خاصخيلي ذوالفقار علي خاصخيلي، ذوالفقار علي (راڳي): ذوالفقار علي ولد فقير الهڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾، 5 آگسٽ 1974ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ڳوٺ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان پاس ڪيائين. ذوالفقار جو والد فقير الهڏنو مشهور صوفي راڳي آهي. سندس اوطاقي ماحول ۾ رهندي ذوالفقار عليءَ کي به اهو شوق جاڳيو، نيٺ پنهنجي والد کان راڳ جي سکيا ورتائين. ذوالفقار علي پهريان پي ٽي وي تان نعت شريف پڙهڻ سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ پروڊيوسر نعيم بلوچ پروگرام ’سنڌ سڀيتا‘ ۾ ۽ پروڊيوسر قربان چنا کيس پروگرام ’لوڪ رنگ‘ ۾ متعارف ڪرايو. ذوالفقار عليءَ جا ٻه آڊيو البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جيڪي ٿر پروڊڪشن ڪمپنيءَ رڪارڊ ڪيا آهن. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏائي ۽ نصير مرزا متعارف ڪرايو. هيءُ مختلف پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. هن فنڪار مختصر ڄمار ۾ جشن لطيف اوارڊ، مصري شاهه امام اوارڊ ۽ گاجيلي شريف جي درگاهه جو اوارڊ ۽ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. شاهه لطيف، سچل سرمست، مصري فقير، نواب ولي محمد لغاري، احمد فقير کٽياڻ، منٺار راڄڙ ۽ ٻڍل فقير کان سواءِ جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، مرتضيٰ ڏاڏاهي، حليم باغي، مانجهي ۽ ٻين شاعرن کي ڳائي داد ماڻي چڪو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
Author: admin
-
ذوالفقار علي خاصخيلي
ذوالفقار علي خاصخيلي
-
مير عنايت علي خان ٽالپر
مير عنايت علي خان ٽالپرتحرير: اعظم ڀٽي
7 سيپٽمبر ورسي جي مناسبت سان
مير عنايت علي خان ٽالپر- وڇڙيو يا وسريو به ……..!!
تحرير: اعظم ڀٽي
وڇڙڻ ۽ وسرڻ فطري روايت آهي پر فرد جڏهن عوامي ڀلائي وارن ڪمن کي خدمت جي سچي جذبي ۽ نيڪ نيتي سان سرانجام ڏيندا آهن ته اهي پنهنجي ان عمل، ڪم ، محنت ۽ جدوجهد وسيلي ملڪن، قومن ۽ تاريخ جو سرمايو بڻجي ويندا آهن، اهي اهڙي اداري جي حيثيت وٺي ويندا آهن جو سندن ڪردار تاريخ جي غير جانبدار صفحن ۾ سنهري لفظن سان ياد ڪيا ويندا آهن . ملڪ جي مجموعي سياسي، سماجي ، علمي ، ادبي ، مذهبي ، ثقافتي تاريخ ۾ ٽنڊو محمد خان جي املهه ڪردارن پنهنجي پنهنجي شعبي جي حوالي سان هڪ شاندار تاريخ رقم ڪئي آهي، جنهن جي آثارن کي وقت جي دز ميرانجهڙو نه ڪري سگهي آهي, سترهين صدي ۾ ٽکڙ جي علمي ۽ ادبي شخصيتن جون خدمتون محققن جي قلم جي مس مان مُرڪي تاريخ جي دڳ تي نروار ٿيل آهن ، جيڪو سلسلو اڄ به ان ئي تسلسل سان روان دوان آهي، وقت جا وهڪرا ڀلي کڻي خاموش يا لِڪل هجن ، ڀلي کڻي تاريخ جي کوڙ سارن ورقن تي جمود جي دز چڙهيل هجي، ڀلي کڻي محققن جون سوچون ۽ قلم تصديق جي تشبيهه جي لحاظ کان ماٺ هجن، پر خدمتن جي تاريخ جا اکين ڏٺا شاهد پُشت به پُشت موجود آهن ، جيڪي منفي ۽ مثبت سوچ رکندڙ ڪردارن کي هميشه ياد ڪندا آيا آهن، يادن جو اهو سلسلو خدمتن جا مينار جوڙيندڙ ڪردارن جي عظمتن جي محراب آڏو سر بسجود آهي، جدوجهدن ۽ خدمتن جي تاريخ ۾ عوامي پذيرائي جا گُل ڪڏهن به منفي ڪردارن جي وجودن مٿان پيار جا پها نه رکي سگهيا آهن، عظمتن جي اهڙي پذيرائي صرف انهن ئي ماڻهن جي حصي ۾ آئي آهي، جن عوامي ڀلائي لاءِ راتين جون ننڊون ڦٽائي، اکين تي اوجاڳن جون ڳاڙهيون پٽيون ٻڌي ، صبح جي سج نڪرڻ واري لمحي جيان جوانمردي جهڙا مقابلا ڪيا آهن، اهي ڪردار جن بنا ڪنهن خوف جي جدوجهد جا ميدان ماري مڃايا آهن ، انهن کي اڄ به موتئي جي خوشبو جهڙن لفظن سان ياد ڪرڻ جي روايت برقرار آهي، اڄ به انهن کي ياد ڪرڻ سان گُلابن جهڙي خوشبوء من ۾ واسو ڪري ويهي رهي ٿي ، يادن جي روايتن ۾ هميشه زنده رهندڙ اهڙن کوڙ سارن ڪردارن ۾ ٽنڊو محمد خان جي مير خاندان جي چشم و چراغ محبتي انسان مير عنايت علي خان ٽالپر کي وسارڻ واري ڳالهه ان ڳجهارت جيان آهي ، جنهن جي ڀڃڻي جو ڪو به ڏس پتو ناهي، مير محمد خان ٽالپر اول کان وٺي مير غلام شاهه شهيد تائين ، مير الهه بخش خان ٽالپر ، مير سردار حاجي حسين بخش خان ٽالپر ، مير بنده علي خان ٽالپر کان وٺي مير غلام علي خان ٽالپر تائين ، مير غلام علي خان ٽالپر کان وٺي مير اعجاز علي خان ٽالپر تائين شهواڻي ٽالپرن جي جانشيني واري تاج کي چار چنڊ لڳائيندڙ مير عنايت علي خان ٽالپر جو ڪردار الاءِ ڇو مونکي مير خاندان جو اهو چنڊ محسوس ٿيندو آهي جنهن کي وقت کان اڳ گرهڻ لڳي ويو، وڇوڙو فطري عمل آهي ته وسارڻ به فطري روايتن جو حصو آهي , ڪي ماڻهو وڇڙي , وسري به ويندا آهن ته ڪي ماڻهو وڇڙڻ باوجود هڪ ناياب ياد بڻجي ويندا آهن , جيڪا دل جي دفتر تي هميشه دستڪ ڏيندي رهندي آهي, شاهواڻي ٽالپرن جي مجموعي طور مثبت روايتن جو امين ، ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان بي انتها پيار ڪندڙ ، محبت واري جذبي سان هميشه سرشار رهندڙ مير عنايت علي خان ٽالپر 14 جولاءِ 1952ع تي جنم ورتو ، سندس والد جو نالو مير اعجاز علي خان ٽالپر آهي. جيڪو نه صرف لاڙ جي شينهن جو لقب رکندڙ پر سنڌ جو سينيئر ترين سياستدان پڻ رهيو آهي، جنهن جي پاڇي ۾ سياست جي ميدان ۾ پانبڙا پائيندڙ ڪيترائي سياستدان اڄ به سنڌ جي سياست واري آسمان جا ستارا بڻيل آهن، مير عنايت ٽالپر مئٽرڪ سينٽ بونا وينچر مان ۽ انٽر پيٽارو ڪاليج مان پاس ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪئي . خانداني سياسي ورثي سبب پنهنجي ڏاڏي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ، ون يونٽ جي سخت ترين مخالف سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جي سياست کان متاثر ٿي, پنهنجي والد مير اعجاز ٽالپر جي تربيت هيٺ 1978ع ۾ سياست جي دنيا ۾ عشق ۽ ايمان جو وچن ۽ خدمت جو جذبو کڻي داخل ٿيو ، مير عنايت ٽالپر سڀ کان پهريائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر چونڊيو ويو، 