Category: ADDRESS AND SPEECHES

  • Hazrat Molana Taj Muhammad Amroti

    صدارتي تقرير

    حضرت مولانا تاج محمود امروٽي

    چوٿين سنڌ خلافت ڪانفرنس، مورخه 2-3 مئي 1920ع جيڪب آباد

    (جڏهن به انگريزن جي دور جي سياسي تاريخ لکي ويندي تڏهن “خلافت تحريڪ” جو ذڪر خاص طور تي ڪيو ويندو، هتي تحريڪ اسان جي سياسي ۾ انهيءَ ڪري اهميت رکي ٿي جو انهن عالمن جن حالتن کان مايوس ٿي وڃي مدرسا وسايا هئا ۽ جن لاءِ اهو تاثر قائم ٿي رهيو هو ته “ملن ۾ وطن دوستيءَ جو جذبو ٿئي ئي ڪو نه ٿو” سي مڪتب ۽ مدرسا ڇڏي گلين ۽ گهٽين ۾ نڪري آيا، هن تحريڪ دوران وطن ۽ مذهب جي صدقي عالمن اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جنهن جو مثال ئي نه ٿو ملي.

    بلاشڪ “خلافت تحريڪ” پوري هندستان ۾ هلي، ليڪن سنڌ ۾ خلاف تحريڪ جي ڳالهه ئي نرالي هئي، تاريخ جا ورق ورائڻ مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته سڄي سنڌ “خلافت تحريڪ” بڻجي اٿي هئي، جتي به ڪو عالم ۽ مولوي موجود هو، اتي هن تحريڪ جو اثر پهتو، هن تحريڪ دوران اسان جي وڏڙن وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون.

    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي محقق هن تحريڪ کي نظر انداز نه ڪيو آهي ۽ ڪيترن قلم ڌڻين هن تحريڪ ۽ جماعت کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مگر پوءِ به اڃا هن تحريڪ اسان جو توجهه لهڻو، منهنجي اندازي مطابق لڳ ڀڳ ساڍيون ٽي سئو خلاف ڪاميٽيون سنڌ ۾ قائم ٿيون، جن سالن جا سال ڪم ڪيو، جلسا ڪيا ۽ ڏينهن ملهايا، خلافتي ورڪرن سرڪاري ملازمتون ڇڏيون، عالمن پنهنجي مڪتبن لاءِ مالي مدد وٺڻ ڇڏي ڪيترا جيلن ۾ ويا ۽ ڪيترن پاڻ کي ملڪ بدر ڪيو.

    هن تحريڪ لاءِ ڪيل تقريرن کي ئي جيڪڏهن ڪتابي صورت ڏجي ته ڪيترا جلد جڙي پون، انهن تقريرن مان هتي به تقريرون ڏنيون وڃن ٿيون.)

    حضرات اوهان صاحبن مون کي هن جلسي جي صدارت جي خدمت سپرد ڪري منهنجي عزت افزائي ڪئي، پر در حقيقت وڏي جوابداري منهنجي سر تي رکي آهي، جنهن جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ آءُ جيڪر ڪنهن لائق فائق، پاڻ کان وڌيڪ هن ڪم جي مستحق صاحب کي، انهيءَ تمام وڏي خدمت سپرد ڪرڻ لاءِ عرض ڪريان ها، پر ان سان گڏ اوهان صاحبن جي دل شڪني به مناسب نٿو ڄاڻان، ان ڪري اوهان صاحبن جي دلي شڪريي بجا آڻڻ بعد درگاهه الاهي ۾ ملتجي آهيان ته مولا سائين مون کي انهي تمام وڏي خدمت جي ڪماحقه ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

    عزيزان ملت! اهو ته اسان ملسمانن جو صحيح ۽ سچو عقيدو آهي ته اسلامي تهذيب ۽ روحاني ترقي جي اشاعت ۾ مقامات مقدس جي حفاظت ۽ اسلام جي دشمنن جي مدافعت لاءِ اهڙي هڪ مسلمان اميرالمؤمنين خلفية المسلمين جو هجڻ ضروري آهي، جو هر طرح آزاد ۽ خودمختيار ديني ۽ دنيوي اقتدار رکندو هجي ۽ دين جي دشمن جي مقابلي ڪرڻ جي پوري طاقت رکندڙ هجي، اهڙي مسلمان خليفة المسلمين سان مسلمانن جون دليون شرعي عقيدي موجب تمام ٻڌليون آهن ۽ سندس اقتدار جي بچاءَ لاءِ خدا جل جلالہجي حڪم ۽ سندس پياري رسول جي حڪم موجب، مال ۽ جانيون قربان ڪرڻ واريون آهن ۽ پنهنجي الله ۽ پياري رسول جي خوشنودي لاءِ سر ۽ ساهه صدقي ۽ گهرو ڪرڻ واريون آهن، حضرت رسول الله جي خدمت ۾ مسلمانن جن کين ڏسي ايمان آندو تن اصحابن سڳورن اسلام جي مٿان پنهنجو مال، وطن، گهر ٻار ۽ ساهه گهور ڪيا ۽ دين جي دشمن سان خدا ۽ رسول جي فرمان موجب اسلام جي بچاءُ لاءِ پوري پوري همدردي ڪئي ۽ سندن وصال ڪرڻ کان پوءِ سندس جانشين حضرت ابوبڪر صديق مسلمانن جو خليفة المسلمين سان لقب وارو ٿيو، جنهن پاڻ ۽ ٻين مسلمانن جي خلافت جي وقت ۾ اسلام جي همدردي پوري طرح ڪئي، تنهن کان پوءِ حضرت امير المؤمنين عمر فاروق جي وقت ۾ بهم جيڪڏهن انهن خليفن ۽ مسلمانن جي اسلام لاءِ همدردي کي بيان ڪجي ته وقت گهڻو وٺڻو پوندو، اسلام جي بچاءَ ۽ مقامات مقدمه يعني مڪي ۽ مديني ۽ بلاد اسلامي کي بچائڻ لاءِ بني اميه، بني عباسيه خليفا، خدا ۽ رسول جي فرمان موجب پنهنجيون جانيون، مال ۽ گهر ٻار قربان ڪندا آيا ۽ پنهنجي الله ۽ رسول کي راضي ڪندا اسلام جو اقتدار قائم رکندا آيا ۽ پنهنجي الله ۽ رسول کي راضي ڪندا اسلام جو اقتدار قائم رکندا آيا، جڏهن تاتاري ڪفارن بغداد تي ۽ مسلمان جي خليفه معتصم بالله شهيد تي حملو ڪيو تڏهن به مسلمانن اسلام جي اقتدار کي هڪ ڏينهن به خالي ڪرڻ نه ڇڏيو، مصر ۾ خليفه مقرر ڪري اسلام لاءِ پنهنجا سر صدقي ڪندا آيا، انهيءَ سلسلي جو ڳانڍاپو ۽ اسلام جي حمايت جو بار، سلاطين آل عثمان يعني ترڪن جي سر تي آيو ۽ انهي وقت سڀني مسلمانن ۽ علمائن ۽ مشائخن خليفة المسلمين جي لقب سان ڪري مڃيو، انهن ترڪن دين جي لاءِ جيڪي عيسائين جون تڪليفون سٺيون آهن تن تي تاريخ جا ورق شاهد آهن، اهو ئي خاندان آهي جو مقامات مقدسه يعني مڪي معظمه ۽ مدينه منوره جي خدمت ۽ حفاظت ۽ عيسائين جي ناپاڪ شرارتن جو، پنهنجي مال ۽ جان سان مقابلو ڪندا آهن، آءُ دعويٰ سان چوان ٿو ته جيڪڏهن اهي سرفروش ۽ جانباز ترڪ، اسلام جي حفاظت لاءِ سر تريءَ تي رکي ڪوشش نه ڪن ها ته جيڪر اڄ اسلام جو نالو هڪ گذشته زماني جو افسانو ٿي وڃي ها، اوهان صاحبن کي اهو زمانو ياد هوندو جنهن وقت يورپ جي وڏي حصي تي اسلامي جهنڊو لهرون ڏئي رهيو هو، اسلامي فتوحات جو سيلاب زور افزون ترقي ۾ هو، يورپي حڪومتون سلطنت اسلاميه جي بحري ۽ بري قوت کان ڊڄندڙ تي ان جو رضامندو، مسيح مصلوب جو رضامندو ۽ ان جو ناراضپو ، يسوع مسيح جو ناراضپو، سمجهنديون هيون، ان وقت کانئن اهو اسلامي اوج سٺو نه ويو ۽ سڀني عيسائي حڪومتن گڏجي اسلام جي پاڙ پٽڻ ۽ روءِ زمين تي عيسائيت پکيڙڻ جو قسم کڻي صليبي جهاد شروع ڪيو، مگر خدا تعاليٰ جي مهرباني سان کين سواءِ ذلت ۽ شڪست جي ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيو، هارئي هلو کائينديون رهيون. آخر سلطان صلاح الدين مرحوم (ڪثرالله امثاله) جي هٿان هڪ شاهي شڪست کائي پيش پوڻ کان سواءِ ٻيو چارو نه ڏٺائون، جڏهن انهن ڏٺو ته مرد ميدان ٿي جنگ ڪرڻ سان مسلمانن سان پڄي نه سگهنداسون تڏهن اندروني سازش ڪرڻ ۽ دوستي جي پردي ۾ دشمني ڪرڻ کي پنهنجي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايائون جيئن ته هن گذريل منحوس جنگ جي واقعات سان اوهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته جيڪي ملڪ، جنگ جي زماني ۾ اتحادي وٺي نه سگهيا، سي صلح جي زماني ۾ ڪهڙي نه دغابازي سان ورتائون.

