Category: تاريخ جي دري ڊسمبر

  • پهرين ڊسمبر

    پهرين ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن پهرين ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    پهرين ڊسمبر 1938ع اديب ۽ صحافي نصرت حسين ابڙو (مديجي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1938ع عادلپور سان تعلق رکندڙ شاعر قاضي حفيظ جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1940ع شاعر، صحافي ۽ اداڪار گورڌن گهايل (ميهڙ/پونا) جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1940ع ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ شاعر ڪرم ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1941ع ليکڪ، صحافي ۽ شاعر امير بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1945ع ليکڪ پنهل پنجوديرائيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1945ع شاعر شمس ڀيو جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1946ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1948ع صحافي فقير محمد عباسي (سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1949ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالرسول قادري جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1949ع سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1952ع ليکڪ فياض بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1952ع شاعر شيوڪ نورت (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1953ع شاعر حاجي خان مسڪين (راضي جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1955ع غزل جي ناليواري راڳي اُدت نارائن جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1956ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ديدار مٺياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1956ع ليکڪ حافظ ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين ڊسمبر 1956ع ليکڪ ۽ شاعر اقبال بلوچ (تلهار) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين ڊسمبر 1958ع ٺري ميرواهه سان تعلق رکندڙ صحافي ممتاز شر جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1958ع شاعر
    افضل سولنگي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1959ع ڪي اين شاهه سان تعلق رکندڙ ليکڪ شهاب عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1968ع شاعر وحيد محسن جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1968ع شاعر عاشق سمون (خانپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1969ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ صحافي ديدار سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1971ع سماج سڌارڪ فياض ڀان جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1972ع پبلشر ۽ نئون نياپو جي ايڊيٽر انعام عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1972ع شاعر، ليکڪ، ٻولي لاء ڪم ڪندڙ امر فياض ٻرڙو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1974ع صحافي محمد سليم سيال جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1974ع ليکڪ برڪت پلهه جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1975ع صحافي زاهد راجپر جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1976ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ غلام مصطفى مگسي جو جنم ڏينهن آهي.
    پهرين ڊسمبر 1977ع
    ارونا حسين جو جنم ڏينهن آهي. پاڻ پهرين سنڌي ڇوڪري آهي جنهن کي ننڍي عمر ۾ ئي ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني جو CEO مقرر ڪيو ويو.
    پهرين ڊسمبر 1981ع ليکڪ وحيد آگرو جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    پهرين ڊسمبر 1904ع روهڙي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر همٿ علي شاهه جي وفات ٿي.
    پهرين ڊسمبر 1980ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اداڪار منگهارام ملڪاڻي (حيدرآباد / ممبئي) جي ديهانت ٿي.
    پهرين ڊسمبر 2003ع ناليواري مزاحيه ليکڪ ۽ صحافي
    علي احمد بروهي جي ڪراچي ۾ وفات ٿي.

  • 02 ڊسمبر

    02 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 02 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    2 ڊسمبر 1833ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام عمر جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
    2 ڊسمبر 1896ع اديب ۽ سياستدان تلوڪچند شرما (ڀريا / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 ڊسمبر 1898ع شاعرسيد پريل شاهه پريل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 ڊسمبر 1926ع شاعر روچو خوابي (نوابشاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 ڊسمبر 1950ع جيئي سنڌ اڳواڻ حبيب الله ناريجو جي نئون ديرو ۾ پيدائش ٿي.
    2 ڊسمبر 1970ع صحافي خالق ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    2 ڊسمبر 1961ع عبدالستار صوفي جو انتقال ٿيو۔

    2 ڊسمبر 1963ع مذهبي اسڪالر مولوي قاري عيسى جي وفات ٿي.

