ ”حيثيت“ جي شاهدي ۽ تصديق ٿيندي آهي.”ڪارو“ نه هجي ته ”اڇي“کي ڪير سڃاڻي؟ ”تنقيد“ ۽ ”مخالفت“ نه هجي ته پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو ئي ڪو نه ملي.

              آئون ڪنهن ڪج بحثيءَ جو آغاز ڪرڻ نه ٿو گهران، نه وري پاڻ کي پنهنجي دور جو اڪيلو ۽ اٽل انسان ڄاڻي پوري دنيا سان مهاڏو اٽڪايان ٿو، نه وري دشمن ۽ ڌاريي جو ڪردار ادا ڪري، اجايو وِڏن ڪڍڻ تي سندرو ٻڌان ٿو . پر اهو به ايمان اٿم ته هن دور هزارها مصيبتن، مشڪلاتن، مسئلن ۽ مجبورين باوجود حق ۽ سچ جون انيڪ روايتون قائم ڪيون آهن ۽ ڪيترين نظرياتي ڳالهين ۾ پيش رفت ڪئي آهي. سوچ جا نت نوان ذريعا ڳولهي لڌا آهن. ذهني ۽ فڪري ارتقا جو سفر جاري آهي. هن دور جو هر اول دستو پنهنجي پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌي رهيو آهي. پر موجوده حالتن جو جائزو ڪنهن ٻئي رخ کان به وٺي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ارتقا جي هن سفر جو ڪو مسافر اهو سوال ڪري ته ”اسان جي رفتار ڪهڙي آهي ۽ اسان ڪنهن طرف پيا وڃون؟“ ته هن تي ميار رکي نه ٿي سگهجي. ڇو ته هن کي ”ڄاڻ حاصل ڪرڻ“ جو فطري حق حاصل آهي. هن کي جيڪڏهن ڪو خدشو، وهم يا غلط فهمي ٿي پئي آهي ته اهي ڳالهيون پڻ عين انساني فطرت جي مطابق آهن. ان ڪري هن کي اهي فطري حق ملڻ گهرجن. هن کي اطمينان بخش جواب نه ڏيڻ سان نه ارتقا جو سفر رڪجي ويندو ۽ نه وري ڪنهن سرواڻ جي صحت يا حيثيت تي اثر پوندو، پر جيڪڏهن اختلاف يا سوال ڪندڙ جو خدشو ڪن ٺوس شاهدين، حقيقتن ۽ بنيادن تي ٻڌل آهي ته پوءِ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪرڻ ”اجتماعي آپگهات“ ڪرڻ برابر ٿيندو.

              مفروضو:       

                        اسان موجوده دور ۾ جيڪا نظرياتي ترقي ڪئي آهي، ان تي فقط ڳاٽ اوچي ڪرڻ سان ڳالهه نه ٿي جُڙي. انهيءَ ڪاميابيءَ جي جائزي وٺڻ لاءِ هيئن به مفروضو قائم ڪري سگهجي ٿو ته اسان جو دور نظرياتي گهوٽالي جو شڪار آهي. اسان نظرياتي طور تي ترقي ڪرڻ بدران تنزل طرف وڌي رهيا آهيون. اسان جي ذهني، فڪري ۽ نظرياتي ارتقا جو عمل ته جاري آهي. پر ان جو رخ صحيح طرف ڏانهن ڪونهي. ان ڪري انديشوآهي ته اسان اهي ”گڏيل مقصد“ گهربل يا مقرر ڪيل وقت ۾ ماڻي نه سگهون، جنهن لاءِ هر ڪو لکيو پڙهيو، باشعور ۽ ”روشن آئيندي“ جو متوالو ڪوشش ڪري رهيو آهي.

              منهنجي خيال ۾ نظرياتي ارتقا جي سفر ۾ اقتدار ۾ آيل سياستدان، حڪومت، اقتدار کان ٻاهر سياستدان، استاد، شاگرد ۽ قلم ڪاراهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي بيشڪ نظرين جا محرڪ ڪونهن پر نظرياتي سفر ۾ پنهنجي پنهنجي حيثيت رکن ٿا. هو مختلف يا ڪن حالتن ۾ متضاد محاذن جا سرواڻ ٿيندا آهن.

              انهن سرواڻن مان اسان هتي فقط اديب، ليکڪ، شاعر، محقق ۽ صحافي جي ڪردار ۽ خدمتن جي حوالي سان پنهنجي مفروضي کي پرکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان جي انهيءَ مفروضي جو ٻيو جز هي آهي ته ”سنڌ ۾ نظرياتي گهوٽالي“ جو اهم ڪارڻ اسان جا اهي قلم ڌڻي، ادبي دنيا ۽ انهن جا اصول آهن. اسان وٽ جيترو نظرياتي ڪم ٿيو آهي. ان جا بهتر نتيجا نڪري ٿي سگهيا. پر جيڪڏهن اسان جي قلم ڌڻين باهمي افهام تفهيم ۽ سهڪار کان ڪم ورتو هجي ها ۽ انهن اوڻاين کي پنهنجي نگريءَ مان خارج ڪيو هجي ها ته حالتون اڃان ٻيون هجن ها . جن جو مختصر ذڪر هنن ئي ورقن ۾ ڪيو ويندو.

              ايئن ڪو نه آهي ته مفروضي تي ٻڌل هن مطالعي ذريعي ڪو قلم ڌڻين خلاف ڪات ڪهاڙا استعمال ڪيا ويا آهن، پر هي مطالعو نظرياتي گهوٽالي وارين حالتن ۾ سندن ڪردار، مجبورين ۽ مسئلن کي به سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو.

    گهوٽالي جا اهڃاڻ:

              تضادن جي هن دنيا ۾ اسان جي قوم ستن نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي، اهي آهن؛مذهب پسند،قوم پرست،ترقي پسند، موقعي پرست، مايوس، غير جانبدار ۽ غير نظرياتي ڪئمپون. انهن ڪئمپن مان ٽن جي حيثيت مخلتف ۽ متضاد مڪاتب فڪر جي آهي. جيڪي آهن؛ مذهب پسند، ترقي پسند ۽ قوم پرست. اهي ٽيئي مڪتب فڪر پنهنجي پنهنجي حساب ۽ طريقي سان سنڌ ۾ نظرياتي تبليغ ۾ مصروف آهن ۽ قوم جي لکيل پڙهيل طبقي جي اڪثريت انهن سان لاڳاپيل آهي. اهي ٽئي مڪاتبِ فڪر پنهنجي پنهنجي طريقي ڪار، رنگ ڍنگ ۽ آئيندي جي منصوبن جي حوالي سان ايترا ته پڌرا، چٽا ۽ واضح آهن، جو هر ڪو ماڻهو آسانيءَ سان انهن جو خاڪو چٽي سگهي ٿو. باقي چار ڪئمپون وضاحت طلب آهن. ”موقعي پرستن“ مان منهنجي مراد انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر وقت ۽ حالتن سان گڏ سانڊي جيان رنگ بدلائي سگهندا آهن. ”موقعي پرست“، زندگي جي ڪنهن مخصوص مڪتبه فڪر سان واسطو نه  ٿا رکن. پر هر هنڌ ۽ هر شعبي ۾ موجود آهن. انهن جي ڄاڻ سڃاڻ اها ئي آهي ته کين ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه لڳندو آهي. مادي طور تي هو روز بروز وڌندا ويندا آهن. انا ، عزت نفس، اصول ۽ نظريو هنن لاءِ بي معنيٰ ڳالهيون هونديون آهن. هنن جي نظر فقط ۽ فقط ڌن، عهدي يا رتبي تي هوندي آهي.

    ”مايوسين جي ڪئمپ“ وري اهڙن ماڻهن جي پناهه جي جاءِ هوندي آهي، جيڪي انسان کي فرشتو ڄاڻي ويهندا آهن. هو پنهنجي شخصيت جي تعمير اخلاقي يا مذهبي قدرن مطابق ڪندا آهن. يقين، ڀروسي، وفاداري ۽ بي لوثي کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندا آهن. پر انهن سان گڏ اميدن ۽ آسرن مان به جان آجي نه ڪري سگهندا آهن. انساني فطرت ۾ سمايل خاميون جهڙوڪ :دوکو ۽ مطلب پرستيءَ کي وساري ويهندا آهن. پر انهن اوڳڻن جو نشانو بڻجي مايوس ٿي ويندا آهن. ”غير جانبدار“ ۽ ”مايوس“ ۾ اهو فرق آهي ته غير جانبدار انسان کي انسان سمجهندو آهي. پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنيادن تي اميد ۽ آسري تي گهٽ ڀاڙيندو آهي، هو جتي ٻين جي چڱائيءَ جو منڪر نه ٿو ٿئي اتي اهو به ڌيان ۾ رکي ٿو ته ساڳيو انسان مدائي به ڪري سگهي ٿو. مطلب ته تصوير جا ٻئي رخ هن جي اڳيان هوندا آهن. هو ڪنهن به ڳالهه کي اکيون ٻوٽي قبول نه ڪندو آهي. پنهنجو پير ڇنڊي ڦوڪي کڻندو آهي. توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر اها غير جانبداري ويڙهاند وارين حالتن ۾ کيس ڳچيءَ ۾ پوندي آهي. ڇو ته ڪو به هن کي پنهنجو ڪو نه ڄاڻندو آهي. بلڪ متضاد گروهن جي عذاب ۽ عتاب جو پهريون نشانو غير جانبدار بڻبو آهي. امن وارين حالتن ۾ پڻ ٻئي ڌريون کيس نظر انداز ڪنديون رهنديون آهن. هو نظرياتي تبليغ ۽ تحريڪ ۾ سڌو سنئون ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ بدران اڪثر ڪري نقاد جو ڪردار ادا ڪندو آهي.

    ”غير نظرياتي ڪئمپ“ ۾ وري اهي ماڻهو اچي وڃن ٿا، جيڪي وقت ۽ حالتن تي نظر نه ٿا رکن . هو معاشي طور تي پاڻ هرتو زندهه رهي سگهن ٿا، يا وري معاشي طور تي ايترو ته ڪنگال آهن جو نظرين، قدرن ۽ اصولن بدران نعرن ۽ وعدن پٽاندڙ پنهنجون وفاداريون بدلائيندا رهندا آهن ۽ هنن جو نظرياتي بنيادي مطالعو يا مشاهدو نه هوندو آهي. البته سندن فطرت ۾ طبقاتي شعور جو دٻيل يا دٻايل احساس ضرور موجود هوندو آهي. ان ڪري سنجيده فڪري ۽ نظرياتي تربيت کين غير نظرياتي ڪئمپ کان ٻاهر ڪڍي سگهندي آهي.

    اسان جي ڌرتيءَ جا ٽئي مکيه مڪتب فڪر، يعنيٰ ”قوم پرست“، ”مذهب پرست“ ۽ ”ترقي پسند“ انهيءَ حقيقت کي مڃين يا نه مڃين، پر سنڌ ۾ اهي باقي چار نظرياتي ڪئمپون هر حالت ۾ موجود آهن، بلڪ نظرين جي اها ست رنگي انڊلٺ ته بلڪ هر مڪتبه فڪر ۾  موجود آهي اڃا وڌيڪ غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته پر اسان جي معاشري جو هر هڪ فرد پنهنجي زندگيءَ جي مختلف موڙن تي انهن متضاد نظرين جي پلصراط تان گذري ٿو.

    ان ڪري سنڌ ۾ واضح طور تي نظرياتي ارتقا ٿي نه سگهي آهي. فقط نظرياتي گروهه آهن، جيڪي وقت ۽ حالتن مطابق سسندا، ڦوڪبا، وڌندا ۽ گهٽبا رهن ٿا. ”جذباتي ڄمار“ ۾ هر ڪو ماڻهو ”قوم پرستيءَ“ جون ڳالهيون ڪري ٿو. ان جي وڌيڪ ويجهو وڃڻ ۽ سنجيده ٿيڻ سان، ”قوم پرستيءَ“ واري نظرئي تي مڙهيل اوڻايون جهڙوڪ : تنظيم جو فقدان، خود احتسابي تنقيد جي اڻ هوند، ذات پات جو اثر، غير واضح طريقي ڪار ۽ ڪارڪنن جي شخصيت جي معمولي تربيت وغيره کيس مايوس ڪن ٿيون ۽ هو ”ترقي پسنديءَ“ طرف رخ ڪري ٿو. هتي هن کي پنهنجي عمل جو  جاگرافيائي ميدان ڪشادو ۽ وسيع نظر اچي ٿو. مٿس ذات پات ۽ رنگ نسل جو اثر نه ٿو مڙهيو وڃي. هو هڪ هٽيءَ واري گهٽن محسوس نه ٿو ڪري. هو جيڪو لکي يا ڳالهائي ٿو ان کي پڙهيو يا ٻڌو وڃي ٿو. هن کي تنقيد جو حق ملي ٿو. هو غير تربيت يافته ۽ آئيندي جي سوچ کان وانجهيل اڳواڻن جي قيادت کان آزاد ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ جيڪڏهن ادبي ميدان ۾ نه ته سياسي ميدان ۾ گهڻي کان گهڻا ”ترقي پسند“ سنڌ جي ”قوم پرست“ مڪتبه فڪر مان پيدا ٿيل آهن. يعنيٰ اهي اڳ يا ابتداء ۾ ”قوم پرست“ هئا ۽ پوءِ ان سان اختلاف ڪري خارجي سازگار حالتن ۽ پر ڪشش ماحول کان متاثر ٿي ان کان الڳ ٿيندا ويا ۽ پنهنجون پنهنجون وڃي نظرياتي ڪئمپون جوڙيائون. آخر ۾ انهن جي عمل جو جاگرافيائي ميدان وڃي هڪ جيترو ۽ هڪ جهڙو ٿيو. انهن حالتن کي ڌيان ۾ رکندي ”قوم پرست“ مڪتب فڪر پاڻ وٽ”ترقي پسنديءَ“ جي ڪنهن حد تائين گنجائش پيدا ڪئي. ان ڪري سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا مهربان به ملن ٿا جن ”ترقي پسند قوم پرستي“جي تبليغ کي اهميت ڏني. هنن حالتن وري سنڌ ۾ ”قوم پرست“ ۽ ”ترقي پسند“ مڪتب فڪرن کي ٽن حصن ۾ ورهايو.

    ”مذهب پسند“ مڪتب فڪر اڳ ئي حريف ۽ متضاد گروهن ۾ ورهايل آهي. شيعا، سني ۽ وهابي هڪ ٻئي کي دين ڌرم کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويٺا آهن. انهن مان ڪيترا وري اهڙا عقيدي ۾ راسخ آهن جو ٿوري ڳالهه تي به نڪاح ٽٽڻ جي فتويٰ ڪڍڻ ۾ دير نه ٿا لائن . سي به وري وقت ۽ حالتن مطابق پاڻ کي ”قوم پرست“ يا ”ترقي پسند“ ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ سرٽيفڪيٽن ۽ شاهدين جي تلاش ۾ به مصروف ٿي ويندا آهن.  

    نظرياتي طور تي سنڌ چون چون جو مربو ٿي پئي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو نظرياتي گهوٽالو ڪڏهن پيدا ڪونه ٿيو، سنڌ ڪڏهن به اهڙا ماڻهو پيدا ڪو نه ڪيا، جيڪي نظرياتي طور تي اڌ ڪاٺ جا اڌ لوهه جا محسوس ٿين، سو به وري حالتن جي گهڻ رخي دٻاءُ ۾.

    حالتون:                                                                   حالتن جو اهو گهڻ رخو دٻاءُ نه فقط ڳنڀير، پر هاڃيڪار پڻ آهي .پنهنجي سماجي تاڃي پيٽي ۾ بيروزگاري، غربت، جهالت ۽ ڏاڍ جون اڻ ڳڻيون تندون ۽ تارون موجود آهن. عملدار رعيت آزار جو عنايتون ته اڳ ئي گهڻيون هيون، پر هاڻي وري ڪلاشنڪوف ۽ هيروئن عوام کي نهن تي نچائڻ شروع ڪيو آهي.

    سنڌ اڳ ئي نسلي طور تي مقامي ماڻهن کانسواءِ پٺاڻن، بلوچن، پنجابين ۽ مهاجرن جي پناهه جي جاءِ ته هئي، پر هاڻي بهارين ۽ افغانين جي آمد ڪري پڻ ڪيترائي نسلي، سماجي، ثقافتي، لساني ۽ اقتصادي مسئلا پيدا ٿيا آهن.

    مذهبي طور تي هندو – مسلم فساد، شيعا – سني فساد، شيعا -وهابي ۽ وهابي – سني فساد به سنڌ جي نصيب جو حصو بڻايا ويا آهن. سياسي طور تي نه رڳو پاڪستان سطح جي سمورين وڏين پارٽين جي قيادت ۽ قيادت جا سرگرم مرڪز سنڌ ۾ موجود آهن، پر صوبائي سطح تي پڻ باهه ۽ پاڻيءَ جهڙو فرق رکندڙ پارٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڪلاشنڪوف تاڻي بيٺيون محسوس ٿين ٿيون.

    وري جڏهن دنيا جهان ڏي نظر کڻي ڏسجي ٿي ته پاڻ پاڙي ۾ سالن کان وٺي جنگ جا ناد ٻڌندا اچون ٿا. وڏيون طاقتون اڀ – لڙائيءَ ۽ ”نيو ورلڊ آرڊر“ جا سانباها ڪري رهيون آهن. جيڪي ڳالهيون پوريءَ انسان ذات جي وجود لاءِ ڪنهن وڏي خطري کان گهٽ ڪونهن. انهيءَ وجود جي خطري ۾ ڪي سال لڳي سگهن ٿا. پر تڪڙو خطرو ”ثقافتي يلغار“ جو آهي. هن صديءَ جي پڄاڻيءَ کان اڳ ئي ريڊيو سيٽ جيان ٽي-وي سيٽ جا چئنل بدلائي آسانيءَ سان ڪنهن به وڏي ملڪ جي ٽي وي اسٽيشن لڳائي، اهڙا اهڙا پروگرام ٻڌي ۽ ڏسي سگهبا، جن جو تصور هاڻي خواب خيال ۾ به ڪري نه ٿا سگهون .                                           اها صورتِ حال سنڌ ۾ سنڌ دوست نظرياتي مبلغن لاءِ رستي  روڪ ثابت ٿيندي ، ڇو ته کانئن سواءِ باقي دنيا ۽ بدخواهه، عوام جي ڪنن ۽ نظرن جا دڳ روڪي سگهندا .

    اهڙين حالتن جي ڳنڀيرتا کي محسوس ڪندي ڪوئي”مذهب پسند“ ڀلي پاڻ کي چپ ڪرائي، فراريت اختيار ڪري يا بيوسيءَ جو اظهار ڪري ته اهي قيامت جون نشانيون آهن ۽ اسان ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهون. ڀلي ”ترقي پسند“ اهو محسوس ڪري ته زمانو پاڻهي عوام لاءِ استاد بڻبو ۽ هنن ئي حالتن مان ”مها ڀاري معاشرو“ جنم وٺندو. ڀلي”قوم پرست“ انهيءَ ۾ خوش هجي ته هو قوم ۽ معاشري جو اهڙين حالتن ۾ به حق ادا ڪري رهيو آهي. پر تاريخ جو ڄاڻو هي حالتون ڏسي ڊڄي ويندو ۽ دانهون نڪري ويندس ته جيڪڏهن نظرياتي گهوٽالي جو خاتمو نه آيو ۽ قوم ايئن انيڪ مڪتب فڪرن،ڪئمپن، گروهن، ڌڙن ۽ ٽولن ۾ ورهائبي رهندي ته ”قومن جي زوال واري تاريخ“ ۾ هڪ نئين اصطلاح جو اضافو ٿيندو. آمريڪا جي تاريخ ۾ ”ريڊ انڊين“ مقامي قوم کي ڏاڍ جي زور تي ڌارين هٿان تباهه ڪرڻ جو ”تاريخي اصطلاح“ آهي. هتي وري ”سنڌين“ جو اصطلاح جڙندو، ان جو انساني تاريخ ۾ اهو مفهوم سمجهيو ويندو ته ”باهمي اختلافن، خوشفهمين ۽ نظرياتي گهوٽالن جوشڪار ٿي، ڪنهن قوم جو پاڻ-هرتو مٽجي وڃڻ.“

    هنن حالتن کي اسان ارتقا جو عمل چئي پنهنجي آئيندي بابت بي خبريءَ جي گواهي ڏيون ٿا. هنن حالتن کي رب جي منشا ۽ قيامت جا آثار سمجهي، رب پاڪ تي الزام هڻون ٿا. هنن حالتن کي عوام جي بي حسي ۽ بيوسي سمجهي، پنهنجي وطن دوستيءَ جو مذاق اڏايون ٿا. ڀيانڪ آئيندو سمورن مڪتب فڪرن، نظرياتي ڪئمپن، گروهن، ٽولن ۽ ڌڙن تي فرد جرم عائد ڪندو ، جن کان ڪو به پاڻ بچائي نه سگهندو. ان ڪري وقت ويو ڪونهي، گهٽ ۾ گهٽ اسان کي” ڪامن فيڪٽرس“ جي تلاش ڪرڻ گهرجي. ڀلي ته اسان جا منهن اڀ ڏي هجن يا ڌرتي ڏي، اولهه ڏي هجن يا اوڀر ڏي، پر گهٽ ۾ گهٽ اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته اسان جا پير ته ڌرتي تي آهن. اسان ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ثقافت، تاريخ ۽ ٻوليءَ وارن مسئلن تي ته هم خيال ٿي سگهون ٿا. ڌرتي، ثقافت، تاريخ، ٻولي ۽ علم ادب ۽ ”گڏيل آئيندو“ ئي اسان جا ”ڪامن فيڪٽر“ آهن.

    بنيادي ڪم:

    ڪجهه سال اڳ مون هن ئي مسئلي تي”واريءَ سندا ڪوٽ“جي عنوان سان مضمون لکيو هو. پنهنجا ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ ليکڪ دوست ناراض ٿي ڪري وڌا هيم. ڪن ڏوراپا به ڏنا ته ،”قلم-قبيلي“ سان واسطو رکندي، مون اهو مضمون ڇو لکيو؟ مون انهيءَ مضمون ۾ لکيو هو ته ڪيترا، اديب، شاعر ۽ ليکڪ واريءَ سندا ڪوٽ آهن. اهي ڏکئي وقت ۾ نه ته پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن ٿا ۽ نه وري اسان جو يا نظرين، قدرن ۽ اصولن جو بچاءُ ڪري سگهن ٿا. انهيءَ مضمون ۾ مون انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو هو ته ليکڪ جيستائين پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار، قول ۽ فعل ۾ هم آهنگي پيدا نه ٿو ڪري، جنهن جي تبليغ ۽ تشهير لاءِ آسمان مٿي تي کڻي ٿو۽ جيستائين ليکڪ پنهنجي لکڻين کي پنهنجي عمل جي خيرات نه ٿو ڏئي، ان وقت تائين هو واريءَ جو ڪوٽ آهي. هو ڪنهن کي بچائي نه ٿو سگهي. منهنجي انهيءَ مضمون کي پڙهي، هڪ وڏي ۽ نامياري شاعر واسطيدار ايڊيٽر کي لکيو هو ته ، ”وات ڳاڙهي ڇوڪري جومنهن بند ڪيو.“ منهنجو منهن ته بند نه ٿيو، ويتر ذهن جا پڙدا کلي پيا. منجهي ته پيس ته ڳالهه ته سچي لکي هيم، پوءِ سچ سنهيو ڏيندڙ بزرگ ساٿي ڇو ڪاوڙجي پيا؟

    ان وقت آئون ڪراچي ۾ هئس ۽ آڱرين تي ڳڻجڻ جيترا اديب، شاعر ۽ ليکڪ منهنجي اڳيان هئا. ان ڪري مون ”آدرشي ڳالهه“ ڪئي هئي. انهيءَ ڳالهه تي آئون اڄ به قائم آهيان. پر ان ۾ لچڪ ضرور پيدا ٿي آهي. انهيءَ لچڪ جو ڪارڻ هي آهي ته انهيءَ مضمون لکئي کان پوءِ سنڌ جي سمورن ليکڪن سان سڌو سئون يا خط ذريعي واهپو ۽ رابطو قائم ٿيو. نهايت وڏن کان وڏن، پاڻ جهڙن اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. يقين ٿيو ته اسان سڀ انسان آهيون ۽ هر ڪو انسان حمام ۾ هڪجهڙو هوندو آهي. مون جڏهن ”واريءَ سندا ڪوٽ“ مضمون لکيو هو، تڏهن منهنجي ذهن ۾ اديب، شاعر، ليکڪ ۽ صحافيءَ جو تصور ”فرشتي“ جهڙو هو. مون ڄڻ ته قلم-قبيلي جي هر فرد کي ”انسان“ نه پر ”فرشتي“جي صورت ۾ ڏسڻ ٿي گهريو، بلڪل بي عيب، عامل، ڪامل ۽ آدرشي انسان. حالانڪ اديب، شاعر ۽ ليکڪ ”فرشتا“ نه پر ”انسان“ ٿيندا آهن : جيڪي ڏوهه ۽ ثواب به ڪن ٿا، جيڪڏهن چڱائي ڪن ٿا ته لڱائي به ڪن ٿا. هو ”مافوق الفطرت“ هستيون ڪونه ٿيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجو اڃا به اهو ايمان آهي ته ”قلم-قبيلي“جو ڪو فرد فرشتو ٿي نه ٿو سگهي ، پر آدرشي انسان ٿيڻ کان به کيس ڪوئي روڪي نه ٿو سگهي. هو چاهي ته ”آدرشي انسان“ ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو ڏاڍ، ڏمر، جهالت ۽ غربت خلاف ڏيهي ميدان کان وٺي بين الاقوامي ميدان تائين جنگ جوٽي سگهي ٿو ته پنهنجي وجود جي خامين، ڪمزورين ۽ عيبن خلاف به ويڙهاند ڪري سگهي ٿو ۽ انهن تي حاوي پئجي سگهي ٿو. هو علم کي عمل،قول کي فعل، شخصيت کي ڪردار سان ملائي سگهي ٿو.

    ”واريءَ سندا ڪوٽ“ مضمون لکڻ وقت به منهنجي اڳيان اهي ويچار هئا، پر اها حقيقت ضرور مڃيندس ته ان مضمون ۾ مون اديب، شاعر ۽ ليکڪ جي شخصيت کي موضوع بڻايو هو ۽ ان جي مجبورين خواهه حالتن کي نظر انداز ڪيو هو ، يا کڻي ايئن چئجي ته انهن کي ڌيان ۾ نه رکيو هيم. ڇو ته، ”شخصيت جي تعمير“، ”معاشري“ يا ”دنيا جي تعمير“ واري سلسلي جي پهرين ڪڙي ٿيندي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اڪيلي سر انسان ڪجهه به ڪونهي. هو ”سماجي جانور“ آهي ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ هن کي اشتراڪ، سهڪار ۽ تعاون ڏيڻ ۽ وٺڻ جي ضرورت پئي ٿي. پر ان جو اهو به مقصد ڪونهي ته هو پنهنجي تبديليءَ لاءِ پاڻ ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي. هو پاڻ کي اڪيلو به بدلائي سگهي ٿو، پر معاشري کي بدلائڻ لاءِ کيس پاڻ جهڙن جي سهڪار جي ضرورت پوي ٿي.

    ”واريءَ سندا ڪوٽ“ مضمون جي صدا اڃا باقي آهي. ان جي افاديت اڃا ختم ڪانه ٿي آهي. اديب، شاعر۽ ليکڪ جيستائين پنهنجي شخصيت کي غير آدرشي بنيادن تي قائم رکندو ايندو، ان وقت تائين فڪري ۽ نظرياتي اوسر ۾ اڌورو ۽ اڻپورو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان لاءِ ضروري آهي ته قلم ڌڻي پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير انهن سماجي ۽ اخلاقي قدرن مطابق ڪري، جن جي صدين کان وٺي هن ڌرتيءَ تي تبليغ ٿيندي آئي آهي، جيڪي لافاني ۽ اٽل آهن. انهن قدرن جو خاڪو هن ريت چٽي سگهجي ٿو ته اسان جو معاشرو نيڪيءَ کي چاهي ٿو ۽ بديءَ کان نفرت ڪري ٿو. هو انهيءَ ئي معيار سان هر ڪنهن شئي، ڳالهه ۽ شخصيت کي ڏسي ٿو.

    اسان جي قلم ڌڻيءَ کي اسان جي معاشري ۾ شخصيت ۽ ڪردار کي انهيءَ ڪري”آدرشي“ بنائڻو آهي ته جيئن عوام جي لافاني قدرن جهڙوڪ: سچ، سونهن ۽ حق ۾ اڃا به پختو يقين ٿئي. ڇو ته کين هن وقت تائين لافاني قدرن جي فقط تشريحي، تبليغي ۽ ٻاهرين روپ تي ايمان ٻڌايو يا پڪو ڪرايو ويو آهي. ان ڪري ئي اڪثريت نيڪي ۽ بدي جي دوهري اصول تي هريل آهي. اسان مان هرڪو انسان لڪ ڇپ ۾ ته بديءَ مان جند نه ٿو ڇڏائي، پر ظاهري طور تي ان جي مذمت به ڪري ٿو. اهڙي نموني سان ظاهري طور تي نيڪي جي عمل جي ڏِيک ڏئي ٿو، پر باطني طور تي اهو عمل بي دليو، لاچار ۽ مجبور ٿي ڪري ٿو. ڇو ته کيس پنهنجو ڀرم رکڻو آهي. اها ئي عام انسان جي فطرت آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو قلم ڌڻي پڻ ساڳيوئي پير کڻي ٿو ته اها سندس فطرت آهي، پر علم ۽ عمل ، شخصيت ۽ ڪردار، قول ۽ فعل ۾ برابري پيدا ڪرڻ پڻ هن لاءِ ڏکي ڳالهه ڪانهي. ايئن ڪرڻ سان ، پنهنجي شخصيت جي تعمير ڪرڻ سان ۽ پنهنجي فطرت کي بدلائڻ سان ”آدرشي انسان“ ٿي سگهي ٿو.

    نعم البدل:                    

              جيڪڏهن قلم ڌڻي ٻين کان مختلف ٿيڻ نه ٿو چاهي ۽ ”آدرشي انسان“ جي تصور کي قبول نه ٿو ڪري يا ”آدرشي انسان ٿيڻ“  انساني فطرت جي خلاف ٿو ڄاڻي ته پوءِ هن کي هڪ انقلابي قدم کڻڻو پوندو. نيڪيءَ جي هر معيار ۽ اصول جي بت کي ٽوڙڻو پوندو…..”انساني فطرت جا اڻوڻندڙ روپ هن کي مقبول ڪرائڻا ۽ اپنائڻا پوندا. ٺڳي ، بي ايماني، مفاد پرستي ۽ ٻين انهن مڙني اوڳڻن کي ڳڻن جي حيثيت ۾ پيش ڪرڻو پوندو، جن کي عوام نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. يا ڳڻن خواهه اوڳڻن جا نوان معيار مقرر ڪري عوام ۾ مقبول ڪرائڻا پوندا. هو جيڪڏهن ايئن ڪرڻ کان قاصر آهي ته پوءِ هن کي نيڪي ۽ بديءَ جا اهي معيار قبول ڪرڻا پوندا، جيڪي هن معاشري ۾ هن جا پنهنجا مارون قبول ڪن ٿا ۽ کيس انهن معيارن تي پورو لهڻو ۽ ٿيڻو پوندو، انهيءَ ڇوٽ ۽ گنجائش سان ته هو انسان آهي ۽ انسان خطا جو پتلو ٿيندو آهي. ٻين حالتن ۾ عالم، اديب، شاعر ۽ ليکڪ کي ”چونڊيل ٻانهي“جو چوغو لاهڻو پوندو. هن کي ”حساس“ هئڻ واري پنهنجي هڪ هٽي ٽوڙڻي پوندي ۽ هن کي اها دعويٰ نه ڪرڻ گهرجي ته هو فقط اڪيلو ذهني، فڪري ، نظرياتي ۽ شعوري تبديليءَ جو ڪارڻ يا پيامبر آهي.

              اسان جي عالم، اديب ۽ شاعر انهيءَ دعويٰ تان هٿ نه کنيو آهي. هو اڃا انهيءَ ڳالهه تي اٽل آهي ته قوم جي فڪري ۽ نظرياتي انقلاب جو هو ئي پيامبر آهي. قلم ڌڻيءَ جي انهيءَ دعويٰ کي تسليم ڪندي سندس حيثيت ۽ اهميت کي قبول ڪندي ۽ کيس قوم جي روشن آئيندي جي آخري اميد مڃيندي ، جڏهن اسان پنهنجي ”دانش نگري“ تي نظر ڪيون ٿا ته مايوس به ٿيڻو پئي ٿو . جيئن مون پنهنجي مضمون ”واريءَ سندا ڪوٽ“ ۾ قلم ڌڻيءَ جي ڪردار کي موضوع بڻايو آهي، تيئن هتي وري آئون ڪن مروج ادبي روايتن ۽ اصولن جي نشاندهي ڪرڻ گهران ٿو، جن ڪري اسان جو ”دانش نگر“ هڪ مضبوط مورچي ۽ محاذ هوندي به اهڙن گوريلن ۽ سپاهين جو آماجگاهه بڻجي ويو آهي، جن مان ڪيترا ”گڏيل روشن آئيندي“ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ۽ قوم جي اجتماعي، نظرياتي قافلي کي اڳتي وڌائڻ بدران پنهنجون صلاحيتون ذاتي ۽ گروهي مفادن تي ضايع ڪن ٿا ۽ سندن اهڙيءَ ويڙهاند سنڌ ۾ ذهني، فڪري ۽ نظرياتي ارتقاءَ کي ڇيهو رسايو آهي.

    1.      قلم قبيلي جي جوڙ جڪ:

              اسان جي ادبي دنيا جي جوڙ جڪ پڻ سنڌ ۾ نظرياتي ارتقاءَ تي منفي اثرات مرتب ڪيا آهن. جيئن ته اسان جا حساس ۽ باشعور عالم  اديب، شاعر ۽ صحافي سماج جي جوڙجڪ، نظرين، قدرن ۽ اصولن سان هزارها اختلاف رکندي به ان جو اٽوٽ حصو آهن ، ان ڪري سماجي جوڙجڪ خواهه ان جا ڪي اصول اسان جي قلم – قبيلي ۾ به واسو ڪري ويا آهن.

              اسان جو قلم – قبيلو جوڙجڪ جي حوالي سان معاشري وانگر طبقاتي ورڇ جو شڪار آهي. ننڍ وڏائيءَ جي حساب سان جيڪي ٽي طبقا معاشري ۾ نظر اچن ٿا ، اهي قلم قبيلي ۾ به موجود آهن: اهي آهن اديبن، عالمن ۽ شاعرن جو ”مٿيون طبقو“،”وچيون طبقو“ ۽ ”هيٺيون طبقو“.

              جيئن ته اسان نظرياتي گهوٽالي جو شڪار آهيون، ان ڪري هر ڪو طبقو، هر ڪو گروهه ۽ هر ڪا ڪيمپ ننڍڙن ننڍڙن خانن، حصن ۽ ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. اهو ساڳيو اصول قلم – قبيلي جي هر هڪ طبقي سان به لاڳو اهي.

              قلم-قبيلي جي ”مٿئين طبقي“ کي هيٺ ڄاڻايل خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

    (الف) درباري قلم-ڌڻي:

              هي ”مفاد پرست“ قلم – ڌڻين جو قسم آهي. اقتدار جي ڇانو ۾ پلجڻ ڪري هنن وٽ هر دور ۾ اختيار هوندو آهي.هو هلنديءَ پڄنديءَ وارا هوندا آهن. ڪنهن جي مدد ڪرڻ ۽ ڪنهن جي پٽڪي لاهڻ جي سگهه رکندا آهن. پنهنجي فطرت ۾ ڄڻ ته ”ڪلهوڙا حڪمران“ هوندا آهن. جيڪي پيريءَ فقيريءَ جي نالي ۾ شهرت ۽ ساٿ وٺي اقتدر ۾ آيا، پر پوءِ ڪنهن به اصلي صحيح ۽ سچي پير فقير کي مٿو کڻڻ نه ڏنائون. پوءِ اهو شاهه عنايت هجي يا مخدوم غلام محمد بگائي . هن قسم جا اديب، عالم ۽ شاعر هر قسم جي ڏات، صلاحيت ۽ لياقت جا دشمن هوندا آهن. ڇو ته انهن مان سندن نقلي وڏ ماڻهائپ ۽ مفان کي خطرو ٿيندو آهي. ان ڪري هو نئين نسل کي ناتجربيڪار ۽ جذباتي چئي هڪ طرف کين احساس ڪمتريءَ ۾ ۽ ٻئي طرف پاڻ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيئن عهدن ، رتبن ۽ ڪرسين تي آسانيءَ سان قابض ٿي سگهن . اهي ”درٻاري اديب“ ذهني، فڪري ۽ نظرياتي ادب پيدا ڪرڻ بدران ذهني، فڪري ۽ نظرياتي گهوٽالو پيدا ڪندا آهن. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اهڙن درٻاري ۽ سرڪاري اديبن جي ڪا به ڪمي ڪانهي. ان ڪري نظرياتي گهوٽالو روز بروز وڌنو وڃي ٿو.

    (ب) پاڻ – هرتا قلم – ڌڻي :  

              جيئن وڏ – ماڻهپائپ ڪنهن لياقت يا صلاحيت ڪري نه پر ڌن دولت ۽ رتبي ڪري هوندي آهي، تيئن پاڻ هرتا قلم ڌڻي به ڌن، دولت ۽ رتبي ڪري اديب بڻجي ويندا آهن. هنن ۾ علمي ۽ ادبي صلاحيت جي ڪا به بوءِ نه هوندي آهي. پر ڌن، دولت، يا تعلق ۽ رتبي ڪري ادبي گڏجاڻين، ڪانفرنسن، جماعتن ۽ تنظيمن جو آڌر ڀاءُ وٺي سگهندا آهن. جيڪو لکندا آهن، ان جي پس منظر ۾ ڪنهن نه ڪنهن غريب طبقي سان تعلق رکندڙ قلم – ڌڻيءَ جي محنت شامل هوندي آهي. يا جيڪڏهن هو ڪچو ڦڪو پاڻ لکندا آهن ته پروپئگنڊا جي ذريعن ، وسيلن ۽ لاڳاپن کي ڪم آڻي ان کي نج خواهه ”معياري ادب“ ثابت ڪري ويندا آهن. ان ڪري هي اديب پڻ ذهني، فڪري ۽ نظرياتي ادب پيدا ڪرڻ کان ڪورا ٿين ٿا. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ههڙن اديبن جي به ڪا ڪمي ڪانهي.

    (ت) شوقيه قلم – ڌڻي :

              هن قسم جي قلم-ڌڻين ۽ پاڻ – هرتن قلم- ڌڻين ۾ اهو فرق آهي ته شوقيه قلم – ڌڻين وٽ ڌن ۽ دولت جي ڪا به ڪمي نه هوندي آهي ۽ لکڻ پڙهڻ جو ڍنگ به هوندو آهي، پر قلم – ڌڻين جو هي طبقو به ” نظرياتي ادب“ بدران غير نظرياتي، تفريحي ۽ ”خيالي ادب“ پيدا ڪندو آهي.

    (ث) ڪامورا – قلم ڌڻي:

              هي قلم – ڌڻي پنهنجي وڏي عهدي يا ملازمت ڪري ڪجهه اختيار رکندا آهن. ڪنهن جي ڪم اچي سگهندا آهن يا ڪم اچڻ جو ڏٽو ڏئي سگهندا آهن. اهو ”واهپو“ ئي هنن لاءِ سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ برابر آهي. هو ان جي زور تي هلندا آهن، پر فڪري ۽ نظرياتي ادب پيدا ڪري نه سگهندا آهن.

    (ج) ڏات-ڌڻي :   

              هي قلم – ڌڻي صحيح معنيٰ ۾ وڏا اديب، عالم ۽ شاعر هوندا آهن. هنن وٽ ڏات کان سواءِ نظريو به هوندو آهي. ان کان سواءِ خود دار به هوندا آهن، پر سنڌ ۾ ههڙن ڏات – ڌڻين جو هجڻ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.

              اهڙي نموني سان اسان جڏهن اديبن جي ”وچئين طبقي“ تي نظر وجهون ٿا ته اهو ٻن قسمن ۾ ورهايل محسوس ٿئي ٿو.

    (الف) ملازم قلم-ڌڻي:

    هي انهيءَ قسم جا قلم- ڌڻي آهن، جيڪي ڏات ۽ نظريي جي سوغات هوندي به پنهنجي معاش لاءِ سرڪاري، نيم سرڪاري يا غير سرڪاري ملازمت ڪندا آهن. ان مجبوريءَ ڪري ”سورهن آنا سچ“ لکي يا ڳالهائي نه سگهندا آهن. هنن کي حالتن سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي اهي حالتن مان مليل آزادي يا موقعي جو ڀرپور فائدو وٺي ”نظرياتي ادب“پيدا ڪندا آهن.”تمثيل“ ۽ ”علامت“ کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن” طنز  و مزاح“ جو سهارو وٺي پنهنجي ڳالهه چئي ويندا آهن. اسان وٽ هنن اديبن جي اڪثريت آهي.

    (ب)     گروهي قلم-ڌڻي :  

              هي قلم – ڌڻي ترقي يا پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي شوق ۾ ٻنهي ( مٿئيون ۽ هيٺيون) طبقن سان سمجهوتو ڪندا آهن، پر حقيقت ۾ انهن جون وفاداريون مٿئين طبقي جي قلم ڌڻين سان هونديون آهن. سندن ڪاروايون ٽريڊ يونينزم جهڙيون هونديون آهن ۽ گهڻو تڻو گروهي مفادن جي بچاءَ ۾ پنهنجون صلاحيتون صرف ڪندا آهن. نظرياتي تنگ دلي ۽ ملائيت سندن مقدر هوندي آهي. ڏٺو وائٺو نظرياتي تبليغ ۽ تحفظ کي اوليت ڏيندا آهن. نظرياتي تشريح تي به زور ڏيندا آهن، پر حقيقت ۾ سندن اها پوري ڪوشش پنهنجي رويي،ڪردار ۽ مفاد جي بچاءَ لاءِ هوندي آهي. هو ڄڻ ته نظرين، قدرن ۽ اصولن کي استعمال ڪندا آهن.ان ڪري هي طبقو پڻ سنڌ ۾ ذهني، فڪري ۽ نظرياتي گهوٽالي جو ڪارڻ ٿئي ٿو.

              باقي رهيو قلم -ڌڻين جو ”هيٺيون طبقو“ . هن طبقي وٽ ڏات، صلاحيت ۽ لياقت ته هوندي آهي، پر بي پهچ هوندو آهي. ان ڪري ڪنهن به ڳڻپ ۾ ڪو نه ايندو آهي. هن طبقي جو سمورو قلمي پورهيو شايع نه ٿو ٿئي. ان ڪري ذهني، فڪري ۽ نظرياتي ارتقاءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري نه ٿو سگهي.

              ادبي دنيا جي انهيءَ ئي چادر ۽ چارديواريءَ ۾ سمورن مڪتب فڪرن، ۽ نظرياتي ڪئمپن سان واسطورکندڙ عالم، اديب، شاعر  ۽  صحافي رهن ٿا . ”موقعي پرستن“ جو مڙهه مقام ”اديبن جو نام نهاد مٿيون طبقو“ ٿئي ٿو. ”وچئين طبقي“ ۾ وري ترقي پسند، مذهب پسند ۽ قوم پرست قلم –ڌڻين جي اڪثريت هوندي آهي. مايوس ۽ غير نظرياتي قلم-ڌڻين جي ڪثرت”هيٺين طبقي“ ۾ هوندي آهي.”غيرجانبدار “ عالم، اديب ۽ شاعر ”اٽي ۾ لوڻ برابر“ ”مٿئين طبقي“ ”خواه“ ”وچئين طبقي“ ۾ موجود هوندا آهن. هو ڪنهن نه ڪنهن مکيه نظريي (ترقي پسند، قوم پرست ۽ مذهب پسند) سان واسطو رکندي به پنهنجو گهڻو تڻو توجهه ڪامن فيڪٽرس( ٻولي، علم و ادب، ثقافت، تاريخ ۽ ڌرتي) تي ڏين ٿا.

    2. نتيجو:اڻي جڏهن ادبي دنيا جي انهيءَ جوڙ جڪ تي نظر وجهبي ته ان نتيجي ته پهچجي ٿو ته :

              (الف) اسان جي اديبن جي نام نهاد ”مٿئين طبقي“ جي اڪثريت موقعي پرستيءَ جي مرض ۾ مبتلا هئڻ ڪري ”درٻاري فڪر“ جي مبلغ ٿئي ٿي. عوامي مفادن پٽاندڙ ٿيندڙ نظرياتي ۽ فڪري ارتقاءِ جي مخالفت ڪري ٿي. اهي اديب، شاعر ۽ ليکڪ فقط ادارن ۽ عهدن تي پاڻ مڙهائڻ کي ئي عين ادبي ۽ نظرياتي خدمت ڄاڻن ٿا. هنن جي نظرن ۾ نئون نسل ناعاقبت انديش، جذباتي ۽ تجربي کان وانجهيل ٿئي ٿو. هي اهي سهڻا ٽوهه آهن، جن کي حڪومت خواهه عوام مجلسن، مذاڪرن، سيمينارن وغيره جي ڀٽن تي سينگاريندا آهن، هو هر هنڌ حاضر ناظر هوندا آهن. ڪا به درٻاري تنظيم هنن کان سواءِ اڌوري ۽ اڻپوري هوندي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته هي جنهن جي تمام ويجهو رهن ٿا يا جنهن کان (عوام کان) تمام گهڻو پري رهن ٿا. انهن ٻنهي هٿان استعمال ٿين ٿا. پر عوام کان ڪٽيل رهڻ ڪري نظرياتي سفر ۽ رستي روڪ ثابت ٿين ٿا. هنن جا مضمون ۽ مقالا، شعر ۽ بيان، تشريحون ۽ تصنيفون هڪ رنگيون هونديون آهن.ڇو ته انهن ۾ وقت ۽ حالتن جي بدلجڻ سان فقط انڊا ڀريا ويندا آهن. هو هر دور ۾ ڪهاڻي ساڳي بيان ڪندا آهن. هو هر دور ۾ ساڳيو راڳ آلاپيندا آهن، پر ٻڌڻ وارا ڪن ۽ ڏسڻ وارا چهرا ٻيا ملندا اٿن. سندن اهو درٻاري ڪردار هنن جي ذات جي حد تائين ته هنن کي نيبهه ٿئي، پر ”وفاداري“ جي نالي ۾ کانئن عوام دشمنيءَ جون ڪيتريون اڻ سونهندڙ ڳالهيون ٿي وڃن ٿيون.

              سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن اسان جي وڏن انسانن جي ”ڏات“ ذهانت ۾ تبديل ٿي ، ڪنهن درٻار يا سرڪار جي ڇانوَ هيٺ پلبي رهي آهي، ان وقت اڪثر حالتن ۾ ذهانت جي مالڪ کي ته اڻ ڳڻيا انعام، اڪرام ۽ اعزاز مليا آهن، پر سندس ڏات ۽ ذهانت عوام لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿي آهي. بيشڪ اابولفيضي ۽ ملان فيضي اڪبر جي درٻار ۾ عزت ۽ احترام جي جاءِ ورتي ۽ خود اڪبر بادشاهه کي ”دين الاهي“ يا ”سيڪيولرزم“ جو سبق پڙهايو، پر اڪبر بادشاهه کي پنهنجي ئي جنم ڀوميءَ سنڌ مٿان قرب ڪرڻ تي آماده ڪري نه سگهيا. بيشڪ قاضي قادن سمن کان سواءِ ارغونن جي دور ۾ به عهدا ۽ نوازشون ماڻيون، پر هو ارغونن جي عذاب ڏيندڙ فطرت تي اثر انداز ٿي نه سگهيو. اسان جو دانشور جڏهن ڪنهن درٻار جي در تي پهچي ٿو ته هن جي ڏات ذهانت جي صورت ۾ درٻاري وفاداري جا مثال قائم ڪري ٿي، پر عوام جي نظرياتي ضرورتن جو پورائو ڪري نه ٿي سگهي.ويتر عوام-دشمن درٻار جي حالت ۾ به اهو دانشور خود عوام لاءِ عذاب بڻجي پئي ٿو.

              (ب) سمورا ”وڏا اديب“ به درٻاري نه ٿيندا آهن ۽ نه وري سمورا ”وڏا اديب“ نظرياتي ارتقا ۾ رخنو وجهندا آهن. پر جڏهن انهن مان ڪو ”مايوسي“ ۾ مبتلا ٿي، نئين نسل جي لياقتن ۽ صلاحيتن جومنڪر ٿي بيهي ۽ هن کي هر ڪنهن نوجوان اديب، شاعر، ليکڪ ۽ صحافي جي ڪم ۽ صلاحيت ۾ غلطيون نظر اچن ته پوءِ اهڙو ”وڏو اديب“ به ”نظرياتي مونجهاري“ پيدا ڪرڻ جو باعث ٿئي ٿو.

              (ث)  انهيءَ حساب سان ڏٺو ويندو ته اسان جي ”وڏن اديبن“ جي اڪثريت نظرياتي ارتقا ۾ مثبت بدران ڪنهن حد تائين منفي ڪردار ادا ڪري ٿي.

              جڏهن اسان جي تاريخ ۾ اهڙي ريت ملن جي تقسيم ٿي وئي ۽ ملان طبقي جي “وڏن ماڻهن“ عوام بدران درٻاري ۽ سرڪاري ترجمانن جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو ته ان جي مخالفت ۾ ”تصوف“ جي تحريڪ شروع ٿي، جڏهن درٻاري ملان ظالم ۽ ڏاڍي حڪمران کي ”الله جو پاڇو“ سڏڻ شروع ڪيو ته صوفي شاعرن ” ڇا ٿيون ڀانئيو، جڏيون آهيان رب ستار“ جا نعرا هڻي، نظرياتي طور نظر انداز ٿيل، ڏتڙيل ۽ مظلوم انسان کي اٿارڻ ۽ اڀارڻ شروع ڪيو عوام کي صلاحيو ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ صوفي شاعرن جي اها بغاوت درٻار ۽ درٻاري ڪارندن خلاف هئي سندن اهو سنيهو ڪنهن حڪمران لاءِ نه پر عوام لاءِ هو. اهي صوفي انهن سازشن کي ٽوڙڻ لاءِ منفي قدمن کڻڻ تي مجبور ٿيا. هنن ملان جي مذهبي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ روزي، نماز، حج، زڪوات کان وٺي ويندي دوزخ ۽ جنت کي معاف نه ڪيو. تصوف اهو ڪردار ان وقت تائين ادا ڪندو رهيو، جڏهن سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿيو، ملائيت جي جاءِ عيسائيت ورتي، عيسائيت جي هر ڪنهن  پوئلڳ جي درٻار تائين رسائي ناممڪن ٿي پئي ۽ حڪمران وري ”ملان“ بدران وڏيرن ۽ جاگيردارن کي پنهنجي ويجهو آندو. تان جو ملان، جو تاريخي منفي ڪردار ختم ٿيو.

              جيتري قدر ”درٻار“ ۽ ”وڏن اديبن“ جي تعلق جو واسطو رهيو آهي. ان لاءِ تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڌارين جي راڄ دوران ئي ”درٻاري اديب“ پيدا ٿيا آهن، اهو ڌارين جو راڄ نسلي اعتبار کان هجي يا سياسي اعتبار کان . ڌارين جو راڄ ان حڪومت کي چئي سگهجي ٿو، جيڪا نه ته عوام جي هجي ۽ نه عوام مان هجي ۽ نه وري عوام لاءِ هجي. پوءِ ان حڪومت جا هلائيندڙ ڇو نه پنهنجي ڌرتيءَ جا ڄاوا هجن يا ڌارين جا ڪارندا هجن.

