Author: admin

  • 1882

     

    تاريخ ۽ مهيني جي تصديق نه ٿي ٿئي ، البته اهي پڪيون شاهديون ملن ٿيون ته انهيءَ سال سنڌ ۾ پهرين تنظيم ” سنڌ سڀا “ قائم ٿي ، جنهن جا هندو خواهه مسلمان ميمبر هوندا هئا . هن تنظيم سماجي سڌارن ، ميونسپل ۾ چونڊون وڙهڻ ۽ سرڪار جي بلي عوامي ڀلائيءَ وارن ڪمن لاءِ سرڪار جي توجھ ڇڪرائڻ وغيره جهڙا ڪم ڪيا . 1884ع ۾ حسن علي آفندي هن تنظيم کان الڳ ٿي ” سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ ٺاهي .  

     

    ڊسمبر 1882ع

     

  • 1881

     

    خانبهادر حاجي امام بخش خان ولد خان بهادر غلام الرسول خان جتوئي ڳوٺ ملڪ تعلقي موري ۾ ڄائو . هو پاڻ پنهنجي تر جو ناميارو زميندار بڻيو . وقت جي سرڪار کيس پهريون ” خانصاحب “ ۽ پوءِ ” خانبهادر “ جا لقب ڏنا . ڪيترو وقت اسپيشل ماجسٽريٽ به ٿي رهيو . يارنهن سال کن بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر به بڻيو . ان کان سواءِ ڪيترو عرصو نواب شاهه ضلعي لوڪلبورڊ اسڪول بورڊ جو چيئرمين به رهيو .

    25 جولاءِ 1881ع

     

  • 1880

     

     

    ڍوري ناري ۾ حاجي محمد سومري کي قلندر بخش نالي پٽ ڄائو ، جنهن اڳتي هلي پهريون ضلعي لوڪلبورڊ کان سياست جو آغاز ڪيو ۽ پوءِ بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو . کيس 07 جون 1930ع تي قتل ڪيو ويو .

    25 جنوري 1880ع

     قلندر بخش ولد حاجي محمد صوفي ڳوٺ ڍورو نارو ۾ ڄائو . جيڪو ڪيترو وقت ضلعص لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به ٿي رهيو .

    25 جنوري 1880ع

    عبدالرحمان ولد حافظ محمد يعقوب ڪراچيءَ ۾ ڄائو . هي صاحب اڳتي هلي ناميارو وڪيل ٿيو ۽ ” سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “  ـــ  ” ڪانگريس “ ۽ ” خلافت تحريڪ “ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين .

    17 سيپٽمبر 1880ع

     

  • 1879

     

    ٿانور داس ليلارام واسواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو . هو اڳتي هلي ” ساڌو واسواڻي دادا جي “ نالي سان مشهور ٿيو . ڪيترو وقت مختلف ڪاليجن ۾ استاد ۽ پرنسپال ٿي رهيو . حيدرآباد ۾ ” سينٽ ميرا “ نالي زناني تعليم لاءِ اسڪول قائم ڪيائين . هندو ڌرم وارن جي اخلاقي ۽ مذهبي رهبريءَ لاءِ ” سنت مالا “ نالي ماهوار سلسلو جاري ڪيائين ۽ اڌ ڊزن کان مٿي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين . ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو ، جتي سندس حيثيت روحاني رهبر جهڙي ٿي پئي . 1966ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين ۽ سندس هاٺيون وصيت مطابق سنڌو نديءَ ۾ پرواهه ڪيون ويون .

    25 نومبر 1879ع

     

  • 1874

     

     

    تحريڪِ آزاديءَ جو باني ، عالم ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو دوست ، مدرسي مظهرالعلوم ڪراچيءَ جو سالن جا سال مهتمم مولانا محمد صادق ولد مولوي عبدالله ڪراچيءَ ۾ ڄائو .

    15 مارچ 1874ع

     

  • 1872

     

    سر حاجي عبدالله هارون ڄائو . سندس جنم غرب ترين فرد جي حيثيت ۾ ٿيو . پر وفات امير ترين ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ ڪيائين . 1910ع کان وفات (27 اپريل 1942ع) تائين تحريڪِ آزاديءَ سان لاڳاپيل سمورين تحريڪن ۽ جماعتن ۾ حصو ورتائين . انهن مان ” خلافت تحريڪ “ ، ” بمبئيءَ کان سنڌ جي عليحدگيءَ جي تحريڪ “ ۽ ” پاڪستان تحريڪ “ ذڪر لائق آهن . ڪيترو وقت ڪراچي ميونسپالٽي ۽ بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿي رهيو .

