Author: admin

  • Pakistan The First Twelve Years Mazhar Ali Khan (1996)

    Pakistan The First Twelve Years Mazhar Ali Khan (1996)


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Pakistan_The_First_Twelve_Years–Mazhar_Ali_Khan-(1996)_cs.pdf{/aridoc}


  • Pakistan Military Dictatorship Exposed Jam Saqi (1980)

    Pakistan Military Dictatorship Exposed Jam Saqi (1980)


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Pakistan_Military_Dictatorship_Exposed–Jam_Saqi_(1980)_cs.pdf{/aridoc}


  • On Sindh (Articles) G M Mehkri (2012)

    On Sindh (Articles) G M Mehkri (2012)


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/On_Sindh_(Articles)–G_M_Mehkri-(2012)_cs.pdf{/aridoc}


  • Kurrachee (Karachi) Past Present and Future Alexander F Baillie (1890)

    Kurrachee (Karachi) Past Present and Future Alexander F Baillie (1890)


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Kurrachee_(Karachi)_Past_Present_and_Future–Alexander_F_Baillie_(1890)_cs.pdf{/aridoc}


  • History on Tombstones Sindh and Baluchistan Ali Ahmed Brohi

    History on Tombstones Sindh and Baluchistan Ali Ahmed Brohi


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/History_on_Tombstones_Sindh_and_Baluchistan-Ali_Ahmed_Brohi_cs.pdf{/aridoc}


  • Facts are Facts Wali Khan (1987)

    Facts are Facts Wali Khan (1987)


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Facts_are_Facts_Wali_Khan_(1987)_cs.pdf{/aridoc}


  • Empires of the Indus The Story of a River Alice Albinia (2008)

    Empires of the Indus The Story of a River Alice Albinia (2008)


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Empires_of_the_Indus_The_Story_of_a_River_Alice_Albinia_(2008)_cs.pdf{/aridoc}


     
  • British Political Missions to Sind Kala Thairani (1981)

    British Political Missions to Sind Kala Thairani (1981)


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/British_Political_Missions_to_Sind–Kala_Thairani_(1981)_cs.pdf{/aridoc}