              جڏهن به اهڙيون حالتون پيدا ٿين ۽ ڪنهن قوم ۾ درٻاري دانشورن جو اضافو ٿيڻ لڳي ته عوام دوست اديب، ليکڪ، شاعر ۽ صحافيءَ کي ان جو ٽوڙ تلاش ڪرڻو پوندو.ٻي حالت ۾ قوم کي هر حالت ۾ ”نظرياتي گهوٽالي“ جو منهن ڏسڻو پوندو. ان لاءِ عوام – دوست دانشور کي ”درٻاري دانشمندي“ جي اداري خلاف بهادري ۽ بيباڪيءَ سان قلم کڻڻو پوندو. پر انهيءَ درٻاري دانشمنديءَ کي درٻار کان سواءِ هٿي ” ڪامورا ٽائيپ اديبن“ کان ملي ٿي ۽ انهن ٻنهي ٽولن سان ٽڪر کائڻ جبل سان مٿي هڻڻ برابر آهي.

              (ج) اسان جي نظرياتي گهوٽالي ۾ اهڙن اديبن شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين جون مجبوريون به شامل آهن، جيڪي معاشي ۽ اقتصادي طور تي پنهنجن پيرن تي بيٺل ڪونهن.جنهن ڪري هو ڪا نه ڪا نوڪري يا ملازمت ڪرڻ  تي مجبور آهن. کين پنهنجي ذريعه معاش لاءِ سمجهوتو ڪرڻو پئي ٿو. صحافين کي پنهنجي اخبار جي مالڪ يا اداري جي پاليسين جو خيال رکڻو پئي ٿو ۽ سرڪاري ملازم کي حڪومت جي حڪمت عملين کي مڃڻو پئي ٿو. ان ڪري ملازم قلم-ڌڻي اهو ڪجهه لکي نه ٿا سگهن، جيڪو پاڻ چاهين ٿا. ان ڪري سنڌي ادب ۾ ”علامت نگاري“ ۽ “تمثيل“ باقي رهي آهي. اهڙن اديبن، شاعرن،ليکڪن ۽ صحافين جي لکڻين تي بار بار غور ڪرڻ کان پوءِ ئي سندن اصلي مقصد ۽ پيغام کي پهچي ۽ سمجهي سگهبو آهي. سنڌ ۾ اهڙن اديبن جي اڪثريت هئڻ ڪري به نظرياتي ارتقا جو سفر خير خوبي سان اڳتي وڌي نه ٿو سگهي.

              (ح) اسان جي قلم – ڌڻين جي چڱي خاصي اڪثريت جو پيغام عوام تائين پهچي نه ٿو سگهي. ڪڏهن “فني لوازمات“ جي تلوار سان سندن لکڻين کي ٽڪر ٽڪر ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏهن نظرياتي غير وابستگي سبب کين نظر انداز ڪيو ٿو وڃي.هو محفلن، مجلسن، مذاڪرن ، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ به جاءِ وٺي نه ٿا سگهن. ايئن ذرائع ابلاغ جا سمورا ذريعا هنن تي حرام ڪيا ويا آهن.ان ڪري هو پڻ ”نظرياتي ارتقا جي سفر“ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهن.

    (خ) انهن حالتن ڪري ۽ ان کان سواءِ ”نظرياتي تبليغ“ جي مکيه ذريعن وسيلن نه هئڻ ڪري سنڌ ۾ ”نظرياتي ادب“ جي جاءِ تي عوام کي پڙهڻ لاءِ ”شوقيه ادب“ ملندو رهي ٿو. يعنيٰ اهڙو ادب جنهن جا مالڪ شوقيه طور تي لکن ٿا ۽ ان کي شايع ڪرائڻ جي سگهه رکن ٿا. پوءِ هو ڪتاب جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن اخبار جي ڪالم جي صورت ۾ هجي. جيئن ته اهڙي ادب پڙهندڙن جي مطالعي جون ضرورتون پئي پوريون ڪيون آهن ۽ خالي جاءِ کي پئي ڀريو آهي، ان ڪري ڪنهن حد تائين اسان جي مطالعي جو شوق به ”غير نظرياتي“  ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به جيڪڏهن عوام کي بهترين ”نظرياتي ادب“ ملي ٿو ته ان کي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو.

    3. اختصار: 

    هاڻي انهن نتيجن کي مختصر طور ايئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته اسان ۾ عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي ڪا به ڪمي ڪانهي پر اسان جي ”ادبي دنيا“ جي جوڙ جڪ ئي ڪجهه اهڙي قسم جي آهي، جو سمورا عالم، اديب، شاعر ۽ ليکڪ پنهنجي آزادي ۽ خواهش سان عوام جو ذهني، فڪري ۽ نظرياتي ضرورتون پوريون ڪري نه ٿا سگهن.                                 

     

                                   (روزنامه ”برسات“ ڪراچي ، ۾ قسطوار شايع ٿيل

      تاريخ : 1.05.1995 کان وٺي 15.05.1995)

     

     

     

     

     

     

                         

  • مقالا ۽ مضمون

     

    مقالا ۽ مضمون

     

     ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

                              

    ٽيڪنيڪل ڊيٽا

     

     انتساب 

    مقالا ۽ مضمون

     

    فهرست

     

     . 1سنڌ کان ٻاهر ڪهاڻئ جي اوسر

      . 2               ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڇپائي

     . 3ڪراچي سنڌ جو چمڪندڙ ستارو

     . 4انگريزي دور جي سياست

     . 5اسان جي دور جون ڪي علمي ۽ ادبي جماعتون

     . 6سکر بيراج جا سنڌ جي عام جيوت تي اثر

     . 7سنڌ  ۾  عيسائيت  جي تبليغ ۽ علم ادب

     

     

      .01سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر

    ) هڪ خاڪو (

     

    ضروري وضاحت:

    ”سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر“ هڪ اهم ۽ تفصيل طلب موضوع آهي ، جنهن جو هڪ مقالي يا مضمون ۾ ته رڳو خاڪو ئي چٽي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾ اهو خاڪو به هڪ ڌنڌلي عڪس کان مٿي حيثيت نه رکندو . ڇو ته گهربل معلوماتي مواد جي سنڌ ۾  اڻاٺ آهي.

     هن مقالي ۾ مون ڪوشش ڪري 1948ع کان وٺي 1980ع جي اڌ واري عرصي کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، ۽ اها ئي معلومات ڏني اٿم ، جيڪا منهنجي نظر مان گذري آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مقالو هن موضوع کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو انوکو نمونو آهي، ۽ سنڌ توڙي هنڌ ۾ ان کان اڳ هن موضوع تي ايئن نه لکيو ويو آهي. پر پوءِ به آءٌ اهو تسليم ڪريان ٿو ته ڪيتريون اهم ڳالهيون مون کان نظر انداز ٿي چڪيون هونديون ۽ ڪن غير ضروري ڳالهين کي مون حد کان وڌيڪ اهميت ڏني هوندي. ان ڪري آءٌ پاڻ ئي هن مقالي کي ”هڪ خاڪي“ کان وڌيڪ حيثيت نه ٿو ڏيان. اميد ته پڙهندڙ به انهن مجبورين کي ذهن ۾ رکي ڪا راءِ قائم ڪندا.

    متن

    پس منظر:

    سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ جو آغاز انگريزن جي راڄ دوران ٿيو. سنڌي علم ادب جي چمن ۾ لڳايل هي سلو انهيءَ ئي عرصي دوران سائو ٿيو، ۽ اڄ اسان جي ادبي گلشن جو هڪ سدا بهار گل بڻجي چڪو آهي. ليڪن سنڌ کان سواءِ اڄ هند ۾ به ساڳيو ئي هڳاءُ ڏئي رهيو آهي. 1947ع ۾ هندوستان جي آزاديءَ سنڌ تي جيڪي سياسي اثر ڇڏيا انهن جو اندازو مون کان وڌيڪ هڪ سياستدان ئي سهڻي نموني لڳائي سگهي ٿو. پر جيتري قدر سنڌي ٻوليءَ تي هندوستان جي آزاديءَ جي اثر جو سوال آهي، ته آءٌ اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت بدلجي بين الاقوامي ٿي چڪي آهي. اها ٻولي جا اڳ رڳو سنڌ تائين محدود هئي سا هاڻي هند، سريلنڪا ۽ سنگاپور کان سواءِ ٻين هنڌن تي به ڳالهائي وڃي ٿي. نه رڳو ايترو پر هند ۾ ته انهيءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي.

    آزاديءَ کان پوءِ اسان جي علم ادب ۽ ٻوليءَ جي وهندڙ ندي، ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. اسان جي غير مسلم شآعرن، عالم ۽ اديبن جو ڳچ حصو سنڌ ڇڏي هند لڏي ويو . انهن جي ئي ڪوششن سان سنڌ کان ٻاهر جا سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقي ٿي آهي، انهيءَ جو خاڪو ئي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

    اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته آزاديءَ کان پوءِ ٿيل لڏ پلاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ هڪ خال پيدا ڪيو هو. 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ ”آشا“،”رتن“،”سندر ساهتيه“، ”ڪهاڻي“، ”نئين دنيا“، ”ڀارت جيون  “ ، ”سنڌو“ ۽ ”چوڏس“ جهڙا رسالا سنڌ ۾ سنڌي افساني ۾ جا انقلابي ترقي آڻي رهيا هئا، اهي سڀ بند ٿي ويا، ۽ انهن کي هند جي مختلف شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. آسانند مامتورا، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، جڳت آڏواڻي، ڄيٺانند لعلواڻي، رام پنجواڻي، گوبند پنجابي، تيرٿ سڀاڻي، پارو مل ڪيولراماڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪهاڻيڪار، جن سنڌ ۾ هن صنف کي نئون روپ ڏنو هو، سي به هتان هليا ويا. انهن ئي هند ۾ وڃي ڪهاڻيءَ کيتر ۾ نئين سر ٻج ڇٽيو.

    نئون جنم:

    سنڌ جي غير مسلم عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن لاءِ وطن جا وڻ ڇڏڻ ڪا گلن جي سيج ماڻڻي ڪانه هئي. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ انهن مان غريب به هئا پر سندن اڪثريت مڇي مانيءَ لائق هئي. ڪي ته ڌن ۽ دولت ، عزت ۽ شهرت جا به مالڪ هئا. کين نه رڳو پرڏيهي ٿيڻو پيو ، پر ڪيترن ئي ڌارين اڳيان اٽي، لٽي۽ اجهي لاءِ محتاج به ٿيڻو پيو. اهو سندن عظيم ڪارنامو آهي ته هنن پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، علم ، ادب ۽ ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ به اوتري ڪوشش ڪئي، جيتري پنهنجي وجود جي بقا لاءِ . هنن ننگي آسمان هيٺان ڪئمپون هڻي، پنهنجو سر به لڪايو ته پنهنجي تهذيب کي به بچايو. نه رڳو ايترو پر ٻولي ۽ علم ادب کي به وڌايو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه آهي ته سنڌ جي عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي من گهري حڪومت هوندي به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ايتري خدمت نه ڪئي آهي،  جيتري هند جي مهاجر سنڌي عالمن ۽ اديبن ڌاريءَ ڌرتيءَ تي ۽ سهولتن نه هئڻ باوجود ڪئي آهي . سنڌ ۾ عالم ۽ اديب سنڌي ٻوليءَ کي ”تعليم جي ذريعي“ طور تسليم ڪرائڻ ۾ ئي رڌل رهيا، ليڪن هند ۾ اتان جي عالمن ان کي ”قومي ٻولي“ جو درجو ڏياري پوءِ صبر ڪيو. سنڌ ۾ رسالا ۽ اخبارون ڪڏهن مالي مشڪلاتن ۽ ڪڏهن سرڪاري نوازشن سبب هڪ ٻئي پٺيان بند ٿينديون رهيون. پر هند ۾ هڪ ٻئي پٺيان اخبارن ۽ رسالن جو اجراع ٿيو. اتان جي عالمن، اديبن، شاعرن، مفڪرن ۽ مدبرن جي رت ولوڙ ۽ جيءَ جاکوڙ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ”عالمي معيار“ تي آڻي بيهاريو آهي. علم ادب جي ڪهڙي به صنف هجي، هنن انهيءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

    ڪهاڻي کيتر:

    سنڌي ٻوليءَ جي جديد علم ادب تي نظر ڦيرائبي ته مسلم ۽ غير مسلم عالمن جي ادبي خدمتن ۾ هڪ واضح فرق نظر ايندو. ايئن ٿو لڳي ڄڻ مسلمان اديبن شعر جو ميدان والاريو آهي ۽ غير مسلم اديبن وري نثر ۾ جوهر ڏيکاريا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت اهو فرق مٽجي رهيو آهي، پر ان هوندي به اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته غير مسلم اديبن کي نثري صنفن ۾ ماهرن ۽ استادن جي حيثيت رهي آهي. پوءِ اها صنف مضمون جي هجي يا ڊرامي جي، ناول جي هجي يا ڪهاڻيءَ جي . خاص ڪري ڪهاڻي کيتر ۾ ته انهن کي ابي امان جي حيثيت حاصل آهي. 1914ع کان وٺي، جڏهن لعلچند امر ڏني مل ”حر مکي جا“ ڪهاڻي لکي ، ان کان وٺي ويندي اڄوڪي دؤر تائين غير مسلم اديبن ترجمي ۽ تخليق وسيلي هن صنف جي بيمثال خدمت ڪئي آهي.

    غير مسلم اديبن جيئن آزاديءَ کان اڳ مختلف رسالا ۽ مخزنون جاري ڪري ڪهاڻيءَ جي صنف کي ترقي و‏ٺرائي، تيئن ورهاڱي کان پوءِ به ساڳي ئي تند تنواري آهي (1) نه رڳو ايترو پر سندن ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي جماعتون ۽ انهن جون گڏجاڻيون، هن صنف کي مقبول ۽ مانوس بنائڻ لاءِ ”ورڪ شاپ“ ثابت ٿيون آهن ، جتان ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار ڪڙهي ۽ پڙهي نڪتا آهن. اڄ بزرگ ۽ باني ڪهاڻيڪارن، اخبارن، رسالن، مخزنن، ادبي جماعتن، سيمينارن ۽ اشاعتي ادارن (2) جي گڏيل ڪوشش سان سنڌي علم ادب جو آسمان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪار ستارن سان سنوارجي ويو آهي. انهن مڙني ڪهاڻيڪارن جو تعداد منهنجي اندازي مطابق لڳ ڀڳ اڍائي سؤ کن ٿيندو. جيڪڏهن سراسري طور هر هڪ ڪهاڻيڪار جي کاتي ۾ ڏهه ڪهاڻيون لکجن ته پوءِ ٿلهي ليکي ائين  چئي سگهجي ٿو ته سنڌ کان ٻاهر ٽيهارو کن سالن ۾  ٻه اڍائي هزار کن ڪهاڻيون لکجي چڪيون آهن.

    ڪهاڻيڪار:

    سنڌ کان ٻاهر ڪهاڻيڪارن جي ورڇ ڪبي ته اها هن ريت ٿيندي:

    (الف) بزرگ ڪهاڻيڪار:

    اهي ڪهاڻيڪار، جيڪي آزاديءَ کان اڳ ئي پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا هئا، ۽ جن سنڌ مان لڏي وڃڻ بعد هند ۾ وڃي ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون.

    (ب) صاحب ڪتاب ڪهاڻيڪار:

    اهي ڪهاڻيڪار، جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، ۽ جن جو تعداد مني سؤ کان مٿي ٿيندو. (3)

    (ج) عام ڪهاڻيڪار:

    اهي ڪهاڻيڪار، جن ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ ته پاڻ ملهايو آهي، ليڪن سندن ڪهاڻين جا مجموعا اڃا تائين شايع ٿي نه سگهيا آهن. اهڙن ڪهاڻيڪارن جو تعداد به هر حالت ۾ هڪ سؤ کان گهٽ ڪو نه آهي.(4)

    (د) عورتون ڪهاڻيڪار:

    ايئن ڪو نه آهي ته سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقي رڳو مردن جي محنت جو نتيجو آهي. حقيقت ۾ اتان جي عورت به مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ کي دلچسپ بڻايو آهي. انهن جو تعداد به ٽيهن کان گهٽ ڪو نه آهي. تن مان اڌ ڊزن کن جي ڪهاڻين جا مجموعا به شايع ٿي چڪا آهن.(5)

    (ه) سنڌ جا ڪهاڻيڪار:

    سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ ۾ سنڌ جي ڪهاڻيڪارن جي حصي کي به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي. 1965ع جي جنگ کان اڳ سنڌ ۽ هند ۾ علم  ادب جي مٽا سٽا آسانيءَ سان ٿيندي هئي، ۽ انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون هند ۾ شايع ٿيون. انهيءَ کان پوءِ هي سلسلو بند ٿي ويو. ليڪن هاڻي ”شمله ٺاهه“ بعد جي حالتن وري انهيءَ آڳاٽي روايت کي نئين حياتي بخشي آهي، ۽ هتان جا ڪيترا ڪهاڻيڪار اتي ڇپجي رهيا آهن.(6)

    تخليق ۽ ترجمو

    جيئن سنڌ کان ٻاهر جي ڪهاڻيڪارن جي ورڇ ڪري سگهجي ٿي، اهڙي نموني سان خود ڪهاڻيءَ کي به تخليق ۽ ترجمي جي خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڪهاڻيڪارن جتي پنهنجي تخليقي قوتن کان ڪم وٺندي، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن، اتي ڏيهه پرڏيهه جي ناميارن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون به ترجمو ڪري، پنهنجي ادبي چمن ۾ هڳاءَ جو اضافو ڪيو آهي. ترجمو ٿيل ڪهاڻين کي هيٺين حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

    (الف) ننڍي کنڊ جي ٻولين مان ترجما:

    جيئن ته سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪهاڻيڪار گهڻن ۽ گڏيل تهذيبن جي دن ۾ آباد آهن، انهيءَ ڪري هنن پنهنجي ڀر پاسي وارين ڪيترين ٻولين جي ادب جو مطالعو ڪيو آهي، انهن ٻولين مان چونڊ ڪهاڻيون کڻي ترجمو ڪيون آهن.اهڙين ٻولين مان ”آسامي“،”اڙدو“،”اوڙيا، ، ”بنگالي    ”پنجابي“ ،”تيلگو  “،”گجراتي“،”ڪشميري“ ،”ڪنڙ“،”مرهٽي

    ”مليالم“، ۽ ”هندي“ ذڪر ڪرڻ لائق آهن. (7)

    (ب) ٻين ٻولين مان ترجما:

    اهڙي نموني سان هنن ننڍي کنڊ جي ٻولين کان سواءِ ٻين ٻولين مان به ترجما ڪيا آهن. اهڙين ٻولين مان ”اٽالين “،   انگريزي ،  ” چيني “”فرانسسي“،”روسي“  ، ”زيرڪ“، ”مصري“، ”هنگارين“ ۽ ”يوگوسلاوين“

     جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.(8)              

    ترجمي جي خصوصيت:

    ڀارتي اديبن پرڏيهي ادب جون پنکڙيون ۽ ڀارتي ٻولين جي جهولين جا گل کڻي جو ڪهاڻيءَ جو گلدستو سجايو آهي، انهيءَ جون به ڪيتريون ئي خصوصيتون ٻڌائي سگهجن ٿيون. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جي گهڻائي اهڙي آهي، جيڪي لافاني اصولن ۽ قدرن تي لکيل آهن. مثال طور مئڪسم گورڪيءَ جي لکيل ”سزا“ ڪهاڻي، جنهن ۾ عورت جي بدڪرداريءَ جهڙي سنگين مسئلي تي پورهيت طبقي جي دانشمنديءَ واري فيصلي جو اپٽار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اهڙيون ترجمو ٿيل ڪهاڻيون نظر اچن ٿيون، جن وسيلي مترجم پڙهندڙن کي باقي دنيا جي حالتن ۽ مسئلن کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ڪوريا جي جنگ تي لکيل ” ايٽ جي راڻي“ ڪهاڻي، جنهن ۾ آمريڪي فوجي سپاهين جي سيول ۽ ان جي شهرين تي ٿيل ظلم جو داستان ٻڌايو ويو آهي. يا ابراهيم جي لکيل ”زار جي محلات ۾“ ڪهاڻي، جنهن ۾ زار شاهيءَ جي جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جي ٽين خصوصيت اها آهي ته انهن مان ڪيتريون ڪهاڻيون سنڌين جي جيوت جون جهلڪيون پيش ڪن ٿيون. جگمندر تايل جي مرهٽي ڪهاڻي” هڪ واقعو انيڪ افسانا“ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي. جنهن ۾  هن نانڪرام لاڙڪاڻائي تي لکيو آهي، جيڪو بدنصيب ٽرڪ جي هيٺان اچي مري وڃي ٿو. ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي وڏي خصوصيت اها آهي ته انهن جو بنياد بخل، مذهبي تنگدلي ۽ ڪٽر پڻي تي نه رکيو ويو آهي. ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن اهڙيون ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون آهن، جيڪي مسلمان ڪهاڻيڪارن لکيون آهن. (9)

    ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان ترقي:  

    سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻي جي ٽيڪنڪ جو بنياد شروع ۾ انهن روايتن تي رکيو ويو، جن جو آغاز 1914ع ۾ ٿيو، ۽ 1932ع کان پوءِ انهن ۾ ڪي قدر جدت آئي. ڀارت ۾ پهريون اهڙي قسم جون ڪهاڻيون لکيون ويون ، جن ۾ ”اڪثر ڪري ماڻهوءَ جي ٻاهرين حالتن کي چٽيو ويندو هو“ ۽ فني نقطئه نگاهه کان اهي روايتي فارمولا مطابق لکيون وينديون هيون. ۽ اهي جديد ڪهاڻيءَ کان ڪي قدر طويل به هونديون هيون.

    ڀارت ۾ ڪهاڻيءَ جي فن جو هي روايتي دؤر لڳ ڀڳ 1960ع تائين هليو . ان کان پوءِ ”نئين ڪهاڻي“ وجود ۾ آئي. جنهن مطابق لکڻ جا طريقا به بدليا ۽ ”ڪهاڻيءَ کي بدلجندڙ حالتن کي زوردار نموني ظاهر ڪرڻ جو ذريعو “ به بڻايو ويو.هن دؤر ۾ پير پائيندي ڪهاڻيءَ کي ”بياني“ ، ”آپ بيتي“، ”گفتگو“ ، ”ڊائري“ ۽ ”خط“ جي فارمن ۾ لکيو ويو. “روايتي ڪهاڻي“ ۽ هن ”نئين ڪهاڻي“ ۾ فن توڙي فڪر جو اهو فرق وڃي رهيو ته پوئين قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ ”ڪلائميڪس کان وڌيڪ ميسيج“ تي زور ڏنو ويو ۽ ڪردار جي ٻاهرين حالتن کان سواءِ انسان جي اندروني صورت به چٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

    ”نئين ڪهاڻي“ به اڳتي هلي فن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان پنهنجي کل بدلائي ۽ انهيءَ کي هن موڙ تي ”اڪهاڻي“ سڏيو ويو. ”اڪهاڻي“ جو دؤر فن کان بغاوت جو دؤر هو. هن قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ ”جڙتو ٻولي ۽ پلاٽ ۾ غير ترتيب“ جون خصوصيتون نمايان طور تي نظر اچڻ لڳيون. ”اڪهاڻي“ کان پوءِ وري ”ننڍڙين“ ڪهاڻين جو دؤر آيو. هن قسم جون ڪهاڻيون گهٽ ۾ گهٽ هڪ پيرا ۾ به لکڻ ۾ آيون.

    ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ هڪ ٻيو تجربو به ڪيو آهي. هن تجربي هيٺ لوڪ ادب کي بنياد بڻايو ويو آهي، ۽ آکاڻيءَ جي انداز ۾ بادشاهن، وزيرن، ۽ ٻين ڪلاسيڪل ڪردارن کي کڻي پنهنجون ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته سنڌ کان ٻاهر هن وقت ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ”روايتي ڪهاڻي“ کي ڇڏي ڪري ، باقي ٻين قسمن جون ڪهاڻيون جهڙوڪ: ”نئين ڪهاڻي“، ”اڪهاڻي“، ”ننڍي ڪهاڻي“  ۽ ”آکاڻي نما ڪهاڻي“تي قلم آزمائي ڪئي وڃي ٿي. ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ٻين پهلوئن کي به نظر ۾ رکي اتان جي ڪهاڻين جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. مثال طور اتي لکجندڙ ڪلائميڪس واريون ڪهاڻيون تاثرات، ۽ انت جي لحاظ کان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون . ڪهاڻين جو هڪڙو قسم اهو آهي جن جو انت دکدائڪ اثر ڇڏي ٿو.  ٻئي قسم جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ خوشي جو احساس جاڳائي ختم ٿين ٿيون. ڪهاڻين جو ٽيون قسم اهو آهي جن کي اسان نه ته ”طربيه ڪهاڻيون“ سڏي سگهون ٿا ۽ نه وري ”حزنيه ڪهاڻيون“ پر انهن تي ”طنزيه ڪهاڻيون“ نالو رکڻ نهايت مناسب ٿيندو، ڇو ته انهن ڪهاڻين ۾ سماج جي اهڙي ته صورت ڏيکاري وڃي ٿي، جنهن جي ڏسڻ سان هڪ ئي وقت ٽهڪ ۽ ڳوڙها نڪري پون ٿا، اها ”حقيقت نگاري“ اتان جي ترقي پسند ليکڪن جي فڪر  ۽ فن جي تخليق آهي.

    اتي ”حقيقت نگاري“جا به ڪيترا تجربا ڪيا ويا آهن. انهن تجربن جو آغاز ”روايتي حقيقت نگاري“کان ٿيو، جنهن مطابق ڪهاڻيڪار رڳو وقت جي سکي توڙي دکي حالتن جي صورت گريءَ ڪرڻ لڳا. اڳتي هلي ڪهاڻيڪار جذباتي طور تي مسئلن ۽ سماج سان ملوث ٿيڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ”حالتن يا مسئلن تي پنهنجي غم يا غصي جو اظهار ”به ڪرڻ لڳو. اهڙي نموني سان ”تنقيدي حقيقت نگاريءَ“ جو آغاز ٿيو. اڳتي هلي ڪهاڻيڪارن پاڻ کي حساس ترين فرد ۽ فيلسوف ڪهاڻيڪار ڄاڻي، پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق درد جو دارون يا مسئلي جو حل به تجويز ڪرڻ لڳا. ايئن ”تخليقي حقيقت نگاري“ جي ابتدا ٿي. پر جڏهن انهن حساس ترين ۽ فيلسوف ڪهاڻيڪارن مان ڪن کي پنهنجي سوچ غير سائنسي ۽ پنهنجا تجزيا محض وقت ۽ حالتن جو پڙاڏو نظر آيا ته هنن دائمي حل تلاش ڪندي ”سماجوادي حقيقت نگاري“ جو سهارو ورتو. اڄ ڀارت جا ترقي پسند ڪهاڻيڪار هن ئي حقيقت نگاريءَ ۾ ايمان رکن ٿا.

     

    سنڌ ۽ هنڌ جي ڪهاڻي ۾ فرق:

    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪهاڻيون سنڌ ۾ لکيون وڃن ٿيون ته هند ۾ به.اتان جا ليکڪ به سنڌي آهن ته هتان جا ليکڪ به سنڌي آهن. پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند جي ڪهاڻي شروع کان وٺي پنهنجي ٽيڪنڪ ۽ موضوع جا روپ بدلائيندي رهي آهي. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻي ۾ ڪنهن حد تائين ڪن واضح فرقن ۽ سببن جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. مثال طور:

    (الف) سنڌ کان ٻاهر ڪهاڻيڪارن جي ڀرپور همٿ افزائي ٿئي ٿي. ڪهاڻيءَ جي صنف کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪنهن خاص رنڊڪ کان سواءِ رسالن ۽ مخزنن جو اجراع ٿيندو رهي ٿو. ان ڪري نفسياتي طور تي ڪهاڻيڪارن کي ”طويل ترين“ ڪهاڻين لکڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي. ان جي برعڪس سنڌ ۾ رسالن ۽ مخزنن جي کوٽ ڪهاڻيڪارن جي لکڻ واريءَ ضرورت کي پورو ڪري نه ٿي سگهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ ”طويل ترين“ ڪهاڻين جو رواج عام جام ٿيو .

    (ب) ان کان سواءِ ٻنهي هنڌن جي سماجي جوڙ جڪ، سياسي حالتن ۽ ماحول ۾ زمين آسمان جو فرق موجود آهي. جنهن ڪري ٻنهي هنڌن جي ڪهاڻين ۾ ڪنهن حد تائين موضوعن جو فرق نظر اچي ٿو.      (ج) سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪهاڻيڪارن نئين ۽ اوپري ماحول ملڻ سبب ڪنهن حد تائين ”اجتماعي مسئلن“ تي لکڻ لاءِ مجبور آهن. ليڪن سنڌ ۾ ”اجتماعيت“بدران ”وسيع تر انفراديت“ جو دؤر نظر اچي ٿو. هتان جي سماجي جوڙ جڪ سبب سنڌ جي ڪهاڻين ۾ ”داخليت“ ۽ ”انفراديت “ جا عنصر نظر اچن ٿا.

    (د) سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي، سنڌي ٻوليءَ کي “قومي درجي“ تي رسائڻ باوجود ڌارئي ۽ گهڻن ٻولين جي ماحول ۾ رهڻ ڪري، ٻين ٻولين جو به اثر قبول ڪيو آهي. ان کان سواءِ ”هندي“ هنن لاءِ مذهبي ٻوليءَ جي اهميت رکي ٿي، جنهن جو اثر هو آزاديءَ کان اڳ ئي قبول ڪندا پيا اچن. ان کان سواءِ اهي ”سنڌي لپي“ جي سوال تي ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿيل آهن. جنهن ڪري شعوري طور تي ”هندي“ ۽ لاشعوري طور تي ٻين ٻولين جو اثر قبول ڪرڻ لاءِ مجبور آهن.اهوئي سبب آهي جو سندن ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ان جي برعڪس سنڌ جي ڪهاڻي ٻوليءَ جي لحاظ کان گهڻي حد تائين صاف ۽ نج نظر اچي ٿي. البته سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪارن هاڻي ڀارتي ڪهاڻيڪارن طرفان مجبوريءَ کان استعمال ڪيل غير سنڌي لفظ فيشن طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن.

    (ه) 1947ع کان پوءِ سنڌ ۾ سماجوادي سوچ جي پکڙجڻ کان سواءِ اوتري ئي شدت سان رجعت پسند اختلاف به وڌيو. ان کان سواءِ ڪنهن حد تائين مايوسي ۽ ٻڏ تر جا لاڙا به ادب کي ڏسڻا پيا. انهن ڳالهين سنڌ جي ڪهاڻيءَ کي هڪ نئون ۽ الڳ روپ ڏنو آهي. پر ان جي برعڪس لڏ پلاڻ بعد پيدا ٿيل مسئلا ، ڌرتيءَ لاءِ پيار، ماضيءَ ۾ ٿيل وارداتن جون يادون ۽ ڪنهن حد تائين ڪانگريس کان نفرت جهڙين ڳالهين اتان جي ادب کي نوان لاڙا ڏنا آهن، جن جو اثر اتان جي ڪهاڻيءَ به قبول ڪيو آهي. ان ڪري سنڌ ۽ هند جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪي قدر فرق نظر اچي ٿو.

    (و) سنڌ ۽ هند جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻيو، مگر واضح فرق اهو نظر اچي ٿو ته هند جا ڪهاڻيڪار دنيا جي ٻين ٻولين مان ڪهاڻيون ترجمو ڪري، پنهنجي ڪهاڻيءَ جي خزاني ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ترجمي جو ايترو رواج ڪو نه آهي. ان ڪري هند ۾ جتي اصلوڪيون ۽ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ڪلهو ڪلهي سان ملائي ادبي تاريخ جا گيت ڳائن  ٿيون ته ان جي برعڪس سنڌ ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون اٽي ۾ لوڻ برابر نظر اچن ٿيون.

     

    هند جي ڪهاڻيءَ جا مکيه موضوع:

    سنڌ کان ٻاهر جي سنڌي ڪهاڻيءَ جو مطالعو هڪ ٻئي رخ کان به ڪري سگهجي ٿو. اهو رخ آهي هند جي سنڌي ڪهاڻيءَ جا مکيه موضوع. ليڪن رخ تي قلم کڻڻ کان اڳ اتان جي حالتن تي نظر ڦيرائڻ نهايت ضروري آهي، ڇو ته اتان جي ڪهاڻيءَ جا موضوع اتان جي حالتن جو پڙاڏو آهن.

    هندوستان جي آزاديءَ کان اڳ سنڌ جا ڪيترا غير مسلم عالم، اديب، شاعر ۽ مفڪر مذهب جي محبت يا تحفظ واري احساس هيٺ وطن جا وڻ ڇڏي اڻ ڏٺي مستقبل ۽ آشياني جي تلاش ۾ ڀارت لڏي ويا. اتي پهچڻ کان پوءِ ڳچ جيتري عوام ڪانگريس جي ڏيکاريل سبز باغ جي صحيح صورت ڏسي ورتي. انهيءَ ڪري ڪيترن کي حڪمران پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا ۽ انهيءَ جي معاوضي ۾ کين ڪنهن  حد تائين ڀوڳڻو به پيو. سنڌ ۾ هندو ۽ ٻيا غير مسلم ڪيتري عرصي کان رهڻ ڪري سنڌي سماج ۾ ملي جلي ويا هئا، ليڪن اهي ڀارت ۾ وڃڻ کان پوءِ پنهنجي هم مذهب انسان اڳيان برابريءَ وارو مقام وٺي نه سگهيا. ڀارتي هندو سنڌ جي هندن کي پاڻ جهڙو پوتر ۽ نج هندو طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيا. ان کانسواءِ سنڌي هندن ڀارت ۾ وڃڻ کان پوءِ گانڌيڌام ۽ سنڌو نگر ۾ الڳ پرڳڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون. سندن اهڙين ڪوششن کي اتي صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت طرفان شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو. سنڌي ٻولي کي ”قومي ٻولي“ بنائڻ واري تحريڪ ويتر اهڙِن حالتن جي باهه تي گاسليٽ هارڻ جو ڪم ڪيو، سنڌي هندو اتي الڳ پرڳڻو ته حاصل ڪري نه سگهيا، البته پنهنجي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيا. ڪنهن وقت کان پوءِ سندن اها ڪاميابي به باهمي اختلاف جو ٻل ٿيڻ لڳي . خاص ڪري ڪانگريسي ذهنيت وارن سنڌي عالمن ۽ اديبن سنڌي کي ”ديوناگري لپي“ جو ويس ڏيڻ چاهيو ليڪن باقي اڪثريت موجوده لپيءَ جي حق ۾ رهي. هنن لاءِ نه رڳو لپيءَ جو مسئلو ئي مٿي جو سور بڻيو رهيو، پر کين ذريعه تعليم جي مسئلي سان به منهن مقابل ٿيڻو پيو . ڇو ته ڪيترا مهاجر ”ڀارتي سڀيتا“ ۾ ضم ٿيڻ جي حق ۾ هئا ۽ انهن اتي پنهنجي ٻارن کي سنڌي اسڪولن ۾ پڙهائڻ بدران انگريزي ۽ ٻين غير مادري ٻولين جي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ شروع ڪيو. هن گروهه جي اڳواڻي اڪثر ڪري ڪانگريسن جي هٿ هيٺ رهي، ليڪن عوام ۽ ترقي پسند گروهه انهيءَ طوفان جو ڀرپو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن ۽ ماضيءَ جي هر شئي سان مذهبي محبت جهڙي عقيدت رکڻ شروع ڪئي. ڀارتي سنڌين کي نه رڳو باهمي اختلاف ۽ سرڪار جي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جو نشانو ٿيڻو پيو، ليڪن اتان جي مذهبي ماحول کان سواءِ واپاري طبقي ۾ به مسهائپ جي مصيبت جو منهن ڏسڻو پيو. جيئن ته سنڌ مان لڏي ويندڙ ڪيترا غير مسلم واپاري ۽ تجارتي طبقي سان رکندڙ هئا، ان ڪري کين اتان جي ”وچئين طبقي“ پنهنجي اک جو ڪنڊو سمجهڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ کين”بزنيس مائينڊيڊ “ ، ”ڪولڊ بلڊيڊ“ ۽ ”سنڌي يهودي“ جي لقبن سان نوازيو ويو.

    جيتوڻيڪ آزاديءَ کان اڳ سنڌ جي هندن ڪانگريس جي قيادت به ڪئي ته خدمت به ڪئي، پر آزاديءَ بعد اهي مهاجرن جي صورت وٺي ڀارت جي هيڏي ساري سياسي سمنڊ ۾ لهر برابر بڻجي ويا. انهيءَ ڪري منجهائن ڪا به اهڙي قيادت اڀري نه سگهي،جيڪا کين قومي نقطئه نگاهه کان وقت ۽ حالتن جي وير کان بچائي پار پهچائي سگهي. اهڙن سنگين مسئلن جي موجودگيءَ باوجود اتان جو عوام پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ قومي تشخص جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، وقت ۽ حالتن جو مقابلوڪندو رهيو. انهيءَ صورتحال سندن علم ادب، ۽ ان جي مقبول صنف ڪهاڻيءَ کي به متاثر ڪيو آهي. انهيءَ ڪري سندن ڪهاڻين تي وقت ۽ حالتن جو گهرو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو. سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ کي انهن حالتن جي روشنيءَ ۾ مطالعي ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪن موضوعن جي تلاش ڪجي ٿي ته مکيه موضوع هن ريت نروار ٿين ٿا.

    (الف) ياد ماضي:

    جيئن هن کان اڳ عرض ڪيو ويو آهي، ته آزاديءَ کان اڳ سنڌ جو هندو سنڌي سماج جو مکيه عنصر هو. هنن کي گهڻي عرصي کان وٺي حڪومتن جي ڪاروبار ۽ سماجي ڍانچي جي جوڙ جڪ ۾ وڏو اثر رسوخ حاصل هوندو هو. سماج جي ارتقائي عمل ۾ تصوف ۽ ويدانيت رت جي اڇن ڳاڙهن جزن جهڙو ڪم ڪيو . سنڌ ۾ جتي مسجدون هيون، اتي مندر به ويران ڪونه هئا.ٽڪاڻا هئا، گردوارا هئا، تيرٿ هئا ۽ هندن کي هڪ درجو هو. هو سياست ۾ اڳرا هئا، علم ادب ۾ اڪابر هئا، ۽ هنر توڙي واپار ۾ ناميارا هئا. ليڪن آزاديءَ کان پوءِ جي لڏپلاڻ نه رڳو سندن وجود کي جهنجهوڙي ڇڏيو، پر هو وطن جا وڻ ڇڏي ويا، ۽ ماضيءَ جي ياد هنن لاءِ عذاب بڻجي پيئي . انهيءَ عذاب جو پڙاڏو سندن ڪيترين ئي ڪهاڻين مان ٻڌي سگهجي ٿو.(10)

    (ب) ٻه واٽون:

    پرديس ۾ پير رکڻ کان پوءِ سنڌي هندن لاءِ وڃي ٻه رستا بچيا : انهن مان پهريون هو ”ڪانگريسي رستو“ جنهن مطابق هتان لڏي ويل ماڻهن کي ماضيءَ جي هر شئي ڇڏي ”ڀارتي سڀيتا“ ۾ فنا ٿيڻو هو. ٻيو رستو اهو هو ته هو هر طوفان جو مڙس ٿي مقابلو ڪندي، پنهنجي ”قومي وجود“ کي برقرار رکن. يعني هنن اڳيان ”فنا“ ۽ ”بقا“ جا ٻه رستا هئا، ۽ اسان کي سندن ڪيترين ئي ڪهاڻين مان انهيءَ ”فنا“ ۽ ”بقا“ جي جنگ جا ناد ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. اتي ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن، جن ۾ ڪانگريس جي ڏسيل رستي جي تبليغ ڪئي وئي آهي. (11) ان سان گڏ اهڙيون ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن، جن ۾ پاڻ بچائڻ جا درس ڏنا ويا آهن.(12)

    (ج) نئون رستو:

    انهن ٻنهي طبقن کان سواءِ هڪ نئين طبقي به عوام کي پڻ ڏانهن متوجهه ڪيو آهي. اهو آهي ”ترقي پسند گروهه“ . هن طبقي ڪانگريس جي تجويز ڪيل دوا کي ڇاونزم  ۽ غير فطري قرار ڏنو ۽ ماضيءَ جي ڪن غير ضروري ريتن رسمن جي لاءِ مرندڙن کي به ڪنهن حد تائين رجعت پسند ڌڙو سڏيو. هن گروهه پنهنجي راءِ ڏني ته وچان ئي ٻي واٽ اهڙي وٺي سگهجي ٿي، جنهن جي سچائي جي تصديق انسان ذات جي تاريخ به ڪري چڪي آهي. اها واٽ آهي ترقي پسنديءَ جي جنهن ۾ اها گنجائش آهي ته ماضيءَ جي ڀلين روايتن ۽ سٺن اصولن کي به کڻي سگهجي ٿو ۽ سماج تي ڇانيل صدين جي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ ترقي پسند نظرئي تي به عمل ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي اسان جي مسئلن جو حل آهي.اتان جي ڪهاڻين ۾ هنن عقيدن ۽ اصولن جي ڪافي جهلڪ نظر اچي ٿي. (13)

    (د) اڌ ڪائنات :

    انسان جي اڌ ڪائنات عورت ذات آهي. حقيقت ۾ هوءَ ئي ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ انسان ذات جا ڪيترا ئي ڏک ۽ سک ساڻس ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن. هن دنيا ۾ جنهن معاشري پنهنجي عورت کي منزل ۽ مقام ڏنو، تنهن کي ترقيءَ جو معراج مليو. ليڪن سنڌي معاشري ۾ اڃا عورت کي اهو جائز مقام نه مليو آهي. هوءَ اڃا به اسان جي نظرن ۾ هيچ ۽ نيچ آهي.زال جي صورت ۾ هوءَ مڙس جي زرخريد ٻانهي آهي. ڌيءَ جي حيثيت ۾ هوءَ والدين جي ڪلهن تي آسمان کان ڳرو بار آهي ۽ ڀيڻ جي روپ ۾ هو قربانيءَ جي ٻڪري آهي. هوءَ گوشت پوشت جو پر جذبن، امنگن، خيالن، ۽ خوابن کان سواءِ پتلو آهي ۽ مردن جي پرماريت لاءِ آسانيءَ سان هٿ ايندڙ مجسمو آهي. سنڌ توڙي هند جي روشن  ضمير ۽ روشن خيال ليکڪن ۽ ليکڪائن عورت جي عظمت ۽ اهميت کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو آهي، ۽ هو وقت به وقت سندس مسئلن تي لکندا به رهن ٿا. سنڌ کان ٻاهر لکيل سنڌي ڪهاڻين ۾ عورت کي به هڪ اهم موضوع جي حيثيت حاصل آهي. (14)

    انهيءَ کان علاوه ڀارت جي سنڌي ڪهاڻي جا ٻيا به موضوع آهن، جن تي جيڪڏهن تفصيل سان روشني وجهڻ ويهبو ته مقالو طويل تر کان طويل ترين ٿي ويندو. هن مقالي جو مقصد ئي هو هڪ خاڪو پيش ڪرڻ، جنهن لاءِ ممڪن حد تائين ڪوشش ڪئي وئي آهي. هاڻي اهو ٻين محققن ۽ دانشورن جو ڪم آهي ته هن موضوع کي مڪمل بنائڻ جون ڪوششون ڪن.

    وضاحتون

    (1) 1947ع کان 1980ع جي اڌ تائين ڀارت ۾ جيڪي اخبارون، رسالا ۽ مخزنون نڪتيون آهن، انهن سڀني جو تفصيل ته هتي ڏئي نه ٿو سگهجي، البته اهڙن رسالن ۽ مخزنن جن مختصر وچور ضرور پيش ڪري سگهجي ٿو جن ڪهاڻيءَ جي اوسر ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو آهي.

    رسالي جو نالو

    نوعيت

    شايع ٿيڻ

    جو هنڌ

    سال

    ايڊيٽر

    آتم درشن

    ماهوار

    اجمير

    1954ع

    ديپچندرتلوڪچند

    آدرش

    ماهوار

    اجمير

    1974ع

    ايم آر وليچا

    آسان راهه

    ماهوار

    جبلپور

    ؟

    موتي رام منڌياڻي ۽ ڪنهيا لال

    آريه پريم

    ماهوار

    اجمير

    ؟

    موهن لال

    آريه وير

    ماهوار

    اجمير

    1977ع

    ديپچندرتلوڪچند

    اظهار

    ٽه ماهي

    احمد آباد

    1977ع

    هوند راج  بلواڻي

    اسٽيج

    ٽه ماهي

    احمد آباد

    1978ع

    ڄيٺو لالواڻي

    الڪا

    ساليانو

    ممبئي

    1965ع

    رزرو بينڪ سنڌي سڀاپاران

    امن – اي هند

    ماهوار

    ڀوپال

    1971ع

    ديو جهوڙاڻي

    اهار

    ساليانو

    الهاس نگر

    1973ع

    صاحب شهاڻي

    پرهه ڦٽي

    ماهوار

    بمبئي

    1961ع

    لعل پشپ

    پشپ

    ساليانو

    ٿاڻا

    1958ع

    هولا رام

    ڀارت ٽائيمس

    ماهوار

    الهاس نگر

    1978ع

    رميش رامچنداڻي

    ڀيروي

    ماهوار

    احمد آباد

    1968ع

    ڪويتا  ارجن ڀمڀاڻي

    جاڳو

    ماهوار

    ممبئي

    ؟

    ڪي-سي-شوراساڻي

    جوت

    ساليانو

    ممبئي

    1950ع

    جڳتراءِ مولچند

    جيجل

    ساليانو

    ممبئي

    1974ع

    جسونت ڪمار

    جيون جوت

    ساليانو

    ممبئي

    1970ع

    لڇو ڀاوناڻي

    جيون سنگرام

    ساليانو

    گانڌيرام

    1975ع

    رام چند ناڻي

    جهاز راني

    ساليانو

    الهاس نگر

    1969ع

    لڌا رام

    چانڊوڪي

    ساليانو

    آگرو

    1970ع

    موهن لال

    درويش درشن

    ماهوار

    احمد آباد

    1979ع

    رام امباڻي

    راج فلمستان

    ماهوار

    ممبئي

    1948ع

    سشيلا  ڄيٺانند لعلواڻي

    رچنا

    ٽه ماهي

    ڪلڪتو

    1979ع

    لکمي کلاڻي

    زندگي

    ماهوار

    احمد آباد

    1977ع

    شيام رام رکياڻي

    سرسوتي

    ساليانو

    آگرو

    1954ع

    موهن لال

    سرسوتي

    ماهوار

    ممبئي

    ؟

    ساوتري گربخشاڻي

    سرهاڻ

    ساليانو

    الهاس نگر

    1965ع

    رام جي ڪڪڙيجا

    سناتن سارٿي

    ماهوار

    ممبئي

    ؟

    جڳت آڏواڻي

    سنڌ اپڪارڪ

    ماهوار

    الهاس نگر

    ؟

    ڀاون سنگهه

    سنڌي ايڪسپريس

    ماهوار

    الهاس نگر

    ؟

    نند ڀارتي

    سنڌي گلشن

    ٽه ماهي

    لکنئو

    1960ع

    راڌا ڪرشن

    سنڌيت

    ٻه ماهي

    لکنئو

    ؟

    ڀڳوان کلناڻي

    سورٺ

    ساليانو

    ممبئي

    1968ع

    واسديو نرمل

    سوکڙي

    ساليانو

    نيئن دهلي

    1972ع

    هوند راج سڪايل

    شام

    ماهوار

    پونو

    ؟

    ستي ٿڌاڻي

    شڪتي ڌارا

    ماهوار

    ممبئي

    ؟

    پرشوتم ڀڳتاڻي

    شڪنتلا

    ماهوار

    انڊور

    1962ع

    ديپڪ ڪوڏواڻي

    فلم ۽ فئشن

    ماهوار

    الهاس نگر

    1968ع

    اندر لعلواڻي

    ڦلواڙي

    ماهوار

    اجمير

    1953ع

    ديپچندر تلوڪ چندر

    ڪلپنا

    ماهوار

    لکنئو

    1972ع

    ساڌو رام

    ڪلياڻ سماچار

    ماهوار

    الهاس نگر

    1960ع

    ماڌو داس

    ڪونج

    ماهوار

    ممبئي

    1960ع

    هري موٽواڻي

    گلستان

    ماهوار

    احمد آباد

    1966ع

    هوند راج بلواڻي

    ليڊرآف الهاس نگر

    ماهوار

    الهاس نگر

    ؟

    ڊي سي گوسوامي

    مارئي

    ماهوار

    احمد آباد

    1967ع

    رجتي پنجابي

    مومل

    ساليانو

    ممبئي

    1953ع

    سينٽرل ريلوي سنڌي سڀا

    نرگس

    ماهوار

    پونو

    ؟

    تيج پارواڻي

    وندر

    ساليانو

    الهاس نگر

    1968ع

    نارائڻ واسواڻي

    هلچل

    ساليانو

    ممبئي

    ؟

    لعل پنجواڻي

    انهن کان سواءِ ڪي رسالا ۽ مخزنون هن وقت بند ٿي چڪيون آهن. انهن جو به وچور ٺاهبو ته اهو مختصر طور تي هن ريت ٿيندو:

    آکاڻي (ماهوار)، ٻارڙا (ماهوار – احمدآباد)، پشپا نجلي (ساليانه)، پرهه ڦٽي (ٻه ماهي- ممبئي)، پياري سنڌ (ماهوار – احمد آباد)، تمنا (ماهوار- احمد آباد)، چاڻڪيه (ساليانه- الهاس نگر)، چوڏس (ٽه ماهي – احمد آباد)، ڇوليون (ماهوار-احمد آباد)، ڌرم واڻي (ماهوار – الهاس نگر)، رابيل (ماهوار)، راڻي (ماهوار- ممبئي)، ساهت ڌارا(ماهوار- ممبئي)،سڀيتا (ٽه ماهي-بڙودا)،سوجهرو (ماهوار-الهاس نگر)،سونو ڀارت (ماهوار-پونو)،سنڌڙي (ماهوار-الهاس نگر)، سنڌو (ٽه ماهي)، سنڌو ڀارت (ماهوار- راجڪوٽ)،سنڌو جيون ڌارا (ٽه ماهي- ڀوپال)، سنڌو لوڪ (ماهوار- وارنسي)،سنڌو واڻي (ماهوار- انڊور)، سنڌ جي سڪ (ماهوار-دهلي)،سنڌي يوٿ (ماهوار-حيدرآباد دکن)، سهڻي (ماهوار-جيپور)، ڪويتا ( ماهوار)، ڪهاڻي (ماهوار)، گل (ماهوار-الهاس نگر)،گلابي گلڙا (ماهوار- الهاس نگر)، گلشن (ماهوار-احمد آباد)،  ملاح (ماهوار-دهلي)، ميار (ماهوار-احمد آباد)،  مهراڻ (ماهوار-جيپور)، نيا زمانه (ماهوار-ڪلياڻ ڪئمپ)، ”نئين دنيا“(ماهوار-بمبئي)، ۽ نئين زندگي (ماهوار)، وغيره .

