Author: admin

  • 11. رئندي عمر گذاري ،يار دي خبر نه ڪائي

    رئندي عمر گذاري ، يار جي خبر نه ڪائي

     

    انساني فطرت ۽ نفسيات تي ، جيڪو ڪجهه اسان جي عوامي شاعرن لکيو آهي، اوترو ڪنهن يونيورسٽيءَ جي بلڪه پوري ملڪ جي يونيورسٽين جي سائيڪالاجيڪل ڊيپارٽمينٽس جي جملي پروفيسرن به ڪونه لکيو هوندو . بي شڪ دنيا جهان نفسيات جا وڏا ماهر پيدا ڪيا آهن، جن نفسيات جي موضوع تي اُٺ ڪتابن جا لکيا آهن، پر اسان جي انسان دوست عوامي شاعرن جي جتي ۾ پير پائڻ جهڙا ڪو نه آهن. علم ڌڻين جيڪو انساني نفسيات تي ڪم ڪيو آهي، ان جو اولين مقصد اهو آهي ته انسان ،سندس فطرت ۽ نفسيات کي سڃاڻي ان مان پنهنجو مطلب ڪيئن ڪڍجي. ان جي برعڪس اسان جي شاعرن انسان جي اهڙيءَ ريت مطالعو ڪيو آهي، جنهن مان جيڪڏهن ڪجهه پلئه پوي ٿو ته مطالعي ڪندڙ کي نه پر، ان جو جنهن جي نفسيات، فطرت يا طبيعت جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو. مطالعي ڪندڙ کي وري مايوسيءَ کان وڌيڪ محبت ۽ خاموشيءَ کان وڌيڪ وري وري ڪوشش ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو.

    انسان الله تعاليٰ جي عجيب ۽ انوکي مخلوق آهي . هو جتي زندگيءَ کان وٺي موت ۽ موت کان پوءِ واري حياتي تائين هر ڳالهه ۾ الله جو محتاج آهي ، اتي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ بلڪل آزاد، بي پرواهه ۽ بي نياز آهي. انسان جيڪڏهن چاهي ها ۽ پنهنجي ڀلائيءَ واي پيغام کي هڪ ئي وقت ۽ هڪ قسط ۾ قبول ڪري ها ته پوءِ سوا لک نبين جي اچڻ جي ضرورت پيدا نه ٿئي ها. سچ کي ساٿ ڏيڻ ۽ حق کي پنهنجو ڪرڻ ايڏو ته ڪو مشڪل ڪم آهي،جو اڪثرانسان جي فطرت ۽ طبيعت ان کي تڪڙو قبول نه ٿي ڪري . ان ڪارڻ انسان کي ڪنهن نبي يا پيغمبر جي ضرورت پئي.

    هاڻي جڏهن ڪو نبي اچڻو ڪونهي ۽ ڪو پيغمبر ٿيڻو ڪونهي، تڏهن گلاب جي خوشبوءِ عطر مان ئي محسوس ٿيڻي آهي. هر قوم ۾ انسان دوست پيدا ٿيندا رهن ٿا. جيڪي انسان کي سمجهائڻ، سلجهائڻ، دڳ لائڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو پيغام ڏيندا رهن ٿا . سنڌ ۾ ته صدين کان وٺي اهو تسلسل قائم ۽ دائم رهيو آهي.

    سنڌ جي مٽيءَ اهڙا ته ڏاها پئي پيدا ڪيا آهن، جن انساني تربيت جو انوکو انداز اختيار ڪيو آهي. جنهن ملائيت جي ۽ ان جي انداز جي نفي ڪئي. هنن ظلم ۽ ظالم، ڏاڍ ۽ ڏاڍي سان دل کولي ٽڪر به کاڌوته عام ۽ مظلوم عوام کي ايڏي ته محبت ۽ اهميت ڏني جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي.ٻئي کي مڃڻ خاطر ۽ ٻئي کي احساس برتري ڏيارڻ خاطر ڪنهن چيو ته ”مان جوڙ جتيءَ جي ناهيان او يار …..“ ته ڪنهن فرمايو ” هو جا پائن پيرَ ۾ ، آءٌ تنهن جتيءَ ناهه جيهي.“ هنن عام انسان ۽ عوام کي پنهنجي سوچن ۽ اکين ، دل ۽ دماغ ۾ جاءِ ڏني، ۽ انهن سان ڪڏهن به نفرت نه ڪئي. هنن نفرتن کي پري رکيو ۽ انسان کي ويجهو آندو ، سنڌ ۽ سنڌ واسين باقي دنيا کي انسان دوستيءَ جو اهو ئي ڏانءُ ڏنو.

    سڀ ڪجهه هوندي بلڪه ”يار به چاڪي ۽ سينڌ به اڻڀي“ مصداق اسان جو ڇو ساڳيو حشر رهيو آهي. اسان ڇو پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي حياتي گذارڻ جا عادي بڻجي چڪا آهيون. اسان جي دل ۽ دماغ کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا چڱائي، ڪا نيڪي، ڪا حق ۽ سچ جي ڳالهه اثر نٿي ڪري.

    يقين ڄاڻو ته اسان عجيب ۽ انوکي قوم بڻجي چڪا آهيون. اسان ڪنن سان هلون ٿا ۽ اکين سان کائون ٿا .

    ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته اسان خدا جي وجود جو ٻڌي ان کي مڃڻ لاءِ تيار ٿي نٿا وڃون، پر گلا ، غيبت، الزام، بهتان ۽ ڪوڙ کي ٻڌي بنا سوچڻ ۽ تصديق ڪرڻ جي اعتبار ڪري ويهون ٿا. ڪنن سان اسان ايئن هلندا آهيون.

    اسان اکين سان ڪيئن کائيندا آهيون؟ ان جو مختصر جواب هينئن ڏئي سگهجي ٿو ته ڪنهن ڏي به نماڻا نيڻ کڻي ڏسو، موٽ ۾ اوهان جو اڌ هنيانءُ کاڃي ويندو. هو اوهان تي ايئن لڳندو جهڙوڪ هو اوهان کي اصل بلڪه ازل کان وٺي ڏمريو ويٺو آهي.

    ڳالهه فقط اتي دنگ نٿي ڪري اوهان ڪنهن سان چڱائي ڪيو، جڏهن هٿ نه سڙيو ته مون تي ميار، ڪنهن سان محبت ڪيو، موٽ ۾ نفرت نه مليو ته مون تي ڏنڊ .

    اسان جا اهي ئي رنگ ۽ ڍنگ آهن، روپ ۽ ٻهروپ آهن. جن کي ڏسي شاعر فرمايو ته ” يار جي خبر نه ڪائي، روئندي عمر گذاري“ اسان ڪيستائين ڏاهن ۽ پنهنجن خيرخواهن کي روئاريندا رهنداسين ؟

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 9.08.1994)

     

     

     

  • 10. مولا منهنجي پڄاءِ ،ٻيا وڃي ٻن پون

    مولا منهنجي پڄاءِ ، ٻيا وڃي ٻن پون

     

    انسان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ لاءِ ڪيترائي روپ ۽ حلقا جوڙي رکياآهن.انمان”ذاتي“،”خانداني“ ،”گروهي“،”اجتماعي“ ، ”قومي“ ۽ ”بين الاقوامي“ حلقا عام فهم، مقبول ۽ معروف آهن. اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ڪهڙي حوالي ۽ ڪهڙي حلقي جي حوالي سان ٿئي ٿي ؟ اهو هڪ اهم سوال آهي۽ انهيءَ سوال جو جواب ئي اسان جي شخصي، قومي ۽ انساني قد بت ماپڻ جو واحد طريقو ٿيندو آهي.

    اسان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ هينئن ڪرائيندا آهيون ته اسان سنڌي هڪ عظيم ۽ قديم قوم آهيون. اسان ان وقت به مهذب هئا سين جڏهن باقي دنيا اڃا تهذيب جي لفظ کان به بي خبر هئي. اسان بهادر، بي باڪ، پُرخلوص، مهمان نواز مطلب ته هر ڪنهن چڱي ڳڻ ۽ لڇڻ جا خالق ۽ رکوالا آهيون. اسان کي جڏهن به غلاميءَ جو طوق وڌو ويو ته اسان ڪا ويرم ئي ڪا نه لاتي. دشمن، جابر ۽ قابض کي اهڙا ته ٽوٽا چٻاياسين جو کيس ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويو . مختصر لفظن ۾ ايئن چئجي ته ڏاڏي آدم کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ، دنيا جهان ۾ جيڪا به ترقي ٿي ان کي اسان پنهنجو ڪارنامو ۽ شاندار ماضيءَ جو پڙاڏو سمجهنداسين . نه رڳو پاڻ ايئن سمجهنداسين، بلڪه دنيا جهان کي به ائين مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

    هن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسان شاندار بلڪه مثالي ماضيءَ جا وارث آهيون. پر هن وقت اسان جي ڪهڙي صورت حال آهي؟ اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. اسان جي ”عظيم ماضي“۽ ڏکوئيندڙ حال ۾ پاڻ کي جيڪو زمين آسمان جو فرق نظر اچي ٿو، ان جوهڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ماضيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جو قول ۽ فعل اجتماعي مفادن جي رنگ ۾ رتل هوندو هئو . اڳ ۾ اسان قومي ۽ اجتماعي مفادن کي اهميت ۽ اوليت ڏيندا هئاسين، جڏهن ته هاڻي قوم ۽ قومي مفادن وار لفظ زبان تي ته آهن ، پر مطلب ،غرض، طمع ۽ لالچ ذاتي نوعيت جو رنگ چڙهيل آهي. پهريون اسان پنهنجي من جون مرادون پوريون ٿيندي ڏسڻ چاهيندا آهيون ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي جو خيال رکڻ گهرندا آهيون. نه فقط ايترو پر پنهنجو مطلب پورو ڪرڻو هوندو يا مفاد حاصل ڪرڻو هوندو ته نظرين،قدرن ۽ اصولن کي لتاڙڻ کان به ڪين ڪيٻائينداسين. اسان پنهنجي غرض پوري ڪرڻ لاءِ آدرشن ۽ ادران، تنظيمن ۽ جماعتن جو تقدس به پائمال ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائينداسين. ڌرتي وڃي کڏ پئي ، ڌرتي ڌڻي وڃي ٻَنِ پون ، پهريون اسان پاڻ کي ڏسنداسين ۽ پنهنجي طمع کي ڏسنداسين.

    اسان کي ذاتي مفاد بي پاڙي ول جيان وڪوڙي ويا آهن، ان ڪري وطن دوستي جي روشني ۽ عوام دوستيءَ جي هوا اسان جي ذهن ۽ ضمير جي ٻوٽي کي ملي ئي ڪانه ٿي سگهي. اسان ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي محبت جو مزو ماڻي ئي ڪونه ٿا سگهون.

    اسان جيڪڏهن پنهنجي مفادن سان مطلب رکون ته به ڳالهه ٺهي، پر هتي ته قصو ئي اور لڳو پيو آهي . اسان پنهنجي معمولي کان معمولي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ غير معمولي گناهه ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي وڃون ٿا. اهو نه ڏسنداسين ته ٻئي کي ڪو نقصان ٿو پهچي يا ٻي جي عزت يا حيثيت کي ڪو ڇيهو ٿو رسي . اسان جي هر حالت ۾ اها ئي ڪوشش رهندي ته ڀلي ته ڌرتي ڦاٽي پئي پئي، آسمان ڏري پئي، قدرن ۽ اصولن جي بيخ ڪني ٿئي پر اسان جي غرض پوري ٿئي. ذاتي غرض جي انهيءَ غلاميءَ اسان کي مثالي ظالم ،پرماريت جو ڪوڏيو ۽ ڏوهاري بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪري اسان سڌي ۽ سنئين رستي سان هلي منزل ماڻڻ کي برو ۽ غلط فعل ڄاڻڻ لڳا آهيون. ظلم، زيادتي، استحصال ۽ ناحق واري هن وهنوار ۾ جيڪڏهن ڪو اسان جو ساٿ نٿو ڏئي ته هن خلاف نفرت ۽ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي ڇڏيون ٿا. پر جيڪو اسان جي اهڙن افعالن ڪري مزاحمت ڪري ٿو ته ، ان کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريون ٿا ، بلڪه ان جي وجود کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون. هنن حالتن اسان کان حق ۽ سچ چوندڙ رسائي ڇڏيا آهن، قدرن ، نظرين ۽ اصولن اسان کان منهن موڙڻ شروع ڪيو آهي. ڪو به ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ ۽ ڪو به ڪنهن کي چڱائي چوڻ جي پاڻ ۾ سگهه نٿو ساري. معاشري مان ايئن ماڻهپو موڪلائيندو پيو وڃي جو ماڻهو کوکلا ۽ مطلبي ٿيندا پيا وڃن.هر ڪو انهيءَ ڌن ۾ لڳو پيو آهي ته مولا منهنجي ئي پڄائي ۽ ٻيا وڃي ٻَنِ پون .آهي ڪو هن ڌرتيءَ جو دانشور جو قوم کي اهڙي چڪڻ مان چاڙهي؟ آهي ڪو هنن ماروئڙن جو مدبر جيڪو عوام تان اهو آزار لاهي؟ ڇا اسان فردن جي شخصيت جي تعمير ۽ تڪميل لاءِ ڪجهه به ڪري نٿا سگهون؟

     

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 17.01.1995)

     

     

     

  • 09. اچو ته هڪ ٻي جا ويري نه ٿيون

    اچو ته هڪ ٻئي جا ويري نه ٿيون

     

    چيو وڃي ٿو ته مور جڏهن پنهنجي کنڀن ۽ پرن ڏي ڏسندو آهي ته خوشيءَ وچان ٽڙي پوندو آهي ۽ نچڻ لڳندو آهي. پر جڏهن سندس نگاهه هن جي پنهنجن ڪارين ۽ موچارين ڄنگهن تي پوندي آهي ته روئي پوندو آهي. عوام دوست انسان جي ڪيفيت به مور جي ڪيفيت جهڙي ٿي پوندي آهي. جڏهن هن کي پنهنجي چؤطرف اهڙا مانجهي مڙس مٿير نظر ايندا آهن ، جيڪي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي دکن دردن کي پنهنجو سور سمجهندا آهن . هن کي پنهنجي ماضي ۽ حال ۾ اهڙا موتيءَ جا داڻا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي هر وجهه کان ”آدرشي انسان“ هوندا آهن، سچ تان سر صدقي ڪرڻ ، ۽ جان جوکي ۾ وجهي ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ جهڙا ڪرداربه هن کي هر دور ۾ نظر ايندا، پر بنهه اٽي ۾ لوڻ برابر. اهڙن انسانن جي عمل، قدرن، نظرين ۽اصولن جي اهڙي مڃتا ڏسي گل جيان ٽڙڻ جا موقعا ملي ويندا آهن.

    پر انهن جي برعڪس اڪثريت کي اهڙن افعالن جي قيد ۾ قابو ڏسجي، جن ڪري انسانيت ۽ قوميت جي چهري تي بدنما داغ ٿي پون ، اهڙي صورت حال ۾ مور جو اهو روپ اکين آڏو تري اچي ٿو، جڏهن هو پنهنجي پيرن کي ڏسي روئي پوندو آهي. برائي ۽ ڀلائي هر دور ۾ موجود هونديون آهن. ڪنهن به دور ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ته برائي ختم ٿي ويندي آهي ۽ نه وري ڀلائيءَ جي پاڙ پٽجي ويندي آهي. البته ايئن ضرور ٿيندو آهي ته ڪڏهن برائيءَ جي بادشاهي قائم ٿي ويندي آهي ته ڪڏهن ڀلائيءَ جي بادشاهي برپا ٿي ويندي آهي.جڏهن برائي مٿو کڻي ماڻهن جي ذهنن، ضميرن ۽ عملن تي حڪمراني ڪرڻ لڳندي آهي ، تڏهن قوم جا باشعور فرد پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جو توجهه ڇڪرائيندا آهن. جيڪڏهن انهن کي ٻڌو ويندو آهي ته قوم پاڻ سنڀالي وٺندي آهي، ٻئي صورت ۾ تباهي ۽ بربادي انهيءَ قوم جو مقدر بڻجي ويندو آهي. اڄ اسان انهيءَ حوالي سان انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ڪهڙي موڙ تي پهتا آهيون؟ اهو اسان کي سوچڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل ڍڪيل ڪانهي ته اسان هن وقت لافاني قدرن ، نظرين ۽ اصولن کان منهن موڙڻ لڳا آهيون. شريف، سچو ، اصول پرست ۽ ايماندار ماڻهو اسان جي عذاب ۽ عتاب جو شڪار بڻجي چڪو آهي. غريب، بي پهچ، معصوم ۽ سادي انسان جي زندگيءَ ۾ اسان زهر ملائي ڇڏيو آهي. انساني زندگي اسان لاءِ ٽڪي جي به اهميت نٿي رکي. اسان اکيون بند ڪري ٻئي جو حق آسانيءَ سان هڙپ ڪري وڃون ٿا. هاڻي چوريءَ نه پر زوريءَ ڪنهن جو ڌنُ ، دولت ۽ عزت تي ڌاڙو هڻي سگهون ٿا . معاشرو ،ضمير ۽ خدا اسان لاءِ بي معنيٰ لفظ بڻجي چڪا آهن . اهڙو ته انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿيڻ جو شوق وڌي ويو آهي، جو اکين تي پٽي ٻڌي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي اهڙا ته شهسوار بڻجي ويا آهيون جو دنيا کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿا ڪيون.

    ايماندار ، رشوت کان پاسيرو، سفارش جو منڪر ۽ صلاحيت کي مان ڏيندڙ عملدار اسان جي نظرن ۾ بي فيض انسان آهي. سچو ۽ سادو انسان اسان جي سوچ مطابق احمق ۽ بيوقوف آهي. عملدار اهو سٺو جيڪو اسان جا غلط ڪم ڪري . ماڻهو اهو سٺو جيڪو اسان کي به بي وقوف بڻائي وڃي. جنهن اسان لاءِ محبت سان ڳالهايو ته ڪلهه مري ويو. جنهن اسان کي سچ چيو هن ڄڻ هميشه لاءِ دشمني کنئين. اوهان ڪنهن سان لک چڱايون ڪيو، ڪنهن کي سڄي ڄمار رت پياريندا رهو،پر جيڪڏهن ڪنهن لاچاريءَ ۽ مجبوريءَ ڪري هڪ ڪم نه ڪيو ته اوهان جي هر چڱائي رائگان وئي. جهڙوڪ اوهان هن سان ڪڏهن به چڱو پير ڪو نه ڀريو هو. هي احسانن جو قتلام ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ هي لافاني نظرين، قدرن ۽ اصولن سان قهر ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

    ڳالهه اتي دنگ نٿي ڪري ، پراسان انسانيت ۽ ماڻهپي کي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي پيرن هيٺيان چيڀاٽڻ شروع ڪيو آهي. ڪنهن ڊرائيور کان گاڏي ڦرڻ لاءِ هن کي گوليون هڻي اُڦٽ مارڻ اسان جي نظرن ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي. پنهنجي ڏاڍ مڙسيءَ جي سڪي چمڪائڻ لاءِ ڪنهن شريف جي پٽڪي لاهڻ کي لازمي ڄاڻون ٿا. امتحان ۾ چڱن نمبرن ۾ پاس ٿيڻ لاءِ لٺ ۽ چٺ جو استعمال ڪرڻ ڏاهپ ڄاڻون ٿا. هر غلط ڪم ڪرڻ ۽ ناجائز طريقي سان ڪم وٺڻ ئي اسان جي ڄاڻ سڃاڻ بڻجي چڪي آهي. اسان تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر ڪونه ٿو ٿئي . فقط ۽ فقط مفادن جو جن ڀوت اسان جي ماڻهپي ۽ وجود ۾ واسو ڪري چڪو آهي.اسان پنهنجي تشخص ۽ ماڻهپي جا قاتل بڻجي چڪا آهيون . اسان انسان ۽ قوم جا ويري بنجي چڪا آهيون . اسان جي ظلم ۽ بي رحميءَ جو ڪو مثال نٿو ملي. اسان جو جڏهن پاڻ ۾ اهڙو وهنوار آهي ته ٻي دنيا ۽ ٻيا ماڻهو اسان تي ڪهڙو رحم ڪندا؟ ڇا ايئن ته نه آهي جو غير قوم ۽ باقي دنيا جيڪو ڪجهه اسان سان ڪري رهي آهي، اهو اسان جي عملن بلڪه اوڳڻن جو نتيجو آهي؟ جيڪڏهن مذهبي حوالي سان اها ڳالهه نه کڻجي ته پوءِ ايئن کڻي چئجي ته جڏهن ڌارين ۽ غيرن کي پڪ پئجي وئي آهي ته اسان هڪ ٻئي جي ڏاڙهيءَ پٽ ۾ لڳا پيا آهيون ۽ هڪ ٻئي جا ويري بڻجي ويا آهيون ته انهن کي اسان خلاف سازشون ڪرڻ جون، اسان جي ڌرتيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۽ اسان جي مستقبل سان هٿ چراند ڪرڻ جو حوصلو ملي ويو آهي.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 20.12.1994)

     

     

     

     

  • 08. داخلي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم

    داخلي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم

     

    هن دؤر کي نظرياتي عروج جو زمانو چيو وڃي ٿو. شايد ئي اسان مان ڪو اهڙو ماڻهو هجي ،جيڪو پنهنجي نظرياتي پختگيءَ ۽ بي مثال حيثيت جي دعويٰ نه ڪندو هجي . جيڪو ٿو آني مان ڦٽي نڪري سو قوم جي حال ۽ مستقبل کي سنوارڻ جا سبق ڏئي ٿو. سماجي ڪارڪن هجن يا سياستدان، شاگرد هجن يا استاد ، واپاري هجن يا سرڪاري ملازم ، صحافي هجن يا اديب اسان جا اهي سمورا طبقا قوم جي ڀلائي ۽ فرد جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪن ٿا .

    پر جيتريون ڳالهيون ٿين ٿيون ، جيتريون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ۽ جيتريون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، صورتِ حال اوتري ابتڙ ۽ خراب ٿيندي وڃي ٿي . نالي ماتر به ترقي ڪانه ٿي ٿئي. انسان جو روز به روز حال حشر ايئن ٿيندو وڃي ٿو ،جهڙوڪ هن جي مٿي تي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ڳنڍ هجي، هن جا هٿ حالتن جي ٽوڙهن سان ٻڌا ويا هجن ۽ هو ڪنڊن واري پيچرن تان گذري رهيو هجي ۽ مسئلن جي ڇتن ڪتن جي لوڌ هن پٺيان هجي. اڄوڪي عوام جو روح زخمي آهي ۽ وجود رتوڇاڻ آهي.

    اڄ جو سنڌي داخلي غلاميءَ جي اهڙي ڀيانڪ دور مان گذري رهيو آهي، جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملي نه ٿو سگهي، هن تي اها غلامي اسرائيل يا آمريڪا مسلط ڪانه ڪئي آهي. يا وري ڌرتي ۽ آسمان مظلومن سنڌين تي ڏمريا آهن. اهو قرب هڪ سنڌيءَ ٻئي سنڌيءَ تي ڪيو آهي . اڄ جو سنڌي ٻئي سنڌيءَ جي ظلم جو نشانو بڻيل آهي.اسان جا آدرش، اسان جا نظريا اسان جا اصول، اسان جا قدر ۽ اسان جا ادارا اسان جي سنڌين هٿان نشانو ٿيا آهن. اسان پنهنجي آدرشن کي ”قيدي آدرش“ بڻائي ڇڏيو آهي.اسان پنهنجي ڪنهن به آدرش جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون بلڪه آدرش کي پنهنجي ذاتي خواهه گروهي مفادن جي ڍال بڻايون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان نظرين ،قدرن ۽ اصولن جي ڳالهه ٻئي کي بيوقوف بنائڻ ۽ پنهنجي اندر واري مڪروهه انسان کي لڪائڻ لاءِ ڪندا آهيون. اسان پنهنجي گناهن کي لڪائن ۽ ڏوهن کي پالڻ لاءِ تنظيمن ۽ جماعتن ۾ پناهه وٺون ٿا. اسان جي چڱ مڙسي ٻئي جي پٽڪي لاهڻ لاءِ مخصوص ٿي چڪي آهي.

    هن وقت اسان جو معاشرو ظالم ۽ مظلوم طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي. هڪڙا ماڻهو ڏنڊي ۽ ڏاڍ جي زور تي ڪنهن تنظيمن يا جماعت جي آسري تي چڱ مڙسي يا عهدي رتبي جي آڌار تي ،ذات پات يا هلنديءَ پڄنديءَ جي زور تي شريف ، بيوس، لاچار ۽ مجبور انسان جو استحصال ڪري ٿو ۽ ظلم جون انيڪ روايتون قائم ڪن ٿا. اهڙي صورتِ حال سچي، سڌي ۽ سادي انسان کي پاڻ جهڙي انسان جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ جو انسان اهڙي عذاب جي زندگي گذاري رهيو آهي . هو مظلوم آهي، محڪوم آهي ۽ مجبور آهي.

    اهڙن مجبورن ۽ مظلوم غلامن جو تعداد ظالمن ۽ استحصال ڪندڙن جي تعداد کان گهڻو وڏو آهي. بلڪه ائين چئجي ته اسان جي اڪثريت داخلي غلاميءَ جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي ۽ اسان جي ٿورائي پنهنجي ئي ڌرتي وارن جي رت چوسڻ ۾ مصروف آهي. هنن قهري ڪارواين اڪثريت کان ڌرتيءَ جي بک کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عوام پنهنجي ذاتي سورن ۽ عذابن ۾ ايترو ته مصروف ۽ منجهيل رکيو ويو آهي جو هن کان جهڙوڪ ڌرتي جا ڏک ساريا ئي نٿا ٿين.بهاري مسئلو حل ٿيو يا نه ؟ ڪالا باغ ڊيم اسان جي ترقي جو ڪارڻ آهي يا تباهيءَ جو سبب آهي؟ ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿئي يا نه ؟ سنڌ جو وڏو وزير يا گورنر سنڌي ٿئي يا غير سنڌي؟ عوام اهڙن دکن دردن، سورن ۽ مسئلن کي ان ڪري ئي محسوس ڪري نٿو سگهي جو هن جي پنهنجي زندگي ئي عذاب بڻائي وئي آهي.

    عوام اڄ جي حالتن ۾ صبح شام انهيءَ اڻ تڻ ۾ آهي ته هن جي عزت سان رهجي اچي. هن جي جان ۽ مال کي ڪو ڇهيو نه رسي، پر جيئن ته هن کي داخلي غلامي جي ڳٽ سان ڪنڌ جهڪائي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ان ڪري هو پنهنجي پيرن کان پرتي ڏسي نٿو سگهي.

    هن تي ظلم اهي ڪن ٿا،جيڪي سندس آسرو ٿيڻ گهرجن، هن تي قهر اهي ڪن ٿا جيڪي رحم ۽ ڪرم لاءِ آهون ۽ دانهون ڪن ٿا. هن جي زندگي انهن عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جيڪي اجتماعي خوشحالي جي ڊاڙ هڻن ٿا.هن کي ڌرتي کان اهي ڌار ڪن ٿا، جيڪي قوم کي متحد رکڻ لاءِ تنظيمون ،پارٽيون ۽ جماعتون جوڙين ٿا. هن تي ڏاڍ ۽ ڏمر اهي ڪن ٿا، جيڪي ڏاڍن کي ڏارڻ جا نعرا هڻن ٿا . هن کي سڃو ۽ سکڻو اهي ڪن ٿا ، جيڪي قوم جي خوشحاليءَ جي دعويٰ ڪن ٿا . ان ڪري ڪنهن به قومي ۽ سياسي فيصلي خواهه مسئلي ۾ عوام اهڙن ڌاڙيلن جو ساٿ نٿو ڏئي نتيجي ۾ سنڌ جا سنگين مسئلا روز به روز سنگين ۽ ڳنڀيرٿيندا وڃن ٿا ۽ عوام انهن ۾ ڪا به دلچسپي نٿو وٺي. اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته سنڌ جي ”حال“ خواهه ”مستقبل“ سان لاڳاپيل مسئلن ،خواهشن ۽ منصوبن ۾ عوام وڏي اڪثريت سان شرڪت ڪري ته پوءِ پهريون اسان کي عوام جي آزارن ۽ عذابن مان جان آجي ڪرڻي پوندي. عوام جي عزت، جان ۽ مال کي نشانو نه بنائڻو پوندو. جيستائين عوام داخلي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جيستائين عوام جي زندگي اسان جي هٿن سان عذاب بڻبي رهندي ۽ جيستائين اسان جي هٿ ۽ زبان، قول ۽ فعل کان عوام لاءِ آزار پيدا ٿيندا رهندا، ان وقت تائين تِرَ جيتري تبديلي به ڪا نه ايندي، بلڪه جڏهن ڪنهن تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام طرفان مدد بدران ان جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مزاحمت ٿيندي رهندي. ڇو ته عوام اهڙن ظالمن ،ڦورن،ٺڳن ۽ رهزنن کي ڪنهن به قسم جي واڳ ڏيڻ نه چاهيندو . ان ڪري جيڪڏهن اسان ڪجهه ڪرڻ گهرون ٿا ته ان لاءِ پهريون عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻو پوندو. هن کي نام نهاد دانشورن جي علمي استحصال ،وڏيري جي سماجي ظلم ، ڪاموري جي اختياري ڏاڍ ۽ نقلي سياسي ڪارڪنن جي نظرياتي پرماريت کان بچائڻو پوندو.

    عوام کي داخلي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته اسان ٻين کي سڌارڻ بدران پاڻ کي سڌارڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان پاڻ سان ، پنهنجي نظريئي سان، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان سچا ٿيون. اسان پنهنجي تنظيمن ۾ داخلي احتساب جي عمل کي اوليت ڏيون. جيڪڏهن اسان جي تنظيم ،ذات ۽ پيشي سان لاڳاپيل ڪو فرد ،ڪارڪن يا عهديدار ڪا اهڙي ڳالهه ڪري يا ڪو اهڙو عمل ڪري جنهن سان عوام جي دل آزاري ٿئي يا عوام جي عزت جان ۽ مال کي ڇيهو رسي ته پوءِ ان جو جوڳو تدارڪ ڪيون. مظلوم جي ڌر وٺون ۽ ظالم توڙي ظلم جي پاڙ پٽڻ جو پڪو پهه ڪيون.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 10.01.1995)

     

     

  • 7. اڻ ڄاڻائيءَ جهڙو عذاب ۽ ڊپ جهڙو گناهه ٿئي اي ڪو نه

    اڻ ڄاڻائيءَ جهڙو عذاب ۽ ڊپ جهڙو گناهه ٿئي ئي ڪونه

     

    انسان جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو، جنهن کي خدا جو خليفو مڃيو وڃي ٿو ۽ جنهن کي ڌڻي تعاليٰ سهڻي صورت، حيثيت ۽ عظمت ڏني ، سو ڪن حالتن ۾ اهڙا ڪم ڪري ويهندو آهي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ سندس شان ۽ مان وٽان ڪونه هوندا آهن.هو اهڙن ڏوهن ۽ گناهن جو خالق به پاڻ هوندو آهي ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي به اهڙن ڏوهن ۽ غلطين جي ڀوڳڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. اهڙي صورت ۾ هن جي غلطي هن کان وڌيڪ ٻين لاءِ عذاب بڻجي پوندي آهي.

    انسان کي اهڙين خطائن کان بچائڻ لاءِ ڏاهن توڙي ڏاتر جوڳو بندوبست پڻ ڪيو آهي. پوءِ ڪي عقل جا اڪابر ٿي وڃن ٿا ته ڪن جي ترين کي تيل لڳي ئي نٿو. الله تعاليٰ سوا لک نبي موڪليا ته جيئن اسان کي اڻ ڄاڻائي جي اوڙاهه مان ڪڍيو وڃي. دنيا جهان ابتداء کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سڀني کان وڏو انگ ۽ گهڻو تعداد هادين ، رهبرن ۽ استادن جو ئي پيدا ڪيو آهي. انهن پڻ ساڳئي ئي تند تنواري آهي ۽ اهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو.

    ”اڻ ڄاڻائي“ لفظ ، لکڻ ۽ اچارڻ ۾ ته آسان آهي پر انهيءَ مان انڌ ۽ عذاب جا ايترا ته الا اڀرن ٿا، جيڪي گهڙي پلڪ ۾ امن کي فساد، سڪون کي بي چيني، انسان دوستي کي انسان دشمنيءَ ۽ عقل کي بي عقليءَ ۾ بدلائي ڇڏين ٿا.”اڻ ڄاڻائي“ ڪري ماڻهو منطق کان وڌيڪ مفروضي کي حقيقت ڄاڻي ٿو.”اڻڄاڻائي“ اها انڌ جي گهوڙي آهي، جنهن تي جنهن به سواري ڪئي اهو نه فقط ماڻهپي کان پر ٻنهي جهانن کان نڪري ويو.

    اسان پنهنجي اردگرد نظر ڦيرائينداسين،بلڪه سنڌ ۾ سنڌ واسين جو جائزو وٺنداسين ته پاڻ کي اڪثريت انهيءَ ئي انڌ جي گهوڙيءَ تي چڙهيل نظر ايندي. ائين محسوس ٿيندو ته اسان عقل کان وڌيڪ ڪنن تي ڀاڙيون ٿا. اسان کي جيڪو ٻڌايو ويندو، تصديق ڪرڻ کان سواءِ ئي ان تي ايمان آڻي ويهنداسين. نه رڳو ڳالهه ٻڌي ڳنڍ ٻڌنداسين ، پر مفت ۾ ٽپالي ٿي انهيءَ ڳالهه کي هڪ کان ٻئي هنڌ پهچائينداسين. اسان مبلغ آهيون ، پر مفروضن جا حقيقت شناسي ۽ سچائي جي تهه تائين پهچڻ جي جستجو پاڻ ۾ آهي ئي ڪو نه.اسان اهڙيءَ غلطي ڪري صدين کان وٺي سچ کي ڪوڙ ، ڪوڙ کي سچ، مظلوم کي ظالم، ۽ ظالم کي مظلوم، رهبر کي رهزن ۽ رهزن کي رهبر بڻائيندا آيا آهيون. ايئن اسان پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي پاڻ ئي دانهون ڪندا آهيون . اسان اڻڄاڻائي جو شڪار ٿي سچ جي سسي وڍي ۽ حق جو مٿو ڦاڙي رڙيون ڪوڪون ڪندا آهيون، ته ”قهر ٿي ويو، حقدار کي حق نٿو ملي، ۽ سچ جو ڪٿي به پڙاڏو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.“

    اسان مان هرڪو هڪ ٻئي سان انهيءَ ڪري ئي ظلم ڪري ٿو جو هر ڪو انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ پڪو ايمان رکي ٿو.ڪو به تصديق ڪرڻ ۽ ڪو به سچ تائين پهچڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. اسان لاءِ فقط اهو ئي ڪافي آهي ته ڪنهن لاءِ ٻڌون ته هو نيڪ آهي ، ته هن جا چڳ وڍيامريد بڻجي پونداسين ۽ جيڪڏهن ڪنهن لاءِ ٻڌون ته هو برو آهي ته پوءِ هن جا ازلي دشمن بڻجي پونداسين . هن جهڙي جهالت ،هن جهڙي بيوقوفي ۽ هن جهڙي ذهني غلامي ٻي ٿي ئي نه ٿي سگهي . اهڙي حالت ۾ اسان جو ذهن اهو خالي توٻرو بڻجي پئي ٿو،جنهن کي هر ڪو آسانيءَ سان پنهنجي پسند واري گند ڪچري سان ڀري سگهي ٿو. اسان ڪنن جا اهڙا ته ڪچا ٿي پئون ٿا جو غلط ۽ غليظ ڳالهه جن ڀوت جيان ڪنن ذريعي واسو ڪري اسان جي وجود کي وڪوڙي ڇڏي ٿي. بي وسي ۽ بي حسيءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو عالم ٿي سگهي ٿو ته اسان ايئن اڻڄاڻائيءَ جو شڪار ٿي وڃون. بلڪه اڻڄاڻائيءَ جا غلام ٿي وڃون. اسان کي ڪير سمجهائي ته اها اڻڄاڻائي بيهودن بهتانن ۽ اجاين الزامن کي جنم ڏئي ٿي. اها اڻڄاڻائي اسان کان هر روز ڪيترن جي ڪردارڪشي ڪرائي ٿي . انهيءَ ڪري اسان پاڻ کي بيوقوف ۽ ٻئي کي مظلوم بڻائيندا رهون ٿا . هر اها ڌر جيڪا سنڌ ۾ ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻڻ گهري ٿي، انهيءَ تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اها اڻڄاڻائي ، انڌي عقيدت، سوچڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ قبول ڪرڻ ۽ ٻڌُ تي ڳنڍ ٻڌَڻ خلاف جهاد ڪري ۽ پنهنجي ڀر پاسي ۾ اهڙن ماڻهن کي ويهڻ ڏئي جيڪي مفروضن ۾ نه پر منطق ۽ پرک ۾ پختا هجن.

    سنڌ واسي،جنهن ٻي نفسياتي الجهن ۾ صدين کان وٺي سوگها ٻڌل نظر اچن ٿا،اهو آهي ڊپ. اسان جا ڏاها چوندا چوندا مري ويا ته ”سپ نه ماري ، سپ جو سراپ ماري .“ پر اسان سراپ کي ختم ڪرڻ بدران سدائين سپ خلاف سوٽا کڻي گهمون ٿا . اسان جو اهو انڌو منطق اسان جي علم ادب ۾ به آهي ته سياست ۾ به آهي. سماج جو شايد ئي ڪو اهڙو فرد هجي، جنهن کي اسان ”بي ڊپو“ چئي سگهون.

    اسان کي اهو ڪير ٻڌائي ته ڊپ غلاميءَ کي طول ڏيندو آهي، ظلم کي پروان چاڙهيندو آهي، حياتيءَ کي موت ۾ بدلائيندو آهي، اجتماعي آپگهات ، بلڪه سماجي ۽ قومي آپگهات کي هوا ڏيندو آهي . ماڻهوءَ کي جڏهن موت کان ڊپ ٿيندو آهي ته هن جي حياتي وهه بڻجي پوندي آهي ۽ گيدي بڻجي ويندو آهي. قومن کي جڏهن ظلم ۽ تشدد کان ڊپ ٿيندو آهي ته غلامي انهن کي بي پاڙي ول جيان وڪوڙي ويندي آهي. هڪڙي فرد کي جڏهن ٻئي فرد کان ڊپ ٿيندو آهي ته پاڻ کي بچائڻ جي نالي ۾ ٻئي کي ماري وجهندو آهي . ڊپ جا اهي نتيجا ٻڌائن ٿا ته ڊپ اهڙو گناهه آهي، جنهن جو ڪو به ازالو ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جهان ۾ جيڪي به قهر ۽ ڪلور ٿيا آهن، انهن ۾ وڏو عمل دخل ڊپَ جو ٿئي ٿو. ظالم انهيءَ ڪري ئي مظلوم جي سسي وڍي ٿو، جو کيس اهو ڊپُ هوندو آهي ته متان مظلوم پنهنجي داد رسي پاڻ ڪري.

    ذهنن کي صاف ڪرڻ لاءِ، معاشري کي مثالي بنائڻ لاءِ، ۽ ماڻهوءَ کي انسان بنائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته فردن جي ذهنن مان ڊپُ ڪوري ڪڍيو وڃي ۽ ماڻهن کي اهو محسوس ڪرايو وڃي ته ڊپُ ڪنهن به درد جي دوا ڪونهي، پر هر درد جي پاڙ آهي. پوءِ اهو درد انفرادي هجي يا اجتماعي ، پنهنجو هجي يا پرائو .

    اسان جي دانشورن ۽ مدبرن کي منظم نموني”قومي نفسيات“ جي مطالعي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ مطالعي جي روشنيءَ ۾ منظم نموني سان درد جي دوا ڪرڻ جي ضرورت آهي .پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته ڪنهن کي به درد پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. ڪنهن به علمي ،ادبي، نظرياتي ۽ سياسي تنظيم وٽ اهڙي گنجائش ڪونهي ۽ ايترو وقت ڪونهي جو قوم جي سماجي ،سياسي، ثقافتي، نظرياتي ۽ نفسياتي مسئلن تي غور ڪري . بس اسان مان جيڪو ڄمي ٿو ، اهو اکيون ٻوٽي قوم کي مريض ڄاڻي ٿو ۽ چئي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي پسند مطابق دوا تجويز ڪري ٿو. بس اسان اهي انڌا اونڌا ويڄ آهيون جن کي مرض جي خبر ناهي، پوءِ به مريض مٿان ڪات ۽ ڪهاڙا ڊڀ ۽ ستيون کڻي بيٺا آهيون . جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ڪرڇ مان ڪا تنظيم ڪر کڻي ڪوڪ ڪري ها ته اسان دڳ ۽ پيچري سان آهيون .اسان کي ”اڻڄاڻائي“ جي اٻهرن نتيجن جي خبر آهي ۽ ”ڊپَ“ جي منفي اثرن کان باخبر آهيون . اسان ڄاڻون ٿا ته اڻڄاڻائي جهڙو ڪو عذاب ڪونهي ۽ ڊپَ جهڙو ڪو گناهه ڪونهي ۽ اهي ٻئي ڳالهيون اسان سنڌ اسين ۾ وڏي پيماني تي موجود آهن.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 16.04.1996

     

     

     

  • 6.رس ۾ رسڻ گهوريو

    رس مَ رسڻ گهوريو

     

    صدين جي غلامي جي پاڇن ۾ پلجندڙ قوم جي ذهني ۽ فڪري بيهڪ ڏسڻي ۽ ماپڻي هجي ته پوءِ پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اسان کي پنهنجي ئي هلت چلت ۽ قول فعل کي ڏسڻ گهرجي. اسان اها ئي قوم آهيون، جنهن غلامانه سوچ ۽ جاگيردارانه فڪر کي مصر جي مميز وانگر پنهنجي ذهنن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري رکيو آهي . غلط فهمين، محرومين، ۽ پيڙائن جي دز اسان جي اکين ۾ اهڙي ريت ته گهر ڪري ويٺي آهي ، جو اسان سونهن، سچ ۽ حق کي به ڏسي ۽ پرکي نٿا سگهون. اسان جيڪو پاڻ سوچيون ٿا، ان کي ئي صحيح ڄاڻون ٿا ۽ لٺ کڻي ٻين کي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪريون ٿا. اسان جيڪو پاڻ ڪيون ٿا ، ان کي درست ڄاڻون ٿا ۽ ٻين کي پنهنجي پوئلڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيون ٿا. اسان سوچن ۾ بنهه ٻاراڻي اوستا وارا انسان بڻجي پيا آهيون . جيئن ٻار چاهيندو آهي ته سندس ماءُ ڪو به ڪم نه ڪري ۽ فقط کيس ريجهائي پرچائي ، تيئن اسان به هر ڪنهن ڏاهي، مدبر سوچ ڌڻي ۽ دانشور ۾ اهڙي ئي اميد رکون ٿا ته هو اسان کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي ، ڳالهائي ، سوچي ۽ لوچي . اسان جا جيڪڏهن افعال ايستائين غير جمهوري هجن ته به ڪڏهن نه ڪڏهن فڪري ۽ علمي آزاديءَ جي تازي هوا اسان جي سوچن ۾ ڦيرو آڻي سگهي ٿي . ليڪن پاڻ وٽ ته ڳالهه اڃا اَور آهي. هتي ته مامرو ئي ٻيو آهي.

    اسان جن حالتن مان گذرون ٿا ، انهن جي تقاضا اها آهي ته ڪجهه وقت اجتماعي جياپي ۽ وجود لاءِ پاڻ گڏ ٿيون. ليڪن پاڻ ائين نٿا ڪيون. اسان کي جڏهن متحد ٿيڻ گهرجي ته ان وقت باهمي اختلافن جو شڪار ٿي وڃون ٿا.اسان کي جتي محبت ڪرڻ گهرجي، اتي نفرتن جا واهڙ وهائي ڇڏيون ٿا. اسان کي جتي عفو ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي، اتي ڪڏهن به معاف ڪرڻ نٿا گهرون.

