ھنڌ ۽ سنڌ جي نالي واري ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ صحافي ھري موٽواڻي 30 نومبر 1929ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، جڏهن ته 7 مئي 2006ع تي ھي جھان ڇڏيو، ھن بنيادي تعليم سنڌ مان حاصل ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي ڀارت جا وڻ وسايائين، جتان ھن نج ادبي رسالو “ڪونج” جاري ڪيو، جنھن جا ڪيترائي اسپيشل/خاص ايڊيشنس به شايع ٿيا، ھري موٽواڻي جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي تمام وڏن ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو، ھن جا ڇهه ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن، ھري موٽواڻي “صحت” رسالي جو به ايڊيٽر رهيو، “ھو جمالو” جي عنوان سان هڪ فلم به لکيائين.
Category: ABOUT US
Gul Hayat Institute was established in the month of August 1990 in the small town of Sindh Khair Muhammad Arija, Taluka Dokri and District Larkana. Institutes main focus is on Research, Academic and Social Welfare.
Our mission to impart education from Primary to Post Graduate level and to provide Research guidance and Source-Material to M.Phil and Ph.D Students in Social Sciences. A handsome number of Pupils, Students and Researchers are getting benefit from this Institute.
-
ھري موٽواڻي
ھري موٽواڻيجنم تاريخ 30 نومبر 1929
-
ماندي ٿي نه مارئي _ استاد بخاري
ماندي ٿي نه مارئي _ استاد بخاري
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/MANDI_THEY_NA_MARIEE.pdf{/aridoc}
-
سنڌ جو سنجيده مسئلو فرد-سازي آهي
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”سنڌ جو سنجيده مسئلو فرد-سازي آهي“
سنڌ جا عالم ۽ اديب، مدبر ۽ مفڪر ٻه اکر ٻوليندا آهن، يا ڪجهه لکندا آهن ته دل ٺري پوندي آهي. ڇا نه الله پاڪ کين ڏات ۽ ڏاهپ ڏني آهي! ساري جڳ جهان جي حالتن تي نظر اٿن. ڪٿي ڪو دک درد جنم وٺي ٿو ته سندن سينا سورن- هاڻا ٿي پون ٿا. ڪٿي ظلم ٿئي ٿو ته هنن جو روح روئڻ لڳي ٿو. جهڙوڪ دنيا سرنهن جي داڻي جيان سندن تريءَ تي آهي. جتي جتي ڪجهه وهي واپري ٿو، ان بابت ننهن کان چوٽيءَ تائين کين خبر هجي ٿي.
پر ڏيئي هيٺان اوندهه ڇو ٿئي ٿي؟ اها ڪهڙي ڳالهه آهي ۽ ڪهڙي مجبوري يا مصلحت آهي ته سنڌ جي سينڌ سينگارڻ ۾ اهي تيل ڦليل ڪجل ۽ مينديون ڪو نه ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، جن کي هو ڪتب آڻي، ڪنهن نئين ڪهاڻي کي جنم ڏين ۽ پنهنجيءَ سرت جي سونهن سان سنڌ واسين کي به حصو ڏين.
ها، اها ڳالهه برابر آهي ته سنڌ جي سورن جي مذڪورن جا وٽن داستان موجود آهن. سندن قلم ۽ قول ۾ ماڻهن جي مجبورين جا آواز موجود آهن. هي به سچ آهي ته صحافي ۽ اديب قلم کي ڪات ڪهاڙا بڻائي سنڌ-دشمن قوتن ۽ سازشن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هيءَ به حقيقت آهي ته سنڌ دوست مدبر ۽ سياستدانن جي حڪمت عملين سنڌ جي نوجوانن ۾ جوش ۽ ولولي کي دائم رکيو آهن. ان ڪري اسان جون محفلون به آباد آهن ته جيل خانا به ويران ڪو نه آهن. روڊ ۽ رستا به بلاڪ ٿين ٿا ته اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي دونهاندار ۽ زبردست بيان ۽ بحث به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
پر سوال ٿو اُٿي ته هي هيڏو سارو ۽ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو، پر پوءِ به تريءَ تيل ڇو نه ٿو لڳي؟ پوءِ به حالتون ڇو ٿيون مثبت موڙ وٺن. پنجن منجهان پندرهن ڇو نه ٿا ٿين؟ ايڪو ۽ اتحاد قائم ڇو نه ٿو ٿئي؟ شهرن مان قهر بند ڇو نه ٿو ٿئي؟ ٻهراڙين مان بک ۽ بيروزگاريءَ جي باهه ڇو نه ٿي وسي؟ ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪمي ضرور آهي. ڪٿي نه ڪٿي ڪو حڪمت عمليءَ ۽ طريقه ڪار ۾ نقص ضرور آهي.
تحريڪون وڏي زور سان هلن ٿيون، پر اچانڪ بي مقصد دم ٽوڙي وڃن ٿيون. اتحاد جڙن ٿا، پر اڻ-ٻڌايو بي عمل ٿي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪيترا قربانيءَ جو ٻڪرو به ٿين ٿا، ڪيترا نقصان به برداشت ڪن ٿا. ڪيترن کي ڇيهو به رسي ٿو.
اهو سڀ ڪجهه ويساهه-گهاتيءَ ڪارڻ ٿئي ٿو. قوم سان هر نازڪ موڙ تي ويساهه-گهاتي ٿئي ٿي. ڪو نه ڪو فرد پنهنجي گروهه کي، ماڻهن کي بلڪ قوم کي ٻُنڀي ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ڪو نه ڪو ذاتي يا گروهي مفادن تي سڄيءَ قوم جو وڪرو ڪري ويهي ٿو ۽ قوم کي ان جي ڪا به ڪل ڪا نه ٿي پئي. اسان جي اڪثر تحريڪن دوران ائين ٿيو. ماڻهن جون محنتون ۽ محبتون اڪثر ڪري پنهنجي منطقي نتيجي تي ڪو نه پهتيون آهن. ڪنهن وڏيري جي روپ ۾، ڪنهن پير جي روپ ۾، ڪنهن سياستدان يا سماجي ڪارڪن جي روپ ۾ موقعي ملڻ تي معتقد ماڻهن سان بي وفائي ڪئي. ڪنهن ٽي. وي يا اخبار جي ڌڻيءَ ٿوري مفاد تي عوام کي سچ ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو. سنڌ سان ۽ سنڌ واسين سان ائين ويڌن ٿيندي آئي آهي. سنڌ يا سنڌي ڪهڙيءَ ڪورٽ ۾ وڃي داد فرياد ڪن؟ جي اتر ڊاهي ان کي ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟ جيڪڏهن خواجا خضر ئي ٻيڙي ٻوڙي تي ڪنهن کي دانهن ڏبي؟ جي رهبر ئي رهزن ٿين ته ڪٿي ڀڄي جند ڇڏائبي؟
هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو جو اسان فرد جي تربيت تي توجهه نه ڏنو آهي ۽ انسان- سازيءَ جي عمل کي نظرانداز ڪيو آهي. اسان ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ جو موقعو ئي ڪو نه ڏنو آهي. بيشڪ اسان کي فرشتن ٿيڻ جو شوق نه هجڻ گهرجي. ڇو ته فرشتن ته اسان جي ڏاڏي کي سجدو ڪيو هو. اسان سجدن جا ائين شائق ڇو ٿيا آهيون؟ اسان فقط سجدا ڇو ٿا ڪريون؟ اسان معمولي مفاد حاصل ڪرڻ تي سيس نوائي ڇو ٿا ويهون؟ هيءَ اسان جي ڪهڙي فرد-سازي ڪئي وئي آهي؟ هيءَ اسان جي ڪهڙي انسان-سازي ٿي آهي؟ اسان ائين ڇو ٿا ڪريون جو هاڻي ته شيطان به رضا خوشيءَ سان رٽائرمينٽ وٺي هتان پاڻ کي جلاوطن ڪري ويو آهي. ان جي غير حاضري ۾ اسان مان ڪيترا سندس سفير ۽ نمائندا بڻجي ڇو سرگرم عمل ٿي ويا آهن؟ ڇا هيءَ ئي اسان جي ۽ هينئن ئي اسان جي شخصيت سازي ٿي آهي؟
لڳي ٿو ته اسان جي نظام ۾ اهڙي ڪا گنجائش ئي موجود ڪانهي، جا ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ ۾ مدد ڪري. لڳي ٿو ته اسان کي ماڻهونءَ مان انسان ٿيڻ ۾ اڃان ڪيتريون صديون لڳنديون. اچو ته انهن صدين کي گهٽايون، پاڻ کي جوڙيون، پاڻ کي ڳولهيون ۽ مکڻ جهڙا ماڻهو، بي لوث، قرباني ڏيندڙ، بخشيندڙ، معاف ڪندڙ، ڀلائي ڪندڙ، دوکو نه ڏيندڙ، ڏنڀ نه ڏيندڙ، دشمني نه ڪندڙ انسان بڻايون ۽ ائين پاڻ به ٿي پئون.
Email: gulhayat2010@gmail.com
Website: www.drpathan.com
-
هي جي درد هزار پوءِ خوش ٿي ڪيئن کلان
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني ! هيءَ جهان)
”هي جي درد هزار پوءِ خوش ٿي ڪيئن کلان“
مرحوم علي احمد بروهي جيترو مون تي مهربان رهيو ۽ قدر ڪيائين، اوترو جهيڙو به ڪندو هو. چوندو هئو ته ”تون پنهنجي ڪالمن ۽ مضمونن ۾ جيڪي مسئلا کڻي ٿو ۽ جن موضوعن تي لکين ٿو، اهي اسان جي معاشري ۾ ککر ۾ کڙو هڻڻ برابر آهن ۽ گهر کان ڪاوڙيل لکيو پڙهيو توکي ڏينڀوءَ وانگر وٺي ويندو ۽ کل بچائڻ تو لاءِ مسئلو ٿي پوندو. مرحوم منهنجو ڏاڍو خيال رکندو هو. مون کي اڪثر ڪري هو آچر تي ڪڏهن چوڪنڊي قبرستان وٺي ويندو هئو ته ڪڏهن ٺٽي ۾ جنائي فقير ڏي وٺي ويندو هئو جتي جنن سان ڪچهريون ڪندو هئو.
ضياءَ جو مارشل لائي زمانو هئو. راجا ظفر الحق مرڪز جي اطلاعات کاتي جو وزير هئو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن فنڪشن ۾ آيو. مرحوم علي احمد بروهيءَ انهيءَ فنڪشن ۾ سندس منهن تي تقرير ڪندي چيو ته ”اسان سنڌي ته هر ڪنهن جا خادم ۽ نوڪر آهيون. پوءِ اهو راجا ڏاهر هجي، يا راجا ظفر الحق“. مرحوم علي احمد بروهيءَ جي انهن جملن وزير کي ڄڻ ٽانڊا ڏئي ڇڏيا. انهيءَ واقعي جو فائدو وٺي مون علي احمد بروهيءَ کي چيو ته ”تون چاهين ته ڀلي پيو ماڻهن کي منهن ته ٻه ٺپيون ٻڌاءِ، پر جي مان سچ چوان ته مون کي ڇو ٿو جهلين؟“ انهيءَ تي علي احمد بروهي روئي پيو ۽ چيائين ته: ”مون ايترا زخم کاڌا آهن، دوکا کاڌا آهن ۽ ماڻهن جا بدلجندڙ رويا ڏٺا آهن جو چوندو آهيان ته تون مون وانگر ڪنهن درد جي ڪهاڻي نه ٿي پئهءُ. ان ڪري دوستي ۽ دشمني ايتري ڪر ۽ سچ ايترو چئه، جيڪو تون برداشت ڪري سگهين.“ مرحوم جي ڦٽن تي مرهم ڪنهن به ڪا نه رکي پر اڪثر پنهنجن ماڻهن انهن تي لوڻ ٻرڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هو پهريون سنڌي اديب ۽ دانشور هئو، جنهن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي.
اسان جي علم ڌڻين، قلم ڌڻين ۽ سياسي ساڃاهه رکندڙن جا ٻه واضح گروپ آهن. هڪڙا ماڻهن جي دلين وٺڻ لاءِ ۽ کين خوش ڪرڻ لاءِ لکن ٿا. هو ماڻهن کي فقط خوبين جي کاڻ ڄاڻي انهن جي واکاڻ ڪن ٿا ۽ ان ڪري مشهور، مقبول عام ۽ ناميارا ٿي وڃن ٿا. ٻيا آهن ته ٿورا، پر انهن جو جهڙوڪ ايمان هوندو آهي ته انسان فقط خوبين جي کاڻ ڪونهي. معاشري ۾ مان جيڪڏهن خامين ۽ خرابين جي پاڙ نه پٽبي ته پوءِ صورتحال ۾ ڦيرو نه ايندو ۽ حالتون مثبت روپ نه وٺنديون. صدين کان وٺي سنڌ جي سماجي، اقتصادي، سياسي، فڪري ۽ نظرياتي صورتحال تي ان ڪري جمود طاري آهي جو اسان فرد-سازي ۽ شخصيت سازيءَ تي توجهه ڪو نه ڏنو آهي. ها سان ها ملائڻ ۽ واهه واهه پئي ڪئي آهي، جنهن سان ماڻهو مٽائي نه سگهيا آهيون.
چيو ٿو وڃي ته دنيا اڳ ئي دک جي نگري آهي ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سوين سور آهن. جيڪڏهن سور آهن ۽ هيءَ دنيا دک جي نگري آهي ته پوءِ اکين مان آب وهائيندڙ دکي انسان کي کلائڻ جو مطلب آهي هن کي ذهني ۽ فڪري طور تي پاڳل بڻائڻ. هن کي چرين وانگر هڪ ئي وقت تي کلائڻ ۽ روائڻ بدران بهتر اهو آهي ته سندس دکن دردن جي خاتمي لاءِ جاکوڙ ڪجي ته جيئن هو دل سان کلي سگهي ۽ خوش ٿي سگهي. دکن دردن جي موضوع کي هٿ نه لائڻ انهن جو تدارڪ نه ڪرڻ، خود وڏي کان وڏو فريب آهي ۽ دوکو آهي.
ان ڪري فقط خوش ڪرڻ لاءِ لکڻ، فقط ڪنهن هڪ فرد يا گروهه جي سونهن جي واکاڻ ڪرڻ بدران اهو هڪ ليکڪ جو فرض بڻجي پئي ٿو ته ايندڙ دور، يعني روشن مستقبل جي سونهن تي لکي ۽ سموري قوم کي دائمي خوشي ڏيڻ لاءِ قلم کڻي. ان حوالي سان جيڪڏهن قومي، سياسي، سماجي ۽ نظرياتي اوڻائين جي نشاندهي به ڪرڻي پئي ته ان تي قلم کڻڻ کان نه گهٻرائجي. ڇو ته دنيا بدلائڻ ۽ حالتن بدلائڻ کان اڳ اسان کي پاڻ کي بدلائڻو آهي ۽ فردن کي بدلائڻو آهي. اسان جيڪڏهن اڌورا ۽ اڻپورا انسان نه هجون ها ته هن وقت تائين پنهنجا، ڌرتيءَ جا ۽ ڌرتيءَ وارن جا دک درد ختم ڪري سگهون ها. حالتون نه بدلائي سگهيا آهيون ته ان جو مطلب آهي ته اسان پاڻ کي بدلائي نه سگهيا آهيون. پاڻ ان وقت تائين بدلائي نه ٿا سگهون، جيستائين پنهنجي اوڻائين ۽ اوڳڻن جي خبر نه ٿي پئي ۽ انهن جو خاتمو نه ٿا ڪريون.
چيو ويندو آهي ته قلم تلوار کان تکو ٿئي ٿو. اهو ڪنهن جي منڍيءَ يا عزت لاهڻ لاءِ نه، پر اجتماعي خامين کي وائکو ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ ئي ڪم اچڻ گهرجي. ان ڪري هي وقت جي تقاضا آهي ته اسان پنهنجي ماڻهپي-دشمن روين، ڪوڙن ۽ دقيانوسي قدرن، رستو روڪيندڙ روايتن تي قلم کڻون ته جيئن انهيءَ آئيني ۾ اسان پنهنجي ۽ مستقبل جي تصوير ڏسي سگهون. اهڙي قلمي ڪرت ڪندي ڪو رسي ته رسڻ ڏيوس. ڪنهن کي خوش ٿيڻ يا ناراض ڪرڻ لاءِ نه لکجي يا چئجي پر پنهنجي ضمير مطابق ڳالهه ڪرڻ گهرجي، پنهنجي اجتماعي خوشين ۽ روشن مستقبل جي ڳالهه ڪيو. هر اجتماعي اوڳڻ جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ قلمي ۽ عملي جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.
Email: gulhayat2010@gmail.com
Website: www.drpathan.com
-
هيءَ همسري ۽ هيءَ برابري
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”هيءَ همسري ۽ هيءَ برابري“
سنڌ جي سماجي ۽ فڪري مسئلن مان هڪ هيءَ به آهي ته اسان سنڌي انهيءَ احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل آهيون ته ٻيا ماڻهو، يعني غير سنڌي اسان کي پاڻ جهڙو سمجهن ئي ڪو نه ٿا. سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ئي نتيجي ۾ ئي، پر اسلام منظم نموني سان سنڌ ۾ اڳ اثرانداز ٿيو ۽ پوءِ هند ۽ ٻين هنڌن تائين پهتو. پر اڄڪلهه سنڌين کي اهو تاثر ملي ٿو ته هي ڄڻڪه اسلام کان ڪوهين دور آهن. سنڌي مهمانوازيءَ جا ماضي قريب ۾ اهڙا مثال قائم ڪيا جو سرحد تي ڏتڙجي پهتل پناهگيرن کي سنڌ ۾ پير پائڻ کان اڳ پنهنجي دلِينِ ۽ ڀت جي ديڳين سان آجيان ڪيائون. ليڪن هاڻي اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته سنڌي جهڙوڪ اصل کان سڃا بکيا هئا. سنڌ پهريون صوبو هئو، جنهن جي اسيمبليءَ 1943 ۾ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. پوءِ کڻي انهيءَ ٺهراءَ پاس ڪرڻ ۾ سياست ڪئي وئي جو ڪانگريسي ميمبرن موجود ڪو نه هئا ۽ ميدان صاف هئو ۽ سائين جي ايم سيد پاڪستان جي اهڙي ته زوردار وڪالت ڪئي، جو اهو خواب خيال مان مٽجي حقيقت بڻجي پيو. هاڻي پاڻ کي اهو تاثر ملي ٿو ته سنڌي آهن ئي سنڌوديشي ۽ پاڪستان جا دشمن. کين پاڪستان تحريڪ جي تاريخ جي ورقن ۾ ڪيترا محقق نه لکن ٿا ۽ نه وري ليکن ٿا. پوءِ ڇو نه جيڪڏهن مسلم ليگ ٺهي ته ان جو باني صدر سنڌ ۾ پئدا ٿيندڙ آغا خان ٿيو ۽ ان جو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آخري صدر به سنڌي يعني محمد علي جناح ٿيو. عربي ادب پڙهو، ان ۾ اوهان کي امام اوزاعي، ابو معشر ۽ ابوعطا جهڙا برجستا عالم نظر ايندا، اهي سنڌي هئا. هفت زبان شاعر اسان ئي پيدا ڪيا. پر اسان کي پوءِ به ڄٽ ۽ جاهل ڄاتو ۽ چيو وڃي ٿو.
خارجي طور تي اسان جو اهو حشر آهي جو ڪو مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. اسان جهڙوڪ هنن لاءِ جيئرا جاڳندا وجود نه، پر ڪي پاڇا هجون. پر هن ۾ مايوس ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. سج آهي ۽ هوندو، ڪو مڃي نه مڃي. ڌرتي آهي ۽ هوندي، ڪو قبولي يا نه قبولي. سنڌ ۽ سنڌي آهن، ۽ قيامت تائين رهندا. نه سنڌ کي خطرو آهي ۽ نه وري سنڌين کي.
ڌاريا ۽ غير سنڌي ته اسان سان ائين ڪن ٿا، انهن تي ڪهڙي ميار؟ ٿيا جو ڌاريا. پر اسان جو ته پنهنجن ئي مُٺ ۾ ساهه ڏئي ڇڏيو آهي. هتي به ته پنهنجو تريءَ تيل ئي نه ٿو لڳي. ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو ڪنهن سان همسري ڪري؟ ڪو اڻپورو ۽ اڌورو پير سائين هوندو ته مجال ڪنهن مريد جي جو هن سان همسري ڪري؟ ڪو نالي ماتر وڏيرو هوندو ته به ست سيرو هوندو ۽ مجال ڪنهن عوامي ۽ عام ماڻهوءَ جي هن جي اڳيان ڪنهن ڪٽ يا ڪرسيءَ تي ويهي. ڪو به ڀلي ڪنئين کاڌو ڪامورو هجي، پر پوءِ به ايترو بااختيار هوندو جو چڱي ڀلي کي نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيندو.
طبقاتي ۽ ڪامورا شاهي نظام ۾ ائين ئي ٿيندو ۽ جيڪو همسري ڪندو، سو پنهنجو پٽڪو لهرائيندو. پر هن ذهني ۽ فڪري مت-ڀيد کي ڇا چئجي جو سنڌي سنڌيءَ کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ ڪنهن چڱي ڀلي کي همسريءَ ڪرڻ جو خيال ڪرڻ به هن لاءِ ڏوهه بڻجي وڃي ٿو.
اسان جي معاشري ۾ همسريءَ واري مت-ڀيد جو هڪ ٻيو قسم به آهي جيڪو هاڻي بي پاڙيءَ ول جيان اسان جي فڪري ۽ نظرياتي وجودن کي وڪوڙي چڪو آهي. اهو پيڙهيءَ- وڇوٽيءَ جو اثر ناهي، پر علم پڙهي جاهل ٿيڻ جو روپ آهي. ڪو ماڻهو جيترو ڄمار ۾ وڏو آهي، ان جو مشاهدو ۽ تجربو هر حال ۾ کائنس ننڍي عمر واري کان وڏو ۽ وڌيڪ ٿئي ٿو. پر اسان وٽ ائين ناهي، جيڪو آني ۾ ڦٽي نڪري ٿو، اهو ڄمندي ڄام آهي، علم ۾ اڪابر ۽ عقل ۾ باقي ماڻهن کان مٿي ٿو پاڻ کي سمجهي.
