Author: admin

  • 1932

    1932ع

    لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽي جي گونڊرام ڄيٺسنگ (تحريڪ دوران ڏهون ڊڪٽيٽر) ۽ مورسنگ (پهرين ڊڪٽيٽر) کي ڇهه مهينا جيل ۽ هڪ سو روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي، اهڙي طرح ڪانگريسي ورڪر لالچند کي وري ڏهه مهينا جيل جي سزا ڏني وئي.

    1932ع

    ملان ابڙي جي ويٺل نامور خلافتي اڳواڻ مولوي حاجي احمد ملوي ولد فضل محمد جي وفات ٿي، هن حيدرآباد ۾ تعليم ورتي ، ڳچ عرصو بلوچستان ۾ رهيو، مٺڙيءَ ۾ مدرسو کوليائين ۽ آخر ۾ ٻني ٻارو ڪري وقت گذاريائين.

    1932ع

    لاڙڪاڻي واسي شاعر ۽ قلم ڌڻي حاجي محمود ”خادم“ جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ قائم ٿي، جنهن لاءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کي صدر، حاجي محمود ”خادم“ ۽ جي اين ناگراڻي کي نائب صدر، گوپي رام رکياڻي کي سيڪريٽري، شيخ عبدالله ”عبد“ کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪشنچند ناگراڻي کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، هن سوسائٽي سنڌي ادب ۾ تنقيد ۽ شاعريءَ ۾ موضاعتي شاعريءَ کي فراغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

    5 جنوري 1932ع

    بمبئي سرڪار پنهنجي حڪم نامي ذريعي سنڌ ۽ هند ۾ قائم ٿيل ڪانگريس ڪاميٽيون ۽ انهن جون ذيلي تنظيمون بندش هيٺ آنديون، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جن تنظيمن تي بندش پئي اهي هيون: ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪاميٽي (لاڙڪاڻو)، سٽي ڪانگريس ڪاميٽي (لاڙڪاڻو)، ڪانگريس ڪاميٽي (قمبر)، نوجوان ڀارت سڀا (لاڙڪاڻو) ۽ بائڪاٽ ڪاميٽي (لاڙڪاڻو).

    13 جنوري 1932ع

    سياست جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بمبئي سرڪار ٻه حڪم ناما جاري ڪري ضلعي لاڙڪاڻي جي هنن فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽن کي اسپيشل مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا: مسٽر گرين، چئنراءِ ڪشنچند، جي  جي ڊريو، گرڏنومل بخت راءِ، گوبند رام جهمٽمل ۽ آغا عبدالنبي.

    انهن کي سمري ڪورٽ جا اختيار ڏنا ويا، جن ٻين کي سمري ڪورٽ جا اختيار ڏنا ويا اهي هئا: شاهه محمد، جي واءِ مرزا، ڪشنچند ڪندنداسي، حسن علي سومرو ۽ منگهاسنگ گلاب سنگ.

    26 جنوري 1932ع

    ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ جي سهاري هيٺ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي هال ۾ مشاعرو منعقد ٿيو، هن مشاعري جي صدارت مير ايوب خان ڪئي ۽ مشاعري جو عنوان هو ”حب وطن“

    26 جنوري 1932ع

    حاجي مهمود ”خادم“ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج هال ۾ مشاعرو ٿيو، هن مشاعري جي صدارت مير ايوب خان ڪئي ۽ ان لاءِ عنوان هيو .حب وطن“

    لاڙڪاڻي واسي شاعرن مان به ڪيترن هن مشاعري لاءِ پنهنجا شعر تخليق ڪيا.

    31 جنوري 1932ع

    سنڌ ۾ ڪانگريس حڪومت خلاف سول نافرمانيءَ واري تحريڪ جو آغاز ٿيو، جيڪا 9 مئي 1933ع کان 1 آگسٽ 1933ع جي وقفي سان 7 اپريل 1934ع تائين هلي.

    12 فيبروري 1932ع

    گورنر ان ڪائونسل، انڊين ڪرمنل لا امينڊمينٽ ائڪٽ آف 1908 هيٺ حيدرآباد ضلعي جي ڪانگريسي ڪاميٽيءَ ۽ ان جي ذيلي شاخن کي غير قانوني ٺهرايو.

    17 فيبروري 1932ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بينڪ جي ڊائريڪٽرز ۽ ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي.

    4 مارچ 1932ع

    سموري سنڌ ۾ جتي جتي ڪانگريس پارٽيءَ جو شاخون هيون، اتي ”مهاتما گانڌي جي گرفتاريءَ جو ڏينهن“ ملهايو ويو، ڪانگريس وقت جي سرڪار جي انهيءَ قدم جي مذمت ڪئي ۽ گانڌي جي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

    12 مارچ 1932ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ سر شاهنواز ڀٽي، راءِ بهادر ڪالي جي موشن تي ڳالهائيندي ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي ته گول ميز ڪانفرنس جي سب ڪاميٽين جي ڪم کي بهتر بنائن ۽ سڌارن کي يقيني بنائڻ لاءِ گورنر جي مختلف پارٽين جي اڳواڻن جي ڪانفرنس سڏائي، ڀٽي وڌيڪ چيو ته هن موشن جي نه ته ضرورت آهي ۽ نه وري ڪا اهميت آهي، ڇو ته منجهائيندڙ حالتون سرڪار نه پر ڪانگريس پيدا ڪيون آهن.

    21 مارچ 1932ع

     لاهور ۾ علامه اقبال جي صدارت ۾ ”آل انڊيا مسلم ڪانفرگس“ ٿي، جنهن ۾ سنڌ مان حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد به شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن وڏو گوڙ ڪيو، شيخ عبدالمجيد اسٽيج سنڀالي مائيڪ تي ماڻهن کي صبر ڪرڻ لاءِ چيو، ان تي ماڻهن مان آواز اٿيو ته ”سنڌيءَ کي ٻڌو، سنڌيءَ کي ٻڌو“، ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد جي نالي پٺياڻ ڄاڻ طور ”سنڌي“ لفظ جو اضافو ٿيو.

    اپريل 1932ع

    مولوي عبدالله بنگلديرائي وفات ڪئي، هن ديني علم چاليهه ورهيه بنگل ديري ۾ مدرسو هلايو، پاڻ ناميارو طيب به هئو، هن ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي پليٽ فارم تان سياسي خدمتون به سرانجام ڏنيون.

    5 اپريل 1932ع

    سنڌ جي جدائي لاءِ مالي ڪميٽيءَ ڪراچيءَ ۾ اچي جاچ ڪئي.