    (2) رسالن ۽ مخزنن جيان ڀارت جي اشاعتي ادارن به ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو ورتو آهي، اهڙن ادارن مان هي ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن:

     

    اداري جو نالو

    اداري جو مالڪ/ پبلشر

    هنڌ

    ڪهاڻين جا شايع ڪيل ڪتاب

    اپسرا پبليڪيشن

    هوند راج بلواڻي

    احمد آباد

    10 ڪتاب

    اجنتا پبليڪيشن

    ورند همٿاڻي

    اجمير

    4 ڪتاب

    آر-ڪي پبليڪيشن

    رميش ڪمار

    جهونا ڳڙهه

    1 ڪتاب

    پرهه ڦٽي

    لعل پشپ

    ممبئي

    10 ڪتاب

    ڀارت جيون ساهتيه مالها

    ڄيٺانند لعلواڻي

    ممبئي

    ؟

    سندر ساهتيه

    ميلا رام، رميش

    اجمير

    ؟شايد 2 ڪتاب

    سنڌي سپوت ساهتيه پرڪاشن

    پورن کٽواڻي

    انڊور

    ؟

    سنگيتا پبليڪيشن

    آنند ٽهلراماڻي

    بڙودا

    2 ڪتاب

    ڪلپنا ڪتاب گهر

    موهن ڪلپنا

    الهاس نگر

    3 ڪتاب

    ڪوڙو مل سنڌي ساهتيه منڊل

    هري سندر

    اجمير

    ؟

    ڪونج پبليڪيشن

    پرڪاش موٽواڻي

    ممبئي

    ؟

    ڪويتا ساهتيه مالها

    شيام رام رکياڻي

    احمد آباد

    4 ڪتاب

    ڪويتا ساهتيه پبليڪيشن

    لاجونتي ڪمل

    الهاس نگر

    ؟

    گلستان پبليڪيشن

    هوند راج بلواڻي

    احمد آباد

    ؟

    نيلم پبليڪيشن

    منگها رام ”ديوانو“

    جيتپور

    2 ڪتاب

    نيوسنسار پبليڪيشن

    راجا هوند راج

    ممبئي

    ؟

    نئين دنيا پبليڪيشن

    اتم

    ممبئي

    ؟

     

    (3) هند ۾ ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جا جيڪي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. انهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪڙا ”مشترڪه مجموعا“ جن ۾ مختلف ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن ، ۽ ٻيا ”انفرادي مجموعا“ جيڪي هر هڪ ڪهاڻيڪار جا الڳ مجموعا آهن. ٻنهي قسمن جي مجموعن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو :

    (الف) انفرادي مجموعا:

    آتما رام لعلواڻي ( مڌيه پرديش). ”زخمي انسانيت“ (1973) ۽

    ” پتني پلاسٽڪ جي پتلي“(1975).

    آنند ٽهلراماڻي (بڙودا). ”سانجهيءَ جا پاڇولا“ (1973).

    آنند گولاڻي (ممبئي). ”ڦڙڪ“ (سال؟)، ”راڻيون“ (سال؟) ”چار ڪهاڻيون“ (سال ؟) ۽ ”نئون جنم وٺندس“.

    اتم (ممبئي)”ڪشمڪش“(1971)، ”هڪ ڪهاڻي ٻه ڪردار“

     (ترتيب 1963)، ”جيئي سنڌ“ (ترتيب 1971) ، وغيره.

    ايشور آنچل (ڪلياڻ ڪئمپ). ”پيار ۽ پئسو“(1956).

    ايشور ڀارتي(احمد آباد)”زهر“ (1978) .

    ايشور رامچنداڻي (اجمير)”مئل ماڪوڙا“ (سال؟) ”ٿڌاچپ“

    (سال ؟)، ”پنهنجي ئي گهر ۾ “  (سال؟).

    برج موهن (ممبئي) ”پٿر جا ديوتا“ (سال؟).

    بهاري لعل ڇاٻرا (بمبئي) ”هن جو پٽ“ (1948) ”پٿر پنجلي“

    (سال ؟)، ”انڌڪار“ (1951).

    پرسرام ڪمل (الهاس نگر). ”ڪمل جون ڪهاڻيون“ (1955).

    پورن ”سمايل“ (انڊور) قيمتي ڪهاڻيون“(1975)

    پريم پرڪاش (احمد آباد). ”ولين“ (1976).

    ڀڳوان نردوش (احمد آباد)”سوني مڇي“ (1976) .

    ڀڳوان تلواڻي (اجمير). ”سرتين جون زنجيرون“(سال؟).

    تولا رام وليڇا (اڌيپور). ”جيت ڪنهنجي“(1957).

    ”تيرٿ سڀاڻي“( اڌيپور) ”سونهري پشپا“( ترتيب 1956).

    ٽهلرام ”آزاد“ (ممبئي) ”گهر جي روشني“ (روسي ڪهاڻيون 1979).

    ٽيڪچند ”مست“. ”رنگين پڙدا“ (سال؟)، هيءَ بمبئي آ پيارا“ (سال؟)

    جڳت آڏواڻي (ممبئي) سندس معلومات ملي نه سگهي.

    جڳديش لڇاڻي(الهاس نگر) ”خاموش زندگي“ (1957)، ”هڪ تصوير ٻه پاڇا“(1962)، ”جهرڪي لڌو ٽڪو“ (1979)، ”پيڙا“، ”دنيا دو رنگي، “ ،”منهنجي زندگي“ ، ۽ ”اڌوري پياس“وغيره.

    جيوت چاولا(ممبئي) ”مان انتظار ڪندس“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ترجمو)

    جيوت رام ”جوت“ (الهاس نگر). ”ڏاڏيءَ جون آکاڻيون“ (1960) ، ”پرين جون آکاڻيون“(1968)، ”نوانوي آکاڻيون“ (1968)، آکاڻيون ئي آکاڻيون“ (1979).

    جيوت رام لالواڻي(احمد آباد).مظلوم (1954).

    ڄيٺانند لعلواڻي(ممبئي) سندس معلومات ملي نه سگهي.

    ڄيٺو لعلواڻي ( احمد آباد) ”ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس“.

    چترو ناگپال(ممبئي) ”جواني چار ڏينهن“(1967) .

    چين لال آهوجا(ڄام نگر) ”پاپ جي پاڙ“ (1958).

    چيتن ماڙيوالا(ممبئي) ”سنڌي جيون ڪهاڻيون“ (1953)

    رام پنجواڻي( ممبئي) (سندس ڪهاڻين جي معلومات نه ٿي سگهي)

    رام ڪيسواڻي(؟)”گرفتاريءَ جو وارنٽ“ .

    رتن ليلاڻي (ممبئي) ”فٽ پاٿ“ (1966)، ”ستيم شوم سندرم “  (1967).

    سريچند ”سنگدل“ (پونو) ”سرڳ جي آغوش ۾“ (1968)

    سڳن آهوجا(سرڳواسي) ”عيش جي قيمت“ (1954)، (سال؟)، ”بي آگ جلن ٿا پروانا“، ”سمودٽ“ ،”لوڀي اکيون“.

    سنتداس جهانگياڻي(نئين دهلي) ”پاپ جي مايا“ (1967).

    سندر اگناڻي (جئپور) ”ننگا پٿر“.

    سريچند هوند راج(جهونا ڳڙهه)  ”بهادر راج ڪمار“ (1972)

    شيام جئسنگهاڻي (ممبئي) ”ننگو آسمان“ (1966) ۽”ٺونگو  “ (1970).

    فتح چند واسواڻي (اجمير) ”ٽيگور جون ايڪيهه آکاڻيون“.

    ڦتن سکواڻي (  ؟  )”پيار ڌڪار“  ۽ ”ننگي“.

    قيمتراءِ هري سنگهاڻي (ڀوپال) ”سنڌ جي اتهاس جا ست سونهري ورق“ (1977) ”ڪلپنا لوڪ جو آواز“ (1978) ۽ ”ودروهي آتمائون“.

    ڪشور پهوجا (الهاس نگر) ”فيصلو“ ۽ ”منهنجي ناني“ .

    ڪمل ”پياسي“ (بڙوچ) ”سهڻا سهڻا گل“ ۽ ”سمنڊ سمايون بوند ۾“

    ڪرشن کٽواڻي (انڊور) ”ٽٽل تارون“ ، ”مٺڙي تو نه سڃاتو“ ، ”وندري ۽ ٻيون ڪهاڻيون“

    ڪي ايس بالاڻي ( ؟  ) ”ڪاٺ جي سانچي ۾“ .

    ڪيرت ٻاٻاڻي (ممبئي) ”هوءَ“ ”درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو“( ؟ ) ”نووا“ (1956) ۽ ”هڪ ڪهاڻي ٻه ڪردار“ .

    ڪيرت مهر چنداڻي (احمد آباد) ”جيون ڌارا“، سندس ٽي مجموعا ٻيا به هئا جن جا نالا ملي نه سگهيا.

    کيمچند سمن ( ؟ )  ”سونهري ڪرڻا“  .

    گرداس آهوجا (راجڪوٽ)”سپنو هي سنسار“ (1974).

    گرڌر لعل ڏوڏيجا(ممبئي) ”کرمغز“ (1955).

    گنو سامتاڻي (ممبئي) ”اڀمان“ (1964)، ”اپراجتا“(1971)، ۽ پرليه.

    گومل دوداڻي ( ؟ ) ”ڦينگون“

    گوبند پنجابي (ممبئي) ”سورج مکي (1960) سندس سؤ کن ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون آهن.

    گوپ ”ڪمل“ (دبئي) ”چورايل خوشيءَ جو سک“ (1979)

    گورڌن تنواڻي (جل گانءِ) ”مٺو درد“ (1962)، ”درد ۽ درد“ (1965).

    لعل ”پشپ“ (ممبئي) ”واريءَ جا محل“، ”پنر ملن“ ، ”وشواش اوشواش“، ”دائرو“، ”خالي ئي خالي“ ، بنڌن ۽ نرماڻ“، ”تنهنجي منهنجي وچ ۾“.

    لعل هوچنداڻي (گانڌيرام)”سنگتراش“ (1970) ۽ ”چتر ڪار جي ڪلپنا“(1969).

    لڇمڻ ڀمڀاڻي(جئپور) ”سپنا ۽ سڏڪا“ (1968) ، مرڪندڙ مکڙيون“

    لوڪ ناٿ ڄيٽلي (    ؟   ) ”وساريان نه وسرن“.

    لوڪ نوتاني (بڙودا)”ماڻهو ڇا چوندا؟“ ۽ ”شراب جي بوتل“.

    ليلا رام رچنداڻي( احمد آباد) ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ (1979) ليکراج ڄيٺانند (   ؟   ) ”نيتم“ .

    مرلي ڀلوناڻي (نئين دهلي)”سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انتخاب“

       (ترتيب) منوهر بيدي. (الهاس نگر)”هراسيل پيڙهي“ (1975)

    موتي لعل جوتواڻي(نئين دهلي) ”پرامپراهيڻ“

    موتي رام لڇيرام (ممبئي) ”ڪور جون ڪهاڻيون“

    موهن ڪلپنا (الهاس نگر) ”موهي مر موهي“(1960)، ”فرشتن جي دنيا“ ۽ ”چاندي ۽ زهر“.

    موهن ”ديپ“ (ممبئي) ”پرائي عورت“ (1972).

    ميلا رام واسواڻي (اجمير) ”راجپوت ٻيلوان“(1973).

    موهن لعل ”ڪوٽائي“ (ممبئي) ”دلجي گهڙي “  (1975)، ”جهلڪ“ 

    (هندي ۾  1960) ۽ ”چنانون ڪي راڻي“ (هندي ۾ 1962).

    نارائڻ ٻڌراڻي(ناگپور) ”خاموشيءَ جا دائرا“ (1972)

    نانڪ مدناڻي(نئين دهلي) ”ٽهڪ ۽ سڏڪا“(1958)، ”نوان پئمانا“ (1960)، ”ڪنات پئلس ۾ هڪ شام“ (1969)، ”هڪ ٽٽل شخص“ (1974).  

    نند لعل (ممبئي)”اڪيلو چنڊ“

    واشديو ڀارتي (جئپور)(سندس مجموعن جي معلومات ملي نه سگهي.)

    وشنو ڀاٽيا(بمبئي)”دل جي بستي“(1965)، ”سج جا ٽڪرا“ (1972) ”ديوار ۽ تاس جا پتا“(1977)، ”چندر مکي“، ”ٽٽل عڪس جو جوڙ“ ۽ ”احساس جي انڊلٺ“ (1977).

    وليرام ڪشناڻي (گوپال پري)”فرض جي صدقي“ (1968).

    هري همٿاڻي (اجمير) ”ڀنگ جا رنگ“ (1968) ۽ ”ارچنا رچنا“(1977)       هري موٽواڻي (ممبئي) ”هڪ لهر“ (1976).

    هري سندر روپ چند (اجمير) ”پنکڙيون“ (1969).

    هوندراج ٻلواڻي(احمد آباد) سندس ٻارن لاءِءَ لکيل ڪهاڻين کان سواءِ. ”هوءَ روئي ويٺي“(1968)، ”ڇتو ماڻهو“(1977)، ۽ ”هڪ مرڪ ۽ ٻه لڙڪ“.

    هيرو شيوڪاڻي (الهاس نگر)”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ (1975).

    (ب) مشترڪ مجموعا :

              آخرين پريتا“:  هي ”نئين دنيا آفيس“ طرفان شايع ٿيل يارهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ اصلوڪيون ڪهاڻيون به ڏنيون ويون آهن ته ترجمو ٿيل به . ليکڪن مان سندري اتم چنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪلا پرڪاش، ڦتن پرسواڻي، او-هينري، هاوورڊ فاسٽ، ڪرشنچندر ۽ ابراهيم عبدالين جا نالا ذڪر لائق آهن.

              ”آلوچا“:  هي مجموعو 1956ع ۾ ”بينا“ مخزن طرفان شايع ٿيو جنهن ۾ ڪل ست ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، اهي آهن: ”آلوچا“ (ڪرشن چندر-سدرشن)، ”شيطان ڇوڪري“ (گوبند پنجابي)، ”شهنائيءَ جا سر“ (موهن سنگهه/ش. راجپال)”سائمن جو پيءَ“ (موپاسان/ بهاري لعل)”ڀڳوان ڀڄي ويو“، ”هرديه ايش/ سدرشن)، ”بادل، شام ۽ تون مٺڙي“ (آنند/ ش. راجپال) ۽ ”انتقام“ (شبداش بئنرجي/ سدرشن)

    ”بڙودي جا سنڌي ساهتڪار“:

              هي مجموعو ”سنڌي ساهت مالا“ بڙودا طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر لکميچند”پريم“، هاسارام شرما، گورڌن شرما”گهايل“، ڪمل ”پياسي“، ايم آءِ تيجواڻي، ميول آهوجا، ۽ هري ڪڪڙيجا”ناز“ جي شاعري کان سواءِ ليکراج موهنداس جو هڪ ناٽڪ”نڪري ٿيا نروار“ دريانو ٺرياڻيءَ جو مضمون ”سارتر جي ڪلا“، رام فتحچند جو ادب لطيف ”ٻه پاڇا“ ۽ ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻيڪار آهن: تيرٿ پرڪاش (واپس)، ڪيرت مهرچنداڻي(جيون-ڌارا)، باروي لڇواڻي(۽ شآم گذري وئي)، رام ٿولاڻي (واسنا ۽ قرباني)، راجڪماري –ايم (خط-هڪ الجهن) ۽ ڪڪڙيجا گوپي(جنگ-صلح ۽ ٽهڪ). ان کان سواءِ مجموعي ۾ آنند ٽهلراماڻي جو اسڪٽ”ايڪسيڊنٽ“ به ڏنو ويو هو.

    ”بهترين سنڌي ڪهاڻيون“:

               ”پرهه ڦٽي“ طرفان آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ شايع ٿيل بهترين ڪهاڻين جا چار مجموعا شايع ٿيا. پهريون مجموعو گوبند مالهي ۽ ٻين جو ترتيب ڏنل هو.جيڪو 1975ع ۾ شايع ٿيو، هن مجموعي ۾ ”پياري چيز“ (سڳن آهوجا)، ”محمد رام“ (ڪيرت ٻاٻاڻي)، ”ٽاٽا“ (آنند گولاڻي)، ”مرڪ ۽ ممتا“ (ڪلا پرڪاش)، ”ڊگها وار“ (ڪرشن کٽواڻي)، ”تپسيا“ (موهن ڪلپنا)، ”غوراب“ (شيام جئسنگهاڻي)، ”پريا ۽ ڪرانتي“(ڪي ايس ٻاراڻي)، ”پتني فرض“(لعل پشپ)۽ ”ٿڌا چپ“ (ايشور چندر) ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ٻيو جلد به 1975 ۾ شايع ٿيو، جنهن جو مکيه مرتب ڪرشن راهي هو. هن مجموعي ۾ جي ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، اهي هيون:”ٻڌيمان“(لعل پشپ)، ”ٻنڌن“ (گنو سامتاڻي)، ”نراشا“ (آنند گولاڻي)، ”نه لئليٰ نه مجنون“ (ڪيرت ٻاٻاڻي)، ”محبت جو مينهن“ (مايا راهي)”خانواهڻ“(ڪلا پرڪاش) ۽ ”پٿر جو دشمن“ (موهن ڪلپنا). ٽئين جلد جو خاص مرتب هو موهن ڪلپنا ۽ ان ۾ ”فرنيچر“(تيرٿ وسنت)، ”رعب “(سڳن آهوجا)، مان نئون جنم وٺندس“(آنند گولاڻي)، ”ڇهاءُ“(ايشور آنچل )، ”عزت کپي اڌاري“ (ڪرشن راهي)، ”شڪست“ (گنوسامتاڻي)، ”قرض جي درخواست“(لعل پشپ)، ”پورٽريٽ هڪ پيءُ جو“ (هيرو شيوڪاڻي)، ۽ ”نه مرڻ جو ڏک“(ايشور چندر) ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون. چوٿون مجموعو 1976ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو مکيه مرتب هو گنوسامتاڻي. هن مجموعي ۾ ”سلسلو“ (هريش واسواڻي)، ”نئين شروعات“(ابند کيماڻي)، ”لهندڙ چڙهندڙ ڏاڪا“ (شيام جئسنگهاڻي)، ”بس مان ڪريل انسان“(موهن ڪلپنا)، ”۽ روشني جو گم ٿيل هڪ ٽڪرو“(لعل پشپ) ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

    ”پتنگن پهه ڪيو“:

               هي مجموعو ”نئين دنيا پبلشرس“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾  ڪل اٺ ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون. ”پتنگن پهه ڪيو“(اتم)، ”سون ورني دل“(ڪرشن کٽواڻي)، ”هڪ گهڙي“(منو گدواڻي)، ”ٻوڙن جو سهارو“(نند لعل)، ”جڳو“ (ڪشور لعل پهوجا)، ”شهنائي“ (گوبند پنجابي)، ”پيار جي جيت“ (ڪلا پرڪاش) ۽ ”فيصلو“( جيسي رامناڻي).        

     

    ”پياريون باتيون، جيون باتيون“:

               هن مجموعي ۾ چيخوف، او هينري، موپاسان، ڪرشن چندر، گالسودي، ٽئگور، منشي پريم چند ۽ سندري اتم چنداڻي جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

    ”جهلڪ“:

             هن مجموعي ۾ هڪ ناٽڪ، تاج صحرائي، آنچل، اياز، شيام ۽ موتي پرڪاش جي شاعريءَ کان سواءِ ست ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون. مجموعي جا ڪهاڻيڪار آهن: گوبند مالهي، گوبند پنجابي، آنند، سندري، ڪرشن هميراجاڻي، داس”طالب“، نهچل واسواڻي ۽ ڪشور پهوجا.

    ”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“:

               هن ۾ ڀارت جي سنڌي ڪهاڻيڪارن کان سواءِ ٻين غير سنڌي ڀارتي ڪهاڻيڪارن جهڙوڪ يشپال(هندي)، ڪرشن چندر(اردو) ، امرتا پريتم (پنجابي)، ٽي-شنڪر پلي (مليالم)، برين گنگو پاڌيه (بنگالي)، انا ڀائو ساٺي(مرهٽي)، نندني شئپٿي(لڙيا)، ۽ ڪي- اين- سبرمنيم(تامل) جون جملي چوڏهن ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

    ”راڄڌاڻيءَ جا ساهتيڪار“:

               هن مجموعي ۾ دهليءَ جي 32 اديبن جا ڪلام ، مضمون ۽ ڪهاڻيون آهن: ليکراج-هنس(لوڪ جو وات)، پرسرام وليڇا(انسانيت جي اوٽ ۾)، شيام ڀاڳيا(امر راڌان)، ۽ ٻالاڻي آشآ(مان ڪاري).

    ”ساگر ۽ لهرون“ :

              هن مجموعي ۾ لوڪ ناٿ، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، بلرام وڪيل، پشپال، کانڌيڪر ، پربوڌ ڪمار، امرتا پريتم ۽ هيوگر جر بنسيڪ جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

    ”سارنگ“ :

             هي مجموعو ”سنڌو ساهت سنگت“ اجمير طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ شعرن، مضمونن ۽ هڪ ناٽڪ کان سواءِ ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون. مجموعي جي شاهڪار ڪهاڻي پوپٽي هيراننداڻيءَ هي لکيل آهي، جنهن ۾ هن هٿ ڦاڙ عورت جو سهڻو ڪردار چٽيو آهي.

    ”سپنو ۽ موتي“ :

              هي مجموعو”نئين دنيا پبلشرز“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ اصلوڪيون توڙي ترجمو ٿيل ڪل يارهن ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، مجموعي جي ڪهاڻيڪارن ۾ مئڪسم گورڪي، چيخوف، هاورڊ فاسٽ ، پشپال ، ڪرشن چندر ، وشنو پرڀارڪر ، بلونت گارڪي ، ڦتن پرسواڻي، اتم ۽ سندري اتم چنداڻيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.

    ”غيرن جي هٿ ۾“:

              هن مجموعي کي لڇمڻ ساٿي ترتيب ڏنو ۽ ”راڻي پبليڪيشنز“ شايع ڪرايو. هن ۾ موتي پرڪاش ۽ ڀڳوان ميواڻيءَ جي شاعريءَ کان سواءِ وشنو ڀاٽيه، جيرام، لڇمڻ ساٿي ۽ ٺاڪر چاولا جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.                        

    کير ڀريا هٿڙا“:

              ڪهاڻين جو هي مجموعو سيپٽيمبر 1960ع ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ ڪي- ايس- ٻالاڻي، (پريا ۽ ڪرانتي) ، گنو سامتاڻي (ٻنڌن) ۽ ٻين جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

    ”ڪارو سورج“: هي مجموعو ”سهڻي ڪتاب گهر“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪرشن چندر جي چئن ڪهاڻين جو ترجمو ڏنو ويو آهي . مترجم آهن:- جيوت چاولا، پارو چاولا ۽ اندرا پنجابي .

     ”ڪوشان“:

              هي مجموعو ”ڪهاڻي ناول مالا“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ارجن ”حاسد“، نارائن شيام ۽ آنچل جي شاعريءَ کان سواءِ ٽي ڪهاڻيون به ڏنيون ويون آهن. اهي ڪهاڻيون آهن، ”ڪوشان“ (سندري اتم چنداڻي)، ”مان وڃان ٿي“ (ٽئگور)، ۽ ”هي پيار“ (هندي ڪهاڻي).

    ”گل ۽ مکڙيون“ :  

              هي مجموعو ”سنسار ساهتيه منڊل“ بمبئي طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ٻين ٻولين جي مشهور ليکڪن جهڙوڪ ، ملڪ راج آنند، ڪنيا لعل ڪپور، او هينري ، ۽ سعادت حسن منٽو ، ۽ سنڌي ترقي پسند ڪهاڻيڪارن جهڙوڪ اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڄيٺانند جادواڻي، سندري ۽ ڪلا پرڪاش جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، ڪهاڻين جو تعداد نوَ آهي.

    ”گهونگهٽ ۾ گوري چلي“ :

              هن مجموعي ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون ڏنا ويا آهن. ڪهاڻيون آهن؛ ”ڀومي دان“ (ڪرشن چندر)، ”مان جيڪر ڪتو هجان ها“ (پاچن ) ۽ ”گمنام خط “ ( چيخوف).

    ”لاٽ“ :

              هن مجموعي کي ڪشور ڀوڄواڻيءَ ترتيب ڏنو ۽ ”نيلم پبليڪيشن“ وارن شايع ڪرايو. مجموعي ۾ داس ”طالب“ جي ناٽڪ ، ”بيدرد“، ”اياز“ شيخ ۽ موتي پرڪاش جي شاعري،گوبند مالهي  ۽ لعلچند جي مضمونن کان سواءِ سندري اتم چنداڻي (تفاوت)، گوبند مالهي (پاپ جو گهڙو) . ڪيرت ٻاٻاڻي (لچي)، ڪرشن راهي (مائٽي) ۽ آنند گولاڻي (سپنو)، جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

    ”نئون ساهتيه “ :

               هي مجموعو گوبند پنجابيءَ ترتيب ڏنو  هو، جنهن ۾ شعرن، مضمونن ۽ هڪ ناٽڪ کان سواءِ ڪرشن چندر جي لکيل ۽ ٺاڪر چاولا جي ترجمو ڪيل ”مرڻ واري ساٿي جي مسڪراهٽ“، گوبند پنجابيءَ جي ”ساس ۽ گراس“ ، مهيندر ناٿ جي لکيل ۽ جيوت چاولا جي ترجموڪيل ”هڪ ڏينهن جو عيش“ ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون.

    (4) اهڙن ڪهاڻيڪارن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو:

              ارجن سچاڻي(راجڪوٽ)، آسانند ويلو مل(جهونا ڳڙهه)، اشوڪ ڀارتي ( ؟ ) ايشور چندر (اجمير) ايشور پرمانند (ممبئي) ٻڌر مل لڇواڻي(بڙودا)، بلرام وڪيل (بڙودا)، پارو چاولا (  ؟ ) پرڀداس ”ونيت“ (پونو) ، پرسرام وليڇا ( ؟ )، پرشو تم  ڀيڊا (   ؟  )، پرمانند ريجهسنگهاڻي (  ؟  )،پريم ابيچنداڻي (نيو دهلي)، ڀڳوان پشت (ممبئي) ڀوڄراڄ وڇاڻي ( ممبئي)، ڀيشم ملڪاڻي (  ؟  )، تولا رام رهيجا (پونو)، ٿيرٿ بسنت (نيو دهلي)، تيرٿ ”پرڪاش“(بڙودا)، تيرٿ چانڊواڻي (جهونا ڳڙهه)، ٺاڪر چاولا ( ؟)، ٿڌيرام ”انپڙهه“ (نندر پار)، ٽمل ”سروپ“ (ممبئي)، ٽيئون ”موجي“ (الهاس نگر)، جڳت پرڪاش (راجڪوٽ)، جڳتراءِ مل (الهاس نگر)، جڳديش ”نماڻو“ (الهاس نگر)، جيرام روهڙا (الهاس نگر)، جيوت رام ستپال (ممبئي)، ڄيٺا نند ”تاب“(ممبئي)، ڄيٺانند جادواڻي ( ؟) جهمون ڇڳاڻي (بئرا ڳڙهه)، چترو ناگپال (ممبئي)، چرنداس ٺاڪرداس (ممبئي)، چندرو پنجابي (ممبئي)،چمچنداس رائسنگهاڻي (پونو)،حشو پارواڻي (الهاس نگر)، داس ”طالب“ ( ؟ ) دوارڪا راڄ ”سروج“ (داهور)، دولترام ڪلياڻي(الهاس نگر)،   ديال پيرواڻي( ؟  )، ديو جهوڙاڻي (ڀوپال)، ديو راج ”پياسي“ (الهاس نگر)، ديوداس (ممبئي)، راڌا ڪرشن عالمچنداڻي (لکنئو)، رام گلراج مل (گانڌيرام)، رام گيانچنداڻي (نئين دهلي)، رام ايسر داس (الهاس نگر)، رام روچيرام (ممبئي)، رام داس لکاڻي(احمد آباد)،راهي آڏواڻي (ممبئي)،راملال ”رمل“ (گونڊيا)، رمڻ لال راجپال(الهاس نگر)، رميش مهتا (ممبئي)، روپ ڪمار روهڙا (الهاس نگر)، ريلو مل چوڌري (جهونا بلاسپور)، ريوا چند اجواڻي (ممبئي)، سدرشن ”ناچيز“ (ممبئي)، سريچند ڪيسواڻي (احمد آباد)، سريش روهڙا(الهاس نگر)، سکومل باگائي (ممبئي)، بسمن ڌيرواني (راجڪوٽ)، سندر نيڀواڻي (بئنگلور)، سنتوش ڀاڳيا (احمد آباد)، سيتل ڪمار (ممبئي)، شيام ڀاڳيا( ؟  ) ، شيوڪ ڀوڄراج (باپوگانءِ)، ش راجپال(  ؟  ) فتحچند شرما (ڪلڪتو)، ڦتن پرسواڻي (الهاس نگر)، ڪان آهوجا (الهاس نگر)، ڪانجي لعل ”قاصد“(گوپال پوري)، ڪرانتي ڪمار (الهاس نگر)،  ڪرشن ”ساٿي“ (رائپور)،ڪرشن هيمراج ( ؟ ) ، ڪرمچند تيجواڻي (الهاس نگر)، ڪشنچند ”مسرور“(انڊور)، ڪوڏو مل بولچنداڻي (بئرا ڳڙهه)، ڪيولرام  نرسنگهاڻي (کنڊوا) ، کيمن مولائي (بئرا ڳڙهه ) ، کئلداس آڏواڻي (ممبئي)، گرداس گولاڻي (الهاس نگر)، گوبند پارواڻي(احمد آباد)، لعل جي رامناڻي (گانڌيرام)، لعل پنجواڻي(ممبئي)، لڇمڻ ”داس“(الهاس نگر)، لڇمن ”ساٿي“ (  ؟  )، لڌارام ڇابڙا (الهاس نگر)، لکميچند ناگراڻي(بڙودا)، ليکراج پرياڻي (بڙودا)، ليکراج ”هنس“ ( ؟ )، ماڏو آسنداس(الهاس نگر)، مرليڌر سکواڻي (احمد آباد)، منو گدواڻي(  ؟  )، موتي گلراجاڻي (ممبئي)، موهن گيهاڻي ( ؟ )، ميگهراج وليڇا (بڙودا)، ميول آهوجا (بڙودا)، نارائن ڪيسواڻي (نڙيار)، نارائڻ گنگولي ( ؟  )، امديو تاراچنداڻي (ڀاونگر)، نندلعل (احمد آباد)، نهچل واسواڻي ، وشو مهتاڻي (الهاس نگر)، ونود ليکاڻي (راجڪوٽ)، ويڙهو رفيق(احمد آباد)، هري تنواڻي ”نماڻو“ (الهاس نگر)، ۽ هيرو شيوڪاڻي وغيرهه.

              (5) مرد ڪهاڻيڪارن سان گڏ جن عورت ڪهاڻيڪارن هن صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي . تن کي به ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين حصي ۾ اهي ليکڪائون اچن ٿيون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع نه ٿيا آهن، ٻئي حصي ۾ اهي ليکڪائون اچي وڃن ٿيون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيا آهن. ٻنهي قسمن جي ليکڪائن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو.

    (الف) اهي ڪهاڻيڪارائون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع نه ٿيا آهن:

              اندرا پنجابي(  ؟  )، انيتا ڪمل ڪيولراماڻي (بروچ)، ٻالاڻي آشا (  ؟  )، پدمڻي- بجارام (ممبئي)، ڀڳونتي لڇمڻ (الهاس نگر)، چندرا آڏواڻي (بمبئي)، ديپا درياناڻي (احمد آباد)، راجڪماري. ايم (بڙودا)، رڪي پنجابي (گانڌيدام)، ستي ڪيسواڻي (ممبئي)، سرلا ڪان آهوجا (الهاس نگر)، سشيلا رائسنگهاڻي (احمد آباد)، سشيلا لعلواڻي (ممبئي)، سيتا سامتاڻي (بمبئي) ڪماري جسي رامتاڻي ( ؟  )، ڪماري ڪوشي آڏواڻي (  ؟  )، ڪماري وشو هنگوراڻي (  ؟  )، گلي سرارٽگاڻي (ممبئي)، گوپي موٽواڻي (ممبئي)، گوپي نرموهي (بڙودا)، لڪشمي ”جيوتي“ (الهاس نگر)، مايا راهي (ممبئي)، هير ڀاڳچنداڻي (گانڌيدام)، ۽ يشودرا واڌواڻي (پونو) وغيرهه.

    (ب) جن ليکڪائن جا ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن :                  پوپٽي هيراننداڻي (ممبئي) ”پڪار“ (1954) ، ”رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون“، ”ڪلي گلاب جي ساغر شراب جو “ ، ”خزان جو دور پورو ٿيو“،  ۽ ”مون توکي پيار ڪيو“.

    سندري اتم چنداڻي: ”ڪوشان“ (1954)، ”اڇا وار ڳاڙها گل“ (1965)، ”تو جنين جي تات“ (1970).

    ڪلا پرڪاش :  ”مرڪ ۽ لڙڪ“.

    ڪلا رائسنگهاڻي : ”سنگم“ (1953).

    لکمي گلاڻي : (ڪلڪتو) ”رت جا داغ“ ۽ ”اڌوري رچنا“.

    6. سنڌ جي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڀارت جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن، مثال طور ڪجهه نالا هيٺ ڳڻائجن ٿا :

              آغا سليم (”ڌرتي روشن آهي“ ۽ ”اکيون آرسيون“).اقبال جتوئي (”تخليق جو درد“). امر جليل (”هن جڳ ۾“ ، ”ساجن منهنجو دوست“ ۽ ”جلاوطن“)انور عباسي (”بنا رسيد وڏيرو“).بشير مورياڻي (”تنهنجي قابل ناهيان“) ثميره زرين (”رمندا بادل“).جمال ابڙو (”مهرباني“  ۽ ”ڪارو پاڻي“).جمال رند (”واريءَ سندو ڪوٽ“)دائود بلوچ (ڏاند“ ۽ ”ستا اٿي جاڳ“)شوڪت حسين (”آئيني جيان سپنا“ ۽ ”شريف ماڻهو“)رسول بخش (”وڍيو هيئن ته ويهه“)رشيد ڀٽي (”ڪوڙو“، ”خون چور“ ۽ ”جيئي سنڌ“)طارق اشرف (”ڦرلٽ“)عبدالقادر جوڻيجو (”اجهايل مچ اڏندڙ رک“)ع – ق- شيخ (”ناڙو“)گلزار احمد (”انسانيت“)منير احمد (”شيرو“)         مدد سنڌي (”پکا پکن- سامنهڙي اوري اچي اڏ)مشتاق ڀٽي (”جيجي ! جيئي سنڌ“)ناصر مورائي (”پيچرو“)          نجم عباسي (”بلندي“)

     (مرحوم)نسيم کرل (”گذريل واردات “) وغيرهه.

    (7) ننڍي کنڊ جي جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن. ، انهن مان مثال طور ڪجهه نالا هيٺ ڄاڻائجن ٿا:

              آرؤدر (تيلگو) جي  ڪهاڻي ”ڳوٺ مان ٿي ويو“، مترجم اتم.

    آلمينسا پيار(آسامي)  جي ڪهاڻي”آڌي رات روئندڙ تارا“ مترجم رتن ”دلبر“ .

    آڊري باپياجو (تيلگو)جي ڪهاڻي ”خوشنصيب ڪير؟“مترجم ديوداس.

    اسرائيل (هندي) جي ڪهاڻي ”ويران واٽون، بي معنيٰ ماڻهو “

    اروند ڪمار جي ڪهاڻي”نئين راهه“ مترجم سندري.

    امرتا پريتم (پنجابي) جي ڪهاڻي ”گيت جو جنم“ مترجمه سندري.

    ”رازدارين“ مترجم اتم.

              ان کان سواءِ هنن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ”ساگر ۽ لهرون“ ،  ”درد “۽ ”نئين دنيا“ ۾ به ڇپيون آهن.

    ايم –ڪي- واراگري (ڪنڙ) ڪهاڻي: ”پيار“ مترجم اتم.

    اڻاڀائو ساٺي(مرهٽي) ڪهاڻي: ”شيطان“ مترجمه سندري.”شڪار“ مترجم واسديو نرمل.

    برين گنگو پاڌيه (بنگالي) ڪهاڻي: ”هڪڙو هو ماڻهو“ مترجم وشنو ڀاٽيه ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون “ ۾ بلونت گارگي(پنجابي) جي ڪهاڻي ”پاڻيءَ جي بوند“، مترجم نانڪ تاريجا. ”مٺي“ مترجم ڦتن پرسواڻي ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”سپون ۽ موتي“ ۾ .

    ٽي شيو شنڪر(مليالم) ڪهاڻي : ”هڪ رات“ مترجم موهن گيهاڻي ۽ هڪ ڪهاڻي” چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ مجموعي ۾ .

    ٽئگور (بنگالي): هن مهاڪلاڪار سنڌي علم ۽ ادب تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن، ۽ هند جي سنڌي اديبن دل کولي کيس داد ڏنو آهي، آزاديءَ کان اڳ يا پوءِ سندس مختلف ڪتابن جا ترجما ڪيا ويا آهن. هند ۾ جيڪي به ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيندا رهن ٿا، انهن مان هن جي ڪهاڻين کي به جوڳي جاءِ ڏني وڃي ٿي. جهڙوڪ مجموعي” پياريون باتيون جيون جهاتيون“۾ ، ۽ مجموعي ”ڪوشان“ ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي، ان کان سواءِ فتحچند واسواڻي سندس ايڪيهه ڪهاڻيون ترجمو ڪيون، جيڪي  ” ٽئگور جون ايڪيهه ڪهاڻيون“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون. سندس هڪ ڪهاڻي ”تارا پرسن جو شاهڪار“ ماهوار ”نئين دنيا“ ۾ شايع ٿي.

    ان کان سواءِ آنند وري  سندس هڪ ڪهاڻي ”وڌوا“ به ترجمو ڪئي.

    پرٻوڌ ڪمار: سندس هڪ ڪهاڻي مجموعي ”ساگر ۽ لهرون“ ۾ ڏني وئي آهي.

    پشپال(هندي) ڪهاڻي: ”ڪمبل دان“ مترجم داس طالب.”شاهوڪار ۽ چور“ مترجم جيوت چاولا، ”جيل جي شادي“مترجم لوڪ ناٿ. ”ڪلا ڪنهن لاءِ“مترجم ڪشور جيون. ”جن گن من“ مترجم ڀارتي.  ۽ ان کان سواءِ هڪ ڪهاڻي رسالي ”نئين دنيا“ ۾ هڪ ”سپنو ۽ موتي“ مجموعي ۾ ۽ هڪ”ساگر ۽ لهرون“ ۾.

    جگمندر تايل: (مرهٽي) ڪهاڻي :”ڦرڙي ۽ فرائڊ وادي ڇيد“ مترجم گوبند پنجابي.

    ڌرم وير ڀارتي : ڪهاڻي : ”انسان جو گوشت“ مترجم گوبند پنجابي.

    رامانند ساگر :ڪهاڻي : ”۽ انسان مري ويو“ مترجم ڪوشي ڇڳاڻي.

    زيو چند مينگهاڻي (گجراتي) ڪهاڻي : ”چوٿين قسط“ مترجم گوبند پنجابي

    سبر منيم (تامل) ڪهاڻي: ”پريکيا“ مترجم سندري اتم چنداڻي ۽ هڪ ڪهاڻي ”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ ۾ .

    شرت چندر : هن نامور اديب جا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، سندس ڪهاڻيون ٻين رسالن کان سواءِ ”نئين دنيا“ ۾ به ڇپيون آهن.

    ڪنعيا لال ڪپور(هندي) ڪهاڻي: ”لال آفت“ مترجم نارائڻ ڀارتي، ”مرزا ازبڪ“ مترجم موهن گيهاڻي، ”فلو “ مترجم وشنو ڀاٽيه ۽ ”هندوستان ڏسو “ مترجم گوبند پنجابي.

    ڪاشناٿ گپت (هندي) ڪهاڻي: ”وڌندڙ آدمشاري“ مترجم هيرو –ٽي شيوڪاڻي.

    ڪتل پرڀاڪر جي  ڪهاڻي: مئجسٽريٽ صاحب“ مترجم وشنو ڀاٽيه.

    ڪرشن چندر: (اردو)

    ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون سنڌي ۾ گهڻي تعداد ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن، ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

    ڪهاڻي: ”مرڻ واري ساٿيءَ جي مسڪراهٽ“ مترجم ٺاڪر چاولا.”عش بازي، الله راضي“ مترجم سومدٽ. ”ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“ مترجم نارائڻ ڀارتي ، بيگم“ مترجم جڳت آڏواڻي، ”ايٽ جي راڻي“ مترجم بهاري لال. ”منهنجي دوست جو پُٽ“مترجمه سندري،”پنجين روپئي جي آزادي“ مترجمه سندري،”سپنن جو قيدي“ مترجم اتم، ”مڱڻو“ مترجم اتم،”شيشي جا ٽڪر “ مترجم لڇمڻ ساٿي. ”درياهه وهندو رهي ٿو“ مترجم اتم، ”هي داغ داغ اجالو“ مترجم ڪشور جيون، ”منهنجي آلوچڪا“ مترجم وشنو ڀاٽيه، ”امن جون آڱريون“ مترجم ارجن شرما، ”آلوچا“ مترجم سدرش، ”پنهنجو گهر“ مترجم ڊي-ايس-اجواڻي. ان کان سواءِ سندس ٻه مجموعا ”ڪارو سج“ ۽ ”مان انتظار ڪندس“ به شايع ٿي چڪا آهن. آخري مجموعو جيوت چاولا ترجمو ڪيو هو، جنهن م ”ايراني پلاءُ“ ، ”سو روپيا“ ، ”سوال“ ۽ ”مان انتظار ڪندس“ ڪهاڻيون ڏنل هيون.

    منشي پريم چند ، ڪهاڻيون :  ”جادو“ مترجمه ڪلا پرڪاش، ”سياري جي رات“ مترجمه مسز گارگي لالواڻي، ”نشو“ مترجم راهي ۽ ان کان سواءِ مجموعي ”پياريون باتيون، جيون جهاتيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

    مهيندر ناٿ جي ڪهاڻي : ”نئون ساهتيه“ مترجم جيوت چاولا.

    ملڪ راج آنند جي ڪهاڻي: جان بچي ته لک کٽيا سين“ مترجم ڦتن پروسواڻي، ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”گل ۽ مکڙيون“ ۾.

    ماڻڪ بئنرجي (بنگالي)ڪهاڻي: ”گهورڙيو“ مترجمه سندري، ۽ ان کان سواءِ مجموعي ”انڌڪار“ (مترجم بهاري لال) ۽ مجموعي ”پٿر پنچلي“(مترجم بهاري لال) جون سڀ ڪهاڻيون.

    منوج باسو(بنگالي)ڪهاڻي: ”مانيٽر“ مترجم سورج ٺارواڻي.

    نارائڻ سيتارام ڦڙڪي: ڪهاڻي: ”غير شرنارٿي غنڊو“مترجمه وشو هنگوراڻي.

    نؤتيج (پنجابي)ڪهاڻي :”کيتن جي خوشبوءِ“ مترجم سورج ٺارواڻي، ”بي سکان ٻيڙي“ مترجم سورج ٺارواڻي.

    نانڪ سنگهه(پنجابي) ڪهاڻي :” لڪشمي پوجا“ مترجم موتي پرڪاش.

    نندني شئپٽي(اڙيا) ڪهاڻي:”مجموعي چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

    وشنو پرڀاڪر: ڪهاڻي:” ڌرتي اڃا به ڦري ٿي“ مترجم لوڪ ناٿ، ۽ مجموعي ”سپون ۽ موتي“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

    و-پ-دانڊيڪر(مراٺي) ڪهاڻي:”سائين آسمان ئي ڦاٽي پيو“ مترجم گوبند پنجابي.

    وي-ايس کانديڪر (مرهٽي) ڪهاڻي:”پراڻا بليڊ“ مترجم وشنو ڀاٽيه، ”انسان“ مترجم موهن گيهاڻي، ۽ مجموعي ”ساهر ۽ لهرون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

    هريشٿڪر پرسائي(هندي) ڪهاڻي:”استري ۽ پرش“ مترجم پيتامبر جوڌواڻي.

    (8) ٻين ٻولين جي جن ڪهاڻيڪارن جو ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن، انهن مان ڪي هي آهن.

    ابراهيم (روسي)ڪهاڻي:”زار جي محلات ۾“ مترجم ڪرشن کٽواڻي، ۽ مجموعي ”آخري پريتما“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

    اوهينري(آمريڪي) ڪهاڻي:”جڏهن پتني پري آهي“مترجمه پوپٽي هيراننداڻي، ”ٻه پاسا“ مترجم جڳديش لڇماڻي، ”عيسيٰ ۽ شيطان“ مترجمه ڪلا پرڪاش .۽ ان کان سواءِ مجموعن ”پياريون باتيون“، ”آخري پريتما “ ۽ ”گل ۽ مکڙيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

    ايديشر ڪپياني(روسي) ڪهاڻي:”هٿ“ مترجم موهن گيهاڻي.

    ايمليا جوهان(اٽلين) ڪهاڻي:”واپس“ مترجم لڇمڻ ساٿي.

    بالزاڪ(فرانس) ڪهاڻي:”جو ديري“ مترجم رميش ساٿي.

    پاچن(چيني) ڪهاڻي”مان جيڪر ڪتو هجان ها“ مجموعي ”گهونگهٽ ۾ گوري چلي“ ۾ ڏنل.

    جري مارڪ(زيڪ) ڪهاڻي:”ماءُ جي تمنا“ مترجم گوبند مالهي.                   چيخوف(روسي) ڪهاڻي:”ڪلا جي مورتي“ مترجم موتي پرڪاش، ۽ مجموعن ”پياريون باتيون“، ”سپون ۽ موتي“، ”گهوگهٽ ۾ گوري جلي“ ۽ رسالي ”نئين دنيا“ ۾ ڏنل ڪهاڻيون.

    سگمند مورس (هنگارين)ڪهاڻي”ست پئسا“ مترجم هيمراج.

    سمرسٽ ماهم (انگريزي)ڪهاڻي:”سپنو“ مترجم لال پشپ.

    سئي-پا-وا (چيني) ڪهاڻي:”ڪتا“ ماهوار رسالي ”نئين دنيا“ ۾ .

    صالح حافظ (مصري)ڪهاڻي:”انڌي وشواش جو موت“ مترجم موتي پرڪاش.

    فرنيج مورا(هنگارين) ڪهاڻي:”سو سونا سڪا هڪ ضد“ مترجم وشنو ڀاٽيه

    ڦينگ سي ڦينگ(چيني) ڪهاڻي:”جنتا جا دوست“ مترجم واسديو نرمل.

    گالسوردي(روسي) ڪهاڻي:”همٿ“ مترجم ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي”پياريون باتيون، جيون جهاتيون“ ۾.

    گورڪي(روسي) مئڪسم گورڪي به سنڌي ٻولي ۽ ادب کي بي حد متاثر ڪيو آهي ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿي شايع چڪا آهن، پر سندس ڪهاڻيون ڪجهه هي آهن ، ڪهاڻي : ”طوفان ۽ انسان“ مترجم اتم ،  ”سرنگهه“ مترجم اتم.”نماءُ“ مترجم ڪمل پياسي، “سزا“ مترجم ڪيرت ٻاٻاڻي ، ”جيسي ۽ پيٽر“ مترجم نارائڻ ڀارتي، ”ڪروڙ پتي“ مترجم گوبند پنجابي.

    لايوش جلاهي(هنگارين)ڪهاڻي:”انت يا ڪو واچ جو“ مترجم هيرش.

    لوهسون(چيني) ڪهاڻي:”افواهه“ مترجم ڪشور پهوجا.”لغڙ“ مترجم منوهر لال.

    موپاسان(فرانسيسي)ڪهاڻي:”سونهن جي ديوي“ مترجم موهن گيهاڻي.”خطاب جي قيمت“، ”هوءِ وري نه آئي“ مترجم ايم سڳن، ”سائمن جو پيءُ“ مترجم بهاري لال. ۽ مجموعي ”پياريون باتيون جيون جهاتيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

    مئڊم دوستو وسڪي (روسي) ڪهاڻي:”هيرو ملي ويو“ مترجم وشنو ڀاٽيه.

    مئڪسم رلسڪي(روسي) ڪهاڻي:”پيار“ مترجم ڪرشن کٽواڻي.   

    نووڪ نودا ڪووچ(يوگوسلاوين) ڪهاڻي:”فرصت به هجي، محبت به ڪجي“ مترجم ارجن سڪايل.

    وليم سارويان(آمريڪي)ڪهاڻي:”هوئڻهار هئري“ مترجم گوبند پنجابي.۽ ڪهاڻي”ڪافي ۽ سئنڊوچ“ رسالي نئين دنيا ۾.

    هاورڊ فاسٽ(آمريڪي) ڪهاڻي:”س‍‍‍‍ؤ مان“ مترجم هيمراج ناگواڻي.”پنهنجو گهر“ ڦتن پرسواڻي، ۽ مجموعن ”سپون ۽ موتي“، ”آخري پريتما“ ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي.

    هيوگوجرنسبيڪ(انگريزي) مجموعي ”ساگر ۽ لهرون ۾ هڪ ڪهاڻي.

    (9) هند جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جن مسلمان ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن، انهن مان ڪي هي آهن:

    اختر معين(ڪشميري) ڪهاڻي:” چوري جو موت“ مترجم ارجن سڪايل،  رضيا سجاد ظهير(اردو) ڪهاڻي:”نيري هڙ“ مترجمه سندري.

    حميدالله ڀارتي(اردو)ڪهاڻي:”هوءَ هڪ پتورتا“ مترجم رميش ساٿي.

    خواجه احمد عباس(اردو) ڪهاڻي”نئون زمانو، نئين زندگي“ مترجم ديال ڀيرواڻي.

    سعادت حسن منٽو(اردو)ڪهاڻي:”ڦوجو“ مترجم لوڪ ناٿ، ۽ مجموعي ”گل ۽ مکڙيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

    سراج الدين”شيدا“(اردو)ڪهاڻي:” آزاديءَ جو ڏينهن“ مترجم آءِ-پي- آسناڻي.

    سردار جعفري(اردو)ڪهاڻي:”گلينا“ مترجم ڦتن پرسواڻي.

    ڪوثر چاند پوري(اردو)ڪهاڻي:” زندگيءَ جي شاهراهه“ مترجم وشن تلريجا.

    مظفر پوري(اردو)ڪهاڻي:”هي به هڪ ڪهاڻي آهي“ مترجم ڦتن پرسواڻي.

    (10) هند جي سنڌين انهيءَ موضوع تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

    ”انساني جذبو“ (ليکڪ اتم).”خان واهڻ“(ليکڪا ڪلا پرڪاش)؛ هن ڪهاڻيءَ ۾ خان واهڻ جي ياد کي دهرايو ويو آهي .”دستاويز“ (ليکڪ نارائڻ ڀارتي) ”ڏاچي واليان“(ليکڪ نارائن ڀارتي).”رحمون موالي“(ليکڪ موتي پرڪاش).”سنڌو“(ليکڪ آنند گولاڻي).”سنڌو جو روپ“(ليکڪا سندري اتم چنداڻي).”سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن“(ليکڪ آنند گولاڻي).”ڪليم“(ليکڪ نارائڻ ڀارتي).هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ مان لڏي ويل هڪ وطن دوست پنهنجي پياري سنڌ جو ڪليم ڀرائي ٿو، ڪهاڻيءَ ۾ وطن جي حب جو دردناڪ منظر آهي. ”گامڙو“(ليکڪ آنند گولاڻي) هن ۾ گجرات جي هڪ ڳوٺ گامڙو جي ماحول ۾ سنڌ جي ”ڀاڳو ديري“ کي ياد ڪيو ويو آهي.”محمد ٽانگي وارو“ (ليکڪ رام پنجواڻي). ”ممتا“ (ليکڪا سندري اتم چنداڻي).