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سندس والد مير اعجاز علي خان ٽالپر ، سندس چاچن مير ممتاز علي خان ٽالپر ۽ مير مشتاق علي خان ٽالپر جي گرفتارين ، ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيدو بند جي عقوبتن واري پريشان ڪُن ماحول سندس سياسي بصيرت ۽ قابليت کي وڌيڪ نکاري پُختو ڪيو ۽ هو جلد ئي 1985ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ، جنهن دوران 1986ع ۾ قومي اسيمبلي جي فلور تان ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌ جي ڳڀروئن ۽ باندي بڻايل قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ اُٿاريل سندس آواز اڄ به تاريخ جي للڪار بڻيل آهي، سندس اهو تاريخي آواز سندس ڏاڏي مير غلام علي خان ٽالپر پاران ون يونٽ جي مخالفت واري عمل جو تاريخي تسلسل ئي هو ، جيڪو اڄ به سنڌ جي اتهاس جي گهٽين ۾ تاريخي حوالي طور ذهن نشين ٿيل آهي ته ڪيئن نه مير غلام علي خان ٽالپر کي ون يونٽ جي مخالفت سبب بيرحماڻي طريقي سان گرفتار ڪري مٺي جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو، مير عنايت ٽالپر 1987ع ۾ وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي ڪابينه ۾ وفاقي صلاحڪار مقرر ٿيو ته ان دور ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ترقياتي رٿائن جو اهڙو ڄار وڇايائين جيڪو اڄ به افتتاحي تختين جي رُوپ ۾ شاهدين جا ڳاٽ اُوچا ڪري ٽنڊو محمد خان جي لاتعداد ڳوٺن ۽ آسپاس جي ننڍڙن علائقن ۾ براجمان آهن، هن آزاد حيثيت کان وٺي نون ليگ , نون ليگ کان وٺي پي پي پي شهيد ڀٽو گروپ , شهيد ڀٽو گروپ کان وٺي ايس ڊي اي تائين سميت مقامي سطح تي راڄوڻي اتحاد تائين سياسي شطرنج جا انيڪ پتا سياسي پاليسين طور اپنايا, مير عنايت ٽالپر 2005ع ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿيل مڪاني نظام وارين چونڊن ۾ سڄي ضلعي مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ٽنڊو محمد خان ضلعي جو پهريون ضلعي ناظم چونڊيو ويو ۽ چار سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ ضلعي اندر ماضي جي تاريخ کان وڌي چڙهي ريڪارڊ تاريخي ۽ ترقياتي ڪم ڪرايائين . جنهن ۾ سوڪ سينٽر ، مير غلام علي پارڪ ، شهيد راڻي بينظير ڀٽو پبلڪ پارڪ ، پبلڪ اسڪول ، ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال، ڊي سي ڪمپليڪس، جامع مسجد بي اينڊ آر ڪالوني، بوائز ڪاليج جي نئين سِر مرمت ، بوائز هاءِ اسڪول جي نئين سِر مرمت، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي نئين بلڊنگ جي قيام ، زيبيسٽ، لاتعداد ڪميونٽي سينٽرن، سميت روڊن ، رستن ۽ اسڪولن جا ڪيترائي ميگا پروجيڪٽ شامل آهن ، مير عنايت ٽالپر جي ناظمي واري دور ۾ هڪڙو منفرد ڪم اهو به هو جو هن شهر جي ڪجهه اهم قبرستانن کي تحفظ جي چوديوارن سان محفوظ ڪيو، سي سي بي اسڪيمن وسيلي ٽنڊو محمد خان جي ڪجهه اهم ۽ وڏن قبرستانن کي چوديواريون ڏيارڻ واري ڪم جو بنياد ۽ روايت ئي مير عنايت ٽالپر جي شاندار ڪوششن جو ثمر آهي، جنهن سندس سياسي ڪردار کي وڌيڪ عوامي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. سندس دور ۾ ضلعي جا سوين مقامي نوجوان بيروزگاري واري ڏانئڻ مان جان آجي ڪرائي روزگار سان لڳا، جن جي گهرن جا آباد چلها اڄ به سندس مغفرت لاءِ شعلا بڻجي دعائن جي صورت ۾ قدرت جي آڏو ٻاڏائيندا نظر اچن ٿا . مير صاحب پنهنجي بزرگن جي خانداني روايتن ۽ تهذيبي حيثيت جو امين ۽ وارث هو. سندس طبعيت ۾ انڪساريءَ سان گڏ بلندي جهڙا آثار موجود هئا. هو نه فقط هڪ اعليٰ خانداني ۽ تهذيبي روايتن جو مجسمو هو پر ان سان گڏ هڪ مخلص ۽ ايماندار، اڻٿڪ، پختي واعدي جو مالڪ ۽ سماج سڌارڪ به هو ، سياست کان هٽي ڪري کيس علم و ادب سان به گهري دلچسپي هئي. ان سلسلي ۾ سندس مثبت روايتن جي پوئيواري جو مثال هي آهي ته سندس ڏاڏي مير غلام علي خان ٽالپر، سنڌ جي نامور اديب غلام محمد شاهواڻي جي همت افزائي ڪندي کانئس ڪتاب “علمي خزانو” لکرايو هو . جيڪو ڪتاب مثنوي روم جو نثر ۾ ترجمو آهي ۽ ان جا ٽي جلد تيار ڪيا ويا هئا، ان ادبي روايت جي پيروي ڪندي مير عنايت ٽالپر “ ٽنڊو محمد خان جي تاريخي ۽ ترقياتي سفر” نالي ڪتاب سينيئر صحافي ۽ شاعر مخمور مهيري کان تحرير ڪرايو هو، اها الڳ ڳالهه آهي ته ليکڪ موضوع سان نڀاءَ نه ڪري سگهيو پر اها ڪوشش ۽ همت مير عنايت ٽالپر جي بهترين ادبي خدمت ۽ مرهون منٿ جي ڪڙي ضرور آهي، جنهن ٽنڊو محمد خان جي تاريخ کي سهيڙڻ جو عملي طور شروعاتي پٿر اڇليو, جنهن مان سندس علمي ۽ ادبي بصيرت جو خوب اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو موسيقي سان گڏوگڏ ثقافت سان به انتهائي پيار ڪندڙ شخص هو، اهو ئي سبب هو جو 2009ع ۾ پنهنجي ناظمي واري دور ۾ هن ٽنڊو محمد خان ۾ “سنڌ فيسٽيول” جو انعقاد ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ جي تمام گهڻن ضلعن ، ضلعي حڪومت واري سرشتي جي حوالي سان ڀرپور موٽ ڏيندي پنهنجا ثقافتي اسٽال لڳايا ، ان سان گڏوگڏ ان فيسٽيول ۾ موسيقي جا پڻ بهترين پروگرام ٿيا. کيس موسيقي سان پڻ دلي لڳاءُ هو، مختلف وقتن تي فنڪارن جي پرگهور لهڻ لاءِ هو پنهنجي تلاءُ واري بنگلي تي موسيقي جون محفلون پڻ سجائيندو رهندو هو، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار اچي فن جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ پنهنجي قدرداني جا موتي پسيندا هئا. مير عنايت ٽالپر جو دسترخوان هميشه ڪشادو رهيو. سنڌ جي وڏن ماڻهن مان ڪي اهڙا ٿورا ماڻهو ملندا، جن جا دسترخوان پنهنجن توڙي پراون لاءِ هميشه ائين ڪشادا رهيا هجن، جيئن مير غلام علي خان ٽالپر جيان سندس هن پوٽي جا هئا . مير صاحب شڪار جو به شوقين هو. شڪار جو شوق سندس خاندان جي دائمي روايتن ۾ شامل هو، جنهن کي پڻ هن ان ئي شان سان برقرار رکيو. ان سلسلي ۾ وٽس ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهران مهمانن جا جٿا ايندا ويندا هئا. جيڪي