Author: admin

  • 51. اچو ته کوهه مان ٻلو ڪڍون

    اچو ته کوهه مان ٻلو ڪڍون

     

    هن دور ۾ جيڪا تعليمي ترقي ٿي آهي ۽ تعليم يافتن جو تعداد وڌي ويو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. پر پوءِ به هر ڪنهن جي وات اهائي وائي آهي ته اسان ۾ ”لکيل پڙهيل جاهلن“ جو طبقو وڃي ٿو وڌندو مضبوط ۽ منظم ٿيندو. سنڌ ۽ سنڌ واسين جيڪي به سور ڏٺا ۽ سٺا آهن، اهي کين لکيل ”پڙهيل جاهل“ طبقي ئي ڏنا آهن. ڪنهن اڻ پڙهئي غريب هاريءَ ۽ مسڪين ڪڏهن به سنڌ لاءِ ڪو مامرو پيدا نه ڪيو آهي. هر ڪا مصيبت هٿ ٺوڪئي معتبر ۽ بي عمل ڊگري يافته ماڻهن جي غلط ڪارين جو نتيجو ٿئي ٿي.

    اسان اٺ ڪتابن جا ته پڙهي ويا آهيون، پر ڪنهن حد تائين حاصل ڪيل علم کي پنهنجي عمل تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏنو آهي. ويتر علم کي اوٽ بڻائي پنهنجي مفاد پرستيءَ، استحصالي حرفت ۽ دوکي بازي جي اوڳڻن کي انوکو روپ ڏنو آهي. چيو ويندو آهي ته بارش جا ڦڙا جڏهن سمنڊ جي سِپ ۾ پوندا آهن ته موتي بڻجي پوندا آهن ۽ اُهي جڏهن ڪنهن بر پٽ بيابان جي سَپَ (نانگ) جي منهن ۾ پوندا آهن ته زهر بڻجي پوندا آهن. علم جي بارش به اسان تي ايئن اثر انداز ٿي آهي.اسان مان ڪيترا رڻ پٽ جي انهن نانگن برابر آهي، جن علم جي قطرن مان زهر ٺاهڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاتو آهي.

    ملان کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو دعا ڦيڻي ذريعي پنهنجي معجزن جو واپار ڪري ٿو.وڪيل کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو ڏوڪڙن جي ڪمائي ۽ پيشيورانه مجبوريءَ جو بهانو ڏئي ، انهيءَ ماڻهوءَ جو به ڪيس وڙهڻ ۽ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، جنهن سندس ئي پٽ کي اغوا ڪيو هجي يا سندس ئي گهر کي کاٽ هنيو هجي. استاد کي ٻه اکر اچن ٿا ته هو ڪلاس روم ۾ علم کي عام ڪرڻ بدران ٽيوشن تي مارو ڪري ٿو. مطلب ته زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪا به ڪمي ڪانهي، جيڪي پنهجي علم کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استحصالي حرفت ۽ دوکي بازيءَ لاءِ ڪم نه آڻيندا هجن.

    اسان پڙهيو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ.“ پر پاڻ اهڙو سچ چونداسين جو پاڻ بدران ٻين کي نچائينداسين. علم سيکاريو ته حق جي واٽ وٺو، پر اسان انهيءَ سنگلاخ ۽ پُر خطر رستي تي هلڻ لاءِ ڪڏهن به پاڻ تيار ڪو نه ٿينداسين. ان جي برعڪس حق ٻڌائڻ ۽ حق جي حيثيت بچائڻ بدران پاڻ بچائڻ تي زور ڏينداسين. اسان علم کي فقط پڙهڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ علم جو اسان جي عمل ۽ عملي زندگيءَ سان تر جيترو به تعلق ڪونهي. اسان علم ٻين لاءِ حاصل ڪندا آهيون ۽ ٻين کي پنهنجي احترام ڪرڻ ۽ علم تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا آهيون. علم اسان کي بدلائي نه سگهيو آهي. اسان انهيءَ کوهه مثال آهيون، جنهن ۾ ٻلو ڪري پيو هجي ، اسان انهيءَ کوهه مان ٻه ٽي سو دلا پاڻيءَ جا ڪڍي اهو ڄاڻي ويٺا هجون ته کوهه پاڪ ٿي ويو . انهيءَ کوهه ۾ ٻلو ساڳيوئي هجي ۽ اسان ان کي ٻاهر نه ڪڍون ته کوهه پاڪ ڪو نه ٿيندو. اسان ڪانه ڪا ڊگري وٺي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وارو ڪم ته ڪيون ٿا ، پر پنهنجي اندر واري گند غير کي ٻاهر نه ٿا ڪڍون. اهوئي سبب آهي جو علم اسان کي ۽ اسان جي اندر کي اجاري نه ٿو سگهي. اسان اوڳڻ نه فقط اپنايون ٿا، پر اوڳڻائپ کي پنهنجو بنيادي حق ڄاڻون ٿا.

    جيڪڏهن علم اسان تي تر جو به اثر ڇڏيو هجي ها ته هوند پنهنجي اولاد ۽ شاگرد کي ڪاپي ڪلچر جو غلام نه بڻايون ها. جيڪڏهن علم اسان تي اثر انداز ٿيو هجي ها ته اسان پارت ۽ سفارش تي ڪن نه ڏيون ها، جيڪڏهن علم کي اسان دل و جان سان قبول ڪيون ها، ته پوءِ رشوت نه وٺون ها. جيڪڏهن اسان علم کي ٽين اک طور قبول ڪيون ها ، ته ذات پات جا زنجير پائي ننڍ وڏائيءَ جي بتن کي سجدا نه ڪيون ها. جيڪڏهن علم اسان لاءِ ڪا اهميت رکي ها ، ته اسان پنهنجي ماروئڙن سان غير مشروط پيار ڪيون ها. جيڪڏهن ڪو رسي پئي ها ته ان کي پاڻ وڃي پرچايون ها. پنهنجي وطن کي ”ڌرتي ماتا“ سمجهون ها. جيڪڏهن علم اسان لاءِ ڪا معنيٰ رکندو هجي ها ته پنهنجي عالم ۽ دانشورن جو قدر ڪيون ها. اسان ته پنهنجو قدر پاڻ به ڪو نه ٿا ڪيون.جيڪڏهن پنهنجو قدر ڪرڻ اچي ها ته اوڳڻن کان پاسو ڪيون ها. اسانجي عمل ، زبان ۽ هٿ کان ٻيو محفوظ هجي ها، پر حقيقت ايئن ڪو نه آهي. اسان کان ڪير به محفوظ ڪونهي، بلڪ اسان پاڻ به پاڻ کان محفوظ ڪو نه آهيون.

    علم انسان کي بيوس ۽ بي حس نه بڻائيندو آهي. علم انسان جي نفرت، چڙ، ڏمر ۽ ارڏائپ کي ته ختم نه ڪندو آهي ، پر ان کي مثبت موڙ ڏيندو آهي. علم اسان کي ناحق سان نفرت ڪرڻ جو حوصلو ڏئي ٿو، پنهنجي اوڳڻن تي چڙهڻ سيکاي ٿو، ظلم تي ڏمر ڪرڻ جو تاڪيد ڪري ٿو ۽ ڏاڍ سان ارڏائپ ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿو. پر انهيءَ صورت ۾ جڏهن اسان پنهنجي عمل کي حاصل ڪيل علم سان ملايون. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن پهريون پنهنجي وجود واري کوهه مان طمع ، خود غرضي ، ۽ ذاتي مفاد وارو مئل ٻلو ٻاهر ڪڍون ۽ پوءِ ان کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي سئو دلا پاڻيءَ جا ڪڍون. پر جيڪڏهن ٻلو کوهه ۾ پيو هوندو ته سڄي کوهه خالي ڪرڻ سان به پاڪ نه ٿيندو.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 11.10.1994)

     

     

  • 50. مفروضن جاماريل ماڻهو

    مفروضن جا ماريل ماڻهو

     

    حيلا، وسيلا ۽ ذريعا انسان کي پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ وڏي مدد فراهم ڪندا آهن. اياز ٻڪرار هئو، پر جڏهن کيس محمود جي روپ ۾ حيلا، وسيلا ۽ ذريعا ملي ويا ته وڏو ماڻهو بڻجي ويو ۽ هن جون ذاتي صلاحيتون نکري بيٺيون.

    سنڌ ۽ سنڌ واسين جي نصيب ۾ حيلن، وسيلن ۽ ذريعن جي کوٽ رهي آهي ۽ جڏهن به ڪنهن قوم جو اهڙو حشر ٿيندو آهي يا ڪيو ويندو آهي ته پوءِ اها قوم اڻ ڏٺين قوتن ۽ معجزن ۾ ايمان رکڻ شروع ڪندي آهي. هن جي لوچ ته گهٽجي ويندي آهي پر سوچ ۾ اضافو اچي ويندو آهي . انهيءَ سوچ جو بنياد وري وهم ۽ وسوسا بڻجي پوندا آهن ۽ هر ڪنهن فرد جي بصيرت مفروضن تائين محدود ٿي ويندي آهي. اسان جو اهو ئي حشر آهي ۽ اسان انهيءَ موڙ تي پهچي چڪا آهيون.

    مفروضا ، وسوسا ۽ وهم اسان جي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ واهيرا ڪري ويٺا آهن. ان ڪري اسان حالتن، واقعن ۽ فردن جي جاچ پڙتال سائنسي بنيادن تي ڪري نه ٿا سگهون، پر ان جي برعڪس انهن بابت پاڻ ڪو نه ڪو مفروضو ٺاهي، انهيءَ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهون ٿا.

    تاريخ ۽ تحقيق جي صحت ۽ سند اسان جي انهيءَ مفروضاتي سوچ ڪري مُرجهي پئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد انهيءَ مفروضاتي روين جي ور چڙهي اسان کان اوجهل ٿي ويو آهي . اسان جي مفروضاتي سوچ جو اهو عالم آهي جو سابق وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کان زندهه رهڻ جو حق کسيو ويو، سندس مزار جڙي وئي، پر ڪيترا ماڻهو ڪيتري وقت تائين اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه رهيا ته ڪو سابق وزير اعظم هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه رهيو آهي. ڌاڙيل پرو چانڊئي تي مئي کان پوءِ پڙ پون ٿا ۽ هن جي حياتيءَ تي فلم ٺهي ٿي. اهو سڀ ڪجهه اسان جي مفروضاتي سوچ جو نتيجو آهي. اسان جي انهيءَ سوچ الائي ڪيترن آدرشي انسانن کي سٽي معمولي انسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ڏوهارين کي متقي ماڻهن کان به مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي.

    پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل، اڪثر ماڻهو اهڙي سوچ رکن ٿا ۽ انهيءَ سوچ جي بنياد تي قائم ڪيل نظرين، قدرن ۽ اصولن لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏين ۽ وٺن ٿا. ڪن حالتن ۾ ته ڳالهه ويڙهه ۽ ڄنڊا پٽ تي به پهچي وڃي ٿي.

    مفروضاتي سوچ رکڻ اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي پئي آهي، بلڪ اسان انهيءَ سوچ جا غلام بڻجي چڪا آهيون. اهوئي سبب آهي جو ڪنهن ڳالهه جو آڳو پيڇو ڪو نه ٿا جاچيون ۽ عقل جون اکيون ٻوٽي ويهي ٿا پاڻ مرادو ان جا روحاني راز ڳولهيون. اسان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسڻ کانسواءِ ۽ ملڻ کانسواءِ هن سان انتها درجي جي محبت يا نفرت ڪيون ٿا. اسان انهيءَ موڙ تي اچي پهتا آهيون ، جو هاڻي عقل به اسان تي ماتم ڪري ٿو.

    هن عذاب مان جند ڇڏائڻ کان سواءِ اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪنهن به قسم جي ترقي ڪري نه ٿا سگهون ۽ ڪنهن صورت ۾ سچ ۽ ڪوڙ ، حق ۽ ناحق، ظلم ۽ رحم بلڪ تضادن جي تميز ڪري نٿا سگهون. اسان کي اها ڳالهه ڌيان رکڻي آهي ته پاڻ کي ئي اڻ هوند مان هوند ڪرڻي آهي، ۽ پاڻ کي ئي پنهنجو محتسب ٿي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏسڻو آهي. اسان کي پنهنجي سوچ ۽ لوچ ۾ توازن پيدا ڪرڻو آهي.پاڻ کي فقط ۽ فقط سوچڻ تي ئي سندرو ٻڌڻو ڪونهي، بلڪ ان کان ٻيڻو ٽيڻو لوچڻو آهي. اسان جيترو پاڻ کي مصروف رکنداسين، اوترو ئي مفروضن تي ٻڌل سوچ جو معيار ۽ اندازو گهٽبو ويندو. بلڪ اهڙي صورت ۾ اسان پنهنجن ڏاهن، مدبرن ۽ مفڪرن کي به ٻڌڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪنداسين. هاڻي ته هر ڪو پاڻ کي عقل جو اڪابر بلڪ”عقل ڪلُ“ ڄاڻي ٿو ۽ ڪنهن جي ڪا چڱي ڳالهه ، صلاح ۽ نصيحت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.

    مغربي ملڪن ۾ صلاح مشورو ئي زندگيءَ جي هر ڪنهن شعبي ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. وڏا وڏا سرمائيدار، عملدار ۽ سياستدان قانوني، سياسي ۽ قتصادي ماهرن کان مشورا وٺندا آهن. اهي ڪي ايڏا بيوقوف ڪونه آهن ۽ نه وري سندن عقل تي تالا لڳل آهن. هنن وٽ ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ جو قدر آهي ۽ پاڻ کي ”عقل ڪل“ نه ٿا ڄاڻن. اسان جيڪي پاڻ کي عقل جا اڪابر ڄاڻون ٿا ڪنهن کي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه آهيون، مغربي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اسان زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ پٺتي آهيون، ان ڪري پوئلڳ بڻجي چڪا آهيون.

    اسان جو ڇوٽڪارو انهيءَ ۾ آهي ته اسان جنهن شعبي ۾ آهيون، فقط انهيءَ شعبي جي دائري تائين سوچيون ۽ ٻئي شعبي ۾ ڄنگهه نه اٽڪايون، اسان جيڪڏهن شاگرد آهيون ته پنهنجون سوچون به شاگرديءَ جي حدن تائين محدود هجن.اسان جيڪڏهن استاد آهيون ته اسان جون سوچون به انهيءَ رنگ جون هجن. لطيف سائينءَ جي ڏوراپي ”جي ڪوڙو تون ڪفر سين، ته ڪافر ڪيم سڏاءِ“ کان بچڻ لاءِ اسان پنهنجي قول، فعل ۽ ڪردار ۾ اهي نظر اچون، جيڪي آهيون. اهڙي صورت ۾ اسان ٻهروپي ۽ ڏوهروپي ٿيڻ کان بچي وينداسين ۽ اسان جي شخصيت اڌ ڪاٺ جي ۽ اڌ لوهه جي نظر نه ايندي.ايئن ڪرڻ سان اسان نه فقط مفروضاتي سوچ رکندڙ شخصيت ٿيڻ کان بچي وينداسين بلڪ حقدار کي حق به ڏينداسين، اهو هن روپ ۾ ته استاد کي استاد ڄاڻينداسين، والدين کي والدين تسليم ڪنداسين، سياستدان کي سياست ڪرڻ ڏينداسين ۽ ڏاهي کي ڏاهو ڄاڻينداسين. پاڻ”عقل ڪل“ جي عذاب کان بچي وينداسين ۽ هڪ اڌوري اڻپوري وجود ۾ اڻڳڻين شخصيتن کي جن جيان واسو ڪرڻ نه ڏينداسين.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 27.09.1994)

     

     

  • 49. ماندي ٿيءُ نه مارئي

    ماندي ٿيءُ نه مارئي

     

    جن حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، اهي بلاشڪ تشويشناڪ آهن .شاندار ماضيءَ کي اسان پاڻ وساري ويٺا آهيون.روشن آئيندي جو وري ايترو اونو اٿئون جو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي لاءِ پڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. امتحان ڏيون ته ڪاپي ڪري، نوڪريون وٺون ته ڏوڪڙ ڏئي. صنعت ۽ تجارت سان لڳي ئي ڪانه ، ثقافت سان فقط نعري بازي جو عشق اٿئون. پنهنجي اهڙن پرڪارن جي باهه تي حالتن وري گاسليٽ جو ڪم ڏيکاريو آهي. شهرن ۾ دهشتگرديءَ ته ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف پاڻي. ڪنهن کي ڪا واٽ ڪانه ٿي ملي. هر ڪنهن جون متيون ئي منجهي پيون آهن. سياسي ڪارڪن پنهنجي قد بت وڌائڻ ۾ مصروف آهن. ملڪ جا مدبر الائي ڪهڙي سياست ۾ مصروف آهن. دانشورن کي دنيا پنهنجو مڃڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي.

    اهڙين سنگين حالتن کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٻهراڙيءَ جو معصوم، سٻاجهو ۽ سڌو سنئون اهو عوام آهي، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت ۾ آهي. جنهن کي اسان پنهنجي معيشت جو ابو چئون ٿا ۽ جنهن کي اسان جا مدبر قوت جو سرچشمو چون ٿا. بلاشڪ شهرن ۾ رهندڙ عوام به آزار ۾ آهي، پر دکن ۽ دردن، سورن ۽ عذابن ۾ ٻهراڙيءَ وارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندن سورن جي مذڪور جو اندازو هڪ مثال مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته آئون جنهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ رهان ٿو، اهو ڌاڙيلن جي دهشتگرديءَ جو ڇهه دفعا نشانو بڻجي چڪو آهي ۽ هر دفعي ڌاڙيل پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي موٽيا آهن. ٻه دفعا هنن پوليس پارٽين کي نشانو بڻايو ۽ چار دفعا هو ماڻهن کي اغوا ڪري ويا. اغوائن جي وارداتن عوام جي سوچن ۽ لوچن کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو ٻهراڙيءَ جو ڪو به ماڻهو پنهنجي جان، مال ۽ عزت کي محفوظ نٿو ڄاڻي. بي حسي ۽ بي همٿي جو اهو عالم نظر اچي ٿو ته جڏهن ڪا سرڻ ڪنهن ڪڪڙ جا چوزا کڻڻ اچي ٿي ته ڪڪڙ ان سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر جڏهن ڌاڙيل ڪنهن گهر ۾ گهڙي ڪو ٻار ٻڍو اغوا ڪرڻ گهرن ٿا ته گهر ڌڻي، ڪڇي، پڇي ۽ لڇي نٿا سگهن. لوڪ ڪهاڻين ۾ پڙهيو اٿئون ته ڪنهن بادشاهيءَ ۾ راڪاس بڙم باڪاس انساني آبادين کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ روزانو ڪيترا ماڻهو کڻي کائي ويندو هو. پوءِ بادشاهه فرمان جاري ڪيو ته هر ڪو گهر واري وٽيءَ ۽ پنهنجي رضا خوشيءَ سان راڪاس کي ماڻهو ڏئي. لڳي ٿو ته جيڪڏهن حالتون اڃا به ابتر ٿيون ته پوءِ ٻهراڙيءَ جو عوام به اهائي واٽ وٺندو ۽ واري وٽيءَ سان پاڻ کي اغوا لاءِ پيش ڪندو. اغوائن جي انهيءَ عالم ۾ ٻهراڙيون خالي ٿيڻ لڳيون آهن. ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي رهيا آهن. ڌن – ڌڻي جي دولت ”ڪاري ناڻي“ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هن موڙ تي ۽ هنن حالتن ۾ جيڪڏهن لطيف سائين ٻيو جنم وٺي پنهنجي ڌرتي ڏسي ها ته وري کيس ساڳيون سٽون ورجائڻيون پون ها ته ”ڏسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.“

    انهن حالتن ۾ ڪو به عوام جو ڀرجهلو ڪونهي. ڪو به کين آٿت نٿو ڏئي. ڪو به کين دڳ نٿو لائي. جڏهن ته وقت جي اها تقاضا آهي ته کين پيغام ڏنو وڃي ته ”ماندي ٿيءُ نه مارئي، تنهنجو الله ڀي آهي.“

    جيڪڏهن اڄ جي حالتن ۾ عوام پنهنجي ئي رنگ نسل بلڪ پنهنجن ئي ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻيو آهي ته اها تڪليف ڏيندڙ هئڻ باوجود نئين ڳالهه ڪانهي.ڇو ته عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ساڳئي صورتحال کي صدين کان وٺي منهن ڏيندو آيو آهي، مٿس ڪنهن ڪنهن ڌاڙا نه هنيا آهن. سياستدانن جي اڪثريت سندس ويساهه ۽ عقيدت تي ڌاڙا هنيا، عملدارن رعيت آزارن سندس حقن تي ڌاڙا هنيا، واپاري هن جو رت چوسيو، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن هن جا کيسا خالي ڪيا،ملان کيس نفرت جي نگاهه سان ڏٺو. سندس چڱي مڙس کيس پنهنجي کٽ تي ويهارڻ به پسند نه ڪيو. هو عزت جي زندگي گذارڻ لاءِ صدين کان آتو آهي. نه کيس تعليم ملي، نه کيس تربيت ملي. هو صدين کان وٺي اڪيلو ۽ ڇورو ڇنو آهي، بي وس ۽ مجبور آهي. انهيءَ عوام تي جڏهن آزارن مٿان آزار ٿين ٿا، ۽ عذابن مٿان عذاب اچن ٿا ته ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون. ۽ جڏهن به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، تڏهن ڪابه شئي چٽي ۽ صاف نظر نه ايندي آهي. ڳوڙهن سان ڀريل اکين واري انسان جي هٿ ۾ جڏهن لٺ، باٺو، بندوق يا ڪلاشنڪوف اچي وڃي ٿي ته پوءِ ايئن ئي ٿئي ٿو ، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي. هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مختصر جواب اهو آهي ته مظلوم ، مظلوم کي نشانو بڻائي رهيو آهي. نشاني بڻائڻ جي شدت ظالمن جي ظلم کان به وڌيڪ گهري ٿيندي آهي .