    (11) نئين ماحول ۽ نئين سماج ۾ ملي وڃڻ لاءِ تمام ٿورن ڪهاڻيڪارن قلم کنيو آهي. ان ڪري اهڙين ڪهاڻين جا مثال آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

    ”انوکو ميلاپ“(ليکڪ ڄيٺانند جادواڻي): هن ڪهاڻيءَ کي مرهٽي ۽ سنڌيءَ کي ڀائي ڀائي ڪري پيش ڪيو ويو آهي.

    ”نئون سال“ (ليکڪ رام امر لال پنجواڻي)؛ هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪب آباد جي دکي رتنا کي ممبئي جي ماحول ۾ غرق ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي.

    (12) هن قسم جي ڪهاڻين ۾ ، ڪهاڻيڪار هڪ طرف سنڌي جيون جي ڏکوئيندڙ جهلڪ پيش ڪئي آهي، ۽ ٻئي طرف پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ راهه به ٻڌائي آهي. اهڙين ڪهاڻين جا ڪجهه مثال هي آهن:

    ”ٽي تصويرون“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال): هن ۾ نانڪ جي زندگيءَ جا ٽي رخ ڏيکاريا ويا آهن. 1942ع ۾ جڏهن هو سنڌ ۾ هو ته جوشيلو جوان هو. 1946ع ۾ پيءُ مئس ته ڪٽنب جي بار چيلهه ڀڃي رکيس. 1947ع جي سال وطن جا وڻ ڇڏايس، 1949ع ۾ وري ڀارت ۾ اهو حال ٿيس جو خاڪي نڪر، ڦاٽل لٽن، ۽ اڻڀن وارن سان به سندس ماضي سڃاڻپ ۾ ڪو نه ايندو هو.

    ”سبز نوٽ جو پاڇو“(ليکڪ سڳن آهوجا): هي سنڌ جي سيتل ۽ رام سروپ جي ڏکوئيندڙ ڪهاڻي آهي، جيڪي تقدير ۽ ليڊرن جي هٿان لٽجي پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي وڃي دلتپور ۾ حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.پر سيتل ڪارين ڪوڏين تي عصمت ۽ زندگيءَ جو سودو ڪري اٿي ۽ رام سروپ پاڻ پالڻ جي تلاش ۾  ٻڏي مري ويو.

    ”سپنو“ (ليکڪ آنند گولاڻي) هن ڪهاڻيءَ ۾ ڀارتي سنڌين جي ماضي، حال مستقبل جي سپنن جي هڪ جهلڪ پيش ڪئ وئي آهي.

    ”سنڌي جيون ڪهاڻيون“ (ليکڪ چيتن ماڙيوالا): هي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن م ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڀارتين جي مسئلن جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.

    ”مان نئون جنم وٺندس“ (ليکڪ آنند گولاڻي): ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾، جي سنڌين سان ڪيس ٿا، هن ڪهاڻيءَ ۾ انهن مان هڪ جهلڪ ڏيکاري ٻڌايو ويوآهي ته اتي سنڌين کي پنهنجي وجود بچائڻ لاءِ سروٽي جو جواب پٿر سان ڏيڻ گهرجي.

    (13) ٺيٺ نظرياتي قسم جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن مان ڪي مثال هت ڏجن ٿا :

    ”اٺ سؤ اکيون“ (ليکڪ گوبند مالهي)،”اسٽرائيڪ“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال)”افق وٽ“ (ليکڪ رامداس): هن ۾ مصيبت ماريل ڪارخانن ۾ پسجندڙ مزدورن جي حالت جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.

    ”ترس! ايندو محبت جو زمانو“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي) : هي ڪهاڻي پريم جي بکايل انسانن لاءِ آٿت مثال آهي.”پيريءَ جو توشو“ (ليکڪ اتم ) . ”چريو“ (ليکڪ آنند).”روشن مستقبل“ (ليکڪ ڪشور پهوجا): هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته محبت ئي عقيدن کي بدلائڻ جو مکيه ذريعو آهي،ڪيئن نه چندر انقلابي دوست جي صحبت ۾ مارڪسوادي سوچ قبولي ٿو.

    ”زندگي ۽ موت“ (ليکڪ ڪرشن کٽواڻي) : هن ۾ بنگال ۾ ايندڙ تبديليءَ جي جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.”شردا جا ڦول“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي): هي انهيءَ نظرياتي مارئي جي ڪهاڻي آهي، جيڪ پنهنجو انت ته آڻي ٿي، پر رسم و رواج جوقيد نٿي قبولي. ”قافلو وڌندو رهيو“ (ليکڪ اتم)”ڪامريڊ“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال): هيءَ انهيءَ عام انسان جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي وقت ۽ حالتون سراپا انقلاب بڻائي ڇڏين ٿيون. ”گيت“ (ليکڪ ڪرشن کٽواڻي):هيءَ انهيءَ عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا تن بدران من کي سينگاري ٿي.”لال آفت“ (ليکڪ ڪنعيا لعل/ نارائن ڀارتي) انهيءَ بدنصيب نئين نسل جي ڪهاڻي آهي، جن کي رڳو انهيءَ ڏوهه ۾ جيل ۾ وڌو ويندو آهي ته هو لال پوش وارا ڪتاب پڙهندا آهن.”مان سوچيندو آهيان“ (ليکڪ سڳن آهوجا).”مائي باپ“ (ليکڪ سڳن آهوجا).”محمد رام“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي): هن ڪهاڻيءَ ۾ مذهب جي تشريح پيش ڪئي وئي آهي.”نوان پورهيت“ (ليکڪ ڄيٺانند تاب).”هوءَ موٽي آئي“ (ليکڪ گوبند مالهي) .

    (14) هن موضوع تي به ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. ڪجهه مثال هت ڏجن ٿا.

    ”پرڀا ۽ ڪرانتي“ (ليکڪ ڪي – ايس- ٻالاڻي): هيءَ وڌوا جي مسئلن تي روشني وجهي ٿي.

    ”پاپ جو گهڙو“ (ليکڪ گوبند مالهي): هيءَ زوري شادي ڪرائڻ واري مسئلي تي لکيل آهي.

    ”پتني ۽ فرض“ (ليکڪ لعل پشپ): هن ۾ زال ۽ مڙس جي حقن ۽ فرضن جي جهلڪ ڏني وئي آهي.

    ”سرتين جي ڪڙي“ (ليکڪ گورڌن تنواڻي): هن ۾ شڪي مڙس۽ مظلوم عورت جو داستان ٻڌايو ويو آهي.

    ”سوکتي“ (ليکڪ لوڪ ناٿ): هيءَ عورت ذات جي ممتا پڻي جي ڏکوئيندڙ تصوير آهي .

     

    (”پيغام“ ، ڪراچي ، مارچ / اپريل 1983ع

     

     

     

          .02      ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڇپائي

     

    سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي ڪوششن سان 1853 ۾ سنڌي لپئي جي سڌارو ۽ واڌارو ٿيو، ليڪن سنڌ ۾ ڇپائيءَ جو آغاز انهيءَ کان اڳ ٿيو. چيو وڃي ٿو ته خانگي شعبي ۾ سڀ کان اول پارسين سنڌ ۾ پريس قائم ڪئي. سرڪار جو ڇاپخانو پهريون ڪوٽڙيءَ ۾ هوندو هو. هن وقت تائين اهو پئي سمجهيو ويو آهي ته ننديرام جو ڪتاب”باب نامو“ پهريون سنڌي ڪتاب آهي، جيڪو شايع ٿيو، ليڪن سنڌ ۾ انهيءَ ڪتاب کان اڳ به سنڌي ڪتاب شايع ٿيا، جهڙوڪ : ”حڪايت الصالحين“ جيڪو اصلي ۾ عربيءَ ۾ هو، ان کي ولي محمد ترجمو ڪيو. هي ڪتاب 580 صفحن تي مشتمل هو ۽ 1851ع ۾ ڪراچي ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ 1952ع ۾  ”چٽ جي پاڙ“ نالي خانداس جو ترجمو ٿيل ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو اصل ۾ سدا سک لعل جي هندي ڪتب ”اصول نقش“ جو ترجمو هو. هي، ڪتاب ڊرائينگ جي موضوع تي لکيل هو ۽ 35 صفحن تي مشتمل هو. ساڳي سال ”گليڊون جون ڳالهيون“ ڪتاب به ڇپيو. هن ڪتاب ۾ فارسي مان 75 ڪهاڻيون ۽ ڏوسل ڀائي سهراب جا پهاڪا ڏنا ويا هئا . هي ڪتاب اي- پي-آرٿر ۽ منشي غلام علي ترجمو ڪيو هو. بهرحال 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ جو درجو مليو ته سموري سنڌ ۾ پريسن جو ڄار پکڙجي ويو. پر جيئن ته نيپيئر جي چئن سالن جي گورنريءَ کان پوءِ سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو هو، ۽ انهيءَ ڳانڍاپي سبب سنڌ واسين کي ننڍي کنڊ ۾ اچڻ وڃڻ جو موقعو مليو ته سنڌ کان ٻاهر به ڇپائيءَ جو آغاز ٿيو. سنڌي زبان جو پهريون ديوان  ”ديوان گل“ به سڀ کان پهريون بمبئي ۾ ڇپيو. جيستائين سنڌ جو بمبئي سان الحاق رهيو، ان وقت تائين سنڌيءَ جا ڪتاب سنڌ کان ٻاهر به ڇپبا رهيا، پوءِ وري لاهور کي اها مرڪزي حيثيت ملي، جتي هندوستان جي ورهاڱي تائين ڪتب ڇپبا رهيا .

              سنڌ کان ٻاهر هند جي جن شهرن ۾ ڪتاب شايع ٿيا  آهن، انهن تي هن کان اڳ به لکيو ويو آهي. سيد پيرحسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جا مضمون ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيا هئا. مرحوم غلام محمد گراميءَ وري ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ هڪ مضمون لکيو هو. ان کان سواءِ سنڌالاجي طرفان شايع ٿيل ”ديني ڪتابن جو ڪئٽلاگ“ ڪتاب ۾ به اهڙي قسم جي ڪجهه معلومات ڏني وئي آهي . 

    سنڌي ڪتاب لنڊن ۾ ۽ جرمني جي ليپزگ برڊ شهر ۾ ڇپيا هئا، آئون انهن جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ هند ۾ ڇپيل ڪن ڪتابن ۽ پريسن جو ٿورو احوال ڏيان ٿو :

    آگره : هن شهر ۾ ”ابولعلائي اليڪٽرڪ پريس “ نالي هڪ آڳاٽو ڇاپخانو هوندو هو، جنهن ۾ سنڌيءَ جاڪتاب به ڇپيا . اهڙن ڪتابن مان مرزا علي قلي بيگ جو ترتيب ڏنل سچل سائين جو ڪلام ”رسالو سچل سائين“ ذڪر قابل آهي. هي ڪتاب 1902ع ۾ انهيءَ پريس مان ڇپيو هو .

    ممبئي : جيئن ته سنڌ لڳ ڀڳ 90 سال ممبئي مرڪز هيٺ رهي، ان ڪري هن شهر مان سنڌيءَ جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. جهڙوڪ ”ليکي جي پيڙهه“ (خواجه –سنڌي خط – ڪل صفحا 32- سال 1866ع )، ”سنڌي ابولحسن “ (ابولحسن جو ڪتاب – ڪل صفحا 152 – سال 1869)، ”نورالابصار“ (عبدالله جو ڪتاب – ڪل صفحا 546 – سال 1869ع )، ”معراج نامو“  (ڪل صفحا 199 – سال 1870ع )، ”هدايت الصالحين “ (ولي محمد جو ڪيل منظوم ترجمو – ڪل صفحا  53 – سال 1870ع)، ”مجموعه وفات نامو“ (هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم، بيبي فاطمه ۽ حضرت عبدالقادر جيلاني جي وفات جو احوال ڏنل آهي – ڪل صفحا 80 – سال 1871 )،  ”مجموعه سڱ نامو“ (شاديءَ بابت ڪتاب- ڪل صفحا 112 – سال 1870ع )، ”سئر بوستاني “ (اسحاق نيشاپوريءَ جي ڪتاب ”قصص الانبياءَ“ جو ترجمو، مترجم ميان محمد حسين. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي . پهريون ڀاڱو 276 صفحا ۽ ٻيو ڀاڱو 256 صفحا آهن – سال 1871ع )، ”منتخب الفوائد“ (مولوي عبدالرحيم جو ڪتاب صفحا- 40÷240 – سال 1871ع)، ”حيات العاشقين“ (عبدالرحمان ولد محمد هاشم جو ڪتاب- صفحا 296- سال 1871ع)، ”بدر المنير“ (مخدوم عبدالله جو ڪتاب – صفحا 270 – سال 1871)، ”جمجمه جو قصو“ (فتح محمد جو ڪتاب – سال 1872ع)، ”مجموعه وفات نامو“ (احوال ڏنل – صفحا 96 – سال 1872ع )، ”غزوات “ (ميان عبدالله جو ڪتاب ٻه منظوم جلد – صفحا 172+ 132- سال 1872ع) تنبيهه الجاهلين“ (صفحا 52 – سال 1872ع)، ”روضه الشهداءِ“ (احمد سنڌي جي شاعريءَ جو ڪتاب – صفحا 712 – 1872ع)، ”عقيق جو رسالو“ (ميان ابراهيم جو ڪتاب جنهن ۾ جهنڊ لهرائڻ جي رسم تي بحث ڪيو ويو آهي. هن ۾ تنبيهه الغافلين ڪتاب به ڏنو ويو آهي. صفحا 64 – سال 1872ع)، ”ترتيب الصلوات“ (حافظ محمد عثمان جو ڪتاب. صفحا 104 – سال 1872ع)، ”ترتيب الصلوات“ (حاجي محمد جو ڪتاب. صفحا 68 – سال 1872ع)، ”مجموعه مد حيات“ (صفحا 128- سال 1872)، ”مجمع الفوائد“ (حاجي محمد خطيب جو ڪتاب. صفحا 336 – سال 1872ع)، ”سنڌي مداحون“ (ضياء الدين جو ڪتاب. صفحا 156 – سال 1873ع)، ”حقوق الزوجين“ (منظوم ڪتاب ”مجموعه“ ۾ ڏنل. صفحا 54 – سال 1873ع)، ”هدايت المريدين“ (مخدوم ابراهيم جو منظوم ڪتاب . صفحا 56 – سال 1873ع)، ”قمر المنير“ (منظوم . صفحا 280 – سال 1873ع)، ”قوت العاشقين“ (مولوي محمد هاشم جو ڪتاب. صفحا 432 – سال 1873ع)، ”سئر بوستاني“ (احوال مٿي ڏنل . صفحا 256 + 276 – سال 1873ع)، ”بيبي خديجھ الڪبريٰ“ (سوانح تي لکيل منظوم ڪتاب ”مجموعه “۾ ڏنل آهي.۽ 40 صفحن تي مشتمل آهي – سال 1873ع)، ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ (صفحا 288 – سال 1873ع)، ”زاد الفقير“ (مولوي عبدالخالق. صفحا 184 – سال 1873ع)، ”مجموعه“ (هن ڪتاب ۾ ”نصيحت نامو“، ”حقوق الزوجين“، ”موت نامو“، ”بيبي خديجھ الڪبريٰ“، ” علي ملڪ جو قصو“، ”تميم انصاري جو قصو“ ۽ ”قاضي ۽ چور جو قصو“ ڏنل آهن.“صفحا 220 – سال 1873ع)، ”تفسير پاره تبارڪ“ (ميان مهرو جو لکيل تفسير. صفحا 576 – سال 1873ع)، ”ٽه وايا آخري“ (عبدالله محمد مقيم  جو ڪتاب. صفحا 104 – سال 1874ع)، ”سنڌي مداحون“ (ضياء الدين جو ڪتاب. صفحا 104 – سال 1874ع)، ”انيس المتقين“ (شيخ عبدالصمد جو تصوف جي موضوع تي منظوم ڪتاب، هن ۾ ”سراج الجاهلين“ به شامل آهي. صفحا 62 – سال 1874ع)، ”فرائض الاسلام “ (ميان عبدالله جو ڪتاب. صفحا 120 – سال 1874ع)، ”شمائل نبوي“ (صفحا 366 – سال 1874ع)، ”مجنون و ليليٰ“ (حاجي عبدالله نظاماڻيءَ جو منظوم ڪتاب. صفحا 96 – سال 1874ع)، ”مجموعه مولود“ هن ڪتاب ۾ مولودن کان سواءِ ”معراج نامو“، ”بايزيد بسطاميءَ جو قصو“، ”بابر انصاريءَ جو قصو“ ۽ ڪي ڪافيون ڏنل آهن ( صفحا 88 – سال 1874ع)، ”ڪنز العبرت“ (عبدالله سنڌيءَ جو ڪتاب. صفحا 248 – سال 1874ع)، ”ليليٰ مجنون“ (سيد فاضل شاهه جو ڪتاب جنهن ۾ ڪي ڪافيون به ڏنل آهن. صفحا 72 – سال 1874ع)، ”بيان العارفين“ (شاهه ڪريم جو ڪتاب. صفحا 206 – سال 1876ع)، ”مجموعه مدحيات“ (احوال ڏنل.صفحا 152–سال 1876ع)، ”ترتيب الصلوات “ (حاجي محمد جو ڪتاب. صفحا 68 – سال 1876ع)، ”شاهه جو رسالو“ (ڊاڪٽر ٽرمپ جو ترتيب ڏنل. صفحا 512 – سال 1876ع)، ”مختيار نامو“ (ڪربلا جي واقعي تي فارسي ۾ لکيل ڪتاب جو ترجمو جيڪو علي محمد جان ڪيو. صفحا 1072 – سال 1882ع- شايد سنڌيءَ ۾ ڇپيل پهريون ضيخم ڪتاب).

    ممبئي ۾ شايع ٿيل ڪن ڪتابن کان پوءِ اسان جيڪڏهن اتان جي ڪن پريسن جو وچور ٺاهينداسين ته اهو هن ريت ٿيندو :

     

    1. ممبئي پريس :

    هي پريس ممبئي شهر ۾ هئي، انهيءَ مان ”تفسير هاشمي پاره ٽيهون“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

    2. ڇاپخانه صفدري :

    هن پريس مان فقير عبدالصمد جو ڪتاب ”شرائط الجمعھ“ (1885) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

    3. مطبع حيدري :

    هن پريس مان ميان بن رحمته الله جو ڪتاب ”روضھ شهداءِ“ (1863) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

    4. مطبع رحيميه :

    هي پريس اسطبل اسٽريٽ ممبئي نمبر 8 ۾ واقع هئي. انهيءَ مان ڊاڪٽر دائود پوٽه جو ڪتاب”مرشدي المبتدي“ (1933) شايع ٿيو .

    5. مطبع ڪريمي :

    هن پريس مان سنڌيءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيا، جن مان مخدوم ابولحسن جو ”مقدمه الصلوات“، قاضي عبدالڪريم جو ”دلائل الخيرات“ ، قاضي عبدالڪريم جو ترتيب ڏنل ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (1911)،مخدوم ميان عبدالصمد جو ”مفتاح الصلوات“ (1927)، قاضي عزيز الله جو سنڌي فارسي ۾ ترجمو ڪيل ”قرآن مجيد دو ترجمه“ (فارسي ترجمو شاهه ولي الله ۽ شيخ سعدي جو 1935ع) ذڪر ڪرڻ لائق آهن .

    6. مطبع نامي ڪريمي :

    هن پريس مان ”معراج نامو“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا.

    پونو : ممبئي کان سواءِ سنڌي ڪتاب پوني ۾ به شايع ٿيا. هن شهر ۾  ”ڏاتار برادرس“ نالي هڪ اشاعتي مرڪز به هوندو هو، جنهن سنڌي ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا . ساڳي اشاعتي اداري جي ساڳي نالي سان پرنٽنگ پريس به هوندي هئي. هن شهر جي ٻن پريسن ۾ ڪتاب شايع ٿيا.

              ڀارت پريس : هن پريس مان 1921ع ۾ سيد علي شاهه گوهريءَ جو ڪتاب ”اذڪار قلندر“ شايع ٿيو .                                        ڏاتار پرنٽنگ پريس :  هن پريس ۾ اڪثر ڪري سنڌيءَ جا نصابي ڪتاب شايع ٿيندا هئا .

              ديو بند : ورهاڱي کان اڳ هي شهر به هندوستان جي سياست توڙي تعليم جو مکيه مرڪز رهيو. سنڌ جي ڪيترن عالمن ديو بند جي مدرسي ۾ پڙهيو. هن مدرسي خود مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تعاون سان انگريزن خلاف انڊر گرائونڊ تحريڪون هلايون . هن شهر ۾ ”مطبع قاسم“ نالي پريس هئي، جنهن مان مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل ”ايها الولد“ (1915) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا.

    علي ڳڙهه : ديو بند وانگر هي شهر به هندوستان جو سياسي ۽ تعليمي مرڪز رهيو. انهيءَ رشتي سان سنڌ جي ماڻهن کي به شهر ۾ اچڻ وڃڻ جو موقعو مليو. هن شهر جي ”مطبع احمدي“ مان محمد عثمان نورنگ زاده جو ڪتاب ”بينات القرآن“ (1910) ۽ ٻيا ڪتب شايع ٿيا .

    لاهور : ممبئي جو شهر سنڌ جي مسلم خواه غير مسلم جو  هڪ اهڙو گڏيل مرڪز هو، جتي کين سرڪاري ڪمن ڪارين لاءِ وڃڻو پوندو هو. ديو بند وري سنڌ جي مذهبي ذهنيت واري ماڻهن جي تعليمي مرڪز هو. علي ڳڙهه کي وري انگريزي تعليم جي خواهش مند نوجوان مسلمانن جي مرڪز جو درجو ڏنو. اهڙي نموني سان سنڌ جي سکن وري لاهور کي پنهنجو مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي مرڪز بڻايو . سنڌي سکن ۽ ٻين غير مسلم رهواسين جي انهيءَ مذهبي ۽ تجارتي لاڳاپي اسان جي سياست تي به اثر وڌا. سنڌ کي جڏهن ممبئي کان الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ٿيون ته انهيءَ اثر هيٺ سنڌ واسين اڳيان هي تجويز به پيش ٿي هئي ته سنڌ کي ممبئي کان ڌار ڪري لاهور سان ملايو وڃي. هي بحث اڳتي هلي تون ڇا تون ڇا ۾ تبديل ٿي ويو هو . خاص ڪري مير ايوب جنهن لاهور ۾ تعليم ورتي هئي، تنهن پنهنجي تجربي جي بنياد تي انهيءَ راءِ جي مخالفت ڪئي هئي ته سنڌ کي لاهور سان ملايو وڃي . مير ايوب جي انهيءَ راءِ تي چڱو خاصو ”اخباري هنگامو“ برپا ٿي ويو ۽ خاص ڪري  ”سنڌگزيٽ“ اخبار ۾  اهڙا خط شايع ٿيا، جن مان تنهن زماني جي سنڌي – پنجابي جي لاڳاپن جي خبر پوي ٿي . سنڌ آزاد ٿيڻ کان پوءِ لاهور سان ته نه ملي پر سنڌ جي غير مسلم طبقي ۽ خاص ڪري سکن جا انهيءَ مرڪز سان لاڳاپا رهيا . سکر جو ناميارو پبلشر ”هريسنگ اينڊ سنز“ پنهنجي پريس قائم ڪرڻ کان اڳ پنهنجا ڪتاب لاهور مان ئي شايع ڪرائيندو هو . لاهور مان سنڌيءَ جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، انهن مان ڪي هي آهن :

    ”درود هزاه ۽ درود ارواحي“ (صفحا 26- سال 1873ع)،  ”ڌرم تتويه“ (گر مکي خط – صفحا 32- سال 1876ع)، ”هندوستان جي مختصر تاريخ“ (مترجم گل محمد خان – صفحا 48- سال 1883ع)، ”گلستان بي خزان“ (مترجم وطڻمل ”محزون“-مذهبي شاعري– صفحا 128- سال 1892ع)، ”عاملن جا نقل“ (خواجه سنڌي خط – صفحا 32- سال 1992ع)، ”مورتي پريکشا“ (منوهر لعل – صفحا 24- سال 1893ع)، ”حاتم طائي جو قصو“ (ترجمو – صفحا 244- سال 1893ع)، ”چار درويش“ (مترجم احمد خان – صفحا 248- سال 1893ع)، ”مداح“ (امرلعل- خواجا سنڌي خط – صفحا 22- سال 1893ع)، ”تاريخ سنڌ“ (محمد اسلم – صفحا 60- سال 1894ع)، ”مجموعه سه نثر“ (مولوي عبدالڪريم – صفحا 60- سال 1896ع)، ”طب سڪندري“ (سڪندر علي – صفحا 255- سال 1897ع)، ”طب سنڌي“ (پوڪر داس – صفحا 38- سال 1897ع)، ”داستان امير حمزه“ (مترجم محمد حسن ڀاڱو پهريون – صفحا 257- سال 1899ع)، ”حاتم طائي“ (ترجمو – صفحا 244- سال 1900ع)، ”سچ جا ڳولهيندڙ“ (گر مکي خط – صفحا 18- سال 1900ع)، ”نادر شاهه“ (مرزا قليچ بيگ – صفحا 124- سال 1900ع) .

     لاهور جي جن پريسن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا، انهن مان ڪي هي آهن :

    1. آريا اسٽيم پريس : هن پريس مان درمحمد ۽ هيمراج جو ترتيب ڏنل ”رسالو سچل سائين جو “ (1910) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

    2.اسلامي پريس هن پريس مان لال منوهر لعل جو ڪتاب ”نت منش ڪرم سنڌيا گائتري جاپ “ (1893)، بولچند ۽ گوڪلداس جو ڪتاب ”پوئي گرڀ گيتا سنڌي ٻولي ۾ “ ، سانوڻ مل خانچند جو ڪتاب ”مدح گرو نانڪ  شاهه جي الف بي وار ۽ ڪٿا ست نارائڻ جي“ ۽ مسڪين فيض ڪريم جو ”حب الحرمين“  وغيره ڪتاب شايع ٿيا .

    3. خادم التعليم پريس: هن پريس مان محمد بچل حاجي ڇٽن همون پوٽي جو ڪتاب”حضرت امام مسلم بن عقيل“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

    4. سيوڪ اسٽيم پريس: هن پريس مان ڪراچيءَ جي “سناتن ڌرم سڀا“جي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. هوتچند ٽيڪواڻيءَ جو ڪتاب ”امرت ڦل“ به پهريون دفعو هن پريس مان 1911ع ۾ شايع ٿيو .

    5. ڪاشي رام پريس : سنڌ جي مشهور پبلشر ڄيٺانند ٿڌو مل واسواڻيءَ جا ڪتاب اڪثر ڪري هن پريس جا ڇپيل آهن. انهن ڪتابن مان ”جوزف ولمٽ“ (1919) ۽ ”لوز آف دي حرم“ (1919) قابل ذڪر آهن .

              6. ڪريمي پريس : هن پريس مان مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي جو ”تفسير ڪوثر“ (1929) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

              7. مجتبائي پريس: هن پريس مان ڄيٺانند جو ڪتاب ”انڌير نگري“ (1888)، منشي پنجومل جو ڪتاب ”ٻارهه ماهه موتيرام ۽ جمناداس“ (1888)، لال منوهر لعل جو ”ست ڌرم جي پالنا جي خوشخبري“ (1890) وغيره  شايع ٿيا.

              8. مصطفائي پريس : هن پريس مان بابو سيتارام جو ڪتاب ”شراب پيئڻ جو نتيجو“ (1889)، ”هندڪيون گڏيل ويهه مداحون“(1890)، ڪشنچند ڪيولرام جو ”نرموهه ڪٿا“(نثر نظم) آوت راءِ ديوان نيڻومل جو ڪتاب ”ڪٿا پرهلاج جي“، لال منوهر لعل جو ”جيوڻ چرتر ڀڳت پورن جي ڪٿا“ وغيره شايع ٿيا .

            9. مفيد عام پريس : هن پريس مان ميان محمد اسماعيل جو ڪتاب ”بحرالحڪمت“ (1905) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا.

              10. نولڪشور اسٽيم پريس: هن پريس مان هوتچندٽيڪواڻي جو ڪتاب ”ڪٿا شري ستيه نارايڻ سوامي“ (1910)، ڏيا راج هيمراج جو ڪتاب”سري ڀڳوت گيتا“ (1910) ڌرم داس سڌاڻي جو ”آتم رس“ (1911)، ”ڪبير صاحب جا دوها“ (1912)، خوشي رام هيراننداڻيءَ جو ڪتاب ”مس جون“ (1912)، ڪندن مل ڏيپچند جو ڪتاب ”پيپي ڀڳت جا چرتر“ (1912)، تيجورام شرما جو ترجمو ”مختصر مها ڀارت“ (1912) پهريون دفعو هن ئي پريس مان ڇپيا .

              11. وڪٽوريا پريس : هن پريس مان عبدالله ۽ محمود جو ڪتاب”قصو شادي ۽ ٻڍاپڻ جو“ (1988)، ڄيٺا نند جو ”قصو دل جي وندر جو يا ڀل چوڪ“ (1987)، ۽ ساڳي ليکڪ جو ڪتاب ”گيتا جو ارڙهون اڌياءُ“(1987)، سڀ کان پهريان هتي شايع ٿيا .

              لائلپور : لاهور کان سواءِ پنجاب جي هن شهر ۾ به سنڌي ڪتاب شايع ٿيا. لائلپور جي ”نريندر اسٽيم پريس“ ۾ 1927ع ۾ قاضي محمد پريل جو ڪتاب ”مسلماني آساني“ شايع ٿيو .

    لڌيانه : لڌيانه ۾ به سنڌيءَ جا ڪتاب شايع ٿيا ۽ اهي اڪثر ڪري عيسائين شايع ڪرايا، اهڙن ڪتابن مان ”سچي ساهمي“ (صفحا 35-سال 1968) جو نالو مثال طور ڏئي سگهجي ٿو .

     

     

    (ماهوار ”پيغام“ ، ڪراچي ، نومبر / ڊسمبر 1983ع)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

      .03      ڪراچي سنڌ جو چمڪندڙ ستارو

     

    سنڌڙي جا ڳوٺ ۽ شهر پنهنجي تهذيبي، تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ تجارتي رشتن ۾ ايئن جڪڙيا پيا آهن، جيئن انساني جسم جا مختلف عضوا . انهن مان ڪنهن به هڪ شهر يا ڳوٺ کي سنڌ کان جيڪڏهن الڳ ڪيو وڃي ته سنڌ جو تصورئي مشڪوڪ ٿي پئي . جيتوڻيڪ سنڌ جا سمورا ڳوٺ ۽ شهر سنڌ جي ايڪي ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، پر ان هوندي به ڪراچيءَ جو شهر انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان وڏي اهميت رکي ٿو. حقيقت ته اها آهي ته ڪراچي سنڌ جي قسمت جو هڪ چمڪندڙ ستارو آهي، ۽ هن شهر کي سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ هڪ وڏي اهميت حاصل آهي. سٻاجهيءَ سنڌ جو هي بخت ڀريو شهر سنڌ جي سسيءَ جي حيثيت رکي ٿو. سموري سنڌ هن شهر کان متاثر ٿيندي رهي ٿي، ۽ ان کي متاثر ڪندي رهي ٿي .

     

    صدين جو ساٿ :

              ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪراچيءَ جو شهر ماضيءَ قريب ۾ ٻڌو ويو، پر هن شهر جي پسگردائي عظمت ڀرئي ماضيءَ جي يادگارن سان ٽمٽار آهي. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عظمت ۽ قدامت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. پوري دنيا جڏهن تهذيب جي نالي کان به بي خبر هئي، تڏهن به سنڌ هڪ سڌريل ملڪ هو .

    تازين کوجنائن جي آڌار تي اهو تصديق سان چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي به صدين کان وٺي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو مکيه ڇيڙو پئي رهي آهي. ان خطي ۾ سنڌ جي ٻن کان وٺي ٽن  هزار سالن واري قدامت واري تهذيب جا آثار ملن ٿا. اورنگي، منگهو پير، ڪنٽري ڪلب، نيل بازار ۽ عاملاڻو وارا اڄوڪا هنڌ سنڌ جي عظمت ڀرئيءَ قدامت جي آثارن سان ڀريا پيا آهن . انهن هنڌن جي کوٽائي ۽ تحقيق سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جو عجيب مثال پيش ڪري ٿي . هتان جا قديم رهواسي صنعت ۽ حرفت جا ماهر هئا. سندن صنعتي علائقا يا مرڪز رهائش کان الڳ ۽ پر ڀرو آهن . ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته هن خطي جي سوسائٽي صنعتي نوعيت جي هئي، ۽ صنعتڪار (جيڪي ساڳئي وقت پاڻ مزدور به هئا) صاف ۽ سٺي ماحول ۾ رهڻ لاءِ صنعتي مرڪزن کان پرڀرو رهندا هئا . منگهو پير، ڊملوٽي ۽ عاملاڻو انهن جا رهائشي مرڪز هئا، ۽ اورنگي توڙي ڪنٽري ڪلب وارا حصا سندن مرڪز هئا . جيئن ته سنڌ جو هيءُ صنعتي علائقو هو، ان ڪري لٽي ۽ اٽي جون ضرورتون باقي سنڌ کي پوريون ڪرڻيون پونديون هيون .

    هن خطي ۾ پٿر مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون هيون، جن ۾ ٿانءَ، رانديڪا، هٿيار، ۽ عمارت سازيءَ جو سامان قابل ذڪر آهي . ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي نه رڳو سنڌ جو هڪ مکيه صنعتي مرڪز هو ، بلڪ بين الاقوامي تجارت ۽ واپار جو ذريعو به . سنڌ هن ئي خطي وسيلي اولاهن ملڪن سان واپار ۽ تجارت ڪندي هئي . مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته سنڌ جو هي حصو صدين کان وٺي تهذيب ۽ تمدن صنعت ۽ تجارت جو مرڪز پئي رهيو آهي، ۽ اڄ به اهوئي تاريخي ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي .

    سنڌ جو بي بدل تختگاهه :                                                      صدين ۽ سالن کان وٺي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي ٻن مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو آهي . اهي آهن : ڌارين جو راڄ ۽ سنڌوءَ جي مستي !، سڄي سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ئي اهڙو موزون ۽ مناسب حصو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو هڪ بي بدل تخت گاهه بڻائي سگهجي پيو. هن حصي جي اهميت ۽ افاديت کي سنڌ جي حڪمرانن ڪڏهن به نظر انداز نه ڪيو هو. پر وقت جي حالتن ۽ مجبورين کين اهڙي عمل کان روڪي ڇڏيو هو . انگريزن جي سنڌ ۽ هند ۾ حڪمرانيءَ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن پرڏيهي فرنگين سنڌ جي هن حصي جي بين  الاقومي تجارتي ۽ فوجي اهميت جو گهڻو وقت اڳ اندازو لڳائي ڇڏيو هو.  ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا ڪيترائي جاسوس انهيءَ ڪم تي مقرر ڪيا ويا ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ هن حصي ۾ دلچسپي ۽ دفاعي اندزو لڳائين . اهو وقت به آيو جو هو تجارتي لاڳاپن رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ناٿن ڪرو کي ڪراچيءَ ۾ فيڪٽري کولڻ جو موقعو مليو . هن سنڌ دشمن فرنگي تاجر سنڌ جي هن حصي جي مڪمل جاسوسي ڪئي، ۽ پنهنجي آقائن کي ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ جي تجويز ڏني. جڏهن سنڌ جا حڪمران هن جي انهن ڳجهين ڪارواين کي واقف ٿيا ته انهن وقتائتو قدم کڻي ناٿن ڪرو کي بي عزتو ڪري تڙي ڪڍيو. ناٿن ڪرو کان پوءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سياسي نمائندن اهو ڪم پاڻ  تي کنيو ۽ پنهنجي سرڪار کي سنڌ جي هن حصي تي قبضي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ تي ناجائز قبضي ڪرڻ کان اڳ فيبروري 1839ع ۾ سنڌ جي هن حصي ۾ (ڪراچي) تي قبضو ڪيو ويو .

    1847ع ۾ جڏهن نيپئر سنڌ تي قبضو ڪيو ته هن سڀ کان پهريون جيڪو ڪم ڪيو، سو هو ڪراچيءَ کي گادي بنائڻ ، کيس يقين هو ته ڪراچي ئي سنڌ جي صحيح معنيٰ ۾ موزون ۽ لائق گادي ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ ۾ ڪو اهڙو شهر ڪونهي جيڪو سنڌ جو انتظامي ، تجارتي، تعليمي، ثقافتي ۽ سياسي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. سنڌ جي هن حصي جي اهميت ان مان ئي پڌري آهي ته نيپئر جڏهن گورنريءَ جو مدو پورو ڪري سنڌ ڇڏي رهيو هو ته هن ڪراچي بندر تي بيهي اکين مان آب هاري چئي ڏنو ته ”اي پياري ڪراچي ! ڪاش آئون تنهنجو جوڀن ڏسي سگهان ها.“ جيئن آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جي تخت گاهه جو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي هئڻ ضروري هو، تيئن اڄ سنڌ جي تخت گاهه جو ڪراچيءَ ۾ هئڻ تمام ضروري آهي، اڳيان تخت گاهه اسان جي زرعي دؤر جي نشاني آهن، ۽ موجوده تخت گاهه اسان جي صنعتي ترقي ڏانهن کنيل قدم جو اهڃاڻ آهي ۽ اهو اسان جي سياسي وجود ۽ امنگن جو به مرڪز آهي.

    سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو گهوارو :

    سنڌ ۾ علم ۽ ادب جو ڏيئو هر دؤر ۾ ٻرندو رهيو آهي. وقت ۽ حالتن جا طوفان انهيءَ ڏيئي جي لاٽ کي وسائي نه سگهيا آهن بلڪ سنڌ واسين پنهنجي ضرورتن ۽ حالتن مطابق انهيءَ ڏيئي کي هڪ هنڌ کان کڻي پئي ٻئي هنڌ رکيو آهي . اسان جي علم ۽ ادب جو مرڪز ڪڏهن بکر رهيو ته ڪڏهن اگهم ڪوٽ، ڪڏهن ٽپٽ رهيو ته ڪڏهن درٻيلو، ڪڏهن پاٽ رهيو ته ڪڏهن سيوهڻ ۽ ٺٽو رهيو ۽ وري ڪڏهن ڪراچي . فرق رڳو اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن علم  ادب جي لاٽ  روشن ٿي ته انهيءَ ادبي تاريخ کي نئين روشني ڏني .

    ڪراچيءَ شهر ۾ ويهي فرنگي سرڪار جي ڪمشنر فريئر غير سنڌي سرڪاري ملازمن لاءِ لازمي طور تي سنڌي پڙهڻ جو حڪم صادر ڪيو . هن ئي ڪمشنر 1853ع ۾ سنڌي الف –بي جي نئين سر اصلاح ڪرائي .  فرنگي راڄ دوران سنڌ جي هن شهر سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان جو مثال نٿو ملي.

    سنڌي لپيَ جي اصلاح ڪرائڻ کان پوءِ فرنگي سرڪار ”ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي“ ٺاهي جنهن طرفان 1936ع  تائين سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي اڻ ڳڻيا ڪتاب شايع ٿيا . سنڌ جڏهن ممبئي کان جدا ٿي ته ان کان پوءِ سنڌ سرڪار ”سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو، جنهن طرفان به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا . هي بورڊ اڄ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪري رهيو آهي . فرنگي سرڪار ئي هئي جنهن 1858ع ۾ ”فوائد الاخبار“  نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي. انهيءَ کان پوءِ ”سنڌ سڌار“ (1866ع) ،  ”سنڌ آفيشل گزيٽ“ ۽ ”رساله زراعت“ هن ئي سرڪار جاري ڪيا. انهن ۾ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي وساريل ورق ملن ٿا .

    سنڌي ۾ پهريون ناول “راسيلاس“ هن ئي شهر ۾ ترجمو ٿيو. سنڌ جي پهرين ناٽڪ منڊلي (ڊي- جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ ڪلب ) هن ئي شهر ۾ قائم ٿي. نه صرف ايترو پر هن ئي شهر جي شاعر الهه بخش ”اٻوجو“ کي فرنگي راڄ جو پهريون قومي شاعر تسليم ڪيو ويو . ٻين ڳالهين کي ڇڏي صحافت جي ميدان ۾ اچو . اسان اڄ ڏينهن تائين ”الوحيد“ جهڙي روزانه اخبار ڪڍي نه سگهيا آهيون . اسان ”جوت“ جهڙي جوت ڪنهن به پندره روزه اخبار کي ڏئي نه سگهيا آهيون ۽ اسان ”توحيد“ جهڙو رسالو اڄ به ڪڍڻ کان قاصر آهيون . انهيءَ تاريخي اخبارن ۽ رسالن هن ئي شهر ۾ جنم ورتو. سڀ کا وڌيڪ ته سنڌي مشاعرن جو انوکو تجربو  پهريون هن ئي شهر م ڪيو ويو ۽ ادبي ادارن جو قيام پهريون هن ئي شهر ۾ وجود ۾ آيو . ”ترقي پسند اديبن جي انجمن “ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ پهريون هن ئي شهر ۾ قائم ٿيون . مختلف لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن شهر اسان کي عالم به ڏنا ته اديب به، شاعر به ڏنا ته مفڪر به، اشاعتي ادارا به ڏنا ته ادبي ادارا به ، ادب به ڏنو ته ادبي نظريا ۽ موڙ به .

    ڪراچي بابت مون مطالعي ۽ تحقيق جي آڌار تي ڪجهه نتيجا اخذ ڪيا آهن، جن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو :-

    1. ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي واپار، تجارت، آمدورفت ۽ جنگي نقطئه نگاهه کان سنڌ، ايشيا، مشرق ۽ مغرب ۾ وڏي اهميت رکي ٿي .

    2. ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي پنهنجي بهترين آب وهوا، علمي، ادبي، واپاري، مذهبي ۽ سياسي مرڪز هئڻ سبب سنڌ واسين لاءِ هڪ اهم مسئلو پئي پيدا ڪيو آهي، يعني هي حصو غير سنڌين لاءِ ڪشش جو باعث پئي رهيوآهي، جنهن ڪري هن حصي ۾ سنڌ واسين جي اڪثريت متاثر ٿيندي پئي وڃي . ليڪن اهڙِن حالتن ۾ به هن حصي ۾ رهندڙ مختلف قومن ڪڏهن به ان کي پنهنجي ڪالوني يا جاگير (يا خود مختيار صوبو) نه ڄاتو آهي . ڪراچي جون اڍائي ٽي هزار سال پراڻيون آباديون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته هن حصي تي محض ۽ محض سنڌ واسين جي حق کي تسليم ڪري سگهجي ٿو .

    3. سنڌي ٻوليءَ کي پهريون دفعو فرنگي راڄ ”سرڪاري ٻولي“ تسليم ڪيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب حد کان وڌيڪ ترقي ڪئي .

    4. سنڌي ٻولي جي سرڪاري سرپرستي فرنگي مفادن تحت ڪئي ويندي هئي ، پر ان هوندي به سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي غير سرڪاري ڪوششن کي وقت جي سرڪار طرفان هميشه همٿايو ويندو هو . هتان جي 75 سيڪڙو سنڌي ليکڪن جا ڪتاب ۽ ايڊيٽرن جون اخبارون يا رسالا ، سياسي، سماجي يا مذهبي اختلاف جي باوجود  سرڪاري لئبرريون خريد ڪنديون هيون ۽ لائق تصنيفن کي جيئن جو تيئن درسي ڪتب طور منظور ڪيو ويندو هو .

    5. ڪراچيءَ جا عالم ۽ اديب، شاعر ۽ مفڪر ٻن گروهن ۾ ورهائي سگهجن ٿا . پهريان اهي جن جي جنم ڀومي ڪراچي هئي ۽ ٻيا اهي جي ملازمت يا ڪاروبار سانگي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيا هئا .

    6. انگريزن جي راڄ دوران سنڌ جي باقي سمورن ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي کي مکيه ادبي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي .

    7. ڪراچي جي سنڌي عالمن، اديبن، شاعرن، ۽ محققن ٻولي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڪارج کي ذهن ۾ رکي پنهنجون تخليقون ۽ تحقيقون ڪيون .

    بين الاقوامي تجارتي مرڪز :

    ميرن جي زماني ۾ ڪراچي نه رڳو سنڌ پر پنجاب، بلوچستان، خراسان، راجپوتانا ۽ قنڌار جي بين الاقوامي تجارتي مرڪز جو ڪم ڏيندي هئي . هتان ممبئي، يمن، برطانيه، فرانس، ماريطانيه، مسقط ، چين ، ايسٽ انڊيز ، بنگال، جپان، ۽ گجرات سان واپار ڪيو ويندو هو. ڪراچي ان وقت به خشڪي توڙي بحري ذريعن وسيلي پوريءَ ايشيا ۽ ٻين کنڊن سان ڳنڍيل هئي . ڪراچي ڏهن خشڪي رستن ذريعي پوري ننڍي کنڊ سان مليل هوندي هئي ، اهي خشڪي رستا هن ريت هئا :

    (1)  ڪراچيءَ کان ٺٽو (لانڍي ، ڌاٻيجي، گهارو، گجو، ٺٽو )

    (2)  ڪراچيءَ کان ڀُڄ . (ڪراچي، ٺٽو، سجاول، مرزو لغاري، مغلڀين، مسافر خانه، لکپت،  ڀڄُ)

    (3)  ڪراچي کان ڪوٽڙي (ڪراچي، ٺٽو، جهوڪ، ڪوٽڙي)

    (4)  ڪراچي کان سيوهڻ (ڪراچي، سپوران، دمب، کڏيجي، ڌماچ، ٿاڻو بولا خان، بچاڻي، گجور، پکرن، سيوهڻ ) .

    (5)  ڪراچيءَ کان سيوهڻ (ڪراچي، ڪوٽڙي پيٽارو، مانجهند، سن، آمري، لڪي، سيوهڻ) .

    (6)  ڪراچي کان پنجاب (ڪراچي، سيوهڻ، لاڙڪاڻو، سکر، ملتان، جهنگ).

    (7)  ڪراچي کان افغانستان (ڪراچي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، افغانستان) .

    (8)  ڪراچي کان ڪابل (ڪراچي،سونمياڻي، ٻيلو، قلات، قنڌار، ڪابل) .

    (9)  ڪراچي کان جوڌ پور (ڪراچي، لکپت، امر ڪوٽ، جوڌ پور) .

    (10)         ڪراچي کان گوادر (ڪراچي، ٻيلو، گوادر).

    انهيءَ خشڪي رستن کان سواءِ پنجاب ۽ سنڌ سنڌو نديءَ جي وسيلي به پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، ۽ سنڌو نديءَ جا ڏاکڻيا بندر خشڪي ذريعن وسيلي ڪراچيءَ سان مليل هئا .

    ڪراچيءِ جو بندر جو ان وقت اڃا جديد بندرگاهن جي سهولتن کان محروم هو . سو ان وقت به فطري ۽ قدرتي طور تي هڪ لاجواب بندر هو . ميرن پنهنجي دور ۾ هن ڏانهن وقت ۽ حالتن مطابق چڱو ڌيان ڏنو . 1799ع ڌاري هنن منوڙي تي لائٽ هائوس ۽ قلعو ٺهرايو . 1839ع ۾ هن بندر تي 50 کان 150 ٽنن جي وزن وارا وڏا ٻيڙا هئا، ان کان سواءِ ننڍين ۽ وچولين ٻيڙين جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪو نه هو .

    ڪراچيءَ جي تجارتي ۽ واپاري اهميت جو اندازو هن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته 1809ع ۾ هتان جيڪا ڪسٽم ڊيوٽي حاصل ٿي ان جو انگ 99000 روپيا هو . 1838ع ۾ ساڳي آمدني وڌي وڃي 150000 روپيا ٿي . انهيءَ ساڳي سال ڪراچي بندر تان جملي 5894000 روپين جو واپار ٿيو .  

     

    تاريخ ساز شهر :

    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ کي سدائين اتر کان خطرو پئي رهيو آهي ، تاريخ شاهد آهي ته سنڌ انهن اتر وارن خطرن کي ته منهن ڏيندي پاڻ بچائيندي پئي آئي آهي . پر ڏکڻ (ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي )طرفان ٿيندڙ حملا هن لاءِ هميشه موتمار پئي ثابت ٿيا آهن، ۽ انهن حملن جا اثر انقلابي ۽ دور رس پئي رهيا آهن . تاريخ ٻڌائي ٿي ته مدد خان لٽ ڪئي ۽ نادر خان قهر بڻجي آيو  ته به سنڌ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي وئي. ان کان سواءِ ارغون، ترخان، ۽ مغل جي سڀ اتر طرف کان آيا، تن سنڌ جي آزاديءَ کي متاثر ڪيو، ليڪن ان هوندي به سنڌ جي تاريخ ۾ انهن دؤرن کان پوءِ  ڪلهوڙن ۽ ميرن جو دؤر اچي ٿو . يعني وري به سنڌ انهن کان آزادي حاصل ڪئي. ساڳي نموني سان يونان ۽ ايران به هميشه لاءِ سنڌ تي حڪومت هلائي نه سگهيا، پر ڏکڻ طرف (ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي )طرفان سنڌ جي تاريخ ۾ محض ٻه حملا ٿيا، جن صدين تائين سنڌ جي سماج، مذهب ۽ سياست  کي بدلائي ڇڏيو . 712ع ۾  محمد بن قاسم هن طرف کان ئي آغاز ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ذري گهٽ سنڌ جو پورو معاشرو تبديل ٿي ويو. ٻيو واقعو ميرن جي آخري دؤر ۾ واقع ٿيو. ان عرصي دوران سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ هو، جنهن ۾ سياست جو هڪ نئون ۽ ڪامياب تجربو ڪيو ويو ، ۽ گڏيل جوابداريءَ تحت حڪومت هلائي ويئي . ان زماني ۾ ننڍي کنڊ تي قابض فرنگي سامراج کي بين الاقوامي سطح تي وڏا وڏا خطره درپيش هئا . نيپولين بونا پارٽ جي فتحن ۽ ڪاميابين، فرنگي سامراج کي بدحواس ڪري ڇڏيو هو، افغانستان ، ايران ۽ روس به هن ست سمنڊ پار واري پرماريت ۾ ايمان رکندڙ حڪومت لاءِ نيڪ جذبا نه ٿي رکيا . انهيءَ وقت سنڌ ئي هڪ اهڙو ملڪ هو جو انهيءَ دور جي ٽڪر کائيندڙ مفادن ۾ مفاهمت پيدا ڪري ٿي سگهيو، ۽ هن امن پسند ملڪ جو اهو ئي پارٽ ادا ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ انهن ڌوڪيل حڪومتن جي وچ ۾ اهڙا تصادم نه ٿيا. ليڪن توسيع پسند ۽ استحصال پسند فرنگي سامراج کي انهيءَ وقت تائين سک ۽ سڪون نه ٿي آيو جيستائين ايران ۽ روس جي اتحادي افغانستان سان نه ٿي اچايائين . فرنگي سرڪار لاءِ سنڌ ٽپي افغانستان سان وڙهن کان سواءِ ڪو چارو ئي ڪونه هو. پر سنڌ هڪ خودمختيار ملڪ هئڻ جي صورت ۾  ٻئي خودمختيار ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ کان قاصر هو . انهن حالتن کي ڏسي فرنگي سرڪار هڪ نئين چال کيڏي، ۽ پنهنجيون اکيون ڪراچيءَ تي کوڙي ڇڏيون.