    پر ڳالهه اڃا اَور آهي! اسان الائي ڪهڙي عينڪ پاتي جو پنهنجن جون چڱايون به اسان کي عيب لڳن ٿيون. اسان جي اندر وارين اکين مان بصيرت جي قوت اهڙيءَ ريت ته ختم ٿي وئي آهي، جو پاڻ کي ڪنهن جو ڳڻ ڪنهن جي صلاحيت ۽ ڪنهن جي خوبي به نظر نه ٿي اچي . ان جي برعڪس جنهن ۾ ڪا چڱائي يا صلاحيت ڏسون ٿا ته چڙي پئون ٿا. هتي هڪ اڌ مثال ڏجي ته بي وقتو نه ٿيندو.

    اسان جا ڪيترا اديب ۽ قلمي پورهيت گهڻو لکن ٿا ۽ سٺو لکن ٿا. مون سان هڪڙي نظرياتي مهربان اهائي شڪايت ڪئي بلڪه رازدارانه انداز ۾ پڇيو ته ” فلاڻو ڪي فلاڻو اديب هر ڪنهن موضوع تي لکي ٿو. مون کي شڪ ٿو پئي ته هو اهو سڀ ڪجهه پاڻ نٿو لکي، پر هن جي نالي ۾ ايجنسيون لکن ٿيون يا کيس لکي ڏين ٿيون.“ مان هن همراهه ڏي ڏسندو رهجي ويس. مون کي هن جي عقل تي ارمان ٿيڻ لڳو. عقل جي اڪابر کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي ته ايجنسيون فقط اديبن کي مقالا ۽ مضمون لکي ڏيڻ لاءِ ڪونه ويٺيون آهن. ايجنسين کي انهيءَ کان وڌيڪ ۽ اهم ڪم ٻيا به هوندا آهن.

    هاڻي ڪو انهيءَ بدنصيب، دانشور ۽ قلمي پورهيت کان پڇي ته تون ته خلوص مان خلاص ٿي رهيو آهين ۽ پنهنجي سوچن جي رت کي مس بڻائي ڌرتيءَ خواهه ڌرتيءَ ڌڻي جي مسئلن، ماضي، حال، مستقبل تي لکي رهيو آهين، پر ڪن ماڻهن وٽ ته تنهنجو دڪو به داخل نٿو ٿئي . ويتر ان جي برعڪس اهي ته توکي پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي گهر کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويٺا آهن . اهو حشر فقط ۽ فقط اديب جو نه آهي . سماجي ڪارڪن هجي، صحافي يا فنڪار هجي قوم جو خير خواهه پر جيڪڏهن هو واقعي خير خواهه ، پر خلوص ۽ بي لوث آهي ته دشمنن کان اڳ پنهنجا هن جا تختا ڪڍندا۽ پراون کان اڳ هن تي اهي ناراض ٿيندا، جن لاءِ هو سوچي يا لوچي رهيو هوندو.

    رسڻ جي اها ريت عام ۽ عوام کي ڪانه ٿي اچي. جيڪڏهن انهيءَ جا ماهر آهن ته اهي جيڪي پاڻ کي لکيل پڙهيل ۽ عقل جا اڪابر ڄاڻن ٿا. هنن ويچارن جي اها مجبوري آهي ته هو پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نٿا سگهن. هو لال جا آرسي آهن ۽ عمل جي دنيا ۾ گڙنگ موالي آهن. ان ڪري ذهن جو فتور هنن لاءِ انوکي قسم جا الهام کڻي ايندو آهي. هو اهڙين ئي سوچن کي عام ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو اهڙن لولن لنگڙن انسانن برابر آهن ، جيڪي راهه وٺي ويندڙ هر ڪنهن مسافر کي پنهنجي بيساکيءَ سان ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن . ڇو ته هو پاڻ اڳتي وڌي ۽ منزل طرف وڃي نه سگهندا آهن.

    اهڙا لولا لنگڙا انڌا۽ منڊا انسان به ته پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جا آهن. اڪثر ڪري ڪو به لولي لنگڙي ۽ انڌي منڊي گهر ڀاتي کي پنهنجي گهر مان ڪڍي ڪونه ڇڏيندو آهي. اوهان ۽ اسان به ائين ڪرڻ تي مجبور آهيون. انڪري انهن کي لوڌي ڪڍڻ بدران کين ڳراٽڙيون پائي ، هٿ ٻڌي ليلاٽيون ڪري اهو سمجهائڻو پوندو ته اهي اجايو رسڻ ڇڏي ڏين۽ ائين ناراض نه ٿين. پنهنجي قوم جي انهيءَ طبقي کي سمجهائڻ لاءِ پاڻ کي کليو ڪتاب بنائڻو پوندو ۽ وڏي صبر خواهه تحمل سان انهن حالتن جو انتظار ڪرڻو پوندو، جن جي روشنيءَ ۾ هو حق، سچ ۽ سونهن کي ڏسي ۽ پرکي سگهن.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 01.11.1994)

     

     

  • 5. ڄائي ناهي پر هوندي نانيءَ مهاندي

    ڄائي ناهي پر هوندي ناني جي مهانڊي

     

    ننڍڙائپ ۾ هڪ الله جو بندو ڏٺو سون، جنهن کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۾ اجائي ضد ڪرڻ جو خفت هوندو هو. ماڻهن کي رَتُ ڪري ڇڏيندو هو . هڪ دفعي منجهند ٽاڪ جو وچ روڊ تي ماڻهن سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو هو، وات مان گڦون پيون نڪرنس ۽ رڙيون ٿي ڪيائين ته” مان نٿو مڃيان ته ڪو ڏينهن آهي ۽ سج اسان جي مٿان آهي. تون مون کي مڃراءِ ۽ ثابت ڪر يا منهنجي ڳالهه مڃ ته واقعي سج ڪونهي.“ ماڻهو هن کي ڏسي پاسو ڏئي ڀڄي ويندا هئا. ڀلا ڪنهن جو مٿو خراب ٿيو هو جو هن بددماغي سان منهن ڏئي. هو ويچارو هڪڙو هئو ۽ پنهنجو سڄو ڳوٺ مٿي تي کڻي ڏنو هئائين، پر هاڻي جتي ڪٿي اهڙا جوڌا جوان پيدا ٿي پيا آهن. جيڪي شرط رکڻ لاءِ به تيار آهن ته جيڪو ٻار ڄائو ڪونهي، سو هوندو پنهنجي نانيءَ جي مهانڊي.

    اسان جي نفسياتي مريض هئڻ جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شاهدي ۽ ثابتي آهي ته اسان پنهنجي ڏک کي ڇڏي ٻئي جي ڏک تي ڳوڙها هاريون، پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ٻئي ملڪ جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪيون ۽ اڪثر ڪري پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ جي قول ۽ فعل ڏسڻ پرکڻ کانسواءِ هن بابت ڪا راءِ قائم ڪيون. اهو ماڻهو ڪوڙو آهي، جيڪو پنهنجي دک جي دوا ڪرڻ بدران ٻئي جي درد لاءِ دارون تجويز ڪري. اهو ماڻهو قومي سوچ کان وانجهيل آهي، جيڪو پنهنجي هر ڳالهه ۾ ٻين ملڪن جي ڏاهن ، نظرين ۽ قدرن جا مثال ڏئي پنهنجي تاريخ ۽ ڌرتي مان ڪا به شاهدي ڏئي نه سگهي. اهڙي ريت اهو ماڻهو سودائي، وهمي ۽ وسوسي آهي، جيڪو اجايو انومان ڪڍي ۽ بيڪار خواهه بي بنياد مفروضا قائم ڪري. اهي ٽئي ڳالهيون اسان کي اڪثر ماڻهن ۾ نظر اينديون.اسان عظيم قوم جا وهمي سپوت آهيون، اسان نوڙي مان نانگ بڻائي سگهون ٿا.ڀلي مکڻ ۾ وار نه به هجي پر پوءِ به اسان مکڻ مان وار ڪڍي سگهون ٿا. انهيءَ کي اسان ڏاهپ سمجهون ٿا، اهوئي اسان جو منطق آهي، ۽ اهائي اسان جي تنقيد آهي.

    اوهان ڪنهن سان ڪنهن به موضوع تي هڪ منٽ کلي ڳالهايو هو لڳاتار 8 ڏينهن ۽ 8 راتيون ساهي کڻڻ کان سواءِ انهيءَ تي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ انهن جا روحاني راز ٻڌائي سگهي ٿو. اوهان جي نيتن تي روشني وجهي سگهي ٿو. پنهنجي شڪن، وهمن ۽ وسوسن کي حقيقتن جي روپ ۾ پيش ڪري سگهي ٿو.اوهان محسوس ڪندا ته وقت کٽي پوندو ۽ هن جا ويچار اڃا اڌورا رهجي ويندا.پر جيڪڏهن اوهان کيس ٿوري مهلت ڏيو ۽ الله کان به ٽي حياتيون اوڌر تي وٺي اچو ته هو همراهه لڳاتار پنهنجي علم ۽ عقل جا واهڙ وهائيندو رهندو.

    اسان مان هر ڪو ائين آهي ۽ اسان هر ڪنهن لاءِ وهمي بڻجي مفروضن جو اهڙيءَ ريت خاڪو جوڙي سگهون ٿا. چڱي کي برو، اديب کي ادب دشمن ۽ قومي ڪارڪن کي قوم دشمن ، استاد کي تعليم دشمن ثابت ڪرڻ اسان جي ڏائي هٿ جو کيل آهي ، ڇو ته اسان ڄاڻون آهيون ۽ اسان کي اها پڪ هوندي آهي ته”ڄائي ناهي، پر هوندي ناني جي مهانڊي .“اسان ڪنهن ۾ خير، خيرخواهي، چڱائي ۽ ڀلائيءَ جي اميد رکنداسين ئي نه ته پوءِ چڱي کي به چڱو ڇو چونداسين؟

    اسان جيڪڏهن فقط وهمي هجون ته خطرو ڪونهي، پر اسان جا وهم اسان کي منفي روين ۽ ويچارن جي رڻ پٽ ۾ رولي وجهن ٿا، جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي. هن صورتِ حال اسان کي سچاين ۽ ڀلاين جو منڪر بڻائي ڇڏيو آهي.اسان کي يقين جي حد تائين وهم ٿيندو آهي ته ڪو به فرد ۽ انهيءَ فرد جو ڪو به فعل ۽ قول چڱائيءَ وارو ڪونهي. ڪو به ماڻهو لالچ ، طمع ۽ غرض کان خالي ڪونهي ۽ ڪو به ماڻهو ٻئي سان دشمني ڪرڻ ۽ ٻئي کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي .

    هن ڪري اسان ڪنهن اڳواڻ کي صحيح معنيٰ ۾ اڳواڻ طور قبول نٿا ڪيون. ڪنهن اديب کي اديب نٿا ڄاڻو، ڪنهن تحرير کي مفيد نٿا ڄاڻو، ڪنهن استاد کي عالم نٿا سمجهون ، ڪنهن شاگرد کي فضيلت مند تصور نٿا ڪيون، ڪنهن عملدار کي رحم دل ۽ زير دست کي وفادار نٿا ڀانئيون . اسان سڀني جي نفي ڪيون ٿا ۽ ائين پنهنجي نفي ڪيون ٿا . اسان پنهنجي سوچ ۾ اها لچڪ ضرور رکندا آهيون ته متان ڪو چڱائي نه ڪري پر اها پڪ هوندي اٿئون ته چڱائي ڪوبه ڪونه ڪندو.

    اسان جي هن نفسياتي مرض جو اهو عالم آهي ته اسان ڪنهن مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کانسواءِ آسانيءَ سان ڪنهن لاءِ به راءِ قائم ڪري سگهون ٿا.پر قائم ڪيل راءِ تي ڳنڍ ٻڌي، ضد ۽ هوڏ به ڪري سگهون ٿا . نه فقط ايترو پر انهيءَ ”راءِ“ کي ٻين کان مڃرائڻ تي سندرو پڻ ٻڌي ويهنداسين.ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو اسان کي پنهنجي برج تان لاهي.

    هي استادن، اديبن ۽ سياسي خواهه نظرياتي رهبرن لاءِ سوچڻ جو مرحلو آهي . اهي ڌريون جيڪي فرد جي ذهن جي تعليم ۽ نظريي جي حوالي سان تربيت ڪن ٿيون ، تن کي سوچڻ گهرجي ته هر ڪنهن جي سوچ منفي ڇو ٿي ٿئي ۽ هر ڪو وهمي ۽ مفروضاتي ماڻهو ڇو ٿو بڻجي وڃي. اسان جي هن سوچ فقط ۽ فقط منفي روين کي جنم ڏنو، جنهن ڪري ”بي اعتمادي“ اسان جي قومي سڃاڻ بڻجي وئي آهي ۽ انهيءَ بي اعتماديءَ ڪري اسان ۾ اتحاد خواهه اتفاق پيدا ٿي نٿو سگهي. اسان قوم هوندي به قوم ٿي نه سگهيا آهيون ، اسان مان هر ڪو ماڻهن جي هجوم ۾ هوندي به اڪيلو آهي . اسان مان هر ڪو ويڳاڻپ جو شڪار آهي۽ ان کان وڌيڪ هي ڳالهه ته اسان مان ڪو به ماڻهو ”صاحب راءِ “ ڪونهي . نه اسان پاڻ راءِ جا صاحب آهيون ۽ نه وري ٻئي کي ڄاڻون ٿا.

    هنن حالتن جاهلن کي عالمن تي فوقيت ۽ ڏنڊي کي قلم تي حڪمراني ڪرڻ جو وجهه ڏنو آهي. وقت جي تقاضا آهي ته اسان اهڙيون تحريڪون هلايون ، جنهن ۾ عام ۽ عوام وهمي ۽ مفروضاتي نه ٿئي پر پنهنجي مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي جي آڌار تي ڪا راءِ قائم ڪري ۽ ڪنهن به راءِ کي اکيون ٻوٽي قبول نه ڪري . جڏهن ۽ جتي به ڪو ماڻهو پنهنجي دوست يا دشمن لاءِ راءِ قائم ڪري هن جي قول ۽ فعل جو مثالن ۽ ثابتين سان ڇيد ڪرڻ بدران سکڻيون تشريحون ۽ اجايا روحاني راز ٻڌائي ته هن کي روڪي سندس هر ڳالهه ۽ ڳالهه جي هر پهلو کي هن جي مطالعي مشاهدي ۽ تجربي جي ڪسوٽيءَ تي ڀيٽيون . بلڪه کانئس اهڙي تقاضا ڪيون ته سندس مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو هن جي پنهنجي راءِ جي ڪيتري پٺڀرائي ڪري ٿو.

    اسان جيڪڏهن اجايو پنڊت ۽ نجومي بڻجي هروڀرو هر ڪنهن ڄمندڙ ٻار کي نانيءَ مهانڊي ثابت ڪرڻ جي خفت ۾ لڳا رهيا سين ته پوءِ ڪا به تبديلي آڻڻ ناممڪن ٿي پوندي. اسان کي ڪنهن به اداري جي ڪارڪردگي ، ڪنهن به شخص جي قول ۽ ڪردار ، ڪنهن به واقعي ۽ موقعي تي ڳالهائڻ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ اجايو راءِ ڏيڻ ۽ ڳالهائن نه گهرجي. اهڙيءَ ريت ڪنهن به فرد کي اڳ ۾ برو يا ڀلو نه چئجي جيستائين هو پنهنجي قول ۽ فعل سان پاڻ کي برو يا ڀلو ثابت ڪري ۽ هن کي بري يا ڀلي ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙِيون ٺوس ثابتيون ۽ شاهديون هجن، جن جي اسان جو مطالعو ، مشاهدو ۽ تجربو ڪا تصديق ڏئي سگهي.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 23.04.1996)

     

     

  • 4. اچو ڪجهه ته آدرشن تي سچا ٿيون.

    اچو ، ڪجهه ته آدرشن سان سچا ٿيئون

     

    قومن تي ڪڏهن ڪڏهن ڏکوئيندڙ ڏينهن به ايندا آهن. بلاشڪ هينئن به ٿيندو آهي ته ”قوم جا مرد زالن جهڙا ۽ زالون جنازن جهڙيون ٿيو پون.“پر هيءَ ڳالهه، جنهن جي نشاندهي ابنِ خلدون جي حوالي سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي آهي،ايڏي خطرناڪ ڪانهي ، خطرناڪ ڳالهه ۽ خوفائتي صورتِ حال ان وقت پيدا ٿيندي آهي، جڏهن قوم جا باشعور ماڻهو بي شعور، علم ڌڻي وائڙا ۽ اختيار ڌڻي خود غرض ٿي پون، اهڙِي صورتِ حال ۾ قوم جو واهي الله . اسان اهڙي ئي صورتِ حال مان گذري رهيا آهيون.

    ڏکوئيندڙ صورتِ حال هي آهي ته اڪثر ڪري اسان مان هر ڪو اُهو ڪجهه نٿو ڪري، جيڪو ڪجهه کيس پنهنجي ضمير، ذهن، علم ۽ ذميواريءَ پٽاندڙ ڪرڻ گهرجي. ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا ڏجن؟ ڪنهن گهر کان دفتر تائين، بازار کان گهٽيءَ تائين، ادارن کان فردن تائين ٿوري نگاهه ڪري ڏسبي ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي.

    ڳالهه اتي دنگ نٿي ڪري، پر اسان مان اڪثر ڪري هر ڪو نه ته پاڻ سان سچو آهي نه وري پنهنجي آدرش سان سچو آهي. اسان هر قسم جي آدرش سان مذاق ڪيون ٿا. قرآن مجيد انهيءَ لاءِ آهي ته اسان ان کي پڙهون، سمجهون، ۽ ان تي عمل ڪيون. اسان قرآن شريف کي ان وقت ڪم آڻيندا آهيون جڏهن پنهنجي چوري ٿيندي آهي ته ان کي ڳولهڻ لاءِ يا ٿيل چوريءَ جو الزام لڳندو آهي ته پوءِ قسم کڻي پنهنجي سچائيءَ جي تصديق ڏيندا آهيون. هونئن نه ته قرآن شريف ڏي ڏسندا به ڪونه آهيون.

    اسان کي ڌرتي ۽ ڌر تيءَ – ڌڻين جا ڏک ان وقت ياد ايندا آهن. جڏهن پنهنجي مٿان کا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي. ان وقت اسان ڌرتي ۽ ڌر تيءَ – ڌڻين جي دکن دردن جو دل کولي اظهار ڪندا آهيون، پر اهو به وري اهڙي نموني سان جو ڪنهن جو وار به ونگو نه ٿئي ، پنهنجو مطلب به پورو ٿئي ۽ ٿورو وري ٻين تي ٿئي. مثال طور سکر بئراج جي تعمير جون ڳالهيون هليون ته اسان جي وڏيرن کڻي ”هاري پارٽي“ ٺاهي ته جيئن جلسن جلوسن ۽ نعرن هڻڻ لاءِ هاري ساڻن گڏ هجن ۽ زمينن وٺڻ ۾ کين آساني ٿئي .

    اهو زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ اسان پاڻ سان يا پنهنجي آدرش سان سچي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟اسان جا روحاني ، تعليمي، علمي ۽ سياسي آدرش انهيءَ ۾ خوش آهن ته اڻ ڳڻيا ماڻهو سندن معتقد ۽ پوئلڳ آهن. پر کين ڪهڙي خبر ته انسان انهيءَ الله کي مڃڻ لاءِ تڪڙو تيار ڪونه ٿيندو آهي ، جنهن کيس پيدا ڪيو آهي ۽ جنهن هن کي سڌارڻ سنوارڻ لاءِ سوا لک نبي موڪليا.

    اسان وٽ آدرشن سان عقيدت جو اهو عالم آهي جو لطيف سائين زندهه هو ته رَتُ ڪري ڇڏيو سين. جڏهن اسان کان جدا ٿيو، تڏهن اسان لاءِ دنيا جو عظيم شاعر بڻجي ويو. اسان جو ڪنهن چڱي ڀلي شخصيت جي وفات کان پوءِ سندس نالي پٺيان اڪيڊميون ٺاهيندا آهيون ۽ انهيءَ جا ڏينهن ملهائيندا آهيون ، اهڙي عمل پٺيان به اڪثر ڪري پنهنجي شهرت واري لالچ لڪل هوندي آهي. هي جو هيترا سارا ماڻهو جلسن ۽ جلوسن ۾ وڃن ٿا، ڪي انهن مان پنهنجا مٿا ڦاڙائن ٿا ۽ ڪي وري ٻين جون ٽنگون ٻانهون ڀنڃي اچن ٿا.انهن مان سندن پنهنجي رهبر لاءِ عقيدت ۽ محبت جي معنيٰ ڪڍڻ اجائي آهي.ڇو ته اهو نظرياتي نه پر نفسياتي مسئلو آهي. نظريات انسانن ۽ معاشرن جي سڌارن لاءِ هوندا آهن. ڪو به نظرياتي ماڻهو ڏڦيڙي ٿي نه ٿو سگهي. اسان مان اڪثر جذباتي ٿين ٿا. انهن پنهنجي جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران انهن جي غلامي کي پسند ڪيو آهي. ان ڪري اسان اڪثر ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ٿي پوندا آهيون. ان ڪري اهڙي طبيعت وارن کي معتقد ۽ محبتي سمجهڻ ڀل آهي. عام ماڻهو ڪنهن مطلب لالچ يا مجبوري کانسواءَ آدرشن جي ويجهو نٿو وڃي . تحفظ ۽ ترقي جو اونهو عام ماڻهوءَ کي سياسي ۽ سماجي آدرشن جي ويجهو آڻي ٿي. جوانيءَ ۾ ماڻهو فطرتاّ آدرش دوست ۽ انسان دوست ٿئي ٿو، ۽ پوڙهائپ ۾ به انسان عملي زندگي کان ڪٽجي وڃڻ بعد آدرشن جي ويجهو وڃي ٿو. اهي ٻئي دور گهڙي پلڪ برابر آهن. جوانيءَ ۾ انسان نظرياتي طور پختو نه ٿو ٿئي ۽ پوڙهائپ ۾ وري عملي طور تي ڪنهن به ڪم جو نٿو رهي. انسان جي زندگي جو اهو وقت جنهن ۾ هو صبر ڪري سگهي ٿو ۽ نظرياتي پختگي ماڻي سگهي ٿو، ان ۾ هو اڻڳين مجبورين ۽ بيشمار مسئلن جو شڪار ٿئي ٿو. هو زندهه رهڻ واري تانگهه ۾ گهڻو ڪجهه ڪري نٿو سگهي.

    آدرش ۽ خاص طور تي سياسي آدرش جيڪي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا ۽ ماڻهن خواهه ملڪ جو مقدر بدلائي سگهن ٿا ۽ جيڪي عوام ۽ قوم کي ئي پنهنجو آدرش ڄاڻين ٿا ، انهن مان ڪيترا خود پنهنجي آدرش يعنيٰ عوام سان فريب ڪن ٿا ۽ هنن جي مقدر بدلائڻ نٿا گهرن ، ڇو ته سندن منفي سوچ مطابق هو حڪمران آهن ۽ ڄمندي حاڪم آهن . انهن حاڪمن کي هر دور ۾ محڪوم گهرجن ! ان ڪري سندن خيال مطابق جيڪڏهن محڪوم سڌري پوندا ته پوءِ هو ڪنهن تي حڪمراني ڪندا؟ڪيترن آدرشن سان ٻي جٺ پڻ آهي، اهي سياسي آدرش جيڪي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اقتدار جي ڪرسي تائين پهچن ٿا، تن کي سندن حريف ، خارجي قوتون ۽ انتظامي نا تجربيڪاري پير کپائڻ ئي نٿي ڏئي. ان ڪري اهي جڏهن به اقتدار ۾ اچن ٿا ته پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ مستقبل ۾ وري اقتدار ۾ اچڻ وارين تدبيرن ۾ لڳي وڃن ٿا. اهڙي صورتِ حال ۾ به عوام نظر انداز ٿئي ٿو.

    هاڻي جڏهن عوام گهنگهر گهارڻ تي مجبور هجي ۽ ان جي هر دور ۾ ۽ هر ڪنهن حالت ۾ مقدر سڌارڻ واري ڳالهه ئي نٿي ته هو ڪيئن اهڙن آدرشن سان سچو ٿيندو؟ عوام جيڪو پاڻ خود سياسي آدرشن جو آدرش آهي، ان سان جڏهن بااختيار آدرش دوکو ڪندو ته هي وري ڪهڙي آدرش سان سچو رهندو؟ ادبي آدرش پاڻ بي اختيار هئڻ ڪري عوام جي بک ۽ بدحاليءَ کي ختم نٿو ڪري سگهي. مذهبي آدرش هن دنيا جا نه پر آخرت جا پڪا يقين ڏياري ٿو.ان ڪري عوام جي اڪثريت اهڙن آدرشن کي به هاڻي پنهنجي ۽ الله جي وچ ۾ ويهڻ جي جاءِ نه ٿو ڏئي.

    هن صورتِ حال سڄي ڳالهه کي منجهائي ڇڏيو آهي، عوام آدرش سان ان وقت تائين سچائي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو جيستائين اصلي ۽ نقلي آدرشن جو فرق نمايان نه ٿو ٿئي . حق ۽ سچ اهو آهي ته اصلي آدرش عوام آهي. جيڪڏهن باقي آدرشن طرفان هن جو استحصال نه ڪيو ويندو، هن کي بيوقوف نه بڻايو ويندو ۽ هن سان سچي محبت ڪندي خدمت نه ڪئي ويندي ان وقت تائين ثانوي آدرشن کي ڪو به دل سان قبول نه ڪندو. ان وقت تائين ماڻهو مجبوريءَ، ڊپ، لالچ ۽ مصلحت مان ڪم وٺي گڏهه کي ابو چوندو رهندو.

    منهنجي خيال ۾ هن صورتِ حال ۾ مذهبي آدرشن ۽ ادبي آدرشن کي عوام جي آدرشي عظمت ۽ اهميت جا گيت ڳائڻ گهرجن. ڪٿي به، ڪڏهن به عوام سان آزار ٿئي ۽ عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان خلاف آواز بلند ڪيو وڃي.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 14.11.1995)

     

     

  • 3. ٻه واٽي تي بيٺل قوم ۽ غيب جو مسئلو

    ٻ واٽي تي بيٺل قوم ۽ غيب جو مسئلو

     

    انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڪن کان اک جو ۽ اک کان وات جو ڪم وٺي نٿو سگهجي. پر جسم جو ڪهڙو به حصو هجي، هر ڪنهن ۾ هڪ ڪامن فيڪٽر ٿئي ٿو. هر ڪو حصو ڪيترين ئي حالتن ۾ هڪ جيترو ۽ هڪ جهڙو ردِ عمل ڏيکاريندو آهي. مثال طور گرمي يا سخت سردي لڳڻ يا محسوس ڪرڻ سان هر ڪو عضوو ساڳيءَ ريت ردِ عمل ڏيکاريندو آهي. هن جي معنيٰ اها ٿئي ٿي ته هر ڪو عضوو پنهنجي انفرادي حصثيت به رکي ٿو ۽ اجتماعي يڪسانيت به رکي ٿو. جسم وحدت جو ۽ ان جو هر هڪ عضوو ڪثرت جو مظهر ٿين ٿا.

    بنهه اهڙيءَ ريت سياستدان جو بنيادي ڪم سياست، قلمي پورهيت جو بنيادي ڪم لکڻ پڙهڻ، استاد جو بنيادي ڪم پڙهائڻ، شاگرد جو بنيادي ڪم پڙهڻ ۽ واپاريءَ جو بنيادي ڪم واپار ڪرڻ آهي. پر ڪيترين ڳالهين ۾ سندن” ڪامن فيڪٽر“ به ٿين ٿا ۽ انهن شعبن ۾ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ”اجتماعي رنگ“ ۽ ”وحدت جو روپ“ متاثر ٿيندو.

    ”گڏيل ماضي“ ۽ ”اجتماعي مستقبل“ سڀني جو هڪ جهڙو ٿئي ٿو. ثقافت سمورن جي هڪجهڙي ٿئي ٿي. قومي قدر ، نظريا ۽ اصول هر ڪنهن جا هڪ جهڙا ٿين ٿا. اهڙي نموني ڪي ڪم اهڙا ٿين ٿا، جن ۾ سمورن کي هٿ ونڊائڻو پوندو آهي. اهي ڪنهن هڪڙي طبقي ۽ گروهه جي بلي ڪري نه ٿا سگهن.تاريخ دوستي ۽ تاريخ سازي جو عمل به انهن مان هڪ آهي. اهي قومون جيڪي پاڻ لاءِ ڪراماََ ڪاتبين نه ٿينديون آهن. پنهنجي عملن جو رڪارڊ نه ٺاهينديون آهن ۽ پنهنجي تجربن خواهه مشاهدن جو رڪارڊ نئين نسل ڏانهن منتقل نه ڪنديون آهن، عملي طور تي انهن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي ۽ اهي فقط نالي ماتر قومون بڻجي وينديون آهن. جيئن اسان جي سنڌي قوم هاڻي نالي ماتر قوم رهي آهي. اسان ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه رهي آهي جنهن مان اسان پاڻ کي زندهه، قائم ۽ دائم قوم چئي سگهون. اسان فقط ٻٽاڪن جي ڏڍ تي پاڻ کي قوم سڏيون ۽ سڏايون ٿا.هونئن نه ته حقيقت هي آهي ته اسان ذاتين ۽ گروهن جي ڏرن ۾ لڪا پيا آهيون. اسان مان اڪثر ذاتيون پنهنجو رشتو ڌرتيءَ سان ڳنڍڻ لاءِ اڄ به تيار ڪونهن. ڪو پنهنجي وڏن کي افغانستان ۽ ايران ۾ ثابت ڪري ٿو ته ڪو پاڻ کي نج عربي نسل جو سڏي ٿو. اهڙي ريت اسان جي نظرين ۽ قدرن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل هئڻ بدران ڪڏهن اولهه ۾ ٿين ٿيون ته ڪڏهن اتر يا اوڀر ۾ .

    اسان جي هن نظرياتي ڀونچال ۽ سماجي خلفشار جي ذميواري فقط ۽ فقط سياسي نظام ۽ سياسي شعبي تي عائد ٿئي ٿي. اسان جي سياست اڪثر ڪري اجتماعي ڀلائي بدران اجتماعي آپگهات جو ڪارڻ رهي آهي. اسان جي سياست عوام جي تعليمي ادارن، تعليمي ماحول ۽ تعليمي معيار کي تباهه ڪري ڇڏيو . پبلڪ اسڪول، گرامر اسڪول، ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جن ۾ ڌن ڌڻين جا ٻار پڙهن ٿا ، انهن ۾ استادن ۽ شاگردن جون اسٽرائيڪون به نه ٿين.ڪلاشنڪوف يا ڪاپي ڪلچر جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.انهن ۾ نه ته استادن جي کوٽ نه وري سامان جي ڪمي. ان جي برعڪس اسان جي سياستدان جيڪڏهن ڪنهن کي تجربيگاهه بڻايو ته اهي اسان جا ، بلڪه عوام جا تعليمي ادارا آهن. ڪهڙو ڪافر انهيءَ ڳالهه بلڪه شاگردن جي حقن جو منڪر ٿيندو ته ادارن ۾ شاگردن جو وجود ئي نه هجي. پر ڪهڙو اهڙو عوام دوست ماڻهو اهو ثابت ڪندو ته عوام جي لولن لنگڙن تعليمي ادارن ۾ سرگرم تنظيمن جي اڪثريت مٿئين ۽ هر دور جي سماجي خواهه سياسي حڪمران طبقي جي مفادن جي رکوال نه آهي.اتفاق سان اسان جي سياست، سياسي نظام ۽ سياسي تنظيمن جا جوڙيندڙ مٿئين طبقي جا ماڻهو ئي آهن ۽ اسان انهن جي ترجماني يا غلامي ڪندا آهيون.

    اسان جو تعليمي نظام ڏسي وائسي ايترو ته ابتر ڪيو ويو آهي.جو هڪ طرف تعليم پرائڻ بي سود بڻجي چڪي آهي ته ٻئي طرف تعليم دانن ۽ تعليمي ادارن ۾ عوام جو اعتماد ئي نه رهيو آهي. سرڪار تعليمي ادارا ته ٻار سنوارڻ ۽ سڌارڻ بدران کارڻ جو ذريعو بڻجي ويا آهن. انهن ادارن ۾ اڄ انسان کي ٽين اک ته ڪانه ٿي ملي پر ظاهر جون ٻه اکيون به ٻوٽجي ٿيون وڃن. شايد ڏهه سال به وڏا آهن. انهيءَ کان اڳ ئي سرڪاري تعليمي ادارا پنهنجي اهڙي ۽ ايتري ساک وڃائي چڪا هوندا جو ماڻهو انهن بدران خانگي تعليمي ادران ڏانهن رخ ڪندا. يعني اڳتي هلي تعليم تي ڌن ڌڻين جي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي.

    سڃيو، مسڪين ۽ غريب نه ته تعليم جو خرچ برداشت ڪري سگهندو ۽ نه وري تعليم وٺي ماڻهو مان انسان ٿي سگهندو. هو غريب ۽ غلام ٿي ڄمندو ۽ مفلس خواهه محڪوم ٿي مرندو.انهيءَ صورتِ حال ڏانهن اسان کي اسان جو سياسي نظام ئي وٺي وڃي رهيو آهي. عام سياسي ڪارڪن انڌي عقيدي ۾ اهڙو غرق ٿي چڪو آهي جو ايندڙ طوفان کي ڏسي ۽ محسوس نه ٿو ڪري سگهي.

    اسان تاريخ جي انهيءَ نازڪ موڙ تي اچي بيٺا آهيون، جتي ”انتهائي تباهي“ ۽ ”انقلابي تبديلي“جو ٻه واٽو شروع ٿئي ٿو. اسان ڏٺو وائٺو ”انتهائي تباهي“ طرف وڌي رهيا آهيون. هن رستي تي هلندي اسان آدرش ۽ اصولن سان فريب ڪرڻ کي عيب نٿا ڄاڻون ۽ قومي استحصال کي برو نٿا ڀائنيون پر ان جي برعڪس ”اجتماعي آپگهات“ کي چڱو عمل ڄاڻون ٿا . اسان ايترا ۽ اهڙا ته ڏاها بڻجي ويا آهيون جو ڏاهپ جي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهيون.

    هي اهو نازڪ موڙ آهي جتي شاهدين گڏ ڪرڻ ، عملن جي رڪارڊ ٺاهڻ، تجربن ۽ مشاهدن جي نچوڙ ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙي ڪرت اسان کي ”انتهائي تباهي“ ۽ ”انقلابي تبديلي“ جي ٻه واٽي تي تباهي خواهه تبديليءَ وارين ٻنهي صورتن ۾ ڪارائتي ثابت ٿيندي.جيڪڏهن اسان پاڻ ڌريج ۽ عقل سان انهيءَ رڪارڊ جو مطالعو ڪيو ته تبديلي ممڪن ٿي پوندي، پر جيڪڏهن پاڻ کي اهڙي توفيق نه ملي ته ايندڙ نسلن لاءِ اهو رڪارڊ اسان جو آئينو ٿي پوندو.

    انهيءَ ڪرت کي جيڪڏهن تاريخ دوستي ۽ تاريخ نويسي چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو پر اهو ڪم اڪيلي سر ڪو محقق يا مورخ ڪري نٿو سگهي. جيڪڏهن عوام دوست ۽ تاريخ دوست سياسي ڪارڪن ٿورو توجهه ڏيندا ته گهڻو ڪم ٿي پوندو، ڇو ته اسان جو قلم ڌڻي ، محقق يا مورخ اسان جي نظام ۾ اهڙي حيثيت رکي ئي نه ٿو جو کيس ڪا سياسي تنظيم پنهنجو تعاون ڏئي ۽ مواد خواهه معلومات جي ميڙي چونڊيءَ ۾ هن کي مدد ڏئي، هينئن ته ٿي سگهي ٿو ڪو قلم ڌڻي، محقق يا تاريخ نويس شعوري يا لاشعوري طور تي ڪنهن تنظيم جو منشي بڻجي وڃي ، پر هن لاءِ اهو مشڪل آهي ته هو ڪنهن به پارٽيءَ جي ڪنهن عهديدار يا ڪارڪن کان سندس نالو يا پيءُ جو نالو پڇي ۽ معلوم ڪري سگهي.

    پر جيڪڏهن پارٽيون، ان جا عهديدار يا ڪارڪن پاڻ کي عوام جو ۽ عوام لاءِ ثابت ڪرڻ واسطي ٽه ماهي يا ڇهه ماهي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ شايع ڪن ته هوند اهي اڃا به عوام جي وڌيڪ نزديڪ اچي سگهن. هاڻي ته صورتِ حال هي آهي جو پارٽيون ڇا ٿيون ڪن؟ ۽ ڇو ٿيون ڪن ؟ انهيءَ جي خبر هڪڙي الله کي ٻي انٽيليجنس وارن کي. ويچارو عوام بلڪ پارٽي جا اڪثر ڪارڪن اهڙي معلومات کان وانجهيل ٿين ٿا. سڀني جي چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته انهيءَ غيب جي خبر سڀني کي هئڻ گهرجي.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 13.02.1996)

     

     

  • 2. سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپن جي صورتحال

    سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپن جي صورتِ حال

     

     

    رسمي طور تي يا نج سماجي علم جي پٽاندڙ نه ته به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان خاص طور تي ادبي دنيا ۾ باهمي لاڳاپن تي چڱو ڪجهه لکيو ويو آهي. پيڙهيءَ – وڇوٽي ته ڪيترو وقت بحث جو موضوع رهيو آهي. اهڙي ريت اسان جي افسانه نگارن پنهنجي ڪردارن جي اوٽ ۾ سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپن جي سٺي تصوير چٽي آهي. پر جڏهن انهن لاڳاپن کي موضوع بڻائي علمي ۽ عقلي بحث شروع ڪبو ته ان جي نتيجي طور انهن لاڳاپن کي وائکو ڪري، ڪنهن حد تائين تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

     

    لاڳاپا پوءِ اهي خانداني هجن يا ڪاروباري، وقتي هجن يا دائمي هجن.اهي اسان جي سماجي قدرن ، نظرين ۽ اصولن جا طابع ٿين ٿا.جيئن ته اسان پير شاهي ۽ امير شاهي جي ٻٽن زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون.ان ڪري اسان جا هر قسم جا لاڳاپا طبقاتي منفي سوچ جو پڙاڏو هوندا آهن. پير ۽ امير اسان جي سماج جو آدرش بنجي چڪو آهي ، ۽ انهيءَ هٿ ٺوڪئي آدرش ذريعي استحصال، مفت خوري ۽ هر قسم جي پسنديده شئي کي پنهنجو ڪرڻ ۽ اختيار ۾ ٻئي ڪنهن کي به شريڪ نه ڪرڻ جي منفي سوچ هر ڪنهن فرد ۽ ڪردار جي وجود ۾ شامل ٿي چڪي آهي. ان ڪري هر ڪو ماڻهو ساڳي ڏک ڏئي ٿو. هر ڪو ماڻهو سوچ ۽ لوچ ۾ پير ۽ امير آهي. اهڙي ماحول ۾ استحصال انهيءَ جو ٿئي ٿو جيڪو علم ، عقل ، جسم ، ذريعي ، وسيلي ۽ موقعي جي حساب سان ڪمزور آهي. انهن جزن مان ڪنهن وٽ ڪو به هڪ جزو ڪونهي يا نالي ماتر آهي ته اهو غلاميءَ جي زندگي گهاري ٿو.

    جيڪو جاهل آهي، اهو پڙهيل هٿان بيوقوف بڻجي وڃي ٿو. جيڪو بيوقوف آهي ، ان جو هر ڪو استحصال ڪري ٿو.جيڪو جسماني طور تي ڪمزور آهي. جيئن عورت ۽ ٻار ان کي هر ڪو محتاج بڻائي ٿو. زال ۽ مڙس جا لاڳاپا خواه اولاد ۽ والدين جا لاڳاپا، انهيءَ حقيقت جو مظهر آهن. اهڙِيءَ ريت جنهن کي ذريعا ، وسيلا ۽ موقعا ميسر آهن هو جهڙوڪ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معتبر ۽ معزز آهي.

    جيئن معاشي ۽ سماجي طور تي اسان جو سماج آرين ۽ اڻ آرين ۾ ورهائجي ويو آهي، تيئن سوچ ۽ لوچ جي حساب سان به اسان ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويا آهيون.هڪڙي طبقي وٽ مٿي ذڪرڪيل سمورا استحصال ۽ قوت جا جزا موجود آهن ۽ ٻين وٽ اُهي نالي ماتر آهن. انهن ٻنهي متضاد طبقن ۾ اڻ ٽر ڇڪتاڻ موجود آهي، اُهي ٻئي طبقا هڪ ٻئي کي بيوقوف بنائڻ ۽ هڪٻئي کان پنهنجا مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن.

    مثال طور عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ پير ۽ امير وڌيڪ با اختيار آهي . جيئن ڪجهه وقت اڳ چيو ويندو هو ته ” انگريز سرڪار جي بادشاهيءَ تان سج لهي ئي نه ٿو.“ تئين اڄ اهو اعزاز اسان جي مٿئين طبقي کي حاصل آهي. اهو طبقو اقتدار ۾ هجي يا نه پر انهيءَ جي اختيار ۽ رسائيءَ ۾ ڪابه ڪمي نٿي اچي. هي طبقو هر دور جو حڪمران آهي. جيڪڏهن هن طبقي مان ڪو فرد حڪومت جي خلاف آهي ته به هن لاءِ ريل يا جيل ڪا معنيٰ نٿا رکن. اهو جيل ۾ ايترا سک ماڻي سگهي ٿو ، جيڪي عام ماڻهوءَ کي جيل کان ٻاهر ميسر ڪونهن. هن جي هلندي پڄندي تي حڪومت سان مخالفت يا موافقت اثر انداز نٿي ٿي سگهي.

    عام ۽ عوام جڏهن مٿئين طبقي جي انهيءَ حيثيت۽ حالت جو اندازو لڳائي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته وٽس اهڙي ”وڏي ماڻهو“ ٿيڻ لاءِ موقعا، ذريعا ۽ وسيلا ڪونه آهن ، ته پوءِ هو اهڙو سمجهوتو ڪري ٿو جنهن مطابق ڪجهه پنهنجو استحصال به ڪرائي ٿو ۽ مٿئين طبقي جو به استحصال ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو پيرن، اميرن ۽ اقتدار يا اختيار ڌڻين جا خاص ماڻهو ، مقرب ۽ ڪارندا انهن سان سچا ڪو نه ٿيندا آهن . انهن کي استحصال جي اهڙي ڪنجي هٿ چڙهي ويندي آهي، جيڪا ٻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اهي چاپلوسي، گلا ۽ سازش جو ڄار وڇائي پنهنجي پير ، امير ۽ اختيار ڌڻيءَ ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط ويڇو پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. انهن مقربن ۽ خاص ماڻهن جا تڏا تڏهن ويڙهبا آهن، جڏهن سندن مالڪن کي پڪ ٿي ويندي آهي ته اهي مقرب ۽ خاص ماڻهو هنن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استحصال ڪن ٿا.

    استحصال جي انهيءَ انوکي سماجي سمجهوتي پٽاندڙ وڏو طبقو اهڙن ماڻهن کي مقرب ۽ خاص بنائڻ تي مجبور ٿيندو آهي، جيڪو سندن مفادن ۽ استحصالي نظام کي قائم رکڻ ۾ هنن جي مدد ڪن. اهوئي سبب جڏهن سنڌين کي سمجهه ۾ آيو، تڏهن راءِ قائم ڪيائون ته ” پير کي کڻن خليفا“.

    مٿئين طبقي جو اهو ويساهه ۽ يقين ٿي ويندو آهي ته جيڪو به وٽن اچي ٿو، سو ڪو نه ڪو مطلب کڻي اچي ٿو. ان ڪري هو هر ڪنهن کي فقير ۽ پينو ڄاڻندا آهن، ۽ مطلب يا سوال مطابق کانئن معاوضو وٺندا آهن ۽ سندن استحصال ڪندا آهن. انڪري جيڪو به وٽن ويو ، پوءِ اهو مطلب سان هجي يا بنا مطلب جي ، پر هن جو استحصال ضرور ٿيندو . اهڙي ريت جيڪو به مطلب، لالچ يا غرض سان وٽن ويندو کيس ڪانه ڪا قرباني ڏيڻي پوندي.استحصال ٿيڻ ۽ استحصال ڪرڻ جو اهواصول فقط هيٺئين ۽ مٿئين طبقي ۾ ڪارِفرما ڪونهي ، پر اهو هنڌين ماڳين رڪنهن طبقي ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ پٽاندڙ ئي سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپا جنم وٺن ٿا.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 19.07.1995)