  • مخدوم جو روزو

    مخدوم جو روزو

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-مخدوم جو روزو“


    WhatsApp Image 2020 06 20 at 10.58.19 AM 
    “ ننڍڙن ٻارن سان وڏن ماڻھن جون ڳالهيون- سائين هئ تہ اسان جي ڳوٺ جي مخدوم جو روزو آھي“
    هڪ ڏينهن جڏھن ٻار گل حيات ۾ آيا تہ عمارتن واري بورڊ کي ڏسي، هڪ عمارت تي هٿ رکي چيائون تہ :“ سائين! هي تہ مخدوم جي روضي جي تصوير آھي. اسان جو ڳوٺ هن اولياء الله تي باسون باسيندو آھي ۽ هر سال وڏئ ڌام ڌوم سان هن جو ٻارهو ملهائيندو آھي. اڄ اسان کي هن بزرگ لاء ٻڌايو“.
    مون ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ بابا ! مخدوم جو نالو شھاب الدين آھي ۽ ذات جو مڱريو آھي. هن عظيم انسان جيڪو ڪم ڪيو، اسان ان کي وساري هن کي پير بڻائي اولاد لاء، مرادون پوريون ڪرڻ لاء باسون باسڻ شروع ڪيون.“ ڏٺم تہ ٻار جي نرڻن تي گهنج پوڻ لڳا. مون کي ۽ هڪ ٻئي کي عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳا. مون ان جو فائدو ورتو ۽ ڳالهائڻ جاري رکيو: بابا! ڳڙھي خدابخش ۾ وڃو، اتي ذوالفقار علي ڀٽي جي مزار تي بہ اوهان کي باسون باسڻ ۽ پڙ چاڙھڻ وارن جا هجوم نظر ايندا. اوهان مخدوم بلاول جي مزار تي وڃو، اتي بہ ساڳيو رنگ ڏسندئو. اوهان شاه عنايت جي روضي تي وڃو تہ ات بہ ساڳي صورتحال ڏسندا. پر ڪير اسان کي سمجهائي تہ اهي ڇو شھيد ٿيا ۽ انهن اصلي ڪم وساري، اسان کين پٽن ڏيڻ ۽ مرادون پوريون ڪرڻ وارا پير بڻائي ڇڏيو.“ مون ڏٺو تہ ٻار ڪڇن جيئن ڀت. هو مون کان انهن درگاهن بابت عجيب ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. مون سلسلو جاري رکيو: بابا ! مخدوم بلاول ڌارين حڪمرانن خلاف تحريڪ هلائڻ ڪري ٺڳئ سان گهاڻي ۾ پينهرايو ويو. شاه عنايت ڌارين مغلن ۽ ھارين جي دشمنن سان نہ ٺھيو ۽ کيس شھيد ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي اڃا وڌيڪ مضبوط ملڪ پيو بڻائڻ گهري، ان ڪري ڦاهي تي لٽڪايو ويو. اهي سڀ مدبر ۽ ماڻھن توڙي ملڪ جا عاشق هئا. انهن اسان کي پٽن ڏيڻ ۽ مرادون پوريون ڪرڻ لاء شھادت ڪانہ ورتي هئي. ساڳي ڳالھ مخدوم شھاب الدين جي آھي. مخدوم شھاب الدين غازي هو ۽ وڏو ديني عالم هو ۽ اسان جي ڳوٺ جي علامہ محمد آريجوئ جو پڳ مٽيو يار هو.“
    ٻار خاموش هئا ۽ مان ڳالهائيندو رهيس: “ مخدوم شھاب الدين ۽ علامہ محمد آريجوئ ملي اسان جي ڳوٺ ۾ مثالي ماحول پيدا ڪيو. ڳوٺ ۾ ٿيندڙ غير شرعي ڪم بند ڪيائون. جوا، چوري، بدڪاري ۽ مفت جو پنڻ بند ڪيائون. لنگها پنڻ لاء ڳوٺ ۾ نہ ايندا هئا ۽ انهن مان ڪنهن بيت ٺاهيو تہ
    لاهي لنگها ويه ،آريجن مان آسرو،
    پني پرائو ڏيه، اچي کاء آريجن ۾
    ٻارن وڏي اڻ تڻ ۾ سوال ڪيو: “ڀلا مخدوم شهاب الدين بابت بہ تہ ٻڌايو نہ؟“
    مون سوال جي جواب ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ بابا ! مخدوم شھاب الدين مخدوم عبدالرحيم گرهوڙئ جو معتقد هو. مخدوم عبدالرحيم ٿر ۾ مهاديو نالي هڪ هندوء سان وڃي جنگ ڪئي. مهاديو ڪيترن مسلمانن کي ڀلائي ڀمڀلائي هندو ڪندو هو. مخدوم عبدالرحيم هن سان 1778 ع ۾ جنگ ڪئي. ان جنگ ۾ مخدوم شهاب الدين بہ شامل هو. جنگ ۾ مهاديو ۽ مخدوم گرهوڙي مري پيا. مخدوم شهاب الدين پوء اچي اسان جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ وفات تائين دين جي خدمت ڪيائين.“
    مون ڏٺو تہ منهنجي ڳالهين ٻارن جي ذھنن ۾ ڪي مستقل سوال اڀاريا ۽ هو اهي سوال کڻي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا.

     
  • محترم صديق ڪاڪا تحرير : خالد حسين چنا

    محترم صديق ڪاڪا تحرير : خالد حسين چنا

    محترم صديق ڪاڪا تحرير : خالد حسين چنا

    WhatsApp Image 2020 06 22 at 7.23.57 AMسگا جي سابق سيڪريٽري جنرل محترم صديق ڪاڪا جي زندگي جو احوال