    هنن حالتن ۾ عوام کي فقط اهو احساس ڏيڻو آهي ته انسان اٽل ۽ اڏول ٿئي ٿو . حالتون ۽ حادثا، زلزلا ۽ طوفان، وبائون ۽ جنگيون، ڌاڙا ۽ اغوائون اسان جي تاريخ جو بدقسمتيءَ سان اڻمٽ رنگ بڻجي چڪيون آهن. ڪنهن دور ۾ عوام تي قهر نه ٿيا؟ ڪن اسان جي وڏڙن کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو ته ڪن سندس کلون لهرايون، ڪن کين گهاڻن ۾ پهرايو ته ڪن تتل ڪڙاهن ۾ اڇليو ، پوءِ به اسان جو نسل ختم ڪونه ٿيو، پوءِ به اسان جا وڏڙا حياتيءَ کان مايوس نه ٿيا. بلڪ هنن موت جي بازار ۾ زندگيءَ جو رقص ڪري ڏيکاريو. ڏکن جا ڏونگر ڏاري ڏيکاريا. تڪليفن جا آسمان سر تي کڻي پنهنجي منزل طرف وڌي ڏيکاريو، ان ڪري مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪانهي. ليڪن تدبر ۽ تحمل سان ، بردباري ۽ بهادريءَ سان حالتن کي بدلائڻو آهي. جيڪڏهن عوام ڪجهه به نه ڪري ته به زندهه رهي سگهي ٿو ۽ دنيا جي ڪابه قوت کيس ختم ڪري نٿي سگهي. پر جيڪڏهن هن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو، هنن حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي پرکيو، ڌاڙيلن پيدا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پيدا ڪرڻ جون حالتون بدلائي ورتيون، رٺلن کي پرچائي ورتو ۽ پرتلن کي پنهنجو ڪري ورتو ته اسان جا هي ڏکيا ڏينهن ختم ٿي سگهن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ عوام اڳرو ٿيندو ۽ اڳرو آهي. نه فقط ايترو پر عوام اڏول آهي ۽ عظيم آهي. کيس نه ته مايوس ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه وري خوف ۽ دهشت جي احساس جو ٻل ٿيڻو آهي.

     

     

    (ڪالم ”فالو – آن“، روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 26.10.1992)

     

     

  • 48. شامتِ اعمال ما صور تي نادر گرفت

    شامت اعمال ما صورتِ نادر گرفت

     

    ڪلهوڙن وڏي ڪوشش سان ڀور ڀور ٿيل سنڌ کي مغلن، مغلن جي نوابن ۽ سندن ڇاڙتن کان ڇڏائي اڃا اڪائي جو روپ ئي ڪو نه ڏنو ته نادر شاهه سندن ڪوششن کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏيو. نادر شاهه سنڌ کي وري ٽڪرا ٽڪرا ڪيو، عوام سان ارڏايون ڪيون ۽ ڌرتي خواهه ڌرتيءَ وارا سندس ظلم جو نشانو بڻيا. تنهن دور جي ڏاهن حالتن جو جائزو ورتو ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته نادر شاهه جي آمد تنهن دور جي وس ڌڻين جي عملن، غلط ڪارين ۽ غلط حڪمت عملين جو منطقي نتيجو هو.

    ڇا ايئن ته نه آهي ته اڄ جون اگريون حالتون پڻ اسان جي عملن، غلط ڪارين ۽ غلط حڪمت عملين، غلط سوچ ۽ غلط لوچ جومنطقي نتيجو آهن؟ انهيءَ اهم ۽ ڳنڀير سوال تي هن ئي دور جي ڏاهن انسانن کي سوچڻو آهي.

    منهنجي خيال ۾ هر دور جي سڄي مانڊاڻ ۽ ماحول ۾ مرڪزي ڪردار فرد ۽ ان جي شخصيت ئي ادا ڪري ٿي. جيڪڏهن فرد جي شخصيت ۽ ڪردار جي تربيت خواهه تعمير بهتر رخ ۾ نه ٿي ٿئي ته پوءِ ان جو عمل، ان جي حڪمت عملي، قول ۽ فعل، سوچ ۽ لوچ به صحيح دڳ واري ٿي نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪسوٽيءَ مطابق هن دور جو استاد، اديب ۽ شاعر، صحافي ۽ دانشور، مدبر ۽ مفڪر ڏوهي ثابت ٿئي ٿو. جيڪڏهن استاد ٻيو ڪجهه نه ڪري ها، فقط ۽ فقط فرد کي لکڻ پڙهڻ جو عادي بڻائي ها ته به فرد اڳتي هلي انهيءَ عادت کي ڪم آڻيندي دنيا ۽ جهان کي ڏسي پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ ۽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ها. اسان جو نوجوان ايئن اڄ ڪتاب ۽ قلم، علم ۽ تعليمي ادارن جو دشمن بڻجي نه پئي ها. جيڪڏهن اسان جو اديب ۽ شاعراستاد جو ساٿي بڻجي، بلڪ ”استاد ثاني“ بڻجي فرد کي پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ ٺاهڻ تي توجهه ڏئي ها ته هوند اسان پنهنجي فرسودي تعليمي نظام جي پيدا ڪيل منفي نتيجن تي اثر انداز ٿي سگهون ها. اهڙي ريت جيڪڏهن سياستدان پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ کي ڪامياب ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ڪارڪنن جي قوم دوستي ۽ انسان دوستي تي ٻڌل ذهني ۽ فڪري تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏين ها ته سياست جي صورتحال اڄ ٻي ڪجهه هجي ها.

    بلاشڪ، اسان جي انهن سمورن ادارن ۽ رهبرن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جن ۾ استاد، اديب ۽ سياستدان پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪري نه سگهيا.پر پوءِ به تاريخ ته ڪنهن کان صفائي نه وٺندي آهي، تاريخ جي نظر ته نتيجن تي هوندي آهي.ان ڪري جڏهن به تاريخ منهن کوليندي ته سندس فيصلو استاد، اديب ۽ سياستدان جي خلاف ويندو. ان ڪري جو تاريخ اڳيان فقط نتيجا آندا ويندا ۽ ذهن بدلائيندڙ ڌرين جي ڪا به دانهن يا ڪوڪ تاريخ جي حضور ۾ پيش نه ڪئي ويندي ته کين ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو.

    تضادن جي هن دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه ڪانهي. ظالم ڪيئن چاهيندو ته رحم عام ٿئي؟ جهل ڪيئن گهرندو ته گهر گهر علم پهچي؟ ڪا قهري قيادت ڪيئن پسند ڪندي ته جهنگ جهر ، بر شهر، وستيون ۽ واهڻ، سونهن خواهه سندرتا جا گهوارا ٿين؟ پر تاريخ ڪو به جواز ڪونه ٻڌندي آهي. ان ڪري اسان تضادن جي هن دنيا ۾ جنهن به ڌر سان لاڳاپو رکون ٿا ۽ جنهن به نظريئي، اصول يا عقيدي سان ڄاتا سڃاتا وڃون ٿا، اسان کي ان جي هراول دستي جيان ڪم ڪرڻو پوندو. اسان کي مخالفتون ۽ موافقتون ڏسڻيون پونديون. ان باوجود اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو. ِهن دور ۽ هُن دور جي ڏاهن خلاف تاريخ کي جيڪو فيصلو ڏيڻو پوندو ، ان ۾ اهو پڻ شامل هوندو ته اسان جو دور اسان جي سوچن ۽ لوچن جو منطقي نتيجو هو. جيڪڏهن اسان لاءِ خارجي سببن اُهي حالتون پيدا ڪيون ته اسان به اهڙين حالتن پيدا ڪرڻ جا پاڻ ذميوار رهيا سين. حالتن کي بدلائڻ يا سڌارڻ لاءِ موسمن جي نه پر ماڻهن جي تبديلي کي وڏو عمل دخل هوندو آهي ۽ اسان ماڻهو خواهه ماڻهن جي ذهنن کي ته ڇا پر پنهنجي پنهنجي حلقي جي ذهنن کي به بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

    اسان جي دور ۾ جيڪي به جاڳرتا يا بيداري آڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، حقيقت ۾ انهن مان ڪيترا پنهنجا معتقد، مريد ، اکيون ٻوٽي قبول ڪندڙ ۽ ميان مٺو پيدا ڪري رهيا آهن. ڇو ته جاڳرتا ان وقت تائين اچي ئي نٿي سگهي، جسيتائين فرد جي ذهني ۽ فڪري تربيت نٿي ٿئي. فرد جي ذهني ۽ فڪري تربيت ان وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين سندس شخصيت ۽ ڪردار کي ٺاهيو نٿو وڃي. ليڪن ڪنهن به هنڌ تي ڪنهن به رنگ ۾ اهو ڪم نٿو ٿئي. ان ڪري اسان روز به روز دوغلا، کوکلا، مفاد پرست ۽ نظرين کان وانجهيل، ڪورا، اڌورا ۽ اڻپورا ساٿي خواهه حلقا جوڙيندا رهون ٿا. ڪارڪن کان وٺي عوام تائين ڪنهن جي به بنيادي تربيت نٿي ٿئي. فقط کين وقتي جذبو ۽ جنون ڏنو وڃي ٿو ۽ سندس انهيءَ جوش خواهه عقيدتمندي جو ڀرپور استحصال ڪيو پيو وڃي. ان ڪري فرد کان وٺي گروهه تائين ۽ گروهه کان وٺي قوم جي چڱي خاصي حصي تائين، هر ڪنهن جي حڪمت عمليءَ ۾ جهول ٿئي ٿو. هر ڪنهن جي سوچ ۽ لوچ ۾ تضاد ٿئي ٿو ۽ اسان هر دفعي ڪن ٽوپائڻ بدران ڪن وڍائي ويهون ٿا. حالتون جيڪو به رخ يا رنگ وٺن ٿيون، ان لاءِ وڏي کان وڏي ذميواري ۽ ڀاڱي ڀائيواري اسان جي ٿئي ٿي . ايئن ان وقت تائين ٿيندو رهندو جيستائين اسان ”فرد“ ۽ ”ڪارڪن“ جي شخصيت خواهه ڪردار کي نه ٺاهينداسين. اهو ڪم وري تڏهن ڪري سگهجي ٿو، جيستائين ٻين کي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ بدران پهريون ”پاڻ“ کي ٺاهيون، سڌاريون ۽ بدلايون.