    صاحبان! اوهان صاحبن کي ضرور هي خيال ٿيندو هوندو ته آخر يورپ جو سازش ۽ شرارتن جو ڪهڙو ڪارڻ آهي، ترڪن عيسائين جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو انهن اسان اهڙو ظلم ڪرڻ ۾ اچي ٿو، ترڪن سان گڏ جرمني، آسٽريا ۽ بلغاريه به اتحادين سان جگ ڪئي، اهو ڪهڙو خاص سبب آهي جو ترڪن جي دارالسلطنت قسطنطنيه تي قبضو ڪيو وڃي ٿو، مگر جرمن، آسٽريا ۽ بلغاريه جي گادي جي هنڌن تي قبضو ڪرڻ ۾ نٿو اچي؟ انهيءَ بسنت آءُ مختصر لفظن ۾ فقط ايترو چوندس ته هڪ مذهبي تعصب ٻيو ملڪ گيري جي هوس! جيڪڏهن اوهان کي انهيءَ جي معلوم ڪرڻ جو شوق آهي ته مهرباني ڪري خود عيسائيءَ جي الفاظ ۾ ان کان ٻڌندا، مگر ان کان اڳ ۾ يورپ جي هيٺين اصطلاحن کان واقف ٿي، کين چڱي طرح دل تي رکندا ته آئينده اوهان کي اهڙن مضمونن جي سمجهه ۾ تڪليف نه ٿئي، جهڙي طرح يورپ ۾ ، اندر هڪڙي، ٻاهر ٻي، رکڻ کي پاليسي سجهيو وڃي ٿو، اهڙي طرح ساده لوح مسلمانن کي حقيقت کان بي خبر رکڻ لاءِ اسلام کي دنيا مان ڪڍڻ، مسلمانن کي عيسائي بنائڻ ۽ اسلامي ملڪن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ورهائي کڻڻ جو نالو مسئله شرقيه رکيو ويو آهي، ڇو ته مسئله شرقيه جي بجاءِ، مسئله اسلاميه سڏڻ ۾ يورپ کي پنهنجي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر اچي ٿو، ساڳي طرح يورپ جي ٽين اصطلاح به ياد رکڻ جي لائق آهي، يورپ ۾ ڪنهن به سرسبز زرخيز ملڪ کي جنهن ۾ تيل جا چشما، سون، چاندي، ٽامي، لوهه ۽ اڱرن جون کاڻيون هونديون آهن، پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۽ اتي جي هنرن کي ضايع ڪرڻ، ماڻهن کي بي دست وپاءَ بنائڻ ۽ ضروريات زندگي جي هر هڪ شيءِ ۾ يورپ جو محتاج رکڻ کي تهذيب جو نالو سڏيو ويندو آهي، پهريائين اخبارن جي رستي اتي جي حاڪم کي ظالم ۽ حڪمراني جي اصول کان غير واقف، مشهور ڪيو ويندو آهي تنهن کان پوءِ اتي جي ماڻهن کي ريل ۽ تارن وجهڻ ۽ رستن ٺهرائڻ، هنري ڪارخانا جاري ڪرڻ ۽ انهن کي دنيادار بنائڻ جا سرسبز باغ ڏيکاري دلفريب دلاسا ڏئي پنهنجي قديم فرمانروا، کان بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح پنهنجي ڪميڻي ارادي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هر هڪ انسانيت پاش، اخلاق سوز، ناجائز ڪوشش کي تهذيب ۽ تمدن جي خدمت ڪري ليکيو ويندو آهي ۽ ساري دنيا کي آزادي جي ڪلمي پڙهائڻ جو ٺيڪو پنهنجي ذمي سمجهندو آهي، آزادي به ڪهڙي؟ مذهب کان آزادي، ماءُ پيءُ جي ادب کان آزادي! اخلاف کان آزادي!، عورت جي مرد کان آزادي! مسلمان حڪومت کان آزادي! شرابخوري! جوابازي! رنڊي بازي جي آزادي وغيره وغيره! غرض ته اهڙي طرح ملڪ کي پنهنجي جوع الارض جو لقمو تر، بنائڻ بعد تهذيب جي پکيڙڻ جو ڪم هن طرح ڪيو ويندو آهي ته هڪ طرف ماڻهن کي ولائتي نازڪ رنگين ۽ خوشنما ڪپڙن ڍڪڻ، خوراڪ ۾ بسڪوٽ، ڪيڪ ۽ ڊبل روٽي وغيره جو دلداده ٿيڻ، نشست برخواست ۽ معاشرت ۾ يورپي نمونو اختيار ڪرڻ جو عادي بنايو ويندو آهي ته ٻئي طرف انهيءَ ملڪ جي هنرن ۽ صنعتن کي فنا ڪرڻ، ڪاريگرن کي مارائڻ ۽ انهن جي بدران يورپي ڪارخانا جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، نتيجو اهو نڪرندو آهي ته قوم جو اصلي طبقو ملڪي شين تي غير ملڪي شين کي ترجيح ڏيڻ ۽ عيش عشرت جي زندگي بسر ڪرڻ سبب زندگي جي هر هڪ ضروري شين ۾ يورپ جو محتاج بنجيو وڃي ۽ قوم جو ادنيٰ طبقو هنرن ۽ ڪاريگرن جي تباهه ٿي وڃڻ سبب بک مرڻ لڳي ۽ لاچار ٿي، ڀري، مزدوري ۽ ڪولي جو ڪم اختيار ڪري، ڪارخانن ۽ کاڻين ۾ 8-10 روپين عيوض غلام بنجي وڃي، ملڪ جو پيسو يورپ جي گهر ۾، ملڪي ماڻهو بک مرندا رهن، باقي يورپ مزا ماڻيندو رهي، ملڪ جو نالو سو مهذب ۽ متمدن ملڪن ۾ داخل ٿيو، باقي ملڪي ماڻهن جي حالت غلام کان به بدتر. خير! آدمد برسر مطلب، قسيس جولڪلارٽي، پنهنجي ڪتاب “مسئله مشرقيه” جي فصل ڏهين صفحه 124 ۾ “اسين اسلام کي ڪهڙي طرح فنا ڪري سگهون ٿا” جي سرخي سان لکي ٿو ته “آءُ جو ڪجهه لکندس اهو فقط دنياءِ مسيحت جي فائدي جي غرض سان، جنهن جو ٻيو نالو دنياءِ متمدن آهي، جو نوع انساني جي ترقي ۽ تهذيب لاءِ هر ممڪن قوت سان ڪوشش ڪري رهيو آهي، ليڪن انهيءَ ڪوشش کي روڪيندڙ هڪ عظيم الشان مصيبت آهي، هڪ عظيم الشان مشڪل آهي، جنهن جو اندازو ڪري نٿو سگهان، اسان مسيحين تي فرض آهي ته انهيءَ عظيم الشان مصيبت جا صدما سهون ۽ انهيءَ عظيم الشان مشڪل جي حل ڪرڻ جي تدبير ڪريون، انهيءَ عظيم الشان مصيبت ۽ مشڪل کي کولي سمجهائڻ لاءِ آءُ پنهنجي سڀني مذهبي ۽ روحاني قوتن کان ڪم وٺندس، ناظرين پڇندا ته اها ڪهڙي مصيبت ۽ ڪهڙو سيلاب آهي؟ آءُ عرض ڪندس ته آءُ جنهن مصيبت کان مراد وٺان ٿو اُها اُها مصيبت آهي جنهن جو سيلاب دنياءِ مسيحت کي فنا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، انهي سيلاب کي روڪڻ واسطي پر نتائج ذريعن کان ڪم وٺڻ گهرجي، ذريعا فقط هي آهن ته سڀني عيسائين کي اتفاق ڪري انهيءَ مخالف قوت کي ناس ڪرڻ گهرجي، اها منهنجي راءِ نه آهي، بلڪه مون کان وڏا وڏا اهل قلم ۽ اهل دماغ به اها راءِ ظاهر ڪري چڪا آهن ۽ دنياءِ مسيحت کي انهيءَ اچڻ واري مصيبت کان خبردار ڪري چڪا آهن، ناظرين! انهيءَ اچڻ واري مصيبت جو نالو “اسلام” آهي، جو قوت جو سرچشمه آهي، جو ترقي جو ذريعو آهي ۽ مسيحي تعليمات جي واسطي سد راءِ آهي، توهان تي فرض آهي ته اسلام کي دنيا مان نابود ڪريو. اوهان تي فرض آهي ته انهيءَ قوت کي ضعيف ۽ عاجز ڪري وجهو ۽ جيڪڏهن اوهان هي سوال ڪريو ته اهو ڪهڙي طرح ممڪن آهي ته آءُ چوندس ته اتفاق سان! جيڪڏهن اسين سڀئي عيسائي پاڻ ۾ اتفاق ڪري ملي وڃن ته هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسين مسيحيت جي دشمنن تي غالب ٿي وينداسين! اسلام کي ننڍڙو ڪري نه سمجهو! ان کي ڪمزور نه ڄاڻو، اسلام ۽ مسلمان سڄي يورپ جي واسطي خطره جو باعث آهن، جيڪڏهن مسلمان ڪجهه به طاقت ورتي ته عيسائيت کي مٽائڻ، انهن جي واسطي نهايت آسان ٿيندو، مان جيتريقدر سمجاهن ٿو ته اوهين اسپين جي فتاح مسلماننن کان ناواقف نه هوندا، اوهين انهن عابد زاهد مجاهدن جي نالن کان بي خبر نه هوندا، جن جي روشني ڪوه برهنه جي دامن مان چمڪي رهي هئي ۽ جنهن هڪ دنيا کي زير و زبر ڪري ڇڏيو، خالات ۾ تحقير پيدا ڪري وڌي ۽ دنياءِ مسيحيت جي ترقي واسطي ڪو به ميدا نه ڇڏيو، انهيءَ جي ڪاميابي جو سبب اهو ننڍڙو ڪتاب آهي، جو انهيءَ عظيم الشان شخص پاڻ سان آندو جنهن کي محمد () چون ٿا، اوهان هن کان غير واقف نه هوندا ته جيڪڏهن مسلمانن جي پاڻ ۾ اڻ بڻت ۽ بي اتفاقي نه هجي ها ۽ اسين عيسائي انهن جي مقابلي ۾ پاڻ ۾ ملي نه وڃون ها ۽ پطرس رسول جي برڪت نه ٿئي ها ته جيڪر انهيءَ باغي جماعت تي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيون ها، پر ياد رکو! انهن بزرگن جا جائنشين ۽ انهن ڏاڏن جا پوٽا اڃا تائين زندهه آهن ۽ هي اسان کي موت جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن، انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسين انهن کي برباد نه ڪنداسين ته خدا جو قسم اسين خود برباد ٿي وينداسين، اسان تي فرض آهي ته انهن کي منتشر ۽ پراگنده ڪريون، اسان جو فرض آهي ته انهن جي مال، دولت، ڪنوارين ڇوڪرين ۽ عورتن تي قبضو ڪريون، تنهن کان پوءِ انهن کي عيسائي بنائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ڪوشش ڪريون، اوهين ڪوشش ڪري انهن جي قرآن کي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيو!، قرآن کي انهن جي هٿن مان کسي وٺو، خدا جو قسم آءُ ڪو به اهڙو ڪتاب نه ٿو ڏسان جنهن جي جهنڊي جي هيٺان ايترا گهڻا ماڻهو جمع هجن ۽ جنهن کي ماڻهن جي دلين تي ايتري قدر حڪومت حاصل هجي، انهي ڪري اوهان تي فرض آهي ته مسئله مشرقيه جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ڏسجو انهيءَ ۾ سستي ۽ تغافل هرگز نه ڪجو، اسلامي ملڪن ۾ قومي ۽ مذهبي تفرقا نهايت گهڻا آهن ۽ هي ڪير نٿو ڄاڻي ته اهو ملڪ جو قومي مذهبي تفرقن ۾ مبتلا آهي، انهيءَ تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪيتري قدر آسان آهي، ڏسو اهو موقعو هٿان وڃڻ نه ڏجو، مسيحي سلطنتن مان هر هڪ جو فرض آهي ته اسلامي ملڪن جو هڪ هڪ ٽڪر ورهائي کڻن ۽ انهن تي قابض ٿي وڃن، ٽيونس ۽ الجيريا تي فرانس قبضو ڪري چڪو آهي، هالونوفرانس جو وزير، صاف چٽو چئي رهيو آهي ته انهن مسلمانن کي عيسائي بنائڻ اسان جي واسطي مشڪل نه آهي ۽ اها ئي ڳالهه آهي جنهن کي اسين ڳوليون ٿا! انگلستان جي ماتحت هندستان ۾ مسلمانن جو تعداد گهڻو آهي، لارڊڪرومر (وزير انگلستان) پنهنجي تقرير جيڪا لنڊن جي هائوس آف لارڊز ۾ ڪئي هئي، بيان ڪيو ته مسلمانن کي پنهنجي مذهب سان جيتري قدر محبت ۽ عقيدت آهي، اها ڏسي آءُ حيران ٿي ويس، اسان تيستائين انهن کي مسيحيت جو اصطباغ ڏئي نٿا سگهون، جيستائين اسان انهن جي ڪتاب آسماني يعني قرآن کي انهن جي هٿن مان کسي پرزا پرزا نه ڪري ڇڏيون، مان سمجهان ٿو ته اوهان هن کي وساريو نه هوندو ته اسان انهن کي يورپ مان ڪڍي ڇڏيو آهي! هاڻي اسين انهن کي افريقه (مصر) مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اسين انهن کي فقط ايشا ۾ بند ڪري سگهون، انهيءَ وقت بلفاني رياستون انهن جي حمله آور ٿينديون ۽ پنهنجي ملڪ مان ڪڍي انهن کي ڪڍي ڇڏينديون ۽ انهيءَ وقت مڪي ۽ مدينه کان سواءِ ٻيو ڪو به شهر انهن جي قبضي ۾ نه رهندو ۽ مون کي پڪو يقين آهي ته زمانو اوهان کي انهن ٻنهي شهرن تي قبضي ڏيارڻ جو ضامن آهي، هي به ياد رکو ته دولت عثمانيه اوهان جي سڀ کان وڏي دشمن آهي، اوهين انهن جي گذشته سلاطين کان واقف هوندا، جن اوهان کي فنا ڪرڻ گهريو هو، انهي ڪري اوهان جو فرض اولين هي آهي ته پنهنجي کير پياڪ ٻارن تائين سڀني جي دلين ۾ انهي قوم کان نفرت پيدا ڪريو! جا جيڪڏهن قوت وٺي وئي ته اوهان کي نابود ڪري ڇڏيندي. آخر ۾ آءُ پطرس روسل جو حڪم ٻڌايان ٿو : مسيح انهيءَ واسطي آيو هو ته پنهنجي تعليمات کي دنيا ۾ عام ڪري، سواءِ هن جي ته ڪو به هن جي مزاحمت ڪري، انهيءَ جو مطلب هي آهي ته اسين مذهبي دعوت کي سياسي صورت ۾ ظاهر ڪريون ٿا ته ماڻهو غافل رهن ۽ هلال جي روشني رفته رفته جهڪي ٿي وڃي، ان جي جاءِ تي صليب نمودار ٿئي.“ (زميندار جلد 3 ص 14)

    معزز دوستو! مٿين مضمون مان اوهان صاحبن کي قرآن شريف جي نابود ڪرڻ ۽ مسلمانن کي زوريءَ عيسائي بنائڻ ۽ انهن جي مال، دولت، معصوم نياڻين ۽ عورتن تي قبضو ڪرڻ ۽ اسلامي ملڪن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ورهائي کڻڻ بابت يورپ جي پراڻن منصوبن جي حقيقت روشن ٿي چڪي آهي ۽ ان مان صاف طرح هي معلوم ٿيو ته اهي منصوبا رڳو پاڳل پادرين جا نه آهن، بلڪ لاڙد ڪرومر، وزير انگلستان، هندستان جي مسلمانن کي عيسائي بنائڻ لاءِ مسلمانن کان قرآن ڪريم کسي ان کي پرزا پرزا ڪرڻ ٿو گهري، ساڳي طرح هانولو، وزير فرانس جنهن پيرس جي عجائب خانه تي “لوفر” نالي کي خالي ڪري ڪعبه جي شڪل ۾ آڻڻ ۽ مڪه مبارڪ مان حجر اسود کي اتي منقتل ڪرڻ ۽ ان کي حج جو مرڪز بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، تيونس، الجيريا جي مسلمانن کي عيسائي بنائي آسان سمجهي، پنهنجي دلي تمنا ظاهر ٿو ڪري ۽ انگريز قوم جو وزير اعظم، گيلڊ سٽون چوي ٿو ته “هي ڪتاب (قرآن حڪيم) مسلمانن جي هٿن مان کسي ساڙي ڇڏڻ گهرجي، اهو ڪتاب جيستائين مسلمانن جي هٿ ۾ هوندو تيستائين يقيناً اهي بدبخت سڀ ترقين ۽ سڌارن جي مخالف ۽ عيسائيت جا دشمن رهندا”

    ساڳيو مسٽر گيلڊسٽون چوي ٿو ته دنيا ۾ جيستائين قرآن نالي ڪتاب موجود آهي، تيستائين وحشت جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪا به تدبير ڪارگر ٿي نه ٿي سگهي. (الهلال 4 جولاءِ 1913 جلد 3 نمبر 2)

    مٿين مسٽر جي نظر ۾ اسلام هڪ وحشت آهي، جنهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ قرآن ڪريم جو نابود ڪرڻ ضروري آهي، لارڊ ڪچنر، جا دل آزار ڪلمه، ڪعبته الله شريف متعلق اوهان کان وسري نه ويا هوندا، لارڊ ڪرزن، لارڊ رابرٽ سيسل ۽ لارڊ پرائيس جو تعصب اوهان کي ياد هوندو، مسٽر ايليڪنٿ اڳوڻي وزير اعظم انگلستان، جون ڦيريون گهيريون اوهان کي معلوم آهن، مسٽر لائيڊ جارج موجوده وزير اعظم برطانيه، جو لارڊ ايلني کي آخري مذهبي جنگ جو فاتح سڏڻ ۽ گذريل مارچ ۾ نئين سال جي شروعات ۾ رعايائي انگلستان کي موڪلڻ، ته دنيا ۾ امن، عيسائيت قبول ڪرڻ سان ٿي سگهندو، اهو مذهبي جنون جو پڌرو ثبوت آهي، ڇا انهن واقعن هوندي ڪو چئي سگهندو ته انگلستان ۾ اسلام جي خلاف جوش خروش رڳو مذهبي حلقن ۾ آهي؟ هرگز نه! اسلام ڪشي جو خيال سياسي حلقن ۾ موجود آهي، مگر اهو بقول جول ڪلارٽي ۽ پطرف رسول جي زرين حڪم موجب، مسلمانن کي غافل رکڻ لاءِ مذهبي دعوت کي سياسي رنگ ۾ ظاهر ڪن ٿا، جهڙي طرح هن منحوس جنگ ثابت ڪري ڏيکاريو، اوائل ۾ ملڪي جنگ ظاهر ڪري، مسلمانن کان جاني مالي مددون حاصل ڪري پوءِ ان کي مذهبي صليبي جنگ سڏڻ ۽ اسلامي ملڪن ۽ پاڪ جاين تي دست درازي ڪرڻ، صاف طرح قرآن شريف جي هن آيت جي تصديق ٿو ڪري “ولن ترضيٰ عنڪ اليهودولاانصاريٰ حتيٰ تتبع ملتهم”. يعني يهود ۽ نصاريٰ تيستائين اوهان کان هرگز راضي نه ٿيندا، جيسين اوهين انهن جو دين قبول نه ڪندؤ، ترڪن کي هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪهڙا سبب هئا، اهي ڊيگهه جي خوف ۽ وقت جي تنگي سبب بيان ڪري نٿا سگهجن، جول ڪلارٽي جي مٿين مضمون مان اوهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته اسلام جي پاڙ پٽڻ ۽ قرآن شريف جي نابود ڪرڻ لاءِ سلطنت عثمانيه کي برباد ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇاڪاڻ ته سلطنت عثمانيه کي برباد ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇاڪاڻ ته سلطنت عثمانيه جي موجودگي ۾ يورپ جا ملعون مقصد حاصل ٿيڻ مشڪل هئا، جيئن ته هڪ انگريزي اخبار “گرينڪ” نالي، مسئله مشرقيه تي پنهنجا خيال ظاهر ڪندي آخر ۾ لکي ٿو ته ترڪن کان نجات حاصل ڪريو ته هر چيز ٺيڪ ٿي ويندي (الهلال 6 آگسٽ 1913ع جلد 3 صفحه 113)

    ترڪي سلطنت وانگر ايران ۽ افغانستان به اسلامي حڪومتون هيون ۽ اهي به قرآن حڪيم جي تباهي اکين سان ڏسڻ نه گهرن ها، مگر يورپ جي، ترڪي سلطنت تي خاص طرح نظر رهڻ جو سبب هي اهي ته انهيءَ خاندان کي خلافت جي عزت حاصل آهي، ازانسواءِ اهو ئي خاندان آهي جو يورپ جي مقابلي ۾ طاقت رکي ٿو، 2 جولاءِ 1913ع جي ٽائمز آف انڊيا ۾ ڪرنيل بيٽ، جنگ بلقان ختم ٿيڻ تي مضمون لکندي آخر ۾ لکي ٿو ته “ترڪن سلطنت ۽ ايران حڪومت جي بلڪل ختم ٿي وڃڻ بعد جيستائين 30 لک مسلمان هيئن نه چون ته امير افغانستان اسان جو خليفو ۽ پيشوا نه آهي تيستائين انهن جي حڪومت قائم رهڻ ڏجي.” (الهلال 13 جولاءِ 1913ع جلد 3 صفحه 71)