    ميرن جي آخري زماني ۾ ڪراچي وڏي اوج ۽ عروج تي پهچي چڪي هئي . جڏهن ته 1813ع ڪراچيءَ جي آدمشماري 13000 هئي، پر هيءَ ته ان کان به پوءِ جي ڳالهه آهي . ان وقت سنڌ جا ڪيترائي (سنڌو نديءَ جا ڏاکڻيا) بندر ڦٽي چڪا هئا، ۽ ڪراچي سنڌ جو بين الاقوامي تجارتي ۽ دفاعي مرڪز بڻجي چڪي هئي . 1839ع ۾ انگريزن ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو . سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ تي ڏکڻ طرفان هي ٻيو حملو هو . ان جي نتيجي ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي باقي سنڌ کان ڪٽجي ويئي . انهيءَ وقت ڪراچيءَ جي اها حيثيت ٿي ويئي جيڪا اڄ ”اسرائيل“ کي آهي . سنڌ جو ڌڙ ڄڻڪ ان کان ڌار ڪيو ويو  ۽ باقي سنڌ جي حالت نازڪ بڻجي وئي. ان وقت سنڌ کي اتر طرفان پنجاب ، رنجيت سنگهه جي روپ ۾ اکيون ڏيکارڻ لڳو . ڏکڻ اڳيئي فرنگي سرڪار والاريون بيٺي هئي، باقي اولهه واري حڪومت – بلوچ، ان وقت سنڌ جي تڪڙي مدد ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه رهيا. ڪراچيءَ جي کسجي وڃڻ ڪري سنڌ جو ٻاهرين دنيا سان لاڳاپو ٽٽي پيو، ان جو بين الاقوامي تجارتي ۽ واپاري راهون بند ٿي ويون ۽ خود سندس ٽڪرو – ڪراچي هن لاءِ اسرائيل بڻجي ويو، جنهن ڪري سنڌ جون سموريون دفاعي قوتون رتيءَ برابر رهجي ويون، ۽ ان جي قومي آزادي خطري ۾ پئجي وئي، ۽ پوءِ اهو ثابت ٿيو ته ڪراچي کسائڻ جو سودو سنڌ واسين کي مهانگو پيو. انگريزن پنهنجا عهد ناما مڙهيا، سنڌ کي پنهنجي جاگير ڄاڻي لتاڙي وڃي افغانستان سان اٽڪيا . اتي جڏهن سندن دال نه ڳري ته واپس ايندي آسانيءَ سان سموري سنڌ کي ڳڙڪائي ويا. يعني ڪراچي وڃائي سنڌ واسين پنهنجي آزادي تان هٿ ڌوئي ويٺا .                                       1839ع ۾ هن شهر ۽ ان جي پسگردائي سنڌ جي تاريخ کي متاثر ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ 1843ع ۾ سنڌ ۾ فرنگي راڄ جو آغاز ٿيو . هن ڌارئي راڄ دؤران به هي شهر سنڌ جي سياست کي متاثر ڪندو رهيو . نئين دؤر جي شروعاتي ٽئين سال ۾، يعني 1846ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي هتي ”ڪراچي فري اسڪول “ قائم ڪيو ، جيڪو 1853ع ۾ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي حوالي ڪيو ويو . مختصر لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته هن دؤر ۾ ڪراچي مغربي تعليم جو مرڪز به ٿيڻ لڳو . جنهن ڪري اڳتي هلي اسان جي سماج ۾ انقلابي تبديليون آيون . 1852ع ۾ وقت جي ڪمشنر بارٽل فريئر غير سنڌي عملدارن کي لازمي سنڌي سکڻ جو حڪم ڏنو . انهيءَ حساب سان به ڪراچي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ئي شهر مان سنڌي ٻولي ۽ علم، ادب جي عظمت ۽ اهميت جي مڃتا جي صدا بلند ٿي .

    1857ع ۾ جڏهن ننڍي کنڊ جي عوام فرنگي سرڪار خلاف جنگ جوٽي ته سموري سنڌ هن تحريڪ ۾ حصو ورتو پر انهيءَ تحريڪ جي تاريخ هن ئي شهر ۾ لکي ويئي . يعني امپريس مارڪيٽ جي محل وقوع وٽ آزاديءَ جي سپاهين کي توب جي منهن ۾ ڏئي شهيد ڪيو ويو .

    1885ع ۾ ”مجمع محمدي سنڌ“ (سنڌ محمدن ايسوسيئشن) طرفان ”سنڌ مدرستھ الاسلام“ نالي هڪ تعليمي ادارو قائم ٿيو . ليڪن ڪراچيءَ جو اعزاز ته اهو آهي جيڪو ”سنڌ مدرستھ الاسلام “ جي ڦل ۾ ظاهر ٿيو . هن مدرسي اهڙين شخصيتن کي جنم ڏنو جن، هن ننڍي کنڊ جي سياست ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو . اهڙين شخصيتن مان پاڪستان جو باني محمد علي جناح، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سر شاهنواز ڀٽو، غلام حسين هدايت الله، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد هاشم گذدر، مير ايوب خان، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ۽ قاضي خدا بخش جا نالا قابل ذڪر آهن. هن ئي شهر جي تاريخي اداري نه رڳو نامور سياستدان پيدا ڪيا، پر ناميارا عالم ۽ اديب، شاعر ۽ مفڪر به پيدا ڪيا. جن ۾ علامه آءِ .آءِ قاضي، دائود پوٽو، محمد ابراهيم جويو ۽ قابل ذڪر آهن .

    هن شهر جي مدرسته الاسلام مان پڙهي نڪتل سياستدانن ننڍي کنڊ جي سياست کي جهڙي طرح متاثر ڪيو، ان جي ڄاڻ سمورن سنڌ واسين کي هوندي . ان کان سواءِ مسلم ليگ جو باني ، بين الاقوامي شهرت جو مالڪ ۽ خواجن جو روحاني رهبر هزهائينس آغا خان به هن ئي شهر ۾  جنم ورتو . سنڌ جو پهريون ڪاليج 1887ع ۾ قائم ٿيو . جنهن کي اڄ ”ڊي . جي سنڌ ڪاليج“  جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو . سنڌ جو پهريون سول انجنيئرنگ  ڪاليج (اين .اي .ڊي ) به هن ئي شهر ۾ (1921ع) ۾ قائم ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ جو پهريون لا ڪاليج (ايس .ايم . لا ڪاليج) ۽ سنڌ جو پهريون ڪمرشل ڪاليج (ڪارنوڪيشن ڪاليج) به هن ئي شهر ۾ قائم ٿيا . سڀ کان وڏي ڳالهه ته ”سنڌ يونيورسٽي“ به پهريون هتي ئي قائم ڪئي وئي .

    سنڌ کي ممبئي کان الڳ ۽ علحده ڪرڻ جو باعث به هي شهر هو ته خلافت تحريڪ دوران خالق ڏني هال ۾ بائيڪاٽ ۽ هجرت جا ٺهراءَ پاس ڪرائيندڙ  شهر به هي هو .  پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ به هن ئي شهر ۾ پاس ٿيو . ننڍي کنڊ جي پهرين سياسي پارٽي ”سنڌ سڀا“ به هن ئي شهر ۾ قائم ٿي ته ”سنڌ محمدن ايسوسيئشن“ به هن ئي شهر ۾ بڻائي وئي . سنڌ مسلم ليگ جي پهرين شاخ به هن ئي شهر ۾ قائم ڪئي وئي . ۽ مسلم ليگ جو پهريون صدر به هن ئي شهر ۾ ڄائو . ڪانگريس جا ڪوڏيا به هن ئي شهر پيدا ڪري ڏنا ، ته تحريڪ آزاديءَ جا متوالا به هن ئي شهر ڏنا . مولانا عبيد الله سنڌيءَ پنهنجي ”سنڌ ساگر پارٽي“ به هن ئي شهر ۾ قائم ڪئي ته سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ به هن ئي شهر ۾ ٺاهي . ”سنڌ اتحاد پارٽي“ به هتي ٺهي ته “سنڌ آزاد پارٽي“ به هتي ٺهي .

    مختصر لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته هي شهر سنڌ جي سياست جو روح ، تاريخ جو جسم، ۽ تعليم جو مرڪز آهي . هن ئي شهر سان سنڌي جي اهميت به آهي ته عظمت به .

    شهر جي پسگردائيءَ جي اهميت :

    سنڌ جو هي حصو سياسي، سماجي، مذهبي، ۽ اقتصادي نقطئه نگاهه کان نه رڳو سنڌ، مگر باقي دنيا لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿو . ڪراچي جو شهر ”مشرق جي راڻي“ ان جو بندر ننڍي کنڊ پاڪ و هند ، افغانستان ، روس ۽ چين جو “ليور پول“ ۽ پورو حصو ”مشرق جو لنڊن“ آهي .

    هن حصي کي سنڌ جي لاءِ وڏي اهميت حاصل آهي . سنڌ جو هي حصو سمنڊ جي ڪناري تي آهي . ان جي ٻنهي پاسن تي ويجهڙائي ۾ هڪ طرف ڪڇ ۽ ٿر، ٻئي طرف بلوچستان ۽ مڪران جا خشڪ علائقا واقع آهن. جڏهن سامونڊي هوائون لڳن ٿيون، ته اهي ڪڇ، ٿر، بلوچستان ۽ مڪران جي خشڪ هوائن سان ملي هڪ وڻندڙ ماحول پيد ڪري ڇڏين ٿيون ، انهيءَ ڪري هتان جي آب وهوا پنهنجو مٽ ۽ ثاني نه ٿي رکي . جيڪڏهن ايئن چئجي ته هي حصو سنڌ جي جنت آهي، ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو .

    هي حصو نه رڳو آب وهوا جي لحاظ کن وڏي اهميت رکي ٿو ، بلڪ سنڌ جي معيشت لاءِ به ڪرنگهيءَ جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪراچي ۽ ان جو بندر نه هجي ها ته سڄي سنڌ سڃي ۽ بکي لڳي ها  ۽ هتان جي واپار توڙي تجارت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ها. سنڌي ڪڏهن به سرانديپ جي سونهن ڏسي نه سگهن ها ۽ ڪڏهن به جاوا ۾ جاوا ڪري نه سگهن ها .

    هن حصي کي نه رڳو سنڌ ۾ بلڪ دنيا ۾ به اهميت حاصل آهي. سنڌ جو هي حصو پنهنجي محل وقوع سبب وڏي جاگرافيائي اهميت رکي ٿو . هي حصو دنيا جي ٽن ننڍن کنڊن – ايشيا، آمريڪا ۽ يورپ جو مرڪز آهي . ڪراچي تي دنيا جي وڏي کان وڏي ٻين برِ صغيري (ننڍي کنڊ جي وچ ۾) آمدورفت جو هوائي ، خشڪي، ۽ پاڻيءَ وارن ذريعن جو مرڪز آهي . سنڌ جي هن ئي حصي ۾ ننڍي کنڊ پاڪ و هند جو الاهون بندر واقع آهي ، جتان وچ ايشيا ۽ باقي دنيا سان تڪڙو ۽ سستو واپار ڪري سگهجي ٿو .

    جنگي ۽ دفاعي نقطئه نگاهه کان سنڌ جو هي حصو پوري ننڍي کنڊ ۽ ايشيا لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو . هي حصو بين الاقوامي مفادن ۽ طاقتن جي وچ ۾ توازن يا بگاڙو پيدا ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ جي حيثيت رکي ٿو . دنيا جي ڪا به طاقت سنڌ جي هن حصي جي اهميت کان انڪار ڪري نه ٿي سگهي، انهيءَ آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي سنڌ جي تاريخ، تمدن، تهذيب، سياست، تجارت ۽ علم ادب جي ميدان ۾ اهم جاءِ والاري ٿي . ان ڪري جيڪڏهن ان کي سنڌ جي قسمت جو چمڪندڙ ستارو چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه  ٿيندو .

     

     

    (روزانه ”هلال پاڪستان “ ، ڪراچي ، مورخه : 1 ، جون 1979ع )

     

     

     

     

    04.        انگريزي دؤر جي سياست – هڪ جهلڪ

     

    تعارف :

              انگريزن جي راڄ واري عرصي جي سياسي تاريخ کي پنجن مکيه دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو . پهرين دؤر کي ”بيزاريءَ جو دؤر“ ، ٻئي دؤر کي ”بيداريءَ جو دؤر“ ، ٽئين دؤر کي ”هنگامي دؤر“ چوٿين دؤرکي”ڇڪتاڻ جو دؤر“ ۽آخري دؤرکي ”نئين احساس جو دؤر“ چئي سگهجي ٿو .

                پهرين ، يعنيٰ ”بيزاريءَ جي دؤر “ جو آغاز  1843ع کان ٿئي ٿو ، جڏهن سنڌ واسي پنهنجي قومي آزادي وڃائي دنيا جي وڏي حصي تي حڪمراني ڪندڙ فرنگي سامراج کان بيزار ۽ متنفر ٿي چڪا هئا . سنڌ واسين جو ملڪ، جو فرنگي راڄ جي اثر هيٺ اچڻ کان اڳ پوري ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ گڏجي حڪومت ڪرڻ جو هڪ ڪامياب تجربو ڪري چڪو هو ، سو ، نڀاڳي نيپئر جي اچڻ کان پوءِ صوبائي حيثيت به وڃائي بمبئي پرڳڻي جو حصو بڻجي ويو هو . هيءَ هيڏي ساري تبديلي سنڌ واسين کي فرنگين کان بيزار ڪرڻ جو باعث بڻي . ڪن ماڻهن انهيءَ بيزاريءَ ۽ نفرت ۾ پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي ڏنا . باقي هتي رهيل ماڻهن انهيءَ بيزاريءَ سبب پنهنجي نئين پود کي فرنگي سرڪار جي ٻولي ، تهذيب ۽ تمدن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي .

              اهو ”بيزاريءَ وارو دؤر“ 1857ع ۾ پهچي ”بيداريءَ وارو دؤر“ ۾ بدلجي ويو . انهيءَ سال جڏهن سموري ننڍي کنڊ ۾ بغاوتون ٿيون ته سنڌ به انهيءَ ڏس ۾ پٺتي نه رهي . انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريون 8 سيپٽيمبر 1857ع تي حيدرآباد جي فوجين بغاوت جو منصو بو سٽيو ، ليڪن اڳ ۾ ئي سرڪار کي خبر پئجي وئي  ، جنهن اٺن (8) ڄڻن کي گولين جو نشانو بڻايو ۽ باقي ملوث سپاهين کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو . 13 سيپٽميبر 1857ع تي وري ساڳئي ئي نموني سپاهين کي پڪڙيو ويو ، جن مان يارهن (11) ڄڻن کي انهيءَ هنڌ تي توب جي منهن ۾ ڏنو ويو . جتي اڄ ايمپريس مارڪيٽ اڏيل آهي . شڪارپور ۽ سکر جي باغين کي به ڪاميابي حاصل نه ٿي ، جن مان چئن (4) کي ڪورٽ مارشل ڪري گوليون هنيون ويون هيون .

              هن جنگ ۾ رڳو سپاهين ئي بهرو نه ورتو هو ، ليڪن سنڌ واسي به ساڳئي نموني سان ساڻن ڀاڱي ڀائيوار رهيا . نه رڳو ايترو پر هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سپاهي ته پوءِ صبر ڪري ويٺا پر سنڌ واسي سسيءَ ۽ ساهه جي پرواهه نه ڪندي فرنگين جو مقابلو ڪندا رهيا  . جيڪب آباد جي مير درياهه خان ۽ مير دلمراد خان انهيءَ سبب ڪري ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڪاٽي . 1857ع جي انهن واقعن کان پوءِ کين هڪ اڌ دفعو ڪراچيءَ ۾ فرنگين تي حملو ڪيو ، هن طرف وري ڪرڻ سنگهه ٻن هزار ڪولين جو جٿو ٺاهي ٿر پارڪر ۾ مختيار جي ڪورٽ ساڙي بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو .

              جيئن ته آزاديءَ جي هن ويڙهه ۾ عوام کي ايتري ڏٺي وائٺي فتح حاصل نه ٿي ، ان ڪري هن بندوق بدران تدبر جي گوليءَ کي استعمال ڪرڻ گهريو ۽ ائين سنڌ توڙي هند ۾ سياسي جماعتن ٺهڻ جو رواج پيو . انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي پهرين سياسي جماعت ”سنڌ سڀا“ هئي ، جيڪا آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ کان به اڳ يعنيٰ 1882ع ۾ جڙي ، ائين سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ”هنگامي دؤر“ جو آغاز ٿيو .

              هن ”هنگامي دؤر“ جي سياست اڳتي هلي ڪيترائي رنگ بدلايا ، وقت جي حڪومت ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي انهيءَ سبب رنگ ،نسل، ذات پات ، ۽ دين ڌرم جهڙا عنصر اسان جي سياست تي اثر انداز ٿيڻ لڳا . ۽ سنڌ جي سياست ”ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ جي دؤر“ ۾ داخل ٿي . هن دؤر کي وري ڪانگريس ۽ مسلم ليگ عروج تي رسايو ، جنهن ۾ ڏٺي وائٺي ڪاميابي مسلم ليگ کي ملي .

              جڏهن پاڪستان جي قيام جو تصور هڪ حقيقت بڻجي چڪو هو ، تڏهن سنڌ جي هڪ طبقي ۾ هڪ ”نئون احساس“ پيدا ٿيڻ لڳو ، ۽ ان الڳ حيثيت سان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ شروع ڪئي، ليڪن وقت جي وهندڙ  نديءَ کي روڪڻ ناممڪن هو . ”نئين احساس جي دؤر“ ڪرَ ئي نه موڙيا ته هندوستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ائين انگريزي راڄ واري عرصي جي سياسي تاريخ جو پويون باب به پورو ٿي ويو .

    مختلف روپ 

              جيئن ابتدا ۾ انگريزي دؤر جي سياسي تاريخ کي مختلف دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي ، تيئن انهن مختلف دؤرن جو ، مختلف روپن کان به مطالعو ڪري سگهجي ٿو ، انهيءَ دؤر جي سياست کي اسان ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا ، جيئن ، ”جاگيردارن جي سياست“، ”غيرفرقيوارانه سياست “، ”مسلمانن جي سياست“، ”هندن جي سياست“ ، ”سرڪاري سياست“، ۽ ”مارڪس وادي سياست “ . اچو ته پنهنجي وڏن جي سياست جا اهي روپ به ڏسندا هلون .

    جاگيردارن جي سياست :

              انگريزي راڄ کان اڳ سنڌ غير منظم جاگيرداري نظام جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هئي . انگريزن  انهيءَ غير منظم گروهه کي منظم ڪري سنڌ جي مٿان هڪ مصيبت مڙهي ڇڏي . 24 مئي 1843ع وارو ڏينهن سنڌ جي تاريخ جو اهو منحوس ڏينهن هو ، جڏهن نيپيئر کي سنڌ تي قبضي ڪندي اڃا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينهن ئي مس گذريا هئا، جو سنڌ ۾ برطانيه جي راڻيءَ جي سالگرهه ملهائي وئي . ان موقعي تي سر چارلس نيپيئر حيدرآباد ۾ هڪ درٻار ڪوٺائي ۽ سنڌ جي جاگيردارن ، وڏيرن ۽ پيرن کي پنهنجي سامراجي حڪومت جي سياسي بعيت ڪرڻ جي آڇ ڏني . انهيءَ موقعي تي وقت جي سرڪار طرفان اهو به اعلان ڪيو ويو ته ”فقط انهن جاگيردارن کي زمين تي قبضي رکڻ جي اجازت ڏني ويندي ، جيڪي اچي درٻار ۾ حاضري ڀريندا ، باقي ٻين جاگيردارن جو جاگيرون ضبط ڪيون وينديون .“

              هن درٻار ۾ سنڌ جا ڪيترائي جاگيردار ، پير ۽ وڏيرا شامل ٿيا ، ۽ ايئن پهريون دفعو سنڌ جو مٿيون طبقو عوام کان ڇڄي ڌار ٿيو . هن طبقي مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ رڳو ٻن مفادن جو بچاءُ ڪيو : ”پهريون سرڪاي مفادن جو ، ٻيو پنهنجي طبقي جي مفادن جو  ، انهن مفادن جي حفاظت لاءِ انهن پنهنجيون الڳ پارٽيون به ٺاهيون .

              جيتوڻيڪ سنڌ جا جاگيردار ، زميندار ، وڏيرا ۽ پير شروع کان وٺي سياست تي حاوي رهيا ، پر جڏهن سياست ”عام “  ٿي وئي ته هنن کي ”خاص“ ٿيڻ لاءِ نج پنهنجون جماعتون به ٺاهڻيون پيون . انهيءَ سلسلي ۾ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ گڏيل ”سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ ٺاهي وئي ۽ اڳتي هلي سنڌ جي هن طبقي ۾ اعزاز ، عزت يا شهرت جهڙن مسئلن تي ڏڦيڙ پيو ته هنن پنهنجي الڳ الڳ هڪ سر جي مسيت ٺاهن شروع ڪئي تان جو اها هڪڙي جماعت ”لوئر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن“ ۽ ”اپر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن “ ۾ ورهائجي وئي . ان اختلاف جو ڪارڻ قومي خدمت نه پر مقامي مفاد يا اعزازن جو حصول ئي هو . ڳالهه وڃي اتي دنگ نه ڪيو ليڪن جيئن جيئن معاشرو دين ڌرم ،ذات پات ، ۽ رنگ نسل جي وبا ۾ وڪوڙيو ويو ، تيئن تيئن اهي جاگيردار به ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳا ، تان جو خير سان ”سنڌ هندو زميندار سڀا“ به پاڻ پڌرايو .

    غير فرقيوارانه سياست :                 

              جيتوڻيڪ ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ فرنگي سرڪار جو سياسي حڪمت عمليءَ جو بنيادي اصول هو ، ۽ انهيءَ اصول جتي ڪٿي پنهنجا رنگ ڏيکاريا ، پر ان جي باوجود سنڌ جي سرزمين تي اهڙين پارٽين به جنم ورتو جن غير فرقيوارانه بنيادن تي ڪنهن وقت تائين عوام کي متحده پيلٽ فارم مهيا ڪنديون رهيون .

              ”سنڌ سڀا“ انهيءَ قسم جي پهرين جماعت هئي ، جيڪا 1882ع ۾ قائم ڪئي وئي ، سنڌ ۾ انهيءَ کان پوءِ ”سنڌ سوراج سوسائٽي “ ، ”سنڌ ليگ آف پروگريس “، ”نيشنل ڪميونيڪيشن ڪلب “ ، ”سنڌ پولٽيڪل ڪلب “ ۽ ”سنڌ اسيمبلي ڪوئيليشن پارٽي“ جهڙيون پارٽيون غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺهيون ۽ جنهن ڪنهن حد ۽ ڪنهن وقت تائين سنڌ مان مذهبي ڪٽرپڻي ، سياسي تنگدليءَ جون پاڙون پٽي رکيون .

    انهيءَ سياسي پارٽين ، ڪلبن ۽ سوسائٽين کان سواءِ ”سنڌ پرونشنل ڪانفرنس“ کي به اسان غير فرقيوارانه سياست جي حصي ۾ شامل ڪري سگهون ٿا . هنن ڪانفرنس جو آغاز 1896ع ۾ سڏايل ”نائين ممبئي پرونشل ڪانفرنس“ ، منعقد ڪراچيءَ کان ٻارهن سال پوءِ يعنيٰ 1908ع کان ٿيو ، اهي ڪانفرنسون پنهنجي دؤر ۾ هندو مسلم اتحاد جو عملي مظهر هيون ، انهن ڪانفرنسن ۾ هندو ، مسلمان ، سک ۽ پارسي وغيره شامل ٿيندا هئا .

    مسلمانن جي سياست :                

              سنڌ ۾ مسلمانڪي سياست جو آغاز ”مجمع محمدي“ جي قيام سان گڏ ٿيو ، جيڪا 16 مارچ 1884ع تي قائم ٿي ۽ ٿوري وقت اندر انهيءَ جون سنڌ جي مخلتف هنڌن تي شاخون به کليون . ان جماعت ئي اڳتي ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن“ جو روپ ورتو ، جيتوڻيڪ جماعتن جي حڪمت عملي سرڪار کان هٿ ٻڌي پنڻ تي ٻڌل هئي ، پر پوءِ به سنڌ جي سياسي ارتقا ۾ هن جماعت جي سياسي ، سماجي ، مذهبي ۽ تعليمي خدمتن کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . اها ٻي ڳالهه آهي ته هي جماعت اڳتي هلي سرڪار جي ”جي حضوري“ جو نادر نمونو بڻجي وئي .

              ”سنڌ محمدن ائسوسئيشن“ جڏهن عوام جو اعتماد وڃائي ويٺي ، ته ان جي ضد ۾ 1917ع ۾ ”سنڌ مسلم ليگ“ قائم ٿي . هي ليگ هڪ الڳ ۽ خودمختيار جماعت هئي جنهن جو عملي طور تي ”آل انڊيا مسلم ليگ“ سان تر جيترو به واهپو يا واسطو نه هو . ”سنڌ مسلم ليگ“ جي تاريخ ۾ به ڪيترائي دؤر آيا ، ان کي 1920ع ۽ 1934ع ۾ نئين سر منظم ڪيو ويو . هي جماعت 1930ع تائين فعال رهي .

              ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن“ ۽ ”سنڌ مسلم ليگ “ کان سواءِ سنڌ جي مسلمان اڳواڻن ٻيون به جماعتون ٺاهيون ، جن ۾ ”سنڌ پيپلز  پارٽي“ ، سنڌ آزاد پارٽي“، ”يوننسٽ پارٽي“ ، ”سنڌ يونائيٽيد پارٽي“، ” سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“، ”پروگريسيو مسلم ليگ“، ”سنڌ ساگر پارٽي“۽ ”مسلم نئشنلسٽ پارٽي“ جا نالا ڳڻائڻ لائق آهن .

              سنڌي مسلمانن جي سياسي تاريخ ۾ ”سنڌ جي ممبئي کان علحدگي واري تحريڪ “ کي به نمايان حيثيت حاصل آهي . ابتدا ۾ جيتوڻيڪ هي مسئلو سنڌ جي هندو توڙي مسلمانن جو گڏيل مسئلو هو ۽ ان کي ”سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ 1908ع ، 1917ع  ۽ 1918ع ۾ بحث هيٺ آڻڻ وارا به هندو ئي هئا ، پر پوءِ اڳتي هلي هندن توڙي مسلمانن هن مسئلي تي الڳ الڳ دڳ ورتا، تان جو انهيءَ مسئلي تي 1932ع کان وٺي مسلمانن کي خاص ڪانفرنسون سڏرائڻيون پيون ، جيڪي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“جي نالي سان مشهور آهن . انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس ، 18 اپريل 1932ع تي ڪراچيءَ ۾ ، ٻي 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ ، ٽين 26 اپريل 1934ع تي سکر ۾ ۽ چوٿين 28 جولاءِ 1934 تي ڪراچيءَ ۾ سڏائي وئي . هن ڪانفرنس مان ٻئي نمبر ڪانفرنس جي موقعي تي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس “نالي هڪ جماعت به قائم ڪئي وئي .

    هندن جي سياست :

              1884ع ۾ حسن علي آفندي ۽ ڏيارام گدو مل جي وچ ۾ ”سنڌ سڀا“ جي هلندڙ اجلاس ۾ لارڊن رپن کي مانپتر ڏيڻ جي سوال تي اختلاف پئدا ٿيو ۽ حسن علي آفنديءَ وڃي ”مجمع محمدي“ کي مضبوط ڪيو ۽ ائين سنڌ جي سياست ۾ مذهب جي بنياد تي الڳ ڌڙي بندي ٿي ، انهيءَ اختلاف کان پوءِ 1885ع ۾ ”ڪانگريس ڪميٽي“ ٺهي ۽ سنڌ جا هندو ان طرف راغب ٿيا . ”ڪانگريس“ جي قيام کان پوءِ سنڌ جي هندن کي هڪ وڏو پليٽ فارم ملي چڪو هو ، ان ڪري ”سنڌ سڀا“ عملي طور تي ختم ٿيندي وئي ، تان جو اڳتي هلي جڏهن ”مسلم ليگ“ ۽ ”هندو مها سڀا“ جهڙيون پارٽيون ٺهيون ته سنڌ جي هندن پنهنجي وطن جي حالتن کي نظر ۾ رکي ”سنڌ هندو سڀا“ قائم ڪئي . هن جماعت جو ”هندو مها سڀا“ سان ڪو ماءُ ڌيءَ جهڙو رشتو ڪو نه هو ۽ ان جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو ۽ ان جو شاخون باقي سموري سنڌ ۾  هونديون هيون ، هي جماعت به سنڌ جي ممبئي کان علحدگي تائين سرگرم عمل رهي .

              سنڌ جي ممبئي کان علحدگي ٿيڻ کان اڳ سنڌ ۾ هندن جون مکيه ٽي جماعتون هيون . جيرامداس دولترام ۽ ڊاڪٽر چٿرام ”ڪانگريس“ جي اڳواڻي ڪري رهيا ، جنهن جو مرڪز سنڌ کان ٻاهر هو . ”سنڌ هندو سڀا“ ان وقت ٽيڪمداس واڌو مل جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهي هئي . ”سنڌ هندو پنچائت“ کي وري مکي پريتمداس  هلائي رهيو هو . انهن جماعتن کان پوءِ ٻيون جماعتون به ٺاهيون ويون . نومبر 1936ع ۾ سوامي گونندا نند “سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪميٽي“ ٺاهي ، ان کان اڳ 1935ع کان هندن جي هڪ ٻي جماعت ”سنڌ نئشنلسٽ پارٽي“ به ڪم ڪري رهي هئي .

              سنڌ جي ممبئي کان علحدگي ٿي ، ۽ هن طرف ننڍي کنڊ جي سياست ۾ انقلابي تبديليون آيون ، خاص ڪري پاڪستان جو تصور هڪ حقيقت جو روپ وٺڻ لڳو  ته سنڌ جي هندن کي نئين تبديلين مطابق پنهنجي مفادن جي بچاءَ لاءِ منظم ٿيڻو پيو ، ائين ”سنڌ منارٽيز ائسوسيئشن “ ۽ ”منارٽيز پروٽيڪشن بورڊ“ قائم ٿيا .

    سنڌ جي هندن جي سياسي تاريخ ۾ ”سنڌ “جي ممبئيءَ کان علحدگي واري تحريڪ جي مخالفت کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي . سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهو ڏکوئندڙ واقعو آهي جو 1908ع ۾ پهيون هرچند راءِ وشنداس سنڌ کي اڳ ڪرڻ جي ڳالهه چوري ۽ پوءِ اڳتي هلي کيس انهيءَ جي مخالفت ڪرڻي پئي ، نه رڳو ”سنڌ هندو سڀا“ ۽ ”سنڌ هندو پنچائت“ جهڙين پارٽين هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي ، پر ان لاءِ اندروني طور تي سنڌ ۾ ”ائينٽي سيپريشن ڪميٽي“ ٺاهي وئي ۽ خارجي طور تي ”آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي“  ۽ ”مها سڀا“ کي به هن مسئلي ۾ ٽنگ اڙائڻ تي مجبور ڪيو ويو . نه رڳو ايترو پر سنڌ جي هندن لنڊن ۾ به ڪن گورن ماڻهن کي سنڌ جي جدائيءَ خلاف مبلغ طور ڪم آڻڻ جي به ڪوشش ڪئي .

    سرڪاري سياست :

              ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي عوام ۾ جڏهن سياسي بيداري اچڻ لڳي ته انگريز سرڪار ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي . هن ڪن موقعن تي لڪي ڇپي سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي پتلي جيان نچايو به ۽ ڪن صورتن ۾ ڏٺو وائٺو مداخلت به ڪئي .

              فرنگي سرڪار پنهنجي مفادن جي بچاءَ ۾ نظرين جي ڦهلاءَ لاءِ ڪيتريون ئي جماعتون ٺهرايون . 1857ع جي واقعي کان پوءِ جتي ڪانگريس پارٽي ٺهي ،اتي نج سرڪاري جماعت ”برٽش امپائر ليگ“ به قائم ٿي . هن پارٽيءَ جي شاخ 1906ع ۾  سنڌ ۾ به کولي وئي . جنهن جي پليٽ فارم تان سنڌ جي سرڪار پرست مسلمانن  ، هندن ، پارسين ۽ عيسائين انگريز سامراج  جي خدمت ڪئي . 1919ع ۾ جڏهن ”خلافت تحريڪ“ باهه بڻجي فرنگي سرڪار کي وڪوڙي وئي ته سرڪار جي ڪوشش سان هتي ”امن سڀا“ ، ”سوراج سڀا“ ، ”دي نيشنل سروس ليگ“ ۽ ”اينٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي“ نالي جماعتون ٺهيون . جن عوام جي مفادن جي خلاف وقت جي سرڪار جو ساٿ ڏنو . وقت جا سرڪاري ڪامورا انهن پارٽين جي گڏجاڻين جي صدارت ڪندا هئا ، ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺهراءَ بحال ڪرائيندا هئا . اهو سلسلو سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ تائين هيو .

              جڏهن سنڌ جدا ٿي ته هتان جي سياست جو آغاز ئي غلط نموني سان ٿيو ۽ وقت جي سرڪار سياسي اصولن کي ٽوڙي پنهنجي مرضيءَ مطابق وزارتون ٺاهيون ۽ چونڊون ڪرايون ، ننڍي کنڊ ۾ سنڌ ئي هڪ واحد خطو هو ، جنهن ۾ اڪثريتي پارٽيءَ کي نظرا نداز ڪندي وقت جي گورنر ٽن ميمبرن واري جماعت کي سنڌ جي وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي ، ان کان سواءِ پوري ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ئي ڊس مس ڪيو ويو هو . ائين ابتدا کان وٺي انتها تائين سرڪار پنهنجي سامراجي سڀاءُ جي ساک ڀريندي سنڌ جي سياست کي آلوده ڪندي رهي .

    مارڪسوادي سياست :

            پهرين مهاڀاري لڙائي پوري دنيا سان گڏ سنڌ ۽ هند تي به دور رس اثر ڇڏيا ، برطانيه سرڪار هن جنگ ۾ شريڪ ٿي ، نه رڳو سنڌ ۽ هند جي ڪيترن نوجوانن کي جنگ جي منهن ۾ ڌوڪيو پر ننڍي کنڊ جي ڪچي مال ۽ کاڌ خوراڪ جي وسيلن کي به پنهنجي جنگي ضرورت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو . ان ڪري شين ۾ اڻاٺ ۽ قيمتن ۾ واڌارو اچي ويو . بدقسمتيءَ سان 1918ع ۽ 1919ع ۾ وري سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڏڪر ۽ وبا گڏجي حملو ڪيو ، جن هڪ ڪروڙ ويهه لک انسانن کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو .

              جنگ کان پوءِ سامراجي سرڪار هندوستاني صنعت ڏانهن توجه ڏنو ، جنهن ڪري هتان جي سماج ۾ ڪارخانيدارن ، سرمائيدارن ۽ مزدورن جا طبقا پيدا ٿيڻ لڳا . روزگار جي تلاش ۾ ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ٿي وئي ۽ پورهيت طبقو هڪ قوت بڻجڻ لڳو .

              اڄ جيان انهيءَ زماني ۾  به برطانيه ۽ روس جا لاڳاپا چانڊين مگسين جهڙا هئا . ان ڪري فرنگي سرڪار خلاف جنگ وڙهندڙ عوام ، فطري طور تي روس جي تبديليءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ ائين سنڌ ۾ مارڪسوادي نظرين پکڙجڻ جون حالتون پيدا ٿيون .

              1922ع تائين مارڪسوادي فڪر ۽ نظريو عروج تائين پهچي چڪا هئا . تنهن سال ممبئيءَ مان ”دي سوشلسٽ“ نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي . جيئن ته ان زماني ۾ سنڌ به ممبئيءَ جو حصو هئي ، ان ڪري اها اخبار سنڌ تائين به پهچڻ لڳي ، نيٺ اڳتي هلي ڊسمبر 1925ع ۾ گڏيل هندوستان ۾ پهرين ”ڪميونسٽ پارٽي“ قائم ٿي .

              سنڌ ۾ هي فڪر 1926ع تائين ڪتابي صورت وٺي چڪو هو تنهن سال ڄيٺمل پرسرام”ساميه واد“ نالي هڪ ڪتاب لکيو ۽ ان کان هڪ  سال  پوءِ وشنو شرما ”بي انصافي ڪيئن دورڪجي؟“نالي

    هڪ ڪتاب لکيو . انهن ٻنهي ڪتابن ۾ سوشلزم تي تفصيلي روشني وڌي وئي هئي .

              سنڌ جي مارڪسوادي فڪر کي فروغ ملڻ کان پوءِ سڀ کان پهريون 1930ع ۾ ”هاري ڪميٽي“ ٺهي . 1934ع ۾ جڏهن پاٽنا ۾ ”ڪانگريس سوشلسٽ پارٽي“ ٺهي ته ان جي شاخ هتي به قائم ٿي،  ان کان پوءِسنڌ۾”سنڌپروگريسوپارٽي“،”سنڌ ليبر پارٽي“ ، ”فرينڊس آف سويت يونين“ ، ”سنڌ بلوچستان ميونسٽ پارٽي“ ۽ ”دي سوشلست پارٽي“ قائم ٿيون .

    مذهبي سياست : 

              مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ سنڌ جي سياست ۾ مذهبي جذبي ۽ جنون رکندڙ ماڻهن کي وڏو هٿ پئي رهيو آهي ، ليڪن تاريخي حقيقتن ۽ نتيجن سندن ڪڏهن به پٺڀرائپ ، تائيد يا تصديق نه ڪئي آهي . انگريزي راڄ جي ابتدا ٿي ته حالتن جو ويهي مقابلو ڪرڻ بدران وطن جا وڻ ڇڏڻ وارا به عالم هئا . انهن ئي ڪيترو وقت پنهنجي پوئلڳن ۽ باقي عوام کي انگريزي زبان کان پري رکيو جنهن جي نتيجي ۾  سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جا ٻه طبقا ٿي ويا . هڪڙن کي نوڪريون مليون ۽ ٻيا ملازمتن جو تصور به ڪري نٿي سگهيا .  هڪڙن کي دولت به جهڪي سلام ٿي ڪيو ۽ ٻين باقي پاڻ جهڙن انسانن اڳيان لوڙڻ باوجود پيٽ جي دوزخ جي باهه وسائي نٿي سگهي .

              ”سنڌ سڀا“ مان جڏهن حسن علي آفندي رُسي ٻاهر نڪتو ته مولوي الله بخش ”اٻوجهو“ ئي سنڌ ساٿي ثابت ٿيو ۽ ائين هڪ مذهبي ماڻهوءَ جي ڪوشش سان ” مجمع محمدي“  قائم ٿي . ”ريشمي رومال تحريڪ“ هلي ته ان کي به مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سنڌ جي ٻين عالم ڪلهو ڏنو . ان کان پوءِ ”خلافت تحريڪ“ هلي ته هتان جي عالمن ”عدم تعاون“ ، ”ترڪ موالات“ ۽ ”هجرت تحريڪ“ جو بنياد رکي انگريز سامراج کي نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو . سنڌ جا عالم ، سنڌي عوام ۾ مذهبي جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ ۾ته ڪامياب ٿي ويا ، پر ان کي ڪا نئين راهه ڏئي نه سگهيا . هيءَ حقيقت آهي ته جڏهن مذهب عوام جي ذهنن ۽ خيالن تي پٿر جي ليڪ بڻجي چڪو هو ان وقت ”خلافت تحريڪ“ جو خاتمو ته ٿيو ، پر الله آباد واري اجلاس ۾ ”مسلم ليگ“ کي ”پاڪستان“ جي تصور پيش ڪرڻ ۾ آساني ٿي ، جنهن کي عوام خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو . نه ته هي جماعت ڪيتري عرصي کان وٺي ”هندو مسلم اتحاد“ لاءِ ڪم ڪندي ٿي رهي . ان ڪري ائين چوڻ ۾ ڪو به واڌار ڪونهي ته عالن زمين تيار ڪئي پر ٻج مسلم ليگ ڇٽيو .

              ”خلافت تحريڪ“ جي زماني ۾ انگريزن جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ جي حڪمت عملي سنڌ جي عالمن کي اهڙي دڳ تي اچي بيهاريو جو هو نانگ بدران نوڙي ڪٽڻ ۾ مشغول ٿي ويا . سندن ڪيترو وقت هڪ ٻئي تي فتوائون صادر ڪرڻ ۾ صرف ٿي ويون . ”خلافت “ جو خاتمو ٿيو ته ڪن عالمن ”جمعيت علماء“ جو جهنڊو بلند ڪيو ، ائين سنڌ جي علحدگيءَ تائين اسان جا عالم سياست جو ميدان ڇڏي رڳو مذهب تائين محدود ٿي ويا . ليڪن سکر جي ”مسجد منزل گاهه جي تحريڪ“ اک ڇنڀ ۾ کين آڻي ”مسلم ليگ“ جي صفن ۾ بيهاريو . جيتوڻيڪ ”مسلم ليگ“ کين اسيمبلين جي ايوانن ۾ ته نه آندو پر پوءِ به هو مبلغ بڻجي ”مسلم ليگ“ جي مستقبل جو اهو منظر چٽيندا رهيا جنهن جو ذڪر ته ڇا پر عڪس به ان جماعت جي ڪنهن قرار داد ۾ ملي نه ٿي سگهيو .

    هڪ جهلڪ :      

              1843ع کان وٺي 1947ع واري دؤر جي سياسي تاريخ کي ڏسجي ٿو ته سياستدانن جي حيثيت سان سنڌ واسي ”خارجي ميدان“ ۾ ته ڪامياب رهيا پر ”داخلي ميدان“ ۾ بنهه ناڪام نظر اچن ٿا . يعنيٰ هنن ننڍي کنڊ جي سطح تي عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا ، پر پنهنجي ڌرتيءَ تي ڏيئو ٻاري نه سگهيا ! منهنجي خيال ۾ انهيءَ جو وڏي کان وڏو سبب سندن ”حد کان وڌيڪ ذهانت “ ئي هو . جيئن ته انگريزي راڄ دوران سنڌ کان ٻاهر، باقي ننڍي کنڊ ۾ قيادت ۽ صلاحيت جو فقدان هو ، ان ڪري سنڌ جي سپوتن کي اتي پنهنجي جوهرن ڏيکارڻ جو ڀرپور موقعو مليو ، ۽انهن ننڍي کنڊ جي سطح تي قائم ڪيل سياسي پارٽين جي قيادت ڪئي. مثال طور خواجن جي روحاني رهبر آغاخان مسلم ليگ ٺاهڻ  ۽ ٺهرائڻ  ۾  اهم  پارٽ ادا ڪيو ، سندس ئي فرقي جي هڪ فرد محمد علي جناح وري انهيءَ ئي مسلم ليگ کي پنهنجي  مقصد حاصل ڪرڻ ۾ قيادت مهيا ڪئي . مسلم ليگ کان سواءِ ساڳيو حشر ڪانگريس ڪميٽيءَ جو هو  .  ديوان گو بند ، ساڌو هيرانند ۽ڪي ٻيا پهريان سنڌي سياستدان هئا ، جن ڪانگريس  جي انهيءَ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ، جنهن ۾  هن پارٽيءَ  جو قيام عمل ۾ آندو ويو .  سنڌي شروع کان وٺي انهيءَ جي ورڪنگ ڪميٽي  جا ميمبر  ٿيندا آيا . تان جو  ڏکئي وقت ۾ ان جا سيڪريٽري به ٿيا. مطلب ته سنڌواسين کي ڪانگريس ۾ غير معمولي عهدا مليا ، ۽ هنن انهن عهدن سان انصاف به ڪيو .

              ساڳي نموني سان جڏهن ”خلافت تحريڪ“ جو آغاز ٿيو ته هن موڙ تي به سنڌواسين جي قيادت ۽ صلاحيت سڄي ننڍي کنڊ کي ڪم آئي .”عدم تعاون“جو ٺهراءُ ڪراچيءَ جي ”خالقڏني هال“ ۾ بحال ٿيو. ”هجرت تحريڪ“ جو آغاز هتان ئي ٿيو ، ۽  زهر جو پيالو به هتان جي ئي رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کي پيڻو پيو !! ”خلافت تحريڪ“ سان گڏ ”جمعيت العلماءِ“ هڪ منظم تحريڪ بڻجي اڀري ته انهيءَ کي تشڪيل ڏيڻ واري  اجلاس ۾ پير محمد امام ، مولانا اسدا لله شاه ، مولانا تاج محمود امروٽي ۽مولانا محمد صادق کڏي واري شرڪت ڪئي . ان کان پوءِ هن جماعت جي پهرين ورڪنگ ڪميٽي ٺهي ته ان ۾ سنڌ سان مولوي پير تراب علي ، مولوي عبدالله  ۽ مولوي محمد صادق کڏي واري کي به کنيو ويو.

              ساڳي نموني سان 1915ع ۾ جڏهن مائي ائني بيسنت ”هوم رول ليگ “ ۽ سندس جائنشين آرنڊول 1935ع ۾ ”انڊين نئشنل ليگ“ ٺاهي تنهن کي سڏي سڏ ڏيندڙ سنڌي ئي هئا، جن سنڌ جي ڌرتيءَ تي انهن جماعتن جون شاخون ائين کوليون ، جيئن ڪنهن هاريءَ ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ڇڏيو هجي ، ”خاڪسار تحريڪ“ کي خير خوبي سان سنڌ ۾ مقبول بنائڻ وارا به سنڌي ئي هئا ، جن مان اڄ به اڃا ڪيترا جيئرا آهن .

              اهو ته هو سنڌواسين جي سياسي بصيرت ، لياقت ۽ صلاحت جو خارجي رخ ، جڏهن اسان داخلي ميدان طرف منهن ڪريون ٿا ته  بنهه ائين جيئن مور پنهنجي قبيح پيرن کي ڏسي روئي پوندو آهي ، اهڙي حالت هڪ محب وطن تاريخدان سان به ٿئي ٿي . سنڌ جي داخلي سياست ڏي ڏسڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ هڪ اونداهي رات آهي جنهن ۾ تارن جي ٽمڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي .

              جيئن آءٌ اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان جي بزرگن جو داخلي ميدان ۾ پٺتي پوڻ جو وڏو ڪارڻ سندن ”حد کان وڌيڪ ذهانت“ ئي هئي ، انهيءَ ذهانت سبب ڪنهن به دؤر ۾ ڪنهن به پارٽيءَ ۾  متحد ٿي نه سگهيا ، بنهه ائين جيئن ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ رهي نه ٿا سگهن . انهيءَ جو نتيجو هي نڪتو ته سنڌ جي داخلي سياست هميشه اختلافن جو شڪار رهي . عهدن نه ملڻ تي پارٽيون ائين ۽ ايترو ته جلد بدلايون ويون جيئن امير ماڻهو به ايترو تڪڙو ڪپڙا نه بدلائي ! معمولي اختلافن تي لکن جون وزارتون رڳو هڪ هڪ روپئي جي ڪتر واري رٿ تي  ڪيرايون ويون ، پوءِ ٿيو ڇا ؟ جيئن ڪانءَ کي لڙُ مان مزو ايندو آهي ، تيئن هتي وري ٻاهرين پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن جي ٻيگهي مچي وئي ، تان جو سنڌي سياستدانن مٿان اهو وقت به اچي بيٺو جو کين پاڻ سنڀالڻ جي به مهلت نه ملي سگهي ، پوءِ هو نه رڳو پاڻ طوفان ۾ لڙهي ويا پر تاريخ کي به ٻوڙيون ويا .

     

     

    ذڪر هيٺ آيل ڪن پارٽين جو تعارف :                 

    1. اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن :

            هي جماعت سنڌ جي مٿئين طبقي جي ڏڦيڙ جو نتيجو هئي ، جماعت جي قيادت لاڙڪاڻي جي زميندارن جي هٿ هيٺ هئي . هن جماعت جا خاص مقصد هئا ، پنهنجي تر جي مٿئين طبقي جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ”لوئر سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ جي مخالفت ڪرڻ .

    2. امن سڀا :

              1919ع ۾ ”خلافت تحريڪ“ جي ابتدا فرنگي سرڪار خلاف رڻ ٻاري ڏنو ، انهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت جي سرڪار پنهنجي لٺ ۽ چٺ جي زور تي ”امن سڀائون“ قائم ڪرايون انهيءَ سڀائن کي سنڌ جي وڏيرن ، پيرن ۽ آفيسرن گڏجي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . هي جماعتون سنڌ جي ڳچ شهرن ۾ بڻايون ويون .

    3. انڊين نيشنل ليگ :

              هي جماعت اصل ۾ تنهن زماني جي مشهور ٿياسافسٽ ڊاڪٽر آرنڊول 8 فيبروري 1935ع  تي مدراس ۾ قائم ڪئي هئي . ليگ جا خاص مقصد هي هئا ته برطانيه جي نظر داريءَ هيٺ سوراج حاصل ڪيو وڃي ۽ هندوستان لاءِ اهڙي قسم جو آئين حاصل ڪيو وڃي .

    سنڌ ۾ وري 24 مارچ 1935ع انهيءَ جي شاخ قائم  ڪئي وئي ، ڪراچيءَ کي ان  جو مرڪز بڻايو ويو . ليگ جي پهرين وقتي ڪاميٽي هنن سياستدانن تي مشتمل هئي :

    صدر              :         درگداس . بي . آڏواڻي

    نائب صدر        :         ڪيولرام ڏيا رام ، جي .ايم . سيد

    سيڪريٽري       :         جي . ٽي . ٿڌاڻي ، ريجهو مل آڏواڻي

    خزانچي          :         ڀاڳچند چتر سنگهه

    ورڪنگ ڪميٽي:         جمشيد ميهتا ، ڊاڪٽر پوپٽ لال

    4. اينٽي سيپريشن ڪميٽي :

    هيءَ ڪميٽي سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ نه ڪرڻ لاءِ 1932ع ۾ ٺاهي وئي ،  ڪميٽي جي سرگرم ڪارڪنن مان ديوان بهادر مرلي ڌر ، مسٽر لالچند نولراءِ  ۽ پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . سنڌ ۾ ڪميٽي جا مکيه ٻه دفتر هوندا هئا : هڪڙو ڪراچيءَ ۽ ٻيو حيدرآباد . هن ڪميٽي لنڊن ۾ پنهنجا انگريز مبلغ به مقرر ڪيا هئا .

    5. اينٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي :

    هي سوسائٽي اپريل 1921ع ۾ حيدرآباد ميونسيپالٽيءَ جي سابق پريزيڊنٽ ٺاڪرداس کيمچند جي ڪوششن سان قائم ٿي . سوسائٽيءَ جو مکيه مقصد بنهه ”امن سڀا“ جهڙو هو  ، هن سوسائٽيءَ جا پهريان عهديدار هئا :

    صدر              :         ديوان ليلارام سنگ وطڻ مل

    سيڪريٽري       :         ٺاڪر داس کيمچند

    ڪاروباري ڪميٽي :      ديوان هشمت راءِ (چيئرمين) ، مرزا قليچ بيگ ، محمد احسان ، مکي هرڪشنداس ، لوڪو مل گوبند بخش ، ڄيٺسنگ نارائڻ سنگ ، گوپال داس، علي اڪبر بار ايٽ لا۽ مسٽر غني بار ايٽ لا .