  • 03 ڊسمبر

    03 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 03 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    3 ڊسمبر 1887ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد قاسم سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    3 ڊسمبر 1920ع سياسي اڳواڻ چاڪر علي جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي.
    3 ڊسمبر 1934ع شاعر بيگ محمد انور ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي.
    3 ڊسمبر 1960ع ليکڪ امام راشدي جو جنم ڏينهن آهي.
    3 ڊسمبر 1970ع صحافي مصطفى ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
    3 ڊسمبر 1979ع شاعر ۽ اداڪار مير حاجن پهنور جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    3 ڊسمبر 1862ع غلام محمد غلام جو انتقال ٿيو.
    3 ڊسمبر 2011ع باليووڊ اداڪار، ليکڪ ۽ هدايتڪار ديو آنند ديهانت ڪري ويو.

    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for Sindhi -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • 04 ڊسمبر

    04 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 04 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    4 ڊسمبر 1904ع فريڊم فائيٽر مينگهه راج لالا (روهڙي /اجمير) جو جنم ٿيو.
    4 ڊسمبر 1925ع موسيقار ۽ گلوڪار هيرو هنڱوراڻي (ڪراچي / حيدرآباد دکن) جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1931ع شاعر علي محمد الهراسي جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1939ع اسٽيج ڊرامن جي ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ جڳديش لاچاڻي (پير ڳوٺ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1939ع سياستدان سيد حسين شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1940ع اداڪار، موسيقار ۽ بانسري نواز سنتوش گاگومل ڀاڳيا (ڪراچي احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1974ع شاعر ۽ نثر نگار سردار شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    4 ڊسمبر 1979ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ جاويد اختر جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    4 ڊسمبر 1963ع مذهبي اسڪالر حافظ عبدالحامد تاريچاڻي جي وفات ٿي.
    4 ڊسمبر 1972ع ليکڪ ۽ پبلشر ميلارام منگترام واسواڻي جي ديهانت ٿي.
    4 ڊسمبر 1998ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير محمد اسماعيل ڀٽو جي وفات ٿي.
    4 ڊسمبر 2000ع هاري اڳواڻ، ڪميونسٽ ڪارڪن ۽ شاعر ڪامريڊ باقر سنائي جي وفات ٿي.
    4 ڊسمبر 2012ع لوڪ فنڪاره زينت امان شيخ جو لاڏاڻو ٿيو.

  • 05 ڊسمبر

    05 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 05 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    5 ڊسمبر 1860ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ولي محمد حسن علي جو جنم ٿيو.
    5 ڊسمبر 1898ع اردو جي ناليواري شاعر جوش مليح آبادي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 ڊسمبر 1909ع سياستدان سوڀراج موٽواڻي (لاڙڪاڻو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 ڊسمبر 1931ع آرٽسٽ پريم چند ٺاڪر (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 ڊسمبر 1937ع شاعر الهڏنو سوز هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 ڊسمبر 1959ع سماجي ورڪر نور محمد ڪانگو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5 ڊسمبر 1962ع شاعر غلام حسين مسڪين جو جنم ڏينهن آهي.
    5 ڊسمبر 1972ع ليکڪ يحيى منير جي پيدائش ٿي.
    5 ڊسمبر 1980ع شاعر عبدالجبار ثاقب چاوڙو جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    5 ڊسمبر 1858ع سر جان جيڪب جو انتقال ٿيو.
    5 ڊسمبر 1963ع پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي جو انتقال ٿيو.
    5 ڊسمبر 1958ع اردو جي ناليواري ليکڪ ۽ مزاح نگار احمد شاهه پطرس بخاري جو نيويارڪ ۾ انتقال ٿيو.