    هن مان ظاهر ٿيو ته يورپ جي، خلافت سان جنگ آهي ۽ خدانخواسته ترڪي سلطنت ۽ ايراني حڪومت جي تباهيءَ سان گڏ اتي ڪو به مسلمان ڏسڻ نٿو گهري ۽ انهي کان پوءِ روءِ زمين تي جيڪي 30 لک مسلمان بچن، سي به جيڪڏهن امير افغانستان کي پنهنجو خليفو ۽ پيشوا ڪري مڃن ته پوءِ انهن جي به صفائي ڪري ڇڏجي، هن مان هي ڳالهه به معلوم ٿي ته (خاڪش بدهن) ترڪي سلطنت ۽ ايراني حڪومت بلڪل ختم ٿي وڃڻ بعد افغانستان جي 30 لک مسلمانن کان سواءِ ٻيو ڪو به مسلمان نه رهندو، نه هندستان ۾، نه ڪنهن ٻئي هنڌ. هن منحوس جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ صلح جي وقت ۾ انگريزن جو ترڪن سان ڪهڙو سلوڪ رهيو؟ اهو اوهان صاحبن کان مخفي نه آهي، غزوه طرابلس جي شروعات ۾ انگريزن ٻي طرفي جو اعلان ڪيو، مگر عملي حالت هي هئي جو اٽليءَ وارن کي بار برداري واسطي اٺن ۽ خچرن جي ضرورت پئي ته جزيره عدن مان ضرورت پوري ڪئي وئي، ليڪن ترڪن جي امداد واسطي جڏهن مرحوم نيازي بي طرابلس الغرب جي قصد سان ويس بدلائي مصر ۾ پهتو ته انگريزن جي بي طرفي جي دعويٰ، ان کي نظر بندي ۾ وٺي قسطنطنيه ڏانهن واپس ڪري ڇڏيو، ترڪي جنگي جهاز حميديه ڪجهه پيرا بندرگاهه سعيد ۽ اسڪندريه جا چڪر لڳايا هئا، جتي ان لاءِ ڪوئلن جو ذخيرو گڏ ڪيو ويو، بي طرفي ان جي مخالفت ڪئي ۽ اهو سلسلو بند ڪيو ويو، بي طرفي ان جي مخالفت ڪئي ۽ اهو سلسلو بند ٿي ويو، مگر يوناني ٻيڙي 18 اپريل 1913ع جي جڏهن سويز جو چڪر لڳايو تڏهن پورٽ سعيد ۾ ان جي واسطي ڪوئلن جي فراهمي، پوليس جي امداد ۽ اعانت طرفداري نه سمجهي وئي. ترڪن هندستان ۾ غدر جي وقت انگريزن کي مصر مان لشڪر لنگهائڻ جي موڪل ڏني، سلطان المعظم، بحيثيت خليفة المسلمين سلطان ٽيپو ۽ سرحدي ماڻهن کي انگريزن جي مخالفت بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي انگريزن جي جان بچائي، مگر ان جي عيوض انگريزن، ترڪن کي مصر مان جو سندن ملڪ هو، لشڪر لنگهائڻ جي روڪ ڪئي، طرابلس ۾ مسلمان مردن، عورتن ۽ ٻارن سان جيڪي ظلم ٿيا آهن، ان تي انگريزن جي رڳ انسانيت کي ڪو جوش ڪو نه آيو، مگر جڏهن بهادر ترڪ طرابلس مان اٽليءَ وارن کي پٺتي هٽائي اڳتي وڌڻ لڳا تڏهن انگريزن ترڪن کي صلح ڪرڻ لاءِ زور رکيو، جڏهن انهن قبول نه ڪيو، تڏهن انگريزن پنهنجي جنگي جهازن جي نمائش ڪري ڌمڪي ڏئي ترڪن کي صلح ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنگ بلقان کان ٿور اڳي ترڪن کي غافل رکڻ لاءِ يورپ اعلان ڪيو ته مسئله بلقان بابت جنگ نه لڳندي مگر يورپ هي عذر ڪيو ته سان جنگ کي روڪڻ گهريو مگر بلقاني رياستون راضي نه هيون، ڇا ڪو به معمولي عقل وارو آدمي هي فرض ڪري سگهي ٿو ته هڪ ڇوٽي رياست دول يورپ جي ڪنهن به هڪ مشوري کي نامنظور ڪري ٿي سگهي؟ بهر نوع اعلان جنگ ٿيو، ان کان پوءِ ستت ئي موسيو پوانيڪر وزير خارجه فرانس جي تجويز ۽ روس ۽ انگلستان جي اتفاق سان، هي اعلان ڪيو ويو ته خواهه نتيجو ڪهڙو به نڪري مگر فتحياب کي پنهنجي ملڪ وڌيڪ زمين ڳنڍن جو حق نه رهندو، يا ٻين لفظن ۾ ڌرين جي ملڪ ۾ جابرانه تغير نه ٿيندو، اهو اعلان هن ڪري ڪرڻ ۾ آيو ته يورپ کي خيال هو ته جنهن وقت بهادر ترڪي فوج، پنهنجي پايه تخت کان هلندي ته سڌو صوفيه جي پايه تخت بلغاريه ۾ هلي دم کڻندي، کين معلوم هو ته يوناني فوج جڏهن ان سان جنگ ڪندڙ هئي تڏهن ان جو ڪهڙو حشر ٿيو هوندو، پر فتح ۽ شڪست جي تقسيم بلڪل اميد خلاف هئي، هواز جو مزاج بدليل ڏسي خيالات جو رخ به بدلجي ويو، سڀ کان اول ۾ اخبارن هي سوال کنيو، بلقانين کي انهيءَ فتح جي فائدن کان نفتعو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جنهن واسطي ان جون فوجون ڪم آيون آهن، اعلان جنگ کان اڃا اڌ مهينو به نه گذريو هو ته روس مان هي آواز بلند ٿيو ته “نهايت بي انصافي ٿيندي جيڪڏهن بلقاني رياستن کي فتوحات کان فائدي وٺڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي جنهن واسطي انهن پنهنجون عزيز جانيون ڏنيون آهن” انهن جو اواز انگلستان مان آيو، مسٽر اسڪنٽ وزير انگلستان ۽ موسيو پوانيڪر وزير فرانس اهو ئي چوڻ لڳا جو روس چئي رهيو هو، جاج موجوده وزير اعظم انگلستان ۽ مسٽر ماسٽرين وزير مالي شهنزم، بلقاني رياستن جي واسطي هڪ انجمن قائم ڪئي هئي، جنهن جا ميمبر پارليمينٽ جا ميمبر هئا، انهيءَ انجمن جي ميمبرن چيو ته بلقاني، انهيءَ جنگ ۾ حق بجانب آهن، تنهن ڪري کين ضرور آباد ڪيو وڃي، فيصلو ٿيو ته پبلڪ ۾ عام طور جوش پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ عام جلسو ڪيو وڃي، مسٽر ناڪل مڪائن ميمبر پارليمنٽ برطانيه صوفيا، پايه تخت بلغاريه ۾ ويو ۽ اعلان ڪيائين ته “سٺي انگريز قوم کي بلقان سان هن جنگ ۾ به پوري همدردي آهي ۽ گهڻائي انگريز والنٽير طور ميدان جنگ ۾ اچڻ وارا آهن”

    برادران اسلام! ڇا هن کان پوءِ اوهان صاحب اهو خيال ڪري سگهو ٿا ته ترڪي خواه مخواه انگريز سان جنگ ڪئي ۽ رڳو جرمني جي شورش تي پيش قدمي ڪئي. مسلمانو! يقين ڪريو ته توڻي اوهين اسلام کان غافل ٿي وڃو مگر عيسائيت ڪڏهن به اوهان کان غافل نه رهندي، اوهين عيسائين جون ان ترانيون وساري ڇڏيو، مگر هي اوهان جون بي خياليون نه وساريندا، اوهان جا زخم ڇٽي وڃن، مگر توهان جون خرچ لڳايل چوڪون هي هميشه تازيون رکندا، ايران، طرابلس ۾ عيسائين جي خونريزي، غارت گري ۽ عصمت دري اوهان کان وسري وڃي، مگرعيسائي، فلسطين، شام ۽ مقدونيه کي نه وساريندا، اوهين اندلس، طرابلس جون ڊاٺل مسجدون وساري ڇڏيو، مگر عيسائين هميشه جمع ابا صوفيه ۽ بيت المقدس کي ياد رکندا. اي عزيزان ملت! توهان کي معلوم آهي ته اندلس جي مسلمانن جي ڪهڙي حالت ٿي؟ اوهان کي معلوم آهي ته ڪهڙي طرح مسجدون ڊاٺيون ويون؟ مسلمان زوري عيسائي ڪيا ويا ۽ جيڪي عيسائي نه ٿيا، اهي جلايا ويا، هي سچ آهي ته اوهان سان اڃا تائين اهو سلوڪ نه ٿيو آهي مگر توهان کي ڪهڙي طرح تسلي ڏني وئي آهي ته جڏهن توهان جي سياسي هستي جو بلڪل خاتمو ٿي ويندو ۽ دنيا ۾ آزاد اسلامي سلطنت نه رهندي تڏهن ان وقت اهڙا ماڻهو پيدا نه ٿيندا، جي مسٽر گيلڊ سٽون ۽ ڪرنل بيسٽ جي حڪم جي تعميل ڪن، حضرات! اوهان صاحبن کي خاص حالتن سان چڱي طرح معلوم ٿي ويو هوندو ته اسلام جي تباهي جو ٺيڪو رڳو انگلستان کنيو آهي، ڇاڪاڻ ته فرانس ۽ اٽلي، ترڪن کي قسطنطنيه مان ڪڍڻ نٿا گهرن ۽ نڪي ترڪي يا ايشيا ڪوچڪ جي ڪنهن ڀاڱي جا طلبگار آهن جيئن ته پريس جي اخبار ٽيمس لکي ٿي ته فرانسيسي، ترڪن کي قسطنطنيه مان ڪڍڻ نٿا گهرن، جو انهن کي ترڪيءَ يا ايشيا ڪوچڪ جو ڪو به حصو مطلوب نه آهي، سيورينيٽي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اٽلي ترڪن کي ڪوچڪ جو ڪو به حصو وٺڻ نٿو گهري، انگريزن سان ترڪن وانگر جرمن، آسٽريا ۽ بلغاريا به جنگ ڪئي هئي، مگر نه انهن جي تخت گاهن تي قبضو ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهن جي شهزادن ۽ پارليمينٽ جي ميمبرن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهنجي مذهب جي پيشوائن کي جلا وطن ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهن جي عبادتگاهن بابت ڪو پهه پچايو وڃي ٿو، ڇو ته اهي عيسائي آهن، باقي مظلوم ترڪن کان سندن دارالخلافت کسيو وڃي ٿو، انهن جي شهزادن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ستر هي تعداد ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو، شيخ الاسلام کي جلا وطن ڪري مالٽا ۾ موڪليو وڃي ٿو، جامع ابا صوفيه کي جا پنجن سون ورهين کان مسلمانن جي عبادگاهه رهي آهي تنهن کي ديول بنائڻ جو منصوبو ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهي مسلمان آهن، يورپ ۾ مسلمانن سان انصاف ڪرڻ جو جيڪو دستور آهي، ان بابت هڪ منصف مزاج انگريز جو خود پارليامينٽ جو ميمبر آهي، تنهن جو قول نقل ڪريان ٿو، مسٽر سائڪس پارليمينٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته مسلمانن سان انصاف ڪرڻ جا يورپ ۾ ٻن مختلف قسمن جا قانون هلندڙ آهن، هڪ اهو هڪ قانون وقاعي، جو مسلمان مدعي جي خلاف عيسائي مدعاليه جي حق ۾ فيصلو ٿئي ٿو، ٻيو اهو قانون جو عيسائين مدعي جي فائدي ۾ مسلمان مدعا عليه جي خلاف عمل ۾ ايندو آهي. (الهلال صفحه 172، جلد 12، 23 جولاءِ 1913ع)

    اخوان ملت! يورپ جي چالبازين ۽ ڍڪوسلن تي گهڻا ڏينهن لڳا گهڻيو ئي خوشنما وعدن ۽ دلفريب دلاسن سان اميد تي وڃايو، آزمائي کي جو آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي، مڪه مڪرمه، مدينه طيبه، تثلش جي زير اثر رهي چڪو آهي، بصره، بغداد، ڪاظمين شريفن، نجف اشر، ڪربلا معليٰ تي صليب جو جهنڊو لهرون ڏئي رهيو آهي، بيت المقدس تان توحيد جو سايو گم ٿي ويو، اسلامي ملڪن دارالخلافت قسطنطينه تي ڪافرن جو قبضو ٿي چڪو آهي، شيخ الاسلام مالٽا ۾ جلاوطن ڪيو ويو، 70 ستر کان زياده شهزاده ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو گرفتار آهن، تيرنهن سون اسلامي تاريخ جي يادگار خلاف، ميٽجڻ تي آهي، خليفة المسلمين محصور آهي، ڇا اڃا انهن کان يا زياده اسلامي تباهي جا منظر ڏسڻ جا منتظر آهيو؟ آه! اوهان جا بي حسي تي، آه و بڪا اوهان جي غدلت شعاري تي، ڇا انهيءَ حال سان اوهان مسلمان سڏائڻ جا حقدار آهيو، ڇا انهيءَ حال سان اوهان خدا ۽ رسول وٽ سرخرو ٿيندا. افسوس! “عار داد ڪفر از ايمان ما”

    ڀائرو! هن وقت شرع شريف جي حڪم موجب پاڪ جاين کي ڪفر جي چنبي کان بچائڻ ۽ خليفة المسلمين جو دنيوي اقتدار قائم رکڻ ۽ مظلوم ڀائرن جي مدد ڪرڻ، اسان تي فرض آهي، اسان هن بنسبت پنهنجي مذهبي جذبات ۽ شرعي مطالبات کان سرڪار کي وقت بوقت جلسن جي رستي، تارن جي رستي، وفدن جي رستي، آگاهه ڪري چڪا آهيون ته جيڪڏهن فيصلو اسان جي مذهب جي برخلاف ٿيو ته پوءِ اسين مذهبي حڪمن موجب وفادار رهي نه سگهنداسين، پر هن وقت تائين ڪو خاطر خواه نتيجو ڪو نه نڪتو آهي ۽ نڪي اميد آهي. مولانا محمد علي صاحب خلافت جي وفد جي پاران سيٺ ڇوٽاني صاحب کي جيڪو خط تاريخ 25 مارچ 1920ع لنڊن مان موڪليو آهي، تنهن ۾ لکيو اٿس ته لارڊ جاج وزيراعظم جو وفد کي ڏنل جواب نه رڳو مايوس ڪندڙ آهي، پر سندس جواب ۾ ڪيترو ئي ڪوڙ بدڙو آهي، غرض ته اڻندو اها ئي جا ڪوري جي هٿ ۾ هوندي، انهي ڪري اوهان تي جهاد فرض آهي، مگر جڏهن ته اوهان وٽ هٿيار پنهوار ۽ ٻيا ضروري اسباب موجود نه آهن، انهيءَ ڪري ئي ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ هجرت ڪري وڃڻ کانسواءِ ايمان جي بچاءَ جو ٻيو ڪو رستو ڪو نه آهي، خدا جو شڪر آهي جو سخت پريشاني جي وقت ۾ امير افغانستان غازي امان الله خان خلد الله ملڪه و سلطنته هندستان مان هجرت ڪري ويندڙ مسلمانن کي پنهنجي خداداد وسيع سلطنت ۾ هر طرح مالي ۽ جاني مدد ڪرڻ جو وعدو فرمايو آهي، اُميد ته جيڪي صاحب جهاد جي طاقت نٿا رکن ۽ ايمان بچائڻ ۽ خدا تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ واسطي هجرت فرض ٿا سمجهن سي پاڻ ۾ ملي گورنمينٽ کي درخواست ڪندا ته افغانستان ۾ هجرت ڪري وڃڻ لاءِ رستي ۾ ڪو روڪ نه ڪري ۽ اهڙي پاس ملي، پر جيستائين اهڙو ڪو بندوبست ٿئي تيستائين ڪو به مسلمان سرڪار کي ڪا به مدد نه ڏئي، نڪو ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿئي، نڪو نوڪري ڪري، نڪو چندو ڏئي يا قرض ڏئي، نه انهن جي ڪورٽن ۾ فرياد ڪري، جيڪڏهن پاڻ ۾ خدانخواسته ڪو تڪرار ٿي پوي ته ان کان درگذر ڪري ڇڏجي، نه ته شريعت موجب ان جو فيصلو ڪنهن مولوي يا عالم کان ڪرائي، غرض ته سرڪار سان سمورا تعلق ٽوڙي ڇڏجن ۽ پنهنجا سڀئي تعلق خدا ۽ رسول سان قائم ڪجن. وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين. والصلواة والسلام عليٰ سيد المرسلين

     

     

  • Mukhi Goband Ram Pretamdas

    مکي گوبند رام پريتمداس جي تقرير

    (ائنٽي سنڌ سيپريشن ڪانفرنس، حيدرآباد، 18 ۽ 19 جون 1932)

    صاحبو! آءُ آجيان ڪميٽيءَ پاران اوهان صاحبن جا وڏا احسان ٿو مڃان جو اوهين صاحب هيڏي مفاصلي تي تڪليف وٺي به اچي هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا آهيو.

    جنهن مراد سان اسين گڏ ٿيا آهيون سا اوهان صاحبن کي نيڪ روشن آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اوهين صاحب مون سان شامل راءِ ٿيندا ته خاص ڪري هن وقت جڏهن پيسي جي تنگي بيٺي آهي اگهه ڪري پٽ پيا آهن ۽ براج جي سڌارن ڪري به ماڻهن ۽ پئسي لاءِ ڇڪ ٿيڻي آهي، تڏهن سنڌ جي جدائي جهڙو مکيه سوال سنڌ لاءِ ٻيو ڪونهي، اسان وَر وَر ڏئي انهيءَ واهيات رٿ تي اعتراض ورتو آهي، پر اڃان تائين ته انهيءَ وريو ڪينهي، هند سرڪار توڙي اسان جا نيتائون سڄي هندستان جي راڄنيتي ويچارن ۾ اهڙو ته وڪوڙيا پيا آهن جو هن سوال جو پورو ۽ سچو اڳو پيڇو ڳڻڻ کان وؤن پيا وڃن ۽ سنڌ جي هندن جا تمام واجبي اعتراض سڀ ڪن پٺيان ورائي ڇڏيا اٿن. هن سوال جي شروع کان سڄي سڀ ڪن پٺيان ورائي ڇڏيا اٿن. هن سوال جي شروع کان سڄي سرسري تواريخ ۾ وڃڻ جو ضرور ڪونهي، پر ٻاهرين ماڻهن ۽ نيتائن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪي حقيقتون پيش ڪرڻ واجب ٿو سمجهان.