    (ڪالم ”فالو – آن“، روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ، تاريخ : 05.10.1991)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

  • 47. هيءُ دشمني ته ناهي

    هيءَ دشمني تي ناهي

     

    ”جاڳو“ اخبار جي هن ئي ڪالم ذريعي مون دشمنيءَ جي موضوع تي ٻه ٽي ڪالم لکياآهن.انهن مان هڪڙي ڪالم جو عنوان هو”جهيڙو لاهه يزيد.“ انهيءَ ڪالم ۾ مون ڪوڙي انا جي نالي ادب، اخلاق ۽ اصول جي بيخ ڪني ٿيڻ واري ڏکوئيندڙ صورتحال ڄاڻائي هئي.ٻئي ڪالم جو عنوان هو ته ”ڇا اسان کي دشمني ڪرڻ به نه ٿي اچي؟“ ان ۾ مون ٻڌايو هو ته دشمنيون ۽ دوستيون انساني زندگيءَ جا اڻمٽ روپ آهن، پر انهن جا به ڪي اصول ۽ طريقا ٿين ٿا، جيڪي اسان وٽ ڪونهن. اسان انهيءَ وقت اهي اصول ۽ طريقا وساري ويهون ٿا، جڏهن ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪنهن شريف بي ڏوهي ۽ غير لاڳاپيل ماڻهوءَ خلاف محاذ قائم ڪيون ٿا. اسان جا ماڻهو وانگاري فطرت ۽ طبيعت وارا آهن. ان ڪري اسان وانگار تي ٻئي سان وڙهڻ ۽ ٻئي کي مارڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون. هي ڪڌو ڪم ڪندي اسان ”دوستي نڀائڻ“ يا ”وفاداري نڀائڻ“ جي ڊاڙ هڻندا آهيون. سنڌ ۾ اڃا ڪو اهڙو مثال قائم ڪونه ٿيو آهي ته ڪنهن وڏيري، ڪنهن تنظيم يا پارٽيءَ وانگار تي ڪنهن غريب جو گهر ٺهرايو هجي، ڪنهن مظلوم جي مدد ڪئي هجي ۽ ڪنهن بيوس جي امداد ڪئي هجي. اسان ته پاڻ سان چڱائي ڪرڻ سکيا ڪو نه آهيون ۽ نه وري ٻئي سان چڱائي ڪرڻ ايندي اٿئون. هائو، جيڪڏهن ڪنهن جي پاڙ پٽڻي هجي، ڪنهن سان دشمني ڪرڻي هجي يا ڪنهن جي سسي لڻڻي هجي ته پوءِ ڪنهن دوست، ڪنهن وڏيري يا ڪنهن تنظيم جو اشارو ئي ڪافي آهي.

    منهنجي ٽئين ڪالم جو عنوان هو”اقليتن تي عذاب، اڃا ايندو اڳتي.“ هن ڪالم ۾ مون انهن ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر ڪيو هو. جتي ڪا هڪ اڌ ذات تعداد جي لحاظ کان باقي ٻين ذاتين کان گهڻي ٿي ٿئي. سنڌ جيڪا اڳ ئي سماٽ ۽ غير سماٽ جي خانن ۾ ورهايل آهي، تنهن تي ذات پات جو زنگ اهڙيءَ ريت ته چاڙهيو ويو آهي، جو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي شڪل صورت ئي بگڙجي وئي آهي. سنڌي سنڌيءَ جو دشمن ڪيئن ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن اوهان کي اها ڳالهه ٻڌڻي ۽ صورتحال ڏسڻي آهي ته پوءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ وڃو.ذات پرستن هٿان اوهان کي ظلم جا نت نوان داستان گهڙبا محسوس ٿيندا. اڪثر ڪري گهڻائي واري ذات اوهان کي ٻين تي الرون ڪندي نظر ايندي.ڪيترن هنڌن تي ماڻهو ڪتي جي چڪ کان ته بچي سگهي ٿو، پر ذات پرست جي ڌڪ کان بچڻ جو تصور به ڪري نه ٿو سگهي. مون پنهنجي انهيءَ ڪالم ۾ انهن ئي معامرن کي جاءِ ڏني هئي.

    اڄ جو ڪالم اسان جي نفرت، ڪروڌ، وير ۽ دشمنيءَ جي هڪ ٻئي رويئي جي نشاندهي آهي. اسان جاگيردارن ۽ وڏيرا شاهيءَ واري نظام ۾ رهون ٿا. شهري ماڻهو انهيءَ حوالي سان ڪي قدر آزاد ٿين ٿا، پر ٻهراڙين ۾ اڃا اها باهه ٻري ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ هن نظام ڪيترن بيگناهن کي سٽي وڌو آهي.ڀلي ته ڪوئي ڪيترو امير هجي، يا ڪوئي ڪيترو سچو هجي، پر سوچيندو ساڳي هڪ ئي نموني سان. هر ڪو سوچ ۾ وڏيرو ۽ رويي ۾ ڀوتار نظر ايندو. ڪمي ڪنهن ۾ به نظر ڪانه ايندي. وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نظام ۾ بنيادي ڳالهه اها هوندي آهي ته عزت، دولت، شهرت ۽ طاقت فقط پاڻ لاءِ آهي، ٻئي ڪنهن کي به ان ۾ شريڪ ڪرڻو ڪونهي. پر جيڪڏهن شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري يا پاڻ پنهنجن ذريعن، وسيلن، سوچ ۽ لوچ سان عزت، دولت، شهرت، طاقت يا انهن مان ڪنهن به هڪ کي حاصل ڪري ته پوءِ انهيءَ شخص کي جيئرو ڇڏڻو ناهي. پر جيڪڏهن موت به هن کي ماري نه سگهي ته پوءِ هن جو جيئڻ جنجال بڻائڻو آهي ۽ حياتي وهه ڪرڻي آهي.

    ڪو پيٽ کي پٿر ٻڌي ٻه ڏوڪڙ گڏ ڪري ٻني وٺي ۽ جي ڪنهن کي اها ڳالهه نه وڻي ته پوءِ هنن جي فرشتن کي ئي خبر نه پوندي. لکپڙهه ٿي ويندي، دستاويز ٺهي ويندا. شاهدن گواهن جون شاهديون ٿي وينديون ۽ رات جي پيٽ ۾ ڪجهه ٻيو پاڻ هرتو مالڪ بڻجي ويندو. ڪم اهڙو ته پڪو ٿيندو جو نه ته ڪورٽ ئي اصلي مالڪ کي زمين موٽرائي ڏئي سگهي نه وري پوليس ئي هن جو پاسو وٺي.

    پنهنجي ڪا پوڙهي يا ڪرڙوڍ ماري ڪنهن تي ڪارنهن جو چٽو هڻي موت جو ڊپ ڏئي مٿس ڳاٽي ڀڳي چٽي رکڻ، بليڪ ميل يا ڏاڍ ڪري پنهنجي معمولي ملڪيت ڳري بها تي زوريءَ ٻئي کان خريد ڪرائڻ، شادين براتين، جلسن، جلوسن وقت معتبرائپ جي نالي ۾ بيگار يا نقد جي صورت ۾ غنڊا ٽئڪس وٺڻ سنڌ ۾ ڏاڍ مڙسيءَ جي ثقافت ٿي پئي آهي.

    اڪثر ماڻهو نه فقط پاڻ مٿڀري ماڻهوءَ جي مجبوريءَ ۾ غلامي قبول ڪري ٿو، پر موقعي ملڻ تي پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهوءَ کي به ڪاريهر نانگ جيان سٽي وجهي ٿو. هو جتي ڏسي ٿو ته سندس دال ڳرڻ واري ڪانهي ۽ گاهه هن جي گاڏيءَ کان گهڻو آهي ته پوءِ وڏي حرفت سان اهڙي ماڻهوءَ جا ڪن ڀرڻ شروع ڪري ٿو، جنهن جا هٿ هن جو نشانو بنيل ماڻهوءَ لاءِ ”موت جا هٿ“ ثابت ٿي سگهن. پوءِ وڏيري جي اوطاق هجي يا ڪنهن ڪاموري جو دفتر ، هنڌين ماڳين نشانو بڻيل ماڻهوءَ جي گلا غيبت شروع ٿي ويندي، ڪردار ڪشيءَ جا قصا بيان ڪيا ويندا. تر جو ڪو نه ڪو وڏيرو يا ڪامورو جيڪڏهن ڪنن جو ڪچو ٿي، هنن جي ڳالهه ۾ اچي بيوقوف ٿي بيٺو ته پوءِ هنن جا ٻيڙا پار ٿي ويا.

    تعجب جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مڪر ۽ فريب، ڏاڍ ۽ ڏمر جي راند ۾ بيوقوف اهو بڻجي وڃي ٿو، جيڪو پاڻ کي ڏاهو ۽ ڏاڍو سياڻو سڏائي ٿو. اسان جا اڪثر ماڻهو ڪن ڪچي هئڻ ڪري قهر ڪري ويهندا آهن. اسان جا ڪيترا بي ڏوهي ۽ معصوم ائين مظلوم بڻجي ويندا آهن. سنڌ ۾ صدين کان وٺي ايئن بي سبب ظلم جاري آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪيترن ڪونڌرن جا ڪنڌ لڻايا ويا آهن. انهيءَ ڳالهه کي تستائين ٻنجو اچڻ مشڪل آهي، جيستائين ٻين کي به زندهه رهڻ ترقي ڪرڻ ۽ خوش رهڻ جو حق نه ٿا ڏيون.