     

     

    6. برٽش امپائر ليگ :

    هي جماعت فرنگي سرڪار جي خيرخواهن جي هڪ آڳاٽي جماعت هئي ، جنهن جي سنڌ ۾ شاخ 5 مارچ  1906ع تي قائم ڪئي وئي هئي . سنڌ جو ڪمشنر هن جماعت جو صدر هوندو هو  ۽ سنڌ جي هندن ، مسلمانن ، پارسين، ۽ ڪرستانن جا اهي ماڻهو جيڪي سرڪار پرستيءَ ۾ مشهور هوندا هئا اهي هن جماعت جا ميمبر ٿيندا هئا . 1906ع ۾ هن جماعت جا جملي 85 ميمبر هئا . غير سرڪاري ماڻهن مان پروفيسر شهاڻي ، ٽيڪچند اوڌو داس ، غلام علي چاڳلا ، نادر شاهه ڊنشا ۽ يوسف علي علي ڀائي هن جماعت جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا .

    7. خاڪسار تحريڪ :  

    سنڌ ۾ هن تحريڪ کي مانوس ڪرائڻ وارو هو حيدرآباد جو وڪيل نصير محمد . ان کان پوءِ ڊاڪٽر قاضي محمد اڪبر هن تحريڪ کي مقبول بڻايو . پير الاهي بخش جي ڪوششن سان هن جماعت جون لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ شاخون قائم ٿيون ، ڪراچيءَ ۾ وري قاضي عبدالرسول وڪيل ۽ سيد حضرت شاهه ان کي اتي مقبول بڻايو .

    8 .دي منارٽيز پروٽيڪشن بورڊ :  

    هندوستان جي ورهاڱي جڏهن حقيقت جو روپ ڌاريو ته سنڌ جي غيرمسلم عوام ، نئين حالتن مطابق منظم ٿين جي ڪوشش ڪئي ۽ هي بورڊ تشڪيل ڏنائون . هن بورڊ جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هو پر ان کي صرف سنڌ تائين محدود نه رکيو ويو هو . بورڊ جي آئين ۾ڄاڻايو ويو هو ته اڳتي هلي ورهاڱي کان پوءِ هن بورڊ جي هيڊ آفيس پاڪستان ۽ ٻي آفيس ڀارت جي گاديءَ وارن هنڌن تي قائم ڪئي ويندي .

     

    9. دي نئشنل سروس ليگ :

     هي ليگ خلافت ۽ ڪانگريس جي گڏيل نافرمانيءَ واري تحريڪ کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ 1921ع ۾ ٺاهي وئي . ٺاڪرداس کيمچند هن جماعت جو روح روان هو .

    10. ستياگره سڀا :

    ”رولٽ ائڪٽ“ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ عوام سان جي آزار ٿيڻ لڳا ، انهن کي اڳيان رکي سنڌ جي سياستدانن اپريل 1919ع ۾ هيءَ سڀا قائم ڪئي . جماعت جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو .

    11. سنڌ آزاد پارٽي :

    10سيپٽيمبر1935ع تي ڪراچيءَ ۾ ”خلافت ڪميٽي“، ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ ۽ ”هاري پارٽي“ جي گڏيل اجلاس ۾ هيءَ جماعت قائم ڪئي ، جنهن جو پهريون عارضي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي بڻايو ويو  ۽ پير الاهي بخش ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ، رئيس علي محمد مري ۽ رئيس علي محمد کيڙي تي مشتمل هڪ ورڪنگ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي . هن پارٽي سنڌ جي پهرين چونڊن ۾ ٽي سيٽون حاصل ڪيون ، پارٽي اڳتي هلي مسلم ليگ ۾ ضم ٿي وئي .

     12. سنڌ آزاد ڪانفرنس :

              هي پارٽي 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ سڏايل ”ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس “ جي موقعي تي بڻائي وئي . هن پارٽيءَ جو مقصد هو ته جدائيءَ واري مطالبي کي مقبول بڻايو وڃي . پارٽيءَ جو پهريون صدر سر شاهنواز خان ڀٽو ، نائب صدر خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ سيڪريٽيري ميران محمد شاهه بڻيو .

    13. سنڌ اسيمبلي ڪوئيليشن پارٽي :

              سنڌ ليجليسٽيو اسيمبليءَ جي قائم ٿيڻ سان جيڪي پارٽيون چونڊجي آيون ، انهن مان هڪڙيون نج سنڌ جي ماحول ۽ تقاضائن مطابق بڻيون هيون ۽ ٻيون اهي جماعتون هيون جن جا مرڪز سنڌ کان ٻاهر هئا ، ان ڪري سنڌ اسيمبلي متضاد مفادن جي بچائڻ جو اڏو بڻجي وئي . انهيءَ رسا ڪشيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته چونڊجي آيل مختلف پارٽيون ڪن مشترڪ مفادن ۽ اصولن تي متحد ٿين، هيءَ جماعت انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ قائم ٿي .

    14. سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي :

              جڏهن پاڪستان جو قيام هڪ حقيقت جو روپ وٺڻ تي هو ته سنڌ جي ڪميونسٽ اڳواڻن هندوستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ڇڏي ، جولاءِ 1948ع ۾ ”سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي“  ٺاهي ، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي هن جماعت جو پهريون سيڪريٽري ٿي رهيو . ساڳئي دؤر ۾ محمد يوسف ۽ مبارڪ ساگر جي ڪوشش سان سنڌ ۾ ”دي سوشلسٽ پارٽي“ قائم ٿي .

    15. سنڌ پروگريسو پارٽي :

              هي پارٽي 1935ع ۾ درگداس بي ، آڏواڻيءَ قائم ڪئي. پارٽيءَ جو بنياد غيرفرقيوارانه حڪمت عمليءَ تي رکيو ويو ۽ انهيءَ جي آئين مطابق سنڌ جو ڪو به ماڻهو جو ترقي پسند خيالن جو هجي ذات ، ڏات ، رنگ ، نسل ۽ دين ڌرم جي فرق کان سواءِ هن پارٽيءَ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو . پارٽيءَ کي مقبوليت بدران شروع کان وٺي مخالفت جو وڏو بار کڻڻو پيو .

     

    16. سنڌ پوليٽيڪل ڪلب : 

    سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڪرڻ تائين اسان جا اڳواڻ ۽ عالم وقت جي حالتن ۾ رنگ نسل ، دين ڌرم ، ۽ ذات پات جو رنگ چاڙهي چڪا هئا ، انهيءَ ڪري اها وقت جي تقاضا هئي ته اختلافن کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي . ”سنڌ پوليٽيڪل ڪلب “ انهيءَ پس منظر ۾ ، مئي 1936ع ۾ قائم ٿي . هن ڪلب جا ميمبر مختلف سياسي پارٽين جا ميمبر هوندا هئا ، ڪجهه وقت اڳتي هلي ڪانگريس هن ڪلب مان نڪري وئي. ڪلب جي پهرين ميمبرن مان درگداس بي آڏواڻي ، سر غلام حسين هدايت الله ، جي. ايم . سيد ، محمد هاشم گذدر ، ڊاڪٽر پوپٽ لال ، سڌوا ، خانچند گوپال داس ، ڊاڪٽر پرمانند آهوجا ،حاتم علوي ، هردالال ، يوسف هارون ۽ ٿڌائيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن .

    17. سنڌ پيپلز پارٽي :

              هي پارٽي 1933ع ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت ۾ ٺهي . پارٽيءَ جو پهريون صدر حاتم علوي هو ، ان جي مکيه ميمبرن ۾ جي .ايم .سيد ، سيد غلام نبي شاهه ، محمد علي شاهه ، حاجي مولابخش ، خانبهادر الله بخش ، نبي بخش ڀٽو ، ۽ ميران محمد شاهه اچي وڃن ٿا .

    18. سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪميٽي :

              هن پارٽيءَ جو باني ڪراچيءَ جو مشهور ڪانگريسي اڳواڻ سوامي گوندانند هو . هن صاحب جو جڏهن ڪانگريس سان اختلاف ٿي پيو ته نومبر 1936ع ۾ هي جماعت ٺاهيائين .

     

     

    19. سنڌ زميندارز ائسوسيئشن :

              هي جماعت اپريل 1921ع ۾ سڏايل سنڌ جي زميندارن جي هڪ ڪانفرنس جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ بڻائي وئي . ائسوسيئشن جو پهريون صدر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ٿيو .

    20. سنڌ زميندارز ائسوسيئشن ، پٿورو :

              هي سنڌ جي قديم جماعتن مان هڪ هئي ، جيڪا سرهندي پيرن جي ڪوششن سان قائم ٿي . جماعت سياسي نقطه نگاهه کان مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي اثر هيٺ هوندي هئي .

    21. سنڌ ساگر پارٽي :

              جلاوطنيءَ جي خاتمي کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي ،سنڌ ۾ آيو ته هن 1939ع ۾ ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي “ ٺاهي . هيءَ پارٽي هندوستان کي مذهب جي بنياد تي ورهائڻ بدران لساني بنيادن تي تقسيم ڪرڻ جي حق ۾ هئي .

    22. سنڌ سڀا :

              هيءَ سنڌ جي پهرين سياسي ۽ سماجي جماعت هئي ، جيڪا غيرفرقيوارانه بنيادن تي 1882ع ۾ قائم ٿي . جماعت جو پهريون صدر سيٺ آتما رام ڀوڄواڻي ٿيو . ديوان ڏيا رام ڄيٺمل ۽ ديوان ڏيارام گدو مل هن جماعت جا روح روان هئا .

              هن جماعت جي قيام واري سال ئي لارڊ رپن ڏيهي ماڻهن کي مڪاني خودمختياريون وڌائي ڏيڻ جو خيال ڪيو ۽ ميونسپل توڙي لوڪل بورڊن جي چونڊن جو سرشتو عمل ۾ آڻڻ جو بل تيار ڪرايو . ”سنڌ سڀا“ هندوستان جي انهيءَ آئين ۽ عمل ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي ايترو ته منظم ڪيو جو سنڌ ۾ ميونسپالٽين جون چونڊون ٿيون ته انهن ۾ اڪثريت هن پارٽيءَ کي ئي نصيب ٿي .

              1884ع  ۾ لارڊ رپن کي مانپتر ڏيڻ واري سوال تي حسن علي آفندي جو ان وقت جماعت جو نائب صدر هو ، استعيفا ڏيئي هليو ويو ، ۽ پوءِ آهستي آهستي هي پارٽي اختلافن جو شڪار ٿي وئي .

    23. سنڌ سوراج سوسائٽي :  

              هيءَ سوسائٽي جون 1921ع ۾ قائم ڪئي وئي ته جيئن هڪ طرف ڏڦيڙي سياست کي ٿڌو ڪري سگهجي، ۽ ٻئي طرف وقت جي سرڪار جي ڪڌن ڪرتوتن جا وکا پڌرا ڪري عوام کي باخبر ڪجي . سوسائٽيءَ جو صدر دفتر حيدرآباد ۾ هوندو هو . ان جا پهريان عهديدار هن ريت هئا :

              صدر              :         رئيس غلام محمد ڀرڳڙي .

              نائب صدر        :         گوپال داس جهمٽ مل .  

              سيڪريٽري       :             سنتداس منگهارام،ڇٽو مل ٿڌاڻي .

    ڪاروباري ڪميٽي :      کيمچند امرت راءِ ، ڄيٺمل پرسرام ، پهلاج راءِ ، گنگا رام ، ڪرمچند گرمکداس ، هيرانند سنتوڪ رام ، جمشيد مهتا ۽ ڊاڪٽر بولچند .

     

    24. سنڌ سوشلسٽ پارٽي :

              هي پارٽي 1936ع ۾ نارائڻ داس آنند جي . بيچر جي قيادت ۾ ٺهي . هن جماعت سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ ڪانگريس سان الحاق ڪيو .

    25. سنڌ ليبر پارٽي :

              هي پارٽي جون 1936ع ۾ ڪراچي ۾ قائم ٿي . ڊاڪٽر تارا چند هن جماعت جو پهريون صدر ۽ اي . ايم . خان ۽ عبدالرحمان انهيءَ جا پهريان سيڪريٽري ٿيا . هي جماعت ان ڪري قائم ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جي جاگيردارانه نظام جو خاتمو آندو وڃي ، ۽ بئراج زمينون آسان قسطن تي هارين کي ڏياريون وڃن .

    . سنڌ ليگ آف پروگريس :  

              هي جماعت آڪٽوبر 1922ع  ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي وئي ، انهيءَ جو پهريون صدر هرچند راءِ وشنداس ۽ پهرين ڪاروباري ڪميٽي سي . ايف . ڊي . ابريو ، جي . برچ ، ڏيپچند چانڊومل ، ولي محمد حسن علي ، اي . ايڇ . ماما ، جمشيد ميهتا ، مير ايوب خان ، شقرتن ميهتا ، اي . ايل . پرائس ۽ روپچند ٻيلارام تي مشتمل هئي . جماعت جو پهريون سيڪريٽري سرمانٽميگو ويب هو .

    ملڪي سطح تي هيءَ جماعت انهن جماعتن مان هڪ هئي ، جن غير فرقيوارانه پاليسي اختيار ڪئي . جماعت جي واڳ جيتوڻيڪ انتها پسندن جي هٿ ۾ نه هئي پر ان هوندي به ان جا ميمبر وڏي اثر رسوخ وارا هوندا هئا ، جن سنڌ جي مسئلن کي گهٽين ۽ رستن تي حل ڪرائڻ بدران ايوانن ۾ اسيمبلين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي .

    27. سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي :

    جڏهن ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي “ ۾ هڪ اڌ ڊپٽي ليڊر جي چونڊ تي اختلاف ٿي پيا ته سر غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي اها پارٽي ڇڏي ، وڃي هڪ رات ۾ ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ٺاهي . هن پارٽي سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ صرف ٽي سيٽون کنيون ، پر پوءِ به وقت جي گورنر اڪثريت حاصل ڪندڙ پارٽين کي نظر انداز ڪندي هن پارٽي کي وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڏني ! هي پارٽي 21 مارچ 1938ع  تائين اقتدار ۾ رهي ، پارٽي 31 آڪٽوبر 1936ع تي ٺاهي وئي هئي .

    28. سنڌ مسلم ليگ :

    چيو ويندو آهي ته رئيس غلام محمد ڀرڳڙي 1917ع ۾ سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ کولي هئي ، ليڪن حقيقت ۾ ايئن ڪو نه آهي ، اصل ڳالهه هن ريت آهي ته  ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن“ جا ان وقت سرڪار جي تاتيل ۽ پاليل جماعت بڻجي چڪي هئي ، انهيءَ کان ڪيترائي آزادي پسند ۽ قومپرست اڳواڻ بيزار ٿي چڪا هئا . انهن گهٽن مان جند ڇڏائڻ لاءِ ”سنڌ مسلم ليگ“ ٺاهي وئي ، جنهن جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته هن جماعت جو آل انڊيا مسلم ليگ سان ڪو به واسطو ڪو نه هو ، ۽ اها پنهنجي جاءِ تي هڪ خودمختيار سياسي جماعت هئي ، اهوئي سبب آهي جو 1917ع ۾ جڏهن مانٽيگو ۽ لارڊ چيلمسفورڊ هندوستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاءِ هندوستان جي دؤري تي آيا ته  ”سنڌ مسلم ليگ“ الڳ ۽ خودمختيار حيثيت ۾ انهن اڳيان پنهنجو ميمورنڊم پيش ڪيو .

    ”سنڌ مسلم ليگ“ جو پهريون صدر يوسف علي علي ڀائي هو  ۽ غلام علي چاڳلا ۽ حاجي عبدالله هارون ان جا سيڪريٽري هئا . اپريل 1920ع هن جماعت جي واڳ ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن“ جي حريفن بدران مذهبي نوعيت جي ماڻهن جي هٿ ۾ اچي وئي . اپريل 1920ع ۾ سڏايل سکر جي گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت به ”سنڌ مسلم ليگ“ جا ڪرتا ڌرتا ”آل انڊيا مسلم ليگ“ کي وقت جي سرڪار جي ٺاهيل جماعت تصور ڪندا هئا . انهيءَ زماني ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ، جان محمد جوڻيجو ، شيخ عبدالمجيد سنڌي ، مولوي تاج محمد ، ڊاڪٽر نور محمد ، محمد خان، ڊاڪٽر حاجي ۽ سيٺ امين الدين ساڳئيءَ طرح شروع جيان ليگ جا قائد رهيا .

    1925ع ۾ ”سنڌ مسلم ليگ“ کي نئين سر منظم ڪيو ويو . ان وقت سيٺ حاجي عبدالله هارون کي صدر ، سيد محمد ڪامل شاهه کي نائب صدر ، ڊاڪٽر شيخ نور محمد کي سيڪريٽري ، ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ کي خزانچي مقرر ڪيو ويو . 1934ع ۾ وري هن جماعت جي قيادت ۽ تنظيم ۾ تبديلي آڻي حاتم عليءَ جي صدارت ۾ ان ڪري نئين سر منظم ڪيو .

    سنڌ ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جو ته پهرين چونڊن وقت به ڪو عملي وجود ڪو نه هو . حقيقت ۾ سنڌ ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ آڪٽوبر 1938ع ۾ سڏايل ”پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس“ کان پوءِ ئي سنڌ ۾ پير پاتو . انهيءَ کان ستت پوءِ” مسجد منزل گاهه“ واري سياسي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ، جنهن هن جماعت کي هڪ ئي ڌڪ ۾ انهيءَ تحريڪ ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو  ڇو ته رياضت مذهبي اڳواڻن ڪئي ۽ قيادت آل انڊيا مسلم ليگ کي ملي وئي .

    29. سنڌ منارٽيز ائسوسيئشن :

    غير مسلم سنڌ واسين جي هي جماعت 1946ع ۾ قائم ٿي . انهيءَ جو پهريون صدر ديوان ٽيڪمداس ۽ پهريان نائب صدر هيرالال شرما ۽ راءِ صاحب گوڪلداس هئا . هي جماعت قيام پاڪستان کي آهن م رکي بڻائي وئي هئي ته جيئن نئين تبديليءَ مطابق ٿورائيءَ وارن سنڌ واسين جي مفادن جو بچاءُ ڪري سگهجي .

     

    30. سنڌ نئشنلسٽ پارٽي :

    هي پارٽي 1935ع ۾ حيدرآباد ۾ ٺاهي وئي هئي ، پارٽي ٺاهڻ جو مقصد هي هو ته ممبئيءَ کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جڏهن صوبائي حيثيت وٺي ته پوءِ ٿورائي وارن طبقن جي مفادن جو بچاءَ ڪيو وڃي . هن پارٽيءَ جو دڳ ئي الڳ هو . پارٽيءَ وارا ”سنڌ هندو سڀا“ کي ڪٽر جماعت تسليم ڪندا هئا ، ۽ پنڊت مالويه جي ”نئشنلسٽ پارٽي“ سان به پلاند ملائڻ لاءِ تيار نه هئا . هي جماعت سنڌ جي روشن خيال غير مسلم رهواسين جي پيداوار هئي ، وشنداس ڏيا رام ، مهراج هوندراج ، ليلارام حڪومت راءِ ، ڀائي لڌارام ۽ ڊاڪٽر وليرام هن جماعت جا خاص اڳواڻ هئا .

    31. سنڌ هندو زميندار سڀا :

    هي سڀا 30 اپريل 1927ع تي قائم ڪئي وئي ، جماعت جو پهريون صدر پرنسپال شهاڻي ۽ پهريون سيڪريٽري منوهر داس ڪوڙومل هو . ان کان سواءِ هن جماعت جي پهرين”ڪاروباري ڪميٽي“ هيٺين ماڻهن تي مشتمل هئي :

    ڪراچي : سيٺ سوڀراج چيتو مل ، راءِ بهادر  شيوارام ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس .

    حيدرآباد : مکي ڄيٺانند ، ديوان همت سنگهه ، اڌارام شيوڪرام ۽ اڌن مل مينگهراج .

    نوابشاهه : اڌارام چانڊومل ، آسنداس ليلارام .

    سکر : مکي موٽڻ داس .

    ٿرپارڪر : ٺاڪر ونگهراج ۽ سيٺ پرتاب راءِ .

    لاڙڪاڻو : ريجهومل لاهوري ، ڪشنچند واڌو مل ، ۽ سيٺ گوڪل داس نول داس.

    هي جماعت سنڌ جي هندو زميندارن جي مفادن جي نگهباني ڪندي هئي .

    32. سنڌ هندو سڀا :

    ”سنڌ سڀا“ جڏهن اختلافن جو شڪار ٿي وئي ۽ سنڌ جي سياست تي مذهبي رنگ چڙهڻ لڳو ته سنڌ جي هندن ”سنڌ هندو سڀا“ ٺاهي . هن سڀا جون سنڌ جي مکيه شهرن ۽ مرڪزن ۾ شاخون هونديون هيون . هي جماعت مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ سنڌ جي هندن جي هڪ فعال سياسي جماعت هئي .

    33. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي :

    هڪ سال جي محنت ۽ جدوجهد کان پوءِ هي جماعت 30 آڪٽوبر 1936ع تي قائم ڪئي وئي . جيتوڻيڪ پارٽيءَ کي غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ، پر سنڌ جي هندن ۽ ٻين غير مسلم رهواسين انهيءَ ۾ ڪا به دلچسپي ڪانه ورتي . خود سنڌي مسلمان به قيادت جي مسئلي تي پاڻ ۾ ٺهي نه سگهيا ۽ ائين ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ هن جماعت جي اختلاف واري ڪک مان جنم ورتو . هن پارٽيءَ جو پهريون اڳواڻ سر حاجي عبدالله هارون ، نائب اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاهه ، سيڪريٽري حاتم علوي ۽ سيد ميهر علي شاهه ٿيا . سنڌ جي پهرين چونڊن ۾ هن پارٽيءَ کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي ليڪن سندس ٻه اڳواڻ سر حاجي عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو چونڊون کٽي نه سگهيا . پارٽيءَ کي ٻيو ڌڪ اهو لڳو ته وقت جي گورنر هن پارٽيءَ کي نظر انداز ڪندي ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو . هن پارٽيءَ کي جڏهن وزارت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته سندس اسيمبليءَ وارو اڳواڻ ۽ وزير اعليٰ خانبهادر الله بخش سومرو ڪانگريس طرف جهڪي پيو ۽ هي پارٽي اقتدار جي ڪرسيءَ تائين پهچندي پاش پاش ٿي وئي .

    34. سوديشي سڀا :

    هن سڀا جو قيام 31 آڪٽوبر1919ع تي عمل ۾ آندو ويو . سڀا اصل ۾ ممبئيءَ ۾ قائم ڪيل مسٽر گانڌيءَ جي ”سوديشي سڀا“ جو پڙاڏو هئي . سنڌ سو ديشي سڀا جي مکيه اڳواڻن مان جمشيد ميهتا ، مسڪيوٽا ، سر ڪشنداس للا ، نرسگنهه لال ڌمنمل ، نارائڻ داس آنندجي ، رام داس ۽ حاتم ڪريم جيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن . سڀا جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو . سڀا سنڌ ۾ ”سوديشي تحريڪ“ کي مقبول ۽ مانوس بڻائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو .

    35 . سوراج پارٽي :

    ڪانگريسي پارٽيءَ ۾ ڏڦيڙ پوڻ کان پوءِ جڏهن انهيءَ جي انتها پسند ڌڙي ”سوراج پارٽي“ ٺاهي ته انهيءَ جو اثر سنڌ تي به پيو . سنڌ ۾ آر . ڪي سڌوا ۽ شري ڪشنداس للا ، هن پارٽيءَ جا باني اڳواڻ هئا .

    36. سول لبرٽيز يونين :

    هي يونين سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جي ذيلي شاخ هئي ، جيڪا 1936ع ۾ جمشيد ميهتا جي صدارت هيٺ ٺاهي وئي هئي . هن يونين جي مکيه ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جيرام داس دولترام جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن .

     

     

    37. سوراج سڀا :

    هي جماعت 1921 ۾ شڪارپور ۾ قائم ڪئي وئي . جماعت جي ٺهراءَ ۾ شڪارپور جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٽانٽن جو وڏو هٿ هو ، جماعت جي مکيه ميمبرن مان ميان علي بخش ، ڀڳوانداس ، شيخ تاج محمد ، مولوي رحمت الله  ، پير ضياءِ معصوم شاهه ۽ مرليڌر جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . جماعت جو مقصد بنهه امن سڀا جهڙو هو .

    38. فرينڊ آف سوويت يونين :

    هي جماعت مطالعي هيٺ آيل دؤر جي پوئين ڏهاڪي ۾ قائم ٿي . ڪراچي ۽ حيدرآباد انهيءَ جا مکيه مرڪز هوندا هئا . پروفيسر ڪارواڻي هن جماعت جو پهريون سيڪريٽري هو .

    39. لوئر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن :

    هن جماعت جو مرڪز حيدرآباد هو . هن جماعت 1922ع  ۾ سکر بئراج جي مخالفت ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي ، ڇو ته جماعت جي خيال ۾ بئراج جي تعمير مان اپر سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي اجايو فائدو رسڻو هو . مکي هرڪشنداس ، سيد ڪمال شاهه ، اڌارام ، ۽ شيوڪ رام هن جماعت جا مکيه اڳواڻ هئا .

    40. مسلم نئشنيلسٽ پارٽي :

    هي پارٽي قيام پاڪستان کان ٿورو اڳ ۽ خانصاحب الله بخش جي شهادت کان ڪجهه وقت پوءِ ٺهي . جماعت کي اتر سنڌ ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ٿي . 1946ع ۾ مسٽر محمد علي مڪراني ان جو سيڪريٽري ٿيو . هي جماعت هندو مسلم اتحاد ۽ آزاديءَ جي حصول ۾ اعتقاد رکندي هئي .

     

    41. نئشنل ڪنوينشن ڪلب :

    هي ڪلب 1924ع ۾ قائم ڪئي وئي . سندس سرڪده اڳواڻن مان جمشيد ميهتا ۽ ڄيٺمل پرسرام جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا . ڪراچي ۽ حيدرآباد هن ڪلب جا ٻه مکيه مرڪز هئا . هن ڪلب طرفان ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۽ حيدرآباد جي بنڌو آشرم ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون . هن ڪلب عوام  ۾  سنڌ جي جدائيءَ کي مقبول بڻائڻ کان سواءِ پورهيت طبقي کي بيدار ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو .

    42. هاري پارٽي :

    هي پارٽي 1930ع ۾ قائم ڪئي وئي . جنهن جو پهريون صدر پرنسپال گوڪلي کي مقرر ڪيو ۽ ڄيٺمل پرسرام ، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي . ايم . سيد  ان جا سيڪريٽري ٿيا . هن پارٽيءَ جي سهاري هيٺ هارين جون ڪانفرنسون ٿيون ، ۽ سنڌ اسيمبلي سندن مسئلن ڏانهن متوجهه ٿي .

    43. هوم رول ليگ :

    هن جماعت جو اصل ۾ بنياد 1915ع ۾ ٿياسافيءَ جي پرچارڻ مائي ايني بيسنت وڌو ۽ سنڌ ۾ وري سندس پوئلڳن انهيءَ جي شاخ کولي . ڪراچي هن جماعت جو صوبائي مرڪز هو . ان جون شاخون حيدرآباد ، سکر ۽ شڪارپور ۾  به هيون .

    44. يونئنسٽ پارٽي :

    هي جماعت 1936ع ۾ سيٺ حاجي عبدالله جي ڪوشش ۽ قيادت سان قائم ٿي . پارٽي غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺاهي وئي هئي . ۽ سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ کي ان جي منصوبي ۾ وڏي جاءِ ڏني وئي هئي .     

          

    5.   اسان جي دؤر جون ڪي علمي ۽ ادبي جماعتون

     

    سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري ۾ علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن اهم رول پئي ادا ڪيو آهي ، اهي جماعتون هم خيال فردن کي گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪنديون رهيون آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ ٻين قلم ڌڻين پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن کي گڏيل قوت جي روپ ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي مفاد خاطر پئي ڪم آندو آهي .

              علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتون انگريزن جي دؤر ۾ قائم ٿيڻ شروع ٿيون . ”ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي “ سنڌ ۾ قائم ٿيل پهرين ادبي سوسائٽي آهي ، جيڪا 1885ع  جي آگسٽ ڌاران قائم ٿي . پادري بمبرج ان جو پهريون صدر ۽ جيمسٽي آرديشر ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو . سنڌي ٻولي جا ڪيترا ناميارا عالم ، اديب ۽ شاعر هن جماعت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا هئا . انهن مان ڏيارام گدومل ، ڪوڙيمل چندن مل ۽ هيرانند شوقيرام جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . سوسائٽيءَ جون هر هڪ اربع تي شام جو  ساڍي ڇهين وڳي ڊينسو هال ۾ گڏجاڻيون ٿينديون هيون .

              سنڌ ۾ ادبي سوسائٽين جو قيام آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جي ٺهڻ يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ مدرسته الاسلام قائم ٿيڻ کان به اڳي ٿيو . هڪ صديءَ جي ان عرصي ۾ سنڌ ۾ هزار کان مٿي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتون قائم ٿيون .    

    انهن جماعتن ۽ ادارن جو وچور مون تيار ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ رکيو آهي ته هر هڪ جماعت ، اداري يا تنظيم تي تفصيل سان تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي تاريخ جي وڃايل ورقن کي محفوظ ڪري  سگهجي .

    1885ع کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪيتريون جماعتون جڙيون ۽ ختم ٿي ويون . پر ايڪڙ ٻيڪڙ کان سواءِ ڪن جا نالا به اسان کي ياد نه ٿا اچن . ڪنهن کي پڪ ايندي ته اسان جي دور جي ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن “ کان اڳ 1912ع ۾” سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن“ شڪارپور ۾ قائم ٿي هئي ! تاريخ ته هر دؤر ۽ هر موڙ تي پنهنجو سينو کولي بيهندي آهي ، پر ڪي ڪي ماڻهو ڀاڳ ڀريا انهيءَ سيني جي خوشبو ماڻيندا آهن . هن هيٺ آءٌ پنهنجي دؤر جي ڪن چند جماعتن هن دؤر ۾ به سنڌ جي آئيندي جي تاريخ ”ڏات – ڌڻين جي رٿا“ جي آواز سان اسان کي سڏي رهي جو مختصر تعارف پيش ڪريان ٿو . جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان اجتماعي طور تي ٻولي ۽ علم ادب جي ڪيئن ۽ ڪيتري خدمت ڪرڻ جا هيراڪ آهيون .

    1. اداره روح ادب (سنڌ) :

              هي ادارو مرحوم مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو . مرحوم سرشار عقيلي ، اخر هالائي ، عارف الموليٰ ۽ مرحوم محمد خان ”غني“ هن جماعت جا مکيه عهديدار مقرر ڪيا ويا .

              ”اداره روح ادب“ پنهنجي دؤر جي هڪ ادبي تحريڪ جو روپ ورتو ۽ ان جي حلقي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاعر ۽ اديب شامل ٿيا . اداري جو صدر دفتر هالا ۾ هو  ۽ ان جون شاخون  سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به  قائم ٿيون . هن اداري سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي اوسر ، تبليع ۽ اشاعت لاءِ قابل تعريف ڪم ڪيو آهي .

     

    2. الخالق ادبي ادارو  (هالا) :

              هي ادارو غلام رسول ”غلام“ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو ۽ محسن حسن ”ساز“ ، عثمان سنگراسي ، محمد حسين ”آزاد“ ۽ ”انور“ هالائي ان جي قيام  خواهه ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . هن اداري پنهنجين ادبي سرگرمين کان سواءِ پنهنجي ميمبرن ۾ تعليم جي اهميت ۽ عظمت جي احساس ڏيارڻ جي به ڪوشش ڪئي .

    3. انجمن آفتاب ادب (دادو) :

              هيءَ ادبي انجمن دادو جي استاد شاعر حافظ محمد احسن چنه ۽ رئيس ضياءُ الدين ”ضياء“ جي ڪاوشن جو نتيجو هئي . انجمن اڻڳڻين ادبي نشستن ۽ مشاعرن جو اهتمام ڪيو . حافظ ”احسن“ هن انجمن جو روح روان ٿي رهيو .

    4. انجمن علم و ادب (هالا) :

    هالا جي هيءَ علمي ۽ ادبي جماعت محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي . انور هالائي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان سالن جا سال هن جماعت جي خدمت ڪئي . هن انجمن ڪيترو وقت سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙا ڀريا .

    5. انجمن علم و ادب (ڳوٺ صوفي فقير) :

    هيءَ انجمن ”معمور“ يوسفاڻيءَ جي علم دوستيءَ جو نتيجو هئي . انجمن ڪيترو وقت ڳوٺ صوفي فقير جي علمي ۽ ادبي ماحول کي روان دوان رکيو .

    6. انجمن فروغ ادب (هالا) :

    هيءَ انجمن هالا جي علم دوست ۽ ادب پرور اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن جو نتيجو هئي .  ڊاڪٽر سليمان شيخ ، عبدالقادر ابڙو ، عبدالرحمان قريشي ، يوسف ابڙو ۽ الطاف شيخ هن انجمن جا مکيه ڪارڪن ٿي رهيا آهن . انجمن طرفان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون . ان کان سواءِ انجمن اشاعتي پروگرام ذريعي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ به تعريف جوڳو ڪم ڪيو .

    7. بزم ادب (سکر) :

    شروعاتي ڏهاڙن ۾ سکر ۾ پرائمري استادن جي تربيت جو ڪاليج هوندو هو . ان کان پوءِ ئي اتر سنڌ ۾ ٻين هنڌن تي اهڙا ڪاليج قائم ٿيا . سکر ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن جي تعاون سان ”بزم ادب“ نالي جماعت قائم ٿي ، جنهن طرفان ادبي گڏجاڻيون ۽ مشاعرا منعقد ٿيا .

    8. بزم ادب ( شهدادڪوٽ) :

    هي بزم گل حسن گوپانگ ۽ سندس شاعر ساٿين جي ڪوششن جو نتيجو هئي . بزم طرفان ڪجهه مشاعرا به سڏرايا ويا .

    9. بزم ادب (لاڙڪاڻو) :

    هي بزم گل حسن گوپانگ ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي . هن بزم ڪيترن ئي پرائمري استادن کي شعر و شاعريءَ ڏانهن راغب ڪيو .

    10. بزم ادب (ميرپور ساڪرو) :

    هيءَ بزم پيرل پياسي ۽ سندس شاعر ساٿين جي ڪاوشن جو نتيجو هئي . بزم طرفان اڪثر ڪري مقامي نوعيت سان مشاعرا ٿيندا هئا ، جن ۾ تر جي سيکڙاٽ شاعرن کي فني تربيت مهيا ڪري ڏني .

     

     

    11. بزم ادب (خيرپور ناٿن شاهه ) :

    هي بزم خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي شيدائين طرفان قائم ڪئي وئي ، جنهن طرفان مقامي نوعيت جا مشاعرا به منعقد به ٿيا . حڪيم محمد صادق بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو .

    12. بزم اصغر ( ڪراچي) :

    هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر محمد جمن هالي پنهنجي پُٽ جي نالي پٺيان قائم ڪئي . بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا منعقد ڪرايا ويا . جن ۾ ڪراچيءَ کان سواءِ اندرونِ سنڌ جي شاعرن پڻ شرڪت ڪئي .

    13. بزم بلبل (ميهڙ) :

    هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر مرحوم شمس الدين بلبل جي نالي ، سندس ياد ۾ قائم ڪئي وئي ، جنهن جو صدر مرحوم بلبل جو  فرزند رئيس ضياء الدين ”ضياء“ هوندو هو . بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا سڏرايا ويا .

    14. بزم حڪيم (ڪراچي) :

    هيءَ بزم محترم عبدالرحمان ”نسيم“ ۽ سندس ساٿي شاعرن جي تعاون سان قائم ٿي . بزم جو نالو سنڌ جي نامياري شاعر ، اديب ، صحافي ۽ عالم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي نالي پٺيان رکيو ويو هو . هن بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا سڏرايا ويا ۽ ڪراچيءَ جي ماحول کي ادبي رنگ ڏنو ويو .

     

     

     

    15. بزم صابر (نوان جتوئي) :

     هيءَ بزم نوان جتوئي جي شاعر جمال الدين ”مومن“ جي ڪوششن سان قائم ٿي . بزم ڪيترائي مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا ۽ ڪيتري عرصي تائين ڳوٺ جي ادبي ماحول کي معطر رکيو .

     

    16. بزم طالب (خيرپور ناٿن شاهه) :

    هيءَ بزم خيرپور ناٿن شاهه جي اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي . هن بزم طرفان ”درسِ ادب“ نالي هڪ شعبو قائم ڪيو ويو  ، جنهن ذريعي شاعريءَ جو شوق رکندڙ نوجوان طبقي کي سکيا ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو . هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ”افضل“ مصرپوري ، ”آثم“ ناٿن شاهي ، ۽ محسن ڪڪڙائي ، ”وفا“ ناٿن شاهي ، راز ناٿن شاهي ، وغيره اهم ڪردار ادا ڪيو .

    17. بزم طالب الموليٰ (سنڌ) :

    هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر ۽ روحاني اڳواڻ حضرت مخدوم محمد زمان جي سرپرستيءَ ۾ 1954ع ۾ قائم ٿي . بزم پنهنجي دؤر جي هڪ ادبي تحريڪ بڻجي اڀري ، جنهن جون سنڌ جي مکيه ڳوٺن ۽ شهرن ۾ شاخون قائم ٿيون . بزم سنڌ ۾ شاعريءَ جي شمع کي سالن تائين روشن ڪري رکيو ۽ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون . هن وقت به هيءَ بزم فعال ادبي جماعتن مان هڪ آهي . بزم جون شاخون پنهنجي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي خدمت وارين سرگرمين ۾ مصروفِ عمل آهن . هن بزم جي شاخن پنهنجي سرگرمين ۽ خدمتن جو رڪارڊ انسٽيٽيوٽ آف   سنڌ الاجي ۾ محفوظ ڪرايو آهي .

     

    18. بزم راشدي (خيرپور ناٿن شاهه ) :

    هي بزم حڪيم محمد صادق جي ڪاوشن ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي . بزم خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي ماحول ۾ اڃا به وڌيڪ رنگ ڀرڻ جي تعريف جوڳي ڪوشش ڪئي ۽ شاعريءَ جي خدمت ڪئي .

    19.  بزم رفيق (هالا) :

    هيءَ ادبي جماعت منصور ويراڳيءَ جي ڪوشش سان هالا ۾ قائم ٿي ، جنهن جو سيڪريٽري غلام ابڙو هو . هن جماعت ورهاڱي کان پوءِ واري ٻڏتر واري ادبي ماحول کي گرمائي رکيو .

    20. بزم سچل (لاڙڪاڻو) :

    شاعر هفت زبان حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۽ سندس ياد کي تازي رکڻ لاءِ هي بزم لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿي . مرحوم عبدالله ’اثر‘ ، ”محسن“ لاڙڪاڻوي ۽ لقمان حڪيم وغيره جهڙن شاعرن بزم جي جوت کي ڪافي عرصي تائين جلائي رکيو ۽ شاعريءَ جي متوالن نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو .

    21 . بزم سرشار (ڪراچي) :

    مرحوم الله بخش ”سرشار“ عقيلي ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي دوران اتان جي دل تي علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن کي علم ادب جي دنيا سان مانوس ڪرايو . سندس وفات کان پوءِ ڪراچي واسين سندس ياد ۽ علمي خدمتن کي تازي رکڻ لاءِ هي بزم ٺاهي ، جنهن طرفان وقت به وقت مشاعرا ٿيندا رهيا . صوفي دوست محمد ”ساجد“ سرشاري هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

    22 . بزم سروري (ڳوٺ صوفي فقير) :

    سروري درٻار جي ادبي تحريڪ جي نتيجي ۾ جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ بزمون ۽ انجمنون قائم ٿيون ، هي ”بزم سروري“ به انهن مان هڪ هئي . يوسفاڻي هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

    23 . بزم سروريه (هالا) :

    هيءَ بزم پروفيسر محبوب علي چنه جي ڪوشش سان قائم ٿي  . ”محبوب“ سروري جماعت جو پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو . هن بزم ڪيترائي مشاعرا منعقد ڪرايا . ادبي خواهه علمي مباحثه ڪرايا . ان کان سواءِ ڪيترا ڊراما به هن بزم اسٽيج ڪرايا .

    24 . بزم خليل ( حيدرآباد ) :

    هيءَ بزم مرحوم ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ جي دم سان آباد هئي ۽ 1948ع ڌاري قائم ٿي . هن بزم حيدرآباد جي نون خواه پراڻن شاعرن کي پنهنجي جوت جلائڻ ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو . مرحوم عبدالله ”خواب“ ۽ بلاول پرديسي هن بزم جي سرگرم ڪارڪنن جي حيثيت سان خدمت ڪئي .

    25. بزم فردوس  (هالا) :

    هيءَ بزم مرحوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ هالا ۾ قائم ٿي . هن بزم ڪيتري عرصي تائين هالا جي ادبي ماحول کي  معطر ڪري رکيو .

    26. بزم گلستان (هالا) :هيءَ بزم منصور ويراڳيءَ جي ڪاوشن سان قائم ٿي . هن جماعت ڪيتري وقت تائين نئين نسل کي ادبي تربيت مهيا ڪئي ۽ نوجوانن ۾ علم دوستيءَ جو جذبو جاڳايو .  

    27 . بزم لطيف (ڳيريلو) :

    سنڌ جي سدا حيات شاعر لاکيڻي لطيف جي نالي تي هيءَ بزم ”ناطق“ ڳيريلائيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ قائم ڪئي . هن بزم ڪجهه عرصي تائين تر جي ماحول ۾ ادبي رنگ پيدا ڪيو ۽ مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا .

    28 . بزم مخلص (ڪنڌ ڪوٽ) :

    هيءَ بزم ڪنڌ ڪوٽ جي شاعرن ۽ اديبن قائم ڪئي . بزم جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اها سنڌ جي ظرافت جي بادشاهه نامياري شاعر محمد هاشم ”مخلص“ جي نالي سان منسوب هئي . هن بزم ڳچ عرصي تائين سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي .

    29 . بزم مولائي شيدائي (محمد پور اوڍو) :

    اتر سنڌ جي بي لوث ۽ مگر نامياري اسڪالر مرحوم مولائي شيدائيءَ جي ياد کي تازي رکڻ لاءِ هيءَ بزم محمد پور اوڍي ۾ قائم ڪئي وئي آهي . بزم طرفان وقت به وقت مشاعرا منعقد ٿيندا رهيا .

    30 . بزم ناز (خيرپور ميرس) :

    خيرپور ميرس جي نالي وٺڻ سان مرحوم ڊاڪٽر عطامحمد ”حامي“ جو تصور خودبخود اکين اڳيان تري اچي ٿو . مرحوم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سيکڙاٽ شاعرن جي فن کي جلا بخشي ۽ کين ناميارن شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهاريو . مرحوم جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل انجمن هو ، پر پوءِ هن پنهنجي ساٿين جي تعاون سان خيرپور ۾ ”بزم ناز“ به قائم ڪئي . خادم رفيقي انهيءَ ڏس ۾ سندس ڀروسي جهڙو ساٿي بڻيو رهيو . هن بزم طرفان ڪيترن ئي مشاعرن جو انعقاد ٿيو .

    31. پاڪستان رائيٽرس گلڊ (سنڌ شاخ) :

    هيءَ گلڊ 1959ع ۾ قائم ٿي . جنهن جو قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن به سرگرميءَ سان حصو ورتو . اهڙن ڏات – ڌڻين مان شيخ اياز ، مرحوم گرامي ، رشيد ڀٽي ، محمد ابراهيم جويي ، علي محمد شيخ ۽ نياز همايونيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن . هن گلڊ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل معياري ادب جي همٿ افزائي ڪئي ۽ سرڪار کان مستحق اديبن کي وظيفي وٺي ڏيڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون .

    32 . جميعت الشعراءِ (سنڌ) :

    هي شاعرن جي جماعت ورهاڱي کان اڳ جي ادبي جماعتن مان هڪ آهي . جنهن جو 1946ع ۾ باقائدي پايو وڌو ويو . هن جماعت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ادبي ڪانفرنسن جو انعقاد ڪرائي علم ادب ۽ عروضي شاعريءَ کي عام ڪيو .

    33 . راءِ چند اڪيڊمي (حيدرآباد) :

    اڪيڊمي ٿر جي نامياري استاد ، اديب ، ۽ ليکڪ سرڳواسي رائچند جي ياد کي تازي رکڻ ۽ سندن خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قائم ٿي. اڪيڊميءَ جي قيام ۾ سرڳواسي رائچند جي فرزند نفيس احمد شيخ جو وڏو عمل دخل آهي .

    34. سچل سرڪل (حيدرآباد ) :

     سنڌ جي نامياري سرمست شاعر حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هيءَ سرڪل معتقدن طرفان حيدرآباد  ۾ جوڙي وئي . سردار بهادر شيخ محمد بخش صدر ، آغا غلام نبي ، آغا عبدالنبي ، شيخ عبدالعزيز قنڌاري سيڪريٽري ۽ مولانا گرامي ان جو پروپيگنڊا سيڪريٽري مقرر ٿيا .

    هن سرڪل هفتيوار گڏجاڻين جو اهتمام ڪيو . گڏجاڻين ۾ سچل سائين ۽ سندس فڪر تي بحث ڪيو ويندو هو.

    35 . سنڌ رائيٽرس گلڊ (حيدرآباد) :

    هي گلڊ بزرگ شاعر نياز همايونيءَ جي ڪاوشن سان حيدرآباد ۾ قائم ٿي . گلڊ کي رجسٽر به ڪرايو ويو .

    36 . سنڌ سڀيتا سنگت (ڪراچي) :

    هيءَ ادبي جماعت ”هلالِ پاڪستان“ جي اڳوڻي ايڊيٽر سراج الحق جي ڪوششن سان قائم ٿي . سنگت طرفان سنڌ سينٽر ۾  ادبي گڏجاڻيون  ٿينديون  هيون   جن  ۾   قمر شهباز ،    انور پيرزادو ، 

     در محمد پٺاڻ ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا .

    37. سنڌ سگهڙ سنگت (لاڙڪاڻو) :

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي سرپرستيءَ ۾ 1975ع ۾ قائم ٿي . جنهن جو ن شاخون سنڌ جي مختلف ضلعن جهڙوڪ : شڪارپور ، دادو ، سکر ، خيرپور ۽ بدين به قائم ٿيون .

    سگهڙ سنگت سنڌ جي سگهڙن کي پهريون دفعو منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي مختلف هندن تي هفتيوار خواهه ماهوار گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا . هن جماعت سگهڙن جي فن ۽ فڪر کي محفوظ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ ڪوشش به ڪئي آهي . سنگت شڪارپوري اديبن جي تعاون سان سنڌ سگهڙ ڪانفرنس به سڏائي .

    38 . سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن (سنڌ) :

    سنڌ جي هن سماجي ، علمي ۽ ثقافتي جماعت جنهن نموني سان وطن واسين جي خدمت جي فضا قائم ڪئي سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي ، ليڪن ستت ئي جماعت کي نظر لڳي وئي۽ سرڪاري عذاب ۽ عتاب سهڻو پيس . هن جماعت وڏي پئماني تي لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست تي سيمينار سڏرايا ۽ سنڌ جي ناميارن شخصيتن جا ڏينهن ملهايا . جماعت سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي اشاعت ، اوسر ۽ تبليغ لاءِ تعريف جوڳي نموني ۾ پاڻ پتوڙيو . ليڪن پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار طرفان پنهنجي ملازمن کي هن سماجي جماعت کان پري رکڻ واري عمل هن جماعت جي ڪارڪردگيءَ کي بري طرح متاثر ڪري رکيو آهي . 39 . سنڌ ڪلچرل اينڊ ايجوڪيشن ويلفيئر سوسائٽي (ڪراچي) :

    هيءَ سوسائٽي ڪاڪا صديق ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي ، جنهن طرفان ڪجهه عرصي تائين ڪراچيءَ جي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ گرم جوشيءَ جي فضا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . سوسائٽي ليڪچر به منعقد ڪرايا ۽ ٻه ٽي ادبي نوعيت جا جلسا به سڏرايا .

    40 . سنڌي ادبي محفل (باڊهه) :

    هيءَ ادبي محفل غلام رسول ”راز“ ۽ گل حسن ”بيڪس“ جي ڪوشش سان قائم ٿي . هن محفل باڊهه جي شاعراڻي ماحول کي ڪنهن عرصي تائين قائم ۽ دائم رکيو .

    41. سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) :

    هيءَ سنگت ورهاڱي کان اڳ جي ترقي پسند ادب واري تحريڪ جي نشاني آهي . سنگت سڀ کان پهريون 1927ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوبند مالهي ، ۽ ٻين سندن ساٿين جي ڪوششن سان قائم ٿي . ليڪن ستت ئي پوءِ غير مسلم اديبن جي لاڏاڻي سبب ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿي . 1956ع ۾ وري انهيءَ کي نئين سر منظم ڪيو ويو .

    ”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ مؤثر تحريڪ ۽  تنظيم جو نالو آهي،  جنهن جو ن شاخون سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تائين ڦهليل آهن ، هن سنگت سنڌيءَ کي آئين ۾ سرڪاري زبان طور تسليم ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا . سنگت جي شاخن جون هفتيوار گڏجاڻيون سنڌ ۾ علمي ، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي قائم ۽ دائم رکنديون اچن ٿيون . سنگت نئين نسل لاءِ هڪ تربيت گاه جي حيثيت رکي ٿي .

    42 . سنڌي ادبي سوسائٽي (سکر) :

    هيءَ سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر جي سنڌي شعبي جي استادن ۽ شاگردن جي ڪوشش سان قائم ٿي . سوسائٽي شيخ راز ، ڊاڪٽر شريف ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جي ڪوششن سان ڪيترن شاگردن لاءِ ادبي ماحول پيدا ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اديب پيدا ٿيا . هن سوسائٽي هڪ اڌ ادبي ڪانفرنس به سڏائي .

    43. سنڌي ادبي سوسائٽي  (شڪارپور ) :

    هيءَ ادبي سوسائٽي شڪارپوري اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي . صوفي جهامنداس ۽ مرحوم حبيب الله ڀٽي هن سوسائٽيءَ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . سوسائٽي ڪيترن ئي ادبي نشستن جو اهتمام ڪيو  ۽ نون اديبن ۽  شاعرن کي ادبي ماحول پيدا ڪر ڏنو .

    44 . سنڌي ادبي سوسائٽي (ڪراچي ) :

    هيءَ سوسائٽي سنڌ جي نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر

    داؤد پوٽي جي ذاتي شوق سان 1949ع ۾ قائم ٿي . هن سوسائٽيءَ جو مکيه مقصد قديم ۽ عظيم ادب جي اشاعت هو . ڊاڪٽر مرحوم جي وفات کان پوءِ سيد ميران محمد شاهه هن سوسائٽيءَ جو چيئرمين ۽ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو . هن سوسائٽيءَ سنڌيءَ ۾ مکيه نادر ۽ اهم ڪتاب  شايع ڪرايا . 1965ع ۾ هن ئي سوسائٽيءَ طرفان ”اديون“ رسالي جو اجراءُ ٿيو .

    45 . سنڌي سڌار سوسائٽي (ڪڪڙ) :

    سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ هي جماعت احمد خان ”آصف“ ۽ سندس علمي و ادبي دوستن جي ساٿ سان ڪڪڙ ۾ قائم ٿي . سوسائٽي طرفان ڪيتريون ئي ادبي گڏجاڻيو سڏرايون ويون .