    اسان جو پرڳڻو بمبئي کاتي سان 80 ورهيه گڏيل رهيو آهي، انهن 80 ورهين جي عرصي ۾ ڏسو ته ڪيتري نه ترقي ڪئي اٿس!، آدم 30 سيڪڙو وڌيو آهي، زراعت وڏو ئي واڌارو ڪيو آهي، واهن جي سڌارن ڪيترا بيابان سبز ڪري ڇڏيا آهن، تعليم ۽ مڪاني خود حڪومت جي ڪم ۾ اسان بمبئي، گجرات ۽ مهاراجشٽرا سئين وک کنئي آهي، ڪراچي بندر جو اڳي رڳو مهاڻن جو ڳوٺڙو هو، سو وڌي ڌڪ گهٽ مدراس، بمبئي ۽ ڪلڪتي سان ڪلهو ٿو هڻي، مالي خيال کان اچبو ته سنڌ کي بمبئي کاتي مان پئسي جي چڱي هٿي ملي آهي، بئراج، جنهن جيڏي اسڪيم سڄي هندستان جي هيل تائين عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، سا سنڌ جي عملي صورت وٺي سگهي آهي، واپاري خيالن کان اچبو ته سنڌ جي مکيه واپاري قومن، يورپين، هندن، پارسين، خواجن، سڀني جو لاڳاپو بمبئي سان آهي، ايتري قدر جو ڪراچي جا گهڻا رهاڪو نه صرف سنڌي ٻولي، پر بمبئي کاتي جي ٻين ڊويزنن جون ٻوليون پيا ڳالهائين، وري ڏسو ته سهين ته هن وقت جڏهن بيراج مان فائدا ۽ سڌارا ظاهر ٿيڻ تي اچي بيٺا آهن ۽ سنڌ جا ماڻهو انهن لاءِ واجهائي رهيا آهن، تڏهين ٻاهرين نيتائن دو طرفي وجهي هندو مسلم ٺاهه جي بهاني سنڌ کي صدقي جي ٻڪري ڪرڻ تي ڪمرڪشي آهي! بمبئي کاتي سان 80 ورهين جو سٻنڌ معمولي ڳالهه نه آهي ۽ هرڪو قبول ڪندو ته اهو سٻنڌ ٽوڙڻ لاءِ سبب به تمام قوي هئڻ گهرجي. سال 1919ع واري سڌاري جي ائڪٽ ۾ پرڳڻن جي ڀڃ ڊاهه لاءِ ڪي شرط ڏنل آهن، پر سنڌ جي جدائي لاءِ انهن شرطن جو ته ويچار ئي ڪو نه ڪيو ويو آهي، ان جي بدران سڌو ئي سڌو اهو سوال سائمن ڪميشن اڳيان پيش ڪيو يو ۽ جيتوڻيڪ ملڪ ۾ سائمن ڪميشن جو بائڪاٽ زور هو ته به سنڌ هندو ائسوسئيشن همٿ جهلي ڪميشن اڳيان وڃي سنڌ جي جدائي جي با دليل مخالفت ڪئي. ڪميشن سان گڏ جا بمبئي واري ڪاميٽي ويٺي هئي تنهن تي انهن دليلن ايترو ته اثر ڪيو جو سندن چيئرمين سر شاهنواز ڀٽي ۽ ٻٽي ٻين ميمبرن سواءِ هڪ جي فيصلو ڏنو ته سنڌ جي جدائي ۾ بمبئي سرڪار جي مشڪلاتون ڏيکاريون آهن، سي سچيون آهن ۽ وزندار آهن، رڳو مالي خيال کان به سنڌ جي جدائي ٿي ڪين سگهندي ۽ پورن پرانتڪ خودمختياري وٺڻ لاءِ سنڌ کي بمبئي کاتي سان ئي ڳنڍيل رهڻ گهرجي. سئمن ڪميشن کي به جيتوڻيڪ گمراهه ڪيو ويو ته واپاري توڻي سرڪاري ڪمن لاءِ ڪراچي کان بمبئي ڏي رستو سمنڊ جو آهي ۽ خشڪي لاهور کان ئي رستو آهي ته به فيصلو ڏنائين ته سنڌ کي جدا ڪرڻ ۾ حڪومتي اعتراض آهن ۽ بئراج جي آئينده جي خاطري ٿيڻ کان اڳي سنڌ کان بمبئي کاتي جي نشست کسڻ نه گهرجي، نه رڳو ايترو پر مالي ارچڻ تي زور ڏئي هن ڪميشن پرڳڻن جي ڀڃ ڊاهه لاءِ ڪي شرط ڏنا، پر هند سرڪار رٿ ڏني ته سنڌ جي سوال لاءِ ڪميشن مقرر ٿئي، بمبئي سرڪار به ان ۾ شامل راءِ ٿي، اسان سمجهيو ته هاڻ انهيءَ نئين ڪميشن اڳيان هي سوال نئين سر لياقتن تي فيصلي لاءِ ايندو. بمبئي سرڪار رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس تي سنڌ جي جدائي جي مخالفت ڪرڻ لاءِ عيوضي ڪو نه موڪليو ۽ هند سرڪار به اوڏهين سنڌ جي هندن جو ڪو عيوضي روانو ڪو نه ڪيو، تنهن مان به خاطري ٿي ته هي سوال ائين پر ٻاهرو رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس نبيري ڪونه اٿندي، پر اوچتو ئي اوچتو خبر آئي ته لنڊن ۾ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي مئنارٽي ڪاميٽي اڳيان هي سوال آيو، جنهن وري هڪ سب ڪاميٽي مقرر ڪئي ان کي ڪن هدايتن سان هي سوال سپرد ڪيو آهي، هدايتون وري اهڙيون مليس جو سائمن ڪميشن جي رپورٽ تي بيٺل رٿون به ٿڏي ڦٽيون ڪرڻيون هئس، سب ڪميٽي جيڪا مقرر ٿي تنهن تي ٽي هئا برٽش مدبر جي سنڌ ۾ رهيا ئي ڪو نه هئا، ست مسلمان جن مان ٽي هئا سنڌي ۽ ٽئي سنڌ جي جدائي جا شايق، پنج هندو جي نه سنڌ ۾ رهيا هئا ۽ نه ڪا هن سوال جي واقفيت هئن، ٻه ڄڻا پارسي ۽ ٻئي ٻاهريان، هڪ هو يورپي جنهن کي به خبر خير ڪا هئي، سر شاهنواز ڀٽو جنهن سائمن ڪميشن وقت سنڌ جي جدائي جي زبردست مخالفت ڪئي هئي، سو لنڊن ۾ ڦڙتي کائي ويو ۽ سر غلام حسين به اتي لنڊن ۾ پهچي آکڻ لڳو ته مان بمبئي سرڪار جو عيوض ڪو نه ٿي آيو آهيان پر مسلمانن جو، مطلب ته اتي ڪو رهيو ئي ڪو نه جو سب ڪاميٽيءَ کي سوال جو ٻيو پاسو ڏيکاري سگهي، يا جيڪڏهن ڪو سب ڪاميٽيءَ کي گمراهه ڪري ته ان کي حقيقتن سان رد ڏئي سگهي، مثلاً سب ڪاميٽيءَ اڳيان چيو ويو ته سنڌ جو 95 سيڪڙو آدم سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ آهي، يورپي جدائي گهرن ٿا، پارسي ته سنڌ جي جدائي لاءِ ڌئيندا رهيا آهن، سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ سنڌ جي جدائي مت ڀيد آهيئي ڪو نه ۽ پهرين پهرين سيٺ هر چند راءِ سنڌ جي جدائي طلب ڪئي هئي وغيره وغيره. اهي مڙيئي ڳالهيون يا ته سڄيو بي بنياد آهن يا ته حقيقتن کي مروٽي سروٽي ٺاهيل آهن. هڪڙي ڳالهه سب ڪاميٽي اڳيان هلائي وئي ته 1922ع ۾ سر مانٽيگو ويب غير عملدار يورپين جي سفارت وٺي بمبئي جي گورنر وٽ ويو هو ته سنڌ کي جدا ڪيو وڃي، سر مانٽيگو کان لکي پڇيو ويو ته ايئن آهي ڇا؟ جواب ڏنائين ته اها ڳالهه ڪوڙي آهي، پر مون ايترو برابر زور پئي رکيو آهي ته سنڌ کي بمبئي کان ڇني پنجاب سان لڳايو وڃي، سب ڪاميٽيءَ اڳيان نهرو رپورٽ تي به زور ڏاڍو ڏنو ويو ته ان ۾ سنڌ جي جدائي قبول ڪيل آهي، پر جن شرطن تي نهرو رپورٽ جدائي قبول ڪئي هئي ۽ جي شرط مولانا شوڪت علي جهڙن مسلمانن به قبول ڪيا هئا، سي سڀ سب ڪاميٽيءَ کان لڪل رکيا وي، انهن ڪوڙن بدوڙن جيئن سب ڪاميٽيءَ کي برابر گمراهه ڪيو سو ان جي هڪ ميمبر مسٽر مودي جي نوٽ مان ثابت آهي جنهن لکيو آهي ته “اسين سنڌ جي جدائي جي سفارش ڪريون ٿا انهي اثر هيٺ ته سنڌ جو آدم جو تمام وڏو حصو طلب ڪري ٿو” سرشاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين جيڪا دليل بازي سب ڪاميٽي اڳيان جدائي جي فائدي ۾ ڪئي، عالمن تي جي حملا ٿيا، جدائي جي مخالفت ڪندڙن تي جيڪو ڌوڙيو وسايو وي، انگن ۽ حقيقتن سان جيڪا راند ڪئي وئي تنهنجو جواب اتي ڏيڻ وارو هو ئي ڪو نه، پوءِ به سب ڪاميٽي هڪ طرف ٻڌي فيصلو ڪيو سنڌ ڀل جدا ٿئي.

    سال 1931ع جي جولائي مهيني ۾ اسين هڪ سفارت وٺي سمله ۾ وائسراءِ هند هوٽ وياسون ۽ کيس سڄي حالت کان واقف ڪيوسون، اسان هن صاحب کي ڏيکاريو ته جي انگريز اهو فخر ٿا وٺن ته هنن سنڌ فتح ڪري انڌا ڌنڌ راڄ جو خاتمو اچي ڪيو ته اسين سنڌ جا هندو به اهو فخر ٿا وٺي سگهون ته انهيءَ ڪم ۾ اسين ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺاسون، حڪمراني ڪم لاءِ ماڻهو اسان ڏنن، ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڪم به مدد اسان ڪين، ازان سواءِ تعليم، پنگتي سڌاري ۽ مڪاني خود حڪومت جو واڌارو سڌارو اسان جي ڪري ٿيو، اسان نه رڳو اندروني واپار وڌايو پر ٻاهر پرديسن ۾ وڃي اتان پيسو آڻي سنڌ کي سائو ڪيو، ديسي صرافڪي ڪم کي وڌائي رڳو هندستان سان نه پر سڄي دنيا جي مکيه مکيه واپاري ملڪن سان سنڌ جو سنٻند اسان رکيو، زمينداري ڪم ۾ اسان جيڪا انتي ڪئي آهي سا سرڪاري رپورٽن مان ظاهر آهي، 27 سيڪڙو زمين جا مالڪ اسان هندو آهيون ۽ مالڪ يا مقاطعدار ٿي 40 سيڪڙو ڍل اسين ٿا ڏيون، ايڪسائيز، اسٽامپ، رجسٽريشن، انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽمس جو بار به اسان تي ٿو پوي، جي ٽئڪس ڪا وڌي ته مسنداسين اسين ٻئي پاسي جي عدالت ۽ پوليس وغيره تي خرچ گهٽيو ته ٻهراڙين ۾ رهڻ به اسان لاءِ مشڪل ٿي پوندو، جي تعليم جو خرچ گهٽيو ته آئينده اسان جو چٽ ٿيندو، تنهنڪري سنڌ جي جدائي جي سوال ۾ وڏو واسطو اسان جو آهي، اسان وائسراءِ کي اهو به ذهن نشين ڪيو ته سکر لاڙڪاڻي ۽ اپر سنڌ فرنٽيئر جي فسادن کان پوءِ اسان کي حق آهي ته جي واسطا اسان هيڏي عرصي جي جفاڪشي سان بهاريا آهن تن جي آئينده جي سلامتي ڳوليون، پر سنڌ جي جدائي جي مخالفت اسين رڳو پنهنجي مطلب خاطر ڪا نه ٿا ڪريون، اسين ڪهڙي به بي ريا ڪميشن اڳيان ثابت ڪري سگهنداسون ته سنڌ جي جدائي سڄي سنڌ لاءِ خطرناڪ آهي.

    وائسراءِ اسان کي ڌيرج سان ٻڌي قبول ڪيو ته برابر سنڌ جي هندن کي نه رڳو مالي سوال تي پر سڄي سوال تي ٻڌڻ ضروري آهي، خاطري ڏنائين ته شاهي سرڪار جي ڌيان تي اها ڳالهه آڻيندو، انهيءَ کان پوءِ هند سرڪار مالي سوال تي ويچار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪئي پر ڪوشش اها هلي ته سنڌ جي هندن جو ان تي ڪو عيوض هجي ئي نه، انهيءَ ڪاميٽي جو چيئرمين ڪيائيون پنجاب جو هڪڙو عملدار جنهن جو هڏ هميشه مسلمانن لاءِ ڪرڪندو آهي، انهيءَ ڪاميٽيءَ به رپورٽ ڪئي ته جنهن ڏينهن سنڌ بمبئي کان ڇڄي ڌار ٿي تنهن ڏينهن کان کيس هر سال 42عه110 لک کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ جي بيراج ڪا مدد نهڪيس ته اها کوٽ 63-1962 ۾ وڌي وڃي 19عه144 لک ٿيندي، ڪاميٽيءَ جي انهيءَ رپورٽ کان پوءِ لنڊن ۾ ٻي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ويٺي، اسان کي وائسراءِ سان گڏجڻ بعد اميد هئي ته هاڻ سڄو سوال نئين سر ڪنهن بي رياءَ ڪميشن اڳيان ڇنڊبو ۽ اسان کي پنهنجو پاسو اُن جي اڳيان ظاهر ڪرڻ جو وجهه ملندو، پر انهيءَ ۾ به نراسائي منهن آئيسين. وزيراعظم ڪانفرنس سماپت ڪندي تقرير ڪئي جنهن ۾ ظاهر ڪيائين ته سرڪار اهو اصول قبول ٿي ڪري ته سنڌ بمبئي کان ڇڄي ڌار ٿئي، بشرطيڪ پيسي جي ارچڻ لهي سگهي. وڌيڪ اهو ظاهر ڪيائين ته هند سرڪار مالي ڪاميٽي جي ڏيکاريل تڪليفن کان دور ڪرڻ لاءِ سنڌ جي عيوضين سان پهر پچائيندي، وزيراعظم انهيءَ تقرير مان اسان کي پرون پيا ته وائسراءِ جيڪو اسان کي دلاسو ڏنو هو تنهنجي سرانجاميءَ ۾ هو صاحب ڪامياب نه ٿيو آهي، پر وري به اهو آٿت هئوسون ته رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي سب ڪاميٽيءَ واري فيصلي کي شاهي سرڪار ٻاهر نه ويندي ڇو ته اهو فيصلو پاڻ يڪ بار قبول ڪري چڪي هئي، انهيءَ فيصلي ۾ سب ڪاميٽيءَ سنڌ جي جدائي جو اصول قبول ڪري سفارش ڪئي هئي ته هڪ ڪاميٽيءَ ڄاڻو صاحبن جي مقرر ٿئي جا جاچ ڪري ڏسي ته سکر بيراج واري قرض جي ادائي جي خاطري ڪيئن ٿيندي ۽ سنڌ تي ٻيو قرض ڪيترو پوندو جيڪڏهن ڏسڻ اچي ته سنڌ سرڪار کي کوٽ پوندي ته پوءِ سنڌ جي عيوضين کان پڇيو وڃي ته انهيءَ کوٽ جي پورائي ڪيئن ڪندا، سب ڪاميٽيءَ جي هلچل ڪاروائي نظر مان ڪڍڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سر فيروز سيٺنا اُتي بروقت چيو هو ته “سنڌ ڀل جدا ٿئي پر بيهڻو پنهنجي ٽنگن تي پوندس” سر شاهنواز ڀٽي جواب ڏنو هوس ته اهو ٺيڪ آهي، انهيءَ تي وري به سر فيروز سيٺنا پڇيو ته ڀلا سنڌ پنهنجي ٽنگن تي بيهي نه سگهي ته پوءِ ڀلا ڇا ٿيندو؟ جنهن تي چيئرمين جواب ڏندس ته “پوءِ سنڌ جو پرڳڻو ڇڄي ڌار نه ٿيندو” سب ڪاميٽيءَ جي مٿين سفارش پٽاندڙ گذريل مهيني ۾ ڪانفرنس ويٺي سب ڪاميٽيءَ لاءِ اهو ظاهر ڪيو ويو هو ته انهي ڪانفرنس ۾ رڳي غير عملدار رکيا ويندا پر هتي هڪ سنڌي هندو عملدار جنهن جا خيال اڳئي سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ هئا تنهن کي ثاڦيو ويو، عالم آشڪار آهي ته سنڌ ۾ جي اڳي سٺ ماڻهو ڪن شرطن هيٺ سنڌ جي جدائي جا شائق ٿيا هئا تن مان هن وقت باقي وڃي رهيو هو اهو مٿيون سنڌي عملدار. خير ڪانفرنس جو ڪم پورو ٿي ويو آهي ۽ رپورٽ نڪرڻ واري آهي، پر ايترو ظاهر ٿيو آهي ته ڪانفرنس جي پيئرمين رايو ڏنو آهي ته سنڌ جي پرڳڻي کي جدا ٿيڻ تي 90 لکن جي کوٽ گٽندي ۽ ڪي سال پنهنجن ٽنگن تي بيهي ڪين سگهندو، انهيءَ جي معنيٰ ته جي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس واري سگهي، پر اتي وري به سمله مان ڏوريءَ کي ڇڪ آئي ۽ ڪوشش هلي ته وزيراعظم جي پڌرائي کي وراڪو ڏئي ٻي معنيٰ ڪڍجي. ڪانفرنس جي چيئرمين چيو ته کيس هدايت آئي آهي ته ڀل ڪانفرنس ۾ اها ڳالهه اٿاري وڃي ته ڇو نه سنڌ کي هند سرڪار وٽان پيسي جي مدد ملي، هندو ميمبرن انهيءَ تي اعتراض ورتو ته وزيراعظم جي پڌرائي پٽاندڙ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي ٺهراءُ ۽ سب ڪاميٽيءَ جي فيصلي اڳيان انهيءَ مدد جو سوال اٿيئي نٿو، پر ڪنهن ٻڌن ڪونه، مسلمانن جڏهن ڏٺو آهي ته سنڌ جي جدائي دليلن تي ملي نٿي سگهي،جڏهن ڏٺائون ته سنڌ جو پرڳڻو نون محصولن سان يا خرچ جي ڪتر سان پنهنجي ٽنگن تي بيهي نٿو سگهي تڏهن وري هن هند سرڪار وٽان مدد وٺڻ تي ڀاڙي بيٺا آهن، خود سر شاهنواز ڀٽي سب ڪاميٽيءَ ۾ چيو هو ته “سنڌ کي پنهنجن ٽنگن تي بيهڻو پوندو ۽ جي اسين خرچ جي پورائي نه ڪري سگهون ته پوءِ سنڌ جي جدائي ڪيئن ٿا گهڙي سگهون؟” هزهائينس سر آغا خان به اتي ساڳيو اهو سر آراپيو هو “ته هاڻ سنڌ پرڳڻي جي عيوضين کي ڏيکارڻو آهي ته هو ڪيئن محصول مڙا مڙهي خرچ جي پورائي ڪندا.” جڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪيائون تڏهن ئي سب ڪاميٽي جي ميمبرن سنڌ جي جدائي جو اصول قبول ڪيو.