    تحرير : خالد حسين چنا

    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) 5 جون 1972 ع ۾ قائم ٿئي. سگا جو مقصد پرامن خوشحال سنڌ لاءِ ڪوششون ڪرڻ آهي. سگا سنڌ جي پڙهيل باشعور ماڻهن جو هڪ رضاڪار گروهه آهي جنهن جو مقصد بنا ڪنهن مذهبي يا سياسي مت ڀيد جي غريب مسڪين بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. سگا جي ڪم ڪار ۽ اڀرڻ کي اڃان پهريون ڏهاڪو مس گذريو هو ته ان وقت جي سرڪار سگا جي رضاڪارن کي جيڪي حڪومت جي نوڪري ۾ هئا ڪم ڪرڻ تي 1983 ۾ ٻين لڳائي ڇڏيو. سگا جهڙي خالص رضاڪار ۽ پنهنجن رضاڪارن تي هلندڙ سماجي تنظيم لاءِ پنهنجي جياپي کي برقرار رکڻ وڏو امتحان هو. ڪافي ساٿي آمر جي حڪم بعد خاموش ٿئي ويا. استعيفا ڏئي ڇڏيائون. پر ان جي باوجود سگا جي اڪثر رضاڪارن عبادت سمجهي غريبن جي مدد لاءِ سگا ۾ ڪم ڪندا رهيا. رب پاڪ جو ڪرم ۽ ساٿين جي نيڪ مقصد سان سچائي ڪري سگا جي علم واري سجاڳي ۽ روشني جي لاٽ ڪيترن ئي طوفانن باوجود ٻرندي رهي. اهڙن مانجھي مردن ۽ بهادر سگا ساٿين منجهان صديق ڪاڪا به هڪ آهي جنهن پنهنجن پراون جي هزارين تڪليفن باوجود پنهنجو وارو وڄايو. سگا سان اهڙين گھڙين ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي سڀ عظيم ۽ معتبر آهن. انهن جي سچائي، خلوص ۽ حوصلو ڪري سگا پنهنجو جياپو برقرار رکي سگهي. صديق ڪاڪا پنهنجن رضاڪار ساٿين کي غريبن جي مدد خاطر تڪليفون برداشت ڪرڻ تي حوصلو ڏيندي سگا جي اٺون ساليانو ڪنوينشن ۾ تاريخ 20اپريل 1984 جي رپورٽ پيش ڪندي شيخ اياز جون سٽون چوڻ ٿا ته ” هو توکي لوئي رهيا آهن ۽ تون چپ آهين. پٿر کي به چوٽي تان هيٺ ڌڪبو آهي ته ان ۾ جان اچي ويندي آهي”.

    سگا جي سابق سيڪريٽري جنرل محمد صديق ڪاڪا جو جنم 5 فيبروري 1954 هالا جي ويجهو ڳوٺ سيراچون ڪاڪا جو آهي پاڻ پرائمري جا 2 درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيا ته وري ٽيون درجو سونڊا ننگر ٺٽو ۾ پڙهيا جتي سندس وڏو ڀاء ٽيليفون کاتي جو ملازم هئو وري چوٿون درجو ننگر ٺٽي شهر ۾ پڙهيا جتي سندن وڏو ڀاء پوليس کاتي جو ملازم هئو وري پنجون درجو پنهنجي ڳوٺ ۾ واپس اچي پڙهيا وري ڇھون ستون اٺون درجو سندس ڳوٺ کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود هائي اسڪول بکر جمالي ۾ پڙهيا جتي پڻ الاهي وڏا عالم اديب سندس ڪلاس فيلو هئا تنهن بعد نائون ڏهون درجو ٽنڊو جان محمد ۾ پڙهيا ۽ اتان ميٽرڪ پاس ڪري اچي هالا جي ڪاليج مان انٽر ڪيائون.