  • 06 ڊسمبر

    06 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 06 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    6 ڊسمبر 1940ع گلوڪار، اداڪار ۽ ليکڪ سنتوش ڀاڳيا (ڪراچي/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    6 ڊسمبر 1940ع اداڪارمانو گيهاڻي (نوابشاهه/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    6 ڊسمبر 1962ع شاعر حنيف عاطرجو جنم ڏينهن آهي.
    6 ڊسمبر 1963ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر جواد جعفري جو جنم ڏينهن آهي.
    6 ڊسمبر 1968ع صحافي ۽ ليکڪ
    اعجاز مهر جو جنم ڏينهن آهي.
    6 ڊسمبر 1971ع شاعر ساقي ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    6 ڊسمبر 1989ع ڪرڪيٽر ناصر جمشيد جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    6 ڊسمبر 1934ع فريڊم فائيٽر پريتم داس آڏواڻي جي ديهانت ٿي.
    6 ڊسمبر 1943ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سياستدان علي گوهر لاهوري جي وفات ٿي.
    6 ڊسمبر 1952ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد صادق ڪڇي جي وفات ٿي.
    6 ڊسمبر 1968ع مذهبي اسڪالر مفتي غلام حسين وليدائي جو لاڏاڻو ٿيو.
    6 ڊسمبر 1983ع شاعر شيخ عبدالرزاق راز جي وفات ٿي.
    6 ڊسمبر 1986ع ليکڪ عبدالرحيم ڏيٿو جي وفات ٿي.
    6 ڊسمبر 2000ع ناليواري قوال
    عزيز ميان جو انتقال ٿيو.
    6 ڊسمبر 2000ع
    ريڊيو آرٽسٽ ۽ صداڪار عبدالحق ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو.
    6 ڊسمبر 2012ع
    صدارتي اوارڊ يافته الغوزو نواز الهه بچايو کوسو لاڏاڻو ڪري ويو

  • 07 ڊسمبر

    07 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 07 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    7 ڊسمبر 1918ع ليکڪ گوبند پنجابي (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1924ع راڳي ڀيرومل ڀمڀاڻي گيهاڻي (هالاڻي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1925ع اردو جي ناليواري افسانه نگار انتظار حسين جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1934ع ناليواري شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1937ع ڪوٽ مير محمد سان تعلق رکندڙ شاعر حليم سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1944ع شاعر ولي محمد وفا پلي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1947ع ليکڪ ۽ محقق رام سچانند جوهراڻي (لاڙڪاڻي /بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1948ع شاعر نقش ناياب منگي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1971ع شاعر غلام رسول پرديسي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1971ع شاعر منصور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    7 ڊسمبر 1984ع پاٽ سان تعلق رکندڙ ليکڪ مير ممتاز برهماڻي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    7 ڊسمبر 1868ع مذهبي اسڪالر ميان محمد اڪبر ڪٽبري جي وفات ٿي.
    7 ڊسمبر 1910ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر جي وفات ٿي.
    7 ڊسمبر 1927ع فلاسافر، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ديارام گدومل شهاڻي جي ديهانت ڪري ويو.
    7 ڊسمبر 1962ع صوفي، درويش، عالم ۽ شاعر ٻڍل شاهه بخاري جو لاڏاڻو ٿيو.
    7 ڊسمبر 1978ع فريڊم فائيٽر مولانا محمد مدني (معروف ڀنڀرو) جو لاڏاڻو ٿيو.
    7 ڊسمبر 2012ع ناليوارو ٽي وي اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر گذاري ويو.

  • 08 ڊسمبر

    08 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 08 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    8 ڊسمبر 1916ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر چمن داس ڇاٻلاڻي (خيرپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 ڊسمبر 1927ع موري سان تعلق رکندڙ شاعر نديم انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
    8 ڊسمبر 1930ع گلوڪار رامچند راهيجا (شڪارپور/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 ڊسمبر 1935ع باليووڊ جي مشهور فلمي اداڪار
    ڌرميندر جو جنم ڏينهن آهي.
    8 ڊسمبر 1940ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ گل محمد ڪنڀر جي پيدائش ٿي.
    8 ڊسمبر 1944ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره
    شرميلا ٽيگور جو جنم ڏينهن آهي.
    8 ڊسمبر 1948ع سيتا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله شاهه آزاد جو جنم ڏينهن آهي.
    8 ڊسمبر 1948ع شاعر روشن علي مفتون جو جنم ڏينهن آهي.
    8 ڊسمبر 1959ع ليکڪا ۽ آرڪيلاجسٽ
    مستور فاطمه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
    8 ڊسمبر 1954ع شاعر عبدالله شاهه آزاد جي پيدائش ٿي.
    8 ڊسمبر 1956ع سگهڙ محمد زمان باجاري جي پيدائش ٿي.
    8 ڊسمبر 1957ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن حميده ستار ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    8 ڊسمبر 1907ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات ٿي.
    8 ڊسمبر 1958ع شاعر مينهل فقير مهر (طيب) جي وفات ٿي.
    8 ڊسمبر 1968ع سوامي پريمداس ناٿن ديهانت ڪري ويو.
    8 ڊسمبر 2008ع ناليوارو ٽي وي اداڪار
    يعقوب زڪريا دل جي دوري سبب حيدرآباد ۾ گذاري ويو.
    8 ڊسمبر 2014ع برک ڏاهو، ليکڪ، اديب، سياسي اڳواڻ
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ديهانت ڪري ويو.