    46. سنڌي رائيٽرس گلڊ (ڪراچي ) :

    ڪراچيءَ جي اديبن علي نواز وفائيءَ جي تحرڪ سان ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ قائم ڪئي . جنهن جي قيام ۾ تاج بلوچ ۽ يوسف شاهين اهم حصو ورتو . ان کان ڪجهه عرصو پوءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي صدارت ۾ ساڳئي ئي نالي سان ادبي جماعت جڙي . جنهن ۾ بدر الدين اڄڻ ، مظهر الدين سومري ۽ منير چانڊئي وغيره به ڊاڪٽر پٺاڻ جو ساٿ ڏنو . هن گلڊ ڪراچيءَ جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ ليڪچر ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرايا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پهريون دفعو سگهڙ ڪانفرنس به ڪراچيءَ ۾ سڏرائي .

    ستت ئي پوءِ محترم نياز همايونيءَ حيدرآباد ۾ ”سنڌ رائيٽرس گلڊ“ قائم ڪئي . ۽ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي ۽ خطن وسيلي ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ جي وجود تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو . بزرگ اديب جي خواهش جو احترام ڪندي ڊاڪٽر پٺاڻ ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ کي ختم ڪري ڇڏيو .

     

    47. سنڌي سرڪل (سکر) :

    سنڌي سرڪل 1952ع ۾ شيخ مبارڪ اياز جي صدارت ۾ قائم ڪئي وئي . سرڪل جي سرگرم ڪارڪنن مان شيخ راز ۽ آفاق صديقي وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. هن سرڪل جي سهاري مرحوم شيخ راز جي جاءِ تي سنڌي خواه اڙدوءَ ۾ ادبي نشتون ٿيڻ لڳيون . سرڪل طرفان هڪ ادبي ڪانفرنس به ٿي ، جنهن ۾ڪراچيءَ ، حيدرآباد ، اندرنِ سنڌ ۽ لاهور ۽ ملتان کان ڪيترن اديبن شرڪت ڪئي . بعد ۾ سرڪل ساليانه مشاعرا به ڪرايا.

    48. سنڌي ليکڪن جي يادگار ڪاميٽي (شڪارپور) :

    هيءَ ادبي جماعت شڪارپوري اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ ، خليل مورياڻي ، غلام رسول ميمڻ ، نقش ناياب منگي ، پروفيسر غلام حسين ڀٽي ‏، نعمت الله ڀٽي ، انور هڪڙي ، بدرالدين اڄڻ ۽ گر ڏني مل ”گرل“ ۽ ٻين دوستن جي ڪوششن سان قائم ٿي. هن ڪاميٽي  شامون ملهايون ۽ ”سنڌ سگهڙ سنگت“ جي تعاون سان شڪارپور ۾ ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ منعقد ڪرائي وئي .

    49. سنياسي ادبي سنگت (هالا) :

    هيءَ سنگت منصور ويراڳيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي  ۽ عبدالقادر ”منور“ ، علي محمد ”ناز“ ، ۽ عبدالله ”بيوس“ هن جماعت جي ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . هن سنگت نه رڳو ٻوليءَ ۽ ادب جي اوسر ۽ تبليغ جو ڪم ڪيو ليڪن اشاعت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو .

     

     

    50.شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي (ڪراچي):

    هيءَ سوسائٽي سنڌ جي وڏ گهراڻي جي هڪ ڌن – ڌڻي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪوششن جو نتيجو آهي . هن سوسائٽيءَ پاران ڪڏهن ڪڏهن وڏي پئماني تي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيا . هن سوسائٽيءَ پاران 1981ع ۾ هڪ شاندار ساهتيه ڪانفرنس ٿي ، جنهن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ، دولت ميهتاڻي ۽ محمد ابراهيم جوئي وغيره سندس سهڪار ڪيو . 1982ع جي آغاز ۾ وري هن سوسائٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ئي ”عورت ڪانفرنس“ ٿي ، جيڪا پڻ ڪامياب وئي . مارچ 1987ع ۾ هن سوسائٽيءَ پاران هڪ وڌيڪ ڪانفرنس ٿي.

    51 . شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي (ڪراچي ) :

    هيءَ اڪيڊمي سنڌ جي نامياري بي لوث تحريڪ آزاديءَ جي  اڳواڻ  مرحوم  شيخ عبدالمجيد  سنڌيءَ جي  حياتيءَ  ۾  ڊاڪٽر

     در محمد پٺاڻ جي صدارت ۾ قائم ٿي . هن اڪيڊميءَ جو روح روان خان محمد پنهور ئي رهيو آهي . هن اڪيڊميءَ سنڌ جي مشهور شخصيت جي ڪارنامن کي تازي رکڻ لاءِ ڪيترائي سيمينار منعقد ڪرايا آهن ۽ ان کان سواءِ اشاعتي ڪم به ڪيا آهن .

    52. لطيف ادبي ائسوسيئشن (ڪراچي ) :

    هي جماعت عبدالڪريم سعدي ، ڪاڪا صديق ، آزاد جتوئي  ۽ سندس دوستن جي لطيف دوستيءَ جو نتيجو هئي . ائسوسيئشن ڪراچيءَ ۾ ڪجهه جلسا به منعقد ڪرايا .

     

     

    53. لطيف اڪيڊمي (سکر) :

    هيءَ اڪيڊمي مرحوم عبدالرزاق ”راز“ ۽ سندس ساٿين جي ڪوششن سان قائم ٿي . هن اڪيڊميءَ سکر ۽ شڪارپور جي اديبن ۽ شاعرن کي ادبي ماحول مهيا ڪري ڏنو .

    54 . مجلس احباب (نوان جتوئي ) :

    هيءَ ادبي جماعت نوان جتوئيءَ جي ناميارن شاعرن جي ڪوشش سان قائم ٿي . مجلس مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا . محترم  نجيف جتوئي هن مجلس جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

    55 . محفل احسن ادب (دادو) :

    هيءَ محفل دادوءَ جي علم دوست اديبن ۽ شاعرن جي ڪوشش سان قائم ٿي . محترم ”محسن“ ڪڪڙائي ڪيترو وقت محفل جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو . هن محفل ڪيترو عرصو دادو جي ادبي ماحول کي معطر ڪري رکيو  ۽ نون شاعرن کي پنهنجي ڏات جي جوت جلائڻ جو موقعو ڏنو .

     

      .6سکر بيراج جا سنڌ جي عام جيوت تي اثر   

     

    سياڻن سچ چيو آهي ته تهذيبون پاڻيءَ جي ڀر ۾ جنم وٺنديون آهن. انسان جڏهن ۽ جتي به جهوپڙا اڏيا ،تڏهن کان ئي سندس تهذيب جو آغاز ٿيو. اها چوڻي بنهه سنڌ تي به ٺهڪي اچي ٿي. اسان جا ڪيترائي تاريخي دؤر ۽ تاريخي واقعا سنڌو نديءَ سان لاڳاپيل آهن.اسان جا انيڪ شهر، گادي جا شهر ۽ تجارت جا مرڪز هن ڪنڌيءَ تي آباد ٿيا. پوءِ به هي مئي متو مهراڻ اسان جي مقدر جو ستارو آهي ۽ جيوت جو سهارو آهي. جيئن نيل نديءَ کان سواءِ مصر جو ملڪ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، تئين سنڌو نديءَ کان سواءِ سنڌ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي.

    جديد آبپاشيءَ جي نظام ،خاص ڪري سکر بئراج جي تعمير کان اڳ سنڌ جي زراعت ۽ معشيت سنڌو نديءَ جي رحم ڪرم تي ٻڌل هئي، جيڪا پنهنجي مرضيءَ جي مطابق، ڪنهن جهل پل کان سواءِ 500ميلن جو وهڪرو وهائيندي ۽ ڦرائيندي رهندي هئي. پر سکر بئراج جي تعمير نه رڳو هن دهشت ڀرئي درياهه کي انساني قبضي ۾ آڻي ڇڏيو، پر دنيا جي عظيم ترين آبپاشيءَ نظام کي به جنم ڏنو. سکر بئراج جي تعير سنڌ جي زرعي ترقيءَ ۾، جو انقلاب آندو آهي. انهيءَ جو مثال ئي نه ٿو ملي. هن بئراج کان اڳ سنڌ ۾ خريف جو فصل ته پوکي سگهبو هو، پر ربيع جوفصل گهڻي ڀاڱي بوسي ٿيندو هو. سکر بئراج جي تعمير ڄڻ ته ربيع جي فصل کي بوسي ٿيڻ کان بچائي ڇڏيو.

    بئراج ۽ ان جي ستن ڪينالن جي تڪميل کان پوءِ ڪيتري زمين آباديءَ لائق ٿي، ڪيتري زمين آبادي هيٺ آئي ۽ ڪيتري زرعي ترقي ٿي؟ آئون هتي انهن سوالن جا جوب ڏيڻ بدران سنڌ جي عام جيوت تي پيل سکر بئراج جي ڪن اثرن جي نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو.

    سياسي اثر : جيئن سنڌو جڏهن موج ۽ مستيءَ ۾ ايندو آهي ۽ ان جون ڪنڌيون ۽ ڪنارا ته ڇا وستيون ۽ واهڻ به سندس اثر کان بچي نه سگهندا آهن. تيئن ۽ بلڪل تهڙي ئي نموني هن اسان جي سياست کي متاثر ڪيو آهي. بئراج جي تعمير کان اڳ ۽ ان کان پوءِ اڄوڪي دؤر تائين انهن سياسي اثرن جي ڀلي ڀت نشاندهي ڪرائي سگهجي ٿي.

    انگريزن جي راڄ دوران سنڌ ۾ جيڪي به سياسي جماعتون قائم ٿيون، انهن مان ”سنڌ زميندار ائنڊ جاگيردار ايسوسيئشن“ هڪ فعال جماعت طور سنڌ جي امير طبقي جي ڪافي وقت تائين خدمت ڪئي. پر جڏهن سکر بئراج جي تعمير حقيقت جو روپ وٺڻ لڳي، تڏهن اها منظم ۽ متحد جماعت ”اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ ۽ ”لوئر سنڌ جاگيردار ائينڊ زميندار ائسوسيئشن“ جي نالن ۾ ، ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. زميندارن جون اهي ٻئي جماعتون بئراج جي تعمير جي آغاز تائين هڪ ٻئي جي حريف طور ڪم ڪيو.

    ”اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ جي انهيءَ عرصي دوران، اها ڪوشش  رهي ته بئراج جي تعمير بنا دير ٿيڻ گهرجي، ۽ لوئر سنڌ وارا وڏيرا وري ان ڪوشش ۾ هوندا هئا ته بئراج جي تعيمر نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اپر سنڌ وارا ماڻهو کين ئي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي اقتصادي طور وڌيڪ آسودا ٿي ويندا.

    زميندارن جي انهيءَ اختلافن تنهن وقت جي سياسي حالتن ۾ فرنگي سرڪار کي وڏي کان وڏي سياسي اخلاقي امداد پهچائي. جو جڏهن ”خلافت ڪاميٽي“ ۽ ”ڪانگريس ڪاميٽي“ ”عدم تعاون“ جي تحريڪ هلائي ته اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ جي زميندارن سرڪار کي راضي ڪرڻ لاءِ ”امن سڀائن“ قائم ڪرڻ جي چٽا ڀيٽي شروع ڪري ڏني. ليڪن جيئن چيو ويندو آهي ته : ”اُڻي اها جا ڪورئي جا من ۾“ سو سندن وفادارين جتائڻ يا ڏيکارڻ جو حڪومت تي ته اثر ڪونه پيو، ويتر متاثر اهي پاڻ  ٿيا. ٿيو ايئن جو پاڻ انهيءَ عوام اڳيان ڏٺا ٿي پيا، جيڪي انگريزن کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ عمل جي ميدان ۾ اچي چڪا هئا.

    اهو فطري عمل آهي ته ٻن ڌرين جي اختلاف سبب وچان  ٽين پارٽي وجود ۾ ايندي آهي. سو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ به ايئن ٿيو. آڪٽوبر0 192ع ۾ سنڌ ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس“ نالي هڪ جماعت وجود ۾ آئي. جنهن سنڌ جي ترقيءَ جي نالي ۾ سکر بئراج جي تعمير جي حمايت ڪئي ۽ انهيءَ کي حقيقت جو روپ وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا. بئراج جي تعمير جي مسئلي نه رڳو هڪ جماعت کي ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ڪيو ۽ هڪ نئين جماعت کي جنم ڏنو، پر سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ کي به متاثر ڪيو. هن تحريڪ کان باخبر ماڻهن کي خبر آهي ته سنڌ جي ڪن هندن سنڌ جي ممبئي کان علحدگي  واري تحريڪ جي مخالفت مذهبي ۽ سياسي بنيادن کان وڌيڪ اقتصادي سببن ڪري ڪئي هئي. ڪي هندو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مضبوط زميندار بڻجي چڪا هئا، تن کي اهو احساس ٿي چڪو هو ته سکر بئراج جي تعمير کان پوءِ سنڌ ۾ زرعي انقلاب ايندو ۽ زمين جي زرخيزي جڏهن سنڌ جي مسلمانن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيندي ته سنڌ جا مسلمان پنهنجي مرضيءَ مطابق سنڌ اسيمبليءَ کي پنهنجي مفادن خاطر استعمال ڪندا، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو هندن کي زرعي آباديءَ لائق زمينون نه ملي سگهنديون، پر کين اهو به خطرو آهي ته اڳ ۾ قبضي هيٺ آندل زمينون به سندن هٿن مان نڪري وينديون. انهيءَ احساس کان مجبور ٿي ڪن هندن سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ جي مخالفت ڪئي. ليڪن تاريخ ڪنهن جي احساسن ۽ خدشن ڏسڻ کان سواءِ پنهنجو فيصلو صادر ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ الڳ ٿي وئي.

    سکر بئراج جي وجود هاري ۽ زميندار جي حيثيت ۽ لاڳاپن کي به متاثر ڪيو. اهي حالتون وري سنڌ جي سياست تي به اثر انداز ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾، بئراج جي تڪميل کان پورا ٻه سال اڳ ”هاري پارٽي“ قائم ٿي.ان کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون جڙيون تن پنهنجي پنهنجي منشور ۾ زراعت، زميندار، زمين ۽ هاري جي حقن جهڙن مسئلن کي جوڳي جاءِ ڏني. اهي پارٽيون جڏهن اسيمبلي جي ايوان تائين پهتيون ، ته ات به سکر بئراج سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح سياست خواهه حڪومت تي اثر انداز ٿيندو رهيو.

    ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ جي علحدگي کان پوءِ سنڌي مسلمانن جو مٿئيون طبقو ڪنهن حد تائين پنهنجو سياسي تسلط قائم ڪري چڪو هو. ليڪن گڏيل هندوستان ۾ پوءِ به هندن کي پنهنجي هم مذهب اڳواڻن جو ن همدرديون حاصل هيون. ان ڪري مسلمان زميندارن، زر، زور ۽ زمين متعلق پنهنجي مرضي مطابق فيصلي ڪرڻ جي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ کي زور وٺرايو. کين يقين هو ته پاڪستان ٺهن کان پوءِ هو بنهه آزاديءَ سان پنهنجي معيشيت جا ملڪ پاڻ ٿي سگهندا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سکر بئراج ڪنهن حد تائين پاڪستان جي تحريڪ تي به اثر انداز ٿيو.

     

    مذهبي اثر:  

    خلافت تحريڪ جي آغاز سان گڏ مذهب ۽ سياست جو هڪ ٻئي سان ميلاپ ٿيو. ان کان پوءِ ئي مذهبي واقعا سياسي روپ وٺڻ لڳا ۽ سياست وري مذهب جي سهاري سان اڳتي وڍڻ لڳي. بئراج ۽ ان جي ڪئنالن جي تعمير سنڌ ۾ مذهبي جوش پروان چاڙهيو ۽ اهو مذهبي جوش اڳتي هلي سياست لاءِ ڪم آيو.

    واهن جي کوٽائي دوران روهڙي، سکر ۽ ڳڙهي ياسين تعلقن جي هڪ هڪ مسجد کوٽائي جي ضد ۾ ٿي آئي. اپر سنڌ جي مسلمانن مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ انهن مسجدن کي بچائڻ لاءِ ”تحريڪ حفاظت مساجد“ جو آغاز ڪيو هو. هن تحريڪ کي پوءِ سڄي سنڌ جي مسلمانن هٿي ڏني. تحريڪ ايترو ته زور ورتو جو وقت جي گورنر کي وضاحتي پريس نوٽ جاري ڪرڻا پيا، ليڪن سنڌ جي مسلمانن سرڪاري وضاحتن کي بي وزن قرار ڏئي، پنهنجي تحريڪ کي جاري رکيو. سنڌ جي مختلف هنڌن تي گڏجاڻيون ڪيون ويون ۽ اخبارن خواهه رسالن جا خاص نمبر ڪڍيا ويا. جن ۾ نه رڳو مسجدن کي بچائڻ جا جتن ڪيا ويا، بلڪ وقت جي گوري حڪومت تي به ڇوهه ڇنڊيا ويا. آخر ڪار مسلمانن کي هن تحريڪ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ۽ سنڌ جي عوام اهو ثابت ڪيو ته ننڍي کنڊ ۾ هو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مذهبي جائين ۽ عبادتگاهن جي چڱي ريت حفاظت ڪري سگهن ٿا.

    مسجدن بچائڻ جو هي واقعو نج مذهبي نوعيت جو هو، پر اهو اڳتي هلي مثال بڻيو ۽ سياست لاءِ ڪم آيو. هن ئي مثال کي اڳيان رکي سنڌ ۾ مسلم ليگ 1929ع ۾ سکر جي مسجد منزل گاهه جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو هو. شهيد الله بخش سومري جي وزارت ڊاهڻ ۾ ڪامياب وئي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائي سنڌي مسلمانن ۾  مسجدن بچائڻ جي مسئلي تي نئون جوش ڏنو ۽ اهو مثال اڳتي هلي سياست ۾ تبديل ٿي ويو.

    سماجي اثر:

    سکر بئراج جي تعمير سنڌ جي عوام جي زندگيءَ جي سمورن پهلوئن تي اثر انداز ٿي آهي، بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائيءَ کان اڳ سنڌو ندي ڪنهن جهل پل کان سواءِ شهرن جا شهر ۽ آبادين جون آبديون تباهه ڪري ڇڏيندي هئي. نه رڳو ايترو پر ٻوڏ کان پوءِ جڏهن پاڻي لهڻ لڳندو هو تڏهن مليريا، ڪالرا ۽ ٻيون وچڙندڙ بيماريون ڦهلجڻ لڳنديون هيون. گذريل زماني ۾ اڄڪلهه جهڙي طبي سهولتن نه هجڻ ڪري انهن آفتن جي لپيٽ ۾ آيل ماڻهن جي حالت رحم جوڳي هوندي هئي.

    مئڪڊونلڊ 1875ع ۾ انهيءَ جو نقشو جنهن طرح چٽيو آهي، ان مان ان زماني جي حالتن جو اندازو چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ مطابق :”جڏهن درياهه سڪي ويندو آهي ۽ سيلاب هٽندو اهي، تڏهن هڪ عجيب قياس جوڳي حالت پيدا ٿي پوندي آهي. گهر گهر جا ماڻهو بي چاڪ ۽ بيمار، گهٽين ۾، ڳوٺن ۾، ۽ شهرن ۾ تپن ۽ بيمارين جا ماريل انسان، منهن پيلا، چپ سڪل،  ۽ اڇا اڇا، جسم ڏٻرا ۽ ڏڪندڙ- مطلب ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته مڙدا ريڙهيون پائن. سال به سال اها حالت ٿيندي آهي ۽ ڀريا ٻه مهينا سڄو ملڪ انهيءَ نحوست ۽ آفت ۾ گهريل هوندو آهي.“

    اها هئي بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائي کان اڳ جي حالت. ليڪن ان کان پوءِ سنڌوءَ جي مستي ۾ وڏي ڪمي واقع ٿي آهي. انهيءَ جي ستن ڪئنالن ذريعي لڳ ڀڳ 45763 ڪيوسڪ يا 457630گيلن پاڻي في سيڪنڊ جي رفتار سان ورهائجي وڃي ٿو. جنهن ڪري گذريل زماني جيان شديد قسمن جي ٻوڏن اچڻ جا انديشا گهٽجي ويا آهن. نتيجو هيءُ نڪتو آهي ته بئراج جي تعمير کان پوءِ سنڌو درياهه نه ته وڏي پئماني تي انساني آبادي ٻوڙي آهي ۽ نه وري هي ملڪ ڪنهن وبا جو شڪار بڻيو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سکر بئراج جي تعمير اسان جي تهذيب، تمدن ۽ معاشري کي ڪنهن حد تائين استحڪام ڏنو آهي.

    ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته منهنجي   ڀيٽ ۾ هڪ معاشيات جو ماهر انگ اکر پيش ڪري بئراج جي تعمير کان پوءِ واري اقتصادي ۽ معاشي خوشحاليءَ جي تصوير سهڻي نموني چٽي سگهي ٿو. ان ڪري آئون هتي الڳ زاويو ۽ الڳ ذريعو ڪم آڻيان ٿو. منهنجو ذريعو آهي لوڪ ادب. اهو ادب جيڪو عوام جو هوندو آهي، ۽ عوام لاءِ هوندو آهي، جنهن جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته عوام جي نظر ۾ سکربئراج سندس جيوت تي ڪهڙا ڪهڙ اثر ڇڏيا آهن.

    سکر بئراج جي تعمير سنڌي ٻولي ۽ ادب کي به ماثر ڪيو آهي. اسان جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن انهيءَ واقعي ۽ ان جي اثرن تي تفصيل سان لکيو آهي، سندن تخليقون تصوير جو اهو رخ پيش ڪن ٿيون، جيڪو حقيقت تي ٻڌل آهي.هنن بئراج جي جن اثرن کي جيئن ڏٺو، ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن ئي ان کي چئي ڏنو آهي. هنن جتي بئراج جي تعمير جي تعريف ڪئي آهي ۽ عام زندگيءَ تي پيل ان جي اثرن جي نشاندهي ڪئي آهي، اتي انهيءَ جي آندل خراب تبديلين تي تنقيد به ڪئي آهي.

    شاعر خانو پهنور سکر بئراج جي تعمير جي تعريف ڪندي ملڪي حالت تي روشني هينئن ٿو وجهي:

    اڀرو سڀرو آسودو، اڄ ڍائو  منجهه ڍون،

    جن کي جتي جڙي هئي ڪا نه ڪا، سي ڀڻا منجهه بوٽن،

    جن کي منگهو، مني ملي  ڪانه ڪا، سي گهوڙن  تي گهمن،

    جن کي ڪپڙو مليو ڪو نه ڪو، سي پٽ ٿا پهرن،

    جن ڏيو ڏٺو ڪين ڪو، اتي بجليون ٿيون ڀڙڪن،

    مثال

    جن کي تري نه ملي تيل جي، سي مرڪيو مشڪ مکين،

    جيڪي پنيو پئي پُرندا هئا، سي پنهنجي پچائين،

    جن کي رٻ ملي هئي روڀن سان، سي خشڪا ٿا کائين،

    جن کي رکي رسي هئي ڪانه ڪا، سي پلاءُ تي پرچن،

    جن کي تنگي هئي طباخ جي، سي ڍاڪن مرن ڍون،

    جن پئي ٿڏا جهليا ٿوم لاءِ، اتي ڪڪڙ پيا ڪسن،

    جن کي ٻٽڪو ڪونه ٻيڙي ملي، اتي سيل سگريٽ سڙن،

    جن کي ڪوڙو ڇلو ڪو نه مليو، اهي سڀئي منجهه سونن،

    جن ڏندڻ ڏٺو ڪو نه ڪو، کنيون سوپاريون سڀن،

    جن کي ٽپ نه ٽاري ملي،  ان تي آ ڇانو ڇٽن،

    جن عمر نه عيش اکين ڏٺو،  وٽ ريهه به رڪا ٽن،

    فونا هارمونا، هئا موسٽ  ، سائيڪلن،

    سکر بئراج آئي سڀ سکيا ٿيا، ڪريو ٽنڊ ٽلن،

    ماڻهن جا مون حال ٻڌا،  ته اهڙا حال هئن،

    پاڻيءَ آئي ”پنهور“ چئي، ٿي بهاري برن،

    عالم آ سودو  ٿيو، ڪئي موج ماڻهن،

    رب جڏهن آ راضي ٿيو،  تڏهن مليو مسڪينن،

    پوءِ اهڙي طاقت ٻي ناهي ڪن، ٿا ساراهيون سبحان کي.

     

    ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سکر بئراج جي تعمير ماڻهن جو مقدر بدلائي ڇڏيو. ليڪن اهي ڀاڳ ڀريا انسان ٿورا هئا، ڇو ته پهرين ڏهن سالن ۾ نيون زمينون ”هارپ گرانٽ“ مطابق هارين کي ملي سگهيون، ليڪن بعد ۾ اهي دروازا غريب هارين لاءِ بند ٿي ويا. ۽ پوءِ “ڀريا مٽ پيا ڀرجن“ جي مصداق زميندارن کي ئي ڏيڻ ۾ آئي.

    جڏهن دولت هڪ هنڌ گڏجڻ لڳندي آهي، ۽ ان جو وهڪرو بند ٿي ويندو آهي، تڏهن اُها ڪيترين ئي براين کي جنم ڏيندي آهي. بنهه ائين جيئن رت وهڻ ڇڏي بيهي رهندو آهي ته ڦٽن کي جنم ڏيندو آهي، سو جڏهن بئراج خوشحالي آندي ته ڪيترا ماڻهو انهيءَ جو ڍؤ جهلي نه سگهيا، جنهن ڪري ڪيترين گندين رسمن جنم ورتو. جيئن جيئن بئراج جو پاڻي واٽرن ۽ واهن ذريعي ڏورانهن هنڌن تي پهچندو ويو، تيئن تيئن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج ۾ ڦيرو ايندو ويو. ماڻهن جي ٻولي به بدلجندي ويئي. ووڻن ۽ ڦٽين جي ڪمائي ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بنائي ڇڏيو. عزيز مائٽ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. عام جهيڙن جهڳڙن ۽ زمينداري ظلمن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو…… .

    مڙسن ڏاڙهيون مڇون ڪوڙائي ڇڏيون. ٻيڙي ۽ چرس جي عادت عام ٿيڻ لڳي. وڏيرا ۽ زميندار پنهنجي ڪمائي عيش ۾ وڃائي مقروض ٿيڻ لڳا.

     

    پوءِ پانڌي آريسر جهڙي شاعر کي چوڻو پيو ته :

    وهيا واٽر ناليون ناليون،

    ماڻهن مٽايون چاليون چاليون،

    ڪن ڳجهيون ٿا ڳالهيون ڳالهيون،

    وسري ويون سس ساليون ساليون،

    کيسا خالي وچ بازار……….

    ماڻهو مٽيا ۽ مٽي ٻولي ٻولي،

    ٺلهي ياراڻي لوڀ لولي لولي،

    ريت رسم تن رولي رولي،

    چڻنگ ٻري منجهه چولي چولي،

    ڇني سڀ ٿيا ڌارون ڌار…..

    ظلم زمينداري زوران زور،

    ابتي اٽل سان توران تور،

    چورت چغلي چوران چور،

    سر تي پاڻي ٻوڙان ٻوڙ،

    ڪرٽ ڪهاڙا هٿ ڪمدار…..

     

    هاري جو ته اڳ ئي حال ڪونه هو  پر زميندار پنهنجو پاڻ کي حال مان بي حال ڪيو. باقي جا ڪمي رهيل هئي، اها شاعر حاجي روشن علي شاهه ڪي چوڻ مطابق هينئن پوري ٿي:

    ڍلون سڀ ڊگهيون  ٿيون، آهي تاءُ تکو تپيدارن ،

    آيا آفيسر ملڪ ۾، ڪاهه، ٻڌي ڪامورن،

    انجنيئر، ايسٽيا، ٻيا چيف ٿا چون،

    ڪينال ڪتاب هٿن ۾، ڏاڍي آڪڙ آبدارن،

    سروير بندن تي سدائين، رشوت تي رڙهن،

    داروغا درن تي، وهريا سي وتن،

    مقدمن بيلدارن جو، آهي شور مٿي شاخن………

     

    اهي هئا ڪي عوامي شاعر جن پنهنجي ڍنگ ۽ رنگ سان بئراج جي اثرن جي نشاندهي ڪئي. اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيل هن مختصر خاڪي مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سکر بئراج جي تعمير ۽ ان جي واهن جي کوٽائي عام جيوت جي مڙني پهلوئن تي اثر ڇڏيا آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويندا.

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

      .7سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم ادب

     

             جيئن اڄ جي ڪيترن انسانن جا چپ سنڌ واسين جي لياقتن ۽ صلاحيتن  ڳائڻ يا ٻڌائڻ کان خاموش نه آهن، تيئن وري تاريخ جا ورق سندن ماضيءَ تان پردي هٽائڻ کان چپ آهن (1) . انهيءَ ڪري ڪنهن به موضوع تي قلم کڻڻ آسمان مان تارا لاهي اچڻ جي برابر ٿئي ٿو . سنڌ ۾ عيسائيت جو آغاز ڪڏهن ٿيو ؟ ۽ انهيءَ مذهب اسان جي علم ادب کي ڪيترو متاثر ڪيو ؟ اهو موضوع ته پنهنجي مٿي نهايت دلچسپ آهي، ليڪن تاريخ جي ٽٽل تار مان ڪنهن چٽي خاڪي جو يڪتارو ٺهي نه ٿو سگهي ، جنهن کي هٿ ۾ کڻي ماضيءَ جو ڪو سندر گيت ڇيڙجي .

              جيتري قدر مغربي قومن جو لاڳاپو آهي، انهن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سڪندر اعظم اهو پهريون ڏورانهين ملڪ جو ماڻهو هو، جنهن عيسوي سن کان سوا 300 ورهيه کن اڳ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ يوناني گورنرن جي حڪومت هيٺ رهي ڪري سڌو سنئون مغرب جي اثر هيٺ آئي. سڪندر اعظم لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو لسٻيلي جي رستي کان واپس ويو هو ۽ هن جي بحري فوج ڪراچيءَ جي لڳ ڀڳ ڪجهه وقت لاءِ ترسي هئي (2). ڪيترن مؤرخن جو چوڻ آهي ته سڪندر اعظم جي فوج جو اڳواڻ نيرڪس (Nearchus)  پندرهن ڏينهن منوڙي جي ويجهو ترسيو هو ، ۽  8 – آڪٽوبر 356 ق – م  اتان روانو ٿي ويو هو. (3) .

    انهيءَ تاريخي واقعي کان وٺي ويندي عيسوي سن 68 ع تائين تاريخ جا ورق بلڪل خاموش آهن، ۽ پوءِ انهن ئي ورقن ۾ اوچتو ئي اوچتو سينٽ ٿامس (St. Thomas) جو نالو اڀري اچي ٿو . اهو عيسائي پهريون حواري هو، جنهنجي تبليغ تي تڪس شلا(4) . (Taxila) جي راجا گونڊيفيرس (Gondephares) عيسائي مذهب اختيار ڪيو  (5). جيئن ته انهيءَ زماني ۾ تڪس شلا به سنڌ سان مليل هئي ، ان ڪري هن واقعي کي به سنڌ جو واقعو قرار ڏئي سگهجي ٿو .

    تاريخ جي ٽٽل تار هتي به هڪ آواز ڇيڙي وري خاموش ٿي وڃي ٿي ، تان جو وري اسان کي ماضي قريب جي دؤر ۾ محمد بن قاسم جي فتح(712ع ) وقت ، سنڌ ۾ ڪليسائن جي هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا . هن دؤر جون ڪليسائون ايتريون ته ڪمزور هيون ، جو سنڌ جي معاشري تي ڪو مستقل اثر وجهي نه سگهيون (6). انهيءَ کان پوءِ سلطان محمود غزنويءَ جي دؤر ۾ فردوسيءَ جي هڪڙي شعر سنڌ ۾ هن مذهب وارن جو اهڃاڻ ملي ٿو (7) . اهو شعر هي آهي :

    ”چون در ملڪ سلطان ، ڪه چَرِ خش ستودِ ،

                                             بسي  هست      ترسا   و    گبر     و        يهود “.

              تاريخ جي ورقن جا اُهي ٽانڊاڻا 1555ع جي سنه کي پهچندي پاڻ روشنيءَ جا مينار بڻجي وڃن ٿا ، جن جي سهائيءَ ۾ اسان کي ٻاهران ايندڙن جو چهرو صاف صاف نظر اچي ٿو . انهيءَ سال بکر ۽ ٺٽي جي ترخان حڪمرانن جي وچ ۾ اچي تخت تان جهيڙو لڳو  ” وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا“ واري ڪار ٿئي ها  ته به سنڌ واسين جو ڀلو ٿئي ها، پر هتي ته ڳالهه ئي ٻي ٿئي پئي .ٻه ٻليون جو حويلي تي اچي وڙهيون ، سو امين بنايائون ڀولڙيءَ کي !، ڀولڙو انصاف ڪندي نه رڳو حلوو کائي ويو ، پر پوءِ ٻلين کي به تارا ڏيکارڻ لڳو !، ٿيو ايئن جو ٺٽي جي حاڪم عيسي ترخان پنهنجي مدد جي لاءِ پور چگيزين کي پڪاريو . هو آيا ضرور پر ، مدد رهي پنهنجي ماڳ ، ان جي برعڪس اڻ ميئي مال ملڪيت کان سواءِ اٺن هزارن پر امن سنڌ واسين جي رت سان پنهنجي تاريخ لکي ويا (8)، ۽ انهيءَ خون چڪان باب سان گڏ سنڌ ۾ عيسائين جي آمد جو نئون سلسلو جاري ٿيو . انهيءَ کان پوءِ ڪن اسان جي سامونڊي علائقي تي قبضو ڪري سامونڊي ڌاڙيلن جو روپ ورتو (9) ، ته ڪن اسان جي واپار ۽ تجارت تي اکيون وڌيون (10). ڪي سياح بڻجي آيا (11)‎‎‎‎ ته ڪي سفير بڻجي پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لڳا (12) . ليڪن اسان انهن سمورن صاحب لوڪن کي نظر انداز ڪندي رڳو انهن عيسائين کي کڻئون ٿا ، جيڪي هتي پنهنجي مذهب جي پرچار لاءِ آيا .

              ٺٽي جي تباهيءَ ۽ برباديءَ کان پوءِ پورچگيز نه رڳو سنڌ جي ايراني نار۽ گجرات سان ٿيندڙ  واپار ۽ واپاري رستن تي قابض ٿي ويا، بلڪ اهي مذهبي مبلغ به بڻجي هن خطي ۾ عيسائيت جو پرچار ڪرڻ لڳا . انهيءَ کان پوءِ بصري کان ڊسليڊس ڪارملائٽس (Discelced Carmelites) (13) ۽ گوا کان آگستنين (Augustinian) (14) جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو (15) .

    ڊسليڊس ڪار ملائٽس  يعني  پيرن اگهاڙن مبلغن (Discelced Carmelites )جي ڌڙي مان فادر ليو ڊو ويڪس (Ludovicus Franciscus a Matre Die)۽ برادر ريڊم پٽس (Redemptus) سنڌ ۾ آيا (16) . ڪارملائٽس بابت ٻي معلومات منوڪي (Munucci) ڏني آهي (17)، جنهن بکر ۽ لاهري بندر ۾ سندن موجودگيءَ جي تصديق ڪئي آهي. هن جيتوڻيڪ لاهري بندر واري پيرين اگهاڙي فادر جو نالو نه ٻڌايو آهي ، پر بکر واري پيرين اگهاڙي پادري (Carmelite monk) جو نالو ضرور ٻڌايو آهي . اهو آهي فري پيڊرو ڊي  سنٽا ٽيرزا (Frey Pedro de Santa Terza) (18) . انهيءَ کان پوءِ اسان کي 1672 تائين چئن پادرين جا نالا ملن ٿا ، جن ٺٽي ۾ وفات ڪئي . اهي آهن : فادر لوئي فرانسس (Father Louis Francis) جنهن آڪٽوبر 1622ع ۾ وفات ڪئي . جيڪو اصل ۾ اسپيني باشندو هو . ٻيو فادر پئٽرڪ آف سينٽ لو ئي (Fr. Patrick of St. Louis) جيڪو فرينچ هو ، ۽ آگسٽ 1643ع ۾ وفات ڪيائين.  فادر مچل آف سينٽ سائمن (Fr. Michael of St. Somon) جيڪو پورچوگيزي هو ، ۽ جولائي 1657ع ۾ وفات ڪيائين ۽ فادر پيٽر(Fr. Peter) جنهن 1682ع ۾ وفات ڪئي (19) . انهيءَ کن پوءِ الينگزيڊر هيملٽن (Alexander Hamilton) به 1699ع ۾  ٺٽي ۾ سندن هڪ چرچ جو ذڪر ڪيو آهي (20) .

    1623ع ۾ ڊائيگو ڊي سانٽ آنا (Diogo de Sant Anna) پنهنجي مڙهي (Monastery) قائم ڪري سينٽ آگسٽن جي جي پئلڳن جي سلسلي کي سنڌ م پهچايو(21) . هن سلسلي (Augustinian Friars) وري لاهري بندر کي پنهنجي مذهب جي تبليغ جو مرڪز بڻايو (22) . هنن لاهري بندر ۾ هڪڙي ديول به تعمير ڪرائي، جنهن جي ديوارن تي تثليث جون تصويرون چٽيل هيون (23). وقت جي مغل حڪمران شاهجهان جي ڏمر ۽ ڪاوڙ سندن تبليغي ڪم کي متاثر ڪيو ۽ انهيءَ ڏمر هيٺ سندن لاهري بندر واريون مذهبي جايون ڊاهيون ويون، ۽ سندن هڪ ماڻهو انٽو نيو ڊي ڪرائيٽيو (Antonio de critoe) کي جيل اماڻيو ويو. ليڪن سباسشن مانريڪو (Sebastion Manrique) انهن جاين کي وري 1641ع ۾ ٻيهر تعمير ڪرايو (24) .

    جيئن ته سنڌ ۾ عيسائيت کي مانوس ڪرائڻ ۾ پورچگيزي سڀ کان اڳرا هئا، ان ڪري انهن جا هندوستان مان جڏهن پير ٿڙڻ لڳا ته اهو اثر سندن تبليغي ڪم تي به پيو . سندن جاءِ والاريندڙ انگريزن ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي عيسائي بنائڻ کان وڌيڪ سندن استحصال ڪرڻ تي توجهه ڏنو . انهيءَ ڪري سندن ارادا مذهب کان وڌيڪ سياسي رنگ ۾ رتل هئا . اهڙين حالتن ڪري انهيءَ دور ۾  سنڌسندن تبليغ بدران جاسوسيءَ جو نشانو بڻجڻ لڳي . انهيءَ کان سواءِ هن ڳالهه کي به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي ته  پورچيگيزي اثر هيٺ سنڌ ۾ تبليع ڪندڙ عيسائي سرڪاري سرپرستيءَ کان محروم هئا ، ليڪن انگريزن هڪ منظم نموني سان ڪن اصولن مطابق پنهنجي مذهب جي مبلغن جي حفاظت ۽ سرپرستي ڪئي. جيئن ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ هو ،ان ڪري انگريزي عيسائين هتي بي سهاري تبليغ ڪرڻ بدران پنهنجي سرڪار جي حفاظت هيٺ هندوستان جي حدن اندر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو . ان ڪري سنڌ جو خطو ڪجهه وقت لاءِ عيسائين جي پرچار کان پري رهيو . ليڪن عيسائيت جي اها دوري 1843ع ۾ سياست ۽ مذهب جو روپ وٺي سنڌ تي حاوي ٿي وئي . جنهن نه رڳو هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ کي غلام بنائي ڇڏيو پر ان جي تهذيب ۽ تمدن جي توازن کي به هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو . سنڌ جي سماج جو ڪو به پهلو نه رهيو، جنهن ۾ ، ڪاپا پلٽ جهڙي حالت نه ٿي هجي.

    يورپي ماڻهو ۽ عيسائي مبلغ جيڪي گهڻو وقت اڳ رت جيان اسان جي سماج جي جسم ۾ داخل ٿي چڪا هئا (25)، تن کي 1843ع جي تبديلي سنڌ جي سماج جو تنها وارث بنائي ڇڏيو . جيئن ته هن موقعي تي عيسائيت جي سڪي جا هڪ ئي وقت تي ٻئي پاسا ڏيکاري نه ٿا سگهجن، ان ڪري اسان ٻين ڳالهين کي نظر انداز ڪري پاڻ کي رڳو مذهب جي ميدان تائين محدود رکون ٿا .

    سنڌ تي قبضي ٿيڻ کان پوءِ عيسائي، فوجن لاءِ گرجا جا پادري بڻجي هتي آيا. انهن ۾ اڪثريت ڪئٿوليڪ پادرين جي هئي . پوءِ انهن مان ڪن کي ڪارملائٽس (Carmelites) بنايو ويو، جن پهريون حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ کي پنهنجو مرڪز بنائي عيسائيت جي تبليغ ڪئي . اهي سرڪاري پادري 1852ع تائين سرگرمِ عمل رهيا، جن کان پوءِ سندن جاءِ اچي جيسئٽس (Jesuits) والاري (26) . رومن ڪئٿوليڪ عيسائين جي هن پراڻي فرقي ۾ ڪيترا جرمن به هئا ته ڪيترا آمريڪي به ۽ اسپينش به .

    1935ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻه فوجي پادري، ڪوٽڙي ۽ سکر ۾ ٻه ريلوي پادري ۽ ڪياماڙيءَ ۾ هڪڙو پادري هوندو هو. ان وقت تائين سنڌ جون سموريون عيسائي جماعتون ۽ تنظيمون ممبئي جي عيسائي آفيس (Archdiocese) جي ماتحت ڪم ڪنديون هيون، جڏهن سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ حقيقت جو روپ وٺڻ تي هئي ، ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي عيسائيت جي تبليغ جو الڳ مرڪز (Ecclesiastical Unit) بنايو ويو . انهيءَ سلسلي ۾ 22 جون 1935ع تي پوپ پال جي حڪم تي ڊچ پادرين (Dutch Franciscans) اچي رومن ڪئٿوليڪ وارن کان چارج ورتي ، ۽ فادر ويلنس وائينيڪ (Fr. Valens Wienk) کي هن نئين يونٽ جو پهريون مذهبي سربراهه مقرر ڪيو ويو (27). 1843ع کان وٺي 1947ع تائين سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار جي ڪهاڻي سرڪاري سرپرستيءَ (28) ۾ مذهبي جنون ۽ جدوجهد جو هڪ طويل داستان آهي . هن دؤر ۾ عيسائيت جي تبليغ لاءِ ڪيتريون ئي مذهبي جماعتون قائم ڪيون ويون (29). سنڌ جي عيسائين پنهنجي تبليغ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. ڪن وڃي اسڪول کولي نئين نسل کي پنهنجي عقيدي جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي (30) ، ته ڪن وڃي فوجي ڇاوڻيون سنڀاليون، ڪن ديوليون ۽ گرجائون کوليون(31) ته ڪن اسپتالون ۽ سماجي خدمتن جا ادارا قائم ڪيا (32). ڪن وڃي جيلن ۾ قيدين تي قرب ڪيا ته ڪن وڃي ريل گاڏين چڙهي عوام کي ”هندو پاڻي “ ۽ ”مسلمان پاڻي “ کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي . مطلب ته هنن زندگيءَ جي هر هڪ شعبي تي حاوي پوڻ جي ڪوشش ڪئي. 1843ع کان وٺي 1947ع تائين ڪراچيءَ، ڪوٽڙي، حيدرآباد ، نوابشاه، ماتلي ، سانگهڙ، ميرپور خاص، شاهه پور،   سامارو، نبي سر روڊ، تارا چند جو ڳوٺ، ڪاڇيلو، ۽ سکر عيسائيت جي تبليع جا مکيه مرڪز رهيا (33) . سنڌ ۾ عيسائي مبلغن کي پنجابي ڀنگين ، ڀيلن ۽ ڪولين ۾ چڱي مقبوليت نصيب ٿي . 1947ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ رهندڙ ڪرستانن جي آبادي20 هزار هئي ، جن ۾ گهڻائي انگريزن ، مدراسين، گوانن  ۽ پنجابين جي هئي (34) .

    سنڌ ۾ عيسائي تبليغ جي پس منظر کي ذهن ۾ رکي آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ٻولي علم ادب به ڪيترو نه اثر قبول ڪيو هوندو . اسان جيڪڏهن عيسائي تبليغ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پاڻ ۾ لاڳاپي جوخاڪو چٽينداسين ته اهو اسان اڳيان ٻه روپ وٺي بيهندو . پهرين روپ ۾ اسان جي ٻولي ان کان متاثر ٿيل نظر ايندي ، ۽ ٻئي روپ ۾ خود عيسائي مبلغ ۽ سندن تبليغ اسان جي علم ادب جي اثر هيٺ آيل نظر ايندا.

    1885ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ پهرين ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي (Max Denso Hall Literary Society) قائم ٿئي ٿي ته ان جو پهريون صدر بمبرج (Bam bridge) نالي هڪ پادري ٿئي ٿو (35) ، ۽ ايئن اسان جو سنڌي ادب پادرين جو اثر قبول ڪري ٿو .

    سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار صحافت جي دنيا کي بيحد متاثر ڪيو . 1896ع کان شايع ٿيندڙ سندن ”جوت“ اخبار سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو . ”گل ڦل“ ۽ ”دلبهار“ جهڙا ڪتاب اڳ ”جوت“ ۾ شايع ٿيل مضمونن ۽ ڪهاڻين تي مشتمل آهن .

    سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار سنڌي ٻوليءَ ۾ ”فرقي پرست“ ادب جو به اضافو ڪيو . حقيقت ۾ مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ اسلام ، عيسائيت ۽ هندو ڌرم جي وچ ۾ مذهبي ڇڪتان انگريز راڄ جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“  واري حڪمت عمليءَ جو نتيجو هئي . ليڪن سنڌ ۾ هن وبا کي پکيڙڻ ۾ عيسائيت جو وڏو عمل دخل رهيو آهي . سنڌ جي مسلمانن تي پهريون مذهبي وار ”قرآن جو بنياد“ نالي هڪ ڪتاب هو، جنهن جي جواب ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ 1911ع  ۾ ” فتح محمدي“ ڪتاب لکيو .

    عيسائيت جي تبليغ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي ڪيترائي ليکڪ ۽ اديب ڏنا . انهن ۾ سنڌين مان پرمانند ميوارام (37)، فادر ڪوٽواڻي(38)، ۽ ٽي – کيمچند (39) جا نالا قابل ذڪر آهن . انهن سنڌي عيسائين سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي جا خدمت ڪئي آهي ، انهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . ساڳئي نموني سان هن پرچار اسان کي اي -آر- ڪارسن (A.R. Carson) (40)، پادري شرٽ ، ۽ هسڪل (C.W. Haskell) (41)، جهڙا غير سنڌي ليڪن سنڌي ٻولي جا اديب به ڏنا .

    سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪندڙ عيسائي مبلغن جي ”سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي “ (Sindhi Christian Literary Society) کي به ڪڏهن نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ! هو بي مهل نه ٿيندو ، جيڪڏهن هن سوسائٽيءَ جو مختصر تعارف پيش ڪيو وڃي . سنڌ ۾ اڳ ئي ”چرچ مشن سوسائٽي“ Mission Society) Church) ۽  ”زنانه مشن سوسائٽي “ (Zanan Mission Society)، پنهنجو تبليغي ڪم ڪنديون هيون. انهن ٻنهي سوسائٽين 1906ع ۾ ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ قائم ڪئي . جنهن جو پهرين ورڪنگ ڪاميٽي ڊبليو-جي-اَبيگئل (W.J. Abigail) ، اَي – ايِ – ريڊمين (A.E. Redman) مس برينٽن ڪيري (Miss Brenton Carey ( ۽ مسٽر تلسيداس منسکاڻي (Tulsidas Manskhani) تي مشتمل هئي (41) .

    انهيءَ سوسائٽي 1910ع ۾ پنجاب جي ”رليجس سوسائٽي“  (Religious Society)سان الحاق ڪري، ان جي ذيلي جماعت جي حيثيت سان عيسائيت جي اشاعت جو ڪم جاري ڪيو . 1935ع ۾  هن سوسائٽيءَ کي الڳ ۽ خودمختيار بڻايو ويو . ان کان پوءِ ڪراچي هن سوسائٽيءَ جي مرڪز جي حيثيت رکندي هئي، ۽ ان جو ن شاخون سنڌ جي ٻين هنڌن تي به هيون (42) .

    هونئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کان اڳ ”چرچ مشنري سوسائٽي“ به ڪجهه ڪتاب شايع ڪرايا، پر هيءَ سوسائٽي محض انهيءَ مقصد خاطر قائم ڪئي وئي هئي. غير عيسائي سنڌي ليکڪن مان مرزا قليچ بيگ هن سوسائٽيءَ سان ڪافي قلمي تعاون ڪيو. هن صاحب 1923ع ۾ انجيل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو . ۽ ان کان پوءِ وقت به وقت سوسائٽيءَ لاءِ ڪتاب ترجمو ڪندو رهيو . عيسائي سنڌي ليکڪن مان ڀڳتاڻي ۽ چندو راءِ انهيءَ جا ليکڪ ۽ مترجم رهيا. اَي – آر – ڪارسن ۽ هسڪل به هن سوسائٽيءَ لاءِ ڪتاب لکيا . هن سوسائٽيءَ سنڌيءَ ۾ اڻ ڳڻيا ڪتاب شايع ڪرايا، ڪتابن جي اشاعت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1924ع ۾ سوسائٽيءَ سنڌي ۽ گرمکي زبانن ۾ 169 ڪتاب شايع ڪرايا .

    ائين نه آهي ته رڳو عيسائيت جي تبليغ ئي اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي متاثر ڪيو آهي، ليڪن حقيقت هيءَ آهي ته خود اسان جي علم ادب به عيسائيت جي تبليغ ۽ انهيءَ جي مبلغن تي اثر انداز ٿيو آهي . اسان مثال طور ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ (Dr. Ernest Trumpp)(43)  ٻيو نالو  ”هڪ رانجهو لکان دي مٽ “ مصداق پيش ڪري سگهون ٿا ، جنهن کي پنهنجي مذهب جي تبليغ کان اڳ به وڌيڪ اسان جي علم ادب ايترو ته متاثر ڪيو جو هن لاکيڻي لطيف جي ڪلام کي 1866ع ۾ پنهنجي محنت ۽ محبت سان سموهي سينگاري شايع ڪرايو .

    ڊاڪٽرٽرمپ عيسائيت جي تبليغ ۽ چرچ مشن سوسائٽي (Church Mission Society) جو اهو گل هو . جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي تاريخ واري چمن ۾ نه رڳو هڪ موزون جاءِ ولاري، پر انهيءَ کي پنهنجو هڳاءَ به ڏنو . ڊاڪٽر ٽرمپ رشتي جي هڪ اهڙي ڪڙي بڻيو جنهن سنڌي ۽ جرمنيءَ کي علمي ۽ ادبي نقطئه نگاهه کان هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو . جيتوڻيڪ کانئس اڳ 1842ع ۾ ڪئپٽن ليو پولڊ (Leopold Von Orleige) سنڌيءَ آيو (43) . ليڪن ڊاڪٽر ٽرمپ جي آمد انهيءَ دؤر جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ربط پيدا ڪري ڇڏيو . سندس سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سان عشق هڪ افساني کي حقيقت بنائي ڇڏيو . هن نه رڳو سنڌي ٻولي ۽ شاهه کان متاثر ٿي کين مغرب ۾ مانوس ڪرايو ، پر هو پنهنجي ملڪ  جرمنيءَ کي به سنڌ واسين سان مانوس ڪرائڻ جو باعث بڻيو . سنڌ واسين ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي علم دوستيءَ جو اثر به علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جي صورت ۾ ڏنو . ۽ جرمنيءَ جي مکيه ليکڪن توڙي  اديبن جا شاهڪار ۽ شهپارا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا . 1911ع ۾ مرزا قليچ بيگ جرمنيءَ جي مشهور اديب ڪرسٽاف وان شمٽ (44)، جي هڪ ناول جو ترجمو ”گلن جي ٽوڪري“ جي نالي سان ڪيو.