چوندا آهن ته ٻه مولوي ڀائر هئا. انهن مان هڪ گذاري ويو ته سندس ڀاءُ هن جي اولاد تي شفقت جو هٿ رکيو. ڇوڪرا پڙهي جوان ٿيا ۽ پنهنجي پيءُ ۽ چاچي جيان مولوي به ٿي ويا. جنهن ڏينهن سندن دستاربندي ٿي، انهيءَ شام جو انهيءَ مولوي چاچي ڏي ويا ۽ کيس چيائين ته: ”چاچا! جهڙو تون مولوي، تهڙا اسان. هاڻي اٿ ڪرسيءَ تان، اسان پاڻ مڪتب ۽ مدرسو سنڀالينداسين.“ سو ساڳئيءَ طرح هتي جنهن جي هٿ ۾ ڪوڙي يا سچي ڊگري هوندي، اهو باقي لکيل پڙهيلن کان ٻه قدم اڳتي پيو اڏندو. جهڙوڪ علم ۽ دانش جي هن تي پڄاڻي ٿي هجي. ٻئي ڪنهن کي ڀائيندو ئي ڪو نه. اهڙن تجربي ۽ مشاهدي جي منڪرن جي لسٽ ٺاهبي ته ڪو ڪو نالو خارج ڪرڻو پوندو، نه ته کوڙيءَ کي گهمرو اچي ويندو. اسان اها ۽ ائين همسري نه ٿا ڪريون، پر همسريءَ جي نالي ۾ پنهنجي عقل سان دشمني ڪريون ٿا. اها ڪوڙي همسري آهي ۽ ڪيترا نوجوان اُٺَ جو پُڇُ ٻڌي ان کي مهري بڻائين ٿا. هن روش ۽ رويي ڪري اسان جا سينيئر ماڻهو ۽ وڏي ڄمار جا دانشمند ۽ مفڪر مايوس ته نه ٿا ٿين، پر اهو ضرور محسوس ڪن ٿا ته ڪيترا نوجوان سندن علم ۽ عقل، تجربي ۽ مشاهدي جا منڪر ٿي بيٺا آهن ۽ انهن جي ڏات ۽ ڏاهپ مان لاڀ پرائڻ جو عمل رڪجي ويو آهي.
ڇا اها قوم ٻين سان قومن سان همسري ڪري سگهي ٿي، جيڪا همسريءَ کي ئي نه ٿي سمجهي ۽ طبقاتي نظام جي همسريءَ جي بار هيٺان دٻيل آهي؟
Email: gulhayat2010@gmail.com
Website: www.drpathan.com
-
Gallery Test
{gallery}Dr._Pathan_photos{/gallery}
-
INTERVIEW
زندهه قومون پنهنجي ماضي حال ۽ مستقبل تي هڪ ئي وقت نظر رکنديون آهن
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: شبنم گل، سيد فدا حسين شاهه
ڪراچي کان حيدرآباد ايندي سپر هاءِ وي سان لڳ اسان کي هڪ خوبصورت عمارت نظر ايندي ۽ اها عمارت سنڌ الاجي جي آهي…. اسان جي گاڏي تيزيءَ سان فاصلا لتاڙي سنڌالاجي ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ ان گهڙيءَ مان سوچي رهي هيس ته وقت جو هر لمحو ٿوري دير کانپوءِ ماضيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي ۽ ماضيءَ جي ان بند ڪتاب ۾ قومن جي گم ٿيل تاريخ جا عظيم الشان اهڃاڻ لڪل هوندا آهن. اهي قومون جيڪي پنهنجي ماضي پنهنجي تاريخ، روايتن ۽ تهذيب سان پيار ڪنديون آهن، انهن جي تشخص، انهن جي سڃاڻپ کي صدين جي ڌوڙ ڪڏهن به لٽي نه سگهندي آهي ۽ انهن جي قدمن جا نشان ايندڙ نسلن لاءِ واٽ جي لاٽ بڻيل هوندا آهن…. گاڏي هڪ جهٽڪي سان بيهي ٿي ته منهنجي خيالن جو تسلسل ٽٽي پوي ٿو. اسان جي اڳيان سنڌالاجي آهي. مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي آفيس ۾ داخل ٿيان ٿي، مون سان گڏ سيد فدا حسين شاهه ۽ فوٽوگرافر آهن. فوٽوگرافريءَ جو سيشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ باقاعده سوال و جواب جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. پر اها تفصيلي گفتگو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ مان چاهيان ٿي ته ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڪنٽربيوشن جي باري ۾ اوهان کي ڪجهه ٻڌايان.
هن وقت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڊپيوٽيشن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ مختلف يونيورسٽين طرفان پي ايڇ ڊي گائيڊ پڻ آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ادب، تنقيد ۽ تاريخ تي ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترن ادارن طرفان کيس سندس صلاحيتن جي مڃتا طور ڪيترائي ميڊل، ايوارڊ ۽ شيلڊز مليل آهن. ان کانسواءِ پاڻ هن وقت ڪيترن تنظيمن سان ميمبر جي حيثيت سان وابستا آهي. هن وقت تائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا مختلف موضوعن تي يارهن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه ڪجهه هن ريت آهي.
شبنم: توهان پنهنجي ادبي ڪيريئر جو آغاز ڪڏهن ۽ ادب جي ڪهڙي صنف کان ڪيو؟
در محمد پٺاڻ: اسان جو گهراڻو علم دوست گهراڻو هو. منهنجو ڏاڏو حاجي خدابخش خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو هو، کيس مطالعي جو بيحد شوق هو ۽ هن وٽ هڪ سٺي لائبريري هئي، جنهن ۾ چاچا در محمد جو ڪلام محفوظ هو. لکڻ جي شروعات مون شاعريءَ کان ڪئي. منهنجي پهرين شاعري عبرت اخبار ۾ ڇپي هئي. اهو 67ع جو دور هو، ان کانپوءِ ڪراچي ۾ ليڪچرار ٿي ويس، ان دور ۾ منهنجي پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽريشن ٿي وئي ائين مون پنهنجي پاڻ کي نثرنگاريءَ ڏانهن راغب ڪيو. ان کانسواءِ مون ڪافي ڪالم اخبارن لاءِ لکيا. هلال پاڪستان ۾ مون جيڪي ڪالم لکيا اهي اڳتي هلي آئينو ۽ اولڙو جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا.
فدا حسين شاهه: توهان سنڌالاجي جي اهميت تي ڪجهه روشني وجهو؟
در محمد پٺاڻ: زنده قومون پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل تي هڪ ئي وقت تي نظر تي رکنديون آهن، جيئن ته سنڌ عظيم به آهي ته قديم به ته سنڌ جي عظمت ۽ قدامت کي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪو نه ڪيو اهڙو نظام ضرور ٺاهڻ گهرجي جنهن جي حوالي سان اسان پنهنجي شاندار ماضيءَ جو مطالعو ڪري سگهون، حال جي تصوير چٽي سگهون ۽ ان مستقبل جو خاڪو جوڙي سگهون.
سنڌالاجي ڪيئن ٺهي اهو هڪ تاريخي پسمنظر آهي، جيڪو اسان کي ڏيان ۾ رکڻ گهرجي. ايوب شاهيءَ جي ڏهاڙن ۾ شريف ڪميشن ويٺي هئي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي حيثِت کي گهٽايو. تڏهن سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجو ردعمل احتجاج جي صورت ۾ ظاهر ڪيو، جنهن جو اثر سنڌ يونيورسٽيءَ تي پيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌالاجي جو وائيس چانسلر رضي الدين صديقي هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو هڪ ڪنوينشن سڏايو ۽ ان ڪنوينشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان انهن ڪجهه مطالبا ڪيا، جنهن جي جواب ۾ رضي الدين صديقي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي اڪيڊمي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ اڳتي هلي اها سنڌي اڪيڊمي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي صورت ۾ سامهون آئي، جنهن سنڌي ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت کي ڪورڪرڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي.
شبنم سنڌي: سنڌالاجي هيستائين سنڌ جي ماضي، ثقافت ۽ تهذيب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، ڇا توهان انهن ڪوششن مان مطمئن آهيو؟
در محمد پٺاڻ: ايمانداريءَ سان چئجي ته منهنجو جواب نه ۾ هوندو. ان جا گهڻا سبب آهن. هڪ ته اسان جا ذريعا ۽ وسيلا محدود آهن ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي اداري کي ڪم ڪرڻ گهرجي ان لاءِ ظاهر آهي ته گهڻو پئسو ۽ گهڻي افرادي قوت گهرجي. هتي تربيت يافته افراد قوت گهٽ آهي. سنڌالاجي جيڪو بنيادي طور تي هڪ ريسرچ جو ادارو آهي، ان جي هر سيڪشن ۾ هڪ پي ايڇ ڊي هئڻ گهرجي، ٻي ڳالهه اها ته سنڌالاجي جو هر سيڪشن پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل ڊپارٽمينٽ ٿي سگهي ٿو. پر تنهن هوندي به سنڌالاجيءَ جو ڪم اوهان جي آڏو آهي.
فدا حسين شاهه: سنڌالاجي ۾ ثقافت جي پرچار لاءِ اوهان جون ذاتي ڪوششون به رهيون آهن، ان باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
در محمد پٺاڻ: ثقافت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ يا ان جي تشهير ڪرڻ لاءِ سنڌالاجي ۾ جيڪي ذريعا آهن، انهن سان هڪڙو ته ڪتابن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو وڃي ٿو ان کي اسان محفوظ ڪيو آهي. هن وقت سنڌالاجي ۾ هڪ بهترين لائبريري آهي، مان پاڻ ڪلچر۾ گائيڊ آهي، جنهن ۾ ڪجهه شگرد پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. ٻيو هتي سنڌالاجي ۾ سيڪشنز آهن. هتي آڊيو ۽ ريڊيو سيڪشن آهن ۽ ميوزيم به آهي، جنهن ۾ اوهان کي سنڌي ثقافت جي جهلڪ نظر ايندي. هتي ثقافت جي حوالي سان اڪثر فنڪشنز به ٿيندا رهندا آهن.
شبنم: توهان مختلف اديبن تحريري ڪاوشن تي گڏ ڪري هڪ لائبريريءَ جو بنياد وڏو آهي. اهو خيال توهان جي ذهن ۾ ڪيئن آيو؟
در محمد پٺاڻ: سنڌي ادب ۾ تاريخ جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا آهن، جيئن لاکيڻي لطيف جو دور ماضي قريب جو دور آهي ۽ ان دور سان لاڳاپيل ڪيترا مسئلا آهن، جن اسان جي ادب کي اسان جي تحقيق کي گروهي ادب، گروهي تحقيق ۽ گروهي تنقيد ۾ يا صحافت نما بڻائي ڇڏيو آهي. مثال طور ڪي ماڻهو چون ٿا ته شاهه لطيف جيڪا شادي ڪئي اها لو ميرج هئي يا نه، يا ڪي چون ٿا ته شاهه لطيف پڙهيل هو يا نه. ڪجهه جو خيال آهي ته شاهه سائين سني هو، شيعو هو، يا انقلابي هو. ڪجهه ڏينهن اڳ قاضي قادن جي نالي تي بحث هليو، ڪي چون پيا ته صحيح نالو قاضي قاضن آهي، ته ڪن جو خيال ڪجهه ٻيو هو. يا اسان وٽ هڪ لاوارث ادب آهي، جنهن جي ڪا خبر نه آهي ته ان جا خالقڪير آهن. لاکيڻي لطيف جي ڪلام تي ڪن محققن ۽ نقادن اعتراض ڪيو ته سر ڪيڏارو لطيف سائينءَ جو آهي يا نه. اهي مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو نه ڪو طريقو، ڪو نه ڪو ذريعو هئڻ گهرجي ۽ ڏات ڌڻين جي پراجيڪٽ جي رٿا انهن گهڻن مسئلن جو حل هئي. ان لاءِ اسان هڪ سوالنامو هڪ ڪمپريهنسو پروگرام ٺاهيو آهي، جنهن ۾ ڪو صحافي، اديب، شاعر ۽ ليکڪ پنهنجي مڪمل سوانح ڏئي ٿو. هن دور ۾ جيڪي به شخصيتون آهن، تن کي ڏات ڌڻين جي پراجيڪٽ وسيلي اسان ڪور ڪيو آهي. ائين اسان جو ادب سڀاڻي لاوارث ادب نه ٿيندو. ان جو تسلسل ڪٿي به نه ٽٽندو اهو هڪ مڪمل رڪارڊ هوندو.
شبنم: توهان هن وقت تائين ڪيترن اديبن کي ان پراجيڪٽ وسيلي ڪور ڪري چڪا آهيون؟
در محمد پٺاڻ: شروع ۾ مون کي اديبن کان موٽ گهٽ ملي ۽ مون کي ان پراجيڪٽ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻُو پيو. منهنجي اندازي مطابق سنڌ ۾ هن وقت صحافين، اديبن ۽ سگهڙن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار آهي، پر مون هن وقت تائين پنج سئو ليکڪن جو ڪم گڏ ڪيو آهي ۽ مون اٺ نو سئو واليوم مواد جا گڏ ڪيا آهن، پر جيئن ته اها هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جي ڪوشش آهي، ان ڪري ان کي ترتيب ڏيڻ ۾ وقت لڳندو.
فدا حسين شاهه: سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪيترا سگهڙ موجود آهن جيڪي نيٺ ثقافتي رنگ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن، ڇا انهن سگهڙن جي ڪم کي سنڌالاجي جي طرفان ڇپرائڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي؟
در محمد پٺاڻ: سنڌي ادبي بورڊ ڪيترا واليوم لوڪ ادب جا ڇپرايا آهن، پر ان ڪم لاءِ اسان وٽ ٿورا ادارا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته لوڪ ادب جي نالي تي ان ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ ادارو هجي، جنهن ۾ سگهڙن جو رهيل اديب محفوظ ڪيو وڃي ۽ ان تي تحقيقي ڪم ٿئي، منهنجي تجويز اها آهي ته هڪ مڪمل ادارو هجي، ڪا اڪيڊمي هجي جيڪا عورتن ۽ ٻاراڻي ادب تي به ڪم ڪري.
شبنم: اسان جي مختلف شعبن ۾ گروپ بنديءَ وارو ماحول آهي. پوءِ اها سياست هجي يا ادب خاص طور تي ادب ۾ اهڙي صورتحال ڪري سنڌي ادب کي ڪافي نقصان رسيو آهي. توهان جي خيال ۾ ائين ڇو آهي ۽ ان مسئلي جو ڪهڙو حل ٿي سگهي ٿو؟
در محمد پٺاڻ: اسان وٽ اديبن جون ڪنٽگريز آهن، انهن جا گهڻا قسم آهن. هڪڙا اديب ڄمندي کان صلاحيت يا لياقت رکندا آهن. بنيادي طور تي اديب اهو ِآهي، جنهن ۾ ڏات هجي پر اسان وٽ ڏات ڌڻين سان گڏ عهدي ڌڻي به آهن ۽ اسان وٽ اڪثر اديب مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿا. انهن لاءِ وڏي ۾ وڏومسئلو خطرو ۽ اختلاف اهو آهي ته عهدن ۽ مرتبن وارا اديب انهن جو دڳ جهليو بيٺا آهن. اديبن ۾ گروهه بندي آهي، مان جيڪڏهن ڪنهن ڪانفرنس کي آرگنائيز ڪيان ٿو ته ڪوشش اها ڪندس ته منهنجي حلقي وارا، منهنجا دوست ان ۾ اڳتي اچن. گروهه نوازي اسان ۾ انڪري آهي ته سنڌ جو معاشرو ميرٽ آورينٽيڊ نه آهي. اسان وٽ لياقت ۽ صلاحيت جي مڃتا ڪانهي پر اسان وٽ ماڻهوءَ جي مڃتا جو سبب اهو آهي ته ڪهڙو ماڻهو ڪنهن جي ويجهو آهي. هن وٽ ڪيتريون سفارشون آهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته اديب جيڪو نظرياتي ۽ فڪري قافلي جو اڳواڻ ٿئي ٿو، ان پنهنجي حيثيت بدلائي سيڪنڊري ڪري ڇڏي آهي. هڪ اديب باعمل آهي، هڪ اديب بي عمل آهي، ان جي ڪري وڏو تضاد پيدا ٿي ويو آهي. اسان وٽ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ تضاد آهي، هو ڪنهن رتبي، عهدي يا نوڪريءَ جي لالچ ۾ سچ نه ٿو چئي، هو ڪمپرومائيزڪري ٿو، ان ڪري سياسي، سماجي ۽ شخصي تضاد جي ڪري ادب جي دنيا ۾ وڏو ڏڦيڙ آهي ۽ ان جو حل اهو آهي ته اسان پنهنجي اديب پنهنجي شاعر ۽ سگهڙ کي مڃون، ان کي عزت ڏيون ۽ ٻيون اهو هئڻ گهرجي ته ”ڪوڙ تون ڪفرت سين ڪافر ڪين م سڏاءِ“ اسان ۾ سچ چوڻ جي اخلاقي جرائت هئڻ گهرجي ۽ اسان جي قول عمل ۾ تضاد نه هجي. هو سچ ۽ حق جي پرچار ڪري ۽ عوام جي در وٺي.
شبنم: اسان جي نوجوان اديبن وٽ ڪو واضح پليٽ فارم نه آهي، جنهن تي گڏ ٿي يا متحد ٿي هو پنهنجي لاءِ ڪا منفرد راهه چونڊي سگهن. ائين ڇو آهي؟
در محمد پٺاڻ: اسان ڪو اهڙو خاڪو چٽيون ته اهي ڪهڙا ڪامن فيڪٽرز جن تي اسان اديب کي ملائي سگهون ٿا. اهي ڪامن فيڪٽرز هر مڪتبه فڪر لاءِ آهن، ان ۾ ٻولي آهي، ڌرتي آهي، گڏيل ماضي آهي، ثقافت آهي ۽ اسان جو آئيندو آهي ۽ اهي سمورا ڪامن فيڪٽرز اسان جي معاشري مان گم ٿيندا پيا وڃن. اسان وٽ جيڪي اديب آهن، جن کي پنهنجي ٻوليءَ تشخص ڏنو، اهي اڳتي هلي ٻين ٻولين ۾ لکن ٿا، جيڪڏهن اسان گڏيل آئيندي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان ۾ به اسان وٽ تضاد آهن. هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته اسان جو گڏيل آئيندو مذهب جي بنياد تي هجي ۽ ڪجهه ماڻهو انساني سماج جي برابري جي ڳالهه ڪن ٿا. هاڻ ڏٺواسين ته اسان جو قلم قبيلو انهن ڪامن فيڪٽرز تي متفق نه آهي، ان جو حل اهو آهي ته عوام کي ان سلسلي ۾ ڪو رول ادا ڪرڻ گهرجي، ته ان لاءِ پڙهندڙن جو طبقو اديبن تي عوامي عدالتون تشڪيل ڏين.
شبنم: اسان جي نون ۽ پراڻن اديبن ۾ جيڪو ڪميونيڪشنز گيپ آهي، ان کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟
در محمد پٺاڻ: اسان جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هڪ هٽي آهي، اها اسان جي ادب ۾ به اچي وئي آهي. ان لاءِ اهو اديب جيڪو پاڻ کي ننڍو ٿو سمجهي ان کي به احساس ڪمتريءَ مان نڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو نئون ڪتاب اچي ٿو ته ضروري نه آهي ته جو مهاڳ يا پيش لفظ ڪنهن ناليواري اديب کان لکرائجي. اسان جڏهن ڪنهن کي وڏو تسليم ڪيون ٿا ته هو اسان تي پنهنجي وڏ ماڻهپائپ مسلط ڪري ٿو. ان ڪري اهو ڪميونيڪشن گيپ کي ختم ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته اسان عزت نفس کان ڪم وٺون، پنهنجي انا خودداريءَ کي به آڏو رکون ۽ ڪڏهن اسان ڪنهن کي ذهني طور تي وڏو قبول ڪيون ٿا ته ان جي معنيٰ اها آهي ته اسان معاشري جي ننڍ وڏائيءَ کي قبول ڪيون ٿا. ان ڪري اهو اديب جيڪو نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، اهو پنهنجي قول فعل ۽ عمل سان ثابت ڪري ڏيکاري ته اديبن جا نه گريڊ ٿيندا آهن ته انهن ۾ ڪي ننڍ وڏايون ٿينديون آهن، ڪسوٽي مقدار جي حوالي سان نه پر معيار جي حوالي سان ٿيندي آهي.
فدا حسين شاهه: ڇا سنڌي اديب کي عالمي ادب سان ڀيٽي سگهجي ٿو؟
در محمد پٺاڻ: اسان کي خوشفهميءَ به آهي جنهن اسان جا رستا روڪيا آهن. مجموعي طور تي اسان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان سموري ادب کي عالمي سطح تي جي ادب سان نه ٿا ڀيٽي سگهون. اسان جيڪڏهن دنيا جهان کي پاڻ سان ڀيٽي ڏسنداسين ته اسان کي احساس ٿيندو ته گهڻن شعبن ۾ ڄڻ اسان کي ڄاوا ئي نه آهيون. تحقيق اسان وٽ هاڻ آئي آهي. ترجما اسان گهڻا نه ڪيا آهن ۽ اهو به ڏسون ته تخليق ۾ اسان جي پهچ ڪيستائين آهي. ڪن شين کانپوءِ اسان جي مجموعي ادب کي عالمي سطح جي ادب سان ڀيٽڻ ظلم ڪرڻ جي برابر ٿيندو. زندگين جا گهڻا شعبا آهن، جن ۾ اسان ڪم نه ڪيو آهي ۽ اسان کي انهن ۾ اڃان محنت جي ضرورت آهي.
