Category: تاريخ جي دري آڪٽوبر

  • پهرين آڪٽوبر

    پهرين آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن پهرين آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    پهرين آڪٽوبر 1920ع شاعر ۽ صحافي زيب عاقلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1922ع سگهڙ فيض محمد سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1930ع شاعر عنايت الله سهيل (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1936ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر سندر آگناڻي (شهدادپور / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1936ع ليکڪ شيام سنگهه مرجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1937ع شاعر جادوگر نماڻو (لاڙڪاڻو / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1940ع شاعر سرڪش سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1944ع ليکڪ جيئل اوڏ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1948ع شاعر غلام محمد غلام جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1949ع ليکڪ گلاب گل محمد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1952ع شاعر امداد علي اداس جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1956ع شاعر اڪبر ساگر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1956ع اداڪار چندر بالاڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1957ع ڪهاڻيڪار انور جوکيو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1963ع شاعر ساحر راهو (شهمير راهو) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1963ع شاعر ممتاز خادم (قاضي احمد) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1964ع ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري يوسف سنڌي (دڙو) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1967ع چترڪار، شاعر ۽ ليکڪ قاضي منظر حيات (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1970ع ليکڪ طارق علي ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1971ع شاعر امان الله امر بروهي جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1973ع مشهور مزاحيه اداڪار علي گل ملاح جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1975ع شاعره، ليکڪا ۽ ڪمپيئر سهڻي پارس (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1977ع شاعر نياز نديم جو جنم ڏينهن آهي.

    پهرين آڪٽوبر 1979ع شاعر ياسين ڪنڀر (سلطان پور) جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    پهرين آڪٽوبر 1936ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد عثمان جو لاڏاڻو ٿيو.

    پهرين آڪٽوبر 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله هالائي جو انتقال ٿيو.

    پهرين آڪٽوبر 2009ع فلمي اداڪار سيد ڪمال جو انتقال ٿيو.

  • 02 آڪٽوبر

    02 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 02 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    2 آڪٽوبر 1869ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ موهنداس ڪرمچند گانڌي (مهاتما گانڌي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1904ع هندستان جي آزادي لاء جاکوڙيندڙ ۽ هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادري شاستري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1925ع شاعر ۽ گلوڪار ڪانجي لال قاصد (ٺارو شاهه / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1928ع شاعر، اديب ۽ نقاد ايشور آنچل (ڪراچي / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1933ع سياستدان مير اعجاز علي ٽالپر (ٽنڊو محمد خان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1934ع تعليمي ماهر انيتا غلام علي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1935ع شاعر غالب لطيف (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1938ع شاعر موهن واسواڻي (خيرپور / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1938ع فلمي دنيا جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1948ع محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ ليکڪ الطاف اثيم (راڻيپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1959ع ليکڪ ناز سنائي (مانجهند) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1964ع شاعر منظور پيارو عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1960ع سياستدان محمد اسلم ڀوتاڻي (دريجي / لسٻيلا) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1971ع شاعره ڪلپنا ديوي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1975ع شاعر تبسم ماجد (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1977ع شاعر عاجز امتياز (محرابپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1978ع شاعره روبينه ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي.
    2 آڪٽوبر 1978ع ليکڪ نور محمد شاهي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    2 آڪٽوبر 1944ع شاعر ۽ ليکڪ ٻوڌراڄ ٻوڌ جو لاڏاڻو ٿيو.
    2 آڪٽوبر 1955ع صوفي شاعر ميان غلام محي الدين ميرل (هالا) جو لاڏاڻو ٿيو.
    2 آڪٽوبر 1959ع شاعر اختر هالائي جو انتقال ٿيو.
    2 آڪٽوبر 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان سومرو جي وفات ٿي.
    2 آڪٽوبر 1984ع شاعر باغ لکوي جو انتقال ٿيو.

  • 03 آڪٽوبر

    03 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 03 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    3 آڪٽوبر 1789ع ڪتاب ٽرئولسان بلوچستان اينڊ سنڌ جي ليکڪ پاٽينجر هينري (انگلينڊ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    3 آڪٽوبر 1941ع شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر عنايت بلوچ (احمد پور ضلع خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.

    3 آڪٽوبر 1943ع فلمي اداڪاره زيبا جو جنم ڏينهن آهي.

    3 آڪٽوبر 1955ع شاعر شير محمد عاجز (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.

    3 آڪٽوبر 1961ع ليکڪ روشن آرا ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.

    3 آڪٽوبر 1963ع صحافي نعيم اختر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    3 آڪٽوبر 2012ع هندستان جي مشهور اسلامي اسڪالر عبدالحق انصاري جي وفات ٿي.

  • 04 آڪٽوبر

    04 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 04 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    4 آڪٽوبر 1911ع شاعر الهه بچايو وفا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1919ع مشهور شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم محمد الزمان طاب المولا (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1921ع شاعر شفيع محمد اوج علوي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1962ع سماجي ورڪر محمد عالم جوکيو جو جنم ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1967ع شاعر ۽ ماهوار همرچو جي ايڊيٽر اياز جاني جو جنم ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1967ع صحافي مظفر قاضي (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1970ع سياسي ۽ سماجي ورڪر حريف چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1973ع ليکڪ لياقت ميمڻ (ڊکڻ) جو جنم ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1975ع صحافي امداد سومرو (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1978ع باليووڊ اداڪاره سوها علي خان جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    4 آڪٽوبر 1855ع هالا سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر آخوند عبد الصمد ثانوي جو لاڏاڻو ٿيو.

    4 آڪٽوبر 1948ع سياستدان، اڳوڻي وڏي وزير ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي وفات جو ڏينهن آهي.

    4 آڪٽوبر 1976ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد چارڻ جو انتقال ٿيو.

    4 آڪٽوبر 1995ع ناليواري گلوڪار مسعود رانا جو انتقال ٿيو.

  • 05 آڪٽوبر

    05 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 05 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    5 آڪٽوبر 1844ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر ڪوڙو مل چندن مل (ڀريا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1916ع صحافي سيد مظفر مديجوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1926ع ليکڪ ڌرم پال گپتا (ميهڙ / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1938ع ليکڪ سليم خواجا (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1941ع ليکڪ نعيم دريشاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1945ع آرٽسٽ عظيم چانڊيو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1946ع نامياري اردو ليکڪا زاهده حنا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1954ع ليکڪ شفيع چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1954ع سياستدان اعجاز علي خان جتوئي (ٻيٽو جتوئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1957ع اداڪار، هدايتڪار ۽ ڊراما نگار اسلم ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1963ع اديب ۽ شاعر اورنگزيب ڀٽي (ٽنڊو غلام حيدر) جو جنم ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1964ع شاعر رياض سمون جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1968ع شاعر دوست ملوڪاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1973ع ليکڪ صيفل سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1978ع شاعر پروانو فيروز جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1978ع ليکڪا امينه ناز ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
    5
    آڪٽوبر 1979ع ليکڪ جنيد احمد چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    5 آڪٽوبر 2011ع مشهور آمريڪي بزنس مين ۽ ايپل ڪمپني جي باني اسٽيو جابز جو انتقال ٿيو.

  • 06 آڪٽوبر

    06 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 06 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    6 آڪٽوبر 1878ع سماجي ورڪر سيٺ گيانچند موٽواڻي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    6 آڪٽوبر 1916ع شاعر نور احمد ناچيز جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    6 آڪٽوبر 1940ع ليکڪ مينا گوپ روپچنداڻي (ڪراچي / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    6 آڪٽوبر 1946ع باليووڊ اداڪار
    ونود کنا جو جنم ڏينهن آهي.
    6 آڪٽوبر 1959ع شاعر منظور ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي.
    6 آڪٽوبر 1968ع ليکڪ ۽ شاعر قلب سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
    6 آڪٽوبر 1980ع شاعر امر پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
    6 آڪٽوبر 1994ع شاعر همدم هنڱورجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    6 آڪٽوبر 1981ع مصري صدر انور السادات کي قتل ڪيو ويو.
    6 آڪٽوبر 2006ع شاعر
    آثم ناٿن شاهي جي وفات ٿي.

  • 07 آڪٽوبر

    07 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 07 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    7 آڪٽوبر 1853ع اسڪالر، ليکڪ ۽ شاعر مرزا قليچ بيگ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1901ع هاري اڳواڻ، ليکڪ ۽ شاعر حيدر بخش جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1939ع گلوڪاره پشپا ڀاوناڻي (ڪراچي / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1943ع اداڪار نانڪ آهوجا (جيڪب آباد / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1958ع محقق ۽ ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري جو جنم ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1959ع ليکڪ محمد ڇٽل سومرو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1961ع ليکڪ خادم زئور جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1973ع شاعر مولا بخش آزاد (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1975ع شاعر منور ڪلهوڙو جو جنم ڏينهن آهي.

    7 آڪٽوبر 1984ع ڪرڪيٽر سلمان بٽ جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    7 آڪٽوبر 1946ع سياستدان خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو جي وفات ٿي.

    7 آڪٽوبر 1988ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اعظم شيدا (نصير آباد) چارڻ جو انتقال ٿيو.

    7 آڪٽوبر 2004ع ليکڪ ۽ اسڪالر محمد علي حداد (خيرپور) جو انتقال ٿيو.

    7 آڪٽوبر 2011ع محقق ۽ ليکڪ نقش ناياب منگي جو انتقال ٿيو

  • 08  آڪٽوبر

    08 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 08  آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    8 آڪٽوبر 1902ع هندو مذهبي اسڪالر پنڊت ديو دت شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1927ع قانوندان جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1930ع شاعر منصور ويراڳي (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1932ع ليکڪ جيوت چائولا (راڻيپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1940ع گلوڪار جڳديش ڀڳتياڻي جهامن (ڪراچي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1955ع ليکڪ ۽ ڪالم نگار دلشاد ڀٽو سينيئر جو جنم ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1958ع شاعر شمشاد علي شاڪر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1959ع شاعر حيدر شاهه حيدر جو جنم ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1965ع شاعر غالب سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1974ع شاعر ذوالفقار ساحل شاهاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1975ع شاعر خطائي ٿيٻو جو جنم ڏينهن آهي.

    8 آڪٽوبر 1983ع ناول نگار منير چانڊيو (قنبر) جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    8 آڪٽوبر 1975ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جي وفات ٿي.

    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for Sindhi -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • 09 آڪٽوبر

    09 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 09 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    9 آڪٽوبر 1928ع ليکڪ ڊاڪٽر موهن شرما (شڪارپور/ دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    9 آڪٽوبر 1943ع تعليمي ماهر محمد اسحاق ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    9 آڪٽوبر 1972ع شاعره گُل بيبي بخاري (ٺٽو) جو جنم ڏينهن آهي.

    9 آڪٽوبر 1974ع ليکڪ مير لغاري جو جنم ڏينهن آهي.

    9 آڪٽوبر 1975ع شاعر خطائي ٿيٻو جو جنم ڏينهن آهي.

    9 آڪٽوبر 1977ع شاعر آچر عظيم کوسو جو جنم ڏينهن آهي.

    9 آڪٽوبر 1982ع شاعر علي ساحل جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    9 آڪٽوبر 1967ع ڪيوبا جي ويڙهه جي عظيم ويڙهاڪ چي گويرا جي ورسي جو ڏينهن آهي۔
    9 آڪٽوبر 1978ع صحافي نواز علي بلوچ (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.

    9 آڪٽوبر 1992ع نامياري شاعر استاد بخاري جي وفات ٿي.

    9 آڪٽوبر 1999ع سماج سڌارڪ اختر حميد خان جو انتقال عٿيو.

    9 آڪٽوبر 2007ع ليکڪ غلام نبي شاهاڻي (نئون ديرو) جو انتقال ٿيو.

    9 آڪٽوبر 2012ع شاعر محمد هاشم چنا جي وفات ٿي.

    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for Sindhi -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • 10 آڪٽوبر

    10 آڪٽوبر

    اڄوڪي ڏينهن 10 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

     

    31

    جنم ڏينهن:

    10 آڪٽوبر 1932ع ليکڪ عبدالغفور انصاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1933ع راڳي ۽ شاعر مرچو مل سوني (مانجهند/اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1933ع شاعر شيخ نياز احمد نياز (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1933ع گلوڪار گرڌاري لال ڀاٽيا (روهڙي / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1935ع نامياري راڳي استاد محمد جمن جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1939ع شاعر ناظم منگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1939ع شاعره مايا راهي (ڪوئيٽا / ممبئي) ناظم منگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1940ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1954ع باليووڊ اداڪاره ريکا جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1955ع شاعر سريچند جگري جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1957ع ليکڪ آفتاب سومرو جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1958ع ليکڪ منير گهانگهرو جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1964ع آرٽسٽ بشير گل ابڙو (شهدادپور) جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1967ع صحافي ڊاڪٽر محمد رفيق شيخ (شهدادپور)جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1968ع صحافي منظور ميراڻي (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1969ع شاعر تاثير ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1975ع شاعر غلام شبير هاليپوٽو جو جنم ڏينهن آهي.

    10 آڪٽوبر 1977ع شاعر نماڻو صديق مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    10 آڪٽوبر 1924ع شاعر ليلارام وطن مل خاڪي (حيدر آباد) جي ديهانت ٿي.

    10 آڪٽوبر 1959ع اديب ۽ تعليمي ماهر آغا تاج محمد (باگڙجي) جي وفات ٿي.

    10 آڪٽوبر 2011ع غزل جي مشهور ڳائڻي جگجيت سنگهه جي وفات ٿي.