    ڪو به بي رياءُ صاحب وزيراعظم جي پڌرائي پڙهي ڏسي ته انهيءَ اڳيان سرڪاري امداد جو سوال اٿي سگهي ٿو؟ جي سرڪاري امداد سان به سنڌ کي جدا ٿيڻو هو ته پوءِ سنڌ جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ سنڌ جي عيوضين کان پڇڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي ته ڪيئن ٿا خرچ جي پورائي ڪريو؟ انهيءَ مان ثابت آهي ته سرڪار جي امداد جو ويچار پوءِ ڪيو ويو آهي، جڏهن ڏٺو ويو آهي ته ٻي ڪهڙي به ريت سنڌ جو پرڳڻو ڌار ٿي نٿو سگهي، مسلمان چون ٿا ته سرڪار کان امداد ڪا نه ٿي وٺجي پر سرڪار رڳو ايترو ڪري جو ٻين پرڳڻن کان جيئن مٽو وٺندي تيئن سنڌ کان نه وٺي، ٻيو ته انڪم ٽئڪس جا سنڌ مان اُڳري سان پاڻ نه کڻي سنڌ کي ڏئي ڇڏي، ٽيون ته سنڌ تي جو قرض بيٺو آهي سو کيس بخشش ڪري پاڻ تي کڻي. پر انهن رٿن جي معنيٰ اها ڪانهي ته سنڌ کي امداد ملي؟ مسلمانن جو چوڻ آهي ته نارٿ ويسٽرن فرنٽيئر کي جيئن ڌار ڪري سرڪار پاڻ تي بار کنيو آهي تيئن سنڌ کي ڌار ڪري به بوجو پاڻ کڻي، پر اهو ڪو نه ٿا ڏسن ته نارٿ ويسٽرن فرنٽيئر کي سرڪار پنهنجي پاليسي پٽاندر از خود ڌار ڪيو آهي ۽ سنڌ جي جدائي سنڌ جا مسلمان پنهنجي سهوليت لاءِ ٿا گهرن جا سرڪار کين ڪن شرطن سان ڏيڻ قبولي آهي.

    رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس تي سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ هڪڙو دليل ڏنو ويو ته بمبئي سرڪار سنڌ جي پوري پرگهور نه لڌي آهي، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته بمبئي سرڪار کي سنڌ مان جا اپت پئي ٿي آهي تنهن کان مٿي مٿس خرچ پئي ڪيو اٿس، پر هتي سوال آهي ته جي سنڌ جو پرڳڻو جدا ٿيو ته سندس حالت هينئر کان بهتر ٿيندي يا نبتر؟ انهيءَ لاءِ خود مسلمانن، مالي ڪاميٽيءَ يا سنڌ ڪانفرنس اڳيان جيڪي ظاهر ڪيو آهي سو ڏسو ته ڇا ٿو ڏيکاري؟ سندس چوڻ موجب بمبئي سرڪار ابتدائي تعليم، شراب جي بندش ۽ براج جي سڌارن ڀلي جو وڌيڪ خرچ ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکيو آهي سو سڀ هينئر بند ٿي ويندو، لئنڊ رڪارڊس، ايڪسائيز، اسٽامپ رجسٽريشن، پوليس، تعليمي، صحتي ۽ ٻيلن جي کاتن ۽ ٻين جا هيڊڪوارٽر وارا عملا سڀ نڪري ويندا ۽ جادو جي لڪڙي گهمڻ سان اسان جا ڇوٽا صاحب ڦري بڙا صاحب ٿي پوندا، نه رڳو ايترو پر سنڌ جي چيف ڪورٽ وارو ائڪٽ منسوخ ٿي ويندو يا جڊيشل ڪمشنرن جو تعداد گهٽجي ويندو، نوابشاهه کي جڊيشل ڊسٽرڪٽ بنائڻ جي ضرورت لهي ويندي. اسڪولن مٿان انسپيڪٽر نڪري ويندو، بورسٽل اسڪول ڪو نه گهربو، پوليس ٽريننگ اسڪول جي گهرج ڪانه ٿيندي، دادو ۽ گوني جا نوان ضلع ٺاهڻ جو خيال لاٿو ويندو، ڪراچي، حيدرآباد جي سول سرجن کي جيلن جي چارج به ڏياري ويندي، پنهنجي يونيورسٽي ۽ پنهنجا ڪاليج وغيره ڪو نه کپندا، زراعتي، ڊاڪٽري، اليڪٽرڪ ۽ مڪنيڪل سکيا لاءِ بندوبست ڪو نه ٿيندو. روينيو ڪمشنر، دفتردار، سپروائيزنگ تپيدار ۽ حضور ڊپٽي ڪليڪٽر نڪري ويندا. ليجسيٽلو ڪائونسل ڪٺي ڪرڻ لاءِ ٻي جاءِ ڪا نه لڀندي، تنهن ڪري جڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ جي ڪن ڪمرن ۾ ڪٺي ٿيندي ۽ سڌارن جا ڪم سڀ بند ٿي ويندا، هڪ پاسي اهو، ٻئي پاسي خرچ ڪهڙو ٿا رٿين، جي گورنر جي ٻن سيڪريٽرين جي عملي جو خرچ 8 سئو روپيا مهينو ايندو، هوڏانهن آسام سرڪار جي هڪڙي سيڪريٽريءَ جي عملي جو خرچ 17 هزار ساليانو ٿو اچي، گورنر جي گشت جو خرچ ههڙن زبون رستن تان 10 هزار روپيه ٿا ٿين.

    هوڏانهن سرحد جي چيف ڪمشنر جي ههڙن عاليشان رستن تان گشت 35 هزار ٿو کائي، سنڌ جي ٽن وزيرن ۽ انهن جي عملي جو خرچ ايترو ڪو نه ٿا رکن، جيترو آسام ۾ ٻن وزيرن سان ٿو اچي. جنهن سيڪريٽريءَ کي آسام ۾ ملن ٿا 27 سئو پگهار تنهن لاءِ هتي ٿا رٿين 8 سئو رپيا! بمبئي سرڪار رپورٽرن ۽ ڪلارڪن تي خرچي 43 هزار ته هتي خرچ ٿا رکن 12 هزار، بنگال ۾ آهن 29 سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار، مدارس ۾ 24، بهار ۾ 22، برما ۾ 27، گڏيل علائقن ۾ 24، وچ علائقن ۾ 15، پنجاب ۾ 35، آسام ۾ 9 پر هتي چون ٿا ته سنڌ سرڪار جو سڄو ڪاروبار هڪ سيڪريٽري ٻن هزار پگهاروارو ۽ ٻه 8 سئو پگهار وارا هلائي ويندا، نه رڳو ايترو پر انهن کان روينيو ڪمشنر،ايڪسائيز ڪمسنر، ڊئريڪٽر لئنڊ رڪارڊس، انسپيڪٽر جنرل آف رجسٽريشن جي عهدن جو ڪم به ورتو ويندو!، چون ٿا ته ڪمشنر ۽ سندس عملي تي جو هينئر خرچ آهي تنهن کان به لک روپيه گهٽ خرچ پوءِ ايندو، انهيءَ مان اوهين صاحب سمجهي سگهندا ته سنڌ جو پرڳڻو جدا ٿيو ته ڪهڙي درگتي ٿيندي، تنهن کان ڇو نه ٿا ڇڙڪ ائين چون ته هڪ ئي ڌڪ سان سنڌ خيرپور رياست بنائبو، يا اڳيون ميراڻو راڄ برپا ڪبو؟

    وري اچو ڍلن تي ته ڪهڙيون ٿا رٿين؟ ڪيتريون نيون ڍلون ويچار ۾ اٿن، پر انهن مان رڳي هڪڙي آهي جنهن جو ڪي قدر بار مسلمانن مٿان پوڻو آهي، اها آهي ته روينيو ڍل روپيه تي آنه وڌائي وڃي انهيءَ مان به اپت کي اوج ايندي رڳي ڏهن لکن جي، جنهن مان 40 سيڪڙو هندن کي ڀرڻو پوندو، جي ويچارا سنڌ جي جدائي گهرن ئي ڪا نه ٿا، ٻي ٽئڪس رٿي اٿن وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ وياج خورن تي جي سڀ گهڻو ڪري غير مسلمان آهن، گهرو نوڪر رکندڙن تي جا ٽئڪس رٿي اٿن سا به گهڻو ڪري غير مسلمانن تي مڙهجڻي آهي ڇو ته ٻهراڙين ۾ مسلمان زميندارن جا نوڪر انهيءَ قطار ۾ اچي نٿا سگهن، تماڪ واري محصول جو به بار پوڻو آهي، شهرن تي جن ۾ گهڻو آدم غير مسلمانن جو آهي، ٻاهران ايندڙ ڪپهه تي محصول پيو ته پنجاب جي پوک ڪندڙن کي هرج رسندو جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته جو ڪراچيءَ جو واپار ڦري ٻيا پاسا ساوا ڪندو، پر وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ وياج خورن جي ٽئڪس ٻه لک مس ڏيندي، تمام جي ٽئڪس به ٻه لک کن ڏيندي ۽ ڪپهه جي ٽئڪس به ڏهه لک گهڻي ۾ گهڻو ڏيندي. سوال آهي ته ٻي هيتري ساري کوٽ جو منهن ڪير ۽ ڪٿان ڀريندو؟

    سنڌ کي جيڪو وياج جي صورت ۾ قرض ڏيڻو آهي تنهن جي ادائيءَ لاءِ اسان جا مسلمان دوست جو رستو ٿا ڏسين سو اهڙو آهي جهڙو ڪو قرض پسري وڃڻ، چون ٿا ته اهو قرض بمبئي ۽ سنڌ سرڪارون ورهائي 85 سيڪڙو ۽ 15 سيڪڙو ڪري پاڻ تي کڻن، يعني چوڻ اٿن ته بئراج جي زمين جي نيڪال مان جا اپت ٿئي ۽ ڍل جي صورت ۾ جو پئسو اچي سو سڄو سنڌ سرڪار کڻي، پر اصل لاڳت ۾ ان تي وياج جو وڏو حصو بمبئي ڀري ڏي، پروفيسر ڀٽيجا ٿو چوي ته انهيءَ سڄي قرض جي پٽي هند سرڪار ميساري ڇڏي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هند سرڪار وري به سنڌ کي امداد ڏي، مالي تجربي ڪارن جي ڪاميٽيءَ برابر اهو چيو آهي ته جهونو خرچ اڳئي اپت مان ڪيو ويو آهي. سو قرض نه سمجهيو وڃي، پر ان جي به صفائي ڪئي اٿس ۽ ڏيکاريو اٿس ته جو قرض اڃا چالو آهي يعني جا اصلوڪي لاڳت اڃا وصول نه ٿي آهي ۽ جنهن تي وياج هلندڙ آهي سو قرض سمجهي ڏيڻو آهي، بئراج جي شروعات واري اسڪيم ۾ صاف ڏيکاريل آهي ته زمين جي وڪري ۽ ڍل مان اڳين لاڳت ۽ وياج جي ادائي ٿيڻي آهي، بمبئي سرڪار اڳئي 81 لک روپيا وياج طور ڏنا آهن، هند سيڪريٽري به انهيءَ شرط سان سڄي اسڪيم منظور ڏني ته باقي رهيل وياج اصلوڪي لاڳت واري موڙيءَ سان گڏيو ويندو، بمبئي جي ليجسليٽو ڪائونسل به انهيءَ تي شرط سان بئراج جو بوجو پاڻ تي کنيون، جي سنڌ بمبئي سان آهي ته اهو سڀ قرض زمين جي وڪري ۽ ڍل جي وصولي مان ڏنو ويندو، اهو چوڻ واهيات آهي ته سنڌ رڳي ڊيڪن اريگيشن تي يا بمبئي جي بئڪبي جي سڌاري تي پيسو ڏنو آهي، 1921ع کان جڏهن پرڳڻي جو جدا حساب رکڻ ۾ آيو آهي تڏهن کان سنڌ جي ڪنڌي ۾ سال بسال اڌ ڪروڙ جي کوٽ جڙي بيٺي آهي، پوءِ سنڌ ٻاهرين کين ڪيئن مدد ڪئي؟

    آئينده جيڪو خرچ ٿيندو تنهنجي باري ۾ اسان جن مسلمان دوستن تجربيڪارن جي ڪاميٽي جي راءِ يا بمبئي سرڪار جي راءِ تي کڻي چشم پوشي ڪئي آهي، جنهن کي سنڌ جي حالتن جي واقفيت آهي، سو قبول ڪندو ته بئراج جي اپت ايتري مس ٿيندي جو بئراج جي حدن اندر وڌيڪ خرچ جي پورائي ٿي اچي، بئراج جا اگهه اڳئي اهڙا چوٽ چاڙهي رکيا ويا آهن جو زميندارن بروقت دانهن ڪئي آهي، هن تنگيءَ جي سمي ۾ زميندار ويچارا چالو ڍل ڏيڻ جي به سمر نٿا رکن، مسٽر گرين صاحب 1932ع جي جنوري جي اگهن تي رٿون ڏنيون آهن پر انهيءَ کان پوءِ به اگهه ڪيترو ڪريا آهن، خود سر شاهنواز ڀٽي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس تي تقرير ۾ دانهين واري دانهن ڪئي ته “اسان کان ماڻهو حساب وٺندا، ماڻهن وٽ پئسو ڪونهي، اڳئي بک ۾ پيا پاهه ٿين، تنهن ڪري وڌيڪ ڍلون بنهه ڏئي ڪين سگهندا”

    اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي مان سرڪار کي آگاهه ٿو ڪريان ته سنڌ جو پرڳڻو ڪي پيڙهيون پنهنجي ٽنگن تي بيهي نه سگهندو ۽ هن نهايت ڪٺن سمي ۾ جي ڍلون وڌايون ويون ته ماڻهن ۾ سخت ناراضپو پيدا ٿيندو، خاص ڪري غير مسلمانن ۾ جي سنڌ جي جدائي جي برخلاف آهن ۽ جن جي مٿان وڌيڪ ڍلن جو بوجو پوڻو آهي.