    صديق ڪاڪا سن 1972 کان ڪراچي شهر کي پنهنجو مسڪن بڻايو. هتي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري جي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ پنج سال مڪينيڪل انسٽرڪٽر طور ڪم ڪيائون اتي پڻ الاهي سنڌي ڇوڪرن کي اتي نوڪري ڏيارڻ ۾ مددگار ٿي رهيا ان دوران سويڊش پوليٽينڪ ڪاليج لانڍي مان ٽن سالن جو اليڪٽرڪ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين ته وري ڪراچي يونيورسٽي مان پرائيويٽ بي اي به پاس ڪيائين مشين ٽول فيڪٽري جي فوجي جنتا سان ناچاڪي ٿيڻ سبب اتان 77 جي مارشلا ۾ استعفا ڏئي هڪ پرائيويٽ اداري ۾ اليڪٽريڪل سپروائزر طور ڪم شروع ڪيائين ان دوران سنڌي رسالي ماهناما اديون ڪراچي جو بزنيس مئنيجر طور به ڪم ڪندا رهيا ان دوران ڪراچي جي الاهي نامور شخصيتن جي انٽرويوز جي اديون جي ايڊيٽر عمرالدين بيدار صاحب سان گڏجي سيريز شروع ڪيائون جن ۾ 30 مشهور شخصيتن جا انٽرويو ڪري ڇاپيا ويا سن 1981 ۾ سنڌي ساهت سال جي ٽن ڏينهن واري سنڌ مدرسي ۾ ڪرايل مرڪزي پروگرام جا انچارج به هئا پاڻ پروفيسر غلام مصطفا شاھ جا ڪجھ عرصو بنا پگهار جي اسسٽنٽ ٿي رهيا. سن 1982 ۾ شاھ لطيف اسڪول سنڌي مسلم سوسائٽي ڪراچي ۾ ڪرايل عورتن جي ٽن ڏينهن جي پروگرام جا نگران به ٿي رهيا، تنهن بعد انگريزي رسالي منٿلي ما ئننگ انجنيئر جا بزنيس مئنيجر ٿي رهيا. سن 1980 ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جا ميمبر ٿي رهيا جتي سندن اداري سنڌ ڪلچرل ائنڊ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي پاران اتي الاهي علمي ادبي پروگرام ڪرائيندا رهيا مشهور ڳائڻي حميره چنا کي سندن والد غلام محمد چنا جي مدد سان لانچ ڪرڻ ۾ سهڪاري رهيا . پاڻ ڪجھ علمي ادبي ڪتابن جا پبلشر ٿي رهيا آهن جتي پاڻ سنڌ ڪتاب گهر پاران 5 ڪتاب ڇپايا هئائون.

    سگا جي ميمبر سرڪاري ملازمن تي آمر حڪومت سن 1983 ۾ پابندي لڳائي ته پهرين سگا جا سيڪريٽري جنرل جمال دائوپوٽو ٿيا ۽ ڪاڪا صاحب ڪراچي برانچ جا جنرل سيڪريٽري هئا وري سگا جا چيئرمين اسداللہ کيڙو صاحب ٿيا ٿوري عرصي ۾ جمال دائودپوٽو صاحب جي استعفا ڏيڻ تي جماعت کين سن 1984 ۽ 1985 لاء سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو جنهن دوران پاڻ سگا کي منظم ڪرڻ لاء اسداللہ کيڙو صاحب سان گڏ سڄي سنڌ جو دورو ڪري جماعت کي منظم ۽ مستحڪم بڻائڻ جي ڪوشش ڪيائون ان دوران جماعت جا 2 ساليانا ڪنوينشن به پاڻ پنهنجي نگراني ۾ ڪرايائون ان دوران سگا جي روشن تارا اسڪولن جا دورا ڪري انهن جي سار سنڀال لهندا هئا ان دوران روشن تارا اسڪول پراڻي گوليمار به سندس ڪوششن سان قائم ٿيو ان دوران ليڊي نصرت هارون سينٽر کڏه مارڪيٽ ۾ سگا طرفان ٽن ڏينهن جي اکين جي مريضن جي ڪيمپ به سندن نگراني ۾ لڳائي وئي جتي چار سو مريضن جي اکين جا آپريشن ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ ٿيا.