مير صاحب جي مهمان نوازيءَ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ واپس وڃي نه سگهندا هئا. هو سون جي چمچن ۾ کير پي محلاتن جي آسائش جا مزا ماڻي ، لاڏ ۽ ڪوڏ سان پلجي وڏو ضرور ٿيو هو پر سندس مزاج ۾ وڏائي، هٺ ، غرور ۽ تڪبر جو ڪڏهن به ڪو ننڍي ۾ ننڍو عنصر به ڏسڻ ۾ نه آيو، هو شاهي روايتن واري ماحول مان نڪري هميشه عوام جي دلين ۾ راڄ ڪرڻ جا سپنا کڻي روڊن ۽ رستن تي عوام سان گڏ سخت گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾ پيش پيش رهيو، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي بحالي واري تحريڪ ۾ کيس لکين ماڻهن ائين پگهر ۾ شل ڏٺو هو, ان دوران هو هر وقت جدوجهد جي پاڻي سان وهنتل نظر ايندو هو، 2013ع ۾ ضمني چونڊن جي ٿڪاوٽ ۽ شايد قدرت جي لکيي واري فطرت کيس وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو , اهو امتحان سندس زندگيء لاء ڄڻ ته ناسۡور بڻجي پيو , حياتي جي بقا خاطر وڙهندي وڙهندي مير عنايت ٽالپر 7 سيپٽمبر 2014ع تي آچر جي ڏينهن گلي ۾ ڪينسر جي موذي مرض سبب 62 سالن جي ڄمار ۾ سنگاپور جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي دکدائڪ خبر ٽنڊو محمد خان جي هر شهري مٿان وڄ جيان ڪِري پئي، هر اک آلي نظر اچي رهي هئي، ڇو ته مير خاندان جو هي باصلاحيت فرد ، هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ۽ عوام دوست انسان هو ، جنهن جي نفيس من ۾ هميشه احساسن جو سمندر ڇوليون هڻندي نظر ايندو هو ، 9 سيپٽمبر 2014ع تي سندس مڙهه سنگاپور مان آڻي ٽنڊو محمد خان ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي ۾ عوامي شرڪت جي ايڏي وڏي تعداد ثابت ڪيو هو ته هن عظيم شخص جو آخري سفر ٽنڊو محمد خان جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو آخري سفر هو. جيڪو عظمت جو رُتبو شايد ئي هتان جي ڪنهن سياستدان کي نصيب ٿيو هُجي. لکن جي مجموعي ۾ هر اک آلي نظر اچي رهي هئي, سندس سياسي مخالف به اهڙي مڃتا تي حيرت جي درياءَ ۾ ٻڏل هئا. کيس صرف هڪ نِياڻي جو اولاد ٿيو. ڏک ان ڳالهه جو ضرور آهي ته سندس ڪو جانشين اولاد نه هو جيڪو سندس خدمتن جي ڇڏيل تاريخ کي تڪميل جي ڪنهن لاڀائتي دڳ تي پهچائي پر مايوسي جي انهن لمحن کي مات ڏيڻ لاءِ سندس ڀاءُ مير سجاد علي خان ٽالپر وڏي جوانمردي سان مير عنايت ٽالپر جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سپهه سالاري جو تاج پنهنجي سر تي ٻڌو، مير عنايت ٽالپر جي نقش قدم تي هلندي هن مختصر وقت ۾ پنهنجي محنت جو محل جوڙڻ جي تمام گهڻي ڪوشش پر ان جي تڪميل اڃا تائين اڌوري بڻيل آهي ، اها اڌوري محنت عوامي ڀلائي لاءِ ڪيتري لاڀائتي ۽ فائديمند ثابت ٿيندي ، اهو ته ايندڙ وقت ئي بهتر ٻڌائيندو پر مير عنايت سان محبت ڪندڙ ماڻهن جو حلقو ساڻس اهو ئي پيار ڪندي ،انهن سپنن جي ساڀيان جي انتظار ۾ اکيون ضرور وجهيو ويٺو آهي ، جيڪي اميدون کين مير عنايت ٽالپر جي ڪردار مان وابسته هيون. .