    10 اپريل 1932ع

    پير علي محمد شاهه ۽ پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”بزم مشاعره“ سکر طرفان سکر ۾ طرحي مشاعرو ٿيو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”دل ۾ هزارين درد اٿم چشم تر نه ٿي“

    هن مشاعري لاءِ لاڙڪاڻي واسي شاعرن مان به ڪيترن پنهنجا شعر تخليق ڪيا.

    10 اپريل 1932ع

    راشدي برادران طرفان قائم ڪيل ”بزم مشاعري“ سکر جي سهاري هيٺ هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي:

    ”دل ۾ هزارين در اٿن چشم تر نه ٿي“

    11 اپريل 1932ع

    ضلعي حيدرآباد خلافت ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ايندڙ سال لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي، هن گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي ۽ چونڊيل عهديدارن جو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي ”خلافت ڪاميٽي“ واري حصي ۾ موجود آهي.

    16 اپريل 1932ع

    شڪارپور جي ڄيٺمل پرسرام جي صدارت هيٺ سنڌ ساهت سميلن (سنڌ ادبي ڪانفرنس) ٿيو، هن ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مرزا غلام مصطفيٰ ۽ سيڪريٽري آغا صوفي هئا.

    موقعي تي طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”تنهنجو عارض مہ تابان، تنهنجو رخ نير انور

    هن سهيلن ۽ مشاعري ۾ لاڙڪاڻي مان ميان غلام عباس ”جوش“، جان محمد صوفي ”گلشن“، ڪشنچند ”بيوس“ رام پنجواڻي، يار محمد صديقي ”مشتاق“، واحد بخش ”عاشق“، عبدالوهاب ”ناظم“ ۽ حاجي محمود ”خادم“ شرڪت ڪئي.

    18 اپريل 1932ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس ذريعي سنڌي عوام ۽ خاص طور تي سنڌي مسلمانن کي سنڌ بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري ڳالهه تي هم راءِ ۽ هم خيال ٿيڻ لاءِ زور ڀريو ويو.

    18 اپريل 1932ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ خانبهادر کهڙي ۽ لاڙڪاڻي جي ٻين مکيه سياسي اڳواڻن ڀرپور حصو ورتو.

    18 اپريل 1932ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ ڪانفرنس ٿي.

    18 اپريل 1932ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون، ميران محمد شاهه، مير محمد بلوچ، جي ايم سيد کان سواءِ لاڙڪاڻي واسي محمد ايوب کهڙي به شرڪت ڪئي، هيءَ ڪانفرنس سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ جو حصو هئي.

    23 اپريل 1932ع

    انڊيا گورنمينٽ جي مالي سيڪريٽري مسٽر برين جي چيئرميني ۾ ”سنڌ سييريشن ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ مسلمانن، هندن، پارسين ۽ ڪرستانن جي نمائندن ميمبر طور شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي واسين مان لالچند نولراءِ، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ سر شاهنواز ڀٽي به ميمبر طور ڪانفرنس جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس جي آخري گڏجاڻي 17 مئي 1932ع تي ٿي، ”سنڌ سيپريشن ڪانفرنس“ جي سموري رپورٽ ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

    25 اپريل 1932ع

    سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري مسئلي تي قائم ڪيل سرڪاري ”برئن ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي ٿي، انهيءَ حوالي سان سرڪار جيڪي به ڪاميٽيون ٺاهيون، انهن جون رپورٽون ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو، هن ڪاميٽيءَ جي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آهي.

    25 اپريل 1932ع

    برطانيه جي وزيراعظم جي خواهش تي هند سرڪار ”سنڌ ڪانفرنس“ جوڙي ته جيئن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري مسئلي تي غور ويچار ڪري، ڪانفرنس جو اجلاس هن تاريخ کان شروع ٿيو ۽ ان جي آخري گڏجاڻي 17 مئي 1932ع تي ٿي، هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمانن، ڪرستانن ۽ هندو اڳواڻن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي واسين مان سرشاهنواز ڀٽو ۽ محمد ايوب کهڙو به ميمبر طور شريڪ ٿيا، سنڌ ڪانفرنس جو اڳواڻ برين هئو، مسلمان اڳواڻن ڀرپور نموني سنڌ جي جدائي جو ڪيس پيش ڪيو.

    12 مئي 1932ع

    ٻالڪرش ڊي ڪمل، مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي ”سرتاج“ جي تخلص سان شاعر مشهور ٿيو ۽ ان کان سواءِ چترڪاريءَ ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريائين، هي صاحب 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي جئپور ۾ آباد ٿيو.

    13 مئي 1932ع

    گورنر ان ڪائونسل ”انڊين ڪرمنل لا امينڊمينٽ ائڪٽ (1908 جوXIV)“ هيٺ ڪراچي ۽ نواب شاهه ۽ ٻين ضلعن جي ڪانگريس ڪاميٽين ۽ انهن جي ذيلي شاخن کي غير قانوني قرار ڏنو.

    21 ۽ 22 مئي 1932ع

    خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ ”پنجيب سنڌ اسڪول بورڊ ايسوسئيشن“ جي ڪانفرنس ٿي.

    23 مئي 1932ع

    ملير جي فرسٽ ڪلاس جاگيردار سردار ڄام بجار خان جي صدارت هيٺ حاجي پير بخش بلوچ جي باغ ۾ 600 ماڻهن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”ملير زميندارس ايسوسئيشن اينڊ بس سروس“ ٺاهي وئي، موٽر بس ڪمپني ٺاهڻ لاءِ پنجاهه هزار جي موڙي تجويز ڪئي وئي ۽ ڏهن روپين جو شيئر مقرر ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ماڻهو وڌ ۾ وڌ ڏهه شيئر خريد ڪري سگهي ٿو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 12 موٽر بسون خريد ڪري سرڪاري منظوري کان پوءِ مکيه رستن تي هلايون وڃن، انهيءَ موقعي تي جيتوڻيڪ 300 ميمبر ڪيا ويا، پر پوءِ به اهو فيصلو ڪيو ويو ته موٽر بس خريد ڪرڻ لاءِ زميندار رقم ڏئي، جيڪا موڙي گڏ ڪرڻ کان پوءِ کيس واپس ڪئي ويندي.

    23 مئي 1932ع

    ملير ڪراچي ۾ حاجي پير محمد بلوچ جي باغ ۾ لڳ ڀڳ ڇهه سئو ماڻهن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سردار ڄام بجار خان ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”ملير زميندار ايسوسئيشن“ جو بنياد رکيو ويو ۽ ان لاءِ سردار ڄام بجار خان کي صدر، وڏيري يار محمد کي نائب صدر، ايم اي خان کي جنرل سيڪريٽري حاجي پير محمد بلوچ کي خزانچي ۽ ملان محمد يعقوب هوٽل والا کي نائب خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    هن گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملير کان ڪراچيءَ تائين هلائڻ لاءِ ٻارنهن موٽر بسون خريد ڪيون وينديون، ان لاءِ ميمبر پنجاهه هزار روپيا گڏ ڪري ڪمپني ٺاهيندا، انهيءَ ڪمپنيءَ جي هڪ حصي جي قيمت ڏهه روپيا هوندي، بسون خريد ڪري واسطيدار عملدارن کان روٽ پرمٽ ۽ اجازت ورتي ويندي.

    24 مئي 1932ع

    سنڌ جي ڪمشنر آر اي گبسن پريس نوٽ جاري ڪري ڪراچيءَ جي مکيه رستن تي خانگي موٽر بس سروس هلائڻ جي اجازت ڏني، انهيءَ سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ، ايس پي، ڪراچي ميونسپالٽي جي نمائندي، ڪراچي ڇانوڻيءَ جي ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ بس مالڪن جي ٻين نمائندن تي ٻڌل ٽريفڪ ايڊوائيزري ڪاميٽي جوڙي ته جيئن شروع ٿيندر موٽر بس سروس لا3 قاعدا قانون تجويز ڪن.

    25 مئي 1932ع

    ڪرشن سندرداس وڇاڻي (ڪرشن راهي) لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي بمبئي ۾ آباد ٿيو، سندس شمار مشهور ليکڪن ۽ مشاعرن ۾ ٿئي ٿو، هن جي لکيل ڪتابن مان ”لڙڪ ۽ مرڪ (ڪهاڻيون)“ ۽ ”ڪماچ“ (شعر) ذڪر لائق آهن.

    1 جون 1932ع

    مولوي نور محمد نظاماڻي حيدرآباد مان ”طيرا ابابيل“ نالي هڪ هفتيوار رسالو ڪڍيو، جيڪو فيبروري 1934ع تائين نڪرندو رهيو، هن رسالي تنهن وقت جي سياسي سماجي ۽ مذهبي تنگ دليءَ واري دور ۾ مسلمانن جي جذبن ۽ امنگن جي ترجماني ڪئي.

    18 کان 21 جون 1932ع

    ڀٽ شاهه جو سرڪاري طور تي ميلو ٿيو، جنهن موقعي تي زرعي نمائش، سوديشي بازار، سنڌ هندي نمائش، ڪو آپريٽو ڪانفرنس، راڳ جي ڪانفرنس، ادبي مجلس، زميندارن جي ڪانفرنس ۽ صوفي روح رهاڻ ٿي.

    18 کان 22 جون 1932ع

    لاکيڻي لطيف جو ميلو لڳو، جتي سنڌ جي ڪلچر ۽ زندگيءَ تي صوفي متي جو اثر جي عنوان سان ادبي ڪانفرنس به ٿي، جنهن ۾ جي ايم سيد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، لعل چند، امر ڏني مل، سنگهارام ٽهلراماڻي، صوفي عبدالستار جهرڪ واري، صوفي روشن الدين ڍوري ناري واري ۽ نواب غلام حيدر تاجپوري وغيره شرڪت ڪئي. ميلي جي موقعي تي زرعي، سوديشي ۽ مڪاني هنرن جي نمائش کان سواءِ ڪوآپريٽو ۽ زمينداري ڪانفرنسون ٿيون.

    19 جون 1932ع

    سموري سنڌ ۾ ”سنڌ ازاد ڏينهن“ ملهايو ويو، جتي ڪئي گڏجاڻيون ٿيون، جلوس ڪڍيا ويا، ٺهراءَ بحال ڪيا ويا ۽ سنڌ جي عليحدگي بابت دعائون گهريون ويون، لاڙڪاڻي ضلعي پڻ هن ڏينهن ملهائڻ ۾ پٺتي نه رهيو

    19 جون 1932ع

    سموري سنڌ ۾ سنڌ جي عليحدگي جو ڏينهن ملهايو ويو، عام هڙتال رهي، جتي ڪٿي جلسا ٿيا.

    26 جون 1932ع

    لاڙڪاڻي ۾ ميان علي محمد قادريءَ جي اوطاق تي مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت مدرسٿ ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي تڏهوڪي پرنسپال عبدالرزاق ”رفعت“ ڪئي، مصرع هئي:

    ”نگاهه قيس کي پرواهه ڇا ليليٰ جي محمل جي“

    ميزبان ۽ مهمان کان سواءِ جن ٻين شاعرن هن مشاعري ۾ شرڪت ڪئي، اهي هئا، ميان غلام سرور ”فقير“، نواز علي ”نياز“. محمد بخس ”واصف“، حاجي محمود ”خادم،، حڪيم لعل چند ”مجروح“، ”جوش“ قادري، ممتاز علي ”ممتاز“، حافظ عبدالله وڳڻ ”حافظ“، واحد بخش ”عاشق“، رامچند ”رام“، ماستر حبيب الله ”آزاد“ ۽ مولوي محمد عظيم”شيدا“.

    30 جون 1932ع

    ڪراچيءَ ۾ مکيه مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن 5 جولاءِ 1932ع تائين کهڙو صاحب سنڌ محمدن ايسوسئيشن جي نمائندي جي حيثيت سان ولايت نه وڃي ته پوءِ ميران محمد شاهه کي وڃڻ گهرجي.

    بقول ميران محمد شاهه جي، کهڙي مرحوم کي ضلع لاڙڪاڻي جي اسڪول بورڊ جي چيئرمين ٿيڻ جو خيال هو ۽ سندس مخالفت ۾ امير علي لاهوريءَ جو پٽ به اميدوار هو.

    30 جون 1932ع

    گورنر جنرل ملڪ سان آرڊيننس نمبر 10 سال 1932ع لاڳو ڪيو، جنهن مطابق سرڪار ۽ عملدارن کي وڌيڪ اختيار ملي ويا، انهيءَ آرڊيننس جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آهي، اهو آرڊيننس ضلعي لاڙڪاڻي سان پڻ لاڳو ٿيو، هن کان اڳ 1 جنوري 1932ع تي ساڳي قسم جو آرڊيننس نمبر 2 سال 1932ع جاري ڪيو ويو هئو.