    عوام کي اها ذميواري سيکاري ڪير؟ اسان وٽ اديب ۽ شاعر ته ايترو بي اثر بڻايو ويو آهي جو کيس گهر جا ڀاتي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اسان جي تعليمي ادارن کي ”اوندهه جا دروازا“ بڻائي هر سال لولا لنگڙا، اڌورا ۽ اڻپورا انسان پيدا ڪيا وڃن ٿا. اسان جي مرشدن کي فقط پنهنجا پير ڌورائڻا آهن. اسان جي اڳواڻن کي رڳو ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻڻيون آهن. ان ڪري سوچڻو انهيءَ کي آهي، جيڪو نشانو ٿئي ٿو. آواز مظلوم کي ئي اٿارڻو آهي، جيڪو متاثر ٿئي ٿو ۽ نشانو بڻجي ٿو. ڇو ته سندس آواز ۾ اثر ۽ جادو ٿئي ٿو.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 23.01.1995)

     

     

  • 46. قوم يا هر ڪنهن لاءِ لٽ جو مال

    قوم يا هر ڪنهن لاءِ لٽ جو مال

     

    ”ڌڻي“ ۽ ”ڌرتي“ شروع کان وٺي انساني نظرين، قدرن ۽ اصولن جا مرڪز رهيا آهن.ماڻهو ڪڏهن به ”مذهب” ۽ ”ملڪ“ تي آسانيءَ سان سمجهوتو ڪو نه ڪيو آهي.بلڪ اڪثر ڪري انهن ٻنهي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني آهي. پر انهيءَ رت جي ڀيٽا ڏيڻ جو هميشه سبب اهو رهيو آهي ته ٻين تي نه چاهڻ باوجود پنهنجو ”ڌڻي“ مسلط ڪجي ۽ ٻين کان پنهنجي ”ڌرتي“ تي مڙهيل تسلط کي ختم ڪجي.

    انسان انهن ٻنهي حوالن سان ته الائي ڪيترا رت جا درياهه وهايا آهن.ليڪن ”ڌڻي“ جو ٻانهو ۽ ”ڌرتي“ جو خير خواهه جڏهن پاڻ ”ڌڻي“ ۽ ”ڌرتي“ جي نالي تي ظلم ڪري ٿو، منافقي ڪري ٿو ۽ استحصال ڪري ٿو ته ان وقت فقط ۽ فقط علم ۽ قلم جا آواز ٻڌڻ اچن ٿا، ۽ باقي ضمير، اصول، قدر ۽ نظريا خاموش ٿي وڃن ٿا. سنڌ ۽ سنڌي قوم اڄ ڪهڙي صورتحال مان گذري رهيون آهن؟ جتي ٻيا ماڻهو سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جڏهن سنڌ واسي ڌارين خلاف دانهون ۽ ڪوڪون ڪري رهيا آهن، تڏهن اهڙين حالتن ۾ اسان جو ڪهڙو عمل رهيو آهي ؟

    سچ پڇو ته قوم جي حيثيت ۾ اسان عمل ۽ ڪردار جي حوالي سان انفرادي خواهه اجتماعي طور تي انهيءَ موڙ تي پهتا آهيون ، جتان قومون پنهنجو وجود وڃائي ويهنديون آهن. ايئن ڪو نه آهي ته قومون فقط ڌارين جي دشمنين يا يلغارن سان ختم ٿي وينديون آهن، پر فردن جا عمل به حالتن جي ڳنڀيرائپ هوندي به بيوقتيون راڳڻيون بڻجي پون، بلڪ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ جهڙا ٿي پون ته قوم کي ڪير بچائي سگهي ٿو. اسان پنهنجي بد افعالن، قوم دشمني ۽ ڪوتاهه نظري ڪري انساني تاريخ ۾ هڪ نئين اصطلاح جو اضافو ڪري رهيا آهيون: ”ريڊ انڊينس“ چوڻ سان اها ڳالهه خود به خود سمجهه ۾ ايندي آهي ته اها قوم جنهن کي آمريڪي پناهگيرن تباهه ۽ ختم ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ”سنڌينس“ جو اهو مطلب ورتو ويندو ته اها قوم جنهن پنهنجو پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو. هن وقت داخلي طور تي اسان کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي منفي ڪردار جو مسئلو درپيش آهي.وقت جي تقاضا آهي ته انهيءَ چڪڻ مان چڙهي پئون. ٻئي صورت ۾ اسان جي مستقبل جو واهي الله آهي.

    آئون سڄي دور جي نفي ڪرڻ نه ٿو گهران، نه وري پر خلوص، وفادار ۽ بي لوث مگر آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن فردن جي ڪوششن ۽ قربانين تي منڌيئڙو ڦيرائڻ گهران ٿو. بلڪ اهو تسليم ٿو ڪيان ته انهن جي ئي دم ۽ عمل سان اسان اڃا زندهه آهيون، پر پوءِ به دعويٰ ۽ ثبوت سان چئي سگهجي ٿو، اوهان ڪنهن به اداري ۾ وڃو، ڪنهن تنظيم کان اونت وٺي ڏسو، ڪنهن به کاتي تي نگاهه وجهو، اوهان کي ڪوڙ، دوکي، ڍونگ ۽ فريب کان سواءِ شايد ئي ٻيو ڪجهه نظر اچي. اوهان اديبن ۽ صحافين سان ملو، استادن ۽ شاگردن کي ڏسو، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جي ويجهو وڃو، واپاري يا دوڪاندار سان ملو، عملدار يا امير سان ملو، زندگيءَ جي هر موڙ تي سماج جي لڳ ڀڳ هر ڪردار جي وهنوار، انداز، فطرت ۽ ذهنيت ۾ اوهان کي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي جهلڪ نظر ايندي ۽ قوم جو تصور، قوم جو مفاد ۽ اجتماعي مستقبل جو اونو ڳولهيو به ڪو نه ڏسڻ ۾ ايندو.

    هن مايوس ڪن حالتن ۾ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها محسوس ٿيندي ته اسان جي اڪثريت قوم، قومي مفادن ۽ اجتماعي مستقبل کي ئي لٽ جو مال سمجهي ٿي. اسان دوکو ڪيون ٿا ته پنهنجي سان، اسان فريب ڪيون ٿا ته پنهنجي سان ۽ اسان استحصال ڪيون ٿا ته پنهنجي جو ، پاڻ ڏاڍائي ڏيکارينداسين ته فقط پنهنجي کي. اسان جي باهمي وهنوار جي ئي بگڙيل صورتحال ڪانهي، پر اسان گڏجي جيئن پنهنجي ادارن ۽ قومي ذريعن، وسيلن کي لٽي رهيا آهيون ، انهيءَ عمل اسان کي چور، حرام خور ۽ ڌاڙيل بڻائي ڇڏيو آهي. ٻين شعبن کي ڇڏيو آئون فقط تعليم ۽ تعلمي ادارن جو ئي مثال عرض رکان ٿو.اوهان يقين ڪيو نه ڪيو ، پر هي سچ آهي ته ڪيترا استاد تعليمي ادارن ۾ وڃن ٿا پر پڙهائن ڪو نه ٿا.کين پوءِ به جس پر انهن استادن لاءِ ڇا چئجي جيڪي صرف پگهار وٺڻ واري ڏينهن ايندا آهن. مون تعليم ۽ تعليمي شعبي جو مثال ان ڪري ڏنو آهي جو ان جي پنهنجي منفرد ۽ نرالي اهميت آهي. هن شعبي جي ذريعي ئي آئيندي جي ابن جي شخصيت ۽ ڪردار کي ٺاهيو وڃي ٿو. جڏهن ههڙي اهم ۽ حساس شعبي جو اهو حشر آهي ته پوءِ باقي شعبن جو ڪهڙو حال هوندو؟ تعليمي ادارن جي تباهي، ڪن استادن جي ڌرتي ڌڻين جي مستقبل سان دشمني ڪرڻ تائين محدود ڪونهي. تعليمي ادارا هاڻي تباهي جو مرڪز بڻجي چڪا آهن. شاگردن، استادن ، انتظاميه ۽ والدين پنهنجا مقصد ۽ فرض وساري ڇڏيا آهن. هر ڪو لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ مصروف آهي. ڪنهن کي مفت جا پگهار گهرجن، ڪنهن کي شاگردن جون فيون گهرجن، ڪنهن کي مفت جون مارڪون گهرجن.

    مطلب ته اسان جو معاشرو لٽيرن ۽ مفاد پرستن جي ورڪنگ رليشن شپ جي اصولن تي هلي رهيو آهي. ڪو به قومي ۽ لافاني قدر، نظريو ۽ اصول ڪنهن جي لاءِ به ڪم جو نه رهيو آهي. اسان قوم کي، قومي ذريعن ۽ وسيلن کي لٽ جو مال ڄاڻي هڙپ ڪري رهيا آهيون.نانگ پنهنجي ٻچن کي کائيندو آهي، ليڪن اسان پاڻ کي ۽ پنهنجي مستقبل کي کائي رهيا آهيون. هن تباهي ۽ برباديءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ اهو ماڻهو اهم ڪردار ادا ڪري رهيوآهي ، جيڪو لکيو پڙهيو آهي، جيڪو پاڻ کي سياڻو، عاقل ۽ بالغ ڄاڻي ٿو ، جيڪو پاڻ کي وڏو ڄاڻي ٿو ۽ جن کي ڏسڻ ٻڌڻ کانپوءِ اسان کي مستقبل جي وڻڪار جو احساس ٿيندو آهي.

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،تاريخ : 11.03.1995)

     

     

  • 45. پاڻ اهڙا جو هاٿي به ڇٻر ۾ لڪائي ڇڏيون

    پاڻ اهڙا، جو هاٿي به ڇٻر ۾ لڪائي ڇڏيون

     

    جپان جيڪڏهن، صنعت ۽ حرفت ۾ ترقي ڪئي آهي ته ڇا ٿيو؟ هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي ته جس ڏيونس. آمريڪا جيڪڏهن ”اڀ لڙائي“ ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي ته ڪهڙو ڪارنامو سر انجام ڏنائين؟هن جي به ڪهڙي مجال جو هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي ؟اهو اعزاز فقط ۽ فقط اسان کي حاصل آهي. اسان جيڪڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڏي توجهه نه ڏنو ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي؟ اسان جيڪڏهن علم ۽ قلم هٿ ۾ کڻي به عمل جي دنيا کان پري رهيا سين ته ڪهڙو گناهه ڪيوسين. ڇا اسان جا ڪارناما ڳڻڻ جهڙا ۽ جيترا نه آهن ؟

    عام ۽ عوام اڃا ايترو پڙهيل ڪو نه آهي، جو ڪارنامن مٿان ڪارناما سرانجام ڏيندو رهي. ليڪن لکيا پڙهيا، عقل جا اڪابر ، قلم جا ڌڻي ، دانش ۽ تدبر جا ٺيڪيدار ۽ ادارن جا اڳواڻ اهڙا به آهن جو جڏهن به چاهن تڏهن هاٿي کي به ڇٻر ۾ لڪائي ڏيکارين. انهن کي ئي اسان وڻڪار جا وڏا وڻ ڄاڻيندا آهيون ۽ انهيءَ خوش فهيءَ ۾ مبتلا هوندا آهيون ته وقت ۽ حالتن جي نٽهڻ اُسَ ۾ انهن ئي وڏن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي ساهه پٽي سگهون ٿا. پر لطيف سائين انهيءَ وڻڪار لاءِ اڳ ئي چئي چڪو آهي ته وڏن وڻن جي انهيءَ وڻڪار ۾ نيلا نانگ به موجود هوندا آهن. ان ڪري اتان سڪون بدران سور ملڻا آهن، خوشين بدران ڏک ملڻا آهن.