    1923ع ۾ وري ڄيٺمل پرسرام جڳ مشهور عالم ۽ اديب گوئٽي جي  فائوسٽ (Foust) کي سنڌي ناٽڪ جو روپ پهرايو . انهيءَ کان پوءِ 1931ع ۾ احمد غلام علي ڇاڳلا ڊرامو ”خوني“ ترجمو ڪيو جيڪو جرمني جي اديب رچرڊ ووس (Richard Voss) (46) جو لکيل هو . ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ (Sindhi Adabi Board) طرفان ”گِرم جون آکاڻيون“ ڪتاب شايع ٿيو آهي . جيڪو جرمنيءَ جي ٻن ڀائر اديبن جيڪب (Jacob) ۽ وليم (Wiliam) (47) جي محنت جو نتيجو آهي .انهيءَ کان سواءِ سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جا عالم ۽ اديب ، شاعر ۽ محقق جرمنيءَ جي معياري ادب جو اڄ به ترجمو ڪري رهيا آهن . مثال طور 1968ع ۾ ، نامور جرمن شاعر پروفيسر ڊاڪٽر گرڊ ليو پڪي۽ سندس اهليه ميڊم ارمگارڊ ليوپڪي گريف جا چند نظم، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا، جي مهراڻ، روح رهاڻ ۽ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيا هئا . ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر غلام حيدر ٻُرڙي، جڳ مشهور جرمن مستشرق ڊاڪٽر انيميري شمل جي ڪن تحريرن جا سنڌي ترجما ڪيا آهن . جيئن ته هي موضوع اسان جي بحث کان ٻاهر آهي، ان ڪري ان کي اوس ئي نظر انداز ڪرڻو پوي ٿو. 

    آخر ۾ مختصر طور تي ايئن چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ جيئن ڪرستاني مذهب جي تبليغ ٿي آهي، تيئن هتي سنڌي زبان ۾ ڪرستاني ادب جي اوسر به ٿي آهي . عيسائيت جتي اسان جي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر انداز ٿي آهي ، اتي انهيءَ کان پاڻ به متاثر ٿي آهي .

     

     )حوالا ۽ وضاحتون (

    (مهراڻ نمبر 1981-4 جي ص 166 سان لاڳاپيل )

    (1) سنڌ جي ماضيءَ جي اها مايوس ڪن تصوير ڪيترن ئي سببن جو نتيجو آهي . انهيءَ جو پهريون سبب آهي، ”ڌارين جو راڄ.“ آرين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ غير سنڌي قومن جي آمد ۽ ڪن حالتن ۾ ڌارين جي حڪمرانيءَ نه رڳو سنڌ واسين جي رت ۽ ست پئي چوسيو آهي، بلڪ سندن تهذيب  ۽تمدن سان به پئي هٿ چراند ڪئي آهي، ان ڪري تاريخ جي سلسلي جون ڪڙيون ٽٽل نظر اچن ٿيون. ٻيو سبب آهي ”سنڌوءَ جي مستي“ سنڌ جي هن مست درياهه جتي هتان جي بنجر ۽ بٺ زمين کي پئي آباد ڪيو آهي، اتي هتان جي آباد ۽ شاداب وستين کي به پئي برباد ڪيو آهي، ۽ ايئن اسان جا جيئر جاڳندا تهذيبي نشان مٽبا رهيا آهن . پوءِ اهي ڪڏهن درياهه جي ٻوڏ جو نشانو بڻيا، يا سندس رخ مٽائڻ جي سزا ڀوڳيائون . سنڌ جي تاريخ جي سلسلن کي ٽوڙڻ ۾ ”سنڌي صورتخطي“ کي به وڏو عمل دخل رهيو آهي . موجودهه لپيءَ کان اڳ سنڌي ءَ جي لپيءَ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن، ۽ هر تبديلي ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ پئي هڪ ديوار اڀي ڪئي آهي .

    (2) Maneck – B. Pithawala :An Introduction to Karachi” , The Times Press, Karachi 1950, P. 13.

    (3) Dr. Dur Muhammad Pathan:Contribution of Karachi District towards development of Sindhi Literature and Language 1843-1947” thesis for Ph. D 1979, P.21 also see : (a) William Vincent, D. D: The voyage of  Nearchus”, London .

    (b) Dr. Majumdar: The classical accounts of India”, Calcutta ,1960, P. 313.

    (c) Tarn, W.W: The Greeks in Bactria & India”, Cambridge ,1951.

    (4) مرحوم مولائي شيدائي انهيءَ حڪمران کي سيستان جو پارسي راجا ٻڌايو آهي . ”جنت السنڌ“ ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڪراچي / حيدرآباد، 1958ع ص 49.

    )5) Fr. Valens Wienk : In the land of the Sindhi and Balouchi”, Rotti press Karachi, 1947, P.17.

    (6) پادري برڪت الله : ”قرون وسطيٰ ڪي ايشيائي اور هندوستاني ڪليسائين “ ، پنجاب رليجس بڪ سوسائٽي، لاهور، 1962ع ، ص .45 .

    (7) رحيمداد خان : ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي/ حيدرآباد ، 1958ع، ص.51 .

    (8) جڏهن ٺٽي جي حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان، پنهنجي حريف بکر جي حڪمران سلطان محمود بکريءَ سان نه پڄڻ کي خيال ۾ رکي، پورچوگيزن کان مدد پني، جنهن جي موٽ ۾ پيڊرو بريٽو رولن (Pedro Barreto Rolin) 28 جنگي جهاز ڀري اچي ٺٽي ۾ پهتو. انهيءَ وقت مرزا عيسيٰ خان ترخان بکر طرف روانو ٿي چڪو هو  ۽ سندس ٻارهن سالن جو پُٽ ”ميرهان بابا“ سندس غير حاضريءَ ۾ ڪاروبار هلائي رهيو هو. پورچوگيزن کي مٺيان لڳي ته مرزا عيسيٰ خان اسان کي سڏ ڏيڻ کان پوءِ انتظار ڇو نه ڪيو. ان وقت کين اهو به ٻڌڻ ۾ آيوته بکر ۽ ٺٽي جي حڪمرانن جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي رهيو آهي . اهڙيءَ حالت ۾ کين اوس ئي ڦر مار ڪرن جو موقعو نه ٿي ملي سگهيو، ان ڪري هو بهانا تلاش ڪرڻ لڳا، تان جو هڪ ڏينهن سنڌي گهوريئڙو سندن فوجي ڪئمپ ۾ وڪري ڪرڻ لاءِ ڪي شيون کڻي ويو . پورچگيزي فوجين نه رڳو ان کان اهي شيون ڦري ورتيون، بلڪ ان کي مار ڏنائون.  ان جو نتيجو هي نڪتو جو پلاند وٺڻ خاطر انهيءَ گهوريئڙي جي مائٽن ۽ دوستن پورچوگيزي فوجين تي حملو ڪيو.  بس، پوءِ ته هنن کي جواز ملي ويو. هنن ٺٽي جهڙي خوبصورت شهر کي باهه ڏني، سنڌو نديءَ تي ٻنهي طرفن ميلن جي ميلن تائين ڦر لٽ ڪئي  ۽ اٺ هزار ماڻهن جو بي گناهه قتل عام ڪيو . هنن کي جا شئي ملي، سا کڻي پنهنجي ٻيڙن ۾ سٿيائون، تان جو ڪا شيءَ جون سرون به کڻي ويا . هي واقعو ايشيا جو وڏي کان وڏو ڌاڙو هو . تفصيل لاءِ ڏسو :

    (a) Father Achilles: Christianity in Sind & Balochistan” an article published in the journal of Sindh Historical Society, Karachi, Dec 1938, P.84.

    (a) A.B. Adwani: “The early British traders in Sind” an article published in the journal of Sind Historical Society, May 1934, P.38.    

    (9) ”گرم پاڻي“ (Hot Water) جي سياسي ۽ اقتصادي اهميت صدين کان وٺي ، تسليم ڪئي وڃي ٿي ، ۽ جنهن قوم انهيءَ تي قبضو ڪيو، اها دنيا تي قابض بڻجي وئي . مسلمانن جڏهن ”گرم پاڻي “ کي پنهنجي تسلط هيٺ آڻڻ جو ڍنگ سکيو ته انهن طارق بن زياد بڻجي اسپين فتح ڪيو، ۽ محمد بن قاسم سنڌ جو مقدر مٽايو. ساڳي طرح وري اسان جو سمنڊ ننڍي کنڊ جي تاريخ تي اثر انداز ٿيو. پورچوگيزن کان وٺي ويندي ڊچن ۽ انگريزن ننڍي کنڊ تي قبضي ڪرڻ جا اهي مسلمانن جا طريقا استعمال ڪيا . سنڌ جو سدا حيات شاعر، تاريخ جو ڄاڻو، حال کي پرکيندڙ ۽ مسقبل کي ڏسندڙ مفڪر شاهه عبداللطيف گرم پاڻيءَ جي انهيءَ اهميت کان چڱيءَ طرح باخبر هو، ان ڪري جڏهن ڌارين انگريزن کي پنهنجي پاڻيءَ جو سردار ٿيندي ڏ‏ٺائين، تڏهن سندسن ڏات تڙپي اٿي ته :

                       معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا؛

                       ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور  چريا ؛

                       جتي ڍينگ ڍريا،  تتي  تاري  تنهنجي .

    (10) جيڪي فرنگي واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ واپاريءَ وغيره جي صورت ۾ سنڌ ۾ آيا، تن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو .

    ائنٿوني اسٽارڪي (Anthony Starkey) 1612، والٽر پيٽن(Walter Payton ) 1613، سر رابرٽ شيرلي (Sir Robert Sherly) 1613، فرانسس بب (Francis Bubb) 1613، ماسٽر مچل (Master Michael) 1613،  ٽامسن پاويل (Tamasin Powell) 1613، ليڊي ٽاميسن پاويل (Lady Tamasin Powell) 1613، نڪولس وٿنگٽن (Nicholas Withnigton) 1613، سر ٿامس رو (Sir Thomes Roe) 1615، جان اسپلر (John Spiller) 1630، فريملين (Fremalen) 1638، رچرڊ مولي (Richard Moyle) 1638، ڊينيل ايلڊر (Daniel Elder) 1644، ريولٽ والون (Revelt Walwyn) 1644، هينري گري (Henry Garry) 1646، نڪولس اسڪريونر (Nicholas Scrivener) 1646، گلبرٽ هيريسن (Gilbert Harrisan) 1646، پيٽر ڊي بائي  (Peiter De Bie) 1652، وليم بيل (William Bell) 1658، همڦري فاڪس  (Humphery Fox) 1658، ٿامس ايٽڪنس (Thomas Atkins ) 1658، جان وڊ رنگٽن (John Widdrington) 1658، ويلنٽائن نرس (Valentine Nurse) 1660، جان ڪاڪس (John Cox) 1660، ايلگزينڊر هيملٽن  (Alexander Hamilton) 1699، ايڊورڊ ڪڪ (Edward Cooke)جنهن  1747ع  ۾ سنڌ ۾ وفات ڪئي  ، ناٿن ڪرو  (Nathan Crowe) 1798 ۽ اَرٿر ڪونولي 1830ع .   

    (11) مکيه سياحن ۾ نڪولائي منوڪي (Niccolao Manucci)، چارلس ميسن (Charles Masson) 1826 ، ڪئپٽن ليو پولڊ (Capt : Leopold) ۽ هينري واٽر بيليو 1872ع جا نالا ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن .

    (12) سياسي مقصدن خاطر يا سفير بڻجي آيلن مان :

              ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن (Capt: David Seton) 1808،  نيڪولس هينڪي سمٿ  (Nicholas Hankey Smith) 1809 ، هينري ايلس  (Henry Ellis) 1809 ،   رابرٽ ٽيلر  (Robert Tayler)     1809 ، هينري پاٽينجر (Henry Pottinger) 1809، ڪئپٽن چارلس ڪرسٽي (Capt: Charles Chiristie) 1809، وليم هال (William Hall) 1809، وليم مئڪس فيلڊ (William Maxfield) 1809، ڪئپٽن سيڊليئر  (Capt: Sadlier) 1820، ڊبليو – سائمن (W. Simon) 1820، ڊاڪٽر هال (Dr. Hall) 1820، ميجر ووڊ هائوس (Major Wood House) 1820، هينري پاٽينجر (Henry Pottinger) 1831، ۽ ڪئپٽن ايسٽوڪ 1839.

    (13) Discalced Carmelites عيسائيت جو اهو ڌڙوآهي، جنهن ٻارهن صديءَ ۾ وجود ورتو . برٿولڊ (Birthold) کي انهيءَ جو باني سڏيو وڃي ٿو. هن ٻين ڏهن ماڻهن سان گڏجي،  فلسطين ۾ جبل مارالياس (Mount Cramel) هتي هڪ جماعت ٺاهي . 1210ع ۾ ان جا قاعدا ۽ قانون جوڙيا ويا ۽ ان تيرهين صديءَ ۾ هڪ تحريڪ جو روپ ورتو . ”Discalced Carmelites“ انهن کي چيو ويندو آهي ، جيڪي پيرين اگهاڙا هوندا آهن . تفصيل سان ڏسو:

    {Encyclopaedia Britannica Edition 1949, P. 887}

    (14) Augustinians   رومن ڪئٿوليڪ جو اهو مذهبي ڌڙو آهي،  سينٽ آگسٽائن (St. Augustine) جي رهڻي مطابق زندگي گذارڻ چاهين ٿا . هن ڌڙي 1250ع ۾ منظم ٽولي جي  صورت  ورتي . ڏسو :

     {Encyclopaedia Britannica Edition 1949, P. 686}

     (15) Fr. Valens Wienk: “ In the land of the Sindhi and Balochi Rotti Press Karachi, P.19 .

    (16) فادر (Ludovicus Franciscus a Matre Die) 1613ع ۾ سنڌ ۾ آيو ته جيئن ٺٽي ۾ فادر (-Joannes a Jusu Maria) لاءِ جاءِ ڀاڙي تي وٺي سگهي . سندس وڌيڪ معلومات ملي نه ٿي سگهي . البت ريڊمپٽس (Redemptus) جي مڪمل ملي ٿي . هو صاحب 1598ع ۾ پورچوگال ۾ ڄائو . اڃا ننڍو ئي هو ته هندوستان اچي پورچوگيزن جي فوج ۾ شامل ٿيو . ڪجهه وقت کان پوءِ فوجي نوڪري ڇڏي عيسائين جي تبليغي جماعت ۾ شامل ٿيو . ڪيترو وقت سنڌ ۾ به ڪم ڪيائين . کيس 29، نومبر 1638ع تي تبليغي مهم دوران پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا . ڏسو :

    [Father Achilles: “Christianity in Sindh and Balochistan” an article published in the Journal of Sindh Historical Society Karachi, Dec: 1938, P.38.]

    (17) هي صاحب 1639ع ۾ وينس ۾ ڄائو . 1653ع ۾ سير سفر جي شروعات ڪيائين . کيس سمرنا ، ايشيا مائنر ۽ هندوستان ڏسڻ جو موقعو مليو .هندوستان ۾ مغل فوج ۾ به ڀرتي ٿيو .

    [William Irvine : “A Pepys of Moghul India”, London, 1907, Vol : I, P . 1]

    (18) منوڪيءَ هن مبلغ کي انهيءَ کان اڳ اصفهان ۾ به ڏٺو هو . سندس چوڻ مطابق اهو مبلغ وڏو عالم ۽ فارسي، عربي ۽ هندوستاني ٻولين جو ماهر هو . منوڪيءَ جي جڏهن ساڻس بکر ۾ ملاقات ٿي ، تڏهن منوڪي شهزادي دارا جي فوج ۾ هو  ۽ شهزادو دارا اورنگزيب سان اختلافات رکڻ سبب وڙهندو ۽ لڪندو اچي سنڌ ۾ پهتو . شهزادي دارا جڏهن هن عيسائي فقير جي هاڪ ٻڌي ته ان وٽ لنگهي آيو ، کائنس ايترو ته متاثر ٿيو ، جو کيس چوڻو پيو ته : ”جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو سچ تي ٻڌل مذهب آهي ته اهو ڪئٿوليڪ مذهب ئي آهي . آءٌ ڪيتري وقت کان وٺي انهيءَ مذهب جي ڪيترن ڌڙن سان ملندو رهيو آهيان، ليڪن هر دفعي انهن هن حقيقت جو پئي انڪشاف ڪيوآهي ته معمولي اختلاف کان سواءِ عيسائي هر ڳالهه ۾ متفق آهن، ليڪن اسان جي مذهبن جهڙوڪ : هيبروز، هندو ۽ اسلام جو اهڙو حال نه آهي. انهن مذهبن ۾ مون کي اختلاف نظر آيا آهن، مان مسيح کان دعا ٿو پنان ته مون کي بادشاهي عطاڪري، آءٌ واعدو ٿو ڪريان ته جڏهن آءٌ بادشاهه ٿيندس ته پوءِ آگري شهر ۾ بيبي مريم جي نالي ۾ ديول ٺهرائيندس . ان کان سواءِ مان پادرين کي اجازت ڏيندس ته هو ڀلي ديولون قائم ڪن  ۽ منهنجي شهنشاهيءَ جي حدن ۾ جتي وڻين ، اتي پنهنجي مذهب جي بنا روڪ ٽوڪ تبليغ ڪن . “

    ڏسو  حوالو ساڳيو، صفحو 324 ۽  :

     [Achilles: “Christianity in Sindh & Balochistan” J.S.H.S, Dec: 1938, P.90.]

    (19) Fr. Valens Wienk: “In the land of the Sindhi & Balochi”. Rotti Press Karachi, 1947, P.19.

    (20) J.W. Smyth: “Gazetteer of Province of Sindhi”.B.Vol .1, Karachi, P.111.

    (21) Simon de Graca: “Memorial do convento de santo agostinho de goa”. Portuguez, 1907, P 350.

    (22) A.B. Advani : “The early Birtish Traders in Sind ”. An article published in the Journal of Sindh Historical Society, Karachi, Vol.1, P. 43

    (23) رحيمداد خان مولائي شيدائي : ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد 1959ع  ص 413

    (24) سمباسٽن جو انهيءَ سلسلي ۾ بيان آهي ته : سندس (شاهجهان جي سهري آصف خان) دوستيءَ سبب ۽ وسيلي مون اهي ڳالهيون مڃايون ۽ ڪري سگهيس ، جنهن جو تصور به ڪري نه پيو سگهان، سندس دوستيءَ مان فائدو وٺندي ، شهنشاهه کان انهيءَ فرمان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، جنهن جي مطابق مون کي سنڌ ۾ انهن مذهبي جاين ۽ پادرين جي رهڻ وارين جاين جي نئين سر تعمير ڪرائڻ جي اجازت ملي.  اهي جايون ، جن کي خود شنهشاهه ڍهرائڻ جو حڪم ڏنو هو . ڏسو :

    [C. Eckford Luard: “Travels of Fray sebastion manrique, Oxford ,1927, Vol II. P. 152].

    (25) انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي يورپين ماڻهن جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا. مثال طور : رابرٽ ڊڪ (Robert Dick)    اڳ ۾ شاهه شجاع جي فوج ۾ ملازم هو، سو پوءِ ميرن جي فوج ۾ داخل ٿيو . اهڙي نموني سان 1843ع واري جنگ ۾ ڪئپٽن جان هاول (Capt. John Howel) ميرن جي طرفان وڙهيو . جڏهن کيس فوجي قيديءَ جي حيثيت سان نيپيئر اڳيان آندو ويو ته هن اقرار ڪيو ته جيتوڻيڪ ميرن جو ملازم هو، پر جنگ دوران ميرن جي خلاف ئي ڪم ڪيائين . هنن نيپئر جي فوج تي رڳو هوائي فائر ڪيا ۽ ڪنهن به گوري سپاهيءَ کي نه ماريائين . اهڙي ماڻهوءَ کي ميرن مياڻيءَ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ فوجي جٿي جو اڳواڻ بڻايو هو .تفصيل لاءِ ڏسو :

    [Burton: “Scinde of the unhappy valley of the Indus,” London, 1851, Vol I. P.P. 152-153].

    (26) رومن ڪئٿولڪ عيسائين جي هڪ پراڻي فرقي کي (Jesuites) چيو ويندو آهي . 

    (27) Fr. Valens Wienk : “In the land of the Sindhi & Balochi , Rotti Press Karachi, 1947, P.20.

    (28) سنڌ ۾ عيسائي مبلغن کي ڀرپور سرڪاري سرپرستي ملي، وقت جا حڪمران سندن تنظيمن ادارن ۽ گرجائن جو افتتاح ڪندا هئا، کين ٿوري تڪليف وٺڻ تي زمينون ۽ پلاٽ الاٽ ڪندا هئا . سند ن تنظيمن ۽ ادارن جا سرگرم ڪارڪن بڻيا هئا  ۽ ڏکئي وقت ۾ سندن بچاءُ به ڪندا هئا . مثال طور جڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زور ورتو ۽ حرن سانگهڙ کي مرڪز بڻائي ، پنهنجي روحاني رهبر جي عقيدت جو اظهار ڪيو ته اتان جي عيسائين کي بچائڻ لاءِ اطلاعن ڏيڻ ۾ وقت جي سرڪار ڪا به گهٽتائي نه ڏيکاري . اقتدار ۽ عيسائيت جو پاڻ ۾ چولي دامن جهڙو لاڳاپو هوندو هيو . عيسائين جا مرڪز فوجي ڇاوڻين يا وڏن سرڪاري ڪامورن جي دفتر جي نزديڪ هوندا هئا  ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين انهن جاين تي موجود آهن.

    (29) ڪن مذهبي ادارن ، جماعتن ۽ تنظيمن مان هي ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن :

    The Pious Association.

    Board of Apostleship of prayer.

    St. Vincent de  paul’s society.

    The lepers’ committee.

    Catholic Association of sind.

    Daughters of the cross of  liege.

    The Franciscan Missionaries of Mary.

    Catholic Goan’s Association.

    St. Elizabeth’s Association.

    Franciscan Missionary of South America.

    Franciscan Missionary of Christ king.

    The st. Salesius Siwak sabha.

    Sodalities of virgin Mary (1868)

    The league of Night Adoration (1931)

    Karachi Catholic Propaganda Committee (1932)

    Students Missionary League.

    The Catholic Association.

    St. Vincent de paul’s Conference.

    Young men’s Christian Association. 

    Young Women’s Christian Association. 

    St. Josph’s Association.

    (30) سنڌ ۾ پهريون انگريزي اسڪول ڪئپٽن پريڊي (Capt: Preedy) 1846ع ۾ قائم ڪيو، جيڪو پوءِ 1853ع ۾ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي حوالي ڪيو ويو . هن اسڪول ۾ بائبل کي لازمي طور پڙهايو ويندو هو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ عيسائين پنهنجي مذهب جي تبليغ لاءِ جيڪي اسڪول کوليا، انهن مان هي ذڪر ڪرڻ جهڙا آهن:

    St. Patric School, Karachi.

    St. Joseph’s Convent Girls High School, Karachi.

    St. Paul’s Urdu School, Karachi. (1936)

    Catholic Primary School, Karachi (1923).

    Catholic Urdu Primary School,Kiamari (1945).

    Philomena’s School, Karachi.

    Catholic School, Kotri.

    St. Joseph’s School, Hyderabad.

    St. Bonaventure Boy’s High School, Hyderabad.

     St. Mary’s Convent Girl’s High School, Hyderabad.

    Primary School, Nawabshah.

    Punjabi Primary School, Sanghar.

    St. Mary’s School, Sukkur.

    ] وڌيڪ تفصيل لاءِ  –ڏسو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ:”ادبي اوسر جو تاريخي جائزو“ٽائپ ٿيل 1980ع، ص 81. [

    (31) ڪراچي ڊويزن ۾ جيڪي ٿوري وقت اندر ديولون قائم ڪيون ويون ، تن ۾ : ”سينٽ پئٽرڪ چرچ“ (1845) ، ”دي ٽرنٽي چرچ“ (1855)، ”چرچ مشنري سوسائٽي چرچ“ (1856) ، ”سينٽ پائولس چرچ“ (1865)، ”ميٿوڊسٽ اپسڪويل چرچ“ (1875) ۽ ” اسڪاٽش چرچ“ (1888) ذڪر ڪرڻ لائق آهن. باقي ٻين  هندن تي قائم ڪيل مڙهين ، ديولن ۽ گرجائن جو ذڪر مناسب هند تي ڪيو ويندو .

    (32) عيسائين جي مذهبي مبلغن جيڪي اسپتالون يا سماجي خدمتن لاءِ تنظيمون قائم ڪيون، تن مان هي مکيه آهن :

    St. John Bosco’s Orphanage, Karachi.

    St. Teresa’s Nursing Home, Karachi.

     Kunwari Mariam ji Hospital, Nawabshah.

    (33) ڪراچيءَ ۾ وري سندن ڪيترا مرڪز هئا ، جهڙوڪ : ڊرگ روڊ، ڪياماڙي، منوڙو ، ڪئٿولڪ ڪالوني، صدر، فريئر هال ايريا، لڳ ڪوس گهر ۽ حاجي ڪئمپ . حيدرآباد سندن آڳاٽو ۽ مکيه مرڪز رهيو ، هن ئي مرڪز  معرفت پرمانند ميوا رام عيسائي ٿيو ۽ اتان ”جوت“ نالي اخبار جاري ڪيائين. اشاعت جي سلسلي ۾ به هتان جي ”سنڌي ڪرسچين لٽرري سوسائٽي“ جي شاخ ڪيترو ڪم ڪيو . هن مرڪز سنڌ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. الله جي ڪتاب جي شان ۾ گستاخي ڪندي، هتان جي ئي هڪ سنڌي ڪرستان ڪتاب لکيو، جنهن جي جواب ۾ حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ ”فتح محمدي“ ڪتاب لکيو . 1946ع ۾ هتي ڪل 151 ڪئٿولڪس هئا، جن ۾ 128 هندوستاني ۽ 11 سنڌي ڪرستان به هئا.

              نواب شاهه کي 1936ع کان وٺي عيسائيت جي تبليغ جو مرڪز بڻايو ويو. هتي سندن هڪ اسڪول، اسپتال، چرچ، پئرش هائوس، ايگريڪلچرل سوسائٽي فار ڪئٿولڪ هاريز ۽ مارواڙي هائوسنگ سوسائٽي هوندو هئي . هتي هنن ڪيترا ڀيل عيسائي بڻايا. سانگهڙ ۾ وري ديهه بکرو ۾ پنهنجي زرعي ڪالوني ٺاهيائون. 1938ع ۾ پير پاڳاري جي مريدن کين ايترو تنگ ڪيو جو هو تبليغي ڪم ڇڏي هليا ويا . اتر سنڌ ۾ سکر سندن مکيه تبليغي مرڪز رهيو . اتي سندس ٻه اسڪول ۽ هڪ سماجي تنظيم هئي . هتي کين پنجابي ڀنگين ۾ مقبوليت حاصل ٿي .

    (34) Fr. Valens Wienk : “In the land of the Sindhi and Balochi”. Rotti Press Karachi, 1947, P.8.

     (35) هن جماعت جو پهريون اعزازي سيڪريٽري اين. جي . وي هاءِ اسڪول جو تڏهوڪو هيڊ ماستر جيمسٽجي آرديشر هو . هن ادبي جماعت جون هفتيوار گڏجاڻيون هر هڪ اربعا شام تي ٿينديون هيون . سنڌ جا ڪيترا ئي نامور اديب جهڙوڪ : ڏيارام گدو مل ، ڪوڙو مل چندن مل، هيرانند شوقيرام  وغيره هن ئي جماعت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا . تفصيل لاءِ ڏسو :

    ]ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ ، پي .ايڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل مقالو، 1989، ص 445.[

    (36) سنڌ جي عيسائين جيڪي غير سنڌي اخبارون يا رسالا جاري ڪيا، اهي هي هئا : (a) ”The Rotti“ نالي ڪوڪانين لاءِ ماهوار اخبار ، جيڪا 1932ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ڪئي وئي. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر ونسينٽ لوبو ( Rev. Vincent Lobo) ٿيو. ان کان پوءِ فادر پيريرا(Fr. Perira) ۽ فادر اي. مونز (Fr. A. Moniz) ان جا ايڊيٽر ٿيا.  هيءَ اخبار سنڌ ۽ هند کان سواءِ آفريڪا تائين پڙهي ويندي هئي .

    (b) ”St. Anthony in India“ هي انگريزي ماهوار اخبار 1939ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ٿي . ائنٿوني الميڊيا (Rev. Anthony Almeida)  ان جو پهريون ايڊيٽر ٿيو .

    (c) ”Standard“ : هي هفتيوار اخبار اڳتي هلي ماهوار ٿي . جنگ جي زماني ۾ ان کي بند ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ ”The Catholic Chronicle“ نالي پندره روزه اخبار جاري ڪئي وئي .

    (37) پرمانند ميوارام جا وڏا هندن جي منشياڻي آڪھ مان هئا . سندس جنم 1866ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو مور جمل پهريون عامل هو جنهن دين اسلام قبول ڪيو . هن جي عمر جڏهن ننڍي هئي ته سندس والد به مسلمان ٿيو ، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. پرمانند ابتدائي تعليم مسلمان آخوند وٽان ورتي . ان کان پوءِ انگريزي تعليم حيدرآباد، شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن مان ورتائين . کيس 1884ع ۾ ”ماريپور سالٽ ورڪس“ ۾ ملازمت ملي. انهيءَ سلسلي ۾ سکر ۽ ڏيپلي به وڃڻو پيس. ٽن سالن بعد تعليمي ادارن ۾ نوڪري ڪيائين. “ليکراج ۽ کيمچند اسڪول“ حيدرآباد ۽ ”يونين اڪيڊمي“ حيدرآباد ۾ استاد ٿي رهيو. 1891ع ۾ عيسائي ٿيو ۽ سندس نالو ”فيلڪس“ رکيو ويو . مذهب بدلائڻ سبب کيس ”يونين اڪيڊمي“ ڇڏي، ڪجهه وقت لاءِ ”ڊسٽرڪٽ ڪورٽ“ ، حيدرآباد ۽ پوءِ 1894ع کان 1897ع تائين ”سينٽ پيٽرڪ اسڪول“ ڪراچي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻو پيو .

              هن نه رڳو ”جوت“ اخبار جاري ڪئي، پر ”گل ڦل“ ۽ ”دلبهار“ ڪتاب به مرتب ڪيائين . سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ”سنڌي –انگريزي لغت “، ”انگريزي – سنڌي لغت“ ، ”ڪرست جي پيروي“، ”يوسف مصري“، ”هيري جي منڊي“، ”ڌرم مورتي“، ”آتمڪ امرت“، ”مياڻيءَ جي جنگ بيتن سميت“، ”اپائڻهار جي هستي“، ”هيرو ۽ گلو“، ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو“، ”لورڊ جي ناري“، ”سر ڪاپائتي“ ۽ ” سنڌ باد سيلاني“ ڪافي مشهور آهن .

    سندس وفات 29-نومبر 1938ع تي ٿي . ] تفصيل لاءِ ڏسو منهنجو زير ترتيب  ڪتاب”ايڊيٽر نامو“[

    (38) فادر ڪوٽواڻي جو جنم 16 آڪٽوبر 1944ع تي ڳوٺ عظمت تعلقي سکر ۾ ٿيو . ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ۽ انگريزي تعليم ”نيو ماڊل هاءِ اسڪول“ ڪراچي ۽ ”نؤ ود ياله اسڪول“ حيدرآباد ۾ ورتائين. ارڙهن سالن جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو .انهيءَ موقعي وارين ”اگني سنسڪار“ ۽ ” گنگا اَشنان“ جهڙين مذهبي رسمن کيس هندو ڌرم کان متنفر ڪري ڇڏيو . پرمانند ميوا رام جي اثر هيٺ 1933ع ۾ عيسائي ٿيو . هي پهريون سنڌي ڪئٿولڪ آهي، جيڪو 1944ع ۾ پادريءَ جي منصب تي رسيو .

    پاڻ 1938ع ۾ ”جوت“ جو ايڊيٽر ٿيو .]حوالو ساڳيو[

    (39) انهن کان سواءِ سنڌ جو هڪ ٻيو سنڌي عيسائي عالم هو (B. Animananda)

    (40) ڪارسن 1913ع ۾ آشريٽن ، نيوزلينڊ ۾ ڄائو . هي صاحب 1940ع ۾ سنڌ ۾ آيو . ڪيترو وقت ”چرچ مشنري پريس“ ۽ ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ “ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو . هن ”خدا جو ڪٽنب“ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا . ] تفصيل لاءِ ڏسو ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ : ”پرڏيهي عالمن جا خط“ ، هفتيوار ”آزاد“ ، ڪراچي، م‍ؤرخه 3 ڊسمبر ، ص 2[.

    (41) چارلس وليم هسڪل 1905ع ۾ بريڊ فورڊ، انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ تعليم نيوزي لينڊ مان ورتائين. هي صاحب 1930ع ۾ ”چرچ مشنري سوسائٽي“ جي ڪارڪن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو . 1933ع کان وٺي ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جو سيڪريٽري ٿيو . ان کان پوءِ ”گرامر اسڪول“ ڪراچيءَ جو پرنسپال ٿيو . 1955ع ۾ نيو زي لينڊ هليو ويو  .

    هن ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا . انهيءَ موضوع تي اصلي ڪتاب به لکيائين . هن صاحب سنڌي انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو . ان کان سواءِ ”سنڌي –انگريزي لغت “ مرتب ڪرڻ ۾ هڪ سنڌي هندو اديب(؟) جي مدد به ڪيائين . ] تفصيل لاءِ ڏسو ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ:”پرڏيهي عالمن جاخط“هفتيوار”آزاد“ڪراچي. مؤرخه 19- نومبر 1979، ص – 4 [    

    (41) See: Daily Gazette, Karachi, dt: 7.4.1928, P 9 to 10.

    (42) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ ، پي . ايڇ . ڊي ءَ لاءِ مقالو ، 1979، ص . 516 .

    (43) ڊاڪٽر اَرنيسٽ ٽرمپ 3-مارچ 1828ع تي ايلز فيلڊ (Elezfield) جرمنيءَ ۾ ڄائو . سندس والد هڪ غريب هاري هو . هي صاحب 1848ع واري جرمنيءَ جي آزاديءَ جي تحريڪ (Liberal Movement) ۾ شريڪ ٿيو  ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جيل به ڀوڳڻو پيس . جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ برطانيه آيو، جتي کيس ”انڊيا آفيس ”۾ ملازمت ملي وئي ، اتان هيءُ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي سنگ ۾ آيو ۽ آخرڪار پادري بڻجي اچي بمبئي پهتو . هن ڪجهه وقت لاءِ”ٽيومنگن يونيورسٽي ۾ مشرقي زبانن جو ريڊر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو . 1883ع  ڌاري ميونخ (Munich) يونيورسٽي ۾ سامي ٻولين جي تعليم جو پروفيسر ٿيو . سندس وفات 5-اپريل 1885ع تي ٿي .

              ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ کان سواءِ انگريزي، فرانسي، لاطيني، حبشي، سنڌي، عربي، پارسي، پنجابي، پشتو، سنسڪرت ۽ بروهي  ٻولين تي به دسترس رکندو هيو . سندس لکيل ڪتابن ۾ ”ڪامن پرائمر بڪ“ (Common Primer Book)، ”شاهه جو رسالو“، ”سنڌي ريڊنگ بڪ ان دي سنسڪرت اينڊ عربڪ ڪرئڪٽرس (Sindhi Reading Book in the Sansikrat and Arabic Characters.) ، ”گروگرنٿ جو انگريزي ترجمو“ ۽ ”سنڌي گرامر“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن. ] تفصيل لاءِ ڏسو : حبيب الله مولابخش ڀٽو : ”سنڌي ساهت ۽ مشهور مشترقين “ ، شڪارپور، 1973ع ، ص 85-78[.

    (43) هي صاحب سيپٽمبر 1942ع ۾ سنڌ ۾ آيو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سکر کان ٿيندو، پنجاب ويو . ان جو سفر نامو جرمني زبان ۾ ڇپيو . ان جو انگريزي ترجمو ايوانس لائڊ ڪيو ، جيڪو (Travel in India including Sindh and Punjab) جي نالي سان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو . ]تفصيل لاءِ ڏسو : ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ” سنڌ – مغربي ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾ “ ، ٽه ماهي مهراڻ، ڄامشورو3-4/1979، ص 117[ .

    (44) ڪرسٽاف وان شمڊ 1768 ع ۾ فرانڪونيا پرڳڻي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ سنه 1854ع ۾ وفات ڪيائين . هو وڏو پادري هو ۽ ڪجهه وقت سرڪاري اسڪولن جو انسپيڪٽر به ٿي رهيو . هن ٻارن لاءِ گهڻائي ڪتاب لکيا، جن مان ”انجيل جي تاريخ“، ”خدا جي بابت پهرين تعليم“ ۽  ”گلن جي ٽوڪري“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن .

    (45) يوهان ولف گينگ فان گوئٽي 28 آگسٽ 1749ع تي فرينڪرٽ اون ۾ پيدا ٿيو . ڄمڻ وقت ايترو ته ضعيف هو ، جو سندس مائٽن کي هن ٻار جي بچڻ جي ڪا ئي به اميد ڪا نه هئي، پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو ڪمزور ٻار اڳتي هلي ڪهڙا ڪارناما سر انجام ڏيندو . سندس والد بنيادي طور تي ڪاريگر هو ، جو ترقي ڪري وڃي”امپريل ڪائونسل“ جو ميمبر ٿيو هو . هن جي والده وري وڪيلن جي خاندان مان هئي .

              گوئٽي انهن ٽن عظيم انسانن مان سڀ کان پهريون ڄائو، جن اڳتي هلي جرمنيءَ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو . باقي ٻن شخصيتن ۾ شيلر، 1759ع ۾ ۽ نيپولين ڏهه سال پوءِ پيدا ٿيو . گوئٽي پنهنجي اکين سان ڪيترائي اهم واقعا ڏٺا . هن انهيءَ ”جرمن پارليامينٽ“ کي ختم ٿيندو ڏٺو، جيڪا قرونِ وسطيٰ کان وٺي هن قوم جو مضبوط ادارو ٿي رهي هئي . کيس آمريڪا جي جنگِ آزادي جي مشاهدي ماڻڻ جو به موقعو مليو . فرانس جو انقلاب، نيپولين جو عروج ۽ زوال ۽ آخر ۾ 1830ع وارو پئرس جو انقلاب به ڏٺائين .

              گوئٽي پنهنجي تعليم ليبزگ ۽ اسٽر بيرگ ۾ ورتي . قانون جي سند وٺڻ کان پوءِ ويزلر جي سپريم ڪورٽ ۾نوڪري ڪيائين . 1776ع ۾ ويمر ويو ، جتي پريوي ڪائونسلر ۽ وزير بڻجي ويو . هو هڪ ئي وقت وزير، مصور، سائنسدان ۽ اديب هو . هن جرمنيءَ جي شاعريءَ کي عوامي رنگ ڏنو، هتان جي ناٽڪي دنيا ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ پنهنجي قلم جي قوت سان پنهنجي علم ادب جي تاريخ کي سينگاريو . سندس لکيل ڪتابن جو تعداد چاليهن جي لڳ ڀڳ آهي ، جن مان ”پوئٽري اينڊ ٽرٿ “ (شاعري) ، ”گوز فان برلي شنگين“ (ڊرامو)، ”ميٽ امار فوسس آف پلانٽس“ (سائنس) ۽ ”فائوسٽ“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن . سندس وفات 1833ع  ۾ ٿي . ]تفصيل لاءِ ڏسو : سيد سعيد احمد: ”مشاهيرِ جرمني“ڪراچي، 1970ع ، ص ص 97-105[ .

    (46) رچرڊ ووس: هي صاحب نيو گريپ لڳ پرٽز ۾ 1851ع ڄائو. سندس والد ٻهراڙيءَ جو رهاڪو هو . هن 1870ع وري جنگ ۾ شرڪت ڪئي . جينا ۽ روم ۾ پڙهڻ کان پوءِ علم ادب ڏانهن توجه ڏنائين . ڪجهه وقت لاءِ لائبريرين به ٿي رهيو . سندس لکيل ناٽڪن ۾ ”انفيهلبار“ (Unfehlbar) 1874ع ، ”رگولا برينڊ“ (Ragula Brand) 1884ع ، ”اسڪلڊگ“ (Schuldig ! ) 1892ع  ۽ ناولن ۾  ”ولا فالڪونيئري“ (Villa Falconieri)  1896ع ، ”رومسڪز فائيبر“ (Romisches Fiebor) 1902ع ، ”زوي مينسڪين“ (Zwei Menschen) 1911ع ، ”مٽ ونلئب ان هار“ (Mit weinloub in hoar) 1915ع ، ”ڊاءِ سيبنيرين“ (Die sabinerien) 1890ع ، ”سڊليچز بلٽ“ (Sudliches Blut ) 1900ع ۽ سندس شاعريءَ ۾  ”ڊاءِ اسڪريبن گيساميلٽ ون اينم مڊن مئن“ Die Scherben gesammelt Von einem muden mann)) 1847ع  ۽ يادگيرين ۾  ”اس اينم فانٽيسٽيڪن ليبن“ (Aus einem Phantastischen Leben) 1920ع وغيره تفصيل لاءِ ڏسو :

    Henry & Mary Garland: “ The Oxford Companion to German literature, Oxford, 1976, P. 906.

    (48) جيڪب،  وليم کان وڏو هو. هو 4- جنوري 1755ع تي ڄائو ۽ 78 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين . وليم 1786ع ۾ ڄائو ۽ جيڪب جي وفات کان چار سال اڳ 1786ع ۾ وفات ڪيائين . هو پاڻ جيتوڻيڪ غريب هئا، ليڪن وطن جي حب جي جذبي سان سرشار هئا . انهيءَ جذبي تحت هنن جرمني جي قديم اتهاس، تاريخ، قانون، موسيقي ۽ اڳوڻي ادب ۾ گهري دلچسپي ورتي ، انهن موضوعن تي ڪتاب لکيائون . قومي شاعريءَ ۾ کين اعليٰ مقام حاصل هو . هنن 1816ع کا وٺي 1818ع واري عرصي دوران جرمن قوم جي قديم رزميه شاعري گڏ ڪري شايع ڪرائي . 1812ع ۾ لوڪ ڪهاڻين جو پهريون جلد ” ڪنڊر – انڊهاس مارچن“ نالي سان ڇپرايو . پوءِ 1815ع ۽ 1822ع ۾ انهن ڪهاڻين جا ٻيا جلد به ڪڍيائون . سندس وفات کان پوءِ 1870ع ۾ جيڪب جي وڏي پُٽ هرمئن، سندس اڍائي سو ڪهاڻيون گڏي شايع ڪرايون . انهيءَ جلد مان پنجاهه ڪهاڻيون پوءِ انگريزيءَ ۾ ”Fair Tales Grims“  جي نالي سان شايع ٿيون. گرم خاندان جي هنن فردن جي انهيءَ ڪاوش مان 19 ڪهاڻيون چونڊي ، خانصاب مريد علي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون . اهي ڪهاڻيون پهريون ”گل ڦل“ سنڌي رسالي ۾ شايع ٿيون. جن کي پوءِ ”گرم جون آکاڻيون“ نالي ڪتاب جي صورت ڏني وئي . ]ڏسو : ناشر طرفان به ٻه لفظ ڪتاب”گرم جون آکاڻيون“ سنڌي ادبي بورڊ، ص .5[ .

     

    ضميمو نمبر 1

    (1) سنڌ ڪرسچن سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪرايل ڪن ڪتابن جو وچور: ”سانجهيءَ جي دعا ۽ لٽانيا ۽ ڪي زبور“ (1916)،  ”انجيل“

    (1923)،”متي رسول جي معرف پاڪ انجيل “(1930)،”مسيحي مسافرجو احوال“(1933)،”هڪڙي جاپانيءَ جو قصو“(1934)،”سچو سڄڻ“(1934)، ڪگاوا جا آتمڪ آزمودا“ (1936)، ”دلپسند زندگي“ (1936)، ”معرفت جو راز“ (1939)، ”مسيح جي حقيقت“ (1940)، ”شروعاتي مٺا ميوا “(1943)،”اڳڪٿين جي تڪميل“(1943) ، ”خدا جو خاندان “ (1944) ، جئسنگهه بهادر“(1945)، ”ڪنهن پهڻ کي هٽايو “  (1945)، ”ناتال“  (1946)، ”پرتما جي بادشاهت ۽  ان جا قائدا “ (1946) ”موت کان پوءِڇا ٿيندو؟ “ (1946)، ”هڪڙو عجيب خواب“ (1946)، ”ڪاشيءَ جي ٻن تيرٿ واسين جو قصو “ (1947)، ”دنيا جي اميد“ (1947)، ”افضل راز“ (1947)، ”خدا جي هستي“ (1947)، ”دعائن جو گلدستو “ (1947)، ”هڪڙو عجيب ڪرڪيٽئر“ (1947)، ”جهاد جو سوجهرو“ (1947)، ”هڪڙو عجيب مڪاشفو “ (1947)، ”پتا جو پيار“ (1947)، ”مقدس لوقا جي معرفت پاڪ انجيل“(1947)”رڻ پٽ جي مسافري“ )1947(  ”هدايت نامو“ (1947)، ”پولس هڪڙو غلام“ (سال ؟)، ”پنڊتا راما ٻائيءَ جو قصو“ (1947) ”معصوم شفيع جي سوانح عمري“ (سال ؟)، ”سلطان ۽ سلطانه“ (سال ؟)، ”نئون عهد نامو“ (سال ؟)، ”خدا جو پدرانه سلوڪ“(سال ؟)،”مختصرمقدس بائبل“(سال ؟)، ”صليب جو نشان“ (سال ؟)، ”پولس بهادر“ (سال ؟)، ”عبدالله“ (سال ؟)، ”هڪڙو عجيب پيچرو“ (سال ؟)، ”سوانح عمري“ (سال ؟) .

    ضميمو نمبر  – 2

    (2) مسيحي ادب جون صنفون

    سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جي ڪتابن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اهي اسان کي مختلف صنفن ۾ ورهايل معلوم ٿين ٿا . سنڌيءَ ۾ مسيحي ادب نثر توڙي نظم تي مشتمل آهي . صنف جي لحاظ کان اهو مضمون، ڊرامي ، افساني ، قصي ۽ شاعريءَ تي مبني آهي . 

    جيئن : افساني جا ڪتاب : ”جئسنگهه بهادر“، ”هڪڙو عجيب ڪرڪيٽئر“ وغيره .

    ڊرامي جا ڪتاب : ”ناتال“

    قصي جا ڪتاب : ”پنڊتا راما ٻائيءَ جو قصو“، ”جاپاني قيديءَ جو قصو“ وغيره .

    مضمون جا ڪتاب : ”دلپسند زندگي“، ”سانجهيءَ جي دعا“، ”معرفت جو راز“،  ۽” مسيح جي حقيقت“ وغيره .

    شاعريءَ جا ڪتاب: ”معصوم شفيع جي سوانح عمري“ .

     

     

     

     

     

     

     

     

    ضميمو نمبر – 3

    (3) 1947ع ۾ سنڌ اندر عيسائين جا ادارا ۽ انهن جو تعداد

    ادارا                                 تعداد

    1. پئرشسز ۽ ريزيڊنس                       13

              2. فريئريز                                    1

              3. ڪنوينٽس                                  9

              4. هاءِ اسڪول                               6

              5. مڊل اسڪول                              2

              6. پرائمري اسڪول                         10

              7. اسپتالون                                   1

              8. ويم گهر                                   2

              9. يتيم خانا                                   3

              10. پريسون                                  1

     

    ( هي مقالو ٽه ماهي مهراڻ نمبر 1981- 4 ۽ 1981 1-2 ۾ ڇپيو)

     

     

     

     

     

     

     

    (14- اپريل، 1980ع بروز سومر سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن ، گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سهڪار سان آنجهاني ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو ڏينهن ملهايو. نامور پرڏيهي آنجهاني اديب ۽ عالم جي هن ورسي جي صدارت جڳ مشهور سنڌي سپوت جناب جي – الانا ڪئي . سندن فصيح ۽ معلوماتي صدارتي تقرير کان اڳ ترتيبوار منير چانڊئي ، عنايت بلوچ ۽ راقم مقالا پڙهيا .مون ڊاڪٽر ٽرمپ جي اوٽ وٺي ۽ خود ڊاڪٽر ٽرمپ کي خيال ۾ رکندي هڪ اهم موضوع کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي . منهنجي خيال ۾ اهو موضوع بنهه نئون ۽ الڳ آهي، جنهن تي هن کان اڳ سنڌي زبان ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر لکيو ويو آهي .

              مجلسن ۽ مذاڪرن، ورسين ۽ ڪانفرنسن جي ، موقعن تي مقالي نويسن کي پنهنجي محنت کان وڌيڪ حاضرين جي موڊ کي به ذهن ۾ رکڻو پوي ٿو. اسان جي روايتن مطابق جيئن مقالي نويسن کي موقعي کان اڳ مقالي لکڻ لاءِ مناسب وقت يا مهلت نه ڏني ويندي آهي ، تيئن موقعي تي وري کيس تفصيل ۾ وڃڻ جي  به اجازت نه ڏني ويندي آهي . مون انهن مجبورين کي ذهن ۾ رکي پنهنجو  مقالو تيار ڪيو آهي .

              منهنجو مقالو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي . پهرين حصي ۾ سڌو سنئون موضوع کي هٿ ۾ کنيو ويو ( جو هيءَ قسط- 1، طور شايع ٿي رهيو آهي ) ۽ جو ئي رڳو ڊاڪٽر ٽرمپ جي ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيو ويو . ٻيو حصو ”حوالن ۽ وضاحتن “ تي ٻڌل آهي . حقيقت ۾ هن ئي حصي جون وضاحتون منهنجي نيت کان سواءِ تاريخ جي ڪن ڍڪيل ورقن تان پردو هٽائن ٿيون . انهيءَ ڪري وضاحتن کي ذهن م رکڻ کان سواءِ هن مقالي مان ڪوبه لاڀ پرائي نه ٿو سگهي . مقالي جو ٽيون حصو ”ضميمن“ تي مشتمل آهي ، ۽ اهي ضميما هن موضوع تي اضافي معلومات ڏين ٿا .

              مقالو جيتوڻيڪ هن موضوع تي حرف آخر جي حيثيت نه ٿو رکي، ان هوندي به هن ڏس ۾ بنيادي معلومات ضرور پهچائي ٿو . موضوع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هنن پهلوئن تي اڃا وڌيڪ لکي سگهجي ٿو  :

              (1) سنڌ ۾ آيل مسيحي مبلغن جي سوانح، (2) سنڌ ۾ مسيحي مرڪزن جو تفصيلي احوال، (3) سنڌ ۾ مسيحي ادارن جو تفصيلي احوال ، (4) سنڌ ي غير مبلغ عيسائين جو احوال ، (5) سنڌ جي مکيه ديولن جو ذڪر ، (6) مسيحي ادب ۽ تحريڪ جو اسان جي علم ادب تي فڪري اثر ، (7) سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو مسيحي تبليغ تي فڪري اثر .

              بهرحال چند ڏينهن جي محنت هڪ بنيادي خاڪي جي صورت ۾ پڙهندڙن اڳيان حاضر آهي .- د . م . پ)

     

     

    41 ٻه ڀيرا ڏنل آهي .

    43 ٻه ڀيرا ڏنل آهي .

     

     

    44 ڪونه آهي .