  • 09 ڊسمبر

    09 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 09 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    9 ڊسمبر 1922ع سگهڙ ۽ شاعر هدايت علي سونهارو جو جنم ڏينهن آهي.
    9 ڊسمبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عزيز جو جنم ڏينهن آهي.
    9 ڊسمبر 1946ع هندستان جي ناليواري سياستدان سونيا گانڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    9 ڊسمبر 1946ع باليووڊ اداڪار شتروگهن سنها جو جنم ڏينهن آهي.
    9 ڊسمبر 1952ع جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سياستدان لياقت بلوچ جي پيدائش ٿي.
    9 ڊسمبر 1970ع موري سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ الطاف سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
    9 ڊسمبر 1974ع گلوڪار راحت فتح علي خان جو جنم ڏينهن آهي.
    9 ڊسمبر 1988ع باليووڊ اداڪاره ديا مرزا جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    9 ڊسمبر 1753ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي.
    9 ڊسمبر 1874ع اردو جي مرثياگو شاعر مير انيس جو انتقال ٿيو.
    9 ڊسمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا صاحبڏنو ڀٽو جي وفات ٿي.
    9 ڊسمبر 1958ع بزرگ سوامي اٽلرام جي ديهانت ٿي.
    9 ڊسمبر 1958ع ليکڪ الهه بچايو سمون انتقال ڪري ويو.

  • 10 ڊسمبر

    10 ڊسمبر

    اڄوڪي ڏينهن 10 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    10 ڊسمبر 1910ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر ضياء الدين ايس بلبل جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1911ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اديب ڪلياڻ آڏواڻي (حيدرآباد/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1913ع ليکڪ اسانند بجلاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1928ع ليکڪ آشا درگاپوري عرف ٻولچند تيرٿداس تارواڻي (ٽنڊو محمد خان / جئپور) جو جنم ٿيو.
    10 ڊسمبر 1943ع نصيرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ قمر الدين سيال جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1943ع ليکڪ بنسي خوبچنداڻي (سکر / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1954ع فلمي اداڪاره بابره شريف جي پيدائش ٿي.
    10 ڊسمبر 1955ع جهونا ڳڙهه سان تعلق رکندڙ شاعر رميش ڪمار کلونا جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1956ع شاعر غلام مصطفى اياز جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1962ع ليکڪ عبدالرحمان سيال جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1962ع شاعر منير شاهه مخمور جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1963ع اسڪوائش جي اڳوڻي عالمي چيمپيئن جهانگير خان جو جنم ڏينهن آهي.
    10 ڊسمبر 1971ع شاعر رفيق سانول جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    10 ڊسمبر 1942ع شاعر محمد طالب سومرو جي وفات ٿي.
    10 ڊسمبر 1944ع شاعر مير غلام الله شاهواڻي جي وفات ٿي.
    10 ڊسمبر 1959ع شاعر سيد پيرل شاهه پيرل جي وفات ٿي.
    10 ڊسمبر 1994ع سنڌي مرثيا نگار سيد ثابت علي شاهه ثالث جو انتقال ٿيو.
    10 ڊسمبر 2003ع عالم، اديب ۽ محقق علامه غلام مصطفى قاسمي جو انتقال ٿيو.
    10 ڊسمبر 2018ع دادوءَ سان تعلق رکندڙ ناميارو شاعر انور قمبراڻي وفات ڪري ويو.

    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for Sindhi -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy