Author: admin

  • ڊاڪٽر مائيداساڻيءَ جا بابا سائينءَ ڏانھن خط

    ڊاڪٽر مائيداساڻيءَ جا بابا سائينءَ ڏانھن خط

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ڊاڪٽر مائيداساڻيءَ جا بابا سائينءَ ڏانھن خط“

     
     .FB_IMG_1660040505034.jpg
    “ڊاڪٽر مائيداساڻيءَ جا بابا سائينءَ ڏانھن خط”.
            بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جڏهن پي ايڇ.ڊي ڪندو هو تہ ڏساور ۾ رهندڙ انهن انگريز عيسائين, هندو ۽ سک ليکڪن سان خط و ڪتابت ڪئي, جن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي. انھيءَ خط و ڪتابت ۾ تنھن دور بابت وڏي معلومات موجود آھي. ڊاڪٽر ايم آر مائيداساڻيءَ جو هڪ خط پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
    پرڏيهي عالمن جا خط (18 ڊسمبر 1980)
    ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي
    ميلهارام رنگو مل مائيداساڻي 13، آڪٽوبر 1911 ع تي 1 بجي ، تعلقي نوشهرو فيروز، ضلعي نواب شاھ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ وٺڻ کان پوءِ انگريزي تعليم لاءِ “اي. وي اسڪول مٺياڻي’’ ۾ داخل ٿيو. ليڪن تعليم جي پورائي ڪرڻ لاءِ کيس “اين. ايڇ ائڪيڊمي” حيدرآباد، “ڪوڙو مل چندن مل ائڪيڊمي’’ ڀريا، ۽ “هاءِ اسڪول’’ ٺارو شاھ ۾ بہ پڙهڻو پيو. ان کان پوءِ ميڊيڪل ايڊيوڪيشن وري “ميڊيڪل اسڪول’’ حيدرآباد مان ورتائين.
    هن صاحب طالبي علميءَ جي زماني ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس رچنائون پهريون پهريون “حيدرآباد گزيٽ’’، ۽ “ميڊيڪل اسڪول’’ جي مخزن “محبت’’ ۾ شايع ٿيون. ميڊيڪل اسڪول کي ڇڏڻ کان پوءِ صحافت جي دنيا وسايائين. 1936 ع ۾ “حيدرآباد گزيٽ’’ جو سب ايڊيٽر ۽ ان سان گڏ ڪراچيءَ جي “سنسار سماچار’’ جو خاطو ٿيو. 1937 ع ۾ جڏهن حيدرآباد مان “ڊيلي گزيٽ’’ جاري ٿي تہ ان جو ايڊيٽر ٿيو. 1938 ع  ۾ ڪراچيءَ مان روزانه “سنسار پتريڪ’’ ڪڍيائين، جيڪا ٿوري عرصي کان پوءِ بند ڪرڻي پيس. پوءِ وري هفتيوار “هندستان’’ جاري ڪيائين. 1939 ع ۾ “قرباني’’ ڪراچي، ۽ 1940 ع ۾ “سنسار سماچار’’ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيائين. 1943 ع  ۾ حيدرآباد مان (جڳت آڏواڻي وارو) “ڪهاڻي’’ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو 1947 ع تائين جاري رهيو. انهي عرصي دوران ڪيترائي مهينا روزاني “ديش متر’’ اخبار بہ هلائيندو رهيو.
    هن صاحب شاعر، ايڊيٽر، ليکڪ، پرنٽر، پبلشر ۽ مترجم جي حيثيت سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو:
    “ڪانگريس گولڊن جوبلي بڪ’’ (1935)، “بغاوت’’ (ناول ترجمو 1943)، “ماتا ڪستورا’’ (1943)، “سج ٻہ پاڇا’’ (ناول 1944) “ارملا’’ (ترجمو ناول 1945)، “بکايل’’ (ترجمو ڪهاڻيون 1945)، “خوشبوءِ’’ (ترجمو ٿيل ڪهاڻيون 1944)، “مائيداساڻيءَ جون آکاڻيون’’ (1945)، “ڪلنگيڌر مهراج’’ (سوانح 1945)، “سوامي ديانند’’ (1945)، “ننڍي ڀيڻ’’ (ترجمو ناول 1945)، “نبتاجي’’ (1946)، “راجسٿان’’ (ترجمو ناٽڪ 1945)، “ ٻُچي رمضان’’ (ڪهاڻيون ترجمو 1946)، “ ست سورما’’ (1946)، “مظلوم سنڌ’’ (سياست ۽ تاريخ 1947). 
    ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، انهيءَ جي جهلڪ سندس خط مان نظر ايندي.
    ناگپور، 4 جون 1976 ع
    پريہ متر جناب در محمد صاحب
    مون توهان کي سوالنامو ڀري موڪليو، تنهن کان پوءِ مون کي دل جي تڪليف ٿي ۽ 8 مئي کان 15 مئي تائين “ميئو اسپتال’’ ۾ انڊور پيشنٽ طور ڀرتي ٿيو هوس. پورو هفتو اسپتال ۾ رهيس، مگر خاص فائدو ڪونہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ نہ پوري تپاس ٿَي ٿِي ۽ نہ پورو علاج. ائين تہ 16 سالن کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف اٿم، سو دوائون تہ هڪيون تڪيون رکيون هونديون آهن. ڪڏهن ڪاگوري يا ڪڏهن ڪا هڪ دوست جي آيرويدڪ دوا وٺندو رهندو آهيان. بدقسمتيءَ سان ڪٽنب ٻن اڌن ۾ (اڃا بہ ٽن حصن ۾) وراهجي ويو آهي. سنڌ ۾ هئاسين تہ گهر هڪ هنڌ هوندو هو. هتي ناگپور ۾ مان اڪيلو ۽ منهنجي وچئين ڀاءُ جا ٻار آهيون. منهنجي زال، پٽ، ننهن ۽ سندن پنج ٻار دهليءَ جي هڪ نگر ۾، منهنجو ننڍو ڀاءُ ٻارن سميت ٻئي نگر (دهليءَ ۾) ۾ رهندا آهن. سوا ٽن سالن کان مون پنهنجي اسپتال بند ڪري ڇڏي آهي. گهر ۾ دوائون رکيون اٿم. ڇٺ- ڇهہ ماهين ڪو مريض ايندو آهي تہ انڪار ڪري نہ سگهندو آهيانس. اجهو هن هفتي مان ٻن ميلن تان شهر مان (جنهن علائقي ۾ منهنجي اسپتال هئي) ٽن مريضن کي سيون بہ هڻي آيس ۽ دوائون بہ ڏيڻ آيس، پر سڀ اوڌر تي. منهنجا پريمي گراهڪ مون سان حجائتا هئا. اوڌر گهڻي هلندي هئي، جڏهن اپراسو گهٽ هو. ڪو اللّه لڳ ڪونہ ڏيندو هو سان، پر ڪاساين وانگر ڪهندڙ ڊاڪٽرن وارو منهنجو ڪٺور هردو ڪونہ هو. تنهنڪري مون ڪو محل تہ ٺهيو، پر جهوپڙي بہ ڪونه اڏي. ها! وري بہ لک شڪرانا سائين جا، جو منهنجي ڀائٽين جي بازن ۾ برڪت وڌي اٿس، ۽ هنن مڙسي ڪري مٿي لڪائڻ جيترو اجهو هٿ ڪيو آهي. سو نہ تہ آسمان ڇت ۽ پراين جاين جون ڀتيون منهنجي رهڻ جو آستان آهي. هڪ سال ٿيو آهي جو مسواڙيءَ مان مالڪ مڪان بڻيا آهيون. خير ڳالهہ ٻي هئي. توهان جو  ڪارڊ 14 مئي وارو 25 مئي تي مليو هو. هن وقت هتي وئل جي گرمي ۽ تپت آهي، سو ڪجهہ لکي نہ سگهيس. هاڻي چوماسو ويجهو آهي. بعضي بادل ۽ بعضي ڪو وسڪارو ٿئي ٿو. شاه صاحب جي بيت وانگر اڃا: “ اڄ بہ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا’’ ڪو نہ ٿيو آهي (جيئن سر سارنگ ۾ سهڻي شاعر چيو هو). سنڌ جون ڳالهيون ٻيون هيون. هتي ٻيون آهن. سنڌ ۾ مون جهونن رسالن- “سندر ساهيتہ’’، “رتن’’، “آشا’’، “ڀارت جيون’’ کي شهہ ڏئي پنهنجي “ڪهاڻي’’ رسالي کي اڳرو بڻايو هو. هتي ناگپور ۾ نہ ڪو ساهتڪار آهي ۽ ساهتيڪ کيتر، بٺ ملڪ آهي. بمبئي ساهيتہ ۽ ساهتيڪارن لاءِ ڀلي زمين. ٻج پيو ناهي ۽ سلو نڪتو ناهي. پوءِ ان جا بہ انبار ۽ ميون جا بہ ٽوڪرا ميڙي ٿا وڃن. پڙهندڙ بہ ججها ۽ اشتهار بہ جام. ان  ڪارڻ تہ ويچارو بولچند راجپال (سر ڳواسي) آگري، دهلي ۽ انت ۾ احمد آباد ۾ خاڪ ڇاڻي راھ رباني وٺي ويو ، مگر هن جو سنڌ وارو ناميارو “سنڌو’’ رسالو زور وٺي ڪونہ سگهيو. هن جي احمد آباد مان جاري ڪيل “سنڌو’’ ۾ منهنجو هڪ لنبو ليک “سنڌي ساهتيڪارن سان منهنجي واقفيت’’، قسطن ۾ ڇپيو هو. مگر آخري قسط جنهن ۾ پرنسپال لعل سنگهہ اجواڻي، ڪيرت، اتم، گوبند، موهن ڪلپنا، سڳن، ڪرشن راهي، سندري اتم چنداڻي، موتي پرڪاش، ۽ ڪلان پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي وغيره اچي ٿي ويا، سو پريس ۾ ئي هو تہ ملڪ الموت هن (بولچند راجپال) کي لقمو بڻائي ڇڏيو. ليک جو بہ ساڳيو حال ٿيو. ڪيڏانهن ويو اهو مسودو تنهنجي خبر خاوند کي. سنڌ ۾ اسان جن شروعات کان وٺي نڪتل ڪتابن ۽ اخبارن جو جملي خزانو اڄ بہ سنڌ جي . Oriental Translator of the  Sind Govt. وٽ موجود هوندو. اتان توهان کي جيڪو خزانو ملندو، سو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب “سنڌي نثر جي تواريخ’’ بہ ڪونہ ڏئي سگهندو.
    مان اڃا ننڍو هوس، جڏهن ڪراچيءَ مان مهراج تيجو رام روچيرام شرما جو “سنساتن ڌرم’’ رسالو ۽ ڪتاب نڪرندا هئا. ساڳئي وقت سکر  مان “هر سينگهہ سنس’’ ۽ شڪارپور مان “پوڪرداس ائنڊ سنس’’ خواھ ٻيا پرڪاشڪ ڪتاب ڪڍندا هئا. ڄيٺمل پرسرام جي بلئوٽسڪي پريس بہ انيڪ ننڍا وڏا پستڪ ڇپي ظاهر ڪيا. ڀائينڊ پريس (شاهي بازار) مان سردار سمير سنگهہ جو “سک ٽرئڪٽ’’ ۽ ساڳئي وقت حيدرآباد ۽  پوءِ ڪراچيءَ مان ميلهارام واسواڻي جو “سندر ساهتيه’’ ڪافي وڏي انداز ۾ ڪتاب ڪڍي سگهيا. حيدرآباد جي قلعي ڀرسان هوش محمد جي قبر ڀرسان جوتشي ٺاڪر داس جي پريس مان بہ ڪيترائي ناول نڪتا، جهڙوڪ “راجا ڏاهرسين’’. مکڪي گهٽيءَ ۾ بہ هڪ پبلشر هو. اڀرندي ڪچي ۾ (کاهي روڊ جي ڇيڙي وٽ- دومڻ واھ جي مٿان) هري سندر جو “ڪوڙومل ساهتيه مندل’’ ڪتاب ڪڍڻ ۾ ڪنهن کان بہ پوئتي ڪونہ هو. ٻيا بہ ڪيترائي پبلشر هئا. سکر چاهي حيدرآباد ۽ ڪراچي مان جاسوسي ناول (“چندر ڪانتا’’، “ممتاز دمساز’’ ۽ “چار يار’’ وغيره) به جام نڪتا هئا. اسان جو محترم دوست عثمان ڏيپلائي بہ گهڻو پوءِ ميدان ۾ آيو. پرمانند ميوا رام، خانچند درياني، ليلا رام ٺارومل ماکيجاڻي، ڌرمداس ميرچندراڻي، “گرسنگت’’ جي ماستر مينگهراج آڏواڻي ۽ ڪرمچند کان سواءِ ٻين بہ ڪيترن پنهنجي طرفان ڪتاب ڪڍي ڇپايا هئا. ليکراج “عزيز’’ بہ پوئتي ڪونہ پيو هو. خود “اين. ايڇ. ائڪڊميءَ (حيدرآباد) جي سامهون جيڪا نئشنل پريس هئي، تنهن مان بہ ڪيترا شايع ٿيا. هڪ نوجوان ڀڳوان تولاڻيءَ بہ ڪيترا ڪتاب ڇپايا هئا، ۽ پڻ ٻيو نوجوان هو موهن پنجابي، جنهن بہ ڪي ڪتاب ڪڍيا. “حيدرآباد گزيٽ’’ جي ايڊيٽر ۽ مالڪ دليپ سنگهه چتر سنگهہ ماڻڪاڻيءَ جي نہ رڳو “حيدرآباد گزيٽ’’ يا “ صوفي ڪلام’’ اخبارون نڪرنديون هيون، پر ڪجهہ وقت هڪ رسالو “محبت’’ نالي بہ ڪڍيو هئائين. ڪيترا ڪتاب بہ ڇپيا هئائين. اتر سنڌ جي مشهور شاعر لطف الله “جوڳي’’ رويندر ناٿ ٽاگور جي گيتا نجلي سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ ڪڍي ظاهر ڪئي هئي. ان بعد ڪراچيءَ جي “رتن’’ رسالي وارن پروفيسر ايم. يو ملڪاڻيءَ جو نثراڻي نظم ۾ ترجمو ڪيل “گيتا نجلي’’ ڇپيو ۽ هاڻي هتي بمبئي جي “سنڌي ٽائيمس’’ وارن گوبند رام سلامتراءِ رائسنگهاڻي “سائل’’ جو “گيتا نجلي’’ جو نظم ۾ ترجمو ڇپيو آهي. حيدرآباد مان جشنمل جوتشيءَ جو  جوتش تي لکيل ڪتاب “ڪوڙيمل منڊل’’ وارن ڇپايو هو. 
    توهان کي تہ سنڌ جي ليکڪن ۽ ساهتيڪارن ، اخبار نويسن ۽ بلشرن خواھ پريس وارن جو ذخيرو کپي. مان ڪن ٿورن جو مختصر اجوال ڏيان ٿو:
    منهنجي ڳوٺ “ابجي’’ ۾ ٻہ شاعر هئا، جن جا نظم جا ڪتاب “نئشنل پريس،’’ حيدرآباد مان ڇپيا هئا. هڪ منهنجي بزرگ سوٽ گاگنداس گهنشيامداس مائيداساڻيءَ بتخلص “نهوڙيل’’ جو ڪتاب هو. هو صاحب سنجهوري ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو. شعر بحر وزن تي پورو ۽ مائيدار هوس. هن جي شعر جا ٻہ يا ٽي دستخط ڪتاب موجود هئا، جي سندس ناٺيءَ وٽان ڪو پوني جو صاحب وٺي ويو تہ ڇپائيندس. مگر نہ ڇپايائين ۽ نہ واپس ڪيائين. ٻيو ڪتاب هو “ڄيٺمل جو ڪلام’’ “ننڍي ابجي’’ جو ڀڳت ڄيٺانند بہ حيدرآباد جي مشهور سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وانگر (جنهن جو “ڦليليءَ’’ تي سندس جيئري ميلو لڳندو هو) هر سال ميلو لڳائيندو هو. هو گلاب داسي هو. اهو ميلو ڀڳت صاحب باغ اندر لڳندو هو. هونءَ تہ گلاب داسين جي درٻار “ابجيءَ’’ جي ويجهو “سونهن’’ ۾  هئي، جتي پڻ هر سال ميلو لڳندو هو. حيدرآباد جي “سک ٽرئڪٽ’’ وارن مهراج هوند راج شرما جا به ڪي ڪتاب (ترجمو ٿيل) ڇپايا هئا. خود “سنسار سماچار’’ اخبار وارن بہ “خوني سماج’’ ۽ ٻيا ڪتاب (اول “سنسار سماچار’’ ۾ قسطن ۾ ڇپي) ڪڍيا هئا. مشهور ڪتاب “بندي جيون’’ جو صحيح معنيٰ ۾ ترجمان ٺاڪرداس اگناڻي مالڪ “سنسار سماچار’’ هو، پر هن ڪتاب تي نالو پنهنجي سوٽ ريجهومل اگناڻيءَ جو ڏنو هئائين.
    حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي خواھ مولي ٻٻر واري گهٽيءَ جي پريسن جي مالڪ چيتن ديو ورما “يمراج’’ بہ ڪئين ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا هئا. ڪجهه هن جي “آرين’’ پريس مان ڇپيا هئا. اها پريس تلڪ چاڙهي تي هئي. پوءِ کيساڻي بلڊنگ جي ڀرسان آئي، ۽ پاڪستان ٿيڻ بعد “مهراڻ’’ وارن جي هٿن ۾ آئي هئي.
    پنهنجي باري ۾ ڇا چوان؟ ڪراچيءَ ۾ “الوحيد’’ جي ايڊيٽر مولوي دين محمد “وفائي’’ ۽ مئنيجر دين محمد “عليگ’’ سان السلام عليڪم جو رسنو هو. هنن وٽ هڪ سب ايڊيٽر ڌڻي بخش هو تنهن سان تہ چرچي ڀوڳ جو بہ رستو هو. جڏهن ”آزاد’’ اخبار نڪتي تہ ٻوڏ سبب اخبار جو ايڊيٽر مولوي عبدالڪريم چشتي وقت سر پهچي نہ سگهيو. پهرين پرچي جو ايڊيٽوريل وغيره مونکي لکڻو پيو، جيتوڻيڪ مان مئنيجر هوس ۽ قيمت ڇڳاڻي جنرل مئنيجر ٻہ ٻيا ساٿي ڪم ڪندڙ سب ايڊيٽر هئا: گوبند ڀاٽيا (جو هن وقت ڪلياڻ، بمبئي ۾ وڪيل آهي) ۽ ٻيو مولائي شيدائي، هو ٻئي صاحب روزاني اخبار ۾ بلڪل نوان هئا. جڏهن قيمت ڇڳاڻيءَ اخبار جي مالڪ خانبهادر الله بخش سان غداري ڪري پريس ۾ اندر پير الاهي بخش ۽ خانبهادر کهڙي وغيره سان منصوبو پئي سٽيو تہ ڪيئن خانبهادر الله بخش کي عهدي تان موقوف ڪرائجي يا اسيمبليءَ ۾ کيس شڪست ڏجي تڏهن مون پنهنجو فرض سمجهي وڃي خانبهادر الله بخش کي سموري تحقيقات ڏني، مگر هو هڪ ڪمزور انسان هو، سو انجام ڪري بہ تہ توکي انصاف پلئہ وجهندس، تنهن تان ڦري ويو ۽ قيمت جي هٿن ۾ منهنجي قسمت وڌائين تہ مان استعيفا ڏئي ويس، خانبهادر جي پئسي سان برپا ٿيل اخبار جا نمڪ کائيندڙ ملازم ئي هن جي ٽنگن کي پٺيان ڇڪي کيس ڪيرائڻ ۾ فخر سان پارٽ ادا ڪندا رهيا،  ۽ اهڙيون حرڪتون هنن کي ڦٻي ويون. مان جڏهن 1943 ع ۾ ڪشمير ويندي لاهور ويو هوس تہ “پرتاب’’ اخبار جو هڪ ملازم اوم پرڪاش ٽنڊي جو منهنجو دوست هو، سو  مون کي مشهور ليکڪ، ڪهاڻي نويس، شاعر ۽ اخبار نويس نانڪ چند “ناز’’ وٽ وٺي ويو. ياد رهي تہ نانڪ چند “ناز’’ اول’’ پرتاب’’ اخبار جو ايڊيٽر هو. اتان ڪنهن ڪارڻ استعيفا ڏئي وڃي روزاني “ميلاپ’’ جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ رڻيبر سان گڏ ڪهاڻيون لکندو هو. وري اتان “وير ڀارت’’ ۾ وڃي ايڊيٽر ٿيو، پر ان ۾ بہ گهڻو وقت ڪونه رهيو، ۽ ان اخبار جي مينيجرپنڊت درگا پرساد شرما سان گڏجي نئين اڙدو روزاني اخبار “پرڀات’’ ڪڍي هئائين. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات “پرڀات’’جي آفيس ۾ ٿي. هن مون کان جيڪو پهريون سوال پڇيو هو، سو هو خانبهادر الله بخش جي باري ۾. مون کيس چيو تہ هو تہ بي دپو انسان  آهي ۽ اها بي ڊپائي هن جي جان وڃائي ڇڏيندي. مان لاهور مان ڄمون ويس ۽ هڪ رات رهڻ بعد سرينگر ويس. مان ميرا قدل (پهرين پل) وٽ هائوس بوٽ ۾ وڃي لٿس. جيئن ئي ڪچن ۾ ماني کائڻ لاِءِ گهڙيس ته فقط ٻہ ياتري ويٺل ڏٺم، جي گورا هئا. ان وقت ريڊيو تان انگريزيءَ ۾ خبر ملي تہ اڄ شام جو شڪارپور- سکر روڊ تي ٽانگي ۾ ويندي خانبهادر الله بخش ڪنهن قاتل جي گوليءَ جو شڪار ٿي قتل ٿي ويو. مان حيران تہ ڪونہ ٿيس پر ڍپ ٿيم تہ متان نانڪ چند پنهنجي اخبار ۾ منهنجي ظاهر ڪيل شڪ کي خبر جي صورت ۾ ڇپي.
    منهنجي آزاد خيالن سبب ڪيترائي منهنجا دوست بہ مون مان ناراض هوندا هئا. ڪانگريس جي ميمبر هوندي بہ  مان خود ضرورت وقت ڪانگريسين يا ڪانگريس جي پاليسيءَ تي ٽيڪا ڪندو هوس، تنهنڪري مان هنن لاءِ اختلافي ماڻهو سمجهيو ويندو هوس. ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ جيرامداس دولترام بہ مون کي پسند ڪونہ ڪندا هئا. ٻيو ڪارڻ اهو بہ هو تہ مان سوامي گووندانند جي ڌڙي جو هوس، ۽ جڏهن سنه 1937ع جي اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ ڪانگريس ڪراچي تڪ لاءِ سوامي گووندانند جي بجاءِ رستم خورشيد سڌوا کي ٽڪيٽ ڏني وئي تہ سوامي گوندانند کي اهڙو تہ صدمون پهتو هو جو هن کي دماغ جو اڌ رنگ ٿي پيو
    جڏهن هن جي حالت ڪجهہ سڌري هئي، تڌهن مان کيس پنهنجي خرچ تي حيدرآباد، ٽنڊي آدم، شهدادپور، نوابشاه، سکر، روهڙي، پني عاقل، گهوٽڪي، شڪارپور، سلطان ڪوٽ، ميان جي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد وٺي وڃڻ بعد ميرپورخاص، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي ڄام ۽ بدين بہ وٺي ويو هوس. خود سوامي گووندانند بہ هڪ قابل ليکڪ هو. هن جا بہ سنڌيءَ ۾ ڪي ڪتاب (دستخط) لکيل آهن: جي مائي پاروتي آڏواڻيءَ وٽ هئا. پتو ناهي تہ انهن جو ڇا ٿيو. سنڌ ۾ ڪو وقت هو، جو ٻہ فصيح زبان شخص مڃيا ويندا هئا، اڄ تہ پرنسپال اجواڻيءَ کي اهميت ملي رهي آهي. پر ان وقت هڪڙو ساڌو واسواڻي هو ۽ ٻيو سوامي گووندانند. سوامي گووندانند جي سنڌي ۾ “ڪيسري” هفتيوار اخبار ۽ انگريزيءَ ۾ “وائيس آف انڊيا’’ هفتيوار اخبارون مشهور هيون.
    شڪارپور ۾ پروفيسر ڦيرواڻي تہ مشهور ليکڪ هو. پر گهٽ سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي بہ ڪونہ هو. هن جو ناٽڪ “هڪڙي رات’’ ڪافي پسند پيو هو.
  • مارچ 1918 واري سنڌ صوبائي ڪانفرنس