-
پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا – انٽرويو: ساقي ابڙو
پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا – انٽرويو: ساقي ابڙوسلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز
(((اسين رتي جا ماڻهو)))
سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز
ڪردار: قاضي خضر حيات (انجنيئر۔آرٽسٽ۔ليکڪ۔ڪاشيگر)
انٽرويو: ساقي ابڙو (سيڪريٽري:س۔ا۔س رتوديرو)”اسين رتي جا ماڻهو“ فيسبوڪ انٽرويوز جي سلسلي ۾ اڄ جنهن ڪردار جو انٽرويو پيش ڪجي ٿو اهو ڪردار گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي پر افسوس جو اهڙي شخصيت هن وقت اسان جي شھر ۾ نٿي رهي۔ جي ها اها شخصيت آهي قاضي خضر حيات صاحب جي جيڪو هڪ ئي وقت انجنيئر به آهي ته آرٽسٽ به ۽ ليکڪ به آهي ته وري هن دور جو وڏو ڪاشيگر به۔ قاضي خضر حيات رتيديري جي علمي ادبي ۽ آرٽسٽڪ خاندان جي سربراه قاضي عبدالحيّ قائل سرشاري جنهن کي سڄو شھر ”سائين قاضي“ چوندو هو جي گهر جنم ورتو ۽ سندس وڏو فرزند آهي۔ سندس ٻالڪپڻ رتيديري ۾ گذريو، هو هتي ئي پڙهيو ڪڙهيو ۽ وڏن عهدن تي پهتو پر نوڪري ۽ ٻين سببن جي ڪري هن وقت نوابشاه سٽي ۾ رهائش پذير آهي ان جي باوجود به هن پنهنجي شھر ۽ پنهنجن ماڻهن کان ناتو ناهي ٽوڙيو اڄ به هو مرڻي پرڻي توڙي ڏکي سکي ۾ پهچندي دير ناهي ڪندو۔ قاضي صاحب زبردست انجنيئر خوبصورت آرٽسٽ برجستو ليکڪ ۽ ڪاشي جي ڪم جو وڏو ماهر ڪاشيگر آهي سندس جي نوابشاه ۾ ”سڪندر آرٽ گئلري“ جي نالي سان زبردست آرٽ گئلري قائم ڪيل آهي جيڪا سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ مشھور آهي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاه ”المرتضيٰ هائوس“ ۾ جيڪا ٽائلز لڳل آهي اها ڊزائين به قاضي خضر حيات صاحب جي تيار ٿيل آهي جڏهن ته ”سڪندر آرٽ گئلري“ ۾ سندس فن جا اعليٰ ۽ ناياب نمونا پڻ موجود آهن۔ سندس فن۔ شخصيت ۽ زندگي تي جهجهو مواد لکي سگهجي ٿو پر مون هتي سندس مختصر تعارف طور هي سٽون لکيون آهن جيڪي يقينن سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهن۔ سندس انٽرويو جيئن جو تيئن پيش ڪجي ٿو اميد ته پڙهي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا۔
(سٽون: ساقي ابڙو)
اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا
1-مختصر تعارف (نالو, ولديت, ذات ۽ ڄم تاريخ) *قاضي خضر حيات ولد قاضي عبدالحئي قائل سرشاري – جنم 12 اپريل 1945ع – بابا سائين جي زير تربيت ميٽرڪ تائين رتيديري هاء اسڪول ۾ تعليم پرائي – انٽر لاڙڪاڻي مان ڪئي- انجينيئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان انجينيئرنگ جي ڊگري 1st class ۾ پاس ڪري ميدان عمل ۾ آيم,2-جنم ڀومي ۽ موجوده رهائش
