Category: تاريخ جي دري نومبر

  • 11 نومبر

    11 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 11 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31


    جنم ڏينهن:

    11 نومبر 1888ع ڪانگريس رهنما ۽ اسڪالر مولانا ابو الڪلام آزاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11
    نومبر 1903ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ شيوڪ رام (ٺارو شاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11
    نومبر 1907ع ليکڪ لوڪرام دوديجا (شڪارپور / پونا) جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر 1916ع موسيقار پير محمد زمان شاهه هاشمي (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11
    نومبر 1921ع ليکڪ، صحافي ۽ مزاح نگار علي احمد بروهي جو ڳڙهي ياسين ۾ جنم ٿيو۔
    11
    نومبر 1930ع سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي (سيوهڻ / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11
    نومبر 1945ع شاعر رضا شاهه رضا جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر 1948ع شاعر يونس کونهارو جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر 1951ع اداڪاره، ڪٿڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر 1957ع شاعر منظور قريشي جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر 1957ع راڳي امير حسن جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر 1962ع شاعر ليکڪ ۽ ريڊيو سان تعلق رکندڙ سيد ماڪن شاهه رضوي جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر 1969ع ليکڪ محسن رضا جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر 1987ع سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي جو جنم ڏينهن آهي۔
    11
    نومبر ناليواري ڪالم نگار ۽ شاعر حسن مجتبى جو جنم ڏينهن پڻ آهي۔

    وڇوڙو:

    11
    نومبر 1938ع بنگال سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار کي ڪاڇي ۾ دڙن جي کوٽائي دوارن نئين گاج ڀرسان ڌاڙيلن اوپرو سمجهي قتل ڪري ڇڏيو.
    11
    نومبر 1944ع بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاهه (آرائين) جو انتقال ٿيو.
    11
    نومبر 1988ع شاعر گُل حسن شاهه ”مجذوب“ جي وفات ٿي۔
    11
    نومبر 1999ع سماجي ڪارڪن عبدالرشيد عباسي (پير جو ڳوٺ) جي وفات ٿي۔
    11
    نومبر 2004ع پي ايل او سربراهه ۽ عظيم اڳواڻ ياسر عرفات جي وفات ٿي۔
    11
    نومبر 2012ع سابق وفاقي وزير قانون، انساني حقن واري ڪميشن جو چيئرمين اقبال حيدر ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو۔
    11
    نومبر 2018ع شاعره شاهده کوکر جو انتقال ٿيو.


     

  • 12 نومبر

    12 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 12 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    12 نومبر 1917ع رسالي جوت جي آخري ايڊيٽر راڌا ڪرشن ڪنٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
    12
    نومبر 1918ع شاعر سليم هالائي جو جنم ٿيو۔
    12
    نومبر 1928ع شاعر طالب لغاري جو جنم ڏينهن آهي۔
    12
    نومبر 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاهه (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔
    12
    نومبر 1937ع باليووڊ جي ناليواري اداڪار قادر خان جي پشين ۾ پيدائش ٿي۔
    12
    نومبر 1946ع ليکڪ سڪندر بختيار کوسو جو جنم ڏينهن آهي۔
    12
    نومبر 1951ع سگهڙ علي گوهر خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي۔
    12
    نومبر 1962ع شاعر علي احمد عاجز هڪڙو جو جنم ڏينهن آهي۔
    12
    نومبر 1970ع آرٽسٽ بدر سومرو (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي۔

    وڇوڙو:

    12 نومبر 1640ع هالا جي بزرگ ۽ شاعر مخدوم محمد امين اول جي وفات ٿي۔
    12
    نومبر 1959ع لاڙڪاڻي جو شاعر نواز علي نياز جعفري گذاري ويو۔
    12
    نومبر 1961ع سياستدان سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جو انتقال ٿيو.
    12
    نومبر 1969ع پاڪستان جي پهرين صدر اسڪندر مرزا جي لنڊن ۾ وفات ٿي.
    12
    نومبر 2002ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي کي شهيد ڪيو ويو.