    مارچ 1918 واري سنڌ صوبائي ڪانفرنس

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      مارچ 1918 واري سنڌ صوبائي ڪانفرنس“

    FB_IMG_1660040376958.jpg
     
    “ مارچ 1918 واري سنڌ صوبائي ڪانفرنس”.
          مون وقت بہ وقت “سنڌ پراونشل ڪانفرنسن” بابت پئي لکيو آھي ۽ ور ور ڏئي لکڻ جو مقصد هي هوندو آھي تہ اهو ٻڌائي سگهان تہ اسان جي سياسي لٽريچر پڙھندڙن گل حيات طرفان گڏ ڪيل هن مواد مان اڃا فائدو ڪونہ ورتو آھي. ٻن ھزار صفحن وارو هي مواد گل حيات کان سواءِ ڪنهن وٽ بہ ڪونہ آھي. هي مواد منھنجي والد ان وقت مختلف اخبارن مان هٿ سان لکيو, جڏهن اڃا فوٽو اسٽيٽ جي سهولت بہ ڪانہ هئي ۽ غريب هجڻ ڪري بابا پنهنجو ٽائيپ رائيٽر بہ خريد ڪري نہ پيو سگهي. 
         ڪانفرنسون سنڌ جي مسلمان, هندو, پارسين ۽ سکن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو هو. هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌين دين ڌرم ۽ رنگ نسل جي بنياد تي سياسي صفبندي ڪانہ ڪئي هئي. سنڌ سڀ جو موضوع, مرڪز ۽ محور هوندي هئي. هي ساليانيون ڪانفرنسون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٿيون.
         30 مارچ 1918 تي اهڙي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي. ڪانفرنس جي صدارت شڪارپور واري مرليڌر جيرامداس ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان 500 ڊيليگيٽس آيا هئا. ڪانفرنس ۾  جيڪي مشهور سياستدان شريڪ ٿيا هئا, انھن مان ڪي آھن: هرچندراءِ وشنداس, غلام علي چاڳلا, راءِ بهادر هيرانند کيمسنگ, لوڪومل چيلارام,  مکي ڄيٺانند, سنتداس منگهارام, آر.ڪي.سڌوا, ڊاڪٽر چوئٿرام وغيره
         ڪانفرنس ۾ ڪيترن تي موضوعن ۽ مسئلن تي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا, جهڙوڪ:
    1). تعليم جي ابتر حالت کي سڌارڻ لاءِ مطالبو,
    2). سنڌ پريس تي حڪومت جي سختيءَ جي مذمت, 
    3).  شاگردن کي سياسي سرگرمين ۾ حصي نہ وٺڻ بابت سرڪاري منع نامي جي مذمت,
    4). ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي باهمي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ جو عزم, 
    5).سنڌ جي وڪيلن مان جج مقرر ڪرڻ جو مطالبو,
    6). سنڌ ۾ پاسپورٽ ٺھرائڻ ۾ پيش ايندڙ دشوارين ختم ڪرڻ بابت مطالبو,
        هن ڪانفرنس ۾ جملي 22 ٺھراءَ پاس ڪيا ويا هئا. 
         ڪانفرنس جي صدر پنهنجيءَ تقرير ۾ سنڌ بابت جيئن ويچار ونڊيا, اهي جيئن جو تيئن هتي ڏيان ٿو:
    ” It is anomoly that Sindh is still on the list of SHEDULED DISTRICTS although with Karachi rivailing Bombay. It has been advancing commerciaally and though in consequence of Mesopotamian  conquest, itsabbat geographical importance is an assured and unprecedented  one.
    Whatever be the view adopted to the political status that Sindh may occupy in the proposed reforms, we all are unanimously agreed that Sindh Commissioner’sabbat Act of 1868, that has remained with us for a half century, out to be abolished and one man’s rule ought to end”.
  • پهرين سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر

    پهرين سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      پهرين سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر“

     
     FB_IMG_1660040260844.jpg
    “پهرين سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر”. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيقي ڪم جا طريقا بہ منفرد آھن تہ سليقا بہ نت نوان آھن. هي اهو تحقيقي قلمي پورهيت آھي, جنهن جي حيثيت پنهنجي دور جي محققن ۽ ليکڪن کان بنھہ نرالي آھي. شايد ڪو تڪڙ ڪري, ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي همسري ۽ برابري ڪري نہ ٿو سگهي. مثال ڪري وٺو: سنڌي ماڻھون “پروي ڪائونسل”, “ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل”, “ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل”, ”سنڌ اسيمبلي”, “مغربي پاڪستان اسيمبلي”, نئشنل اسيمبلي”, سينيٽ” ۽ ”مجلس شورا” جا ميمبر ٿيا آھن. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن سمورن پارليامينٽرينس جي نالن جي لسٽ موجود آھي ۽ الائي ڪيترن جا وري سوانحي خاڪا ۽ فوٽو بہ موجود آھن. گل حيات ۾ انهن شخصيتن تي ايترو مواد موجود آھي جو هر هڪ تي هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ پهرين اسيمبليءَ کي “سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي” چيو ويندو. اها 1937 ۾ قائم ٿي. اڄوڪي ڏينھن تائين جيڪي اسيمبليون قائم ٿيون, انھن سمورين جي ميمبرن جا نالا اوهان کي گل حيات جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿيل نظر ايندا. مان هتي پهرين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جا نالا ڏئي رهيو آهيان: شيخ عبدالمجيد سنڌي, عبدالستار پيرزادو, اکجي رتن سنگ سوڍو, الّله بخش گبول, الّله بخش سومرو, احمد خان سڌايو, مولا بخش سومرو, مير الّله داد ٽالپور, حاجي امير علي لاهوري, ارباب تغوچي, ديوان ڀوڄسنگ, چوئٿرام وليڇا, ڏيئلمل دولترام, دولترام موهنداس, گهنشيام شوداساڻي, گنومل تارچند, مير غلام علي ٽالپور, مير غلام الّله, مير حسين بخش, مخدوم غلام حيدر, پير غلام حيدر, غلام محمد اسراڻ, سيد غلام مرضا شاه, غلام نبي شاه, گوڪلداس ميلداس, هاسارام پمناڻي, لولومل موٽواڻي, ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻي, هوتچند هيرانند, پير الاهي بخش, ايسرداس ورندمل, جعفر خان بڙدي, جمشيد ميهتا, ڄام جان محمد جوڻيجو, جينو ٻائي الانا, ڄيٺي سپاهيملاڻي, قيصر خان بوزدار, خير شاھ, ڪرنل ايڇ. جي ماهن, ميران محمد شاه, محمد علي شاه, محمد ايوب کهڙو, محمد هاشم گذدر, مير محمد چانڊيو, محمد عثمان سومرو, محمد يوسف چانڊيو, نارائڻ داس بيچر, نيوندرام وشنداس, نهچلداس وزيراڻي, نور محمد شاه, ڊاڪٽر ڊي.اين.او سليوان, پرتاب راء خوشحال داس, ڊاڪٽر پوپٽلال, جي.ايڇ. ريسڪن, رسول بخش انڙ, رسول بخش شاه, علي گوهر مهر, رستم جي سڌوا, مير بنده علي ٽالپور, شمس الدين دراني, سيتلداس پيرومل, زين الدين سندراڻي, محمد امين کوسو, سهراب خان سرڪي, مکي گوبندرام, هيرانند کيمسنگ, ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي, غلام حسين هدايت الله, فلاڪهرٽ, ليفٽيننٽ ڪرنل هوسيڪ, فريزر, لالا مينگهراج ۽ تاراچند ڌرمداس
  • جيڪب آباد ۾ سڏايل ڇهين سنڌ صوبائي ڪانفرنس

    جيڪب آباد ۾ سڏايل ڇهين سنڌ صوبائي ڪانفرنس

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      جيڪب آباد ۾ سڏايل ڇهين سنڌ صوبائي ڪانفرنس“

     
     FB_IMG_1660040155826.jpg
    “جيڪب آباد ۾ سڏايل ڇهين سنڌ صوبائي ڪانفرنس”. سنڌ سان محبت وارو اسان جو مامرو وڃي انھيءَ منزل تي پهتو آھي تہ اسان سنڌ جي تاريخ کي پڙھڻ ۽ ان مان پرائڻ تي ذري گهٽ ڪوبہ توجہ نہ ٿا ڏيون. انگريزن جو دور اسان جي وڏڙن انقلابي دور ڪري قبول ڪيو ۽ سياست ۾ انقلابي رويا اختيار ڪيائون. انھيءَ ڪري هنن اهڙيءَ بادشاهيءَ جو خاتمو آندو, جنهن تان سج لهندو ئي ڪونہ هو. مطلب فرنگي دنيا تي ايترو ڇانئجي ويا هئا ۽ سندن سلطنت ايڏي وسيع هئي جو ان تان سج نہ لهندو هو. مگر اسان جي وڏڙن پنهنجي ملڪ تان هن جو سج بہ لاٿو ۽ پاڙ بہ پٽي. انگريزن جي دور ۾ ھندو توڙي مسلمان, سک توڙي پارسي هٿ هٿ ۾ ڏئي سياسي ميدان ۾ ڪاهي پيا. انھن “سنڌ پراونشل ڪانفرنس” جي نالي سان هر هڪ ضلعي ۾ وڏيون ڪانفرنسون ڪيون. اهي 1920 تائين ٿيون. انھن جون ڪاروايون, انھن ۾ ڪيل تقريرون ۽ انھن ۾ پاس ڪيل ٺھراءَ لڳ ڀڳ ٻن اڍائي هزار صفحن تي ٿيندا. اهو مواد فقط ۽ فقط گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيل آھي. جس هجي بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي جنھن هي ناياب ۽ انمول سياسي لٽريچر محفوظ ڪيو آھي. پر ڏک انھيءَ ڳالھ تي آھي تہ مواد ۽ معلومات تہ موجود آھي, ليڪن ان کي پڙھڻ وارا اٽي ۾ لوڻ برابر آھن. ڇهين سنڌ صوبائي ڪانفرنس 18 اپريل 1919 تي جيڪب آباد ۾ شروع ٿي هئي ۽ ان جي صدارت جمشيد مهتا ڪئي هئي. سيٺ آسرداس شيوارام هن ڪانفرنس جي آجيان ڪميٽيءَ جو صدر هو. جمشيد مهتا جيڪا صدارتي تقرير ڪئي هئي, اها پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي وئي هئي ۽ اهو انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب 100 صفحن جي لڳ ڀڳ آھي. ان جي هارڊ ڪاپي گل حيات جي لائبرريءَ ۾ موجود آھي. هن ڪانفرنس جي اهميت ان ڪري منفرد آھي جو اها “روولٽ ائڪٽ” جهڙي ڪاري قانون پاس ٿيڻ واري زماني ٿي ۽ دل کولي تقريرن ڪندڙن هن ڪاري قانون پاس ۽ لاڳو ڪرڻ تي سرڪار جي مذمت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ جن مامرن ۽ موضوعن تي ٺھراءَ پاس ٿيا, انھن مان ڪي هي آھن:
    1.عدليہ کي انتظاميہ کان جدا ڪيو وڃي,
    2. رسائي, ڇيڙ ۽ لاپو ختم ڪيو وڃي,
    3. جيڪب آباد, نوشهرو فيروز, ٺٽي ۾ هاءِ اسڪول کوليا وڃن,
    4. اتر سنڌ, سکر ۾ ڪاليج کوليو وڃي,
    5. روولٽ ائڪٽ واپس ورتو وڃي.
    6. پريس ائڪٽ کي سنڌي صحافت لاءِ تلوار نہ بڻايو وڃي,
    7.مسلمانن جي مقدس هنڌن کي نقصان نہ ڏنو وڃي.
    8. ترڪيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا نہ ڪيو وڃي.
    9.سنڌ ۾ هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي وڃي.
    10. هن ڪانفرنس ۾ جيڪي سياستدان شريڪ ٿيا هئا, انھن مان ڪي آھن: سنتداس منگهارام, ويرومل بيگراڄ, سڌوا, عبدالرحمان, ڪشنداس جهامرائي وغيره. هن ڪانفرنس ۾ 150 ڊيليگيٽس شامل ٿيا هئا ۽ شريڪ ٿيندڙن جو انگ 3000 هو
  • جڏهن مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ون-يونٽ خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو

    جڏهن مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ون-يونٽ خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      جڏهن مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ون-يونٽ خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو“

     
     FB IMG 1660040052623
    ممتاز علي پٺاڻ. “جڏهن مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ون-يونٽ خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو”. ون-يونٽ بابت هڪ اڌ ڪتاب بہ اچي چڪو آھي. مون بہ انھيءَ موضوع تي چار پنج پوسٽون لکيون. باباسائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجيءَ هڪ پوسٽ ۾ لکيو تہ اسان ون-يونٽ جي “واقعاتي تاريخ” مرتب ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آھي. ڳالهيون گهڻيون ڪندا آھيون ۽ ڪم گهٽ ڪندا آھيون. گل حيات ۾ جيڪو ون-يونٽ بابت مواد پيو آھي, اهو ٻڌائي ٿو تہ 1955ع تائين جي.ايم.سيد جي اڳواڻيءَ ۾ ون-يونٽ خلاف عوامي تحريڪ هلي. ائنٽي ون-يونٽ جي اڳواڻن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عوامي ميڙاڪا ڪيا. ون-يونٽ مڙھجي وڃڻ کان وٺي ويندي ون-يونٽ ٽٽڻ تائين, جي.ايم.سيد ۽ سندس ساٿين ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ ۾ بہ ون-يونٽ خلاف ڪم ڪيو. ليڪن ڏهن پندرنھن سالن تائين اسان سنڌ جي تاريخ جا ورق خالي خالي آھن. انھن تي اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جو اهو قرض سياسي سوچ رکندڙ ليکڪن ۽ دانشورن کي لاهڻ گهرجي. گل حيات ۾ ون-يونٽ خلاف بابا سائينءَ جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي, ان ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي 17 مارچ 1957ع واري اها ڪاروائي بہ شامل آھي, جڏهن غلام مصطفا خان ڀرڳڙيءَ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ اسيمبليءَ کان پاس ڪرايو تہ هيءَ اسيمبلي قومي اسيمبليءَ تائين مطالبو پهچائي ٿي تہ ون-يونٽ کي ٽوڙي, چار يا وڌيڪ خود مختيار صوبا بڻايا وڃن. انھيءَ ٺھراءَ جا انگريزي لفظ هي آھن: “That this Assembly recommends to Government to communicate the views of this Assembly that the Province of West Pakistan be reconstituted as a sub-federation with four or more fully autonomous Provinces”. اهو ٺھراءُ پيش ڪندي, ڀرڳڙي تفصيلي ۽ مدلل تقرير ڪئي. اها وڏي تقرير آھي, ڪنهن مناسب موقعي تي اها الڳ پيش ڪندس. هن پنهنجيءَ تقرير ۾ پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ جي خدمتن ۽ قربانين جو ذڪر ڪيو آھي. هو تقرير ۾ چئي ٿو تہ ” جي.ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان جو ٺھراءُ پاس ڪرايو ۽ اهو اهڙو پهريون ٺھراءُ هو, جيڪو ڪنھن بہ صوبائي اسيمبليءَ پاس نہ ڪيو هو.” سنڌي شاهنواز پيرزادي شديد مخالفت ڪئي تہ اهو ٺھراءُ پاس نہ ٿئي. ٻين جن ٺھراءَ جي مخالفت يا موافقت واري بحث ۾ حصو ورتو, اهي آھن: ميان محمد شفيع, چوڌري فرزند علي, پيرزاده مولوي محمد اسلام الدين, رانا گل محمد نون, عبداستار پيرزادو وزير, سيد جميل رضوي, شيخ ظفر حسن, جي.الانا, خان صفي الله خان, ملڪ فيض حسين, قاضي مريد احمد, جي.ايم.سيد, ميجر جنرل جمال دار, قاضي فضل الله, مير علي بخش ٽالپور, مير علي مردان ٽالپور, مير نبي بخش خان ۽ پير الاهي بخش. آخر ۾ ٺھراءَ تي ووٽنگ ڪرائي وئي. 170 ميمبرن ٺھراءَ جي حق ۾ ۽ 4 ميمبرن ٺھراءَ جي مخالفت ۾ حق ڏنو. جن ٺھراءَ جي مخالفت ڪئي, اهي هئا: رانا غلام شبير خان, شاهنواز پيرزادو, ميان محمد شفيع ۽ مسز ايس.پي.سنگها. هن ڪاروائيءَ ۾ حصو وٺندي ميان شفيع محمد بہ وڏي تقرير ڪئي هئي ۽ چيو هو تہ اسان واگها وٽان پنجاب کي ڪٽي پاڪستان کي قائم ڪرڻ ۾ قرباني ڏني. هن ڪاروائيءَ دوران جي.ايم.سيد جي ڪيل تقرير بہ تمام اهم آھي ۽ سندس سياسي تدبر جي جهلڪ ڏئي ٿي. وقت مليو تہ آئون اها سموري تقرير بہ دوستن سان ونڊيندس.
  • انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون

    انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون“

     
     Mumtaz 11zon
     “انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون”. هن مرد-معاشري ۾ عورت-ذات سان ڏاڍو انياءُ ٿيندو آيو آھي. سسئيءَ کي رڻ ۾ رولي, سهڻيءَ کي درياھہ ۾ ٻوڙي ۽ مومل کي ڏاگھہ تي مرد-معاشري ئي چاڙھيو ۽ پوءِ وري روئي رڙي انھن کي سورميون بڻائي, کين سنڌي شاعريءَ جي عمارت اڏي سمورين ستني سورمين کي اڄ تائين ياد رکيو آھي. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن عورت ذات جي عظمت کي معاشري کان تسليم ڪرائي, کين پنهنجي شاعريءَ ۾ تمثيل طور ڪم آندو ۽ رومانوي داستانن کي قلم بند ڪيو. نامور فيلسوف ڏيارام گدومل شاهاڻي انگريزن جي دور جو پهريون قلم-ڌڻي هو, جنھن عورت خلاف مرد-ذات جي ستن گناهن تي لکيو ۽ چيو. سندس اهو ڪتاب انڊيا ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيو آھي. هن اهو ليڪچر هاسارام پمناڻيءَ جي گذارش تي روهڙيءَ ۾ ڏنو هو. سنڌي عورت پوءِ بہ پنهنجي وجود ۽ حيثيت جي جنگ وڙھندي اچي ٿي ۽ ڏکين حالتن ۾ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ-ڌڻين جي خدمت ڪندي اچي ٿي. سنڌياڻي زندگيءَ جي ڪنهن بہ شعبي ۾ پٺتي نہ رهي آھي. فرنگي حڪومت سنڌ ۾ عيسائي عورتن جي همت افزائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ”ليڊيز برٽش امپائير ليگ” ۽ “ينگ وومين ڪرسچن ائسوسيئيشن” جهڙيون جماعتون جڙيون. سنڌياڻن جي سرڪار يا اپر ڪلاس ايڏي وڏي همت افزائي نہ ڪئي, پر سياستدانن پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ سنڌ ۾ عورتن جون تنظيمون جوڙايون. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي عورت مذھبي بنيادن تي بہ تنظيمون بہ ٺاهيون تہ هندياڻين ۽ مسلماڻين پاڻ ۾ ملي بہ جماعتون ٺاهيون. انھيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ”آل انڊيا وومينس ڪانفرنسون” بہ ٿيون. مسلمان عورتن واري اهڙي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي ۽ 1945ع ۾ وري حيدرآباد ۾ ”آل انڊيا وومين ڪانفرنس ٿي, جنهن تي هندياڻين جي ڇاپ لڳل هئي. اها ارڙھين ڪانفرنس هئي, جيڪا ڀريا چار ڏينھن اين.ايڇ.اڪيڊميءَ جي ايوان ۾ ٿي هئي. ھن آل انڊيا وومينس ڪانفرنس جي حيثيت هڪ منظم ۽ رجسٽرڊ تنظيم واري هئي. اها 1926ع ۾ قائم ٿي ۽ ان جو پهريون اجلاس 1927ع ۾ پوني ۾ ٿيو هو. حيدرآباد واري آل انڊيا وومينس ڪانفرنس 28 ڊسمبر 1945 کان شروع ٿي ۽ 1 جنوري 1946 تي پڄاڻيءَ کي پهتي. ان جي صدارت شريمتي هنسا ميهتا ڪئي هئي. اها مائي ممبئيءَ جي رهواسڻ ھئي. هن ڪانفرنس ۾ آنڌرا, بڙودا, اوڀر بينگال, ڪلڪتي, برار, ممبئي, سي.پي, گجرات, ڪرناٽڪ, گواليار, مهاراشٽريه, حيدرآباد دکن, ملبار, انڊور, ميسور, اوڙيسا, پنجاب ۽ اوڌ کان عورتن جي وفدن ڪهي اچي شرڪت ڪئي. سنڌ مان سوين عورتن ان ۾ شرڪت ڪئي. انھن مان ڪي خاص نالا آھن: سرلا نرسن, سندري ملڪاڻي, ساوتري ميرچنداڻي, پاروتي پهلاجاڻي, راڌاراني ڪشنچند, ايس.سي سمتاڻي, ٺاڪري لکاڻي, موتل آڏواڻي, گوپي جڳتياڻي ۽ وشنيملڪاڻي. حيدرآباد شاخ پنهنجيءَ سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو تہ هن شاخ جون 102 ميمبرياڻيون آھن. شاخ جي هن وقت تائين ڪارڪردگي اها رهي آھي تہ: 1). حيدرآباد ۾ هڪ “ٻال مندر” کوليو ويو آھي ۽ ان ذريعي ٻارن جي ڌرمي تربيت ڪئي وڃي ٿي, 2). عورتن لاءِ ميوزڪ ۽ ڊانس جا ڪلاس شروع ڪيا آھن,3). عورتن ٻارن جي صحت بابت هفتيوار ليڪچر ڪرايا پيا وڃن. آل انڊيا وومينس ڪانفرنس جو هي هڪ وڏو واقعو ۽ مثالي ميڙاڪو هو. انھيءَ ۾ عورت-ذات سان لڳاپيل سمورن مامرن ۽ موضوعن تي تفصيلي بحث ٿيو, انھن مان ڪي موضوع آھن: صحت, کاڌ خوراڪ, تعليم, ملازمت, ملازم عورتن لاءِ ھائسٽلن ٺاهڻ, عورتن جا گهريلو مسئلا وغيره. هن ڪانفرنس ۾ سياسي حوالي سان ملڪي آزاديءَ کان علاوه فلسطين جي مسئلي تي بہ ٺھراءُ پاس ڪري فرنگي حڪومت جي ندا ڪئي وئي تہ اها مظلوم فلسطينن کي ڏاڍ سان ٿورائيءَ ۾ پئي بدلائي. حيدرآباد جي تاريخ جو هي هڪ اهم واقعو آھي, جيڪو اڄ ڪنهن کي ياد ڪونهي. پر جس آھي بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي, جنهن سنڌ جي تاريخ جي واقعن, ڪردارن ۽ ادارن/تنظيمن/پارٽين کي بچايو آھي
  • انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون

    انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف“

     
     Mumtaz 11zon
     “انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون”. هن مرد-معاشري ۾ عورت-ذات سان ڏاڍو انياءُ ٿيندو آيو آھي. سسئيءَ کي رڻ ۾ رولي, سهڻيءَ کي درياھہ ۾ ٻوڙي ۽ مومل کي ڏاگھہ تي مرد-معاشري ئي چاڙھيو ۽ پوءِ وري روئي رڙي انھن کي سورميون بڻائي, کين سنڌي شاعريءَ جي عمارت اڏي سمورين ستني سورمين کي اڄ تائين ياد رکيو آھي. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن عورت ذات جي عظمت کي معاشري کان تسليم ڪرائي, کين پنهنجي شاعريءَ ۾ تمثيل طور ڪم آندو ۽ رومانوي داستانن کي قلم بند ڪيو. نامور فيلسوف ڏيارام گدومل شاهاڻي انگريزن جي دور جو پهريون قلم-ڌڻي هو, جنھن عورت خلاف مرد-ذات جي ستن گناهن تي لکيو ۽ چيو. سندس اهو ڪتاب انڊيا ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيو آھي. هن اهو ليڪچر هاسارام پمناڻيءَ جي گذارش تي روهڙيءَ ۾ ڏنو هو. سنڌي عورت پوءِ بہ پنهنجي وجود ۽ حيثيت جي جنگ وڙھندي اچي ٿي ۽ ڏکين حالتن ۾ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ-ڌڻين جي خدمت ڪندي اچي ٿي. سنڌياڻي زندگيءَ جي ڪنهن بہ شعبي ۾ پٺتي نہ رهي آھي. فرنگي حڪومت سنڌ ۾ عيسائي عورتن جي همت افزائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ”ليڊيز برٽش امپائير ليگ” ۽ “ينگ وومين ڪرسچن ائسوسيئيشن” جهڙيون جماعتون جڙيون. سنڌياڻن جي سرڪار يا اپر ڪلاس ايڏي وڏي همت افزائي نہ ڪئي, پر سياستدانن پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ سنڌ ۾ عورتن جون تنظيمون جوڙايون. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي عورت مذھبي بنيادن تي بہ تنظيمون بہ ٺاهيون تہ هندياڻين ۽ مسلماڻين پاڻ ۾ ملي بہ جماعتون ٺاهيون. انھيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ”آل انڊيا وومينس ڪانفرنسون” بہ ٿيون. مسلمان عورتن واري اهڙي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي ۽ 1945ع ۾ وري حيدرآباد ۾ ”آل انڊيا وومين ڪانفرنس ٿي, جنهن تي هندياڻين جي ڇاپ لڳل هئي. اها ارڙھين ڪانفرنس هئي, جيڪا ڀريا چار ڏينھن اين.ايڇ.اڪيڊميءَ جي ايوان ۾ ٿي هئي. ھن آل انڊيا وومينس ڪانفرنس جي حيثيت هڪ منظم ۽ رجسٽرڊ تنظيم واري هئي. اها 1926ع ۾ قائم ٿي ۽ ان جو پهريون اجلاس 1927ع ۾ پوني ۾ ٿيو هو. حيدرآباد واري آل انڊيا وومينس ڪانفرنس 28 ڊسمبر 1945 کان شروع ٿي ۽ 1 جنوري 1946 تي پڄاڻيءَ کي پهتي. ان جي صدارت شريمتي هنسا ميهتا ڪئي هئي. اها مائي ممبئيءَ جي رهواسڻ ھئي. هن ڪانفرنس ۾ آنڌرا, بڙودا, اوڀر بينگال, ڪلڪتي, برار, ممبئي, سي.پي, گجرات, ڪرناٽڪ, گواليار, مهاراشٽريه, حيدرآباد دکن, ملبار, انڊور, ميسور, اوڙيسا, پنجاب ۽ اوڌ کان عورتن جي وفدن ڪهي اچي شرڪت ڪئي. سنڌ مان سوين عورتن ان ۾ شرڪت ڪئي. انھن مان ڪي خاص نالا آھن: سرلا نرسن, سندري ملڪاڻي, ساوتري ميرچنداڻي, پاروتي پهلاجاڻي, راڌاراني ڪشنچند, ايس.سي سمتاڻي, ٺاڪري لکاڻي, موتل آڏواڻي, گوپي جڳتياڻي ۽ وشنيملڪاڻي. حيدرآباد شاخ پنهنجيءَ سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو تہ هن شاخ جون 102 ميمبرياڻيون آھن. شاخ جي هن وقت تائين ڪارڪردگي اها رهي آھي تہ: 1). حيدرآباد ۾ هڪ “ٻال مندر” کوليو ويو آھي ۽ ان ذريعي ٻارن جي ڌرمي تربيت ڪئي وڃي ٿي, 2). عورتن لاءِ ميوزڪ ۽ ڊانس جا ڪلاس شروع ڪيا آھن,3). عورتن ٻارن جي صحت بابت هفتيوار ليڪچر ڪرايا پيا وڃن. آل انڊيا وومينس ڪانفرنس جو هي هڪ وڏو واقعو ۽ مثالي ميڙاڪو هو. انھيءَ ۾ عورت-ذات سان لڳاپيل سمورن مامرن ۽ موضوعن تي تفصيلي بحث ٿيو, انھن مان ڪي موضوع آھن: صحت, کاڌ خوراڪ, تعليم, ملازمت, ملازم عورتن لاءِ ھائسٽلن ٺاهڻ, عورتن جا گهريلو مسئلا وغيره. هن ڪانفرنس ۾ سياسي حوالي سان ملڪي آزاديءَ کان علاوه فلسطين جي مسئلي تي بہ ٺھراءُ پاس ڪري فرنگي حڪومت جي ندا ڪئي وئي تہ اها مظلوم فلسطينن کي ڏاڍ سان ٿورائيءَ ۾ پئي بدلائي. حيدرآباد جي تاريخ جو هي هڪ اهم واقعو آھي, جيڪو اڄ ڪنهن کي ياد ڪونهي. پر جس آھي بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي, جنهن سنڌ جي تاريخ جي واقعن, ڪردارن ۽ ادارن/تنظيمن/پارٽين کي بچايو آھي
  • هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي

    هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي“

     
     FB IMG 1660039861101
    “هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي”. منھنجو والد سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڌر آھي. ڪنهن بہ سياسي پارٽيءَ جو ڪارڪن ڪونهي, پر هر ڪنهن پارٽيءَ جو ايترو مواد گڏ ڪيو اٿس جو اهو انھيءَ پارٽيءَ جي وڏن وڏن عاشقن وٽ بہ ڪونہ هوندو. ورهاڱي کان اڳ 47 ۽ هن دور جي سنڌ سطح وارين سمورين ۽ پاڪستاني سطح وارين سڀني وڏين جو مواد بابا سائينءَ گل حيات ۾ گڏ ڪري رکيو آھي. انھيءَ مواد تي “سنڌ جي سياسي تاريخ جي انسائيڪلوپيڊيا” نالي/عنوان سان ڪتاب ڇپرائي سگهجي ٿو. “هاري تحريڪ/پارٽي” بہ انگريزن جي دور ۾ ٺھي. سکر بئراج وارو ڪم مڪمل ٿيو تہ سنڌ جي زميندارن ۽ سرمائيدارن کي خيال آيو تہ هاڻي پوکي راهيءَ لاءِ زمينون الاٽ ٿينديون, ان ڪري پاڻ کي تنظيمون ٺاهڻ گهرجن. ان ڪري هاري ڪانفرنسون ٿيون ۽ هاري پارٽيون جڙيون. ائين ٻہ ٽي ھاري پارٽيون ٺھي ويون. سنڌ ۾ پوءِ هاري پارٽيءَ کي پر خلوص قيادت تہ ملي, ليڪن اها پارٽي عوام ۽ هارين ۾ ايتري مقبول نہ ٿي سگهي, جيئن شهرن ۾ ٽريڊ يونئنيون ڪامياب ۽ مقبول ٿيون. سبب اهو هئو تہ ٽريڊ يونئين ۾ پورهيت ذاتي طور تي پاڻ متحرڪ ۽ شريڪ رهيو. جڏهن تہ هاري پارٽيءَ ۾ هاري گهڻي ڀاڱي “غير متعلق ۽ غير حاضر” شريڪ ٿيو. ڇوتہ هاري بدران پارٽيءَ جي قيادت ٻين هٿن ۾ هئي. ٻيو سبب هي هو تہ ابتدائي دور ۾ ھرين جا اڳواڻ پاڻ کي “ڪامريڊ” چورائي شوشلزم ۽ ڪمينزم واري نظريئي مان پنهنجو دڳ ڳولهيندا رهيا. هنن ڌرتيءَ جي نظريئي ۽ شاھہ عنايت جهڙن آدرشي ڪردارن کي هارين جي سوچن ۽ لوچڻ تي گهٽ اثر انداز ٿيڻ ڏنو. هاري پارٽيءَ سنڌ جي سياسي, نظرياتي ۽ سماجي ڍانچي تي بي مثال ۽ دور رس اثر وڌا آھن. ھن پارٽيءَ تي هڪ کان وڌيڪ پي ايڇ. ڊي مقالا لکي سگهجن ٿا. پر اسان وٽ ڳالهيون وڏيون ۽ ڪم گهٽ ٿيندو آھي. بابا/گل حيات هاري پارٽيءَ بابت نہ فقط مواد گڏ ڪيو آھي, پر انھيءَ پارٽيءَ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ نون محققن کي اتساهيو بہ آھي ۽ مدد بہ ڪئي آھي. بابا جڏهن سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئو تہ ان زماني ۾ رتيديري جي علي حسن “معروف” چني جي همت افزائي ڪيائين. مرحوم چني پي ايڇ.ڊيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ تمام وڏو ڪم بہ ڪيو. پر, استاد ۽ شاگرد جي ذھني هم آھنگي ٿي نہ سگهي ۽ چنو بي دليو ٿي پيو. هن هاري تحريڪ تي وڏو مواد گڏ ڪيو هو. باباسائين جڏهن ڏوڪري سائنس ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو ۽ ڪوشش وٺي ڪاليج جو نالو بدلائي “حيدر بخش جتوئي ميموريل سائنس ڪاليج” واريءَ تحريڪ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيائين ۽ سندس ئي پرنسپاليءَ واري دور ۾ ڪاليج جو نالو اهو رکيو ويو. اها هاري تحريڪ جي مثالي اڳواڻ حير بخش جتوئيءَ لاءِ بابا طرفان هڪ مڃتا هئي. هن ڪاليج ۾ بابا تحقيقي ڪم ۽ قدوقامت ڪاليج جي استادن کي متآثر ڪيو ۽ هنن بہ تحقيق ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. ڪاليجي استادن مان موهن لعل پريمي, خليل اللّه شيخ ۽ ديدار سولنگيءَ ايم.فل ۾ داخلا ورتي ۽ ڊگريون ورتائون. موھن لعل پريمي ۽ ديدار سولنگيءَ گل حيات مان ڀرپور فائدو ورتو. ديدار سولنگي پوءِ ڪاليج جو پرنسپال بہ ٿيو. هن بابا جي صلاح سان هاري پارٽيءَ تي ايم.فل ڪئي. سنڌ جي نالي واري نياڻي ۽ قوم پرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجي جي وني سلمان جوڻيجو بہ هاري پارٽيءَ تي ايم.فل ڪري رهي آھي ۽ ان سلسلي ۾ گل حيات ۾ سندس اچڻ ٿيندو رهي ٿو. گل حيات ۾ ھاري پارٽيءَ بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي ۽ ان جي جهلڪ پڙھندڙن کي بابا جي “واقعاتي تاريخ” ۾ بہ نظر ايندي. هاري پارٽيءَ تي ڪامريڊ حيدر بخش جيڪي بہ پمفليٽ لکيا, اهي گل حيات ۾ موجود آھن. انهيءَ پارٽيءَ جو آئين بہ هتي موجود آھي. هاري پارٽيءَ بابت حير بخش جتوئيءَ جو لکيل ۽ اڻ ڇپيل مواد بہ گل حيات ۾ آھي. بابا مختلف انگريزي ۽ سنڌي اخبارن مان هاري پارٽيءَ بابت ڪافي نوٽس ورتا, انھن کان سواءِ مسعود کڌر پوش واري هارين بابت سرڪاري رپورٽ بہ گل حيات ۾ آھي. تاج مريءَ هاري پارٽيءَ تي وڏو ڪم ڪيو آھي. هن جا ترتيب ڏنل “هاري حقدار” جا خاص نمبر بہ اسان جي اداري ۾ آھن. پرسو منگهارام ممبئي يونيورسٽي مان Tenancy and Tenant Farming in Sindh جي عنوان تي ايم.ايس سيءَ لاءِ ٿيسز لکي, اها بہ گل حيات ۾ موجود آھي
  • جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي

    جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي“

     FB IMG 1660039761439
     “جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي”. سنڌ سان محبت جو اهو بہ هڪ طريقو آھي تہ هن ڌرتيءَ جي ماضيءَ کي محفوظ ڪيو وڃي. گل حيات/بابا اهو فرض مثالي ۽ معياري انداز سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ جي شخصيتن, واقعن ۽ ادارن/تنظيمن/جماعتن بابت جيئن اسان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي ۽ ان کي محفوظ ڪيو آھي, اھو سرڪاري/درٻاري ادارا يا فردن لاءِ هڪ مثال آھي. پيپلز پارٽيءَ جي نالي سان هيءَ جماعت: ” آل پاڪستان پيپلز پارٽي” 1948 ع ۾ قائم ٿي. انھيءَ کان اڳ جڏهن اڃان سنڌ ممبئيءَ کان الڳ نہ ٿي هئي, تہ ان وقت بہ “سنڌ پيپلز پارٽيءَ” جي نالي سان سر شاهنواز ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي ٺھي هئي. مون ان پارٽيءَ تي تفصيل سان لکيو ۽ سنگت سان شيئر ڪيو آھي. پاڪستان کان اڳ وارين سياسي پارٽين بابت سوين صفحا گل حيات ۾ موجود آھن. 1947ع کان پوءِ ويندي اڄوڪي ڏينھن تائين سنڌ ۾ جيڪي پاڪستان سطح ۽ سنڌ سطح جون پارٽيون ٺھيون ۽ فعال رهيون, انھن بابت بہ تمام گهڻو مواد منهنجي والد گڏ ڪيو آھي. “آل پاڪستان پيپلز پارٽي” جي.ايم.سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڪوششن جو نتيجو هئي ۽ هن انھيءَ پارٽيءَ جي اڳواڻي خان عبدالغفار خان جي حوالي ڪئي, جيئن “سنڌ پيپلز پارٽي” جي اڳواڻي سر شاهنواز ڀٽي جي حوالي ڪئي هئي. Pakistan Year Book 1949 جي صفحي نمبر 742 تي لکيو ويو آھي ته ھيءَ آل پاڪستان پيپلز پارٽي خان عبدالغفار خان جي اڳواڻيءَ ۾ بڻائي وئي ۽ ان جو مقصد هو Pakistan should be a union of free Socialist Republic in which poverty , illiteracy and Class domination would be eliminated. هن پارٽيءَ جو ڪنوينشن 8 مئي 1948 تي ڪراچيءَ جي مسلم ڪالوني مسجد هال ۾ ٿيو, جنهن ۾ سرحد, پنجاب ۽ سنڌ جي 64 سياستدانن ۽ سنڌ جي شاگردن شرڪت ڪئي. سنڌ مان شرڪت ڪندڙ سياستدان هئا: جي.ايم.سيد, سيد حسن بخش شاه, مولانا محمد صادق, شيخ عبدالمجيد سنڌي, سيد غلام حيدر شاه, مولانا عبدالحق رباني, مولوي نذير حسين, حڪيم محمد يعقوب, علي محمد مڪراني ۽ پير حسام الدين شاه راشدي. اهڙيءَ ريت جن سنڌي شاگردن يا شاگرد اڳواڻن ھن پارٽيءَ جي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي, اهي هئا: شيخ عبدالستار, شفيع محمد انصاري, شيخ نور الاهي, محمد صديق ميمڻ, محمد حسن سمون, سيد نورالله, علي نواز وفائي, عبدالستار افغاني, محمود مڪراني, منشي آدم, محمد بچل سومرو, عبدالواحد سومرو, يار محمد شاه, ستابو شاه, غلام محمد شاه, سيد محمد شاه ۽ پير محمد بخش. شام جو جي.ايم.سيد جي رهائش گاه تي “سبجيڪٽ ڪميٽيءَ” جي گڏجاڻي ٿي, جنهن پارٽيءَ جي آئين واري ڊرافٽ تي ويچار ڪيو ۽ منظور ڪيو. پارٽيءَ جي لاءِ هڪ ايڊهاڪ ڪميٽي ٺاهي ۽ ڪجھ ٺھراءَ تجويز ڪيا. گل حيات ۾ ”آل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ” جا آئين کان سواءِ ٻيو گهڻو ڪجھہ مواد موجود آھي ۽ اهو ايترو مواد آھي جو هڪ مفصل ڪتاب لکي سگهجي ٿو
  • “   ۽-1917 1918 ۾ اسان جي وڏڙن جو اردوءَ سان عشق

    “ ۽-1917 1918 ۾ اسان جي وڏڙن جو اردوءَ سان عشق

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف“

     
     FB IMG 1660039673085
    ممتاز علي پٺاڻ. “ 1917 ۽ 1918 ۾ اسان جي وڏڙن جو اردوءَ سان عشق”. انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ڪيترن سياستدانن سنڌ کان ٻاهر هلندڙ تحريڪن کان متآثر ٿي اهي تحريڪون سنڌ ۾ بہ ھلائڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي معاشري کي ڇيهو رسايو. مثال: غير سنڌي ڪٽر هندن هندستان ۾ ”رام راڄ” قائم ڪرڻ جي تياريءَ ۾ ”شڌي تحريڪ” هلائي تہ لٺ يا چٺ سان مسلمانن کي هندو بڻائجي. اسان جي وڏڙن انھيءَ ٻرندڙ باھہ مان چوچڙي کڻي سنڌ ۾ 1923ع ۾ ”شڌي سڀا” ٺاهي ۽ سنجوڳين کي هندو بنائڻ شروع ڪيو. ايئن سالن جا سال مذھب-مٽائڻ واريءَ هن تحريڪ ۽ ان جي رد عمل سنڌ ۾ تباهي مچائي ۽ نتيجي ۾ مذھبي ڪٽرپڻو سنڌ جي هندو توڙي مسلمان سنڌين جي دلين کي داغدار ڪيو. اهڙي نموني سان سنڌ کان ٻاهر هندوستان جي مختلف شهرن ۾ مسجدن ۽ عبادتگاهن تي هندو-مسلم اختلاف اڀريا تہ انھيءَ باھہ مان سنڌ جي مسلم ليگي سياستدانن الّله بخش سومري جي حڪومت ڊاهڻ لاءِ ”مسجد منزلگاه تحريڪ” هلائي. سنڌ جڏهن ممبئيءَ جو حصو هئي تہ سنڌ جا هندو توڙي مسلمان اوڏانھن ويندا ايندا رهيا. انھي پاسي اردو ۽ هنديءَ جي حوالي سان لساني نفرتون چوٽ چڙھيل هيون. اتي اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد مسلمانن جو هئو ۽ اتي ڪيترن شھرن ۾ , بلڪ جتي ڪٿي مسلمان ٿورائيءَ ۾ ھئا. اسان جي وڏڙن سنڌي مسلمانن اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن سان عملي ۽ علمي طور تي همدرديءَ جو مظاهرو ڪندي, سنڌ ۾ سندن اردو ٻوليءَ جي حق ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. هنن ڪو اردو ٻوليءَ کي “قومي ٻولي” بڻائڻ جي تحريڪ ڪانہ هلائي, پر اردو کي هندوستاني مسلمانن جي وچ ۾ رابطي جي ٻوليءَ طور مڃڻ ۽ مڃرائڻ شروع ڪيو. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ تي هندن ۽ مسلمانن ۾ اڳ ئي اختلاف هئا ۽ انھن اختلافن سنڌ جي ڪن مسلمان اڳواڻن کي اردوءَ جي وڪالت ڪرڻ تي آماده ڪيو. سال 1917ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ ”اردو ڪانفرنس” ٿي ۽ ان جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي هئي. هن ان وقت جيڪو صدارتي خطبو ڏنو/پڙھيو ۽ اردوءَ جي حق ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا, سي سندس آپ-بيتيءَ واري ڪتاب “سائو پن يا ڪارو پن” ۾ ضرور هوندا. سندس صدارتي تقرير تي سنڌ جي هندو پريس تنقيد ڪئي هئي. اپريل 1918ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو. ان ۾ جن وڏن سياستدانن ۽ ماڻھن شرڪت ڪئي, انھن مان ڪي آھن: غلام حسين هدايت الّله, حيدرآباد جو قاضي سيد ابراهيم شاه, نور محمد وڪيل, مرزا فخر بيگ, قاضي عبدالقيوم, ڊاڪٽر شيخ نور محمد, مرزا سڪندر بيگ, منشي امين الدين, عبدالوهاب خان, عبدالعزيز ۽ ڪئپٽن يار محمد. هن عوامي ميڙاڪي جي صدارت غلام حسين هدايت الّله ڪئي هئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ ٽي موضوع تفصيل سان بحث ھيٺ آيا. 1). پهريون تہ سنڌي مسلمان “هوم رول ليگ” کان پري رهن, 2). ٻيو, مرزا قليچ بيگ جي اردو-دوستيءَ جو تحفظ ۽ هندو پريس جي حد کان وڌيڪ تنقيد جي مخالفت, ۽ 3). تہ اردو زبان کي هندستان جي رابطي جي زبان (Lingua franca) بنائڻ جي گهر/مطالبو. هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترا ٺھراءَ پاس ڪيا ويا, انھن مان هڪ هٿي ڏجي ٿو: That this public meeting of the muslims of Hyderabad Sindh strongly condemms Hindi movement recently started in sindh and expresses its firm and universal conviction that urdu alone can be and should be the lingua frannca of india and supports the resolutions passed by the urdu confrence held at karachi in the last easter that. This meeting strongly condemns the attacks made on Mirza kalich Beg the President to the last urdu confrence and that this meeting supports the views expressed by Mirza sahib in his presidential address. انھيءَ ميڙاڪي سنڌ ۾ اردو کي حيثيت ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي “انجمن ترقي اردو” تنظيم قائم ٿي تہ سيد پير حسام الدين شاه راشديءَ ساڻن هر ممڪن علمي, قلمي ۽ عملي سهڪار ڪيو. اردو-دوستيءَ جو هي ڪاروان اڳتي وڌندو رهيو, تان جو لاڙڪاڻي جي ادب-دوست شاعرن جي قادري گهراڻي اتان “اديب سنڌ” نالي رسالو جاري ڪيو, جنهن ۾ ”اردو معلا” عنوان سان هڪ مستقل سلسلو جاري ڪري سنڌي شاعرن کي اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ جي تربيت ۽ ترغيب ڏني ۽ کوڙ سارا اردوءَ جا سنڌي شاعر ادبي ميدان ۾ لاٿا.