شبنم: اڄ جي دور ۾ اسان جي ماحول ۾ جيڪو انتشار، جيڪا افراتفري آهي، ان صورتحال ۾ اسان جي نوجوان کي پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪرڻ گهرجي؟
در محمد پٺاڻ: اسان وٽ نوجوانن ۾ اديب، شاگردن ۽ بيروزگارن جو هڪ وڏو قافلو آهي. هاڻ ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي شخصيت جي تعمير ڪيئن تيار ڪيون ٿا. جيڪڏهن اڄ جو نوجوان پنهنجي قول فعل، علم ۽ عمل ۾ هم آهنگي پيدا نه ٿو ڪري، هو اڳتينه ٿو هلي سگهي. جيڪڏهن دنيا ۾ ڏوهه آهي، ظلم آهي يا تشدد آهي ته ڪن ڪن هنڌن تي سوچ ۽ حق جون اڪايون به نظر اچن ٿيون، نوجوان کي انهن اڪاين سان پاڻ کي وابستا ڪرڻو آهي. نوجوان کي سچائيءَ سان عمل جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ گهرجي. هن وٽ زندگيءَ جو ڪو مقصد نه آهي ۽ نه ئي اها خبر ته هن کي ڇا ڪرڻُ آهي. ان ڪري نوجوانن لاءِ اهڙا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ کيس محسوس ڪرايو وڃي ته هن ۾ ڪهڙيون صلاحيتون آهن. ٻي ڳالهه ته نوجوان کي ٻين جي تقليد ڪرڻ بدران پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي ۽ هيرو شپ جي چڪر مان ٻاهر نڪري اچڻ گهرجي. ان لاءِ هو فرد جي پٺيان نه پر نظرئي پٺيان لڳي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.
شبنم: اسان تاريخ جي ان موڙ تي بيٺا آهيون جتي هڪ ننڍڙي غلطي به اسان کي گمناميءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائي سگهي ٿي. اسان کي ان صورتحال کان بچڻ لاءِ ڪهڙي راهه اختيار ڪرڻ گهرجي.
در محمد پٺاڻ: اڄ جي انسان جي حالت اهڙي آهي، جيئن لاکيڻي لطيف چيو آهي ته ”مڙيا مچ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ سو اڄ عوام جي حالت به ڪجهه اهڙي آهي. کيس ڪيترائي مڇ ۽ مانگر وڪوڙي ويا آهن، جيئن سياست آهي. سياست ۾ هڪ ِا به مڪتبه فڪر هجن ته ڪا ڳالهه به آهي پر هتي ته واٽون ويهه آهن. ماڻهن کي ايتري حد تائين سياست جي گهيري ڏسون ٿا ته اسان کي رحم اچي وڃي ٿو. مذهب ۽ سياست جا مڪتبه فڪر کيس معاشي مسئلن جي حل لاءِ ٽاريون ڏيکارن ٿا ته بابا تنهنجي مسئلن جو حل ته اسان وٽ آهي. چيو ويندو آهي ته هر وڏي هاڪار جي پٺيان نفي هوندي آهي ته عوام لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون ته هو نفي ڪن پنهنجي روايتن، هيروز، استادن، شاعرن ۽ اديبن جي ان ڪري هر ماڻهوءَ کي درد جي دوا لاءِ ٻين ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي. سمورا هٿ ٺوڪيا آدرش ٽٽڻ گهرجن. اسان جو حل اهو آهي ته سچل جي سٽ تي غور به ڪيون ۽ عمل به ڪيون ته ”ڪونهي مڃتا سان مطلب“ ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي سمورن ڪامن فيڪٽرز تي متحد ٿيون. اسان اتفاق، اتحاد ۽ محبتن جا جذبا انهن جي ضرورتن ۽ افاديت کي نظراندز ڪري چڪا آهيون. انهن تي عمل ڪيون ڇو ته انهن روين کي پنهنجو ڪرڻ ۾ ئي اسان جي سڃاڻپ قائم رهي سگهندي.
شبنم: نوجوانن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندئو؟
در محمد پٺاڻ: نوجوانن کي اهو پيغام آهي ته اسان استادن، اديبن، شاعرن يا انهن ماڻهن جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن جا وارث، مالڪ يا ٺيڪيدار آهن، انهن کي فرشتو نه پر انسان ڄاڻن ۽ اسان جي ڳالهين کي الهامي ڳالهيون ڄاڻي اکيون ٻوٽي قبول نه ڪن پر انسان جون ڳالهيون سمجهي گنجائش به رکن ته اسان غلط ڳالهه به ڪري سگهون ٿا، ان ڪري اسان جي هر تحرير ۽ تقرير جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ اهو تجزيو ان وقت تائين مڪمل نه ٿيندو، جيستائين اسان جي قول کي فعل سان علم کي عمل سان ۽ شخصيت کي ڪردار سان ڀيٽي نه ڏٺو ويندو.
انٽرويو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واپسيءَ جي راهن جو سفر هو…. تڏهن مون سوچيو هو ته پنهنجي ماضي، پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان عقيدت ۽ پيار ڪرڻ واري قوم پنهنجي اصليت پنهنجو ثقافتي ورثو وڃائي رهي آهي، مون مڙي ڏٺو سنڌالاجي گهڻو پوئتي رهجي وئي هئي ۽ اسان جي قدمن جي نشانن کي صدين جي ڌوڙ لٽي رهي هئي…..!!
(پندرنهن روزه عبرت مئگزين حيدرآباد، 15 اپريل 1990)
-
Dr.Pathan’s Cooperation with Institute of Sindhology
سنڌالاجي کان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي خط
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
سنڌ (پاڪستان)
نمبر: آءِ-ايس- 575
تاريخ: 1975-12-5
عزيزم در محمد صاحب.
السلام علڪيم،
تنهنجو 1975-11-27 وارو خط پهتو. خط پڙهڻ کانپوءِ سوچ ۾ پئجي ويس ته توکي ڇا لکان. سنڌالاجيءَ لاءِ جيڪي جذبا ۽ احساس رکين ٿو تن لاءِ مهرباني.
زندگيءَ ۾ انسان کي ڪيترن ئي ڳالهين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. خاص ڪري ڪو ماڻهو جڏهن ڪنهن سان پيار ڪندو آهي تڏهن هن جا ڏينهن ڏکيا گذرندا آهن، تنهنجو پيار ٽپاسائون آهي: هڪ طرف سنڌ سان پيار ٿو ڪرين، ٻئي طرف سنڌالاجيءَ سان پيار ٿو ڪرين ۽ ٽئين طرف مون سان محبت ٿو ڪرين. ٽيئي پاسا اڻانگا ۽ سخت آهن ۽ ٽنهين جو پيار ڏاڍو ڏکيو آهي.
پي ايڇ ڊي ضرور ڪرڻي پونديئي. تنهنجي محنت ۽ مطالعو ڪڏهن به رائيگان وڃڻو نه آهي. توکي خبر آهي ته سورهن سالن جي مسلسل محنت ۽ ڪوشش کانپوءِ آءُ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيم. هينئر تون نوجوان آهين، توکي ايتري ئي محنت ڪرڻ جڳائي، جيتري هن وقت ڪري رهيو آهين. في الحال کل ۽ ٽوڪون سهڻيون پونديئي، پر وقت ايندو جڏهن توکي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. تون ڇا آهين تنهن جي مون کي خبر آهي. تون جيڪو جهنگ جهاڳي رهيو آهين سو اجايو نه آهي. ائين به نه آهي ته محنتي ۽ ايماندار ماڻهوءَ جو قدر نه آهي، محنتي ۽ ايماندار شخص ائين اڀري بيهندو آهي جيئن کير سان ڀريل ڪٽوري مٿان گلاب جو گل. پير حسام الدين سائين راشدي جنهن محنت سان پنهنجو مقام حاصل ڪيو آهي، اهو توهان روبرو وڃي ڏسو. سائينءَ پنهنجي روزانه زندگي جي وقتن کي ورهائي ڇڏيو آهي. قليچ بيگ به ائين ڪندو هو. تون ٻيا ڪم ڀلي ڪر پر پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو پورو ڪرڻ تنهنجو پهريون مقصد هئڻ گهرجي. ٻيا ڪم پوءِ به ٿيندا رهندا تنهنڪري ٻين ڳالهين ۾ وقت نه وڃاءِ.
سليمان سواليءَ جي باري نئين زندگي ۾ مضمون ڇپيل آهي اهو ضرور ڏسجو.
پيارا ! سنڌالاجي ڪنهن عمارت، ڪنهن گهر يا ڀت جو نالو نه آهي. دراصل توهين ۽ اسين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ثابت ٿيا آهيون. اڄ سنڌ جو گهر گهر سنڌالاجي آهي، ننڍڙن ٻارن کي به خبر آهي ته سنڌالاجيءَ جو مقصد ڇا آهي. سنڌ صدين کان سيمينار هن اداري جي تخليق آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف ضلعن ۾ سنڌي ثقافت لاءِ پرچار هن اداري جو ڪم آهي. وڌيڪ ڳالهيون روبرو ڪنداسين.
لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڪراچي آيو هئس. مون سمجهيو هو ته تون ضرور هوندين، پر شايد توکي دعوت ڪا نه ڏني هئائون.
خدا توکي خوش رکي.
والسلام
تنهنجو دعاگو
(ڊاڪٽر غلام علي الانا)
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: آءِ ايس 233-ب/ 455
تاريخ: 1979-9-11
عزيزم در محمد پٺاڻ.
السلام و علڪيم،
توهان جو خط مليو، يادگيريءَ لاءِ مهرباني.
ٿيندو ته ائين آهي ته ڪم نڪري وڃڻ کانپوءِ شاگرد، استاد کي پڇندا به نه آهن، خير آئون ته اهڙي پرواهه به نه ڪندو آهيان. البته تو پارن جي پرواهه رهندي آهي، جيڪي رکي رکي ياد ڪندا رهندا آهن.
هڪڙي ڳالهه چوانءِ؟ دل ۾ نه ڪجانءِ. اها هيءَ ته تون هيتري ساري جدوجهد ڪرڻ، محنت ڪرڻ کانپوءِ نراس ڇو هوندو آهين؟ تنهنجي خط جو انداز ڪجهه اهڙي نموني جو هوندو آهي. حالانڪه محنت ڪرڻ وارا نااميد ته نه ٿيندا آهن، ڇو ته هو محنت ئي تڏهن ڪندا آهن جڏهن کين محنت جي ڦل ۾ يقين هوندو آهي. ماشاءَ الله هاڻ ته ڊاڪٽر به ٿي پيو آهين.
باقي جيڪا تو محنت ڪئي آهي ته اها ضرور رنگ لائيندي، ائين جيئن پي ايڇ ڊي تي ڪيل محنت رنگ لاتو.
اميد ته تون خوش هوندين.
تنهنجو پنهنجو
(ڊاڪٽر غلام علي الانا)
پروفيسر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
سنڌي شعبو
سنڌ يونيورسٽي سنڌ
روانگي نمبر: سش-2-133
تاريخ: 1979-05-23
عزيزم در محمد پٺاڻ.
السلام و علڪيم.
گذارش آهي ته اوهان کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿيندي ته سنڌ يونيورسٽي ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب ۾ حصو“ واري ڊي فل لاءِ پيش ڪيل اوهان جي ٿيسز تي اوهان کي سنڌي علم ادب ۾ ڊي فل جي ڊگري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نتيجي جي ڪاپي هن سان شامل ڪجي ٿي.
والسلام.
اوهانجو مخلص
(ڊاڪٽر غلام علي الانا)
چيئرمين،
سنڌي شعبو،
سنڌ يونيورسٽي، سنڌ.
………………………………………………………………………………………
UNIVERISTY OF SIND
HYDERABAD (W. PAK)
Department of Sindhi.
Dated: 6-10-1973
سرٽيفڪيٽ
آئون مسٽر در محمد ولد حاجي گل محمد کي شخصي طور سڃاڻيندو آهيان ڪافي عرصي کان سندس مضمون ۽ مقالا ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته هي نوجوان هڪ ڏينهن سنڌي اديبن جي پهرين صف ۾ ڳڻيو ويندو.
سندس هيٺيون ادبي ڪم منهنجي نظر کان گذريو آهي.
(1) درل جو ڪلام
(2) سنڌ جي ريتن ۽ رسمن جو تنقيدي جائزو.
(3) سندس پنهنجو ڪلام.
هيءُ هڪ نهايت محنتي ۽ ملڻو، اخلاق وارو نوجوان آهي. منهنجي دعا آهي ته هي نوجوان هميشه زندگيءَ جا سکيا ڏينهن گذاري.
(ڊاڪٽر غلام علي الانا)
چيئرمين سنڌي شعبو.
………………………………………………………………………………………
Institute of Sindhology
University Of Sind.
Jamshoro, Sind, Pakistan.
Ref. No. I.S/Lib-32-c/13
Dated: 10-01-1985.
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
اي 104 بلاڪ نمبر 2،
پي اي سي ايڇ سوسائٽي، ڪراچي نمبر 29.
السلام و عليڪم.
اوهان صاحبن جو مورخ 1984-12-16 جو مراسلو موصول ٿيو. جنهن لاءِ مهرباني. اوهان صاحبن طرفان موڪليل محترمه فيروزه سماجي هٿان 3 جلد نئين زندگيءَ جا ۽ 8 عدد فوٽو ۽ محترم محمد ادريس صاحب جي هٿان 27 عدد ڪتاب، 3 عدد فوٽو برابر مليا. جنهن لاءِ اسان اوهان جا نهايت ئي شڪرگذار آهيون، اوهان جي موڪليل سڀني ڪتابن کي ضروري داخلائن بعد اوهان جي نالي تي قائم ڪيل ڪارنر ۾ رکيو ويو آهي. اسان کي اميد آهي ته آئينده به توهان طرفان اهو سهڪار جاري رهندو.
مخلص
(مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي موڪليل ڪتابن جي لسٽ
1. آئينو ۽ اولڙو
2. ڪي پڙاڏا ڪي سڏ
3. بي آگ جلن ٿا پروانه
4. فائوسٽ (2) عدد ڪاپيون
5. سانجهيءَ جي دعا ۽ لٽانيا ۽ ڪي زبور
6. شروعاتي سٺا ميوا
7. موتين مٺ
8. ارمان (ڪوتائون)
9. سير ڪوهستان
10. شاهه سچل سامي (نئين نظر)
11. ٻوڌي سستو
12. سج جي روشني
13. معصوم شفيع جي سوانح عمري
14. ديوان بيدل
15. رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عرشاهه جو رسالو.
16. ڊيڪرالي سڪول
17. سڀاويڪ ٻاراڻي سکيا.
18. نئين دنيا (2) ڪاپيون
19. زندگيءَ جو باب
21. علي بابا کم
22. موتي مور ملوڪ جا
23. حيات النبي صہ
24. سنڌي ادب
25. The Song of the Necklace.
26. A Year on the Punjab Frontier in 1848-49.
27. Abdullah Haroon Memorial Committee.
28. Asia Publication House.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
ريسرچ لائبريري
آءِ. ايس لئب- 94/460
تاريخ: 1987-02-10
رسيد
محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کان سندس ڪارنر لاءِ هيٺ ڏنل ڪتاب برابر مليا.
نمبر: ڪتاب جو نالو مصنف جو نالو سال
1. ڪلام هالو فقير-نماڻيون ڪافيون محمد جمن خلف 1943ع
2. طالب الموليٰ محمد جمن —-
(گل محمد، نور محمد مغل)
انچارج لائبررين.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
رسيد
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ساز آواز ۽ فلم شعبي لاءِ محترم محمد صفر، سگهڙ پيرجو ڳوٺ خيرپور کان هڪ عدد آڊيو ڪيسٽ (سندس آواز ۾ سندس شاعري) تحفي طور محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌالاجيءَ جي معرفت وصول ٿي آهي، جنهن لاءِ هي ادارو سندن ٿورائتو آهي.
ڊائريڪٽر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
تاريخ: 1986-10-27
………………………………………………………………………………………
Institute of Sindhology
University of Sind.
New Campus. Jamshoro, Sind.
Ref. No. I.S./32-A/892
Dated: 18-11-1979
پهچ
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب، جن هيٺ ڏيکاريل هڪ ڪتاب (ٽائيپ ٿيل) انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لائبريريءَ لاءِ تحفي طور ڏنو، جيڪو وڏن ٿورن سان وصول ڪيو ويو.
نمبر ڪتاب جو نالو ليکڪ سال
1. جهڙا گل گلاب جا (ٽائيپ ٿيل) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1979ع
(ڊاڪٽر غلام علي الانا)
پروفيسر انچارج.
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
Institute of Sindhology
University of Sind.
New Campus. Jamshoro, Sind.
Ref. No. I.S./LIB-32-C/800
Dated: 13-10-1983
عزيزم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب.
السلام و علڪيم،
اميد ته اوهان خوش هوندا.
گذارش آهي ته تازو اوهان سنڌالاجي گهمڻ آيا هئا، ان دوران اوهان صاحبن پاڻ سان گڏ ڪجهه ڪتاب سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لائبريريءَ لاءِ آندا هئا جيڪي ان وقت اوهان سنڌالاجيءَ کي تحفي طور ڏنا. سچ پڇو ته سنڌ ۾ تمام اهڙا ٿورا ماڻهو آهن جيڪي اهڙو جذبو رکندا هجن. هن کان اڳ به اوهان سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ لاءِ وقت بوقت ڪتاب ڏيندا رهيا آهيو. اوهان جي طرفان ڏنل ڪتابن جو تفصيل هيٺ پيش ڪجي ٿو:
نمبر: ڪتاب جو نالو ليکڪ سال
1. فائوسٽ (ٽي عدد) ڄيٺمل پرسرام گلراج 1982ع
2. موتي مور ملوڪ جا ڊاڪٽردر محمد پٺاڻ 1981ع
3. آئينو ۽ اولڙو (هلال پاڪستان اخبار۾ ڇپيل ڪالمن جو مجموعو فوٽو اسٽيٽ ٿيل)
مون کي اميد آهي ته آئينده به هن اداري جي خدمت دل و جان سان ڪندا رهندا جيئن اڳ ڪندا رهيا آهيو.
والسلام.
اوهانجي مخلص
(مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: I.S-Lib-32-c-208
تاريخ: 1984-5-5
محترم ڊاڪٽر صاحب.
السلام و عليڪم.
گذارش آهي ته اوهان طرفان هيٺ ڏنل ٽن ڪتابن جون فوٽون ڪاپيون مليون جنهن لاءِ اسان اوهان جا بيحد ٿورائتا آهيون. اسان کي اميد آهي ته توهان آئينده به اهڙيءَ مهرباني کان نه وساريندا.
1. جناب جي ايم سيد سان خط ڪتابت
2. انڊين اينوئل رجسٽر واليوم-2، 1935ع.
3. هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيل صحافت جي موضوع تي لکيل مضمون.
اوهان جي مخلص
(مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب
اي- 104، بلاڪ نمبر 4،
پي-اي-سي-ايڇ-سوسائٽي ڪراچي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: آءِ ايس- لائب-32-ت-224
تاريخ: 1984-05-13
محترم ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب.
السلام و عليڪم،
اميد ته اوهان باخيريت و عافيت هوندا.
اوهان جي وڏي مهرباني جو اسان جي گُهر تي پنهنجي ذاتي ڪتبخاني مان تاريخ سنڌ ڀاڱو ٽيون، چوٿون ۽ پنجون روبرو پهچائي ويا. هن اداري جي ريسرچ لائبريريءَ مان جڏهن معلوم ڪيو ويو ته خبر پئي ته مذڪورا تاريخ جا ٽئي ڀاڱا هتي موجود آهن. جنهن ڪري اوهان جا ڏنل ٽئي ڪتاب واپس ڪجن ٿا. اميد ته آئينده به پنهنجي تعاون سان نوازيندا رهندا. ڪتابن موڪلڻ ۾ دير ٿي آهي تنهن لاءِ ڪافي.
والسلام.
مخلص
(مسز مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
اي-104، بلاڪ نمبر 4،
پي-اي-سي-ايڇ، سوسائٽي ڪراچي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: ٽي ايس- لائب-32-سي-321
تاريخ: 1984-08-7
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
اي-104، بلاڪ نمبر 4،
پي-اي-سي-ايڇ، سوسائٽي ڪراچي.
السلام عليڪم:
اميد ته اوهان خوش و خرم هوندا.
اوهان جي وڏي مهرباني جو ذاتي طور تي تڪليف وٺي ٻن ڪتابن يعني (1) دي اينڊين اينوئل رجسٽر جولائي-ڊسمبر 1943ع واليوم-2 ۽ (2) ڊي انڊين اينوئل رجسٽر جولائي- ڊسمبر 1938ع واليوم-2 جون فوٽون ڪاپيون هن اداري جي ريسرچ لائبريري لاءِ پهچائي ويا، جنهن لاءِ نهايت ئي ٿورائتا آهيون.
اوهان جي حڪم جي بجاآوري ۾ هڪ ڪتاب جنهن جو عنوان ”دي انڊين ڪواٽرلي رجسٽر جنوري- جون 1927ع“ جي فوٽو ڪاپي ڪرائي جلد بندي ڪري اوهان ڏي موڪلي رهيا آهيون، براءِ مهرباني ان جي پهچ ارسال ڪندا. هن وقت اداري جي فوٽو اسٽيٽ ڪندڙ مشين خراب آهي، ان ڪري باقي رهيل اوهان جا گهربل ٻه ڪتاب موڪلي نه سگهيا آهيون، ان لاءِ جيئن ئي مشين درست ٿي ته مذڪورا ڪتابن جون فوٽون ڪاپيون اوهان ڏي موڪليون وينديون.
والسلام.
مخلص
(مسز مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج.
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: ٽي ايس- لائب-32-سي-378
تاريخ: 1984-10-4
محترم ڊاڪٽر صاحب.
گذارش آهي ته اوهان طرفان هيٺ ڏنل ڪتاب مليا، جنهن لاءِ اسان اوهان جا بيحد ٿورائتا آهيون. اسان کي اميد آهي ته توهان آئينده به اهڙيءَ مهربانيءَ کان نه وساريندا.
1. هفتيوار ”انصاف“ اخبار حيدرآباد 1935ع.
2. اينوئل رجسٽر جنوريءَ کان جون 1939ع.
3. اينوئل رجسٽر جولائي کان ڊسمبر 1939ع.
4. دي آل انڊيا هندو مهاسڀا.
اوهانجي مخلص.
(مسز مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي.
جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب
اي- 104، بلاڪ نمبر 4،
پي-اي-سي-ايڇ-سوسائٽي ڪراچي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: ٽي ايس- لائب-32-سي-412
تاريخ: 1984-10-27
محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
اي- 104، بلاڪ نمبر 4،
پي-اي-سي-ايڇ-سوسائٽي ڪراچي 29.
السلام عليڪم:-
اميد ته اوهان باخيريت هوندا.
گذارش آهي ته اوهان صاحبن طرفان موڪليل 3 مارچ 1943ع واري سنڌ لاجسليٽو اسيمبليءَ جي ڪارروائي جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي اسان کي ملي، جنهن لاءِ توهانجا ناهيت ئي احسانمند آهيون ۽ اسان کي اميد آهي ته اوهان هميشه وانگر آئينده به هن اداري جي ريسرچ لائبريريءَ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور تعاون ڪري اسان کي ٿورائتو ڪندا.
ان سلسلي ۾ وڌيڪ لکجي ٿو ته جيڪڏهن توهان وٽ ڪا اسيمبليءَ جي ڪارروائين بابت لسٽ هجي ته اها اسان کي فراهم ڪندا ته جيئن اوهان وٽان گهربل مواد حاصل ڪري اسان خود ان جو فوٽو اسٽيٽ ڪرايون ۽ اوهان کي تڪليف نه ڏيون. ادا باقي ٻيون جيڪي ڳالهيون آهن تن لاءِ مان توهان کي پوءِ خط لکندس.
مهرباني.
مخلص
(مسز مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج.
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: ٽي ايس- لائب-32-ت-511
تاريخ: 1984-12-29
محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
اي- 104، بلاڪ نمبر 2،
پي-اي-سي-ايڇ-سوسائٽي ڪراچي 29.
محترم سائين،
السلام علڪيم:
اميد ته اوهان باخيريت و عافيت هوندا.
گذارش آهي ته اوهان صاحبن طرفان هن اداري ۾ قائم ڪيل پنهنجي ڪارنر لاءِ هيٺ ڏنل ٽي عدد نئين زندگي جا جلد برابر مليا، جنهن لاءِ اسان اوهان جا نهايت ئي ٿورائتا آهيون. ۽ اميد ٿا ڪيون ته اوهان جو اهو سلسلو جاري رهندو جنهن سان هن ريسرچ لائبريري ۾ بي بها مواد جو اضافو ٿيندو رهندو.
والسلام.
1. ماهه جنوري 1972ع کان جون 1972ع تائين.
2. جولائي 1971ع کان نومبر-ڊسمبر 1975ع تائين.
3. جنوري 1978ع کان ڊسمبر 1978ع تائين.
اوهان جي وڏي مهرباني.
مخلص
(گل محمد نور محمد مغل)
انچارج لائبريرين،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
Ref. No. I.S/lib-32-c-233
محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
اي- 104، بلاڪ نمبر 2،
پي-اي-سي-ايڇ-سوسائٽي ڪراچي 29.
السلام علڪيم:-
اميد ته اوهان باخيريت و عافيت هوندا.
اوهان طرفان هن اداري ۾ قائم ڪيل پنهنجي ڪارنر لاءِ هيٺ ڏنل ٽن عدد ڪتابن جون فوٽو ڪاپيون مليون، جنهن لاءِ وڏي مهرباني، اسان کي اميد آهي ته آئينده به اهڙي نموني پنهنجي ڪارنر جي مواد ۾ اضافو ڪندا رهندا.
1. The Future of Sind.
2. Report of the Sind Administrative Committee.
3. Annual Report of the Karachi Indian Merchant’s Association for the year 1920.
مخلص
(مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج،
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي،
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ.
………………………………………………………………………………………
Institute of Sindhology
University Of Sind.
Jamshoro, Sind, Pakistan.
Ref. No. I.S/
Dated: 2–7-1989.
ريسرچ لائبريري، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
رسيد
تصديق ڪجي ٿي ته محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب کان ڏات ڌڻي جي سلسلي ۾ مختلف شخصيتن، تنظيمن ۽ ادارن جا گڏ ڪيل جملي 895 (اکرين: اٺ سئو پنجانوي) فائيل برابر مون کي مليا.
(گل محمد، نور محمد مغل)
اسسٽنٽ لائبريرين،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: ٽي ايس- لائب-32-2387
تاريخ: 1989-01-27
پهچ
محترم در محمد پٺاڻ صاحب جن هيٺ ڏيکاريل ٻه ڪتاب انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لائبريريءَ لاءِ تحفي طور ڏنا آهن جيڪي وڏن ٿورن سان وصول ڪيا ويا.
نمبر ڪتاب جو نالو ليکڪ سال
1. Indian Education 1914
2. Indian Education a monthly Record H.V.Hampton 1919
(ڊاڪٽر غلام علي الانا)
پروفيسر انچارج،
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي.
Mr: Dur Muhammad Pathan,
104 A, Block 2, P.E.C.H.S,Karachi.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: آءِ-ايس آءِ-ايس /32-ب-43
تاريخ: 1981-7-6
پهچ
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جن هيٺ ڏيکاريل چار ڪتاب ٽائيپ ٿيل انسٽيٽوٽ آف سنڌ الاجيءَ جي ريسرچ لائبريريءَ لاءِ تحفي طور ڏنا. جيڪي وڏن ٿورن سان وصول ڪيا ويا.
نمبر ڪتاب جو نالو ليکڪ سال
1. درل جو ڪلام (ٽائيپ ٿيل) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1975
2. ادبي اوسر جو تاريخي جائزو = = = 1980
(ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي)
(1947-1843)
3. سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۾ سنڌي = = 1980
4. علم ادب جو ڪيو مطالعو مون- تنقيد = = = 1979
(ڊاڪٽر غلام علي الانا)پروفيسر انچارج،
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
Institute of Sindhology
University Of Sind.
Jamshoro, Dadu, Sind.
Ref. No. I.S/698/1502
Dated: 3-10-1983.
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
موضوع:- ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ جي باري ۾.
السلام علڪيم.
گذارش آهي ته انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان سال 84-1983ع دوران ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ (ليکڪ: ڀيرومل) جي ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو آهي مگر هن اداري جي لائبريريءَ ۾ ڀيرومل جو لکيل اهو ڪتاب موجود نه آهي، مون کي معلوم ٿيو آهي ته اوهان وٽ اهو ساڳيو ڪتاب موجود آهي. مهرباني ڪري ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ليکڪ ڀيرومل جي ڪاپي هڪ هفتي لاءِ ڏياري موڪليندا ته جيئن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي ڪرائي اصل ڪتاب اوهان کي واپس موڪلي سگهجي. مون کي اميد آهي ته هن ڏس ۾ تعاون ڪري ٿورائتو ڪندا.
اوهان جي مخلص
(مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
سنڌ يونيورسٽي سنڌ ڄامشورو.
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ،
14- اي بلاڪ نمبر 2،
پي-اي-سي-ايڇ-سوسائٽي ڪراچي نمبر 29.
………………………………………………………………………………………
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ طرفان تحفي طور مليل ڪتاب
نمبر ڪتاب جو نالو
1. آنند درٻار
2. جپ جي صاحب
3. سنڌي ساهت ۽ مشهور مستشرقين
4. معرفت جو راز
5. افضل راز
6. پنڊتا راما ٻائي جو قصو
7. هڪڙو عجيب ڪرڪيٽئر
8. جهان جو سوجهرو
9. دعائن جو گلدستو
10. ناتال
11. مقدس لوقا جي معرفت پاڪ انجيل
12. دنيا جي اميد
13. پرماتما جي بادشاهت ۽ ان جا قاعدا
14. نئين دنيا ماهه جون 1960ع
15. نئين دنيا ماهه آڪٽوبر- نومبر 1960ع
16. جئسنگ بهادر
17. مسيح جي حقيقت
18. نئين ڏينهن جي پرڀات
19. خداوند يسوع مسيح جو پاڪ انجيل
20. موتين مٺ
21. شاعر هفت زبان فخر پاڪستان
22. يوحنا رسول جي معرفت پاڪ انجيل
23. متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل
24. انگلينڊ ۾ سڀاڻي جا اسڪول
25. عالم جو استاد
26. سنڌ جا هنر
27. نيوز پيپر رپورٽنگ (انگريزي)
(گل محمد نور محمد مغل)
اسسٽنٽ لائبريرين،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
تاريخ: 1985-04-04
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: آءِ-ايس-ايس-لائب- 32-سي-247
تاريخ: 1985-4-4
محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
اي 104/بلاڪ نمبر 2، پي اي سي ايڇ
سوسائٽي، ڪراچي نمبر 29.
السلام عليڪم.
اميد ته اوهان باخيريت هوندا.
گذارش آهي ته اوهان صاحبن طرفان شامل لسٽ تي ڏيکاريل ڪتاب برابر موصول ٿيا جنهن لاءِ اسان اوهان جا ٿورائتا آهيون. مذڪورا ڪتابن کي ضروري داخلائن بعد اوهان جي نالي تي قائم ڪيل ڪارنر ۾ رکيو ويو آهي جنهن سان مواد ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي. اميد ته آئينده به اهڙي مهرباني ڪندا رهندا.
والسلام.
اوهان جو مخلص
(گل محمد نور محمد مغل)
اسسٽنٽ لائبريرين
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ريسرچ لائبريري
آءِ. ايس. لئب-94/437
تاريخ: 1986-11-30
رسيد
محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کان سندس ڪارنر لاءِ هيٺ ڏنل ڪتاب برابر مليا، جنهن لاءِ سندن مهرباني.
نمبر ڪتاب جو نالو مصنف جو نالو سال
1. اباڻي اڪير نرجن دوداڻي 1985ع
2. سوانح قاضي علي اڪبردرازي قاضي علي مردان 1981ع
3. ڪلام ميرل فقير عرف فقير مير محمد ”ميرل“ 1981ع
مجازي موجون ۽ رند راز.
4. منصور ثاني سچل سرمست پروفيسر عطا محمد حامي 1964ع
5. مونجهارو (مصري ناٽڪ) مراد علي مرزا 1981ع
6. گلابي گل مراد علي مرزا 1981ع
7. Libya Past and Present Dr. Henry Habib 1979
8. The Land of Soviets —– —– 1957
9. Chinese Literature —– —– 1976
10. The New Class an Analysis- Milovan Djilas 1957
Of the Communist System.
(Gul Muhammad-N-Mughal)
Librarian Incharge
Institute of Sindhology
Sind University Jamshoro.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: آءِ-ايس-لائب- 32-ت-456
تاريخ: 1984-11-19
محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
اي 104/بلاڪ نمبر 2، پي اي سي ايڇ
سوسائٽي، ڪراچي نمبر 29.
محترم سائين،
السلام عليڪم:
اميد ته اوهان باخيريت و عافيت هوندا.
گذارش آهي ته اوهان صاحبن طرفان هن اداري ۾ قائم ڪيل پنهنجي ڪارنر لاءِ هيٺ ڏنل پنج عدد ڪتاب برابر مليا ۽ جنهن لاءِ اسان اوهانجا نهايت ئي ٿورائتا آهيون ۽ اميد ٿا ڪيون ته اوهانجو اهو سلسلو جاري رهندو، جنهن سان هن ريسرچ لائبريري ۾ بي بها مواد جو اضافو ٿيندو رهندو.
والسلام.
1. پاڪستان و هند مشاعره.
2. هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ ڀاڱو ٻيون.
3. اي جاگرافيڪل انالاسيز آف دي لوئر انڊس سيزن سنڌ.
4. ڪئٽالاگ آف دي پنجابي اينڊ سنڌي مين اسڪرپٽ ان دي انڊيا آفيس لائبريري.
5. سنڌي ادب جي واڌاري ۾ رسالي ”اديون“ جو ڪردار.
اوهان جو مخلص
(گل محمد نور محمد مغل)
انچارج لائبريرين،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
Institute of Sindhology
University Of Sind.
Jamshoro, Sind.
Ref. No. I.S/754/498
Dated: 20–3-1985.
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب،
السلام عليڪم،
گذارش آهي ته اوهانجي مراسلي مورخ 1985-03-14 جي جواب ۾ لکجي ٿو ته مهربان وائيس چانسيلر صاحب جن جي ڪيل حڪم جي ڪاپي (فوٽو اسٽيٽ ڪاپي) شامل اوهان جي اطلاع ۽ رڪارڊ لاءِ موڪلجي ٿي. ان کان علاوه تنهنجي رهائش واسطي بنگلي لاءِ صديقي صاحب سان ڳالهائي آئي آهيان. پاڻ هر ممڪن مدد ۽ تعاون جو يقين ڏياريو اٿائون. ٻيو ته زيب عاقلي هتي آيو هو، شايد توهان کي لاڙڪاڻي هلڻ جي دعوت به ڪراچي اچي ڏئي ويو آهي. مون کي تاڪيد ڪئي اٿائين ته توهان کي درخواست ڪيان ته مقالي سميت ان سيمينار ۾ ضرور شرڪت ڪيو. اميد ته اتي گڏباسين.
اميد ته اوهان خوش هوندا.
اوهانجي مخلص
(مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
………………………………………………………………………………………
انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي
سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو
ضلعو دادو (سنڌ)
نمبر: آءِ-ايس-754-268
تاريخ: 1984-2-7
ڀاءُ در محمد
السلام عليڪم،
توهان جو خط ڪالهه مليو. اطمينان ٿيو ته ”دي انڊين ڪواٽرلي رجسٽر واليوم-2“ توهان تائين پهچي ويو، فوٽو اسٽيٽ جي رسيد جي گهر توهان اسان کان ان ڪري نه ٿا ڪري سگهو جو ان سلسلي ۾ توهان پاڻ به ڪو حساب ڪتاب اسان سان ڪو نه ٿا ڪيو.
ٻيو توهان جيڪو مواد تيار رکيو آهي ته تنهن لاءِ به جلد ئي بندوبست ڪندس. ٿي سگهي ٿو ته ٿورن ڏينهن ۾ اسان جو ڪو ماڻهو اچي ايڏانهن نڪري.
توهان جو وري هيڏانهن اچڻ ڪڏهن ٿو ٿئي….؟
اميد ته خوش هوندئو.
احترام مان
(مسز مهتاب اڪبر راشدي)
ڊائريڪٽر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
سنڌ يونيورسٽي سنڌ.
محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ،
104-اي/بلاڪ 2
پي اي سي ايڇ سوسائٽي
ڪراچي نمبر 29.
………………………………………………………………………………………
رسيد
محترم جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کان سندس ڪارنر لاءِ هيٺ ڏنل مواد مليو.
نمبر: مخزن جو نالو مصنف جو نالو سال
1. پيغام محبت غلام نبي صابر سڌايو 1988ع
هيٺ ڏنل مختلف اخبارن جا پرچا.
نمبر: اخبار جو نالو ايڊيٽر جو نالو سال
1. هفتيوار پنجتني سيد زوار نقوي 1987ع
2. الفقراءُ فقير علي محمد مهر 1986ع
3. الفقراءُ فقير علي محمد مهر 1985ع
4. الفقراءُ فقير علي محمد مهر 1985ع
5. چيٽي چنڊ کيمچند لکياڻي — —
6. چيٽي چنڊ کيمچند لکياڻي — —
7. چيٽي چنڊ کيمچند لکياڻي — —
8. چيٽي چنڊ کيمچند لکياڻي — —
9. آواز سنڌ مسعود جاويد ميراڻي 1987ع
10. آواز سنڌ مسعود جاويد ميراڻي 1987ع
11. دادو گزيٽ غلام رسول ايم ناريجو 1987ع
12. تعليم — — — 1986ع
13. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
14. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
15. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
16. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
17. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1986ع
18. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1986ع
19. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
20. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
21. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
22. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
23. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
24. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
25. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
26. هفتيوار پاڪستان محمد خان شيخ 1987ع
27. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
28. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
29. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
30. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
31. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
32. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
33. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
34. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
35. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
36. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
37. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
38. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
39. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
40. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
41. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
42. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
43. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
44. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1986ع
45. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
46. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
47. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
48. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1987ع
49. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1988ع
50. هفتيوار انصاف سيد جمال الدين بخاري 1988ع
51. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1988ع
52. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
53. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
54. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
55. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
56. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
57. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
58. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
59. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
60. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
61. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
62. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
63. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
64. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
65. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
66. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
67. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
68. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
69. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
70. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
71. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
72. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
73. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
74. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
75. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
76. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1988ع
77. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1986ع
78. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1988ع
79. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1987ع
80. هفته روزه فرياد ڪوڙو مري 1985ع
81. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1987ع
82. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1986ع
83. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1986ع
84. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1986ع
85. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1985ع
86. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1985ع
87. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1985ع
88. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1985ع
89. هفته وار آزاد علي نواز وفائي 1986ع
90. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
91. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
92. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
93. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
94. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
95. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
96. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
97. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
98. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
99. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
100. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
101. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
102. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
103. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
104. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
105. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1987ع
106. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
107. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
108. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
109. نواءِ سنڌ سيد تهذيب الاسلام رضوي 1988ع
110. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
111. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
112. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
113. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
114. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
115. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
116. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
117. همدرد محمد رفيق 1987ع
118. همدرد محمد رفيق 1987ع
119. همدرد محمد رفيق 1987ع
120. همدرد محمد رفيق 1987ع
121. همدرد محمد رفيق 1987ع
122. همدرد محمد رفيق 1987ع
123. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
124. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
125. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
126. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
127. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
128. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
129. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
130. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
131. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
132. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
133. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
134. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
135. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
136. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
137. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
138. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1985ع
139. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
140. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
141. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
142. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
143. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
144. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
145. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
146. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
147. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
148. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
149. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
150. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
151. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
152. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1987ع
153. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
154. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
155. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
156. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
157. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1988ع
158. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
159. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
160. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
161. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
162. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
163. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
164. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
165. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
166. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
167. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
168. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
169. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
170. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
171. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1985ع
172. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
173. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
174. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
175. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
176. همدرد محمد رفيق ميمڻ 1986ع
177. انصاف سيد جمال الدين بخاري 1950ع
178. سنگت جوهر براهوئي 1988ع
179. سون ورني ڌرتي سليمان شيخ 1987ع
180. هفته روزه روشن طب رحمت الله آخوند 1986ع
181. المسلم سليمان طاهر 1986ع
182. ڏياري ميگزين — —-
183. واريون وڻجارن جون مرليڌر —–
-
58. انسان ،انسان آهي
انسان انسان آهي
هن دنيا جو وڏي کان وڏو طلسم اهو آهي جو ڏينهن ۽ رات، نيڪي ۽ برائي، سچ ۽ ڪوڙ، گناهه ۽ ثواب ۽ اهڙيون مڙيوئي متضاد خواهه مخالف شيون منجهيل سٽ جيان پاڻ ۾ مليون پيون آهن. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ فرق محسوس ڪندي به انسان منجهي پوندو آهي.تان جو هن جي عملن جي”ڏينهن“ مان ”رات“ ڦٽي نڪرندي آهي. ”نيڪي“ وڃي ”برائي“ تي پهچندي آهي ۽ ثواب بدلجي گناهه ٿي پوندو آهي. ان ڪري هن جادو نگريءَ ۾ ڇنڊي ڦوڪي پير کڻڻو پئي ٿو. ته جيئن ”ڏينهن“ مان ”رات“ ٿيڻ بدران ”رات“ کي ”ڏينهن“ ۾ بدلايو وڃي. انهيءَ حساب سان دنيا به ڄڻ هڪ پلصراط آهي، جنهن کي ساڃهه، تميز ، فرق ۽ سوچ جي سواريءَ کانسواءِ پار ڪرڻ ڏکيو ٿي پئي ٿو.
بنهه اهڙي نموني سان انسان به پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل ڪائنات آهي، جنهن ۾ نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، گناهه ۽ ثواب جهڙا ٻج سندس فطرت جي زمين ۾ ڇٽيا پيا آهن.دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا قتل، وڳوڙ ۽ قهر انساني فطرت جي نا آشنائي ڪري ٿيا آهن، ان ڪري انساني فطرت کي سمجهڻ ۽ قبولڻ ضروري ٿي پئي ٿو.
ڪن انسان کي ”آدرش“ ۽ ”فرشتو“ ڄاتو. هن کي هر ڪنهن برائي کان پاڪ ۽ صاف ڄاتو . هن سان اميدون ۽ آسرا وابسته ڪيا. هر موڙ تي هن مان چڱائي جي اميد رکي .پر ڏسندي ڏسندي سندن اهو ”آدرش“ هڪ پٿر جي بت ۾ بدلجي ويو. نتيجي ۾ اميدون ۽ آسرن جون پيشانيون بت سان ٽڪرائجي رت ۾ ريٽيون ٿي ويون.صدين کان ايئن ٿيندو پيو اچي.خاص طور تي ”سياست “ ۽ ” محبت“ ۾ انسان جو آدرشي تصور هن کي مافوق الفطرت بڻائي، دنيا کي دوکي ، فريب ۽ مڪاريءَ جي نگري بڻائيندو آيو آهي. انسان جي انهيءَ ئي ”آدرشي تصور“ هر دور ۾ مايوسيءَ کي جنم ڏنو. جڏهن ڪنهن جي دل گهريو ”آدرش“ هن جي دل وٽان نه نڪتوته ، چاهيندڙ مايوسيءَ جو چولوپائي وڃي ڪنڊ وسائي يا ٻئي جهان ۾ پهتو. ”سياست“ ۾ انسان پاڻ کي ”آدرش“ جي روپ ۾ پيش ڪندو آهي. عوام جي مجبورين ۽ ضرورتن جو اندازو لڳائي ، کيس اميدن ۽ آسرن جا سبز باع ڏيکاريندو آهي. اهڙي ريت اقتدار خواهه اختيار جي مسند تائين پهچي ويندو آهي. ”جديد سياست“ کان اڳ جڏهن ڏاڍ، ڏمر، ورثي يا ٻين ڳالهين ڪري ڪوئي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ڪندو هو، ان وقت ۽ ان دور ۾ ”لٺ ۽ چٺ“ جي حڪمت عملي اختيار ڪري پاڻ کي ”الله جو پاڇو“ تسليم ڪرائيندو هو، يعنيٰ ته هو ” مافوق الفطرت هستي“ جي جامي پائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان ڪري ئي ”بادشاهه ست ولين برابر“ وارو نظريو پيدا ٿيو.
