Author: admin

  • هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت

    هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت“

     
     Mumtaz 11zon
    “ هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت”. سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ڪيترا ئي رک اختيار ڪيا: * هوم رول ليگ هندن جي سهڪار سان هندوستان جي آزاديءَ جو خواب ڏسڻ گهريو, * امن سڀا وري انگريزن جي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ ھٿ پير هلايو, * خلافت تحريڪ وري مذھب کي بنياد بڻائي آزاديءَ جي ڳالھ ڪئي, * ڪانگريس گڏيل هندوستان جي روپ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هلائي, * مسلم ليگ گڏيل هندستان بدران هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي آزادي وٺڻ جي ڳالھ ڪئي. “هوم رول ليگ” سنڌ ۾ ”ڪانگريس“ ۽ ”مسلم ليگ” هوندي بہ ٻنھي پارٽين کان اڳ ۾ وڌيڪ فعال رهي. هن پارٽيءَ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ تي جامع مواد گڏ ڪري, منھنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. بابا پنهنجي ڇپيل ۽ ويب تي رکيل ڪتاب “ادب ۽ ماحول” ۾ ”ھوم رول ليگ” جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي پيل اثرات تي تفصيلي روشني وڌي آھي. “هوم رول ليگ” طرفان جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪتاب يا رسالا نڪتا, انھن جو احوال بابا جي انھيءَ ڪتاب “ادب ۽ ماحول” ۾ موجود آھي. اڄ بابا جي ورتل نوٽس جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي, ”ھوم رول ليگ” بابت اضافي معلومات نظر مان گذري ۽ سوچيم تہ اها بہ سنگت سان شيئر ڪجي. “هوم رول ليگ” ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ ٻيا مشهور سياستدان عهديدار ۽ ميمبر ٿي رهيا, ليڪن هن پارٽيءَ ۾ مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ھندن جو تعداد وڌيڪ هو. البت “هوم رول ليگ” جي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۽ ٿيالاجيڪل سرڪل طرفان هفتيوار ليڪچر ٿيندا هئا تہ انھن ۾ هندو, مسلمان, سک ۽ پارسي شريڪ ٿيندا هئا. “هوم رول ليگ” جو مکيہ اڳواڻ جمشيد ميهتا هئو. هو انسان-دوست ۽ ملنسار ماڻھو هئو, ان ڪري سندس گهرا مسلمان دوست هن معرفت “هوم رول ليگ” تائين پهتا. پر سنڌي مسلمان سياستدانن جي اڪثريت نہ فقط “هوم رول ليگ” کان پري رهي, انھن مان ڪيترن هن پارٽيءَ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ باقي مسلمانن کي “هوم رول ليگ” کان پري رهڻ جي تلقين ڪئي. انھن ۾ شمس الدين بلبل, حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, سندس مائٽ (حيدرآبادي قاضين جو وڏو) حڪيم عبدالقيوم, شيخ نور محمد ۽ منشي امين الدين جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. “هوم رول ليگ” جي مخالفن جو خيال هو تہ هيءَ پارٽي سياسي ۽ نظرياتي طور سنڌ جي مسلمانن جي خلاف آھي. سندن چوڻ مطابق “هوم رول ليگ” “غير حاضر قيادت” جي تصور کي اڀاري ٿي ۽ ماڻھن کي آسري ۾ ٿي رکي تہ ايندڙ دور ۾ ڪو اڳواڻ ايندو, جيڪي عوام جا مسئلا حل ڪندو. “هوم رول ليگ” جي سنڌي مسلمان سياستدانن جو خيال هو تہ اها سوچ عيسائي مذھب مان اڌاري ورتل آھي ۽ اها ڳالھ مسلمان بہ مڃيندا آھن تہ حضرت عيسا واپس ورندو. نقادن جي نظر ۾ ”ھوم رول ليگ” وارو “غير حاضر قيادت” جو تصور ماڻھن کان “پاڻ تي ڀاڙڻ” واري سگھہ کسي وٺندو. ٿياسافيءَ وارن پوءِ ڪرشنا مورتيءَ کي اهڙي آدرش طور بہ پيش ڪيو ۽ اها ڳالھہ بہ سنڌ جي مسلمانن قبول ڪانہ ڪئي. “هوم رول ليگ” خلاف گهڻي کان گهڻو ميهڙ واري سنڌ جي نامياري شاعر ۽ صحافي شمس الدين بابل لکيو. هن جي لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”ھوم رول ليگ” خلاف کوڙ مواد موجود آھي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ”هوم رول ليگ” خلاف ڪيترا پمفليٽ لکيا ۽ انھن مان ڪجھ گل حيات ۾ موجود آھن
  • ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس

    ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس“

     
     Mumtaz 11zon
    Tue, Aug 9 at 3:05 PM ممتاز علي پٺاڻ. “ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس”. آئون ماضيءَ جون ڪهاڻيون ٻڌائي, اوهان جو وقت ضايع نہ ڪندو آھيان. سمجهان ٿو تہ ڪيترن پڙهندڙن کي هنن ورقن پڙھڻ ۾ مزو نہ بہ اچي. پر پوءِ بہ منھنجي لکڻين مان دانش ۽ بصيرت وارن کي ڪيترا درس ملي ويندا. ماضيءَ جا ورق جيڪي منهنجي والد گڏ ڪيا آھن, اهي نہ فقط تاريخ جي “مسنگ لنگس” جي نشاندهي ڪن ٿا, پر اسان ۾ اهو اتساھہ بہ پيدا ڪن ٿا تہ اسان انھيءَ کي بنياد بڻائي تاريخ ۾ لکيل اڌورين ڳالهين کي مڪمل ڪريون. گل حيات ۾ باباسائينءَ جي اڻ ٿڪ محنت جي نتيجي ۾ ورهاڱي کان اڳ وارين سمورين سياسي پارٽين جو جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي, انهن ۾ ”سنڌ ڪانگريس ڪميٽي” بہ هڪ آھي. سنڌي هندو لڏي ويا ۽ انھن اتي يادگيرين جي بنياد تي تہ ڪانگريس جو احوال لکيو آھي, پر گل حيات ۾ سنڌ جي مختلف اخبارن مان نوٽس وٺي ڪانگريس بابت مستند مواد گڏ ڪيو آھي, جيڪو مواد سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ھندن وٽ ڪونهي. انھيءَ مواد مان ڳچ مواد گل حيات جي ويب تي بہ رکيل آھي. جڏهن “سنڌ ڪانگريس” جي ڳالھ ڪبي تہ “انڊين نئشنل ڪانگريس” جي ٻن سالياني اجلاسن جو ذڪر ضرور نڪرندو, جيڪي ڪراچيءَ ۾ ٿيا. انھن مان سنڌ ۾ پهريون اجلاس ڊسمبر جي 26.27 ۽ 28 تاريخ تي سال 1913ع ۾ ٿيو هو. اجلاس جي صدارت نواب سيد محمد بهادر ڪئي هئي. هن اجلاس لاءِ جيڪا سنڌين “آڌرڀاءُ ڪميٽي” ٺاهي هئي, ان جو تفصيل هن ريت آھي: * چيئرمن هرچند راءِ وشنداس * جنرل سيڪريٽريز راءِ بهادر هيرانند کيمسنگ ۽ غلام علي چاگلا * سيڪريٽريز لوڪومل چيلارام, ڪلومل پهلومل, جهامنداس ولڀداس ۽ درگداس بي.آڏواڻي. * خزانچي ديپچند اوجها ۽ شيوارام ڏيوڻمل * رضاڪارن جو ڪپتان لالا موتي لال. هن اجلاس کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ 200 کان مٿي هندو, مسلمان, سکن ۽ پارسين حصو ورتو. سنڌ جي مختلف شهرن مان 500 وفدن جي صورت ۾ ھن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جيڪي وفد ٻين هنڌن کان آيا, اهي هئا: برار, ممبئي, گجرات, يو.پي, لاهور, پاٽنه, الله آباد, لکنو, اوڌ, شاهجهان پور, سيتاپور, مدراس, بينگال ۽ بهار ۽ ڪئناڊا. هي اهو زمانو هئو, جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جون راهون هڪ ٻئي کان جدا نہ ٿيون هيون ۽ مسلمان ڪانگريس جي جلسن ۾ بہ شرڪت ڪندا هئا. هن اجلاس جي جيڪا “سبجيڪٽس ڪميٽي” ٺھي هئي, ان ۾ محمد علي جناح بہ ميمبر هو. ڪميٽيءَ جا ٻيا سنڌي ميمبر هئا: هرچندراءِ وشنداس, غلام محمد ڀرڳڙي, غلام علي چاڳلا, راءِبهادر هيرانند کيمسنگ, لوڪومل چيلارام, جهامنداس ولڀداس, ڪالومل پهلومل ۽ درگداس بي آڏواڻي. اجلاس ۾ 22 ٺهراءَ پاس ڪيا ويا هئا ۽ جن سنڌي سياستدان ٺھرائن پيش ڪرڻ يا انھن جي پٺڀرائي ڪئي, اهي هئا: هرچندراءِ وشنداس, هيرانند کيمسنگ, مٿراداس رامچند, ڪشنداس جهامراءِ, مير ايوب, گوپاداس جهمٽمل, لالچند نولراءِ, عبدالرحمان ۽ ٺاڪرداس کيمچند. هن اجلاس ۾ ”آڌرڀاءُ ڪيميٽيءَ” جي چيئرمين هرچندراءِ وشنداس ۽ اجلاس جي صدر طويل تقريرون ڪيون, جيڪي الڳ ڪتابڙي جي صورت ۾ شايع ڪرائي سگهجن ٿيون. هرچندراءِ وشنداس پنهنجيءَ تقرير ۾ سنڌ جي ثنا بہ ڪئي تہ سنڌ جا سور بہ ٻڌايا. هن پنهنجيءَ تقرير ۾ انھيءَ ڳالھہ تي خوشيءَ جو اظھار ڪيو آھي تہ هندو توڙي مسلمان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي خدمت ڪري رهيا آھن ۽ اهو هندو-مسلم اتحاد ئي اسان جي روشن مستقبل جو ضامن آھي
  • سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين

    سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين“

     
     sindh sabha khaa
    “سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين”. چوندا آھن تہ “اڳ ئي ويٺي هئي رٺي, پوءِ جو پيڪن جو نياپو آيس تہ روئي پئي”. انھيءَ مصداق اڳ ئي اسان پاڻ کي پٺاڻ, بلوچ ۽ سيد سڏائي پاڻ کي ٻاهران آيل چئي سنڌ جي ماضيءَ کان جهڙوڪ رشتو ٽوڙي چڪا آھيون, مٿان وري غير جانبدارانہ ۽ مستند لکتون پڙھون ئي ڪونہ ٿا. ان ڪري نہ پاڻ سڃاڻي ٿا سگهون ۽ نہ سنڌ سڃاڻي ٿا سگهون. ڪيترين ڳالهين ۾ سنڌ جي حب جي ڳالھہ ڪندي بہ قول ۽ فعل سان سنڌ جي مفادن کي ڇيهو رسايون ٿا. پاڻ سڃاڻڻ ۽ سنڌ سڃاڻڻ لاءِ اسان کي سچيءَ ۽ مستند تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. جس هجي بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي, جنهن ڏينھن رات هڪ ڪري سنڌ جي تاريخ تي غير جانبدارانہ تحقيق ڪئي آھي. ان مان اسان کي سنڌ جي ٽن دورن (ٽالپور, انگريز ۽ موجوده دور) کي هڪ منطقي ۽ سائنٽيفڪ تسلسل سان پڙھڻ جو موقعو ملي ٿو. آئون بابا جي “نوٽس” ۽ لکت جي آڌار تي ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي آڳاٽين سياسي پارٽين بابت لکندو رهيو آھيان. هن کان اڳ مون “سنڌ سڀا” بابت لکيو آھي ۽ ٻڌايو آھي تہ “سنڌ سڀا” سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم هئي. انھيءَ زماني ۾ سرڪاري ملازم بہ اهڙين تنظيمن جا ميمبر ٿي سگهندا هئا. “سنڌ سڀا” ديوان ڏيارام گدومل جي سوچ ۽ لوچ جو نتيجو هئي ۽ 1882ع ۾ قائم ٿي. آڪٽوبر 1884ع ۾ ”سنڌ سڀا” جي گڏجاڻي ٿي تہ جيئن لارڊ رپن کي سندس مدي پوري ٿيڻ تي هندستان ڇڏڻ وقت “مانپر” (شڪريہ ادائيءَ جو ليک) ڏنو وڃي. لارڊ رپن جيڪي ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊس ۾ ميمبرن جي چونڊ جي گنجائش رکي هئي, اها وڏي تبديلي هئي. “سنڌ سڀا” لارڊ رپن کي انھيءَ ڪم ۽ ڪارنامي تي “مانپتر” ڏيڻ لاءِ اها گڏجاڻي سڏائي هئي. حسن علي آفنديءَ انھيءَ رٿ تي راءِ ڏني تہ مڪاني حڪومت ڏيڻ حڪومت جو فرض ھو. لارڊ رپن پنهنجو فرض پورو ڪيو. ان ڪري کيس فقط خط لکي شاباش ڏجي ۽ “مان پتر” نہ ڏجيس. ڏيارام انھيءَ جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪندي چيو تہ لارڊ رپن کي “سنڌ مانپتر نہ ڏنو تہ سنڌ تي لعنت آھي”. انھيءَ رويئي حسن علي آفنديءَ کي ڪاوڙائي وڌو ۽ “سنڌ سڀا” جي گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪري اٿي ويو. اها گڏجاڻي “سنڌ سڀا” کي ٽوڙڻ جو سبب ٿي. حسن علي آفنديءَ وڃي پنهنجي “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ٺاهي. پوءِ بہ هن “سنڌ سڀا” تان استعيفا ڪانہ ڏني. سندس پٽ لڳاتار “سنڌ سڀا” جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. حسن علي آفنديءَ جي پٽ ڪوشش ڪئي تہ “سنڌ سڀا” کان چونڊن لاءِ ”گڏيل تڪ” بدران هندن ۽ مسلمانن جا الڳ الڳ ”چونڊ تڪ” ٺاهڻ وارو اصول قبول ڪرائي, پر هو ان ۾ ڪامياب نہ ويو. مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ھندن جو تعليم يافتہ تعداد گهڻو هو, ان ڪري هو “گڏيل تڪن” مان پنهنجا گهڻا ميمبر چونڊرائي ٿي سگهيا. حسن علي آفنديءَ 1884ع ۾ ئي “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ٺاهي. هن انهيءَ پليٽ فارم تان “سنڌ مدرسو” قائم ڪرڻ جي ڪوشش ورتي. هوڏانھن “سنڌ سڀا” جو خيال هو تہ “سنڌ مدرسو” قائم ڪرڻ بدران سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪجي. انھيءَ تي “سنڌ سڀا” ۽ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا. هندن جو ڪراچيءَ ميونسپالٽيءَ تي هولڊ هئو. اتان حسن علي آفنديءَ کي مدرسي لاءِ پلاٽ وٺڻ ۾ دشواري محسوس ٿي. ڪن ناعاقبت هندن ڪراچيءَ ۾ حسن علي افنديءَ خلاف چاڪنگ شروع ڪري ڏني. خاص ۽ عام نوشتہ ديوار هي هئو تہ “حسن علي وڪيل, تجهي الّله ڪري ذليل”. چاڪنگ اردو ۾ ڪئي وئي. حسن عليءَ جو موقوف هو تہ مسلمان تعليم ۾ پٺتي آھن. ان ڪري هو هنن کي ڪاليج کان وڌيڪ هاءِ اسڪول جي ضرورت آھي. ڪاليج ڀلي کلي, پر هاءِ اسڪول بہ ضرور قائم ٿئي. “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ ھڪ جماعت طور ڪم جاري رکيو ۽ “سنڌ سڀا” جي بہ دونھين دکندي رهي. تان جو 5 نومبر 1901 تي “سنڌ سڀا” کي وري سرگرم ڪرڻ لاءِ آخري گڏجاڻي ٿي. 20 نومبر 1901 تي خط و ڪتابت ذريعي رابطا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي, پر نتيجو ڪونہ نڪتو. تان جو 19 آگسٽ 1904 تي “سنڌ هندو سڀا” قائم ڪئي وئي, جنهنجو روح روان سيٺ ھرچند راءِ وشنداس رهيو. ايئين “سنڌ هندو سڀا” سنڌ جي هندن جي ۽ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” مسلمانن جون سياسي پارٽيون ٿي اڀريون ۽ 1936ع تائين قائم دائم رهيون
  • ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس

    ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس“


    mahawar ikhbar taleem

     ممتاز علي پٺاڻ. “ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس”. ماهوار رسالو “اخبار تعليم” 1902ع سنڌ جي تعليم کاتي جاري ڪيو ۽ ٿورن وقفن ۽ جهٽڪن کان سواءِ اسان جي دور ۾ بہ نڪرندو رهي ٿو. گل حيات جي ويب سائيٽ تي “ڪجھ پراڻا رسالا” جي عنوان سان جن رسالن جو ڀرپور تفصيل موجود آھي, انھن ۾ “اخبار تعليم” بہ شامل آھي. بابا سائينءَجي مطالعي جو پنهنجو هڪ منفرد ۽ انوکو طريقو رهيو آھي. هن جڏهن ڪو ڪتاب پڙهيو تہ ان مان “نوٽس” ضرور ورتائين ۽ ڪو رسالو يا اخبار پڙھيائين تہ ان جي انڊيڪس/مواد ڏسڻي ٺاهيندو ويو. انهن انڊيڪسن مان پراڻي رسالي “سنڌو” جي انڊيڪس تہ گل حيات جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿيل آھي. بابا “اخبار تعليم” جي ابتدائي 15 سالن ۽ موجوده دور جي ڪجھ سالن جي انڊيڪس ٺاهي رکي آھي. هن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ جن سالن جا پرچا کيس پڙھڻ جو موقعو مليو آھي, بابا انھن جي انڊيڪس ٺاهي آھي. “اخبار تعليم” جي انڊيڪس ٺاهڻ/مرتب ڪرڻ لاءِ بابا هڪ پروفارما سائيڪلواسٽائيل ڪرايو ۽ ان مطابق “اخبار تعليم” ۾ شايع ٿيل مواد بابت تفصيل لکندو ويو آھي. انھيءَ پروفارما ۾ هي 12 سوال ذھن ۾ /پروفارما ۾ رکيا اٿس: 1. مهينو ۽ سال, 2. جلد ۽ شمارو, 3. ايڊيٽر, 4.عنوان, 5.مضمون/موضوع, 6. اصل ٻولي, 7. اصل ٻوليءَ وارو عنوان, 8 اصل ليکڪ, 9. مترجم, 10.صنف, 11. صفحا, 12. ڪيفيت يا ٿورو تفصيل. “اخبار تعليم” جي پراڻن پرچن ۾ في پرچي جي حساب سان ڏهاڪو کن ليک آھن. انھيءَ حساب سان ھڪ سال لاءِ (10×12=120) هڪ سو ويھ پروفارما ڀريا اٿس. بابا جي مطالعي جو طريقو شاگردن ۽ نون محققن کي دڳ ڏسي ٿو تہ مطالعو ڪيئن ڪجي ۽ ان مان پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نوٽس وٺي ڪيئن ڪڍجن. تحقيق ڪندڙن لاءِ “انڊيڪس” کين پنهنجي مقصد واري مواد ڳولهڻ ۾ آساني ڏيندو آھي. ليکڪ/محقق هزارين صفحا پڙھن بدران “انڊيڪس” ذريعي مواد ڳولهي پنهنجو قيمتي وقت بچائي سگهن ٿا. بابا الائي ڪيترن ڪتابن ۽ رسالن جي انڊيڪس ٺاهي آھي. اڄ منھنجي نظر جڏهن “اخبار تعليم” جي انڊيڪس تي پئي تہ سوچيم تہ ان بابت پوسٽ لکي دوستن ۾ ورهايان. انھيءَ “انڊيڪس” مان “اخبار تعليم” جي سال 1904ع جي هڪ اڌ پرچي جي انڊيڪس مثال طور عرض رکان ٿو: 1).مهينو ۽ سال: جنوري 1904, 2). جلد 2, شمارو 10, 3). عنوان: “گانءَ بابت گيت”. 4). اصل ٻولي: سنڌي, 5. شاعر: هوتچند ٽيڪواڻي, 6. مضمون: ٻاراڻو ادب, 7. صنف: شاعري, 8. رسالي جا صفحا: 8 کان 9, 9. تت: هن گيت ۾ ٻارن کي ڳئون جي اهميت ۽ افاديت ٻڌائي وئي آھي. **** ساڳيو شمارو. جنهن جي ٽيڪنيڪل معلومات مان هتي نہ لکان. پر اضافي معلومات ڏيان ٿو 1). عنوان: شاه صاحب جي هلت چلت ۽ مذھبي خيال, 2). مضمون: سوانح, 3). اصل ٻولي: سنڌي, 4). ليکڪ: محمد صديق مسافر, 5). صنف: شاعري, 6). رسالي جا صفحا: 14 کان 16 7). تت: هي ساڳي سلسلي جي ٽين ڪڙي آھي, جنهن ۾ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي منظوم سوانح ڏني وئي آھي. **** فيبروري 1904. جلد 2, شمارو 11. 1). عنوان: ڪنول 2).مضمون: سائنس/زولاجي, 3). اصل ٻولي: سنڌي, 4). ليکڪ: پهلاج راءِ واسواڻي, 5). صنف: مضمون, 7). رسالي جا صفحا: 4 کان 7 8).تت: هيءَ مضمون جي ٻي قسط آھي. ان ۾ ڪنول بابت معلومات ڏني وئي آهي.
  • حرن جي مسئلي تي حاجي عبدالّله هارون ۽ جي.ايم.سيد جي جاکوڙ

    حرن جي مسئلي تي حاجي عبدالّله هارون ۽ جي.ايم.سيد جي جاکوڙ

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      حرن جي مسئلي تي حاجي عبدالّله هارون ۽ جي.ايم.سيد جي جاکوڙ“

     
     huran je
    ممتاز علي پٺاڻ. “حرن جي مسئلي تي حاجي عبدالّله هارون ۽ جي.ايم.سيد جي جاکوڙ”. سورهيہ بادشاھہ ۽ سندس معتقدن جي انگريزن خلاف هلايل تحريڪ ۽ گوريلا جنگ بابت ڀرپور تحقيق ڪانہ ٿي آھي. پريشان ڪندڙ ڳالھہ اها آھي تہ جڏهن سورهيہ بادشاھہ جي خلاف ڪيس هلايو ويو تہ ان وقت سنڌ جي پنهنجي صوبائي حڪومت هئي. پر انگريزن حر تحريڪ کي پنهنجي حڪمت عمليءَ طور ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري سنڌي سياستدانن کي گهٽ ٻڌائون ۽ گهٽ مڃيائون. “حر تحريڪ” ۽ “پاڳارا پيرن” تي گل حيات ڪنهن جي سهڪار کان سواءِ گهڻو مواد گڏ ڪيو آھي ۽ ان لاءِ ويب سائيٽ تي “پاڳارا ڪارنر” قائم ڪيو آھي, جنهن ۾ پڙھن
  • سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان

    سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان“

     
     sindh ja agata
    ممتاز علي پٺاڻ. ” سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان”. انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪي بہ فعال سياسي پارٽيون هيون, بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاءَ پنهنجيءَ تحقيق ۽ جاکوڙ سان انھن پارٽين جي عهديدارن ۽ ميبرن جون لسٽون مرتب ڪيون آھن. هي معلومات سنڌ جي سياسي ادب ۽ آزاديءَ جي تحريڪ تي ڪم ڪندڙن جي وڏي ڪم جي آھي. سنڌ جي سياسي آسمان جي انھن چنڊ ستارن تي ڪيترا ئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. انھن سمورن سياستدانن پنهنجي پنهنجي سياسي پليٽ فارم تان پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي حڪمت عمليءَ طور آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو. اهي سمورا آزاديءَ جا سنڌي سپاهي آھن. 1916ع تائين سنڌي مسلمان سياستدان …
  • سنڌ سڀا – سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم

    سنڌ سڀا – سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      سنڌ سڀا – سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم“

     
     Mumtaz 11zon
     

    سنڌ ۾ سياست جي شروعات 1882 ۾ ”سنڌ سڀا” جي قيام سان شروع ٿي. هيءَ سڀا سنڌ جي تڏهوڪي مها ڏاهي ڏيارام گدومل جي ڪوششن سان قائم ٿي هئي. “سنڌ  سڀا” پنهنجي دور جي هڪ مقبول جماعت هئي. ھندو, مسلمان, پارسي ۽ ڪرستان انھيءَ جا ميمبر هوندا هئا. ان زماني ۾ سرڪاري ملازمن کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان ڪا بہ منع ٿيل نہ هوندي هئي. ان ڪري ڪيترا سرڪاري عملدار بہ “سنڌ سڀا” جا ميمبر  هوندا هئا. “سنڌ سڀا” جو پهريون صدر سيٺ آتمارام پريتمداس ڀوڄواڻي ٿيو. هو جڏهن 1 آگسٽ 1885 تي لاڏاڻو ڪري ويو تہ ڏيارام ڄيٺمل سڀا جو, پنهنجي لاڏاڻي  1 آگسٽ 1887 تائين صدر ٿيو. “سنڌ سڀا” جو مرڪزي دفتر تہ ڪراچيءَ ۾ ھئو, پر ان جا ميمبر حيدرآباد, سکر, شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا سياسي ۽ سماجي سوچ رکندڙ ڪيترا ماڻھون هوندا هئا. سڀا جي ڪن خاص ۽ سرگرم ميمبرن مان هي نالا اهم آھن:

           ڏيارام گدومل, حسن علي آفندي, اڌارام مولچند, دولترام ڄيٺمل, هيرانند شوقيرام, فتح علي  ڀائي, هيرانند مسند, ساڌو هيرانند
         انھيءَ زماني ۾ اهو دستور هوندو هو تہ سرڪار ڪو قانوني سڌارو آڻڻ گهرندي هئي تہ اهڙو مسودو ”سرڪاري گزيٽ“ ۾ شايع ڪري عوامي رايا ۽ ويچار وٺندي هئي. اهڙيءَ ريت ڪنهن مسئلي تي جيڪڏهن ڪا “ڪميشن” ويهاريندي هئي تہ ان بابت بہ ساڳيءَ ريت پڌرائي ڪندي هئي. پوءِ تنظيمون انھيءَ مسئلي تي سپاسناما ٺاهي يا گذارش ناما لکي, سرڪار کي پنهنجا رايا ۽ ويچار موڪلي ڏينديون هيون. 1883 ۾ سرڪار “لوڪل سيلف گورنمينٽ” ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ۽ 1884 ۾ تعليمي سڌارن آڻڻ لاءِ ڪميشن ويهاري. “سنڌ سڀا” انھن ٻنھي موقعن تي ٻوڙو ٻڌي ويچار ڪيو ۽ سرڪار کي صلاحون ڏنيون. “سنڌ سڀا” تعليمي ڪميشن” اڳيان سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جي گهر رکي.
         “سنڌ سڀا” طرفان “سنڌ ٽائيمس” ۽ “سنڌ سڌار” اخبارون نڪرنديون هيون. “سنڌ سڌار” سنڌ جي تعليم کاتي جي اخبار هئي, جيڪا سرڪار “سنڌ سڀا” جي حوالي ڪئي هئي. “سنڌ سڀا” انھن اخبارن ذريعي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ لائق ماڻھون چونڊڻ ۽ سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ واريءَ ضرورت تي گهڻو لکيو. نتيجي ۾ ٻئي مقصد ماڻي ورتائين. اڳتي هلي سنڌ ۾ ڪاليج بہ کليو ۽ ڪراچيءَ خواھہ حيدرآباد ميونسپالٽين ۾ سڀا جي پسند جا ماڻھون چونڊجي آيا.
        اهي چونڊون 1 نومبر 1884 تي ٿيون هيون. ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ايڪس آفيشو ۽ ٿاڦيل ميمبرن کان علاوھہ جيڪي ميمبر چونڊجي آيا, اهي هئا: آتمارام پريتمداس, چاننڊومل خوشحالداس, اڌارام مولچند, ڏيارام ڄيٺمل, گنگارام چانڊومل, ڏوسا ڪلياڻ جي, رامداس مرار جي, صالح محمد عمر ڏوسل, عبدالعلي حسن علي, جعفر فدو, حسن علي محمد احسن, محمود ميان, پيسٽنجي بهرام جي ۽ جي.اي. سلوبسٽر.
           حيدرآباد ميونسپالٽيءَ تي جيڪي چونڊجي آيا, اهي هئا: سيٺ اڌنداس, سيٺ کيمچند, سيٺ گنگارام, سيٺ جشنمل, ڀائي پيسومل, سيٺ حاجي وريل, آغا غلام نبي شاه, مرزا محمد رحيم بيگ, محمد جعفر, امام بخش, سيٺ پريتمداس, سيٺ هريسنگ ۽ اميد علي.
         “سنڌ سڀا” جي باقي ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهبي تہ پتو پئي ٿو تہ:
    17.1.1887 تي ممبئيءَ جو گورنر لارڊ ري ڪراچيءَ آيو ۽ “سنڌ آرٽس ڪاليج” جو افتتاح ڪيائين. “سنڌ سڀا” انھيءَ موقعي تي کيس سپاسنامو پيش ڪيو. 
    11.12.1887 تي هندستان جو وائسراءِ لارڊ ڊفرن ڪراچيءَ آيو تہ ان کي “سنڌ سڀا” سپاسنامو پيش ڪيو.
    14.4.1889 تي ممبئيءَ جو گورنر ٻيو دفعو ڪراچي آيو تہ کيس “سنڌ سڀا” سپاسنامو پيش ڪيو.
    1.12.1894 تي ممبئي جو گورنر ڪراچيءَ آيو تہ “سنڌ سڀا” کيس سپاسنامو پيش ڪيو.
    18.11.1895 تي ممبئيءَ جو گورنر لارڊ سئنڊ ھرٽ ڪراچيءَ آيو ۽ “سنڌ سڀا” کيس سپاسنامو پيش ڪيو.
  • ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام“

     
     Mumtaz 11zon
     
    “ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام”.
        بابا سائين ڪيترن سالن کان صبح, شام, رات ۽ تهجد وقت سوين دوستن کي منظوم سلام موڪليندو رهيو آھي ۽ ڪنهن بہ سنڌي شاعر اهڙو وڏو ادبي ۽ قلمي پورهيو ڪونہ ڪيو آھي, جيڪو ڪنھن ناغي کان سواءِ سالن کان مسلسل هلندو پيو اچي. مون ڪوشش ڪئي آھي تہ بابا سائينءَ جي انھن منظوم سلامن کي محفوظ ڪريان. انھيءَ سلسلي ۾ نوٽس مان ورتل سندس سال 2009ع وارا ڪجھ ڊسمبر مهيني وارا “منظوم سلام ” اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آھيان:
    ********
    سر نمائجي يا سر نوائجي، سبق هي حسين کان پرائجي. (صبح جو سلام) 7 محرم 2009/12/25
    **
    خدا جي بندن جو سکيم احترام، 
    حوالي انهيءَ سان، اوهان جو سلام. (2009/12/23)
    ****
    آءُ صبح تون آءُ، دير تہ نہ هاڻي لاءِ، 
    سلام صاحب کي جلدي تون پهچاءِ. (2009/12/22)
    ****
    سائين صبح آئيو وئي اجهامي رات، 
    سلامن جي سوغات، مون اماڻي اوهان کي. (2009/12/21)
    ****
    ساري رات صبح جو رهيو انتظار، جيئن ماڻيان آئون قرار، چئي سلام صبح جا. (2009/12/20)
    *****
    صاحب کي سلام، صبح ساري چئيج، 
    رتي نہ ات رهيج، جيئن وري سگهين وار تي. (2009/12/18)
    ****
    مقدر ئي منهنجو رسول عربيء جي غلامي هجي، 
    سندن امت جي لکيل صبح جي سلامي هجي.،(2009/12/17)
    ****
    اماڻيان اوهان کي صاحب جي بہ سلام، 
    سي کڻي اچن جام، دعائون سندي درتان. (2009/12/16)
    ***
    سانگي ساهه پساهه سان، مارون اندرمن، 
    تن پنهنوارن پهچن، سلام سهڻي صبح جا. (2009/12/15)
    ****
    سندي دل جي درگاهه جو سلام آهيان،
    تنهنجي دعائن جو طالب دوامي آهيان. (2009/12/14)
    ****
    صبح سج سلام پهتئي کڻندي گام، 
    معلوم تن کي مام، ته آهيان خادم تنهنجو. (2009/12/13)
    *****
    سائين سلام خاطر لفظن جي جستجو آ،
    تصور جو تنهنجو صاحب، منهنجي دوبدو آ. (2009/12/12)
    ****
    سندي صحت سلامتي چين ۽ خوشحالي، 
    گهريم خدا کان بڻجي صبح جو سوالي. (2009/12/08)
    *****
    صبح جو سلام چوان ته چين ملي پوندو،
    روح پوءِ راحت مان کلي پوندو. (2009/12/07)
    *****
    تهذيب جو گهوارو هي ديس وفائن جو،
    نيشان بڻايو ويو، نفرت ۽ جفائن جو. (2009/12/06)
    ****
    صبح جو ان لاءِ رهان پيو منتظر، جيئن اماڻيان مان سنيهو خوب تر. (2009/12/05)
    ****
    دل جون دعائون ۽ صبح جا سلام قبول پون،
    خلوص، ادب ۽ بي انت احترام قبول پون. (2009/12/03)
    ****
    اوهان لاءِ اسان جون صبح جون دعائون،قبوليندو خالق نه وينديون اجايون. (2009/12/02)
    *****
    سنيها سلامن جا شل پهچن تو تائين،
    صبح جو سائين، رکئي رحم نگاهه سان. (2009/12/01)
    ****
    گهربيون رهبيون اوهان لاءِ دل سان دعائون جام، 
    چئبا رهبا اوهان کي ساجهر صبح سلام. (2009/11/26)
    ****
    عقيدت اوهان جي مون لاءِ وکر بي مثال،
    خدا رکئي خوش حال، صدقي هنن سلامن جي. (2009/11/25)
    ****
    سلامن دعائن لاءِ صبح مناسب وقت، 
    منهنجو  بهتر بخت، جو سلامن بغير نه رهان. (2009/11/23)
    *****
    صبح جي سلامن کي، جو مليو توکان مان، 
    ته اوچو منهنجو شان، نظر ايندو نظرن ۾.  (2009/12/31)
    *****
    ساجهر رستا صبح جا نيڻن نهاريا، 
    سانگي مون ساريا، جيئن سلام چوان صبح جا.،(2009/12/29)
    *****
    ماڻهون غير محفوظ هتي خاص ۽ عام، 
    صبح جو هي سلام، دعا ساري ديس کي. (2009/12/28)
    *****
    رکئي رب رحيم، سکيو صبح شام، 
    منهنجو هي سلام، دوست دعائون دل جون. (2009/12/27)
    ****
    شهادت حسين جي آهي درس اهم، 
    مليو هي فهم، ته فتح هردم حق جي.
    *****
     (ڏهين محرم)
    چئبا سو سلام، چاهي اکيون هجن آليون،
    چاهي غم گوندر پاليون، پر سوالي تنهنجي سکن جا. (2009/12/27)
    *****
    بروز نائين محرم الحرام،
     نبي، آل ۽ امت تي سلام.
     
  • اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال

    اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال“

     
     Mumtaz 11zon
    “اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال”. مون ھڪ اڌ ڏينھن اڳ “اخبار تعليم” ۾ ڇپيل مواد جي “مواد-ڏسڻيءَ/انڊيڪس” بابت پوسٽ لکي ۽ سنگت کي ٻڌايو تہ بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اها انڊيس ٺاهي آھي. هي هڪ وڏو ”ريسرچ انسٽرومينٽ” آھي. مون مناسب ڄاتو تہ اڄ ”اخبار تعليم” بابت دوستن کي ڄاڻ ڏيان. مون هيءَ معلومات بہ بابا سائينءَ جي نوٽس مان ورتي آھي. “اخبار تعليم” اپريل 1902ع کان حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج مان جاري ٿي. هي رسالو شروعات ۾ ٽماهي رسالو هو. پوءِ اپريل 1903ع کان ماهوار ٿيو. رسالي جو ايڊيٽر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال هوندو هو. رسالو پهريون هڪ سال تائين 32 صفحن جو هوندو هو. پوءِ 24 صفحن جو ڪيو ويو. پهريون سال رسالي جو ساليانو چندو هڪ روپيو هئو, پوءِ اهو وڌائي ٻہ روپيا ڪيو ويو. شروعاتي ڏينھن ۾ رسالو حيدرآباد جي “قيصريہ پريس” ۾ ڇپبو هو. “اخبار تعليم” جو مواد نثر خواه نظم تي مشتمل هوندو هو ۽ ان جا ليکڪ اڪثر ڪري استاد ئي هوندا هئا. “عام خبرون” ۽ ”چٽڪا” رسالي جا مستقل ڪالم هوندا هئا. “عام خبرون” ڪالم ۾ اڪثر ڪري سنڌ بابت خبرون ڏنيون وينديون هيون. اپريل 1902 واري پرچي ۾ ”عام خبرون” هن ريت ڏنيون ويون آھن: ” ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ضلع ۾ پليگ جي بيماري هاڻي هلندڙ آھي. ڪراچيءَ جي شھر ۾ سراسري ڏه پندرنھن ڪيس روز ٿين ٿا, ڪوٽڙيءَ ۾ ٻہ ٽي روز. حيدرآباد شھر ۾ اها بيماري ڏاڍي پکڙجي وئي آھي. ويهن کان ٽيھہ موت روز ٿين ٿا. حيدرآباد ضلع ۾ ٽنڊو آدم, گدو بندر, اڏيري لعل, ٽنڊوالهيار ۽ ٻين ڪيترن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ اها بيماري ٿي آھي. پليگ وقت اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي, ان بابت اسان هتي لکندا رهنداسين”. “اخبار تعليم” ۾ تعليم, علم ادب, تاريخ, اخلاقيات ۽ سائنس خواه سوانحيات تي مضمون ڇپبا هئا. انهن مان ڪي مثال/عنوان هيٺ ڏيان ٿو: [علم ادب]:
    1. “سنڌي شاعري” (ليکڪ محمد صديق مسافر/ آڪٽوبر 1906),
    2. “فصاحت” (جان محمد عباسي/ آگسٽ 1908),
    3. “سنڌي نظم” (محمد هارون/مئي 1913),
    4. “مضمون نويسي” (گل محمد آزاد/ اپريل 1914) [اخلاقيات]:
    1.”دوستي ۽ دشمني ڪهڙي شي آهي” (عبدالغفور هالائي/ جنوري 1905),
    2. “دانائن جا قول” (واڌومل مولچند/ مارچ 1911),
    3. “سرير هڪ عجيب مندر آھي” (مولچند منشي) [سنڌ جا ڳوٺ]:
    1. “برهمڻ آباد” (جون 1902),
    2. “سيوهڻ” (ليکڪ ف.و.ب/ جون 1905),
    3. “ڪوٽ ڏيجي” (پير بخش/جنوري 1909),
    4. “ٺٽي جو بيان” (عبدالڪريم/ نومبر 1909). [تعليم]:
    1. ”اسڪول ماسٽر” (ڪوڙومل چندنمل/ جون 1902),
    2. “آمريڪا ۾ سکيا جي سنهنجائي” (پهلاجراءِ واسواڻي/ جولاءِ 1906),
    3. “تعليم جي مراد” (ڄيٺانند/ جنوري 1909),
    4. “مسلمانن جي زناني تعليم” (حمزه علي/نومبر 1913). [سوانح]:
    1. “لارڊ ڊفرن” (مئي 1902),
    2. “غلام شاه ڪلهوڙو” (آڪٽوبر 1902),
    3. “سلطانيہ رضيہ بيگم” (مئي 1903),
    4. “شاه عنايت الله” (اپريل 1906) “اخبار تعليم” جي شروعاتي پرچن ۾ ٻارن بابت شاعري ڇپبي هئي. پوءِ شاعرن جو معياري شعر بہ ڇپجڻ لڳو. آڪٽوبر 1902 جي پرچي ۾ ٻارن بابت هيءَ شاعري ڇپي: “ٻارن لاءِ ڪسرتي گيت” اچو بهون ٿا هٿ ڏئي, سوان سڌا ٿي ڪثرت لئي. گهڻئ خوشئ ۽ ڌيرج ساڻ, تاڙيون وڄايون ڳايون هاڻ. پنهنجي ڪم تي رهون تيار, مزو اسان جي آھي قطار. [گيت وڏو آھي ۽ مون ان مان هڪ بند مثال طور ڏنو آهي] “اخبار تعليم” بابت هن ليک لکڻ جو منھنجو مقصد اهو آهي تہ:
    1. آڳاٽن رسالن بابت ڄاڻ ڏئي سگهان,
    2. اڄوڪي ۽ ماضيءَ جي ٻولي ۽ ان جي اسلوب کي سمجهڻ لاءِ مواد فرهم ڪريان,
    3. اڄوڪين لکڻين ۽ ماضيءَ جي لکڻين جي عنوانن ۽ موضوعن جي ڀيٽ لاءِ مواد مهيا ڪريان,
    4. اهو بانور ڪرائي سگهان تہ منهنجي والد صاحب واقعي پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ منفرد مثال قائم ڪيا آھن.
  • اگسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون

    اگسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      گسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون“

     
     Mumtaz 11zon
    ممتاز علي پٺاڻ “آگسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون”. سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ۽ تنظيمي حوالي سان هڪ منفرد حيثيت رهي آھي. گل حيات ۾ سنڌي ادبي سنگت بابت گهڻو مواد آھي ۽ انھيءَ آڌار تي ڪيترن زاوين کان سنڌي ادبي سنگت جي خدمتن ۽ سرگرمين تي لکي سگهجي ٿو. مثال طور:
    1). سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن بابت سنڌي ادبي سنگت جو موقوف ۽ تحرڪ,
    2). سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي, تدريسي ۽ آئيني حق بابت سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙ,
    3). سنڌ جي مشهور شخصيتون ۽ سنڌي ادبي سنگت, وغيره وغيره. سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين بابت گڏ ڪيل مواد سالوار يا ماهوار دوستن سان ونڊي سگهجي ٿو. آئون ڪوشش ڪندو آھيان تہ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان ڪنهن نہ ڪنهن مهيني بابت مواد/معلومات تي پوسٽ لکندو آهيان. آگسٽ جو مهينو هلي رهيو آھي. اچو تہ سنڌي ادبي سنگت بابت گڏ ڪيل مواد/معلومات مان آگسٽ مهيني جي ٿورين سرگرمين تي نظر وجهون: مهراڻ يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن کي کوليو وڃي، (روزاني آفتاب 1985/08/02) ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي سيڪريٽري نظام الدين ڀاڳت، جوائنٽ سيڪريٽري امان راهي، خزانچي شعبان وسطڙي ۽ يونٽ جي سڀني ميمبرن هڪ گڏيل بيان ۾ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي تہ مهراڻ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، ايل ايم سي ۽ سنڌ جي بند ٿيل تعليمي ادارن کي ترت کوليو وڃي ۽ هن تازو ايل ايم سي ۾ ٿيل جهيڙي ۾ اين ايس ايس ايف جي اڳرائي کي ننديو آهي، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي تہ هن واقعي جي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي. هڪ ٻئي ٺهراءَ ذريعي هنن مطالبو ڪيو آهي تہ ٽوڙي واقعي ۾ گرفتار ٿيل شاگردن ۽ سنڌ جي سڀني سياسي قيدين کي جلد آزاد ڪيو وڃي. سنڌي ادبي سنگت مورو طرفان ليڪچر، (روزاني آفتاب 1985/08/02) مورو (جماڻي وٽان) سنڌي ادبي سنگت مورو جي هفتيوار گڏجاڻي زير صدارت محمد هاشم کوسو جي ٿي گذري، جنهن ۾ سائين نواز رڪڻائي دريائي ٻولي متعلق ليڪچر “سڙهہ ٿي پيائون” ڏنو. ليڪچر بابت عبدالحق ميمڻ، محمد قاسم ملاح، نذير قاضي، آچر لنڊ ۽ ٻين ڳالهايو ۽ نواز رڪڻائي کان ليڪچر متعلق سوال پڇيائون، جن جا جواب هن ڏنا. گڏجاڻي جي ڪارورائي سنگت جي سيڪريٽري شمشاد سومري هلائي. خيرپور ناٿن شاهہ ۾ انجمن صحافيان جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/02) خيرپور ناٿن شاهہ (ن آ) گذريل ڏينهن پريس ڪلب خيرپور ناٿن شاهہ جي صدر مسٽر تراب علي سانگي جي صدارت ۾ صحافين جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ يونين آف جرنلسٽس جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هي تنظيم مقامي صحافين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ کولي وئي آهي. گڏجاڻي ۾ هيٺيان عهديدار سال 1985/86 لاءِ چونڊيا ويا. صدر عبدالقيوم ٻگهيو (هلال)، نائب صدر گوپي چند، (سنڌ نيوز)، جنرل سيڪريٽري اڪبر علي قريشي، (نواءِ وقت)، جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسماعيل (سنڌ نيوز) ۽ خزانچي قربان علي ٻگهيو (مهراڻ). ورڪنگ ڪميٽي تي محمد يوسف ٻگهيو ۽ تراب علي سانگي چونڊيا ويا. س ا س ڪنڊياري جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/04) سانگهڙ ( ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪنڊياري شاخ جون چونڊون ضلع رابطه سيڪريٽري عاجز منگيءَ جي نگراني ۾ ٿيون. جنهن ۾ ٿانورداس سيڪريٽري، عباس شر جوائنٽ سيڪريٽري، محمد علي نهڙي آڊيٽر ۽ رضا ڏاهري کي خزانچي چونڊيو ويو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي جي هنگامي گڏجاڻي، سنڌي اديب طارق اشرف جي پريس تي پوليس ۽ سي آءِ اي جي ناجائز مداخلت جي مذمت، (روزاني آفتاب 1985/08/04) ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ پاران هڪ هنگامي گڏجاڻي برانچ جي سيڪريٽري نظام الدين ڀاڳت جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ تازو سنڌ جي نامور اديب طارق اشرف جي سهڻي پريس تي پوليس ۽ سي آءِ اي جي ناجائز مداخلت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس جي اهڙي بيجا رويه کي هڪ روڪيو وڃي. گڏجاڻي ۾ اهو ٺهراءُ پڻ پاسو ڪيو ويو ته پريس ۽ پبليڪيشن تان پابندوين هٽايون وڃن. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/06) تلهار (ن آ) سنڌي ادبي سنگت برانچ تلهار جي دستوري گڏجاڻي زيرِ صدارت قربان جمالي جي برانچ جي آفيس ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ غلام رسول (غزل)، حبيب جمالي (تاثر)، آصف جمالي (ترجمو)، حميد (شعر) پڙهيو. جنهن تي عظيم چانگ غلام علي، آفتاب جمالي، ڪاظم علي ڪاظمي، زاهد بلوچ تنقيد ڪئي. س ا س ابڙان شاخ جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/10) ابڙان ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جون نئين سال 1985-86 جون چونڊون سنڌ ڪائونسلر حبيب مشوريءَ جي نگراني ۾ ٿيون، ڪيترن ميمبرن ۽ همدردن حصو ورتو، جنهن ۾ ثاقب سومرو، مجاهد لڪياري، مشتاق لڪياري، غلام علي سومرو، اعجاز علي سومرو، عبدالرحمان چانڊيه، صدق عبدالستار سيال، غلام شبير عالماڻي، غلام حسين سومرو، صديق سيال، اشفاق سومرو، بشير سنڌي، همدم ڀٽي، محمد بخش سومرو ۽ منصور مشوري حصو ورتو. آخر ۾ سليڪشن ڪري هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري ثاقب سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري مجاهد لڪياري، خزانچي همدم ڀٽي، آڊيٽر غلام علي سومرو، پنج رڪني ميمبر مشتاق لڪياري، صديق سيال کي نامزد ڪيو ويو. سنڌ ڪائونسلر لاءِ مجاهد لڪياري کي منتخب ڪيو ويو. ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/13) ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت عبدالسلام سومرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ شيوارام سنڌي (نظم)، خادم سنڌي (مضمون، نسيم کرل)، شعيب تيوڻو (ٽيڙو)، ۽ عبدالحق ڏاهري (بيت) پيش ڪيا، جنهن تي پڙهندڙن کانسواءِ محبوب علي تيوڻو، عبدالسلام سومرو، سونو خان اُڄڻ ۽ رستم علي تيوڻو تنقيد ڪئي. ڄام ساقي کي آزاد ڪريو، (روزاني آفتاب 1985/08/13) نوان جتوئي (ن آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوان جتوئي جي خزانچي علي محمد بهراڻي سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪارڪنن ادريس جتوئي، جاڳڻ بهراڻي، محمد بخش بهراڻي، محمد عطر، سماجي ورڪر عبدالحميد کوسو، امتياز احمد عمراڻي، ڊي سي ايف جي ورڪرن قربان پنهور ۽ جبار کوسو، پي اين پي تعلقو مورو جي اڳواڻ ڪنور، عامر جدا جدا بيانن ۾ سنڌي هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڄام ساقي، جيڪو ستن سالن کان مسلسل پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ بند رهندو پيو اچي، ان کي جلد از جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. تاج ۽ ٻين کي مبارڪون، (روزاني آفتاب سنڌ ۾ وڳوڙن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج تحت ٽربيونل قائم ڪيو وڃي، سنڌي اڳواڻ سطحي بيانن کان پاسو ڪن: سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي (روزاني هلال پاڪستان 1988/08/198517) ڪنڌڪوٽ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ڪنڌڪوٽ شاخ جي سيڪريٽري وهاب ڀيو جي جوائنٽ سيڪريٽري حميد سبزوئي، خزانچي اڪبر پٺاڻ، آڊيٽر برڪت گولو ۽ ڪائونسلر ارڏو اترادي هڪ بيان ذريعي تاج جويي کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري (س ا س) چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني اهي. ان کانسواءِ هنن اياز گل، رسول بخش درس ۽ اسير ملاح کي پڻ مبارڪ ڏني آهي. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/21) چمبڙ ( يونس ن آ) گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ محمد زنئور جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت “عاصي” عبدالستار انڙ جي ٿي گذري، جنهن ۾ عاصي ۽ همدرد پنهنجا نطم ۽ سنگت جي سيڪريٽري منظور زنئور ڪهاڻي پيش ڪئي. تنقيد ۾ سڀني دوستن حصو ورتو. هن گڏجاڻي جو خاص مهمان ڦوٽو خان رستماڻي هو. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/22) درٻيلو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت محترم نظر حسين سومرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ ممتاز علي مخدوم گيت، اختر ٻيلائي غزل، مستانه بلوچ غزل، مخدوم عبدالرحيم بيت، عبدالهادي ميمڻ بيت، محمد عباسي بيت، محمد يوسف سولنگي ڪهاڻي، عبدالرشيد، عبدالرسول ميمڻ، عبد ميمڻ، عرفان ميمڻ، محمد رمضان، عزيز ڏاهري، قائم الدين پيرزادو، پير الطاف حسين، يار محمد سيال، مختيار مغل، علي شاهه، عبدالرزاق، محمد اسلم تنقيد ۾ حصو ورتو. آخر ۾ مشهور اديب سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر مخدوم عبدالرشيد جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪي وويو. ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/23) پيارو لنڊ (پ ر) لطيف ادبي سنگت پيارو لنڊ جي گڏجاڻي خادم حسين بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ انور گل بيت گلاب، غلام محمد نانگور “غزل”، رحمت الله جمالي، دودو خان بلوچ، ۽ مير گل محمد “مقالا” ۽ ڊاڪٽر گاجن ارباب مستوئي، حاجي ڏنل، عمر خان، خليل احمد بلوچ، الهڏنو، رحيم ڏنو، بابو محبوب سمون، ناگو علي حسن، علي احمد ٿيٻو خان، قائم خان، خان محمد بروهي پنهنجون پنهجون لکڻيون پڙهيون. گڏجاڻي جي آخر ۾ مطالبو ڪيو ويو ته لطيف جي عرس تي عام موڪل ڪئي وڃي. سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/25) سيتا روڊ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي دستوري هفتيوار گڏجاڻي 17 آگسٽ تي (دلشاد) بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺين اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون لکڻيون پڙهيون. درد جانوري غزل، ادنيٰ جانوري غزل، شهزاد سيتائي غزل، پيرل پرديسي چئوسٽو/غزل، دلشاد بلوچ چئوسٽو/غزل، فياض بلوچ چئوسٽو/غزل گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل مذڪوره مواد تي شريڪ دوستن واري واري سان تنقيدي رايا ڏنا. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ کي الحاق ڏيڻ تي سنڌ سنگت ڪائونسل جو ٿورو مڃيو. تعزيتي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/25) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1977/08/26) سڪرنڊ ( ن هه) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي تازو راشد مورائي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سوني خان ملاح، محمد حسين ڪيرائي، عبدالرحمان منگي، مير محمد پيرزادي ۽ راشدي مورائي شعر پڙهي ٻڌايا ۽ ولڻ ملاح ڪهاڻي پيش ڪئي. ابڙان (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي هڪ تعزيتي گڏجاڻي سڏائي وئي، جنهن جي صدارت جناب همدم ڀٽي ڪئي. جنهن ۾ سنڌ جي برک اديب ۽ ليکڪ مرحوم سومار علي سومري جي اوچتي دکدائڪ موت تي گهري رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ دعا گهري ويئي ته الله پاڪ شل کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب ڪري. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/28) ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت حاجي خان ڪولاچي جي ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون تخليقون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. ايم شعيب (بيت)، گلاب خان اڄڻ (شاهه جو بيت)، ادريس سومرو (بيت)، خادم سنڌي (مضمون) ۽ حاجي خان ڪولاچي (نظم) جن تي پڙهندڙن کان سواءِ ايم عارف، محبوب علي، ارباب ابڙو ۽ رستم تيوڻو ٽيڪاٽپڻي ڪئي. آخر ۾ يڪراءِ ٺهراءَ بحال ڪري تاج جويو کي سنڌ سنگ جو سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني وئي. ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/24) ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي هفتيوار گڏجاڻي امان راهي جي صدارت هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ حفيظ قريشي غزل، مختيار مڱڻهار نظم، ڄام نظام الدين ڀاڳت گيت، لياقت رضوي آزاد نظم، رشيد سومرو نثري نظام، آتش سنڌي غزل ۽ صدر محفل امان راهي ڊائري جا ورق پڙهي ٻڌايا. جنهن تي مٿين کانسواءِ سرمد سيد، اسحاق سومرو، پير حماد الله، قربان ڪيريو، پير بخش پٺاڻ، اسلم نوناري، نزاڪت علي عباسي، نياز عباسي، محمد علي سومرو تنقيدي رايا پيش ڪيا.