*رتوديرو / موجوده رهائش سڪندر آرٽ گئلري نوابشاه,تعليم
انٽر ڊرائنگ , آرڪيٽيڪچر ۾ ڊپلوما ۽ بي اِي (سول)4-پروفيشنل ڊگري
*بي اِي سول5-مھارت اگر آهي ته
*ننڍپڻ کان آرٽ سان لڳاء , انجيينئرنگ ۾ چڱي خاصي ڄاڻ , ڪاشيء جي فن ۾ دسترس حاصل ڪري سڪندر آرٽ گئلري جو بنياد وڌم,6-ڪرت, پيشو يا ذريعه معاش
*سول انجينئرنگ جي حوالي سان وڏن وڏن منصوبن تي PD جي عهدي تائين پهچي ,جانفشاني سان منصوبا مڪمل ڪرائي سٺي ڪاميابي ماڻي,7-سڃاڻپ جو حوالو
*انجينيئر -آرٽسٽ – ليکڪ – ڪاشيگر,8-شعبو
*تعميراتي منصوبن ۾ پراجيڪٽ انجينيئر يا سول انجينيئر طورنگراني ڪرڻ جو وسيع تجربو,9-وابستگي
*سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن( سگا) , مهراڻ آرٽس اينڊ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاه, سڪندر آرٽ گئلري نواب شاه,10-ڪيريئر جي شروعات
*انجينيئرنگ پاس ڪرڻ کانپوء , رتو ديرو جي ايريگيشن کاتي ۾ سپروائيزر جي حيثيت سان ڀرتي ٿي,11-شعبي جي چونڊ جو مقصد
*ارتقائي عمل طور انجينيئدنگ فيلڊ جي چونڊ قسمت ۾ ھئي ,۽ ڄاڻ آهر هر هنڌ سرخرو ٿيندو رهيس,12-پنهنجي شعبي ۾ ڪيل ڪارگذارين جو مختصر ذڪر جيڪي ڳڻائڻ جهڙيون هجن
*سنڌ يونيورسٽي جي انجينيئرنگ ڪاليج ۾ انجينئرن کي پڙھايو- 3 سال NED ۾ پڙھايو – لاڙڪاڻو شگر مل به چينين سان گڏ ٺھرايم – اسٽيل مل ڪراچي جو شروعاتي ڪم ڪرايم – پاڪ سعودي فيڪٽري مير پور ماٿيلو تي 6 سال ڪم ڪري فيڪٽري شروع ڪرايم, مهراڻ انجينيئرنگ يونيورسٽي جوڙايم , قائد عوام يونيورسٽي , شاه لطيف يونيورسٽي , ٽنڊو ڄام يونيورسٽي , بري امام جي درگاه تي تعميراتي ڪم ڪرايم , آخر ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي مڪمل ڪرائي هاڻي مڪمل آرام ۾ آھيان, سال 2013 ع ۾ پنهنجي استاد ,عبدالقدير خان افغان تي ڪتاب سنڌجي جان ; ڊاڪٽر افغان لکيم به سهيڙيم به – منهنجي آتم ڪٿا ڪتاب “جهاڳيو مون جهان ” لکيواٿم جيڪو پريتم ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي, هن سال,13-تعليم اوهانجي نظر ۾
*تعليم قيمتي زيور آھي هر مرد توڙي عورت کي حاصل ڪرڻ گهرجي,14-سياست اوهانجي نظر ۾
*سياسي سمجهه ۽ ڄاڻ رکڻ کپي,ته جيئن ملڪ لاء ڪارآمد فرد ٿي سگهجي,15-سماجيات اوهانجي نظر ۾
*سماجي سوجهه بوجهه ۽ قدرن جي ڄاڻ به ضروري آھي,16-صحافت اوهانجي نظر
*صحافت هڪ عزت لائق پورهيو آ, جنهن جي عزت ڪجي,17-ادب اوهانجي نظر ۾
*علم وادب جي سمجهه ذھني صلاحيت لاء لازمي آ,18-شاگرد سياست اوهانجي نظر ۾