    30 جون 1932ع

    لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽي داد ڀائي نوريجي جي ورسي ملهائڻ لاءِ عوامي ميڙاڪو سڏايو، جنهن جي صدارت هيڍ سندرداس  ولڀداس ڪئي.

    20 جولاءِ 1932ع

    سنڌ آزاد جماعت پاران محمد ايوب کهڙي برطانيه جي گڏيل پارلياماني ڪاميٽيءَ اڳيان پيش ٿي، ان جي ميمبرن ۾ ياداشت نامو ورهايو، ان ياداشت نامي ۾ دليل ڏئي ثابت ڪيو ويو هئو ٿه سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ بمبئي سان گڏ رکي نه ٿو سگهجي.

    20 جولاءِ 1932ع

    سنڌ آزاد جماعت پاران محمد ايوب کهڙي برطانيه ۾ گڏيل پارلياماني ڪاميٽي اڳيان پيش ٿي، ميمبرن ۾ ياداشت نامو ورهايو، ان ياداشت نامي ۾ دليل ڏئي ثابت ڪيو ويو هو ته سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ بمبئي سان گڏ نه ٿو رکي سگهجي.

    15 آگسٽ 1932ع

    تيج موٽو مل ڀاڳچنداڻي دادو ۾ ڄائو، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڇي گانڌيڌام ڪچ ۾ ويٺو ۽ اتي علم ادب جي ميدان ۾ پاڻ موکيائين.

    16 سيپٽمبر 1932ع

    سنڌ جي مسلمانن ”سنڌ جي جدائي جو ڏينهن، ملهايو، هنڌين، ماڳين ميڙاڪا ٿيا ۽ جلوس ڪڍيا، هر ڪنهن ميڙ ۾ سنڌ جي جدائي جي حق ۾ تقريرون ڪيون ويون ۽ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ضلعي ۽ واسين به انهيءَ ڏينهن کي وڏي جوش جذبي سان ملهايو.

    16 سيپٽمبر 1932ع

    سموري سنڌ ۾ ”سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ“ لاءِ ڏينهن ملهايو ويو، تحريڪ جي حامين هنڌين ماڳين ميڙاڪا ۽ اجلاس ڪيا ۽ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جو وچن نڀايو.

    8 آڪٽوبر 1932ع

    جيوت هيرانند چاولا، راڻيڇپور ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي بعد کيس پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي وڃي بمبئي وسائڻي پئي، هن اتي ئي علم ادب جي دنيا ۾ مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ موکيو.

    19 نومبر 1932ع

    لاڙڪاڻي ۾ انڊين ريڊ ڪراس سوسائٽي جي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مس حامد اي علي ميٽرنٽي هوم لاڙڪاڻي کي دسٽرڪٽ لوڪل بورد طرفان 6 سئو رپيا سالياني امداد ڏيڻ تي بورڊ جو ٿورو مڃيو ويو ۽ بورد کي گذارش ڪئي ته لاڙڪاڻي انڊين ريڊ ڪراس سوسائٽي جي مينيجنگ ڪاميٽي تي بورڊ پنهنجو نمائندو نامزد ڪري، لاڙڪاڻي بورڊ پوءِ پنهنجي ميمبر عبدالحق ڀٽي کي نامزد ڪيو هو.

    21 نومبر 1932ع

    خانبهادر محمد ايوب کهڙي لاڙڪاڻي مان علامه اقبال کي خط لکي سندس ٿورو مڃيو ته هن گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ جي جدائي واري مسئلي تي ذاتي دلچسپي ڏيکاري، کهڙي، علامه اقبال ڏي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ڪاروائي ۽ ان ۾ پاس ڪيل ٺهرائن جي ڪاپي به ڏياري موڪلي ته جيئن علامه اقبال سنڌي مسلمانن جي انهيءَ جدوجهد کان ڀلي پت باخبر رهي.

    28 نومبر 1932ع

    لاڙڪاڻي جي مشهور شاعر ۽ ادبي خاندان قادري جي شخصيت غلام سرور ”فقير“ جي وفات ٿي، سندس ولادت 1886ع ۾ ٿي، هن پنهنجي ڄمار ۾ علمي، ادبي ۽ تعليمي شعبن ۾ وڏو نالو ڪمايو.

    15 ڊسمبر 1932ع

    حيدرآباد ۾ ”ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي ته جيئن سنڌي عوام کي تحريڪ ۾ شامل ڪري سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبائي خودمختياري وٺي ڏجي، هن ڪانفرنس جا تفصيل جي ايم سيد جي ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي“ ۾ موجود آهن.

    16 ڊسمبر 1932ع

    سموريءَ سنڌ ۾ ”سنڌ آزاد ڏينهن“ ملهايو ويو، هنڌين ماڳين جلسا ڪيا ويا ۽ سنڌ جي جدائي بابت ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    19 ڊسمبر 1932ع

    حاجي محمود خادم جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ڪراچي اڪيڊمي هال ۾ سيٺ غلام علي چاڳلا جي صدارت هيٺ ”قادر جي قدرت“ جي عنوان تي مشاعرو ٿيو، جنهن لاڙڪاڻي واسي شاعرن پڻ قلمي طور تي حصو ورتو.

  • 1931

    1 جنوري 1931ع

    سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ آل انديا ڪانگريس ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ نئين ورڪنگ ڪامٽي جوڙي وئي، جون جي اڌ تائين چونڊون مڪمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پارٽي چونڊن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ تنازعن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي.

    5 جنوري 1931ع

    سرڪار طرفان ڪانگريس ۽ ان جي ذيلي شاخن کي غير قانوني قرار ڏيڻ بعد ڪراچيءَ ۾ ساري رات گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا ويا ۽ پارٽي جون سموريون آفيسون سيل ڪيون ويون.

    5 جنوري 1931ع

    هند سرڪار خاص پڌرنامو ڪڍي ڪانگريس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ٻين تنظيمن تي بندش وڌي، سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪانگريسي اڳواڻن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو.

    7 جنوري 1931ع

    پوليس ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين ذيلي شاخن تي ڇاپا هنيان.

    7 ۽ 8 جنوري 1931ع

    جيڪب آباد ۾ الله بخش سومري جي ڪوششن سان سنڌ جي لوڪل بورڊن جي پريزيڊنٽن ۽ سياستدانن جي ڪانفرنس ٿي.