انسان جو ”آدرشي تصور“ محبت خواهه سياست جي ميدان ۾ هاڃيڪار رهيو آهي. ڇو ته انسان انسان آهي. هو ”مافوق الفطرت هستي“ ٿي نه ٿو سگهي. خطا اوس ئي هن کان ٿيندي. ان ڪري انسان کي ”خطا“ کان خالي سمجهڻ پاڻ سان دوکي ڪرڻ برابر آهي. مايوسي انهيءَ تصور جي پيداوار آهي. جيئن انسان کي بي عيب ۽ آدرش ڄاڻڻ غلطي آهي. تيئن ان کي فقط ۽ فقط ڏوهي ، ڪريل، پاڻ کان گهٽ ۽ گنهگارڄاڻڻ به غلط آهي. اهي ٻئي تصور انسان کي ڄڻ اڌوري ۽ اڻپوري حيثيت ۾ قبول ڪن ٿا.
انسان کي گهٽ ڄاڻڻ، ڏوهي محسوس ڪرڻ، گنهگار، وحشي، بدتهذيب، ڄٽ، جاهل ۽ اناڙي سمجهڻ مان وڏو قهر اهو ٿئي ٿو ته جهيڙا ۽ فساد ٿين ٿا، قتل ۽ خون ٿين ٿا، لڙايون ۽ جنگيون لڳن ٿيون. جڏهن انسان کي ”جاهل ۽ ڄٽ“ ڄاڻي خالي توٻرو سمجهي ديني ۽ مذهبي مبلغ کيس پنهنجي نيڪ نصيحتن ۽ وسيعتن سان ڀرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا ته هو ”مبلغ“ ۽ ”تبليغ“ کان سواءِ مذهب، اخلاق ۽ علم سان به نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. جڏهن سياسي، مذهبي، سماجي يا اقتصادي سبقت حاصل ڪري ڪو گروهه ٻئي گروهه ، فرد يا قوم کي بدتهذيب ۽ وحشي ڄاڻڻ شروع ڪري ٿو ته انسانن جا خالي هٿ ڪلاشنڪوفن ۾ بدلجي وڃن ٿا. جڏهن ڪا قوم يا گروهه يقين جي حد تائين پاڻ کي حاڪم ۽ ٻين کي محڪوم ڄاڻي ٿو ته پوءِ غلاميءَ جي زنجيرن ٽٽڻ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو.
ايئن اهڙي ريت صدين کان وٺي انسان کي اڌورو تسليم ڪرڻ، ڪڏهن ڀلو ته ڪڏهن برو ڄاڻڻ، تباهي ۽ برباديءَ کي جنم ڏيندو رهيو آهي. انهن ٻنهي تصورن انساني تاريخ ۾ وڏي اٿل پٿل پئي پيدا ڪئي آهي. سماجي اختلافن کان وٺي قومي وڳوڙن تائين انهيءَ اٿل پٿل جا اثر محسوس ڪيا ويندا آهن.
انهن ٻنهي تصورن خلاف ردِ عمل ۾ وڏيون تحريڪون به هليون. سنڌ ۾ ”تصوف“ جي تحريڪ انهيءَ پس منظر ۾ جنم ورتو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ”تصوف جي تحريڪ“ سنڌي معاشري ۾ اڳتي هلي هاڃيڪار اثر وڌا جن کي هن وقت به محسوس ڪيو وڃي ٿو. مگر اها تحريڪ ان دور جي مجبوري هئي ۽ ضرورت هئي. هن تحريڪ ان ڪري صحيح رخ نه ورتو ، جو ان جوکم واري تحريڪ ۾ اسان جي ديني عالمن حصو نه ورتو ڇو ته انهن مان ڪن وڃي درٻار ۽ سرڪار ۾ عزت ۽ احترام جي ڪوڙي سڪي لاءِ بادشاهن يا حڪمرانن کي الله جو پاڇو سڏڻ شروع ڪيو، ۽ ڪن مڪتبن خواهه مدرسن ۾ ويهي درسي ڪتابن پڙهائڻ ۽ تحقيق ڪرڻ کي شعور جي سج اڀارڻ برابر ڄاتو. ڪي وري پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي بچائڻ ۾ تصوف جي انقلابي تحريڪ کان پري رهيا . ان ڪري” تصوف جي تحريڪ“ کي عالمن جو هر اول دستو نه ملي سگهيو ، ۽ اها ردِ عمل طور شديد ٿيندي وئي. ڄڻ ته ڪنهن درد جي دوا ايئن ٿي جو مريض کي نشو ته ڏنو ويو، ليڪن ان جي آپريشن ڪنهن نه ڪئي!.
”تصوف جي تحريڪ“ جا دور رس اثر اڄ به اسان جي ڳچيءَ ۾ رسي جيان وڌا وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو شاهه ڪريم، شاهه لطيف، شاهه عنايت، سچ سرمست ۽ مڙني عظيم شاعرن کي فقط ۽ فقط صوفي شاعرن جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.
”تصوف“ پنهنجي دور جي ”ردِ عمل“ جي حيثيت واري تحريڪ هئي. هيءَ تحريڪ تڏهن شروع ٿي، جڏهن اقتصادي ، سياسي ۽ سماجي غلامي کي عوام مٿان مسلط ڪرڻ ۽ ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ مذهب سياست جي پٺڀرائي ڪئي. مذهب ۽ سياست کي عوام دشمني خاطر استعمال ڪيو ويو. بادشاهه يا حڪمران کي ”الله جا خليفا نه پر پاڇي“ طور مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، درٻاري ۽ سرڪاري ماڻهن کي الله جا نيڪ ۽ چونڊيل ٻانها ڪري پيش ڪيو ويو ۽ عوام جي وڏي اڪثريت کي جاهل، غلام ۽ نڪمو ڄاتو ويو. جڏهن انسان اشرف المخلوقات جي ائين توهين ٿيڻ لڳي ته صوفين ٻين مقصدن واري صوفياڻي تحريڪ شروع ڪئي : هڪ مقصد مطابق انهن ادارن، نظرين ۽ انهن سان وابسته شخصيتن خلاف آواز بلند ڪيو ويو، جن عوام ۽ عام انسان کي گهٽ ڄاڻڻ شروع ڪيو هو. هنن “مذهب“ ۽ ”سياست“ کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻايو.جيئن ته ”مذهب“ استحصالي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ”سياست“ جي ساٿي طور غلط استعمال ڪيو ويو،ان ڪري صوفي بزرگن جي گهڻي ڪاوڙ ”مذهب“ ۽” مذهبي ٺيڪيدارن“ خلاف ٿي پئي. هنن جي اها نيت ڪانه هئي ته ڪو ”مذهب“ جي اداري خلاف لاهي پاهي ڪات ڪهاڙا کڻجن. پر جيئن ته ”مذهبي ٺيڪيداري“ درٻاري ۽ سرڪاري نوازشن حاصل ڪرڻ ۽ انسان کي گهٽ ثابت ڪرڻ جو واپار بڻجي وئي ، ان ڪري هنن صوفين مذهبي ٺيڪيدارن جي هڪ هٽي ٽوڙڻ لاءِ روزي، نماز، حج، زڪوات جي ظاهري مگر باطني طور منافقي تي ٻڌل عملن جي مذمت ڪرڻ شروع ڪئي.جڏهن ظالم ۽ جابر حڪمران خلاف آواز بلند ڪرڻ تي عوام کي دوزخ پهچائڻ جهڙيون فتوائون ڏنيون ويون ته صوفي بزرگن جنت“ کي ”دلاسو“ ۽ ”دوزخ “ کي ”دڙڪي“ طور پيش ڪيو. ”هنن روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم“ ته ضرور چيو پر هي به ٻڌايو ته ”اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.“
جيئن ته عوام کي جاهل، ڄٽ، غلام ۽ ظالم حڪمرانن جي ٻڌي ٻانهي طور پيش ڪيو ويو ۽ جابر حڪمرانن کي الله جو پاڇو بڻايو ويو ته ان وقت صوفي بزرگن وري عوام کي احساس ڪمتريءَ مان ڪڍڻ لاءِ آواز بلند ڪيو ته ”نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو“ . تان جو ڳالهه کي اڃا به کولي هيئن چيو ويو ته ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.“ صوفي بزرگن ظالم ۽ آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن ماڻهن جي عوام يعنيٰ اڪثريت تي ناجائز حڪمراني خلاف ايڏي ته بغاوت ڪئي جو ان جي نتيجي ۽ اثر هيٺ سچل سرمست ايئن به چيو ته ”ڇا ٿيون ڀانئيو جيڏيون، آهيان رب ستار.“ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿيو جو انسان کي انسان نه ڄاتو ويو. هن جي نالي مٽ ڪئي وئي. انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ هن پاڻ کي اهو ڪجهه سڏايو، جيڪو ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي.
انهيءَ مثالن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته جيڪڏهن ۽ جڏهن به انسان اڌورو ۽ اڻپورو ڄاتو ويندو . هن کي فقط ”آدرش“ يا فقط “خراب“ ڄاتو ويندو ته اهو انسان خلم ٻاري وجهي ٿو. ان ڪري ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته ”انسان کي انسان“ ئي ڄاتو وڃي.
انسان کي اڌوري ۽ اڻپوري مڃڻ جي آزار مان اڄوڪي دور ۾ به اسان جند نه ڇڏائي آهي. پاڻ انهيءَ ڳالهه تي بحث نه ٿا ڪريون ته موجوده جوڙ جڪ ۾ اسان جي قوم کي ڪيترو تهذيب يافته ڄاتو وڃي ٿو. اها ڳالهه واضح آهي ته ٻين گروهن جو اسان جي قوم سان ورتاءُ اهڙو آهي، جنهن مان اهو ئي ثبت ٿئي ٿو ته پاڻ کي اڌورو ۽ اڻپورو يعنيٰ ڄٽ، جاهل، تهذيب کان ڪورو، وحشي، ويڙهاڪ، ڦورو، گهٽ ۽ بيڪار ڄاتو وڃي ٿو. ان جا جيڪي نتيجا نڪرڻا آهن، ان لاءِ تاريخ اڳ ئي اڻ ڳڻيا مگر هڪ جهڙا فيصلا ٻڌائي چڪي آهي.
مگر داخلي طور تي اسان پنهنجي قوم ۽ سماجي سطح تي پڻ اهو تاثر ڏئي رهيا آهيون ته اسان جي قوم جو هر هڪ فرد اڌورو ۽ اڻپورو آهي. اهوئي سبب آهي جو ديني عالمن کي عوام کان ڄڻ ته ڪراهت اچي ٿي ۽ هو پنهنجي ئي عوام کي گنهگار ڄاڻن ٿا. دنياوي عالم ۽ دانشور وري نئين نسل کي ناتجربيڪار ۽ جذباتي ڄاڻي ٿو.ڪامورو باقي عوام کي پنهنجو غلام ڄاڻي ٿو. ڌن ڌڻي غري عوام کي انسان ئي ڪو نه سمجهي ٿو. جڏهن اندروني طور تي اسان انسان کي انسان نٿا سمهجون تڏهن بيروني طور تي ٻيا گروهه اسان جي قوم کي ڪجهه نٿا ڄاڻن ۽ اسان ويٺا اجتماعي سزا ڀوڳيون.
خارجي طور ٻين گروهن ۽ قومن طرفان جيڪو ٿي رهيو آهي، ان تي مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي ڇو ته تاريخ جا سبق اسان جي اڳيان آهن، پر جنهن ڳالهه تي ويچارڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت اها ئي آهي ته اسان داخلي طور تي انسان کي انسان ڄاڻون ٿا يا نه؟
انسان کي انسان ڄاڻڻ جو مطلب آهي انسان کي پنهنجي فطرت جي روشنيءَ ۾ قبول ڪرڻ. خامين ۽ خوبين سميت، چڱاين ۽ مداين سميت، بنهه ايئن جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي قبول ڪندي چيو هو ته ” جيها جي تيها، مون مارون مڃيا.“ انسان کي انهيءَ وقت تائين انسان طور قبول ڪري نه ٿو سگهجي، جسيتائين پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائجي. جيڪڏهن ڪو انسان پاڻ ڪڏهن خطا نه ڪري، ڪنهن کان غلطي نه ٿي هجي، پاڻ پاڪ، صاف، بي عيب، ڪامل ۽ مڪمل هجي ته هو ٻئي تي ميار رکي سگهي ٿو. ٻئي کي اڌورو ۽ اڻپورو ڄاڻي سگهي ٿو. اها منزل وري ڪوئي تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن”انساني تاريخ“ مان ”انسان خطا جو پتلو آهي“ جا لفظ خارج ڪري ڏيکاري.
نيڪي ۽ بدي. شر ۽ خير سڀ انساني سڀاءَ ۾ شامل آهن. تعليم ۽ تربيت سان ئي انهيءَ جي فرق ۽ تميز کي نمايان ڪري سگهجي ٿو ، بدي ۽ شر جو رخ موڙي سگهجي ٿو، ليڪن انهن کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. جيئن ويڙهاند ۽ جهڳڙلو طبيعت کي ظلم، ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف ”جهاد“ ۾ بدلايو ويو ۽ دنيا ۾ مذهبن خواهه ٻين نظرين بدي ۽ شر وارن اوڳڻن لاءِ ڀلائيءَ وارا نعم البدل مهيا ڪيا.
انسان کي انسان جي حيثيت ۾ ئي قبول ڪرڻ ۾ ڀلائي آهي. هن کي ”فرشتي“ يا ”شيطان“ جي روپ ۾ قبول ڪرڻ پنهنجي تباهي آڻڻ جي برابر آهي، اهڙين حالتن ۾ ”محبت“ ۽ ”خدمت“ جي جاءِ تي ”توهم پرستي“ ۽ ”نفرت“ جو راڄ هلندو آهي . ان ڪري عافيت ان ۾ ئي آهي ته انسان کي انسان ئي ڄاتو وڃي پر پنهنجي سر ڪوئي انسان پنهنجي آپي مان نڪري پاڻ کي ”فرشتو “ يا ”شيطان “ ثابت ڪري ته پوءِ ان جي انهيءَ حيثيت مڃڻ کان انڪار ڪجي، پر پيار يا تڪرار سان کيس انهيءَ جاءِ تي آڻي بيهارجي ، جيڪا هڪ انسان جي جاءِ يا حيثيت ٿيندي آهي. ڇو ته هيءَ اسان جي دنيا انسانن جي جاءِ آهي. هن ۾ فقط انسان ئي رهي سگهن ٿا، جيڪي ”خطائن“ جا پتلا به هوندا آهن ته نيڪين ۽ چڱاين جا ”آدرش“ به ٿيندا آهن. پر هو نه ته ”فرشتا“ ٿيندا آهن ۽ نه وري ”شيطان“ ٿيندا آهن. انسان فقط انسان ئي ٿيندا آهن.
(روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ، تاريخ : 17.02.1988)
-
People Speak About Gulhayat
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي گل حيات انسٽيٽيوٽ
آصف رضا موريوڊاڪٽر درمحمد پٺان جي علمي ۽ ادبي شخصيت بيشمار حوالن سان اسان لاءِ انمول ۽ ناياب آهي جو هو تعليم جو ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ هڪ معتبر استاد، شاندار لکاري، تنقيد نگار، مورخ، ڪالمنگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، علم و ادب دوست انسان آهي جنهن جون تاريخ، تهذيب، علم الانسان، لوڪ ادب، ٻارڙن جي ادب، سوانح عمري ۽ ڪجهه ٻين موضوعن تي سورنهن کان مٿي ڪتابون ڇپجي چڪيون آهن. سندس لکيل هزارين مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن جي سونهن بڻجي چڪا آهن جن ۾ هر نئين ڏينهن نئون اضافوٿيندي ڏٺو ويو آهي. اهي تمام قابلِ فخر حاصلاتِ زندگي پنهنجي جاءِ تي معتبر ۽ قابلِ قدر سهي پر ڊاڪٽر صاحب جي شهرت جو خاص سبب “گل حيات اسٽيٽيوٽ” جهڙي باوقار تحقيقي اداري جو ٻوٽو ٻاري ان کي وشال وڻ بڻائڻ آهي.
گل حيات انسٽيٽيوٽ جو قيام
تاريخ عالم جي ايجاداتي دنيا ۾ ليئو پائڻ سان البرٽ پائيڪ جو قول سامهون اچي ٿو ته ”دنيا ۾ قريبن تمام عمده شيون غريب ماڻهن، غريب دانشورن، غريب محنت ڪشن، غريب مزدورن ۽ هنرمندن، غريب فلسفين، غريب شاعرن ۽ عقلمند غريبن تخليق ڪيون آهن“. اسان جي سنڌ ۾ علمي دنيا سان متعلق عمده شين مان هڪ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ پڻ آهي جنهن جي ايجاد جو سهرو به اسان جي هڪ غريب استاد جي سر آهي جنهن وٽ علم سان گڏ ان کان به طاقتور شي مشعلِ راهه رهي آهي جنهن کي تخيل چوندا آهن. انساني ذهن سان متعلق علم محدود ٿئي ٿو جڏهن ته تخيل پنهنجي اندر سموري ڪائنات سمائڻ جي لامحدود صلاحيت رکي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب جڏهن سنڌيالوجي ڇڏي ڳوٺ آيو ته هو پٺيان ڪيترن ڏهاڪن جي متحرڪ دنيا ڇڏي آيو هيو ان لاءِ ڳوٺ جي واندڪائي هن مشقتي انسان جو محنتي دل و دماغ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو ان لاءِ ڪجهه عرصو سوچ ويچار کان پوءِ هي کوجي انسان خاڪ مان خزانو تلاش ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي تيار ٿيو. ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين منتظم آهي جنهن بيشمار ادبي، سماجي ۽ تاريخي انجمنون ۽ ادارا جوڙيا هيا جن مان خاص سنڌ هسٽوريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽوريڪل سوسائٽي، سنڌ سگهڙ سنگت، شهيد هوش محمد شيدي ويلفيئر آرگنائيزيشن، سنڌ رائيٽرز ويلفيئر گزٽ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو وغيره خاص آهن پر جنهن اداري شهرت جو سبب بڻجي سندس ذوق ۽ شوق جي آبياري ڪئي ۽ جنهن جي پرورش ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب پنهنجو وقت ۽ رت ست ڏنو سو گل حيات انسٽيٽيوٽ آهي جنهن جو قيام هن آگسٽ 1990ع پنهنجي ڳوٺ ۾ وڌو جنهن جو خاص مقصد ادبي تحقيق ۽ تدريس سان گڏ تعليمي ۽ تاريخي رهنمائي ۽ سماجي ڀلائي جي اصولن کي وڌائڻو ويجهائڻو آهي.
گل حيات جي قيام سان متعلق ڊاڪٽر صاحب جو شروعاتي نعرو هوندو هيو ته ”توهان مون کي ردي ڏيو ۽ مان توهان کي تاريخ ڏيان”. اڄ کان قريبن ٽيهه سال اڳ سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ اهڙو نعرو ڪنهن عجيب و غريب خيال هي اهڙي پوک هئي جنهن جي چئني پاسي وهمن، چرچن، ٺٺولن ۽ گمانن جا ٽولا ڦرندا رهندا هيا. رٽائر ماڻهو، رياستي بي قدري، قومي بي حسي، وسائلن جي اڻاٺ، وڏو اهل عيال، بيشمار ذميدارين جا ٿڪائيندڙ معاملا سامهون پر ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جنون ساڻن سدائين مشعلِ راهه رهيو. ان سلسلي ۾ شروعاتي دور جا ڏکيا ڏاڪا چڙهڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ننڍي ڀاءُ اميربخش مواد حاصل ڪرڻ، سانڍڻ ۽ سموهڻ ۾ سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو. سندس پٽن ممتازعلي ۽ ذاهد علي پڻ پنهنجو قيمتي وقت ڏئي سندس همنوائي ڪئي ته سندس پوٽو محسن علي پڻ هٿ ۽ هڏ ونڊائيندو رهيو.
ڊاڪٽر پٺاڻ هي ادارو قائم ڪري نه رڳو پنهنجي والدين جو نالوروشن ڪيو پر پاڻ کي مصروف رکڻ سان گڏ پنهنجي اولاد کي به زندگي گذارڻ جي هڪ احسن رستي تي لاڙي وڌو آهي. علم سان اهڙي محبت ۽ عقيدت سبب سندن نالو سنڌي ادبي تاريخ ۽ تحقيق جي دنيا ۾ وهائو تاري وانگرچمڪندي زندگي ۾ ئي کيس هڪ نظرياتي ليجنڊ جي مرتبي تائين پهچائي چڪو آهي. پر اهو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي زندگي جا بيشمار قيمتي مهينا، سال، راتيون ۽ ڏينهن گل حيات جي ترتيب، تاليف ۽ ترڪيب تي قربان ڪيا.
ڊاڪٽر پٺاڻ جي معتبر نالو ۽ ادارو نه رڳو هر دور جي مصنفن، محققن ۽ مورخن لاءِ دلچسپي جو حامل رهيو آهي پر تحقيقي ڪم سان جڙيل بيشمار ادارا ۽ شخص سندس محنت مان فيضياب ٿيندا رهندا آهن جن کي ڊاڪٽر صاحب کان هر قسم جو تعاون ملندو رهندو آهي جن مان سنڌيالوجي، سنڌ مدرسته الاسلام، لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، نينشنل بڪ ڪائونسل آف پاڪستان، گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچي، بيورو آف ڪيوريڪيوليئم ڄامشورو، سچل چيئر ڪراچي يونيورسٽي،پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز، ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو. خيرپور ميرس، پاڪستان نيشنل سينٽر ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو وغيره خاص آهن .
گل حيات ۾ هزارين ناياب ڪتابي نسخن ۽ اخباري تراشن متعلق بيشمار تحقيقي دنيائون آباد آهن جن مان هر دنيا جي پٺيان وري الگ الگ دنيائن جو هڪ وسيع وعريض سلسلوجڙيل آهي. ڊاڪٽرصاحب 1843ع کان وٺي اڄ تائين هر قسم جومواد ڪٺو ڪيوآهي جنهن کي پڙهندڙن جي سولائي لاءِ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي طريقي سان موضوع جو حساب رکي ويهه مختلف ڪارنز يا چيئرز مين ونڊيو ورهايو ويوآهي جيڪو تمام محنت طلب جوکو آهي ۽ مون کي حيرت آهي ته هن پوڙهي شينهن اڪيلي سر اهو ڪيئن ڪيو هوندو.
ڊاڪٽر صاحب گل حيات جي خزاني کي ڇڙو عمارت تائين محدود ڪونه رکيو آهي پر ان کي جديد ترين سائيبر دنيا، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ پڻ احسن طريقي سان متعارف ڪرائيندو رهيو آهي ته جيئن دنيا ڀر ۾ پکڙيل محقق سندس محنت مان فائدو وٺي سگهن. نئين شاگردن کي به ڊاڪٽر پٺان فون، خطن ۽ اي ميل ذريعي تحقيقي ۽ تدريسي امداد ڪري سندن منزل جي تعين ۾ مدد ڪندو رهندو آهي. گل حيات جي ويب سائيٽ تي به محققن لاءِ تمام گهڻو مواد رکيو ويو آهي ته جيئن ضرورت مندن کي اهو علمي ڀنڊار هر وقت موجود رهي ۽ اسان جون موجوده ۽ ايندڙ نسلون صدين تائين پنهنجي شاندار ماضي سان متعلق ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي خطي جي تاريخ سان دلچسپي جي بنياد تي وابستگيون قائم ڪري سگهن. دنيا ڀر ۾ هر طبيعت ۽ فڪري لاڙن جون شخصيتون گل حيات ۾ جمع خزاني کي ڏسڻ ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ اينديون رهنديون آهن جن لاءِ گل حيات جو هڪ اڌ ڪمرو ڪڏهن ڪڏهن گيسٽ هائوس جو ڪم پڻ ڏيندو آهي. هتي هڪ بورچي خانوپڻ آهي جتي اڪثر اوقات ڊاڪٽر صاحب پاڻ مهمانن جي خدمت ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪو مهمان به سندن هٿ ونڊائيندو آهي.
حضورصلعم جو قول آهي ته “محقق جي قلم جي مس شهيد جي خون کان وڌيڪ مقدس ٿيندي آهي“. شايد ان لاءِ ئي اقوامِ عالم پنهنجي انهن دانشورن کي خزانن سان ڀيٽائينديون آهن جن وٽ زندگي ۾ ئي عمده ڪردار، عقلمندي ۽ عظيم روح هوندو آهي جي هر قسم جي ڪاڙهي، ڪوجهي ۽ ڪوڙي حالات ۾ به همٿ سان جيئندا،سوچيندا ۽ عمل ڪندا آهن. دانشور ڄاڻندا آهن ته خوابن جي تعبير جادو ٽوڻي سان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي بلڪه ان لاءِ سچ ۽ سلوڪ جي رت ست سان ڏيئا ٻاري منزل جو تعين ڪري دل، دماغ ۽ عمدي اعصابن سان سخت جستجو ڪرڻي پوندي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سموري زندگي اهڙي ئي جهدِ مسلسل جي عمده مثال آهي جنهن ۾ هن سکڻ ۽ سيکارڻ عضوو بڻائي ڇڏي آهي.
پنهنجوقيمتي وقت، اوجاڳا، اکين جو نور، پنهنجي پيارن کي ڏيڻ واري وقت مان ڪٽوتي ڪري، ڪروڙين لمحا پنهنجوپاڻ کان ئي چورائي اخبارن ۽ رسالن جي ردي مان اسان جو اتهاس جوڙڻ واري هن ادبي پيغمبر جيڪا محنت ڪئي آهي اهڙي مشقتن لاءِ ئي محنت ۾ عظمت جون ڳالهيون هر دور ۽ هر قوم جي وڏڙن جوڙيون آهن. اهڙن جوکن لاءِ ڪيترن ادارن ۽ ڄمارن جو هجڻ به ناڪافي آهي پر هي دنيا اچرج گهر آهي جتي اسان جهڙي سهلِ طلب قوم ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر درمحمدپٺان جهڙا کاهوڙي ڪردار ملي ويندا آهن جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريندا آهن جيڪو ڪري ته ڇا پر سوچڻ سان به اسان جهڙا ماڻهو ڪيٻائيندا آهن. سندس محنت ڏسي مون کي ته سمجهه ۾ ڪونه ايندو آهي ته هن انسان کي اسان جي قوم ۽ دور ۾ ڪٿي ويهاريو وڃي ۽ سندس حاصلِ محنت کي ڪهڙو مقام ڏنو وڃي. سچ ڳالهه اها آهي ته مان پڻ پنهنجي دنيا ۾ تحقيقي لکڻ لکائڻ متعلق ديو مڃيو ويندو آهياڻ پر ڊاڪٽر صاحب جي محنت ڏسي مون کي لڳندو آهي ڄڻ ته مون جهڙا ماڻهو هن پهاڙ جي سامهون زمين تي ريڙهيون پائيندڙ ڪيڙن ماڪوڙن کان وڌيڪ اهميت ڪونه ٿا رکن.
ڊاڪٽر صاحب 1843ع کان وٺي اڄ تائين سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن مان هزارين موضوعن جون ڪٽنگس، ايڊيٽوريئل، واقعات، معاملات ۽ سانحات جي تراشن کان علاوه پريس ڪلپس، سوين خط، هر پارٽي جا پوسٽر، اسٽيڪر، ٽوپيون، شرٽيون، هر ننڍي وڏي رهنما ۽ اين جي اوز جا پروفائيل، ڊاڪو چورن، اغوا ٿيندڙن، اغوا ڪندڙن، آزاد ٿيڻ وارن، مرڻ وارن سان متعلق مواد، پريس ڪانفرنسن جا پمفليٽ، هينڊ بلز، نيوزايٽمز، بڪ ليٽس وغيره جو هڪ تمام وڏو ذخيرو جمع ڪيو آهي. اهڙي ريت هتي سياست، اسلاميات، اقتصاديات، تنظيمن، سياسي ۽ سماجي پارٽين، عالمي مذهبن، تاريخ، قديم ماڳن، آزادي واري هلچل، سياسي ادب، صحافين، پيرن، خليفن، اديبن، تازه حالتن جا مامره، شخصيتن ۽ انهن جي پيدائش توڙي وفات کان وٺي زندگي ۽ جدوجهد جي مختلف واقعن ۽ حادثن جا سوين فائيل ملندا. جيڪڏهن رڳو انهن موضوعن جا نالا ئي لکيا وڃن ته ان لاءِ سوين ورق کپندا. توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته صرف ايم آر ڊي جي پسمنظر ۾ جمع ٿيل مواد جا پنج سو کان مٿي بائينڊيد فائيل گل حيات ۾ موجود آهن.
ان کان علاوه گل حيات ۾ ناياب ڪتابي خزاني سان گڏ تاريخ سان سلهاڙيل ڪمياب ترين تصويرن جي صورت ۾ جمع ڪيل تاريخ جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي جنهن کي ڏسي سندس کوجي خالق جي همٿ، محنت، شوق ۽ عظمت جو دل جي گهرائي سان قائل ٿيڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر صاحب وٽ ادبي امداد جي تدوين ۽ ترسيل لاءِ ڪڏهن نهڪر ڪونه ٻڌي ۽ ڏٺي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر اڃارو ڪردار پوءِ اهو ادارو هجي يا شخص هتان سيراب ٿيندو رهندو آهي. اسان جي قوم سان متعلق هڪ عجيب و غريب حقيقت اها آهي ته جنهن قوم اجتماعي ۽ انفرادي طور تي سدائين تاريخ جهڙي سبجيڪٽ جي اهميت سان نهڪر واري پٺي ڏني ان قوم مان هڪ ماڻهوڦٽي ڪيل ردي جي ٽڪرن مان اسان جي ۽ اسان جي خطي جي تاريخ جوڙي اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو هن وقت تائين ڪنهن اداري ڪونه ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب علم، ادب ۽ تاريخ جي حوالي سان هر ان شي کي اهميت ۽ پيار ڏئي ان جي پرورش ڪئي آهي جنهن کي اسان اجتماعي طور تي سدائين ٻوجهه ۽ نفي جو سامان سمجهي ڌڪاريو آهي.
ڊاڪٽرصاحب وٽ جمع ٿيل سوين موضوعن منجهان صرف هڪ موضوع جي عنوانن سان توهان کي سندس محنت جو اندازو ٿيندو. مثال طور اسان انگريز دور کان هن وقت تائين جيتريون ڀي سياسي پارٽيون جڙيون، اڀريون ۽ اسريون آهن انهن سڀني جا پروفائيل گل حيات ۾ موجود آهن. جهڙوڪ سنڌ سڀا، سنڌ هندو سڀا، سنڌ بمبئي صوبائي ڪانفرنس، برٽش ايمپائر ليگ، س پراونشل ڪانفرنس، هوم رول ليگ، سنڌ مسلم ليگ، ستيه گرهه سڀا، سيواديشي سڀا، جميعت العلما، خلافت ڪاميٽي، امن سڀا، انٽي نان ڪوآپريٽو سوسائٽي، دي نيشنل سروس ليگ، سوراج سڀا، سنڌ سوراج سوسائٽي، سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، اپر سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، نيشنل ڪنوينشن ڪلب، سنڌ زميندارز سڀا، هاري پارٽي، اينٽي سيپريشن ڪاميٽي، سنڌ آزاد ڪانفرنس، سنڌ پيپلز پارٽي، سنڌ آزاد پارٽي، انڊين نيشنل ليگ، سنڌ پروگريسو پارٽي، سنڌ پوليٽيڪل ڪلب، سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪاميٽي، سول لائيبرٽيز يونين، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي، سنڌ ليبر پارٽي، سنڌ سوشلسٽ پارٽي، يونينسٽ پارٽي، خاڪسار تحريڪ، آل انڊيا مسلم ليگ، سنڌ ساگر پارٽي، مسلم نيشنلسٽس پارٽي، سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي، سياسي ادب، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ هاري پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ، ترقي پسند پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ جا سمورا گروپ، سنڌ نيشنل فرنٽ، عوامي تحريڪ، سنڌڊيموڪريٽڪ پارٽي وغيره جهڙي پارٽين جي سمورن اڳواڻن، عهديدارن، انهن جي بيانن، تقريرن، پريس ڪانفرنسن، پارٽين جي مختلف ونگن ۽ انهن جا ڏيڍ سوسالن کان مٿي واري ان عرصي دوران ٿيل هر قسم جي مشغلن، معاملن ۽ هلچل کي الڳ الڳ ٽاپڪن ۾ جمع ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جو وڏو پٽ ممتازپٺاڻ آئي ڏينهن نهايت عرق ريزي سان گل حيات جي علمي ساگر ۾ ٽٻيون هڻي انتهائي انمول موتين جهڙي موضوعن سان اسان کي واقف ڪرائيندو رهندو آهي جن کي مان پنهنجي تمام مصروفيتن جي باوجود ضرور پڙهندو رهندو آهي جو اهي منهنجي لاءِ تمام گهڻيون ڪارائتيون هونديون آهن جو کيس تاريخي معامرن کي سموهي قلمبند ڪرڻ جي جادوگري سندس تحرير ۾ جام ملندي آهي جيڪا يقينن کيس سندس والد کان ورثي ۾ ملي آهي.
هن دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجو پاڻ کي موڪلڻ جو مقصد ۽ خدا تعالا جو (پنهنجي متعلق) منصوبو ڄاڻي وٺندا آهن ۽ پنهنجي زندگي کي ڀوءَ ۽ انديشن ۾ اڇلڻ بجاءِ ان کي سمجهي پنهنجي منزل کوجڻ جي رستي تي لڳي پوندا آهن جنهن کي سندن حوصلا جلد يا دير ماڻي وٺندا آهن، ڊاڪٽر صاحب به اهڙي قسم جي مانجهين منجهان آهي جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري چڪڻ کان پوءِ ڌرتي ۽ قوم ڏانهن پنهنجو فرض پڻ نڀائي ڇڏيندا آهن. ڊاڪٽر صاحب جو مڃڻ آهي ته ”ترقي يافته ملڪن ۾ قومن جون ٽي اکيون هونديون آهي جن مان هڪ سندس ماضي تي، ٻي هلندڙ وقت تي ۽ ٽين اک سندن مستقبل تي نظر رکڻ جي ڪم ايندي آهي. جڏهن ته اسان قوم جي پسمنظر ۾ ٽئي اکيون نه هئڻ جي برابر آهن ئي پر اسان جو حافظو به گهڻو ڪمزور آهي ان لاءِ ترقي يافته قومن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نه رڳو اسان جي ٽنهي اکين جي روشني سلامت هجڻ گهرجي پر اسان جو مستقبل تڏهن ئي مانائتو ۽ سڌريل ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان ماضي جي ناڪامين مان سبق پرائي پنهنجي حال کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪيون“. ڊاڪٽرصاحب پنهنجي ٽنهي اکين سان گڏ جي چوٿين علمي اک کي پڻ متحرڪ ۽ مرڪوز رکي گل حيات ۾ اسان جي قومي ورثن ادب، اخلاق، سماجيات، تهذيب ۽ تمدن جي عملن ۽ رد عملن جو هڪ مڪمل رڪارڊ جمع ڪيو آهي ته جيئن اسان جون ايندڙ پيڙهيون ان مان مستفيد ٿي منزلِ حيات و نجات جو تعين ڪري سگهن.
حڪومتِ وقت کي گهرجي ته محبت سان ڪيل ان مزدوري کي ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجو ڪري لاڙڪاڻو ۾ ڪا عمارت ٺهرائي ڊاڪٽردرمحمدپٺاڻ جي نالي سان ڪو تحقيقي ادارو جوڙيو وڃي يا گل حيات جي موجوده عمارت کي نيشنلائيز ڪيو وڃي جو هاڻي ڳالهه صرف ڊاڪٽر پٺاڻ جي نه بلڪه اسان جي ملڪ جي هر سياسي، سماجي، ادبي، تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي پسمنظر ۾ انتهائي عرق ريزي سان جمع ڪيل لکين ورقن جي ترتيب سان نه رڳو سوين تاريخي ڪتابون جڙي سگهجن ٿيون پر اسان جي ايندڙ نسل کي هڪ اهڙو طاقتور ۽ مدلل تحقيقي پليٽ فارم ملي سگهندو جيڪو صدين تائين علم جي اڃ اجهائڻ ۾ سائلن سان معاون ثابت ٿيندو.
سرڪار سان گڏ اسان جي قوم کي پڻ گهرجي ته پنهنجو خون ۽ پگهر ڏئي اسان توهان لاءِ هن انمول محنت کي جمع ڪرڻ جي موٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيترو ٿي سگهي عزت و احترام ڏنو وڃي جو هن ناگوار دور ۾ جتي اسان سڀئي اجتماعي ۽ انفرادي طورتي پنهنجي پنهنجي خواهشن جا غلام بڻيا اجائي عياشين ۽ آواره گردين پٺيان ڊوڙيندي قوم، ملڪ، نسل، زمين ۽ رشتن ناطن وڪڻڻ واري رهزني ٽولن ۾ شامل ٿي هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ مصروف آهيون۽ جتي اسان غفلت جي ننڊ ۽ جهالت جي اوجاڳن ۾ هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا آهيون اتي هڪ اڪيلو ماڻهو زمين اندر پاڙون کوڻڻ جي گڻن کي جنم ڏئي رهيو آهي. اسان جي بنجر سماجي ذهنن جي رت ريٽي کيڙين ۾ دعائن جو ٻيجارو ڪري رهيو آهي، پٿر دل انسانن ۾ مٽيءَ سان پيار ڪرڻ جا سليقا جوڙي رهيو آهي. هن لاڏي پنهنجي لاوارث تاريخ کي سيني لائي تهذيب جي رکوالي لاءِ ايترا ته اوجاڳا ڪيا آهن جو هاڻي سندس مور اکيون به سڄي پيون آهن. اسان لاءِ هن ايترو ته ڳالهايو آهي جو سندس نڙي ويهجي ويئي اٿس ۽ اسان لاءِ ايترو ته لکيو اٿائين جو هاڻي سندس مقدس هٿ به ٿڪجي پيا آهن پر ان جي باوجود پنهنجي وجود کي صدين جو ٿڪُ ويڙي هي اٽوٽ مانجهي انڌيرن سان مهاڏو اٽڪائيندي اسان لاءِ ڪيئي محاذن تان ويڙهاند ڪري رهيو آهي.
هي سڀ ڪجهه هن ڪنهن لالچ، عهدي، مرياده يا پيسن ويسن جي چڪر ۾ نه ڪيوآهي پر پنهنجي سودائي دل سان سودو ڪري ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ اسان جي ايندڙ نسلن کي پنهنجو ٽائيم بينڪ ڏئي علمي، ادبي، تهذيبي ۽ تاريخي طور تي مقروض ڪرڻ جي مقدس ڪم کي سرانجام ڏئي رهيو آهي ته جيئن هو پنهنجي مٽيءَ جو قرض چڪائڻ ۽ قوم کي جهالت مان آزادي ڏيارڻ واري مهان انسانن ۾ شامل ٿي سگهي.
ردي جي ٽڪرن مان تاريخ اڏيندڙ ادبي پيغمبر
گل حيات انسٽيٽيوٽ جو جهان اڏيندڙ ڊاڪٽر درمحمد پٺان
آصف رضا موريو
ڊاڪٽر درمحمد پٺان جي علمي ۽ ادبي شخصيت بيشمار حوالن سان اسان لاءِ انمول ۽ ناياب آهي جو هو تعليم جو ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ هڪ معتبر استاد، شاندار لکاري، تنقيد نگار، مورخ، ڪالمنگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، علم و ادب دوست انسان آهي جنهن جون تاريخ، تهذيب، علم الانسان، لوڪ ادب، ٻارڙن جي ادب، سوانح عمري ۽ ڪجهه ٻين موضوعن تي پنجويهن کان مٿي ڪتابون ڇپجي چڪيون آهن. سندس لکيل هزارين مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن جي سونهن بڻجي چڪا آهن جن ۾ هر نئين ڏينهن نئون اضافوٿيندي ڏٺو ويو آهي. اهي تمام قابلِ فخر حاصلاتِ زندگي پنهنجي جاءِ تي معتبر ۽ قابلِ قدر سهي پر ڊاڪٽر صاحب جي شهرت جو خاص سبب “گل حيات اسٽيٽيوٽ” جهڙي باوقار تحقيقي اداري جو ٻوٽو ٻاري ان کي وشال وڻ بڻائڻ آهي.
ڊاڪٽرصاحب جو خاندان قريبن ڏيڍ صدي ڌاري کان خيرمحمد آريجو شهر ۾ آباد آهي. سندس ڪڙنب جا اڪثر مرد ماڻهو ڌنڌي ڌاڙي متعلق ٽي ڪم ڪندا رهيا آهن جن مان هڪ لوهارڪو ڪم، ٻيو استاد جي نوڪري ۽ ٽيون جانورن جي حڪمت. هنن ۾ دعا تعويذ لکڻ جو رواج به ڪيئي پيڙهين کان عام آهي. ڊاڪٽر صاحب جو تڙ ڏاڏو، پڙ ڏاڏو، والد ۽ چاچا به سموري ڄمار انهن ڪمن سان منسلڪ رهندا آيا پر هڪ دور اهڙو به آيو جو لوهارڪو ڪم سندن خانداني سڃاڻپ بڻجي ويو. آريجا جي هن پٺاڻ خاندان نه ڪا دولت ميڙي ۽ نه ئي زمين جائداد ٺاهي پر عزتِ نفس سان رُکي سُکي کائي پنهنجي اولاد کي علم ۽ هنر جي دولت سان سدائين مالامال ضرور ڪندا رهيا.
ڊاڪٽر صاحب جا وڏڙا اصل ۾ لاڙڪاڻو ضلعي جي اتر اولهه ۾ واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڦيڙها آريجا جا رهواسي هيا جيڪي بعد ۾ اتان هجرت ڪري مختلف ڳوٺاڻيون وستيون وسائيندا ڪوٺي ڪلهوڙا نالي واهڻ ۾ آباد ٿيا پر ڪجهه عرصو اتي رهڻ کان پوءِ اتان به لڏي باقراڻي شهر ۾ وڃي رهڻ لڳا جتي پڻ زندگي جا معاملا سودمند نه ڏسي ڪجهه ڪلوميٽر پرڀرو آباد ڳوٺاڻي شهر خيرمحمدآريجا ۾ اچي آباد ٿيا جتي هن قابلِ فخر هنرمند ۽ معلم خاندان جي موجوده نسل اڃان تائين آباد آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي پڙڏاڏو حاجي خدابخش پٺاڻ کي نورمحمد، درمحمد، حبيب الله ۽ گل محمد نالي چئن پٽن جي اولاد هئي جن مان گل محمد ڊاڪٽرصاحب جو والد هيو جنهن پنهنجي وڏي ڀاءٌ درمحمد جي جواني ۾ ٿيندڙ وفات کان پوءِ پنهنجي ٽئين پٽ تي ان جو نالو رکيو. ڊاڪٽر صاحب جا ٽئي چاچا حڪمت جو ڪم ڪندا هيا جڏهن ته حبيب الله تعليم کاتي ۾ استاد به هيو. ڊاڪٽر صاحب جو والد لوهارڪي ڌنڌي سان گڏ حڪمت جو ڪم پڻ ڪندو هيو پر هن پنهنجي چئني پٽن شفيع محمد، شيرمحمد، درمحمد ۽ اميربخش کي حسبِ حال تعليم جي زيور سان سينگاريو ۽ چارئي تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيا پر انهن مان ڊاڪٽر درمحمد پنهنجي ذوق وشوق ۽ ترقي پسند سوچ سبب گهڻو اڳتي وڌي ويو.
ڊاڪٽر صاحب جو جنم 25 مئي 1945ع ڌاري خيرمحمد آريجا ڳوٺ ۾ ٿيو. هن پنجين جماعت 1953ع ۾ گرلس پرائمري اسڪول آريجا مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ گورنمنٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان حاصل ڪرڻ کان پوءَ هن باقي سڀئي امتحان ايڪسٽرنل شاگرد طور خانگي ڏنا. هن فرسٽ ييئر ۽ انٽر جو امتحان سکر جي هڪ سينٽر ۾ ڏنو جو ان دور ۾ لاڙڪاڻو ۾ خانگي امتحاني سينٽر ڪونه هوندا هيا. 1969ع ۾ هن گريجويشن ڪئي. ان دور ۾ مڊل اسڪول ڪونه هوندا هيا پر ميٽرڪ پاس ڪرڻ واري شاگردن کي اي بي ڪلاسن تحت پرائمري اسڪولن ۾ انگريزي استاد مقرر ڪيو ويندو هيو.
1971ع ۾ هن بي ايڊ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. توڙي جو ان دور ۾ تعليمي پاليسين جي قانون موجب ايڪسٽرنل شاگرد بي ايڊ ڪرڻ جا مجاز ڪونه هوندا هيا پر ان وقت جو سيڪريٽري تعليم عيساڻي صاحب ڀلوڙ انسان هيو جنهن هڪ جنرل حڪنامو ڪڍيو جنهن تحت ايڪسٽرنل شاگرد به ريگيولر شاگردن جيان بي ايڊ ڪري پيا سگهن. ڊاڪٽر صاحب 1972ع ۾ايم اي جو امتحان ڏنو جنهن ۾ هن فرسٽ ڪلاس ٽين پوزيشن کنئي جڏهن ته 1979ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ”ڪراچي جي ادبي تاريخ“ جي عنوان سان سنڌي ادب ۾ پي ايڃ ڊي ڪئي جنهن ۾ سندن سپروائيزر سنڌ جو لائق سپوت غلام علي الانا هيو.
ڊاڪٽرپٺاڻ کي 1964ع ۾ انگريزي استاد جي نوڪري ملي جڏهن ته سندس پهرين پوسٽنگ اعتبار چانڊيو پرائمري اسڪول ۾ ٿي هئي. 1973ع ۾ کيس ليڪچرر ڪيو ويو. 29 مئي 1985ع ۾ سندن اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ٿي جنهن کان ڏهه ڏينهن اڳ سندن تقرري انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ٿي هئي جتي ڪجهه عرصي تائين پاڻ ڊائريڪٽر پڻ رهيا. نومبر 1991ع کان اپريل 1995ع تائين گورنمنٽ سائنس ڪاليج ڏوڪري ۾ پرنسيپل طور فرض سرانجام ڏيندا رهيا جتي پاڻ سنڌي جا ايسوسيئيٽ پروفيسر به رهيا. 14 آگسٽ 2001ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو مقرر ٿيا جتان بعد ۾ 20 گريڊ ۾ ترقي ٿيڻ تي 1 مارچ 2003ع ۾ کين گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 2004ع ۾ کيس لٽرري اينڊ نان فارمل بيسڪ ايجوڪيشن سنڌ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو جنهن کان پوءِ گورنميٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ پرنسيپل ٿيا ۽ 24 مئي 2005ع ۾ ريٽائر ٿيڻ تائين ان مقام تي فائز رهيا۔
ڊاڪٽر صاحب سدا بهار، همت ور ۽ محنت ڪش انسان آهي جو رٽائرمنٽ به سندن شگفتگي، جهدِ مسلسل ۽ باعمل جستجو جا رستا روڪيندي ڪونه ڏٺي وئي. اهو ئي سبب آهي ته سرڪاري نوڪري ختم ٿيڻ کان پوءِ به علم جي هن درياهه مان ڪافي تعليمي ادارا فيضياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. پاڻ سيٽمبر 2005ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾وائيس پرنسيپل رهيا جتي آڪٽوبر 2006ع تائين فرضن کي نڀائيندا رهيا ته فيبرري 2009ع کان فيبرري 2011ع تائين زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻو۾ پڻ پرنسيپل به رهيا.
ڊاڪٽرصاحب مختلف يونيورسٽين ۽ بورڊز ۾ انٽرميڊئيٽ، بي اي ۽ ايم اي جا سنڌي پيپر تيار ڪرڻ واري ٽيمن جا ممبر رهندا اچن ٿا. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، قائدِ اعظم يونيورسٽي اسلام آباد، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو ۽ ٻين ڪافي تعليمي ادارن ۾ پاڪستان اسٽڊي، تاريخ، ڪلچر، تعليم، سنڌي وغيره ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن لاءِ سند يافته گائيڊ آهن جنهن هن وقت تائين بيشمار شاگردن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي آهي.
ڊاڪٽر صاحب کي سندن علمي قابليت جي موٽ ۾ ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ بورڊ آف گورنر جي اعزازي ميمبر هئڻ جو شرف حاصل رهيو آهي جن مان خاص مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي اڪيڊمڪ ڪائونسل لاڙڪاڻو، بلاول ريسرچ انسٽيٽيوٽ نواب شاهه، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، بورڊ آف اسٽڊيز شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، بزمِ طالب المولا وغيره خاص آهن.
ڊاڪٽر صاحب گهڻو تڻو سنڌي زبان ۾ ڪتابون لکيون آهن جن جي ترتيب هن ريت آهي موتي مور ملوڪ جا (1981ع)، اسان جا اديب (1983ع)، جو ڪيو مطالعو مون (1983ع)، آئينو ۽ اولڙو (1984ع)، ذهني آزمائش (1984ع)، سياسي چرپر (1985ع)، ڇيلڙي وارو شهزادو (1985ع)، مولانا عبيدالله سنڌي (1985ع)، آدرش رنگ (1986ع)، ادب ۽ ماحول (1987ع)، سنڌيالوجي سووينيئر (1987ع)، جهڙا گل گلاب جا (1988ع)، موتين مٺ ملوڪ جي (1991ع)، لاتيون سڻ لقمان جون (1995ع). هنن 2002ع ۾ انگريزي زبان ۾ به ڪتاب لکي هئي جنهن جو نالو Luminaries of Larkano آهي.
سموري ڄمار سنڌي ادبي، تدريسي، انتظامي ۽ تحقيقي دنيائن جي خدمتن موٽ ۾ ڊاڪٽرصاحب تمام گهڻي عزت، تڪريم ۽ مقام ڪمايو آهي جيڪو سندس حق به آهي ته حاصلِ محنت به. سندس محنت جي مڃتا ۾ کيس بيشمار ايوارڊ ۽ اعزازات پڻ ملندا رهيا آهن جن مان خاص اديون ايوارڊ (1884ع)، سنڌ مدرسو سلور ايوارڊ (1985ع)، وائس چانسلر ايوارڊ (1987ع)، پاڪستان اسٽڊي شيلڊ (1989ع)، هوش محمد شيدي شيلڊ (1991ع)، سنڌ گريجويٽ ايسوسيئيشن گولڊ ميڊل (1992ع)، ڏيپلائي ايوارڊ (1992)، طالب المولا ايوارڊ (1993)، ڪيڊٽ ڪاليج شيلڊ (1994ع)، شيرل باڊاهي ايوارڊ (1995ع)، شهدادپور ايجوڪيشنل شيلڊ (1995ع)، لاڙڪاڻو ريسرچ ايوارڊ (2001ع)، مادرِ وطن ايوارڊ (2002ع)، لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ (2005ع قلندرشهباز ميلا ڪميٽي) وغيره. ان کان علاوه امريڪن بائيوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان ڊاڪٽرصاحب کي بين الاقوامي سطح جي ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي صلي ۾ THE 2000 MILLENNIUM MEDAL OF HONOR ڏنو ويو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي طرفان پنهنجي تحقيقي لائيبرري ۾ “ڊاڪٽر درمحمد پٺان ڪارنر” پڻ رکيو ويو آهي.
گل حيات انسٽيٽيوٽ جو قيام
تاريخ عالم جي ايجاداتي دنيا ۾ ليئو پائڻ سان البرٽ پائيڪ جو قول سامهون اچي ٿو ته ”دنيا ۾ قريبن تمام عمده شيون غريب ماڻهن، غريب دانشورن، غريب محنت ڪشن، غريب مزدورن ۽ هنرمندن، غريب فلسفين، غريب شاعرن ۽ عقلمند غريبن تخليق ڪيون آهن“. اسان جي سنڌ ۾ علمي دنيا سان متعلق عمده شين مان هڪ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ پڻ آهي جنهن جي ايجاد جو سهرو به اسان جي هڪ غريب استاد جي سر آهي جنهن وٽ علم سان گڏ ان کان به طاقتور شي مشعلِ راهه رهي آهي جنهن کي تخيل چوندا آهن. انساني ذهن سان متعلق علم محدود ٿئي ٿو جڏهن ته تخيل پنهنجي اندر سموري ڪائنات سمائڻ جي لامحدود صلاحيت رکي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب جڏهن سنڌيالوجي ڇڏي ڳوٺ آيو ته هو پٺيان ڪيترن ڏهاڪن جي متحرڪ دنيا ڇڏي آيو هيو ان لاءِ ڳوٺ جي واندڪائي هن مشقتي انسان جو محنتي دل و دماغ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو ان لاءِ ڪجهه عرصو سوچ ويچار کان پوءِ هي کوجي انسان خاڪ مان خزانو تلاش ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي تيار ٿيو. ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين منتظم آهي جنهن بيشمار ادبي، سماجي ۽ تاريخي انجمنون ۽ ادارا جوڙيا هيا جن مان خاص سنڌ هسٽوريڪل سوسائٽي، لاڙڪاڻو هسٽوريڪل سوسائٽي، سنڌ سگهڙ سنگت، شهيد هوش محمد شيدي ويلفيئر آرگنائيزيشن، سنڌ رائيٽرز ويلفيئر گزٽ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو وغيره خاص آهن پر جنهن اداري شهرت جو سبب بڻجي سندس ذوق ۽ شوق جي آبياري ڪئي ۽ جنهن جي پرورش ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب پنهنجو وقت ۽ رت ست ڏنو سو گل حيات انسٽيٽيوٽ آهي جنهن جو قيام هن آگسٽ 1990ع پنهنجي ڳوٺ ۾ وڌو جنهن جو خاص مقصد ادبي تحقيق ۽ تدريس سان گڏ تعليمي ۽ تاريخي رهنمائي ۽ سماجي ڀلائي جي اصولن کي وڌائڻو ويجهائڻو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي والد جو نالو گل محمد هيو جڏهن ته حيات خاتون سندس والده هئي جن جي نالن جا پهريان حرف کڻي هن اداري جي نالي کي مڪمل ڪيو جيڪو اڳتي هلي سندس لاءِ انتهائي مبارڪ ۽ متبرڪ ثابت ٿيو. سندس والد پاڻ ته هڪ گهٽ پڙهيل لوهار هيو جيڪو باقراڻي شهر ۾ موجود پنهنجي دوڪان تي هر قسم جولوهارڪوسامان ٺاهيندو رهندو هيو پر هن جيڪا سڀ کان اهم ڪاريگري ڪئي سا هئي پنهنجي اولاد کي ڏنل تعليم جو هٿيار هيو جنهن متعلق هن وڏڙن کان ٻڌو هو ته ”قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور ٿيندو آهي“. هن ڊاڪٽردرمحمد پٺاڻ جي جي صورت ۾ جيڪو فرهادي هٿيار بڻايو هيو سو اڄ به جهالت جي اونداهي کي علم جي روشني سان چيرڻ جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته سندس لڳايل ٻوٽو اسان جي ايندڙ ڪيئي نسلن لاءِ علمي ڇانوري جي ڪم ايندو.
گل حيات جي قيام سان متعلق ڊاڪٽر صاحب جو شروعاتي نعرو هوندو هيو ته ”توهان مون کي ردي ڏيو ۽ مان توهان کي تاريخ ڏيان”. اڄ کان قريبن ٽيهه سال اڳ سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ اهڙو نعرو ڪنهن عجيب و غريب خيال هي اهڙي پوک هئي جنهن جي چئني پاسي وهمن، چرچن، ٺٺولن ۽ گمانن جا ٽولا ڦرندا رهندا هيا. رٽائر ماڻهو، رياستي بي قدري، قومي بي حسي، وسائلن جي اڻاٺ، وڏو اهل عيال، بيشمار ذميدارين جا ٿڪائيندڙ معاملا سامهون پر ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جنون ساڻن سدائين مشعلِ راهه رهيو. ان سلسلي ۾ شروعاتي دور جا ڏکيا ڏاڪا چڙهڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ننڍي ڀاءُ اميربخش مواد حاصل ڪرڻ، سانڍڻ ۽ سموهڻ ۾ سندس تمام گهڻو ساٿ ڏنو. سندس پٽن ممتازعلي ۽ ذاهد علي پڻ پنهنجو قيمتي وقت ڏئي سندس همنوائي ڪئي ته سندس پوٽو محسن علي پڻ هٿ ۽ هڏ ونڊائيندو رهيو.
ڊاڪٽر پٺاڻ هي ادارو قائم ڪري نه رڳو پنهنجي والدين جو نالوروشن ڪيو پر پاڻ کي مصروف رکڻ سان گڏ پنهنجي اولاد کي به زندگي گذارڻ جي هڪ احسن رستي تي لاڙي وڌو آهي. علم سان اهڙي محبت ۽ عقيدت سبب سندن نالو سنڌي ادبي تاريخ ۽ تحقيق جي دنيا ۾ وهائو تاري وانگرچمڪندي زندگي ۾ ئي کيس هڪ نظرياتي ليجنڊ جي مرتبي تائين پهچائي چڪو آهي. پر اهو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي زندگي جا بيشمار قيمتي مهينا، سال، راتيون ۽ ڏينهن گل حيات جي ترتيب، تاليف ۽ ترڪيب تي قربان ڪيا.
ڊاڪٽر پٺاڻ جي معتبر نالو ۽ ادارو نه رڳو هر دور جي مصنفن، محققن ۽ مورخن لاءِ دلچسپي جو حامل رهيو آهي پر تحقيقي ڪم سان جڙيل بيشمار ادارا ۽ شخص سندس محنت مان فيضياب ٿيندا رهندا آهن جن کي ڊاڪٽر صاحب کان هر قسم جو تعاون ملندو رهندو آهي جن مان سنڌيالوجي، سنڌ مدرسته الاسلام، لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، نينشنل بڪ ڪائونسل آف پاڪستان، گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچي، بيورو آف ڪيوريڪيوليئم ڄامشورو، سچل چيئر ڪراچي يونيورسٽي،پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز، ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو. خيرپور ميرس، پاڪستان نيشنل سينٽر ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو وغيره خاص آهن .
گل حيات ۾ هزارين ناياب ڪتابي نسخن ۽ اخباري تراشن متعلق بيشمار تحقيقي دنيائون آباد آهن جن مان هر دنيا جي پٺيان وري الگ الگ دنيائن جو هڪ وسيع وعريض سلسلوجڙيل آهي. ڊاڪٽرصاحب 1843ع کان وٺي اڄ تائين هر قسم جومواد ڪٺو ڪيوآهي جنهن کي پڙهندڙن جي سولائي لاءِ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي طريقي سان موضوع جو حساب رکي ويهه مختلف ڪارنز يا چيئرز مين ونڊيو ورهايو ويوآهي جيڪو تمام محنت طلب جوکو آهي ۽ مون کي حيرت آهي ته هن پوڙهي شينهن اڪيلي سر اهو ڪيئن ڪيو هوندو.
ڊاڪٽر صاحب گل حيات جي خزاني کي ڇڙو عمارت تائين محدود ڪونه رکيو آهي پر ان کي جديد ترين سائيبر دنيا، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ پڻ احسن طريقي سان متعارف ڪرائيندو رهيو آهي ته جيئن دنيا ڀر ۾ پکڙيل محقق سندس محنت مان فائدو وٺي سگهن. نئين شاگردن کي به ڊاڪٽر پٺان فون، خطن ۽ اي ميل ذريعي تحقيقي ۽ تدريسي امداد ڪري سندن منزل جي تعين ۾ مدد ڪندو رهندو آهي. گل حيات جي ويب سائيٽ تي به محققن لاءِ تمام گهڻو مواد رکيو ويو آهي ته جيئن ضرورت مندن کي اهو علمي ڀنڊار هر وقت موجود رهي ۽ اسان جون موجوده ۽ ايندڙ نسلون صدين تائين پنهنجي شاندار ماضي سان متعلق ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي خطي جي تاريخ سان دلچسپي جي بنياد تي وابستگيون قائم ڪري سگهن. دنيا ڀر ۾ هر طبيعت ۽ فڪري لاڙن جون شخصيتون گل حيات ۾ جمع خزاني کي ڏسڻ ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ اينديون رهنديون آهن جن لاءِ گل حيات جو هڪ اڌ ڪمرو ڪڏهن ڪڏهن گيسٽ هائوس جو ڪم پڻ ڏيندو آهي. هتي هڪ بورچي خانوپڻ آهي جتي اڪثر اوقات ڊاڪٽر صاحب پاڻ مهمانن جي خدمت ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪو مهمان به سندن هٿ ونڊائيندو آهي.
حضورصلعم جو قول آهي ته “محقق جي قلم جي مس شهيد جي خون کان وڌيڪ مقدس ٿيندي آهي“. شايد ان لاءِ ئي اقوامِ عالم پنهنجي انهن دانشورن کي خزانن سان ڀيٽائينديون آهن جن وٽ زندگي ۾ ئي عمده ڪردار، عقلمندي ۽ عظيم روح هوندو آهي جي هر قسم جي ڪاڙهي، ڪوجهي ۽ ڪوڙي حالات ۾ به همٿ سان جيئندا،سوچيندا ۽ عمل ڪندا آهن. دانشور ڄاڻندا آهن ته خوابن جي تعبير جادو ٽوڻي سان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي بلڪه ان لاءِ سچ ۽ سلوڪ جي رت ست سان ڏيئا ٻاري منزل جو تعين ڪري دل، دماغ ۽ عمدي اعصابن سان سخت جستجو ڪرڻي پوندي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سموري زندگي اهڙي ئي جهدِ مسلسل جي عمده مثال آهي جنهن ۾ هن سکڻ ۽ سيکارڻ عضوو بڻائي ڇڏي آهي.
پنهنجوقيمتي وقت، اوجاڳا، اکين جو نور، پنهنجي پيارن کي ڏيڻ واري وقت مان ڪٽوتي ڪري، ڪروڙين لمحا پنهنجوپاڻ کان ئي چورائي اخبارن ۽ رسالن جي ردي مان اسان جو اتهاس جوڙڻ واري هن ادبي پيغمبر جيڪا محنت ڪئي آهي اهڙي مشقتن لاءِ ئي محنت ۾ عظمت جون ڳالهيون هر دور ۽ هر قوم جي وڏڙن جوڙيون آهن. اهڙن جوکن لاءِ ڪيترن ادارن ۽ ڄمارن جو هجڻ به ناڪافي آهي پر هي دنيا اچرج گهر آهي جتي اسان جهڙي سهلِ طلب قوم ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر درمحمدپٺان جهڙا کاهوڙي ڪردار ملي ويندا آهن جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريندا آهن جيڪو ڪري ته ڇا پر سوچڻ سان به اسان جهڙا ماڻهو ڪيٻائيندا آهن. سندس محنت ڏسي مون کي ته سمجهه ۾ ڪونه ايندو آهي ته هن انسان کي اسان جي قوم ۽ دور ۾ ڪٿي ويهاريو وڃي ۽ سندس حاصلِ محنت کي ڪهڙو مقام ڏنو وڃي. سچ ڳالهه اها آهي ته مان پڻ پنهنجي دنيا ۾ تحقيقي لکڻ لکائڻ متعلق ديو مڃيو ويندو آهياڻ پر ڊاڪٽر صاحب جي محنت ڏسي مون کي لڳندو آهي ڄڻ ته مون جهڙا ماڻهو هن پهاڙ جي سامهون زمين تي ريڙهيون پائيندڙ ڪيڙن ماڪوڙن کان وڌيڪ اهميت ڪونه ٿا رکن.
ڊاڪٽر صاحب 1843ع کان وٺي اڄ تائين سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن مان هزارين موضوعن جون ڪٽنگس، ايڊيٽوريئل، واقعات، معاملات ۽ سانحات جي تراشن کان علاوه پريس ڪلپس، سوين خط، هر پارٽي جا پوسٽر، اسٽيڪر، ٽوپيون، شرٽيون، هر ننڍي وڏي رهنما ۽ اين جي اوز جا پروفائيل، ڊاڪو چورن، اغوا ٿيندڙن، اغوا ڪندڙن، آزاد ٿيڻ وارن، مرڻ وارن سان متعلق مواد، پريس ڪانفرنسن جا پمفليٽ، هينڊ بلز، نيوزايٽمز، بڪ ليٽس وغيره جو هڪ تمام وڏو ذخيرو جمع ڪيو آهي. اهڙي ريت هتي سياست، اسلاميات، اقتصاديات، تنظيمن، سياسي ۽ سماجي پارٽين، عالمي مذهبن، تاريخ، قديم ماڳن، آزادي واري هلچل، سياسي ادب، صحافين، پيرن، خليفن، اديبن، تازه حالتن جا مامره، شخصيتن ۽ انهن جي پيدائش توڙي وفات کان وٺي زندگي ۽ جدوجهد جي مختلف واقعن ۽ حادثن جا سوين فائيل ملندا. جيڪڏهن رڳو انهن موضوعن جا نالا ئي لکيا وڃن ته ان لاءِ سوين ورق کپندا. توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته صرف ايم آر ڊي جي پسمنظر ۾ جمع ٿيل مواد جا پنج سو کان مٿي بائينڊيد فائيل گل حيات ۾ موجود آهن.ان کان علاوه گل حيات ۾ ناياب ڪتابي خزاني سان گڏ تاريخ سان سلهاڙيل ڪمياب ترين تصويرن جي صورت ۾ جمع ڪيل تاريخ جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي جنهن کي ڏسي سندس کوجي خالق جي همٿ، محنت، شوق ۽ عظمت جو دل جي گهرائي سان قائل ٿيڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر صاحب وٽ ادبي امداد جي تدوين ۽ ترسيل لاءِ ڪڏهن نهڪر ڪونه ٻڌي ۽ ڏٺي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر اڃارو ڪردار پوءِ اهو ادارو هجي يا شخص هتان سيراب ٿيندو رهندو آهي. اسان جي قوم سان متعلق هڪ عجيب و غريب حقيقت اها آهي ته جنهن قوم اجتماعي ۽ انفرادي طور تي سدائين تاريخ جهڙي سبجيڪٽ جي اهميت سان نهڪر واري پٺي ڏني ان قوم مان هڪ ماڻهوڦٽي ڪيل ردي جي ٽڪرن مان اسان جي ۽ اسان جي خطي جي تاريخ جوڙي اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو هن وقت تائين ڪنهن اداري ڪونه ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب علم، ادب ۽ تاريخ جي حوالي سان هر ان شي کي اهميت ۽ پيار ڏئي ان جي پرورش ڪئي آهي جنهن کي اسان اجتماعي طور تي سدائين ٻوجهه ۽ نفي جو سامان سمجهي ڌڪاريو آهي.
ڊاڪٽرصاحب وٽ جمع ٿيل سوين موضوعن منجهان صرف هڪ موضوع جي عنوانن سان توهان کي سندس محنت جو اندازو ٿيندو. مثال طور اسان انگريز دور کان هن وقت تائين جيتريون ڀي سياسي پارٽيون جڙيون، اڀريون ۽ اسريون آهن انهن سڀني جا پروفائيل گل حيات ۾ موجود آهن. جهڙوڪ سنڌ سڀا، سنڌ هندو سڀا، سنڌ بمبئي صوبائي ڪانفرنس، برٽش ايمپائر ليگ، س پراونشل ڪانفرنس، هوم رول ليگ، سنڌ مسلم ليگ، ستيه گرهه سڀا، سيواديشي سڀا، جميعت العلما، خلافت ڪاميٽي، امن سڀا، انٽي نان ڪوآپريٽو سوسائٽي، دي نيشنل سروس ليگ، سوراج سڀا، سنڌ سوراج سوسائٽي، سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، اپر سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، نيشنل ڪنوينشن ڪلب، سنڌ زميندارز سڀا، هاري پارٽي، اينٽي سيپريشن ڪاميٽي، سنڌ آزاد ڪانفرنس، سنڌ پيپلز پارٽي، سنڌ آزاد پارٽي، انڊين نيشنل ليگ، سنڌ پروگريسو پارٽي، سنڌ پوليٽيڪل ڪلب، سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪاميٽي، سول لائيبرٽيز يونين، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي، سنڌ ليبر پارٽي، سنڌ سوشلسٽ پارٽي، يونينسٽ پارٽي، خاڪسار تحريڪ، آل انڊيا مسلم ليگ، سنڌ ساگر پارٽي، مسلم نيشنلسٽس پارٽي، سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي، سياسي ادب، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ هاري پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ، ترقي پسند پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ جا سمورا گروپ، سنڌ نيشنل فرنٽ، عوامي تحريڪ، سنڌڊيموڪريٽڪ پارٽي وغيره جهڙي پارٽين جي سمورن اڳواڻن، عهديدارن، انهن جي بيانن، تقريرن، پريس ڪانفرنسن، پارٽين جي مختلف ونگن ۽ انهن جا ڏيڍ سوسالن کان مٿي واري ان عرصي دوران ٿيل هر قسم جي مشغلن، معاملن ۽ هلچل کي الڳ الڳ ٽاپڪن ۾ جمع ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جو وڏو پٽ ممتازپٺاڻ آئي ڏينهن نهايت عرق ريزي سان گل حيات جي علمي ساگر ۾ ٽٻيون هڻي انتهائي انمول موتين جهڙي موضوعن سان اسان کي واقف ڪرائيندو رهندو آهي جن کي مان پنهنجي تمام مصروفيتن جي باوجود ضرور پڙهندو رهندو آهي جو اهي منهنجي لاءِ تمام گهڻيون ڪارائتيون هونديون آهن جو کيس تاريخي معامرن کي سموهي قلمبند ڪرڻ جي جادوگري سندس تحرير ۾ جام ملندي آهي جيڪا يقينن کيس سندس والد کان ورثي ۾ ملي آهي.
هن دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجو پاڻ کي موڪلڻ جو مقصد ۽ خدا تعالا جو (پنهنجي متعلق) منصوبو ڄاڻي وٺندا آهن ۽ پنهنجي زندگي کي ڀوءَ ۽ انديشن ۾ اڇلڻ بجاءِ ان کي سمجهي پنهنجي منزل کوجڻ جي رستي تي لڳي پوندا آهن جنهن کي سندن حوصلا جلد يا دير ماڻي وٺندا آهن، ڊاڪٽر صاحب به اهڙي قسم جي مانجهين منجهان آهي جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري چڪڻ کان پوءِ ڌرتي ۽ قوم ڏانهن پنهنجو فرض پڻ نڀائي ڇڏيندا آهن. ڊاڪٽر صاحب جو مڃڻ آهي ته ”ترقي يافته ملڪن ۾ قومن جون ٽي اکيون هونديون آهي جن مان هڪ سندس ماضي تي، ٻي هلندڙ وقت تي ۽ ٽين اک سندن مستقبل تي نظر رکڻ جي ڪم ايندي آهي. جڏهن ته اسان قوم جي پسمنظر ۾ ٽئي اکيون نه هئڻ جي برابر آهن ئي پر اسان جو حافظو به گهڻو ڪمزور آهي ان لاءِ ترقي يافته قومن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نه رڳو اسان جي ٽنهي اکين جي روشني سلامت هجڻ گهرجي پر اسان جو مستقبل تڏهن ئي مانائتو ۽ سڌريل ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان ماضي جي ناڪامين مان سبق پرائي پنهنجي حال کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪيون“. ڊاڪٽرصاحب پنهنجي ٽنهي اکين سان گڏ جي چوٿين علمي اک کي پڻ متحرڪ ۽ مرڪوز رکي گل حيات ۾ اسان جي قومي ورثن ادب، اخلاق، سماجيات، تهذيب ۽ تمدن جي عملن ۽ رد عملن جو هڪ مڪمل رڪارڊ جمع ڪيو آهي ته جيئن اسان جون ايندڙ پيڙهيون ان مان مستفيد ٿي منزلِ حيات و نجات جو تعين ڪري سگهن.
حڪومتِ وقت کي گهرجي ته محبت سان ڪيل ان مزدوري کي ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجو ڪري لاڙڪاڻو ۾ ڪا عمارت ٺهرائي ڊاڪٽردرمحمدپٺاڻ جي نالي سان ڪو تحقيقي ادارو جوڙيو وڃي يا گل حيات جي موجوده عمارت کي نيشنلائيز ڪيو وڃي جو هاڻي ڳالهه صرف ڊاڪٽر پٺاڻ جي نه بلڪه اسان جي ملڪ جي هر سياسي، سماجي، ادبي، تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي پسمنظر ۾ انتهائي عرق ريزي سان جمع ڪيل لکين ورقن جي ترتيب سان نه رڳو سوين تاريخي ڪتابون جڙي سگهجن ٿيون پر اسان جي ايندڙ نسل کي هڪ اهڙو طاقتور ۽ مدلل تحقيقي پليٽ فارم ملي سگهندو جيڪو صدين تائين علم جي اڃ اجهائڻ ۾ سائلن سان معاون ثابت ٿيندو.
سرڪار سان گڏ اسان جي قوم کي پڻ گهرجي ته پنهنجو خون ۽ پگهر ڏئي اسان توهان لاءِ هن انمول محنت کي جمع ڪرڻ جي موٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيترو ٿي سگهي عزت و احترام ڏنو وڃي جو هن ناگوار دور ۾ جتي اسان سڀئي اجتماعي ۽ انفرادي طورتي پنهنجي پنهنجي خواهشن جا غلام بڻيا اجائي عياشين ۽ آواره گردين پٺيان ڊوڙيندي قوم، ملڪ، نسل، زمين ۽ رشتن ناطن وڪڻڻ واري رهزني ٽولن ۾ شامل ٿي هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ مصروف آهيون۽ جتي اسان غفلت جي ننڊ ۽ جهالت جي اوجاڳن ۾ هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا آهيون اتي هڪ اڪيلو ماڻهو زمين اندر پاڙون کوڻڻ جي گڻن کي جنم ڏئي رهيو آهي. اسان جي بنجر سماجي ذهنن جي رت ريٽي کيڙين ۾ دعائن جو ٻيجارو ڪري رهيو آهي، پٿر دل انسانن ۾ مٽيءَ سان پيار ڪرڻ جا سليقا جوڙي رهيو آهي. هن لاڏي پنهنجي لاوارث تاريخ کي سيني لائي تهذيب جي رکوالي لاءِ ايترا ته اوجاڳا ڪيا آهن جو هاڻي سندس مور اکيون به سڄي پيون آهن. اسان لاءِ هن ايترو ته ڳالهايو آهي جو سندس نڙي ويهجي ويئي اٿس ۽ اسان لاءِ ايترو ته لکيو اٿائين جو هاڻي سندس مقدس هٿ به ٿڪجي پيا آهن پر ان جي باوجود پنهنجي وجود کي صدين جو ٿڪُ ويڙي هي اٽوٽ مانجهي انڌيرن سان مهاڏو اٽڪائيندي اسان لاءِ ڪيئي محاذن تان ويڙهاند ڪري رهيو آهي.
هي سڀ ڪجهه هن ڪنهن لالچ، عهدي، مرياده يا پيسن ويسن جي چڪر ۾ نه ڪيوآهي پر پنهنجي سودائي دل سان سودو ڪري ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ اسان جي ايندڙ نسلن کي پنهنجو ٽائيم بينڪ ڏئي علمي، ادبي، تهذيبي ۽ تاريخي طور تي مقروض ڪرڻ جي مقدس ڪم کي سرانجام ڏئي رهيو آهي ته جيئن هو پنهنجي مٽيءَ جو قرض چڪائڻ ۽ قوم کي جهالت مان آزادي ڏيارڻ واري مهان انسانن ۾ شامل ٿي سگهي.
People Speak About Gulhayat
INTERNATIONAAL InSTITUUT VOOR SOCIALE GESCHIEDENIS
INTERNATIONAL INSTITUTE OF SOCIAL HISTORY
INTERNATIONALES INSTITUT FUR SOZIAL GESCHICHTE
INSTITUT INTERNATIONAL D’HISTOIRE SOCIALE
Dr Dur Mohammad Pathan,Gul Hayat Institute,
Vill: Khair Muhammad Arija,
District: Larkana, Sindh,
PAKISTAN
Amsterdam,
Our ref.: 7 September 1998
Your ref.:
Dear Dr Pathan,
Having reported on my visit to the Gul Hayat Institute, I can confirm that the International Institute of social History (IISH) has been impressed by the considerable efforts made by the Gul Hayat Institute (GHI) over the past eight years in preserving valuable historical material on Sindh society.
IISH realizes that you and your family have sacrificed much for the realization of this archive in the village of Khair Muhammad Arija.
IISH considers it important that such work should be facilitated in the future. In this spirit, we would like to suggest that GHI and IISH be affiliated to each other. The purpose of this affiliation is to help ensure that material on the history of Sindh and other parts of Pakistan be conserved for future generations. IISH is looking forward to co-operation with GHI in the exchange of information and in other ways that may be of mutual benefit.
We trust that this affiliation will lead to a strengthening of the GHI as well as to more scholarly interest in the history of Sindh at the IISH. To this end, we invite you, Dr dur Mohammad Pathan, in your personal capacity as well as in that of Director of the Gul Hayat Institute, to initiate this new co-operation between our Institutes in Sindh.
Your Sincerely,
Pro. Willem van Schendel
Asia Department
Cruquiusweg 31 – NL-1019 AT AMSTERDAM – Tel 31-20-6685866 – Fax 31-20-6654181
ABN – AMRO Bank 41.13.90.805 – Postgiro 4740245
……………………………………………………………………………………………………………………………….
ABIAmerican Biographical Institute, Inc.
Publisher of Biographical Reference Works since 1967
Member of the Publishers Association of the South
National Association of Independent Publishers
Main Office: 5126 Bur Oak Circle, PO Box 3121 Raleigh, North Carolina 27622 USA * Established 1967 * Fax H9-781-8712
The Governing Board of Editors of the American Biographical Institute
takes pleasure in announcing that
Dr. Dur Muhammad Pathan
has been nominated to receive the distinct honor of
2000 Millennium Medal of Honor
The ABI is the publisher of biographical reference volumes such as the International Directory of Distinguished Leadership, Personalities of America, Five Thousand Personalities of the World, International Book of Honor, and Most Admired Men and Women of die Year. These volumes, and others are recognizedthroughout the world as leading sources of reference on outstanding individuals.
The American Biographical Institute honors those individuals who are contributing to a better society by building better communities through outstanding service on local, state, or international levels. These leaders contribute their time and talents to civic organizations, public and private schools, universities and colleges, government organizations, professional groups, religious organizations, and more. Dr. Dur Muhammad Pathan is among a select group who have been nominated because of his outstanding accomplishments to date and noble example ne has set for his peers and entire community.
Criteria for 2000 Millennium Medal of Honor is based on merit. The American Biographical Institute acknowledges successful individuals whose achievements represent a diverse range of activities such as business executives, volunteer workers, fund raisers, entrepreneurs, researchers, educators, associations organizers and officers, community project leaders, trendsetters, decision-makers, artists, humanitarians, entertainers, inventors, authors, musicians, and others whose activities will effect future generations. The 2000 Millennium Medal of Honor award stands for exceptional deeds and dedication to goals.
We hope you mil assist the American Biographical Institute in recognizing the accomplishments of Dr. Dur Muhammad Pathan
Sincerely,
J. M. Evans
President
December 1998
………………………………………………………………………………………………………………
اڪادمي اديبات پاڪستان
PAKISTAN ACADEMY OF LETTERS
Ministry of Education Govt. of Pakistan
Behind Liaqat Memorial
Library Building Near
PTV Station Stadium
Road Karachi.
Ph:& F 99230773-4
Cell: 03002161624
Date:24-12-2010
PAL 2(6)2010-11
To,
Janab Dr. Dur Muhammad Pathan
Chairman
Gul Hayat Institute Larkana
Village Khair Muhammad Arija, Dokri,
District Larkana
Subject: Letter of Thanks
My Dear Dr. Sahib
I extend my thanks on behalf of Pakistan academy of Letters and the writers & Educationist who Visited your Gul Hayat Institute recently on 15-12-2010 and came from the province of Khyber Pakhunkhwa.
I appreciate your kind services extended on your behalf in the shape of warm welcome at your Gul Hayat Institute are highly laudable.
I would like to convey you that our all guests went very happy and satisfied.
I once again am very thankful for your kind cooperation and specially your dedicated team who performed their duties with proper letter and sprit.
With profound regards.
yours Sincerely
Agha Noor Muhammad PathanResident Director
………………………………………………………………………………………………………………………………………………………………………………………………..
ڊاڪٽر غلام علي الانا: ڪي شاگرد پنهنجي محنت، جذبي ۽ ڪوشش سان ايڏو وڏو ڪم ڪري ويندا آهن جنهن جي ڪري نه فقط سندن نالو روشن ٿيندو آهي، پر سندن اهي ڪم سندن استادن جو ڳاٽ اوچو ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن مان هڪ ماڻهو آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو هي ڪم ڏسي مون کي نه فقط خوشي ٿي آهي پر فخر به ٿيو اٿم، ڊاڪٽر پٺاڻ منهنجو شاگرد آهي، ن Ph.d جي ڊگري منهنجي رهنمائيءَ ۾ حاصل ڪئي آهي.
گل حيات انسٽيٽيوٽ جو نالو ته اخبارن ۾ پڙهندو رهيو آهيان پر اڄ هيءُ ادارو وزٽ ڪري، هت گڏ ڪيل مواد ڏسي، مواد کي جنهن ڍنگ سان رکيو ويو آهي، اهو سڀ ڪجهه ڏسي پنهنجي دل مان اها دعا نڪري ٿي ته رب ڪريم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي خوش رکي، آباد رکي ۽ سالم صحت ڏي.
هن اداري جهڙو ادارو ٺاهڻ اڪيلي ماڻهوءَ جو ڪم ٿي نه آهي، يقين ئي نٿو اچي ته ڪو ڊاڪٽر پٺاڻ اڪيلي سر هي ادارو پاڻ ٺاهيو آهي.
ادارو ته مون به ٺاهيا آهن، پر اُتي مون سان گڏ ماڻهن جي ٽيم هوندي هئي پر مون جڏهن هت اچي ڏٺو ته هت ٻيو ڪو به ڪارڪن ڪونهي پر در محمد اڪيلي سر هن اداري جو پنو پنو گڏ ڪيو آهي، انهن پنن کي سليقي سان موضوع مطابق سهيڙيو آهي، سڄي سنڌ هت يڪجا ڪئي اٿس، آءُ يقين سان چوان ٿو ته هن فقير تن تنها، بنا ڪنهن سرڪاري مدد ۽ سهاري جي جيڪي ڪجهه گڏ ڪيو آهي، اهو سنڌالاجيءَ ۾ گڏ ڪيل مواد کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪونهي.
جيڪڏهن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جهڙا پنج پنج محنتي ڪارڪن هجن، جيڪي سنڌ تي تحقيق سان شوق رکندا هجن ۽ جذبي سان ڪم ڪن ته مون کي اميد آهي ته سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، سياسي ۽ سماجي موضوعن تي مواد گڏ ٿي ويندو.
آءُ دل جي گهراين سان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي تمام گهڻيون، گهڻيون مبارڪون ڏيان ٿو، مون کي پنهنجي هن لائق شاگرد جو هي ڪم ڏسي تمام گهڻو فخر آهي، دل چاهي ته سندس پيشاني چمان. ڌڻي خوش رکي.
غلام علي الانا 16.4.1999
………………………………………………………………………………………
……………………………………………………………………………………….
We human beings are historical animals; we can not function with out a sense of our history. But much of History is lost because historical evidence is not preserved. This allows myths about the past to be fabricated, often in the service of powerful groups and individuals. It is the taste of historians to expose such myths – but for this they need evidence.
It is here that the Gulhayat I institute provides a unique initiative for the understanding of t he complex history 0 f Sindh as well as the greater region. It has collected, preserved and made available to researchers an unparalleled collection of historical Source. (13.8.98. Willen van Schendel, Representative 0 f the international Institute 0 f Social History, Nether Land).
“Great Congratulations. May your work become the seed of many educational, cultural and historical institutions all over Sindh. Please keep the UNESCO, the SMITHSONIAN INSTITUTE and other learned bodies regularly informed of your wonderful work” (Dr. G.M.Mehkri, dt. 06.06.91).
“Dr. Pathan has developed the institute into the first of its kind in Sindh, and with distinction of coming up with out any kind of government help in the institute, you have to simply name the man famous in certain field and within moments you
get complete profile.” (Dr. Maula Bux. “Date line Larkana”.DAWN, dt. June 3, 1991).
I congratulate you on the fine example you are setting for your peers and society. (lM.Evan, Editorial Director American Biographical Institute, dt. Feb. 7, 1997).
“It has been most interesting to learn of the existence of the institute, and see some of the material which has been collected. It was particularly interesting to look through some of the items relating to my late father, H.T.Lambrick” (Charles lambrick 4th Jan: 1997).
“This is a most impressive and clearly valuable source of material on Sindh history, culture and politics, and a great achievement as a private initiative”. (George Lambrik, 4.1.1997).
It was really an exciting omen to visit Gul Hayat Institute. The fascinating research activities to preserve the culture and politics of Sindh is marvelous. The founder is not only a source of inspiration, but also a sign of socio – religious philosophy and though.” (Syed AnwarIqbal, Dept. of Anthropology, Quaid-e-Azam university, Islamabad. Dee: 4,1996), impression. Pakistan 25.09.1996).
This institute is really impressive and leaves one with good needs to have more of such institutions. “{Nino Puljek, Croatia, dt.
“It is amazing that one person could, through his own efforts and sources create such an institution. This is a great contributiol1 to the intellectual development of Sindh. Future historians and scholars will benefit a lot from this material collected here. I hop the Government wouldextend some help to this institute and make it a national Institution “(Iqbal Jafar, T.V.D. Islamabad. dt. 05.02.1996).
“I am deeply impressed b y the material available in Gul H ayat. Dr. Pathan’s efforts are laudable. His endeavors will go down in history; I congratulate him on this wonderful work” (Fakhar Zaman, Chairman, National Commission on History & Culture and Pakistan Academy of Letters, dt. 5.1.1996).
“The experience of being here is inexplicable. The treasurers hidden here in this remote village in them selves are commendable but the thought and efforts behind this all can not be valued in simple words”. (Ms. Durdana Bhutt. T.V. Star dt. 19.11.1993).
“Gul Hayat is the source of inspiration and a seat of mental development for desiring people”. (Dr. Rajub AMemon. Tando Jam University)