    07 نومبر 1872ع

     

  • 1861

     

    سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه ولد سيد ميان الله بخش شاهه ٽکڙ ۾ ڄائو . شاهه صاحب پنهنجي تر جي ناميارن پيرن ۽ زميندارن مان هڪ هو . سياسي طور تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو هم خيال هو . جڏهن خلافت تحريڪ هلي ته ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين .

    19 جون 1861ع

     

  • 1858

     

    سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر ” سنڌ ريلوي “ جي تعمير جو افتتاح ڪيو . هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ ۾ ريلوي جي شروعات سرڪار جا ڪيترا مسئلا حل ڪندي . مثال طور ڏکين وقتن تي متاثر هنڌن تي فوج موڪلي سگھبي ، ناڻو ڪمائي سگھبو ۽ ضرورت وارو مال آسانيءَ سان بندر ۽ شهر تائين پهچائي سگھبو.

    29 اپريل 1858ع

    فرنگي سرڪار طرفان ” فوائدالاخبار “ نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي . جيڪا هڪئي وقت ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ هوندي هئي . هيءَ اخبار گورنمينٽ پريس ۾ ڇپبي هئي ۽ منجھس تعليم ، تعليم جي ترقي ۽ مختلف موضوعن تي ليک ڏنا ويندا هئا .

    15 مئي 1858ع

     

  • 1857

     

    فرنگي سرڪار خلاف حيدرآباد ۾ ڏيهي فوجين منصوبو جوڙيو . پر ان ۾ ڪامياب به ٿي سگھيا .

    08 سيپٽمبر 1857ع

    حيدرآباد ۾ ڏيهي فوجين جي دستي مان پنجن کي بغاوت جي منصوبي سٽڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو . انهن ۾ هڪ حوالدار ، هڪ نائڪ ۽ ٽي خانگي ماڻهو هئا . کين ڪورٽ مارشل ڪيو ويو . ۽ ان جي فيصلي مطابق حوالدار کي توب جي منهن ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سندس چئن ساٿين کي جنم ٽيپ ڏني وئي .

    10 سيپٽمبر 1857 ع

    حيدرآباد ۾ يورپين کي قتل عام ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو هو جنهن تي اڄ عمل ٿيڻو هو

    12 سيپٽمبر 1857ع

    هڪ بنگالي برهمڻ جاسوس ڪراچيءَ ۾ سرڪار کي اطلاع ڏنو ته ريجمينٽ نمبر 21 رات جو 2 وڳي ڌاري بغاوت ڪندي . اطلاع ملڻ تي انهيءَ ريجمينٽ کي حاضري ڀرڻ جو حڪم ڏيو ويو . سندس حاضري ورتي وئي ۽ کا.ئن هٿيار ڦريا ويا . ان کان پوءِ سندن تنبن جي تلاشي ورتي وئي .

    13 سيپٽمبر 1857ع

     

  • 1854

     

    ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي سڀ کان پهرين سالياني رپورٽ جاري ٿي . جنهن ۾ تيرهن هزار پنج سو چوڏهن روپين ، هڪ آني ۽ اٺن پاين جي آمدني ڏيکاري وئي . جيڪي ڪم ڪرايا ويا اهي هئا وڏا کوهه کوٽائي بندر روڊ ۽ ڀرپاسي وارن رهواسين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ، ميونسپل ۽ سرڪار جي گڏيل اسڪول جي عمارت ٺهرائڻ ، ميونسپل خيراتي اسپتال لاءِ جاءِ خريد ڪرڻ ۽ ڪراچي شهر جي سينيٽرئي جي حوالي سان سروي ڪرائڻ وغيره .

    17 جولائي 1854ع

    تاريخ جي پڪ ڪانهي ، البته مهينو ۽ سال اهو ئي آهي جو انگريز سرڪار ڪراچيءَ ۽ ملتان وچ ۾ ” ڪئمل ٽرن “ جو آغاز ڪيو . اهي اُٺ سيوهڻ  ، لاڙڪاڻي ، شڪارپور ، سکر، سبزل ڪوٽ ۽ بهاولپور کان ٿيندا ملتان ٽپال کڻي ويندا هئا . حيدر آباد ، ڪوٽڙي ۽ جيڪب آباد ۾ هن اُٺاڻي ٽپالي قافلي جون شاخون هونديون هيون . هر ٻارنهن ميلن کان پوءِ اُٺ مٽايا ويندا هئا .  

    08 آگسٽ 1854ع