    ”ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ“ جيوڻيڪ غريب توڙي امير جي ذهنيت بڻجي پئي آهي. پر وس وارن، با اختيار ، ذريعن ۽ وسيلن جي ڌڻين ، قلم ڌڻين، ادارن جي اڳواڻن، سياسي، سماجي پيل پاون جو جادو ئي اور آهي. ”اُهي اک ڇنڀ ۾ هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي سگهون ٿا.“

    ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ جو مطلب آهي : ڪنهن جي چڱائي ڳڙڪائي وڃڻ، ڪنهن جي نيڪيءَ تي پاڻي ڦيرڻ، ڪنهن جي حيثيت جو منڪر ٿيڻ ۽ قسم قرآن تي ڪيل پنهنجي ڳالهه تان ڦري وڃڻ. مثال طور ڪو ماڻهو ڪنهن اداري ۾ مثالي ڪم ڪري هليو وڃي. پوءِ سندس پر پٺ چئجي ته ڀينگ ڪري ويو. مثال طور ڪو ماڻهو ڪنهن مظلوم يا معصوم سان خير خواهي ڪري وڃي، ۽ پوءِ ٻيو ڪو وڃي انهيءَ مظلوم جا ڪن ڀري ته توسان قهر ٿي ويو. مثال طور چونڊن کان اڳ ووٽر سان وڏا وڏا وعدا وعيد ڪيا وڃن پر چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ووٽر سان ملڻ ۾ به پنهنجي توهين ڄاڻن.انهن کي چئبو آهي ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ.

    حقيقت ۾ هاٿي انهيءَ ڪري ڇٻر ۾ لڪي ٿو، جو اسان پنهنجو اکيون بند ڪري ڇڏيون ٿا. اسان اهڙن موقعن، واقعن ۽ حالتن جو نوٽس نه ٿا وٺون. اسان محسوس نه ٿا ڪرايون ته استحصال جو هي ظالماڻو طريقو آهي. اسان پاڻ هر ڪنهن کي ڊگهو رسو ڏئي ڇڏيو آهي.

    غريب، مظلوم ۽ بي پهچ ۽ بي وس ماڻهو لالچ ۽ مجبوريءَ ۾ جيڪڏهن ڳڻ چور ٿئي ، ڪنهن جي چڱائي وساري ڇڏي يا ڪنهن جي ڪارنامن تي پاڻي ڦيري ته اهو معاف ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هو جيڪڏهن ايئن نه ڪري ته شايد سندس مطلب پورو نه ٿئي. ڇو ته پاڻ کي هي خبر آهي ته اسان جي معاشري ۾ صلاحيت ۽ لياقت جي مڃتا ٿيڻي ڪونهي. پنهنجي ڪم ڪڍڻ لاءِ پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جو من جيتڻو آهي . پوءِ اهو ڇو نه پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهوءَ جو ڪنڌ ڪٽي من جيتجي. اسان جي عوام لاءِ اهو ئي هڪ دڳ ۽ رستو ڇڏيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن وڏيري جي چوڻ تي هڪ غريب ٻئي غريب جي چوري ڪري ٿو، خون ڪري ٿو ۽ ڌاڙا هڻي ٿو . جيستائين عام ماڻهو پنهنجي سوچ، خواهه لوچ جي آزادي جو مزو نه ورتو آهي ۽ جيستائين هن پنهنجي ذاتي غرض، لالچ ۽ طمع جو بت ڀڃي ڀور نه ڪيو آهي ۽ جيستائين هن پاڻ کي مذهبي ، سياسي، احساساتي، سماجي ۽ جذباتي استحصال کان نه بچايو آهي، ان وقت تائين عام ماڻهو اهڙيون غلطيون ڪندو رهندو.

    پر جڏهن لکيل پڙهيل ، عقل جا اڪابر به ساڳئي ريت هلن ۽ هنن جو ڪم ئي هاٿي ڇٻر ۾ لڪائڻ تائين محدود ٿي وڃي، ته ان کي ڇا چئجي؟

    صحآفيءَ کي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر ٿئي ٿي. پر پوءِ به جيڪڏهن هو ڪوڙ تي سندرا ٻڌي بيهي ته عام ۽ عوام جي ” عام راءِ “ ڪهڙو رنگ وٺندي؟ سياستدان جيڪڏهن هر دفعي ڪوڙا ڏٽا ڏئي ووٽ وٺندو رهي ته هن جو ”آدرشي روپ“ ڪيئن برقرار رهندو؟ ادارن جا ڌڻي انهيءَ ڊپ کان ته متان کائڻ پيئڻ ۾ ٻيو به اچي شامل ٿئي يا گلا خوريءَ جو هزار داستان کولي ويهندا ته ادارن ۾ نئون خون ۽ نيون صلاحيتون ڪيئن داخل ٿي سگهنديون. عالم ۽ اديب جيڪڏهن ملڪ ۽ قو م جي دکن دردن کي نظر انداز ڪري پنهنجي سورن جا مذڪور ويهي ٻڌائيندو ته سچو ۽ سچار ڪيئن سڏائيندو؟

    پر اسان جي معاشري ۾ اهي ايئن هاٿيءَ کي ڇٻر ۾ لڪائيندا رهن ٿا ۽ پوءِ به اهو محسوس ڪن ٿا ته پاڻ آدرشي انسان آهن، بي دڳن کي دڳ لائيندڙ آهن ۽ دنيا جهان جي دردن جي دوا آهن. ليڪن حقيقت ۾ ڪي به نه آهن. هو هاٿي کي به ڇٻر ۾ لڪائي نه ٿا سگهن. سندس اهو طلسم ان وقت تائين باقي رهڻو آهي جيستائين عوام اکيون بند رکيون ايندو. عوام اکيون کوليون ته ڪيترا ڊهي پوندا ۽ طلسم ٽٽي پوندا.

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 08.04.1995)

     

     

  • 44. تنظيمون توجه ڏين

    تنظيمون توجهه ڏين

     

    انهيءَ تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ڪانهي ته اسان جو تنظيمون ڪهڙيون ۽ ڪيترن قسمن جون آهن؟ پر جن تنظيمن سان پنهنجو واسطو ۽ واهپو ٿئي ٿو ، اهي ٽن قسمن جون آهن.پهريون سياسي تنظيمون، ٻيو ملازمن جون تنظيمون ۽ ٽيون شاگردن جون تنظيمون. شاگردن جون تنظيمون آهن ته سياسي پارٽين جو ذيلي شاخون، پر انهن ڪيترن ڳالهين ۾ پنهنجي حيثيت ، نوعيت ۽ اهميت کي الڳ گروپ ۾ مڃرايو آهي. اهڙي ريت ملازمن جون تنظيمون وري ٻن قسمن جو آهن : هڪڙيون اهي جيڪي سياست کان بنهه پري فقط پنهنجي پيشوارانه برادري جي حقن حاصل ڪرڻ جي ناقابل شڪست قوت آهن، ٻيون اهي جيڪي گهٽ تعليم ورتل ٿين ٿيون ۽ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي جو آشيرواد حاصل هوندو آهي. اها هن ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته اڪثر حالتن ۾ وقت جي حڪمرانن شاگردن ۽ مزدورن جي تنظيمن کي غلط استعمال به ڪيو آهي ۽ مٿن ڏاڍ ڏمر به ڪيو آهي. جيڪا پارٽي اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي، اها انهن ٻنهي تنظيمن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪندي آهي ۽ موٽ ۾ حڪومت وري انهن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ شروع ڪندي آهي. اسان وٽ تنظيمي شعور ۽ طبقاتي تضادن جي شڪل ذاتي مفادن ۽ گروهي مفادن جي ڌنڌ ڪري نمايان نظر نه ٿا اچن . ان ڪري ئي اهي تنظيمون واري وٽيءَ سان لٺ ۽ چٺ جو نشانو ٿي وڃن ٿيون ۽ هڪ ٻئي خلاف استعمال ٿين ٿيون. جيڪي تنظيمون آشيرواد جي خيرات وٺنديون، انهن جو اهڙو ئي حشر ٿيڻو آهي، اهي ڪڏهن ريل ۾ هونديون ته ڪڏهن جيل ۾ هونديون، کين في الحال اهو سمجهائڻ ڏکيو آهي ته اقتدار جي ڪرسي جو رنگ ۽ روپ، تقاضائون ۽ ادائون هڪجهڙيون ٿينديون آهن، ڪا به پارٽي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندي ته ان جو انداز ۽ ان جي ادا مٽيل هوندي، ان ڪري ٿيڻ ايئن گهرجي ته اهي تنظيمون به هڪ اهڙي ”تنظيمي ڪلچر“ کي جنم ڏين، جيڪي ڪنهن سياسي پارٽي جي ترجمان ۽ آواز بڻجڻ بدران فقط ۽ فقط برادري جي حقن جي حفاظت ڪن ۽ جيڪڏ هن ”پوليٽيڪل پريشر“ طور ڪم ڪن ته پوءِ ان وقت گروهي نه پر قومي ۽ اجتماعي مفاد اڳيان هئڻ گهرجن ۽ نه ڪي پارٽي يا شخصيت جا مفاد . جيڪڏهن پارٽي ڊسپلين جو احترام ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي ته پوءِ اقتدار يا اختلاف واري ڌر هر ٻئين ٽئين مهيني پنهنجي ذيلي تنظيمن جي ڪانگريس سڏرائي سياسي عمل ذريعي پنهنجي حڪمت عملين ۽ طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري ، ذرائع ابلاغ ذريعي عوام تائين پهچائي ته جيئن عام ماڻهو پنهنجي قول ۽ فعل کي ان مطابق موڙي يا مضبوط ڪري سگهي. پر اسان وٽ ايئن ڪونه ٿو ٿئي، بس بدقسمتي اها آهي ته اسان جون ڪيتريون پارٽيون جمهوري قدرن کي قبول ڪرڻ جي دعويٰ جي باوجود جمهوري اصولن تي نه هلنديون آهن. ان ڪري انهن جو طريقيڪار ۽ رويو جمهوري نه پر آمرانه ۽ جاگيردارانه هوندو آهي. انهن جا اڳواڻ پنهنجي پارٽين کي پنهنجي جاگير ڄاڻي، انهن تي آمرن وانگي حڪم صادر ڪندا آهن. ان ڪري اهڙيون پارٽيون پنهنجي ذيلي تنظيمن کي ڪئين اعتماد ۾ وٺنديون؟ ۽ ڪيئن بنا ناغي انهن جون ڪانگريسون سڏرائي طريقيڪار يا ٻين ڳالهين تي انهن کي اعتماد ۾ وٺنديون. ان ڪري اسان جي سياسي نظام ۾ فيصلا توڙي عهديدار مسلط ڪيا ويندا آهن.