    صاحبو! راڄنيتي رڳڙن جي وچ ۾ جڏهن سرڪار کي هڪ پاسي خاموش مقابلي جي هل چل منجهايو آهي ۽ ٻئي پاسي مسلمانن اچي گهٽيو آهي، تڏهين خوف آهي ته هندن جي واجبي اعتراضن تي ڪن ٽار ڪئي ويندي، انهيءَ ڪري منهنجي همدردي انهن سڄڻن سان آهي جو اهو ايمان وڃائي ويٺا آهن ته ڪم انگريز هندستان جي قومن جي ڇڪتاڻ ۾ پورو انصاف ونڊي سگهندا!، مون کي خبر آهي ته ڪي جوان انهيءَ خيال جا آهن، سنڌ جي هندن کي ٻيو رستو ڪونهي سواءِ انهيءَ جي ته جڏهن هند سرڪار مسلمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڳڻ ڳوت کان سواءِ نفع نقصان جي ويچار ڪرڻ کان سواءِ هنن جي غير واجبي ڳالهه مڃي کين نئين سنڌ سرڪار برپا ڪري ٿي ڏي، تڏهن انهيءَ سنڌ سرڪار جو باقاعدي ۽ باامن امان مقابلو ڪجي، پر منهنجو چوڻ آهي ته ايتري مايوسي اجائي آهي، جي کڻي اسان جي سڄي ڪوشش ناڪامياب ٿي ۽ هيترن شڪن شبهن هوندي به سنڌ جو جدا پرڳڻو ٿيو ته به نين ڍلن ڪري اگهن جي وڌيڪ ڪرڻ ڪري وڌندڙ بي روزگاري ڪري ۽ ٻي ڪٽ ڪوٽ ڪري مالي تنگي ايترو وڌندي جو نئين سرڪار هند سرڪار کان ڪجهه وقت لاءِ امداد وٺي به جٽاءُ نه ڪري سگهندي، مسلم شاهي کي برپا ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ غير مسلمانن تي چٽيون مڙهڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آسان آهي، پر جا ڪڪڙ هاڻ سونا آنا ڏي ٿي ٿا يا ته پوءِ هستيءَ مان نڪري ويندي يا جلد کٽي ٿي لڏي پلاڻي ٻيا ميدان وڃي وسائيندي. پر مان وري به چوان ٿو ته اسان اڃا سڀ باقاعدي حيلا هلائي بس نه ڪئي آهي، تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته بمبئي سرڪار هند سرڪار ۽ شاهي سرڪار اڃا به ڌنئڻ کپي، جي سڄڻ نراس ٿيا آهن تن کي منهنجي وينتي آهي ته هن وقت جڏهن اسان کي هر هڪ بي ريا صاحب جي همدردي جي سخت لوڙ آهي تڏهن مايوسيءَ جي وس ٿي ڪا مشڪلات پيدا نه ڪن.

    صاحبان، مان توهان صاحبن جو وڌيڪ قيمتي وقت ڪين وٺندس، هڪ اڌ ڳالهه جا سنڌ جي هندن جي ائيندي جي هستيءَ آسودگين ۽ آزادي لاءِ ضروري آهي تنهن تي توهان صاحبن جو ڌيان ڇڪائيندس، ٻهراڙين ۾ پئنچائتن کي ڪنهن پائي تي ويهاري انهن کي وڌيڪ طاقتوارو ۽ ڪارائتو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ضروري آهي، ٻهراڙين ۾ هندو ڀائرن سان جي اهنج ۽ ايذاءُ پيا ٿين، جن جي اوک ڊوک ٿئي ڪا نه ٿي، تن جي لهرائڻ جو به ڪو بلو ڀيڻي ٿيڻ گهرجي، وقتن تي ڏٺو ويو آهي ته غريب ڀائرن سان ظلم ٿيو وڃن، ڦرجو مارجو وڃن ته نڪو ٿئين داد نڪو فرياد، اها روئداد بند ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان صاحبن تي فرض آهي هن ڪانفرنس جو ڪم پورو ڪرڻ کان اڳي انهيءَ باري ۾ ڪي عملي قدم کڻي اُٿو، منهنجو رايو آهي ته اوهين صاحب به شامل راءِ ٿيندا ته هن زماني ۾ اخبارن دواران اهڙي قسم جو ڪو گهڻو نڪري سگهي ٿو، ڪنهن به قوم پنهنجي اخبار کانسواءِ انتي نه ڪئي آهي، ٻين قومن جا مثال اڳيان جيرا رکيا آهن، تنهن ڪري منهنجي ۽ ٻين ڪيترن سڄڻن جي صلاح آهي ته هڪڙو قدم اهو کڻجي جو سنڌ جي هندن پاران هڪ روزاني اخبار واجبي پيماني تي برپا ڪجي، ان سان گڏ ٻيو قدم اهو آهي ته هڪ پگهاردار سيڪريٽري رکجي، جو سڄي سنڌ جو گشت ڪري واءُ سواءُ لهي هن ڪانفرنس کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان واقف رکندو اچي ۽ جتي جتي اوڻايون يا اهنج هجن تن جي دفع ڪرائڻ جو بندوبست ڪندو هلي، انهن ٻنهي ڪمن لاءِ پيسو گهربو ۽ مون کي اميد آهي ته پئسي جي آرچڻ روڪي ڪين بيهاريندي.

    صاحبو تقرير پوري ڪري وهڻ کان اڳ مون کي هڪ ضروري فرض ادائي ڪرڻي آهي جنهن ۾ يقين اٿم ته اوهين صاحب به مون سان شامل ٿيندا، اوهان صاحبن مان گهڻن کي سڌ هوندي ته سنڌ جي جدائي جي باري ۾ اسان جي هموطني پروفيسر ايڇ ايل ڇٻلاڻي ڪيڏو نه پورهيو ڪيو آهي، هي ئي صاحب آهي جنهن يڪي تن سنڌ جي جدائي جي رٿ بلڪل واهيات ثابت ڪري ڏني آهي، انگ اکر ۽ حقيقتون هٿ ڪري هن صاحب نه رڳو سنڌ جي مسلمانن جي بلڪل غير واجبي طلب جو زور ڀڃي ڇڏيو آهي پر سرڪار کي به ڪيتري قدر لاجواب ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن هن کان پوءِ سنڌ جو پرڳڻو جدا ٿئي ٿو ته نه انهيءَ ڪري ته جدائي جي ضروري ثابت ٿي آهي يا جدائي لاءِ حالتون سڻايون ثابت ٿيون آهن، پر انهيءَ ڪري ته اسان جي سرڪار کي ڳوڙهو ڳهي مسلمانن جو ماڻو ڪئن به ۽ ڪهڙي به حالت ۾ مڃڻو آهي، پروفيسر ڇٻلاڻي هن سوال ۾ دلچسپي وٺي جيڪو پاڻ پتوڙيو آهي، تنهن لاءِ مون کي خاطري آهي ته سنڌ جا هندو هميشه سندس شڪر گذار رهندا.

     

     

  • Alama Abdullah yousif ali

    علامه عبدالله يوسف علي جو صدارتي خطبو

    (ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس، حيدرآباد، 15 نومبر 1932)

    (سنڌ جي بمبئي کان علحيدگيءَ واري تحريڪ هن وقت تائين گهڻو مواد پڙهندڙن اڳيان اچي چڪو آهي، سنڌيءَ ۾ مواد جو پهريون ذريعو “الوحيد” اخبار جي آزاد نمبر کي ئي مڃيو وڃي ٿو، ان کان پوءِ محترم ۽ بزرگ سياستدان غلام مرتضيٰ شاهه، انهيءَ موضوع تي هڪ الڳ ڪتاب لکي ڇپرايو، بعد ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊاڪٽري لاءِ جيڪي مقالا لکيا ويا انهن ۾ موضوع جي مناسبت سان هن تحريڪ تي به روشني وڌي وئي آهي، تازو “لطيف اڪيڊميءَ” طرفان مرحوم خانبهادر محمد ايوب کهڙو جو ڪتاب “مصائب سنڌ” به ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ هن تحريڪ سان لاڳاپيل تاريخي اهميت جا دستاويز ڏنا ويا آهن.

    انگريزي زبان ۾ به هن تحريڪ تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي، “گول ميز ڪانفرنس جي سليڪٽ ڪاميٽي” جي ڪاروائي ۽ انهي موضوع تي هڪ عدد ڊاڪٽريءَ جي مقالي کان سواءِ تازو نامور محققه ڊاڪٽر حميده کهڙو جا ترتيب ڏنل “سنڌ جي علحيدگيءَ جي تحريڪ بابت دستاويز” جا ٻه جلد پڻ ڇپجي چڪا آهن.

    هن تحريڪ جو جيتوڻيڪ سنڌي قوم ۾ سڀ کان پهريون هندن خيال پيش ڪيو، مگر پوءِ اها نج مسلمانن جي وڏي طبقي جي تحريڪ بڻجي وئي، هندن دل کولي ان جي مخالفت ڪئي ۽ مسلمانن جي دعوائن کي رد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ساڳئي شدت سان مسلمانن به پنهنجي ليکي ڪين گهٽايو، انهيءَ ڏس ۾ هنن گڏيل هندستان جي مرڪزي جماعتن تائين آواز پهچايو، سنڌ ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنسون سڏرايون، هندن جي قلمي مخالفت خلافت جهاد ڪيو ۽ لنڊن وڃي “گول ميز ڪانفرس” جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي،

    سنڌ ۾“سنڌ آزاد ڪانفرنس” سڏائڻ وقت مسلمان سياستدانن اها حڪمت عملي اختيار ڪئي ته انهن جي صدارت ٻين صوبن جي مسلمان اڳواڻن کان ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌي مسلمانن جو آواز ٻين صوبن تائين به پهچي سگهي، انهيءَ سلسلي ۾ هنن هڪ دفعو علامه اقبال کي به دعوت ڏني، مگر کين مناسب موٽ ڪا نه ملي، ان ڪري پنجاب مان ڪڻو وڃي هڪ ٻئي علامه يعني عبدالله يوسف علي جي نالي تي پيو، جيڪو ان وقت اسلاميه ڪاليج لاهور جو پرنسپال هو، هن نومبر 1932ع ۾ حيدرآباد ۾ سڏايل “ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس” جي صدارت ڪئي، هن هيٺ هڪ تقرير سندس ئي ڏني وئي آهي،

    بلاشڪ انهيءَ تحريڪ ۾ مسلمانن کي ڪاميابي نصيب ٿي، ليڪن اهو انصاف نه ٿيندو جيڪڏهن ٻي ڌر جي آواز کي تنهن وقت جيان اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ وقت دٻايو وڃي، ان ڪري سڪي جي ٻئي پاسي ڏسڻ لاءِ هن هيٺ مکي گوبند رام پريتمداس جي اها تقرير به ڏني وڃي ٿي، جيڪا هن جون 1932ع ۾ حيدرآباد ۾ سڏايل “اينٽي سنڌ سيپريشن ڪانفرنس” جي موقعي تي “آجيان ڪاميٽي” جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ڪئي هئي.)

    صاحبان! هن ڪانفرنس جو صدر چونڊي منهنجي عزت افزائي جيڪا اوهان ڪئي آهي، تنهن لاءِ ڏاڍو شڪر گذار آهيان، توهان مون کي تمام ٿورو وقت ڏنو آهي ۽ توهان کي خبر آهي ته اڄ ڪلهه آءُ هڪڙي ٻئي ضروري ڪم ۾ مشغول آهيان، پر مون سمجهيو ته آءُ پنهنجي فرض ادئي نه ڪندس، جيڪڏهن مون توهان کي هن ڪم ۾ مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، آءُ سمجهان ٿو ته سنڌ کي جدا ڪري هڪ گورنر جو صوبو بنائڻ اهڙو اهم سوال آهي ۽ اهڙو ئي جلدئي وارو ڪم آهي جو ڪو به ماڻهو جو پاڻ کي ڪيترو به کڻي گهٽ سمجهي، ته به پنهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه سمجهندو ته هن ڪم ۾ پنهنجون پوريون خدمتون اوهان جي اڳيان پيش ڪري، مون کي سنڌ سان دلچسپي رهي آهي ۽ هن صوبي ۾ گهڻائي دفعا آيو آهيان، جيڪا ڪوشش اوهين ڪري رهيا آهيو، سا انهن خيالن جو نتيجو آهي، جي هندستان جي ٻين صوبن ۾ رائج آهن ته هندستان جا صوبا خودمختيار رهڻ گهرجن ۽ اها ڳالهه پوريءَ طرح سان منظور ٿي وئي آهي، اها رٿ هندستان جي سرڪار ملڪ معظم جي برطانيه سرڪار ۽ گول ميز ڪانفرنس ۽ ٻين ڪاميٽين قبول ڪئي آهي ۽ انهن ڪاميٽين ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڪا اهڙي پوري تجويز ٺاهجي جا صوبن ۾ عملي طرح ڪم ڪري سگهي، سڀني ماڻهن جا حق ۽ واسطا پوري طرح سنڀالي سگهي ۽ ملڪ معظم جي رعيت جي ضروري گهرجن جي لاءِ پوري سنڀال ڪري سگهجي.

    هن ڪانفرنس جي ڪم تي اچان، انهيءَ کان اڳ اوهان جي اجازت سان ٻن ڳالهين تي ٻه ٽي لفظ چوڻ گهران ٿو، هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ۽ ٻي رنج جي! ساري هندستان جا مسلمان سڀئي هندستاني مرحوم سيد امام علي صاحب جي وفات تي رنج ۽ الم ڪن ٿا، مرحوم نه فقط مشهور هندستاني هو پر محب وطن به وڏو هو، آءُ سندس خانگي خواه سياسي زندگيءَ کان پوري طرح واقت هوس، خانگيءَ زندگيءَ ۾ مرحوم پڪو ۽ سچو دوست، وفادار ۽ سخي هو ۽ هميشه انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو هو ته انهن ماڻهن کي جن کي هن جي مدد جي ضرورت هئي ڳولي ڪڍي، سياسي زندگيءَ ۾ هو صاحب هندستان جي گذريل تواريخ ۾ هڪ جاءِ والاريو ويٺو هو، هو صاحب لارڊ هارڊنج جي مجلس وزارت ۾ هڪ وڏو وزير هو ۽ بنگال کي وري ملائي جو هڪ صوبو ڪيو ويو تنهن ۾ دهليءَ کي هندستان جو تخت گاهه مقرر ڪرڻ ۾ ۽ بهار جي نئين صوبي ڪڍڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو، مون کي يقين آهي ته اهڙو ماڻهو جنهن بهار جو نئون صوبو مقرر ڪرايو، سو ضرور اها ڳالهه پسند ڪري ها ته سنڌ بمبئي کان جدا ڪري علحدو صوبو ڪيو وڃي، درحقيقت مون کي خبر آهي ته سنڌ جو جدا ٿيڻ نه فقط هن کي وڻندو هو پر انهيءَ ڳالهه ۾ مرحوم کي بلڪل گهڻي همدردي هئي ۽ مدد به ڪندو هو، آءُ هن سان گهڻو ويجهو تڏهن ٿيس جڏهن آءُ هزايگزالٽيڊ هائينس نظام حيدرآباد دکن جي مجلس وزارت ۾ ساڻس رفيق هئس، سر علي امام جي وفات ڪري مسلمانن هڪ لائق ۽ زبردست پيشوا وڃايو آهي ۽ هندستان هڪ عقلمند ۽ سچو محب وطن. هو هميشه پنهنجي قوم جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو هو پر انهيءَ سان گڏ هندستان جا فائدا به هميسه نظر ۾ رکندو هو، آءُ اميد ٿو ڪريان ته توهين مون کي اجازت ڏيندا ته هڪ تعزيت جو پيغام سندس مائٽن کي موڪليان.

    خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته صوبه سرحد جي صوبي کي هڪ گورنر جو صوبو بڻايو ويو آهي، جيڪي مشڪلاتون ۽ اعتراض جي هاڻي سنڌ جي برخلاف لڳايا وڃن ٿا، سي صوبه سرحد جي برخلاف به لڳايا ويندا هئا، ائين چيو ويندو هو ته تمام ننڍڙو صوبو آهي، مالي حالت سندس اهڙي خراب آهي جو حڪومت هلائڻ لاءِ پئسو ئي ڪو نه لڀندو، ته سرحد تي هجڻ ڪري اهو خوفناڪ ڪم ٿيندو، جو انهيءَ ملڪ ۾ حڪومت جي واڳ ماڻهن جي هٿ ۾ڏني وڃي ته اُتاهون جا ماڻهو تعليم ۾ ايترو پٺتي پيل آهن جو حڪومت ٻين سڌريل صوبن وانگر هلائي ڪو نه سگهندا ۽ اهڙا ٻيا اعتراض اٿاريا ويندا هئا پر اهي سڀ مشڪلاتون اهڙي طرح سان اڏامي ويون آهن جو ڄڻ ته ڪنهن جادوگر جادو ڪيو ۽ نئون صوبو پوري طرح سان نئين نموني جي حڪومت هلائي رهيو آهي، گهڻا ماڻهو جن کي ڏسڻ ۽ ڳالهين جاچڻ جو وجهه ۽ حق آهي تن جو چوڻ آهي ته صوبه سرحد جي سياسي زندگيءَ ۾ هينئر نمونو ئي ٻيو ۽ بهتريءَ وارو ڏسڻ ۾ پيو اچي. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهڙي ڪاميابي تي مبارڪ ملڻ جو حق آهي ته اهو نواب سر عبدالقيوم آهي، جنهن انهيءَ ڪم ۾ پوريءَ طرح سان ڪوشش پئي ڪئي، هو صاحب هاڻي انهيءَ نئين صوبي جو وزير آهي ۽ پنهنجي صوبي جي خدمت ڪري رهيو آهي، مون کي اجازت ڏيندؤ ته انهيءَ صاحب کي مبارڪباد جو پيغام موڪليان.

    جڏهن اسين چئون ٿا ته سنڌ جو صوبو جدا ٿئي تڏهن اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ اڳئي جدا صوبو آهي ۽ اسان جو مطلب فقط اهو آهي ته في الحال بمبئي جي هيٺ جو هن صوبي کي قدرتيءَ طرح رکيو ويو آهي، تنهن مان کيس آزادي ملڻ گهرجي، سنڌ اهڙي طرح بمبئي جو حصو آهي جهڙي طرح سان عدن سندس حصو هو، عدن جڏهن بمبئي جي هٿ هيٺ هو تڏهن اُتي جي حڪومت هلائڻ ۾ بيشمار تڪليفون هيون، پر عدن بمبئي کان تڏهن آزاد ٿيو، جڏهن بچاءُ وغيره جون وڏيون ڳالهيون پيدا ٿي پيون، پر سنڌ جو سوال ته انهيءَ کان به وڏو سوال آهي، انهيءَ جو واسطو قريب چاليهه لک بهادر ماڻهن سان آهي ۽ سنڌ جي پکيڙ به ٽيونجاهه هزار چورس ميلن ۾ آهي، هي صوبو سرحدي صوبي کان به وڏو آهي، سنڌ لاءِ جدا قاعدا قانون آهن ۽ سنڌ جا روينيو، آبپاشي ۽ عدالتي قانون بلڪل جدا آهن ۽ بمبئي صوبي ۽ بمبئي هاءِ ڪورٽ سان بلڪل واسطو ڪو نه اٿس، سنڌ جي ٻولي پنهنجي آهي ۽ ماڻهن جي دل انهيءَ ٻولي سان گهڻي آهي، جيتوڻيڪ فارسي زبان جا ماڻهن وٽ ڏاڍي مقبول هئي، جيڪا ڪڍي ڇڏي وئي آهي ۽ مسلمانن جي تهذيب سان انهيءَ ڪري ڏاڍو ظلم ڪيو ويو آهي ۽ مسلمانن جي تعليم کي نقصان پهتو آهي، پر تڏهن به سنڌ جا مسلمان انهيءَ ڳالهه تي ڪمرڪشي بيٺا آهن ته هو تعليم ۾ اڳتي وڌي هندستان جي وڌيل ۽ سڌريل قومن جي قطار ۾ پنهنجي جاءِ وٺن، جيڪي رڪاوٽون مسلمانن جي تعليم ۾ وڌيون ويون هيون، سي مسٽر نور محمد بي اي ايل ايل بي جيڪو بيان هارٽاگ ڪاميٽيءَ جي آڏو 1928ع ۾ پيش ڪيو هو، تنهن ۾ پوري طرح سان ڏيکاريون آهن، اهو بيان هڪ رسالي جي صورت ۾ ڇپيل آهي ۽ انهيءَ جو نالو “سنڌي مسلمانن جي تعليم پرستي” رکيل آهي، اها ٽوڪ جا مسلمانن تي لڳائي ويندي آهي ته هو تعليم ۾ انهيءَ ڪري گهٽ آهن جو هو قدرتي طرح تعليم جي برخلاف آهن، سا ٽوڪ بار بار ڪشمير ۽ سنڌ بابت ثابت ڪري ڏيکاري وئي آهي ته ڪوڙي، بي بنياد ۽ ظالمانه آهي، سچ ته ائين آهي ته جڏهن به مسلمانن کي تعليم وٺڻ ۾ سهولت ملي آهي ته هنن تعليم پوري طرح پئي ورتي آهي، پر جڏهن مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن سمجهڻ نه ڪري هنن جي راهه ۾ تڪليفون وڌيون ويون آهن، تڏهن هنن نئين تعليم کان منهن موڙيو آهي، سڀني کي خبر آهي ته شرطن ڊوڙڻ مهل جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن بهاني سان ڪجههه وٿي ملي ويندي ۽ ڊوڙ جو مفاصلو وڏو نه هوندو آهي ته جيڪو ماڻهو پٺتي رهجي ويندو آهي تنهن لاءِ وري اڳتي وڌي وڃڻ ۽ شرط کٽڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، پر وقت اسان جي طرف آهي آءُ اڳتي ڏسان پيو ته سنڌ جي مسلمانن ۾ ٻين صوبن جي مسلمانن ۾ موجوده تعليم طرف تمام گهڻي سجاڳي آهي ۽ اميد ٿو ڪريان ته جيڪو پروگرام اوهين پنهنجي لاءِ نه فقط هن تياري جي زماني لاءِ پر پنهنجي آئينده تواريخ جي سموري وقت لاءِ ٺاهيندؤ تنهن ۾ تعليمي ترقي کي بلڪل اول ۽ مکيه جاءِ ڏيندا.

    گول ميز ڪانفرنس جي جيڪا ننڍي ڪميٽي 12 ۽ 13 جنوري 1931ع جا لنڊن ۾ ويٺي هئي تنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله نهايت لياقت سان سنڌ جي جدائي لاءِ بحث ۾ حصو ورتو آهي، انهيءَ ڪميٽيءَ جي ڪاروائي مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته اسان جي طرفان سنڌ جي جدائي لاءِ جيڪو بحث ٿيو هو تنهن ۾ فرقه وار بحث اصل نه هو ۽ هندو مهاسڀا وارن ئي انهيءَ بحث ۾ وري فرقيوار ڳالهيون اٿاريون، پر مسٽر چنتامنيءَ ڏاڍو چڱو چيو ته “مون کي بلڪل خوشي آهي ته سنڌ جي جدا ڪرائڻ وارن هن ڪاميٽي آڏو اها پوري خبرداري ڪئي ته جڏهن هو پنهنجو بيان ڪن تڏهن هو فقط عام سبب جدائي لاءِ ڏين ۽ هر فرقيوار ڳالهين ۾ بلڪل ڪو نه ويا ۽ ڏک اٿم ته ڊاڪٽر مونجي هن سوال ۾ فرقيوار ڳالهيون کڻي ڪڍيون آهن” آءُ اميد ٿو ڪريان ته هن اجلاس ۾ به اسين هندو دوستن جي ساراهه لائق ٿينداسين پر اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو حق اميد رکڻ جو آهي ته هو به پنهنجي نڪته چيني ۽ بحث کي فرقيوار ڳالهين کان پري رکندا، تعجب جي ڳالهه آهي ته اسان جي هندو دوستن جي حب وطني سنڌ سان انصاف ٿيڻ لاءِ نٿي اُڀري، اسان جو اهو پورو ارادو آهي ته جيتوڻيڪ اسين پنهنجي ماڻهن جي حقن لاءِ جي 76 في سيڪڙو ۾ آهن پوريءَ طرح سان سنڀال ڪرڻ گهرون ٿا پر تڏهن به جڏهن سنڌ آزاد ٿيندي تڏهن اسين فرقيوار نموني ۾ نه رهنداسين ۽ جيڪي به حق ملندا سي سنڌ جي سڀني باشندن لاءِ هوندا. فرقيوار ڳالهين کي ڀڃي ٽوڙي اسين ڪوشش ڪنداسين ته سنڌي باشندن جي سڀني طبقن ۽ گهٽ تعداد وارين قومن سان پوريءَ طرح سان انصاف ٿئي ۽ سڀني جي حقن جي حفاظت ٿئي.

    انهيءَ جي معنيٰ اها نه آهي ته سنڌ جي جدائي جي سوال جي چوگرد نمونن نمونن جا ممڪن ۽ ناممڪن شرط وڌا وڃن جهڙي طرح تازو الهه آباد جي ميٽنگ ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي جدائي جي لاءِ اهڙا خاص شرط وڌا ويندا جي صوبه سرحد سان يا ٻين صوبن سان نه لڳايا ويا آهن ته پوءِ ائين ڪو نه چئبو ته ڪو توهين سنڌ سان انصاف سان هليا آهيو، آءُ انهن عجيب و غريب شرطن بابت وڌيڪ نه چوندس، سواءِ انهيءَ ڳالهه جي ته انهن مان ڪن شرطن جو سنڌ جي ماڻهن سان بلڪل ڪو واسطو ڪو نه آهي ۽ اهي فقط انهيءَ ڪري لڳايا ويا آهن ته انهن جي وسيلي ٻيا سياسي ڪم ڪڍيا وڃن.

    هندستان ۾ اسان کي گهڻائي تاريخي عجب پيا ڏسڻ ۾ اچن ۽ سنڌ جو بمبئي جي ماتحت رهڻ به انهن مان هڪڙو عجب آهي، 1930ع ۾ ايلگزانڊر برنس جو ارادو ٿيو ته رنجيت سنگهه سان لاهور ۾ ملاقات ڪري، هن کي لاهور پهچڻ لاءِ سنڌ مان ئي سولو رستو هو، انهي وقت جي سنڌ جي حاڪمن انگريزن کي انهيءَ ڪم لاءِ لکيل اجازت ڏني، 1838ع ۾ انگريزي لشڪر کي افغانستان جي ڪاهه تي وڃڻ لاءِ سنڌ مان لنگهڻ جي پوري موڪل ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح سان انگريزي عملدار ۽ انگريزن جي يورپي ۽ ديسي لشڪر کي بمبئي جي طرف کان سنڌ مان لنگهڻ جي موڪل ملي ته سرچارلس نيپئر موقعو وٺي سنڌ تي 1843ع ۾ قبضو ڪيو، اها ڳالهه چڱي طرح معلوم آهي ته سر چارلس نيپئر ڪنهن به حڪم کان سواءِ ائين ڪيو هو ۽ پنهنجو قصور قبول ڪيو هئائين.

    خيال ته ڪريو ڪراچي سنڌ جي لاءِ ڪيترو نه ڪارآمد بندر آهي، هاڻي بمبئي جي ضد ۽ حرص ڪري ڪراچي وڌي نه سگهي ۽ بمبئي جو بندر ڪراچيءَ کي نمايو بيٺو آهي، جيڪڏهن ڪراچي بندر کي همدردي ۽ خيال سان وڌايو وڃي ته اتر هندستان جو گهڻو واپار ڪراچي مان لگهندو، ڪراچي جو شهر عدن کي بمبئي کان ويجهو آهي، انهيءَ ڪري يورپي ملڪن سان واپار ڪرڻ ۾ ڪراچيءَ کي بمبئي کان وڌيڪ سهوليت آهي، هوائي جهازن جو جيڪو رستو مغرب ۽ مشرق وچ ۾ آهي، تنهن تي هي وڏو بندر آهي، وچ ايشيا سان واپار ڪرڻ ۾ ڪراچي کي آئينده گهڻو وجهه آهي، جيڪڏهن بمبئي ڪراچيءَ جي آڏو نه اچي ته ايراني مال جو سمورو واپار ڪراچي تي ٿيندو ۽ عراق جي تازي برپا ڪيل حڪومت ۽ وچ ايشيا جا ملڪ جن ۾ تازگي پيدا ٿي رهي آهي تن سڀني جو واپار به ڪراچي بندر جي معرفت ٿيندو، اهو ئي وڏو سبب آهي جو سنڌ کي وجهه ڏجي ته پنهنجي بندر کي سڌاري، پنهنجي مالي حالت سڌاري.

    هي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ ۾ گهڻيون تڪليفون سنڌ حڪومت هلائڻ جون آهن، تنهن جو جواب سر غلام حسين هدايت الله بلڪل عمدي طرح سان ڏئي ڇڏيو آهي، هن صاحب ڏيکاريو آهي ته اهي تڪليفون انهي ڪري ٿيون آهن جو سنڌ جدا نه آهي، پر بمبئي جي ماتحت آهي، وقت بوقت وڏن کان وڏن اڪابرن پئي ڏيکاريو آهي ته سنڌ ۽ بمبئي وچ ۾ آمدرفت جو ذريعو اهڙو خراب آهي جو سنڌ کي موقعو نٿو ملي، جو هو رستا ٺاهي سگهي يا ٻيا عام فائدي جا ڪم ڪري سگهي، بمبئي سرڪار جيڪي ڪم سنڌ کان ٻاهر پئي ڪري تن جي لاءِ سنڌ کي پنهنجو حصو ڀرڻو پوي ٿو، بمبئي شهر ۾ جو سمنڊ کي سڪائي زمين ڪڍي وئي تنهن تجويز ۾ گهڻيون مشڪلاتون پيدا ٿيون آهن ۽ انهيءَ ڪم تي گهڻي قدر نڪته چيني ٿي آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي ته بمبئي کي سڌارڻ لاءِ جي تجويزون عمل ۾ پئي آيون آهن، تن بمبئي جي مالي حالت ناس ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌ بمبئي جي پٺيان پئي گهلبي وئي آهي ۽ سو به اهڙن ڪمن ۾ جن ۾ سنڌ جو ڪو فائدو ڪو نه هو، سکر بئراج جو سنڌ جي فائدي لاءِ ٺاهيو ويو آهي تنهن تي بلڪل گهڻو خرچ ٿيو آهي، اسين اميد ڪريون ته انهي مان جيڪو فائدو ٿيندو سو خرچ مطابق ٿيندو، پر جيڪو خرچ بئراج تي ٿيو آهي سو هڪ قسم جي ڌراوت آهي ۽ جڏهن بئراج جي ڪمن مان آمدني اچڻ شروع ٿي ته سنڌ جي آمدني اڄڪلهه کان وڌيڪ بهتر ٿيندي.

    هاڻي آءُ مالي سوال تي اچان ٿو ۽ اهو پڻ چوڻ گهران ٿو ته مالي ڪمن جو سلسلو هميشه سياسي ڳالهين سان ڳنڍيل آهي پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه چڱيءَ طرح نٿا سمجهن، مون کي هند سرڪار ۾ اهڙن مشهور مالي وزيرن جهڙو سر ايڊورڊ بيڪر، سر گاءِ فليٽ ووڊ ولسن ۽ سر جيمس هيٺ هندستان جي مالي محڪمي ۾ مالي ڪمن جي تعليم ملي هئي، مالي محڪمن جو اهو اصول آهي ۽ سڀني مالي ڪمن جو اهوئي اصول رکڻ گهرجي ته مالي ماهرن کي گهرجي ته هر هڪ ڪم لاءِ پوري جاچ ڪن ۽ هر هڪ رٿ جا ٻئي پاسا ڳولي، جانچي، انهن حاڪمن جي سامهون رکن جن کي ڪنهن رٿ تي فيصلو ڪرڻو آهي، جڏهن ائين ڪبو تڏهن ئي ڪا صحيح راءِ مٿيان حاڪم قائم ڪري سگهندا. صحيح راءِ گهڻن خيالن تي بنياد رکي ٿي، انهن مان مالي حالت به هڪ خيال آهي، حالانڪ مالي خيال به ضروري آهي پر جڏهن سياسي نقطي کان ڪو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته پوءِ مالي ماهرن لاءِ لازم آهي ته اهڙا رستا ڳولي ڪڍن جنهن ڪري مالي مشڪلاتون نڪري وڃن ۽ تخفيف جا رستا ۽ آمدني وڌائڻ جا رستا اهڙا ڪڍي ٻڌائن جو جيڪا رٿ قائم ٿي آهي سا پوري هوشياري سان عمل ۾ اچي سگهي.