    9 جنوري 1931ع

    خانبهادر الله بخش سومري جي ڪوششن سان حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ جيڪب آباد ۾ سنڌي مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ڪيترن مسلمانن سنڌي ميمبرن، زميندار ۽ عوامي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي ڪاروائي ۽ ان ۾ پاس ٿيل ٺهرائن جو متن ”گل حيات“ ۾ موجود آهي، هن ڪانفرنس ۾ لاڙڪاڻي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جن مان احمد خان ڀٽو، واحد بخش خان ڀٽو جا نالا ذڪر لائق آهن.

    11 جنوري 1931ع

    رام باغ ڪراچيءَ ۾ ڪانگريسي جلسي تي پوليس لٺيون وهايون، جنهن جي نتيجي ۾ ڏيڍ سئو ماڻهو زخمي ٿيا ۽ انهن مان پنجاهه سخت زخمي ٿيا، پوليس ڇٽيهه ڪانگريسين کي گرفتار ڪيو، جن مان ويهه عورتون هيون.

    12 جنوري 1931ع

    انڊين رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي سنڌ بابت سب ڪاميٽي نمبر نائن جي گڏجاڻي ٿي، ارل رسل جي صدارت ۾ 19 ميمبرن شرڪت ڪئي، جن مان چار (سر آغا خان، محمد علي جناح، شاهنواز ڀٽو ۽ غلام حسين هدايت الله) سنڌي هئا،

    سب ڪاميٽيءَ جي ٻي گڏجاڻي 13 جنوريءَ تي ۽ ٽي گڏجاڻي 16 جنوري تي ٿي ۽ اها راءِ قائم ڪئي ته سنڌ جي جدائي کي اصولي طور قبول ڪيو وڃي ٿو پر اهو به تجويز ڪجي ٿو ته مالي امور تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ هندستان ۾ ماهرن جي گڏجاڻي ٿيڻ گهرجي.

    16 جنوري 1931ع

    بٺي تعلقي ميروخان جي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان مولانا محمد علي ”جوهر“ جي وفات تي هڪ تعزياتي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ تقرير ڪندڙن مولانا محمد علي جي سواع ۽ خدمتن تي روشني وڌي ۽ آخر ۾ تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

    16 جنوري 1931ع

    علي خان قمبر ۾ مولانا مير محمد نورنگي، مولانا عبدالڪريم سيالوي، مولوي محمد سليمان ”واعظ“ ۽ مولوي غلام صديق ۽ ٻين عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”انجمن اصلاح المسلمين“ قمبر جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن ۾ مولانا نورنگي کي صدر، مولانا محمد عظيم ”شيدا“ کي نائب صدر، مولوي غلام صديق کي ناظم ۽ حاجي فتح محمد کي نائب ناظم مقرر ڪيو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ اهو تجويز ڪيو ويو ته ڪائونسلر مسلمانن لاءِ ”شيخ الاسلام“ منتخب ڪن.

    19 جنوري 1931ع

    لنڊن ۾ ”گول ميز ڪانفرنس“ پوري ٿي ،اها 12 نومبر 1930ع کان شروع ٿي هئي، سنڌ مان سرشاهنواز ڀٽي ۽ سر غلام حسين هدايت الله ان ۾ شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ هندستان کي آئيني سڌارن ڏيڻ واري مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو.

    29 کان 31 جنوري 1931ع

    الوحيد جي انهن پرچن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي حق ۾ قسطوار مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ هن نه رڳو بمبئي سان سنڌ جي الحاق جا نقصان ٻڌايا پر اهو به تجويز ڪيو ته جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي وڃي ته پوءِ مسلمانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

    31 جنوري 1931ع

    بچارام ليلارام ليڏواڻي سکر ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ ”بني رام سنڌو“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ورهاڱي کان پوءِ هي صاحب لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو.

    1 فيبروري 1931ع

    ڇٽن شاهه، سڪرنڊ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مووي شفيع شاهه کي صدر، مولوي محمد پريل کي سيڪريٽري ۽ ميان محمد حسن کي خزانچي مقرر ڪيوويو.

    2 فيبروري 1931ع

    شيخ عبدالمجيد جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي مير محمد بلوچ کي صدر، محمد رمضان صديق کي سيڪريٽري ۽ حاجي علي محمد آخوند کي خزانچي چونڊيو ويو.

    6 فيبروري 1931ع

    مولوي غلام محمد کي صدارت هيٺ جهمپير ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي عبدالغفور قاضي کي صدر، محمد عالم درزي کي سيڪريٽري ۽ غلام محمد جکري کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    7 فيبروري 1931ع

    نواب شاهه ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وي جنهن لاءِ آخوند عبدالواحد کي صدر، رئيس غلام صديق خان کي نائب صدر ۽ عبدالخالق کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، ان کان سواءِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي، جنهن ۾ محمد عثمان، ميان الله ڏني، آخوند عبدالواحد ۽ عبدالخالق کي ميمبر طور کنيو ويو.

    10 فيبروري 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي خلافتي ليڊرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ مير محمد بلوچ کي صدر ،مير الله بخش کي نائب صدر، شيخ عبدالمجيد سنڌي کي سيڪريٽري، مولوي محمد عثمان کي خزانچي ۽ مولانا دين محمد وفائي کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي لاڙڪاڻي مان قاضي فضل الله کي کنيو ويو، گڏجاڻيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ ۽ موتي لعل جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس سڏائي ويندي، ان کان سواءِ خلافت ڪاميٽيءَ کي فعال بڻايو ويندو، هن گڏجاڻيءَ جو تفصيلي احوال ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

    11 فيبروري 1931ع

    داد مهيسر ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد جمن شاهه کي صدر مولوي حاجي عبدالقادر کي نائب صدر، در محمد کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ صدر کي گذارش ڪئي وئي ته هو خزانچي جو عهدو به قبول ڪري.

    12 فيبروري 1931ع

    بٺوري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مولوي محمد يوسف کي صدر، سيٺ محمد عثمان کي سيڪريٽري ۽ سيٺ محمد هاشم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    12 فيبروري 1931ع

    جيڪب آباد ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ خلافتي مولوي حاجي رحيم بخش کي صدر، شمس الدين کي سيڪريٽري ۽ عبدالرحمان کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    13 فيبروري 1931ع

    چڪ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ خانصاحب مير محمد پٺاڻ کي صدر، پير بخش خان کي نائب صدر، ابو شوڪت حمزي کي سيڪريٽري ۽ الله ڏني خان کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    13 فيبروري 1931ع

    فقير آباد، ديهه 22 نصرت، ٿرپارڪر ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد جمال شاهه کي صدر، مولوي محمد موسيٰ کي نائب صدر، سيد قبول محمد کي سيڪريٽري ۽ سيد حسن شاهه کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    15 فيبروري 1931ع

    عودي، تعلقي ٺل ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ عبدالرحمان سرڪيءَ کي صدر ۽ مولوي عبدالڪريم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    15 فيبروري 1931ع

    ڳوٺ مولوي عبدالله لغاري ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ قائم ڪئي وئي ۽ ان لاءِ مولوي محمد حسن لغاري کي صدر، سليمان خان کي سيڪريٽري ۽ غازي خان کي خزانچي چونڊيو ويو.

    15 فيبروري 1931ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌي بمبئي روانو ٿي ويو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن تي ”الوحيد“ جي پرچي ۾ سندس خط شايع ٿيو، هن خط ۾ شيخ مرحوم سنڌي مسلمانن کي ”آزاد سنڌ جماعت“ جي شاخن کولڻ لاءِ اپيل ڪئي.

    17 فيبروري 1931ع

    ڳوٺ سيال نزد دادو ۾ ڳوٺانن جو ميڙاڪو ٿيو،جنهن ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي ميان محمد حسن کي صدر، سرائي ميان محمد حسن کي نائب صدر، مولوي محمد صالح عباسيءَ کي سيڪريٽري ۽ قاضي ميان حاجي احمد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    18 فيبروري 1931ع

    تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي جنهن جا باني عهديدار هن ريت چونڊيا ويا. مولوي خير محمد (صدر)، حامد خان (سيڪريٽري) ۽ حسين خان (خزانچي)

    19 فيبروري 1931ع

    شڪارپور ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ حاجي مولابخش سومري کي صدر، مولوي فضل الله حڪيم کي نائب صدر، مولوي عبدالڪريم چشتي کي سيڪريٽري ممتاز کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خير محمد ”فقير“ کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    19 فيبروري 1931ع

    سجاول (ضلعي ٺٽي) ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ سيد پير محمد شاهه کي صدر، مولوي حاجي محمود کي خزانچي ۽ ملان ابوبڪر کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    20 فيبروري 1931ع

    حيدرآباد ۾ وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ پير غلام مجدد کي صدر ۽ عبدالجبار کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    20 فيبروري 1931ع

    تعلقي ڊگري جي ڳوٺ مولوي عبدالحي ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ مولوي هاجي عبدالحي کي صدر، الله ڏني ڀُٽي کي سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊيو ويو.

    20 فيبروري 1931ع

    عيدالفطر جي موقعي تي ماتليءَ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پارٽيءَ جي ماتلي شاخ لاءِ محمد خان نظاماڻي (صدر)، مولوي عطاءُ الله (سيڪريٽري) ۽ حاجي ڪريم بخش (خزانچي) کي عهديدار چونڊيو ويو.

    21 فيبروري 1931ع

    ڳوٺ الله آباد ڊکڻ، تعلقي دادو ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ مولوي حاجي عبدالله کي صدر، رئيس عرض محمد کي نائب صدر، ميان غلام النبي کي سيڪريٽري ۽ ملان عبدالحامد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    20 مارچ 1931ع

    نيو هالا ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ حاجي پير محمد کي صدر، قاضي احمد علي کي سيڪريٽري، ميان محمد جمن کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميان حاجي غلام محمد کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    26 مارچ 1931ع

    جواهر لعل نهرو جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ ”آل انڊيا اسٽوڊنٽس ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس جي ڪامياب ڪرڻ ۾ تيرٿ سڀاڻي، آئي جي مامتورا، ايڇ پي ميرچنداڻي، ايڇ جي بوٽاڻي، بي ٽي شاهاڻي، آر ايڇ واڌواڻي ۽ وي آءِ جڳتياڻي اهم ڪردار ادا ڪيو.

    27 مارچ 1931ع

    آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ڪراچيءَ جي هرچندراءِ نگر ۾ گڏجاڻي ٿي،جنهن جي صدارت جواهر لعل نهرو ئي، هن گڏجاڻي ۾ گذريل گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي منظور ڪئي وئي ۽ ان کان سواءِ جنرل سيڪريٽريءَ طرفان پيش ڪيل رپورت جو جائزو ورتو ويو.

    27 مارچ 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ سباش چندر بوس جي صدارت ۾ ”نوجوان ڀارت سڀا ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ هندستان جي چوٽيءَ جي ڪانگريسي اڳواڻن شرڪت ڪئي، آڌرڀاءُ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين سوامي گووندا ننڊ پنهنجي آجياڻي جي تقرير ۾ چيو ته ڀڳت سنگ کي ڦاسي ملڻ کان پوءِ هندستان جي نوجوانن لاءِ اهو ناممڪن آهي ته سرڪار سان سهڪار ڪن، هن انهيءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته هندستان ۾ سوشلزم جو نظام هجڻ گهرجي.

    29 مارچ 1931ع

    آل انڊيا ڪانگريس جو پنجيتاليهون ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو.

    29 کان 31 مارچ 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت هيٺ ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جو 45 ساليانو اجلاس ٿيو، هن اجلاس ۾ مهاتما گانڌي، خان عبدالغفار خان ۽ سباش چندر بوس شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي واسي به هن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙن مان هئا.

    1 اپريل 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ ”جمعيت العلماء هند“ جو ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چوٽيءَ جي هند سنڌ جي عالمن شرڪت ڪئي.

    26 اپريل 1931ع

    سکر مان هفتيوارن ”مزدور“ جو اجراءُ ٿيو، ”محموديه پريس“ مان شايع ٿيندر هن اخبار جا حافظ عبدالمجيد ڀٽي ۽ ابوشوڪت حمزو ايڊيٽر ٿي رهيا، اخبار ۾ مزدورن جي حقن جي ترجماني ڪئي ويندي هئي ۽ ان کان علاوه ڪٽرپڻي ۾ ايمان  رکندڙ هندن جي مخالفت به ڪندي هئي، هيءَ اخبار 1932ع ۾ بند ٿي وئي.

    15 مئي 1931ع

    بدين ۾ ڏکڻ سنڌ جي مشهور ديني عالمن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ جمعيت العلماٰءِ سنڌ جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي غلام علي کي صدر، مولوي عبدالوهاب کي نائب صدر، مولوي احمد ملاح کي سيڪريٽري ۽ منهاج حاجي عبدالله کي خزانچي مقرر ڪيو ويو، هن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪن عالمن جانالا هن ريت آهن: مولوي قاضي غلام محمد، حاجي مولوي عطاالله، مولوي تاج محمد، مولوي محمد هاشم، مولوي امام الدين، مولوي عبدالڪريم، حافظ الله ڏنو، مولوي عبدالڪريم، مولوي مير محمد ۽ مولوي عبدالوهاب.

    28 مئي 1931ع

    مسلم ليگي اڳواڻ مولوي سر محمد يعقوب، مراد آباد مان پير علي محمد شاهه راشديءَ کي خط لکيو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ۽ فعال بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، پيرعلي محمد شاهه راشدي ان وقت سنڌ محمدن ايسوسئيشن جو سيڪريٽري هو، راشدي 8 جون تي کيس موٽ ڏني ته هو سنڌ ۾ مسلم ليگ کي فعال بنائڻ جي ڪوسش ڪندو پر ان لاءِ ڏانهن ”پراونشل مسلم ليگ“ جي قاعدن قانونن جي ڪاپي ڏياري موڪلي، راشدي کيس اهو به ذهن نشين ڪرايو ته سنڌ ۾ پرخلوص ۽ بي لوث ورڪرن جي ڪمي آهي ان ڪري هن کي ڪم ڪرڻ ۾ ٺاهوڪي دشواري ڏسڻي پوندي.

    1 جون 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ سباش چندر بوسي جي صدارت هيٺ ”سياسي مظلومن جي ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ هندستان جي سياسي قيدين جي واهر لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان کان علواه سياسي قيدين جي همت افزائي ۽ سياسي شهيدن جي وارثن سان همدرديءَ وارا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، پنڊت موتي لعل ۽ مولانا محمد علي جوهر جي وفات تي پڻ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    5 جون 1931ع

    مراد آباد ۾ سنڌ آزاد پارٽي جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي سيد صدر الدين کي صدر 7 مولوي عبدالحليم کي نائب صدر چونڊيو ويو.

    28 آگسٽ 1931ع

    انيتا ڪمل ڪيولراماڻي ”پياسي“، لورالائي بلوچستان ۾ ڄائي، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بروچ ۾ رهي، هن آزاد شاعريءَ ۽ مضمون نگاري کي موضوع بڻائي قلم کنيو، سندس ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

    3 سيپٽمبر 1931ع

    ڪراچيءَ ۾ مکيه مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي جدائي جي مسئلي تي روشني وجهڻ لاءِ (گول ميزڪانفرنس ۾) الله بخش سومرو، محمد ايوب کهڙو، شيخ صاحب ۽ ميران محمد شاهه ولايت وڃن ۽ خرچ سڀ ڪو پاڻ ڀري.

    3 سيپٽمبر 1931ع

    سنڌ فنانس ڪاميٽيءَ اڳيان ميران محمد شاهه، الله بخس سومري ۽ محمد ايوب کهڙو شاهدي ڏني.

    7 سيپٽمبر 1931ع

    لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس جي ”فيڊرل اسٽرڪچر ڪاميٽيءَ“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”سائمن ڪميشن رپورٽ“، ”نهرو رپورٽ“ ۽ هندستان جي صوبائي خواهه مرڪزي حڪومتن جي رپورٽن تي غور ويچار ڪيو ويو.

    9 سيپٽمبر 1931ع

    لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور خلافتي اڳواڻ امام الدين شاهه راشدي وفات ڪري ويو.

    9 آڪٽوبر 1931ع

     بمبئي ڪائونسل جو اجلاس هلي پورو ٿيو.

    8 نومبر 1931ع

    پير علي محمد شاهه راشديءَ جي سيڪريٽري شپ ۾ سکر ۾ قائم ڪيل ”بزم مشاعره“ طرفان سکر ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح مصرع هئي ”ڇاڏيکاريئه چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي“

    هن مشاعري ۾ لاڙڪاڻي مان جن شاعرن شرڪت ڪئي اهي هئا : ميان علي محمد قادري، حاجي محمود ”خادم“ ۽ ”نياز“ ”سرور“ ”ضامن“، ”فقير“ ۽ ”جوش“ وغيره.

    8 نومبر 1931ع

    سکر ۾ آغا نظر علي، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي جي ڪوششن سان هڪ مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت سکر جي سٽي مئجسٽريٽ محمد اسحاق ڪئي، هن مشاعري جي مصرع هئي:

    ”ڇا ڏيکاريئه چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي“

    هن مشاعري ۾ حاجي محمود ”خادم“، ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور ”فقير“ وغيره شرڪت ڪئي.

    24 نومبر 1931ع

    حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جي پهرين سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت سيد ميران محمد شاهه ڪئي، شرڪت ڪندڙن مان محمد هاشم ”مخلص“، محمد ابراهيم ”خليل“، محمد بخش ”واصف“، محمد صديق ميمڻ، محمد صديق ”مسافر“، ”خليق“ مورائي ۽ غلام مرتضيٰ جا نالا ذڪر لائق آهن.

    هن گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ماڻهن ۾ علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ هر مهيني جي آخري آچر تي مشاعرو ڪرايو وڃي.

    26 نومبر 1931ع

    ميهڙ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس“ سڏائي وئي، جنهن ۾ مسلمانن کي متحد ٿي پنهنجي مذهبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ جي تلقين ڪئي وئي.

    26 نومبر 1931ع

    سيٺ حاجي مير محمد بلوچ جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان خلافتي اڳواڻ اچي شريڪ ٿيا، لاڙڪاڻي مان جن شرڪت ڪئي، انهن مان مولانا فتح محمد جو نالو ذڪر لائق آهي، هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي هنڌين ماڳين سنڌ آزاد جماعتون ٺاهڻ، پنجاهه سيڪڙو ڍلون گهٽائڻ، پن چري معاف ڪرڻ، ورثي جو بل پاس نه ڪرڻ، هارين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، مظلوم ڪشميرين سان همدردي ڪرڻ ۽ غير مسلم پبلشر خواه پرنترس کي قرآن شريف نه ڇپرائڻ جي موضوعن ۽ مسئلن تي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    11 ڊسمبر 1931ع

    ضلعي جيڪب آباد جمعيت العلماءِ جي مولوي نبي بخش عوديءَ جي صدارت هيٺ ٺل ۾ گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ مولانا ابو محمد عبدالله ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي ملڪي حالتن تي تقريرون ڪيون، آخر ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، هڪ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان حيدر بخش جتوئي جي ڪتاب ”فرياد سنڌ“ تي پابندي هڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻئي ٺهراءُ مطابق گداگري تي بندش وجهڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