    سال 1983 دوران ائسوسيئيشن تي سرڪاري احڪامن ڪري سڀني شاخن اندر صرف عهديدارن جي ردوبدل ٿيندي رهي. سماجي ڪم ڪار ٿورو يا گهڻو هلندو رهيو. ڪيتريون ئي صحت جو طبي ڪئمپون لڳايون ويون جن ۾ نئون ديرو، ڳوٺ الهڏنو ساند، ڳاڙهي واري راهوجا، ناٺو ملاح، مجيد ڪيريو، ڀٽ شاهه، نور محمد شجراع، ٽنڊو عالم خان، مئوٺڪر، بگوديرو شهدادڪوٽ ۽ ٽنڊو باگو شامل آهن. درساڻو ڇنو ۽ سيوهڻ ۾ اکين جو ڪئمپون لڳايون ويون.
    ثقافتي پروگرامن ۾ سال 1983 ع ۾ آغا سليم سان شام شڪارپور شاخ طرفان ملهائي وئي ۽ سگا ڪراچي شاخ طرفان مولانا دين محمد وفائي جي ورسي ملهائي وئي.

    سگا جي رضاڪارن لاءِ حڪومت جي پابندين سبب خوف ۽ ڏهڪاءُ واري صورتحال باوجود تنظيم جون گڏجاڻيون جاري رکڻ لاءِ سگا جي قيادت ۽ بي لوث ساٿين کي سلام پيش ڪجي ٿو. ڪيترا ساٿي پس پردا ڪم ڪري نه صرف غريبن جي مدد پئي ڪئي پر تنظيم کي سگهه پئي بخشي. سگا جي ان وقت جي چيئرمين جناب اسد الله کيڙو ۽ سيڪريٽري جنرل جناب صديق ڪاڪا نائون ساليانو ڪنوينشن تاريخ 10 مئي 1985 ع هاليڊي ان هوٽل ڪراچي ۾ ڪيو. ڪنوينشن ۾ رپورٽ پيش ڪندي مرڪزي سيڪريٽري جنرل صديق ڪاڪا مرشد لطيف جو شعر پڙهندي
    ” ويٺي ور پوڻ سٽي ملن نه سپرين،
    جي مٿي رندن رئن ساجن ملي تن کي.”

    ساٿين کي ٻڌايو ته هن چيئرمين سگا محترم اسد الله کيڙو سان گڏجي سگا شاخن جا دورا ڪيا ۽ روشن تارا اسڪولن جو معائنو ڪيو. سگا جا ساٿي هماليه جو حوصلو رکڻ ٿا جيڪي رضاڪار طور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. صديق ڪاڪا ڪنوينشن ۾ ساٿين کي ٻڌايو ته سال 1985 دوران اکين جي هڪ ڪئمپ سيوهڻ شريف ۾ لڳائي وئي. سيوهڻ شاخ 9 طبي ڪئمپون لڳايون ۽ ٽنڊو محمد خان شاخ 5 طبي ڪئمپون لڳايون. ان کان علاوه ڪراچي شاخ ايمبولينس سروس شروع ڪئي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي يارهين سالگره 28 جولائي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي جنهن جي صدارت محترم محمد ابراهيم جويو ڪئي. جنهن ۾ ڪيترين شخصيتن ۽ سگا رضاڪارن کي بهترين ڪارڪرگي تي ايوارڊ، سگا نشان ۽ سندون ڏنيون ويون.

    ان وقت مارشلا سرڪار جي پابندين باوجود پاڻ ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافي ساٿين جي مدد سان سگا جي سالگره جو پروگرام ڪايائون تنهن بعد سگا پاران ابراهيم علي ڀائي آڊيٽوريم ۾ موسيقي جي پروگرام منعقد ڪرائڻ تي سرڪار سندن خلاف هڪ ڪيس به داخل ڪرايو هئو تنهن کي منهن ڏنائون سن 1987ع ۾ ڪاروبار خاطر پنهنجي ڳوٺ منتقل ٿيا ته سگا کي وقت نه ڏئي سگهيا. پاڻ ڪراچي ۾ 40 سال رهي هاڻي 9 سال پهرين حيدرآباد جي قاسم آباد جي علائقي ۾ رهائش پذير آهن جتي پاڻ ظاهري طور تي پراپرٽي جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن پر هن جي جياپي جو محرڪ ۽ مقصد سنڌ جي خوشحالي آهي جنهن سبب هو اڃان تائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان متحرڪ رهي پيو. هو سنڌ جو يگانو عاشق، کرو ۽ سڌو ماڻهو آهي.
    سگا جي وال تان کنيل