    جيڪڏهن اهي مٿيان صحيح اصول اوهين پنهنجي اڳيان نه رکندا ته مالي معاملا پروپئگنڊا لاءِ هڪ اوزار ٿيو پون ۽ پوءِ مالي انگ جهيڙن جهٽن ۽ بحث مباحثي جي راند روپ لاءِ ڪارآمد شئي ٿيو پون، اوهان اهو انگريزي پهاڪو ٻڌو آهي ته “انگ اکر ڪا به ڳالهه ثابت ڪري سگهن ٿا” ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ جو سوال پارٽي بازيءَ جي ڪم لاءِ استعمال پيو ڪيو وڃي. جيڪڏهن اوهين گذشته تاريخ تي غور ڪندا ته اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته “انڊين نيشنل ڪانگريس” گذريل موقعن تي سنڌ جي جدا ٿيڻ لاءِ زور سان مدد پئي ڪئي آهي، سال 1927ع واري ڪانگريس ٺهراءُ بحال ڪيو هو ته هندستان جي صوبن جو جوڙجڪ وري نئين سر ٺاهيو وڃي ۽ خاص طرح سان ٺهراءُ پيش ڪيائين ته “هن ڪانگريس جي راءِ آهي ته صوبن جي وري جوڙجڪ جي ڪم جي شروعات سنڌ کي بمبئي کان علحده ڪري نئين صوبي ٺاهڻ سان ڪئي وڃي” پر جيڪي چڱا ڪانگريسي آهن سي ئي هاڻي سنڌ جي علحدگيءَ جي نڪته چيني ڪن ٿا، هن پنهنجو رخ هاڻي ڇو بدلايو آهي؟ اها مها سڀا جي فرقه وار روش جنهن کي مسٽر چنتامني گول ميز ڪانفرنس ۾ ننديو هو، ڪري ٿيو آهي؟ اهو انهيءَ ڪري ٿيو آهي ڇا ته هنن کي ڊپ آهي ته خود غرضانه مطلب هو وڌيڪ حاصل ڪري نه سگهندا؟ جيڪڏهن هن ڳالهه تي غور ڪندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته مخالفت مالي مشڪلاتن ڪري نه ڪئي وئي، پر بغض ۽ خودغرضيءَ جي ڪري ڪئي پئي وڃي.

    چيو وڃي ٿو ته سنڌ صوبي ۾ کوٽ آهي، موجوده حالتن ۾ اهو برابر سچ آهي، جن جن ملڪن ۾ سڌارا نه ٿيا آهن تن سڀني ۾ کوٽ ٿيندي آهي، پر اڻ سڌريل صوبن ۾ به کوٽ آهي، پر اڻ سڌريل صوبن کان سواءِ ٻين سڌريل صوبن ۾ کوٽ آهي، گذريل سال بمبئي صوبي ۾ به ڏيڍ ڪروڙ رپين جي کوٽ هئي، سر غلام حسين هدايت الله تعام سهڻو سوال پڇيو هو ته اهڙي کوٽ وارو صوبو انهيءَ کا ڇني ڌار ڪري کيس نجات ڏجي! انهيءَ جو سچو جواب انهيءَ ۾ آهي ته بمبئي کي اميدون آسرا آهن ته اڳتي هلي سنڌ مان اپت ۽ آمدني ٿيندي، سنڌ ۾ سکر بئراج آهي، جنهن کي اڃا تائين نه فقط خرچ تي خرچ پئي ٿيو آهي، پر جنهن مان وڏين آمدنين ٿيڻ جي اميد آهي، پوءِ کڻي اهي اميدون ڪٿيندڙن جي دل مطابق سڀئي پوريون نه ٿين.

    گذريل سال واري گول ميز ڪانفرنس تي سنڌ جي جدائيءَ بابت پيش ڪيل دليلن اهڙو ته اثر ڪيو جو سنڌ جي جدائي جو معاملو اصولن گول ميز ڪانفرنس قبول ڪيو، فقط شرط هو وڌو ويو ته مالي حالت تي غور ڪرڻ ۾ اچي، انهيءَ ڪانفرنس جي ڇپيل ڪاروائي مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته لارڊ ريٽلنڊ جهڙي تجربيڪار عملدار سر غلام حسين هدايت الله کي چيو ته “اوهان سنڌ جي جدائي لاءِ تمام سهڻو ۽ پورو بحث ورتو آهي” جڏهن مالي حالت تي غور ڪرڻ لڳا ته معلوم ٿيو ته ڪانفرنس وٽ ڀروسي جهڙا انگ اکر موجود ڪو نه هئا، بحث مباحثي ۾ ايتري قدر بدمزگي پيدا ٿي پئي هئي جو سنڌ جي مالي حالت تي سٺو ۽ سهڻو بحث ٿي ڪو نه ٿي سگهيو. ڪانفرنس ۾ جيڪي صاحب موجود هئا تن مان ڪو به صحيح طور ٻڏائي نه ٿي سگهيو ته سنڌ ۾ کوٽ ڪيتري ٿيندي، جيڪي انگ اکر اول بمبئي سرڪار ڏنا هئا، تن مان کوٽ 24 لک ٿي نڪتي، پروفيسر ڇٻلاڻي جنهن سنڌ جي جدائي جي مخالفت خوب ڪئي آهي تنهن وري پنهنجا انگ اکر ڪڍيا هئا، جن جي چڪاس سرڪار اڃا ڪانه ڪئي هئي، پر هن کوٽ وڌرائي 64 لک ڪري ڏيکاري، مالي انگ اکر اهڙي شيءِ آهي جن ۾ ڪڏهن به غلطي ٿيڻ نه گهرجي، پر ڏهن به هي گوڙ جيڪو سنڌ جي مالي حالت بابت ٿيو آهي، تنهن مان صاف ثابت آهي ته سنڌ جي مالي حالت جاچڻ ۾ پوري خبرداري نه ڪئي وئي آهي ۽ نه انهيءَ ڪم ۾ ڪا مدد ڏني وئي.

    انهيءَ سبب ڪري گذريل سال واري گول ميز ڪانفرنس فيصلو ڪيو ته سنڌ جي مالي حالت تي وڌيڪ غور ڪيو وڃي، پر انهيءَ سان گڏ اصولي طرح سنڌ جا جدا ٿيڻ قبول ڪيو ويو، انهيءَ ڪري سنڌ جي مالي حالت جاچڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مسٽر مائلس ارونگ جي صدارت هيٺ برپا ڪئي وئي جنهن پنهنجي رپورٽ سيپٽمبر 1931ع ۾ پڌري ڪئي انهيءَ ڪميٽي انگن اکرن جي جاچ ڪئي ۽ سنڌ جي جدائي جي موافقن ۽ مخالفن جون ڳالهيون ٻڌيون، انهيءَ ڪاميٽيءَ پنهنجي راءِ ڏني ته سنڌ ۾ شروع شروع ۾ هڪ ڪروڙ ساڍن ڏهن لکن روپين جي کوٽ ٿيندي، انهيءَ کان پوءِ وري هڪ ٻي ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جو صدر آنربل مسٽر برين هو ۽ اها ڪاميٽي هن سال جي شروع ۾ ويٺي، اها ڪاميٽي انهيءَ سبب لاءِ ويٺي ته جيڪا کوٽ اڳئين ڪاميٽين ڏيکاري هئي تنهن جي ڪهڙي طرح سان پورائي ڪجي، انهيءَ ڪاميٽي جي رپورٽ اوهان جي سامهون آهي، انهيءَ ڪاميٽي سڀني ماڻهن جي راين جا خيال رکي پنهنجي رپورٽ ڪڍي جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته اوائلي کوٽ ساڍا اٺهٺ لک ۽ سنڌ جي جدائي جي حالت ۾ ٻارهن لک وڌيڪ خرچ ٿيندو يعني ڪل ساڍا اسي لک کوٽ ٿيندي، اها رپورٽ اهو به ڏيکاري ٿي ته سال 40-1939ع ۾ کوٽ گهٽجڻ شروع ٿيندي ۽ سال 45-1944ع ۾ کوٽ ته بلڪل نڪري ويندي پر پوڻا پنج لک بچت ٿيندي ۽ پوءِ بچت وڌندي ويندي تان جو سال 62-1961ع ۾ بچت 89 لک ٿيندي، انهيءَ رپورٽ سان گڏ خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنهنجي رپورٽ شايع ڪرائي آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کوٽ درحقيقت ڇهه لک ٿيندي ۽ آمدني وڌائڻ جا نوان رستا ڏيکاري ثابت ڪيو اٿس ته بچت ويهه لک کن ٿيندي، جن مان ماڻهن جي عام فائدي جي ڪمن جي مدد ٿي سگهندي. انهيءَ جي برخلاف پروفيسر ڇٻلاڻي ۽ سندس هندو دوستن وري پنهنجي رپورٽ ڪڍي آهي جنهن ۾ هن وري کوٽ مسٽر برين يا خانبهادر کهڙي جي انگن اکرن کان به وڌيڪ ڏيکاريل آهي.

    مٿين ڪاغذن کان سواءِ ٻيا به گهڻا رسالا آهن، سيٺ حاجي عبدالله هارون صاحب ايم ايل اي، خانبهادر محمد ايوب کهڙو ايمن ايل سي ۽ سيد ميران محمد شاهه ايم ايل سي به سنڌ جي جدائي جي معاملي تي گهڻو لکيو آهي، جيڪا بمبئي ڪائونسل طرفان سائمن ڪميسن ڪاميٽي 1929ع واري ويٺي هئي، تنهن لاءِ سيد ميران محمد شاهه ايم ايل سي هڪ قيمتي نوٽ لکيو هو، وري پروفيسر ڇٻلاڻي جو جواب آهي، انهن سڀني ڪاغذن پٽن جو جيڪڏهن پوري طرح سان مطالعو ڪبو ته صاف معلوم ٿيندو ته مالي ڳالهين تي ضد ڪرڻ مناسب نه آهي، پر جيڪڏهن سنڌ کان جدا ڪيو ويو ته ڪفايت سان هلي پنهنجا آمدني جا ذريعا وڌائيندو ۽ خرچ پوري طرح سان هلائيندو ۽ ٿورن سالن ۾ هڪڙو باعزت صوبو ٿي پنهنجن پيرن تي پاڻهي بيهندو.

    جنهن نتيجي تي آءُ پهتو آهيان سو ضرور انهن صاحبن کي جي سنڌ کي جدا صبو ٺاهڻ لاءِ مٿا هڻن ٿا، همٿ ڏياريندو، هڪ ڳالهه جنهن مونجهارو ڪيو آهي سا هي آهي ته اها خبر ڪا نه ٿي پوي ته جيڪو خرچ بمبئي سرڪار پئي ڪيو آهي تنهن مان ڪيترو هند سرڪار کي پاڻ تي کڻڻ گهرجي ۽ ڪيترو بمبئي سرڪار کي کڻڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح انهيءَ جو فائدو خاص فائدو بمبئي کي مليو آهي ۽ باقي ڪيترو خرچ سنڌ تي رکڻ گهرجي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو خرچ ۽ سنڌ جي آمدنيءَ جا انگ اکر جدا نه رکيا ويا آهن، مثال طور بمبئي جي واڌاري لاءِ يا دکن جي زراعتي سڌارن لاءِ جيڪي خرچ پئي ٿيا آهن، سي وچ جي موڙي مان پئي نڪتا آهن جنهن ۾ سنڌ جا پئسا هئا پر اهو خرچ سنڌ جي فائدي لاءِ نه هو.

    سکر بئراج جنهن کي هزايڪسلنسي وائسراءِ کوليو آهي تنهن مان به ٿوري عرصي ۾ آبپاشيءَ جي ڪري ئي فائدو ملڻ شروع ٿي ويندو جڏهن سکر بئراج پوري طرح سان وهيو تڏهن گهڻي زمين آبادي هيٺ ايندي، آدمشماري وڌندي، ريلواين جي اپت وڌندي، جنهن مان هند سرڪار جي آمدني وڌندي، ڪراچي بندر جا محصول وڌيڪ انداز ۾ اڳڙاندا ۽ انهيءَ ڪري به هند سرڪار کي ڪراچي بندر جي محصول مان اپت وڌيڪ ٿيندي، سنڌ صوبي جي حڪومت کي ماڻهن جي خوشحاليءَ مان زياده آمدني ٿيندي، شايد ائين ٿيندو ته برين ڪاميٽي جي اميدن کان به وڌيڪ حالتون بهتر ٿينديون، جيڪو به سڌارو سنڌ ۾ ٿيندو، تنهن مان سنڌ جي مالي حالت (اڄڪلهه غير همدردانه نموني کان ڇٽي) ڏينهون ڏينهن صفا ٿيندي ويندي، هي اپت جو اهڙو ذريعو نه آهي، جو حساب وانگر انگن اکرن ۾ ڏيکاري سگهجي، پر تڏهن به اهڙو نه آهي جنهن کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو.

    انهيءَ ۾ ڪو شڪ آهي ڇا ته هڪ اهڙو صوبو جنهن سيٺ هرڇند راءِ وشنداس يا مرحوم مسٽر ڀرڳڙي جهڙا پيشوا پيدا ڪيا، يا جنهن مسٽر محمد علي جناح يا سر غلام حسين هدايت الله جهڙا رهبر پيدا ڪيا آهن يا جنهن ۾ اهڙا صاحب جهڙوڪ سر شاهنواز ڀٽو يا مسٽر جمشيد ميهتا، خانبهادر کهڙو يا سيد ميران محمد شاهه، حاجي عبدالله هارون يا مسٽر نور محمد آهن، سو صوبو هندستان جي نئين جوڙجڪ ۾ ٻين صوبن سان چڱيءَ طرح ڪلهوڪلهي ۾ ڏئي هلي نه سگهندو؟ اسان ڏٺو آهي ته بمبئي سرڪار جي هٿ هيٺ سنڌ کي منهن مٿي ڪرڻ جو موقعو پوريءَ طرح ڪو نه مليو آهي، مون کي يقين آهي ته سنڌ کي عليحده صوبي هجڻ جو درجو ضرور جلدي ملندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هاڻي چؤطرف عجيب سجاڳي پيدا ٿي وئي آهي.

    هاڻي مختصر طرح وري اهي ڳالهيون بيان ڪندس جن تي اسان غور پئي ڪيو آهي حدن جي ڪري، ٻوليءَ جي ڪري، تهذيب ۽ تمدن جي ڪري ۽ حڪومت جي سهولت جي ڪري اڳئي جدا صوبو آهي، سنڌ جي ماڻهن جو تمام وڏو حصو گهري ٿو ته هندستان جي ٻين صوبن وانگر سنڌ به هڪ جدا گورنر جو صوبو ٿئي، انهيءَ جي مخالفت فقط ڪي خود غرض طبقا ڪن ٿا، ٻين صوبن وانگر هن صوبي ۾ به ننڍين تعداد وارين قومن جي سنال ٿي سگهي ٿي، ڪراچي بندر کي وڌائڻ جو ڪم رستن ۽ ريلواين کي سڌارڻ جو ڪم، سکر بئراج هيٺ زراعت جو ڪم، سنڌ جي ماڻهن جي ئي هٿن ۾ رهڻ گهرجي ۽ نه ڌارين ماڻهن جي هٿ هيٺ جن مان گذريل زماني ۾ سنڌ کي نقصان پئي پهتو آهي، مالي حالت تي مسٽر مائيلس ارونگ ڪاميٽيءَ جي ماهر ميمبرن غور ڪري حقيقت ٻڌائي آهي ۽ مسٽر برين واري ڪاميٽي تجويزون ڏيکاريون آهن ته ڪهڙي طرح سان مالي مشڪلات کي منهن ڏبو. سمجهو ته شروع شروع ۾ خرچ سنڌ جي جدائي تي ٿيندو، سو ڪنهن ڪنوار کي کڻي ڏاج ڏجي ٿو، پر جيڪڏهن ڪنوار کي پرائي ڌيءَ ڪري ليکجڻ ۾ ايندو ته ڪنوار کي به ايتري غيرت ضرور ايندي جو ڪوششون ڪري ٿورن ورهين ۾ پنهنجا قرض لاهي ڇڏي، اصوليءَ طرح گذريل گول ميز ڪانفرنس سنڌ جي جدائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي جڏهن مالي حالت جي به چڪاس ٿي وئي آهي تڏهن طلب ٿا ڪريون ته گول ميز ڪانفرنس، جا هاڻي ويٺي آهي، تنهن کي سنڌ جو فيصلو صوبي سرحد وانگر يڪدم صاف صاف ڪرڻ گهرجي.

    آخر ۾ ڪانفرنس جو ڪم شروع ڪندي آئون اوهان کي يقين ٿو ڏيان ته جيڪو ڪم ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ اسان آڏو آهي نه رڳو تنهن ۾ پر آئينده سڀني موقعن تي جڏهن اوهان کي منهنجي مدد جي ضرورت هوندي، منهنجي خدمت اوهان لاءِ هميشه خاص رهندي.