     

  • 13 نومبر

    13 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 13 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    13
    نومبر 1929ع اسڪالر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مرليڌر ڀاواڻي (حيدرآباد /نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔
    13
    نومبر 1932ع ليکڪ ارجن چائولا جو جنم ٿيو۔
    13
    نومبر 1948ع سگهڙ حاجي شاهه محمد چنا جو جنم ڏينهن آهي۔
    13
    نومبر 1957ع موسيقار ۽ گلوڪار بادل راهيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
    13
    نومبر 1961ع سماجي پرچارڪ حاجي عبدالغني جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    13
    نومبر 1967ع باليووڊ اداڪاره جوهي چائولا جو جنم ڏينهن آهي۔
    13
    نومبر 1975ع مٺياڻي ضلع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ شاعر گلبهار باغائي جو جنم ڏينهن آهي۔

    وڇوڙو:

    13
    نومبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سياستدان واڌومل بيلارام آڏواڻي ديهانت ڪري ويو۔
    13
    نومبر 1987ع مذهبي اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ محمد شاهه امروٽي انتقال ڪري ويو۔
    13
    نومبر 1988ع سنڌي موسيقار ضامن علي عرف ببر علي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو۔


     

  • 14 نومبر

    14 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 14 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31


    جنم ڏينهن:

    14 نومبر 1889ع ڀارت جي پهرين وزيراعظم جواهر لال نهرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔
    14
    نومبر 1931ع ناول نگار گرڌاري لال گاريجا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي
    14
    نومبر 1938ع جهڏي جي ليکڪ فيض محمد ٽالپر جو جنم ٿيو
    14
    نومبر 1944ع مشهور سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ جو هالا ۾ جنم ٿيو
    14
    نومبر 1952ع شاعر گل حسن غمگين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي
    14
    نومبر 1958ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ الطاف بيدار جو جنم ڏينهن آهي
    14
    نومبر 1970ع نصير آباد سان تعلق رکندڙ صحافي الهه بخش قريشي جو جنم ڏينهن آهي

    وڇوڙو:

    14 نومبر 1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج ڇتومل (شڪارپور) جي ديهانت ٿي.
    14
    نومبر 1972ع مذهبي اسڪالر مولانا ظهورالحسن درس جو انتقال ٿيو
    14
    نومبر 1984ع ليکڪ صوفي لعل بخش ڪانڌڙو جي وفات ٿي.
    14
    نومبر 2017ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ستار ڀٽي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


     

  • 15 نومبر

    15 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 15 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31


    جنم ڏينهن:

    15نومبر1881ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ميمڻ جو ڏينهن آهي۔
    15
    نومبر1899ع ليکڪ مولچند ٺاڪر جو حيدرآباد ۾ جنم ٿيو
    15
    نومبر1908ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي حڪيم عطا محمد ڀٽي (سکر) جو جنم ٿيو۔
    15
    نومبر1912ع ليکڪ ۽ سياستدان نارائڻ داس ڀمڀاڻي جو جنم ٿيو
    15
    نومبر1920ع اسڪالر ڊي ڪي مشاراماڻي (روهڙي / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1934ع مذهبي اسڪالر مولانا سلطان احمد سيٺار جو جنم ڏينهن آهي۔
    15
    نومبر1936ع اسٽيج اداڪار ۽ ڊائريڪٽر منوهر جاڳ (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1941ع شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار ورهو رفيق (سکر/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1945ع شاعر لال دين بسمل جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1946ع سياستدان ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر آفتاب شاهه جيلاني جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1953ع اسڪالر ۽ زرعي ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل رند جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1956ع ليکڪ آزاد قاضي جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1957ع شاعر انجم سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔
    15
    نومبر1960ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر رضا محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1960ع صحافي ذلف پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي۔
    15
    نومبر1963ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ آرٽسٽ آغا سعيد جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1965ع شاعر بدر شاهه جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1968ع ناليواري قانوندان ۽ سياسي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1974ع اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار انيتا شاهه لڪياري جو جنم ڏينهن آهي
    15
    نومبر1986ع ٽينس جي مشهور رانديگرياڻي ثانيه مرزا جو جنم ڏينهن آهي

    وڇوڙو:

    15 نومبر 1981ع اردو ۽ فارسي جي مشهور شاعر خاور رضوي جي وفات ٿي.


     

  • 16 نومبر

    16 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 16 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    ​16 نومبر 1931ع مشهور تعليمدان ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ (پنو عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1942ع ليکڪ پونم چندروملاڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1947ع سياستدان رحيم بخش بوزدار (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1951ع سياستدان انور احمد خان مهر (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1952ع اداڪار اشوڪ کتري (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1963ع ٽنڊي آدم سان تعلق رکندڙ شاعر وسيم سومرو جو جنم ٿيو.​

    16 نومبر 1963ع باليووڊ اداڪاره ميناڪشي ششادري جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1968ع شاعر محمد نواز ناز جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1971ع ڪرڪيٽر وقار يونس جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1975ع شاعر وفا صالح راڄپر جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1975ع ليکڪ ستار سومرو جو جنم ڏينهن آهي.​

    16 نومبر 1998ع شاعر گلزار تبسم (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي.​

    وڇوڙو:

    ​16 نومبر 1946ع شاعر ڪريم ڏنو شڪارپوري جي وفات ٿي.​

    16 نومبر 1963ع سياستدان، شاعر ۽ مضمون نگار سيد ميران محمد شاهه جي وفات ٿي.​

    16 نومبر 1973ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالحميد قريشي جو انتقال ٿيو.​

    16 نومبر 1980ع شاعر علي ڏنو شاهه علڻ جي وفات ٿي.​

    16 نومبر 1980ع حڪيم قاضي عبدالهادي (نوشهرو فيروز) جي وفات ٿي.​

    16 نومبر 1981ع تعليمدان پروفيسر امينه هاليپوٽو جو انتقال ٿيو.​


     

  • 17 نومبر

    17 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31


    جنم ڏينهن:

    17 نومبر 1894ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي.
    17
    نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو.
    17
    نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاهه سوز جو جنم ڏينهن آهي.
    17
    نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلى جو جنم ڏينهن آهي.
    17
    نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي.
    17
    نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    17 نومبر 1956ع شاعر شيرل باڊاهي جي وفات ٿي.
    17
    نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاهه جو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو.
    17
    نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو انتقال ٿيو.
    17
    نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي.

  • 18 نومبر

    18 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگهه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.

    18 نومبر 1965ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر خليل عارف سومرو جو جنم ڏينهن آهي.

    18 نومبر 1968ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي جو جنم ڏينهن آهي.

    ​​

    وڇوڙو:

    18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔

    18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔

    18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔

    18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔

    18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو.

    18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو۔

  • 19 نومبر

    19 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 19 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31


    جنم ڏينهن:

    19 نومبر 1917ع هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جو الهه آباد ۾ جنم ٿيو.
    19 نومبر 1922ع شاعر نندي لال مڌوڪر (شڪارپور/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 نومبر 1936ع ليکڪ نانڪ مدناڻي (روهڙي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 نومبر 1938ع اداڪار ۽ ليکڪ واسديو سنڌو ڀارتي (حيدرآباد / جئپور) جو جنم ٿيو.
    19 نومبر 1951ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره
    زينت امان جو جنم ڏينهن آهي.
    19 نومبر 1975ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ اڳوڻي مس يونيورس
    سشميتا سين جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    19 نومبر 1799ع بزرگ سيد محمد عابد (ثاني) جيلاني جو انتقال ٿيو.
    19 نومبر 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان الو مل ٽيڪم داس جي ديهانت ٿي.
    19 نومبر 1957ع ناليواري سياستدان
    سر شاهنواز ڀٽو (ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) جي وفات ٿي.
    19 نومبر 1968ع اسڪالر ۽ شاعر
    سيد لطف الله بدوي (شڪارپور) جي وفات ٿي.
    19 نومبر 2008ع نامياري شخصيت ۽ ريڊيو ڊائريڪٽر
    سيد الهه بخش شاهه بخاري جو انتقال ٿيو.

  • 20 نومبر

    20 نومبر

    اڄوڪي ڏينهن 20 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    20 نومبر 1903ع تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    20 نومبر 1911ع ناول نگار رام پنجواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    20 نومبر 1920ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر
    پروفيسر محمد الياس ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    20 نومبر 1926ع سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    20 نومبر 1941ع اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس
    حسينه معين جو جنم ڏينهن آهي.
    20 نومبر 1941ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ليکڪ
    ادريس راجپوت جو جنم ڏينهن آهي.
    20 نومبر 1951ع نامياري شاعر
    عبد الغفار تبسم جو جنم ڏينهن آهي.
    20 نومبر 1977ع شاعر نبي بخش ساحل جو جنم ڏينهن آهي.
    20 نومبر 1977ع صحافي الهه بخش ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    20 نومبر 1928ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتو مل ديهانت ڪري ويو.
    20 نومبر 1958ع ليکڪ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي وفات ٿي.
    20 نومبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد نورنگزادو جو انتقال ٿيو.
    20 نومبر 1967ع شاعر
    امير بخش نظر سنڌي جي وفات ٿي.
    20 نومبر 1984ع اردو جي مشهور ترقي پسند شاعر
    فيض احمد فيض جو انتقال ٿيو.
    20 نومبر 2009ع سياستدان، اڳوڻي وزير اعلى ۽ نگران وزيراعظم
    غلام مصطفى جتوئي جو انتقال ٿيو.