*شاگردن کي سياست بابت ڄاڻ ھجڻ کپي,ته جيئن عمر جي لحاذ کان مثبت انداز ۾ ڪردار ادا ڪن,19-ڪتاب ۽ مطالعو اوهانجي نظر ۾
*ذھني واڌ ويجهه لاء ڪتابن کي دوست رکجي,20-ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو *روزاني اخبار ,حالات حاضره جون خبرون ۽ خاص طور تي آرٽ جا ڪتاب پسند آھن,
21-اڄ جي نوجوان مان ڪيترو مطمعن آهيو *اڄ جو پڙھيل نوجوان قائدانه صلاحيتن سان ڀرپور اهي, هر چئليينج کي منهن ڏيڻ لاء تيار
22-پسنديده شخصيت
*هڪڙي پسنديده شخصيت جو انتخاب ڏاڍو مشڪل آھي, والدين کان وڌيڪ ڪير هوندو ,انکان پوء استاد23-پسنديده سياستدان
*ڀٽو خاندان ۽ شھيد بابا ذوالفقار علي ڀٽي کان سوا ڪو ٻيو ٿي نه ٿو سگهي,24-پسنديده اديب ۽ شاعر
*استاد بخاري – مقصودگل25-رتوديرو شھر جو ماضي, حال ۽ مستقبل اوهانجي نظر ۾ *رتيديري جو ماضي وشال هيو حال جي خبر نه پڇو باقي مستقبل لاء دعاگو آهيان
26-پنهنجي شھر رتوديرو لاء ڇا ٿا چاهيو *جنم ڀومي لاء هر شئي جيڪا سندس مان مٿانهون ڪري,
27-اوهانجي نظر ۾ رتوديرو جو وڏي ۾ وڏو مسئلو *مسئلا ئي مسئلا آھن ڪهڙو بيان ڪري ڪهڙو ڪجي,
28-رتيديري شھر جي اجتمائي مسئلن جي حل لاء ڪا تجويز
*ڌڻي در دعا29-جيڪڏهن شھر جا چيئرمين ٿيو ته ڇا ڪندئو *الله نه ڪري,
30-ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا
*نوجوانو پڙھو , پڙھو بس پڙھو,
ااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا -
Kuliyat-e-Miran Shah
Kuliyat-e-Miran Shah
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Kuliyat-e-Miran_Shah.pdf{/aridoc}
-
Sindh Mein Urdu
Sindh Mein Urdu
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Sindh_Mein_Urdu.pdf{/aridoc}
-
Divan e Miskeen
Divan e Miskeen
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Divan_e_Miskeen.pdf{/aridoc}
-
Pakhiyan Ji Parliament
Pakhiyan Ji Parliament
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Pakhiyan_Ji_Parliament.pdf{/aridoc}
-
The Poetry of Shah Abd Al-Latif Its Indian and Persian Aspects
The Poetry of Shah Abd Al-Latif Its Indian and Persian Aspects
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/The_Poetry_of_Shah_Abd_Al-Latif__Its_Indian_and_Persian_Aspects.pdf{/aridoc}
-
Nanik Yousif Jo Kalam 2
Nanik Yousif Jo Kalam 2
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Nanik_Yousif_Jo_Kalam_2.pdf{/aridoc}
-
Risalo Data Shah Wilayat Jo
Risalo Data Shah Wilayat Jo
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Risalo_Data_Shah_Wilayat_Jo.pdf{/aridoc}