     

    پر جيڪڏهن ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ پارٽي جمهوري روايتن کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته اخبارن کان سواءِ ان لاءِ سرڪاري ذرائع ابلاغ جا ٻيا دروازا بند رهندا. ان ڪري عوام اهڙي پارٽي جي طريقيڪار ۽ حڪمت عملين کان چڱي ريت باخبر ٿي نه ٿو سگهي.

    اهڙي صورتحال ۾ اها تنظيمن ۽ انهن جي ذيلي تنظيمن جي مفاد وٽان ڳالهه ٿيندي ته اهي اقتدار ۾ هجن يا اقتدار کان ٻاهر ، پر گڏجي جمهوري قدرن، نظرين ۽ اصولن جو مان مٿاهون ڪن. اجتماعي پريشر گروپ ٺاهي پنهنجي پنهنجي پارٽي کي جمهوري اصولن مطابق منظم ڪن ۽ هلائن. ان کان سواءِ ذرائع ابلاغ يعنيٰ اخبارون، رسالا، ريڊيو ۽ ٽي وي تي حزب اختلاف يا حزب اقتدار کي هڪ جيترو موقعو فراهم ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪرائن. اهو موقعو ڪاروائي ۽ جوابي ڪاروائي بدران پنهنجي ڪارڪردگي ۽ طريقيڪار تائين محدود هئڻ گهرجي، خيالن جي اظهار جو اهو حق فقط ۽ فقط ذيلي تنظيمن جي پريشر ۽ پريس ميڊيا جي دٻاءَ هيٺ ئي ملي سگهي ٿو.

    سمورين تنظيمن ۽ ذيلي تنظيمن جي اها بدقسمتي آهي ته انهن کي سلجهيل ڪارڪن نه ٿا ملن. جيڪي سندن حلقي ۾ داخل ٿين ٿا، تن جي تنظيمي حوالي سان ڪا به تربيت نه ٿي ڪئي وڃي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته ڪا به تنظيم يا ذيلي تنظيم هر ڪنهن کي ميمبر بنائڻ جو جهاد نه ڪري . بيشڪ ان جا دروازا کليل رهن، پر انهن دروازن مان اهڙا ماڻهو اندر داخل ٿين جن ۾ پنهنجي پارٽي، تنظيم ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جو جذبو به هجي ته ڏانءُ به هجي.انهن تنظيمن کي ڏوهارين يا مفاد پرستن جي ڍال نه بڻايو وڃي. جيئن اڄ جي صورتحال آهي. تنظيم جو ڪارڪن انهي سٺي گهر ڌياڻيءَ جهڙو هجڻ گهرجي، جيڪا هڪ ئي وقت تي پيڪا ۽ ساهرا راضي رکندي آهي.ڪارڪن کي هڪ ئي وقت تي پنهنجي پارٽي ۽ قوم جي مفاد جي نگهباني ڪرڻي آهي، نه ڪي پنهنجي ذاتي مفاد جو رکوالو، عوام جو دشمن ۽ قوم جو غدار ٿيڻو آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ڪا به تنظيم ڪنهن کي ميمبر ڪرڻ کان اڳ ان جي ارادن ، لاڙن ۽ خواهشن جاچڻ کان علاوه شخصيت ۽ ڪردار کي به نظر ۾ رکي، نه فقط ايترو پر ان جي شخصيت ۽ ڪردار جو رڪارڊ رکي ۽ ان کان عوام کي باخبر رکندي رهي. پنهنجي ڪارڪنن ۾ تنظيمي ضابطو پيدا ڪرڻ، تنظيمي ڪارڪردگي کان باخبر رکڻ ۽ سندس شخصيت کي سنوارڻ سينگارڻ لاءِ وقت به وقت تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪري . ايئن ڪرڻ ۾ پارٽي، تنظيم، ذيلي تنظيم ۽ عوام جو ڀلو آهي. ايئن ڪرڻ سان جمهوري قدرن کي مقبول بنائڻ ۾ پاڻ کي وڏي هٿي ملي ويندي. اسان جون ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ پارٽيون ان ڪري ئي عوام ۾ مقبول ٿي نه سگهيون آهن، ڇو جو انهن جا ڪارڪن پارٽي ڊسيپلين ۽ مينيفيسٽو کان وانجهيل ۽ فقط پنهنجي ذاتي مفادن جا مريد ٿين ٿا، اهي هڪ ئي وقت تي عوام، تنظيم ۽ قوم کي دوکو ڏين ٿا.

    اهي تنظيمون، جيڪي سياسي مقصد نه ٿيون رکن ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جون ذيلي تنظيمون نه آهن. انهن ۾ پڻ جمهوري قدرن، نظرين ۽ اصولن کي عام ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. اهي به غير جمهوري ماحول ۽ جاگيردارانه نظام جو اثر قبول ڪنديون رهن ٿيون. اهي به اڪثر ڪري وڏيرائپ يا حڪمراني ڪرڻ جو ڏيک ڏين ٿيون، انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙين تنظيمن کي بچائڻ جا في الحال ترت قدم اهي کڻي سگهجن ٿا ته ڪو به فرد لڳا تار تنظيم جو عهديدار نه بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به ميمبر کي ڪو عهدو جاگير طور نه ڏجي . ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو عهديدار يا جملي عهديدار جڏهن پنهنجي عهدن جو ناجائز فائدو وٺن يا تنظيم جي اغراض و مقاصد خلاف ڪم ڪن ته پوءِ انهن خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري کين يا کيس عهدن تان برطرف ڪري سگهجي.

    تنظيمون ۽ پارٽيون انهيءَ صورت ۾ هنن تجويزن تي غور نه ڪنديون، جڏهن ۽ جيڪڏهن انهن جا عهد يدار ۽ ڪارڪن جمهوري روايتن ۾ ايمان نه رکندا هوندا، يا انهن تنظيمن کي پنهنجي ذاتي خواهه گروهي مفادن حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو ڄاڻندا هوندا. اهڙي صورت ۾ اهو عوام ۽ پريس تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهڙن عهديدارن جي پرڪارن کي پڌرو ڪن ۽ هر ڪنهن تنظيم کي مجبور ڪن ته اها جمهوري قدرن پٽاندڙ هلي، ٻئي صورت ۾ تنظيمون، ڏوهارين، بدڪردارن، عوام دشمن ۽ قوم دشمن قوتن جا مورچا بڻجي وينديون.

     

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 17.09.1994)

     

     

     

  • 43. وڏيون مڇيو ن،قانون ۽عوام

    وڏيون مڇيو ن،قانون ۽عوام

     

    ; قوت هنن کان پنهنجو مٿو ڦاڙائڻ نه گهرندي آهي.

     

    سنڌ ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيڻ جي نتيجي ۾ هر ڪنهن حڪومت کي فائدو رسيو ۽ وقتي طور تي امن امان جي صورت حال بهتر ٿيڻ ڪري ان کي موقعو ۽ سڪون به مليو ۽ ”اضافي نمبرن“ کڻڻ لاءِ دعويٰ ڪرڻ جو جواز به مليو. پر ان مان وڌيڪ نقصان فوج ۽ عوام کي پيو آهي.

    فوج اهو چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته سنڌ هڪ حساس ترين صوبو آهي ۽ ڪيترن حوالن سان ”لانگ بوٽ“ ۽ ”خاڪي وردي“ جا اصطلاح هتي علم ادب ۽ ٻوليءَ ۾ جاءِ وٺي چڪا آهن. ان ڪري فوج پنهنجي خلاف وڌيڪ نفرت جي ٻج ڇٽڻ کان پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . ان هوندي به خابرو ايجنسين طرفان تصديق نه ڪيل معلومات فراهم ڪرڻ ۽ ٻين سببن ڪري سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا واقعا به رونما ٿيا، جن فوج کي پنهنجي ڪارڪردگي تي نظر ثاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ انهن واقعن تي شديد عوامي ردِ عمل به ٿيو. هتي هنن حالتن ۾ سنڌ واسين جي ڏاهپ ۽ صلاحيت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي ، جن فوج خلاف نفرت پکيڙڻ بدران مظلومن جي داد رسيءَ لاءِ دانهون ڪوڪون ڪيون پر ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ جڏهن فوج دهشتگردن خلاف قدم کڻڻ شروع ڪيا ۽ ڪيترن گناهن خواهه ٽارچر سيلن جي نشاندهي ڪري پنهنجي قدم کي جائز به قرار ڏياريو، تڏهن به انهن دهشتگردن پنهنجن سياسي مقصدن کي آڏو رکي فوج خلاف زهريلي نفرت پکيڙڻ جي تحريڪ هلائي.

    هن فوجي آپريشن مان مجموعي طورتي سڄي ملڪ جي عوام ۽ خاص طور تي اندرون سنڌ جي عوام کي ڪافي ڇيهو رسيو آهي ۽ وڌيڪ ڇيهي ملڻ جو انديشو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته فوجي آپريشن ۾ ڪيترا ڌاڙيل ۽ رهزن مارجي ويا آهن، ليڪن اندروني سنڌ جي عوامي اظهار جي سروي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته انتهائي بدنام ڌاڙيل ۽ مختلف ٽولن جا سردار اڃا زندهه آهن ۽ سندن ڪو به وار ونگو نه ٿيو آهي.اهي پڻ وڏين مڇين جيان قوت ۽ قانوني گرفت کان بي نياز ۽ آجا آهن. جڏهن به فوج واپس ٿيندي، اهي اهڙو ته رڻ ٻاريندا جو ڄاول ٻارن کان به ڌرڙيون نڪري وينديون.

    اهو چيو وڃي ٿو ته فوج جي واپسي کان پوءِ پوليس عوام جي حفاظت ڪندي ۽ اهڙي ڪم لاءِ سندن تربيت به ڪئي پئي وڃي. ليڪن ”شولڊر پروموشن“ ۽ ڌاڙيلن خلاف ڪامياب مهم ڪندڙ پوليس کاتي جي عملدارن ۽ ڪارڪنن کي انعام ۽ پروموشن ڏئي جيئن ۽ جهڙي ريت واپس ورتا ويا آهن، انهيءَ هنن همراهن جي اڪثريت کي بي دليو ۽ دل شڪستو ڪري وڌو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پوليس کاتي جي ڪيترن ماڻهن ڌاڙيلن سان عليڪ سليڪ رکي، پر پوءِ به ڪن عوام دوست پوليس وارن معمولي پگهار هوندي به فرض جي حق ادا ڪرڻ جا غير معمولي ڪارناما سر انجام ڏنا.انهن مان ڪنهن کي به ”صدارتي ايوارڊ“ ته نه مليا، مورڳو مليل پروموشن به واپس ورتا ويا. ڄنگهه ڀڳو ڪم ڪندو آهي، ليڪن دل ڀڳو ڪک به ڀڃي ٻيڻو نه ڪندو آهي، اها ڳالهه اندروني سنڌ جو ماڻهو چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو.

    ”وڏين مڇين“ جي ذڪر نڪرڻ سان مسئلي جو حل ته نه ڪڍيو ويو، ليڪن ان جي برعڪس جهڙوڪ گناهه دوستي ۽ ڏوهه پرستيءَ جي جذبن ، امنگن ۽ سوچن کي تقويت ڏني وئي . جڏهن لاچار، بيوس ۽ مجبور عوام کي اهو يقين ٿيڻ لڳو آهي ته اسان جي معاشري ۾ جيڪو جيڏو ڏوهاري آهي، اهو اوترو محفوظ آهي، هو هر قسم جي گرفت کان آجو ۽ قانون کان مٿي آهي، تڏهن اها سوچ هن جي ڪردار تي منفي اثر ڇڏيندي. هن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه رهندو ته هو وڃي وڏين مڇين جي وات ۾ پئي يا پاڻ ڪنهن نه ڪنهن وڏي مڇي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري.

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 06.08.1994)

     

     

     

  • 42. اٺين آني جو اٺ ،ٻارنهن آناگهلاڻي

    اٺين آني جو اٺ ٻارهن آنا گهلاڻي.

     

    برسات جيڪي سنڌ ۾ قهر ڪيا آهن، انهن کان هر ڪو واقف آهي. جڏهن زمين جو وڃي اهو حال رهيو آهي ته اها وڌيڪ پاڻي جذب نٿي ڪري سگهي، تڏهن عوام ، شهرن، ڳوٺن ۽ فصلن سان ڪهڙي ويڌن ٿي هوندي . سورن جي انهيءَ مذڪور مان الائي ڪيترا داستان جوڙي سگهجن ٿا. بارش وڌيڪ پوڻ سبب سنڌو ۾ به چاڙهه آيو آهي ۽ ان سان گڏ منڇر به موج ۾ اچي وئي آهي. انهيءَ صورتحال ڪيترن سنڌ واسين جو سک ڦٽائي ڇڏيو آهي.

    پاڻي، جيڪو هر ڪنهن جيوت جو جياپو آهي ۽ انساني تهذيب جي ارتقا جو پهريون ڏاڪو رهيو آهي، ان کي اڄوڪي انسان پنهنجي پنهنجي مطلبن ۽ مقصدن خاطر ڪم آڻڻ به سکي ورتو آهي. ”پاڻيءَ جي سياست“ هاڻي پاڪستاني سياست جو بنيادي گر، بلڪ تاڃي پيٽو بڻجي چڪي آهي. ڪالا باغ ڊيم پرست سياستدان، مئي متي مهراڻ جي مستي، دهشت ۽ هستيءَ مان فائدو وٺي نصيحتون ۽ وصيتون ڪرڻ جهڙا ٿي وڃن ٿا ته دادلي درياهه کي لغام نه ڏنو ويندو ۽ ڪالا باغ ڊيم نه ٺاهيو ويندو ته ايئن ئي نقصان ٿيندا. پر کين ڪير سمجهائي ته انسان اشرف المخلوقات، جيڪو وڏي سگهه رکي ٿو، سو صدين کان وٺي اهڙين حالتن جو مقابلو ڪندو آيو آهي. اهڙا مقابلا ئي سندس وجود ۽ عظمت جي ساک ڀريندا آهن. سنڌو صدين کان وٺي ڪاوڙبو رهيو آهي، پر سنڌ واسين ان جي موجن مان به اڻ ڳڻيا فائدا پئي ورتا آهن. سنڌو جو غصو ڪڏهن به قهر ۽ ڏمر نه بڻيو آهي. بيشڪ سنڌو شهر ڦٽايا ۽ ماڻهن مجبور ٿي پنهنجي گادين حڪمرانين جا هنڌ بدلايا ، پر سنڌو ۽ سنڌ واسين جي اها اک ٻوٽ راند ٻنهي جي وجود کي ختم نه ڪري سگهي آهي. ان ڪري انهيءَ صورت حال کي بهانو بڻائي حيران ۽ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. دنيا جا ڪيترا ملڪ شهر اهڙا به آهن، جيڪي سامونڊي طوفان، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۽ مسلسل بارشن باوجود سک ۽ سڪون جي زندگي گذارين ٿا. جڏهن ته اهي آفتون انهن جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. پوءِ سنڌ جي حوالي سان سنڌوءَ جي موج کي ڏمر ۽ بارشن کي قهر طور پيش ڪرڻ مان نه ته سنڌ واسين سان خيرخواهي ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان کي چڱن مقصدن واري سياست چئي سگهجي ٿو. سنڌي قوم جو مثال ڇٻر جهڙو آهي، ڇٻر کي ڍور ڍڳو کائي يا ماڻهو لتاڙي پوءِ به پاڻ هرتو ڦٽي پئي ٿي. انهيءَ جيان سنڌ واسين صدين کان وٺي سماجي، سياسي ۽ آسماني آفتن جو پئي مقابلو ڪيو آهي ۽ ان کي ڪو ختم ڪري نه سگهيو آهي. اها انصاف جي ڳالهه ڪانهي ته سنڌ واسين کي ملندڙ مصيبتن جي سببن کي ختم ڪرڻ بدران زمين ۽ آسمان واري ڪنهن مصيبت کي بهانو بڻائي ساڻن نقلي همدردي ڪئي وڃي. جيڪڏهن سنڌو اسان جون وستيون تباهه ڪري ٿو ته ان جي ذميواري ايريگيشن کاتي تي مڙهي سگهجي ٿي. بندن تي مٽي وجهي انهن کي مضبوط ڪرڻ بدران جڏهن ڪروڙين روپيا عملدارن جي پيٽ ۾ هليا ويندا پوءِ ٻوڏن کان اسان کي ڪير بچائي سگهندو؟

    اهڙي ريت جيڪڏهن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو موثر ۽ بهتر نظام موجود هجي ته بارش اسان جا گهر گهاٽ ڇو ڊاهي؟ ٻوڏن ۽ بارش جي تباهه ڪارين کي گهڻي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. شرط اهو آهي ته سرڪاري کاتا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪن ۽ انهن جا عملدار لاهي پاهي عوامي خزاني کي هڙپ ڪرڻ بند ڪن.

    اهڙين تباهين کي منهن ڏيڻ جا ڪيترائي سماجي ۽ سياسي طريقا به موجود آهن. عوام کي بزدل، ڀاڙي۽ محتاج بنائڻ بدران ان جي حوصلي، بردباري ۽ همٿ کي اڀاري سگهجي ٿو. اوچتين آفتن کي منهن ڏيڻ جو جذبو هر ڪنهن ۾ موجود آهي. جڏهن اڃا سوسائٽي ۽ حڪومت جو وجود ڪو نه هو، تڏهن به انسان اهڙين آفتن کي منهن ڏيندو آيو آهي. پر اڄ هر ڪنهن حيلي وسيلي هوندي به هو محتاج، مجبور ۽ بي وس بڻجي چڪو آهي. بلڪ انهيءَ کي اهڙي موڙ تي آندو ويو آهي.

    اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به حڪومت اڳواٽ، وقتي ۽ دائمي منصوبا بندي نه ڪئي آهي. نه وري عوام پنهنجي حقن جي حفاظت اهڙي ريت ڪئي آهي، يا ڪن کاتن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪڙي نظر رکي سگهيو آهي . سنڌوءَ جي بندن تي مٽي پئي ٿي يا نه ؟ ڳوٺن ۽ شهرن کي گندي پاڻي، بارش جي پاڻي يا درياهه جي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ واسطيدار عملدار ڇا ٿا ڪن؟ انهن سوالن جو جواب عوام وٽ ئي موجود آهي. هر ڪا پارٽي عوام کي اصلي قوت جو سرچشمو چئي ٿي. عوام کي ايئن ئي رهڻ ۽ ٿيڻ گهرجي. قوت جي سرچشمي ٿيڻ سان ئي عوام پنهنجي ڪيترن دردن جو دارون ڪري سگهي ٿو.

    هر ڏکئي وقت تي ۽ هر اهڙي صورتحال ۾ هر دور جي حڪومت پنهنجي ڪوتاهين، غلطين۽ سستين تي پڙدي وجهڻ لاءِ عوام جي اٻوجهائپ ۽ جذبن سان ويساهه گهاتي پئي ڪئي آهي ۽ اهڙين حالتن مان پنهنجي ڪرسي، قد ۽ بت کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. مثال طور تي سخت بارشن ۽ ٻوڏن وقت عملدار، امير، سياستدان ۽ حڪمران ماڻهن سان همدردي ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري پوندا آهن . انهن دورن دوران جيڪي شاهي خرچ ٿين ٿا ۽ جيترو سرڪاري خزانو لٽيو وڃي ٿو، اهو جيڪڏهن متاثر عوام ۾ ورهايو وڃي ته، هوند انهن جا ڏک دور ٿي وڃن ۽ عوام کي فقط دلاسا يا وڌ ۾ وڌ ٻن اڍائي هزارن جي خيرات نه ملي.

     

    عوام جون حڪومتون، عوام مان حڪومتون ۽ عوام لاءِ حڪومتون اهڙي ريت قوم کي ڏک ۾ ڏسي پنهنجي وزيرن عملدارن کي اشتهاري ڪردار نه بنائينديون آهن، اهي اٺين آني جي اُٺ تي، ٻارهن آنا خرچ نه ڪنديون آهن. سستي شهرت، عوامي جذبن جي استحصال ۽ شاهي خرچين جون روايتون اڄ به قائم آهن ۽ شايد مستقبل ۾ به قائم رهن .

     

     

    (ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

    تاريخ : 03.12.1994)