    12 ڊسمبر 1931ع

    ٺل ۾ ڪوٺايل جمعيت العلماءِ ضلعي جيڪب اباد جو ٻئي ڏينهن تي به ميڙاڪو جاري رهيو، ان ۾ فيصلو ڪيوويو ته هر مهيني جي پهرين جمعي تي مبلغن طرفان عوام ۾ مذهبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ تبليغ ڪئي ويندي، ان لاءِ هڪ تبليغي بورڊ پڻ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ مولوي نبي بخش عوديءَ کي صدر، مولوي محمد اسماعيل کي نائب صدر، مولوي در مهمد کي سيڪريٽري ۽ مولوي عبداللطيف کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

    13 ڊسمبر 1931ع

    ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ هاشم سومري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جي شاخ کولي وئي، جنهن ۾ محمد فضل سومري کي صدر، آخوند عبدالڪريم کي نائب صدر ۽ خالق ڏني سومري کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    13 ڊسمبر 1931ع

    ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ حيدرآباد جي سهاري هيٺ حيدرآباد ۾ هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي.

    ”سج چڙهي آيو مٿي، اٿ ننڊ مان بيدار ٿي“

    20 ڊسمبر 1931ع

    راشدي برادران طرفان قائم ڪيل ”بزم مشاعره“ سکر طرفان هڪ مشاعرو ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هئي.

    ”لذت درد جدا لذات آزار جدا“

    20 ڊسمبر 1931ع

    ”بزم مشاعره“ سکر طرفان سکر ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”لذت درد جدا لذت آزار جدا“

    هن مشاعري لاءِ ڪيترن لاڙڪاڻي واسي شاعرن به پنهنجا شعر جوڙيا، بزم راشدي ڀائرن (علي محمد شاهه ۽ پير حسام الدين شاهه) جي دم سان آباد هئي.

    25 ڊسمبر 1931ع

    لاڙڪاڻي ۾ ڀٽا برادري جي سردار، 1926ع ۾ زميندارن طرفان مرڪزي اسيمبليءَ جي ٿيندڙ ميمبر، 1930ع ۾ منتخب ٿيل بمبئي ڪائونسل جي ميمبر سردار واحد بخش ڀٽي ٽيٽيهن سالن جي ڄمار م وفات ڪئي.

  • 1930

     

    7 جنوري 1930ع

    ارجن داس ڪراچيءَ ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي شاعر جي حيثيت ۾ مشهور ٿيو، هي صاحب ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ ويٺو، اتي 1974ع تائين سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيا آهن.

    8 ۽ 9 جنوري 1930ع

    ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ سنڌ جي لوڪل سيلف گورنمينٽ باڊيز جو سيمينار ٿيو.

    10 جنوري 1930ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ ضلعي اندر ڪوآپريٽو تحريڪ کي زور وٺاڻ لاءِ درگاس آڏواڻيءَ جي صدارت ۾ ڪوآپريٽو ڪانفرنس ٿي.

    11 جنوري 1930ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچي ضلعي جي چوپائي مال جي بهتريءَ لاءِ ضلعي جي مالدارن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ انهيءَ مقصد لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وئي ۽ مير محمد بلوچ کي ان جو صدر چونڊيو ويو.

    25 جنوري 1930ع

    جيمس فاريس بروٽن (James Forrest Burton) انگلينڊ ۾ وفات ڪري ويو، هو ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ سنڌ پنجاب ريلويءَ جو چيف انجنيئر هو ۽ سندس نگرانيءَ ۾ ئي ريلوي جو ڪم ٿيو هو،

    هي پاڻ 1897ع کان 1912ع تائين ڪي ايم سي جو چيف انجينئر ٿي رهيو، ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ايسٽ انڊيا ٽرام وي ڪمپني لميٽيڊ جو مئنيجنگ ايجنٽ هو، هن کي 1911ع ۾ قيصر هند گولڊ ميڊل مليو، ڪراچيءَ ۾ وڪٽوريا روڊ کان ڪچهري روڊ ويندڙ رستو سندن نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي.

    26 جنوري 1930ع

    ڪانگريس جي سڏ تي سموري سنڌ جي انهن هنڌن تي ڪامياب هڙتال ٿي، جتي جتي هن پارٽيءَ جو اثر رسوخ هئو.

    26 جنوري 1930ع

    ڪانگريس طرفان سنڌ ۽ هند ۾ آزادي ڏهاڙو ملهايو ويو.

    12 فيبروري 1930ع

    جمعيت العلماءِ سنڌ جي ڪراچيءَ جي ضلعي شاخ جون چونڊون ٿيون، جن ۾ قاضي فتح علي شاهبنديءَ کي صدر ۽ مولوي فتح علي سجاوليءَ کي نائب صدر چونڊيو ويو، ان کان سواءِ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ تي سجاول تعلقي مان مولوي قاضي محمد، ميرپور بٺورو تعلقي مان مولوي محمد عثمان، ٺٽي تعلقي مان مولوي محمد صاحب، گهوڙا ٻاري تعلقي مان مولوي محمد اشرف ۽ ٺٽيشهر مان مولوي محمد حسين کي ميمبر طور کنيو ويو.

    مارچ 1930ع

    حافظ مولوي عبدالرحمان جي دستاربنديءَ جي موقعي تي وڳڻ ۾ ديني عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جن مان مولانا خوش محمد ميروخاني، مولانا محمد عظيم ”شيدا“ ۽ مولانا محمد سليمان ”واعظ“ جا نالا ذڪر لائق آهن، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”جميعت علماءِ اسلام“ کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، هڪ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بئراج جي کوٽائي دوران مسجدن کي شهيد ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ٻئي ٺهراءُ ذريعي ”شارڌا ايڪٽ“ کي مسلمانن جي مذهبي روايتن ۽ مفادن جي خلاف قرار ڏيندي ان جي مخالفت ڪئي وئي.

    2 مارچ 1930ع

    لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ستياگره تحريڪ لاءِ والنٽيئرن جا نالا درج ڪيا ويا، ٿڏي تي مورسنگ، گومل ۽ منشيءَ پنهنجا نالا لکرايا.

    4 مارچ 1930ع

    ڪانگريس پارٽيءَ حڪومت خلاف عدم تعاون جي تحريڪ جو آغاز ڪيو، اها تحريڪ پورو هڪ سال ۽ هڪ ڏينهن هلي.

    15 مارچ 1930ع

    حافظ مولوي عبدالرحمان جي دستاربنديءَ جي موقعي تي وڳڻ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي سنڌ جمعيت علماءِ جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ اتر سنڌ جي ناميارن عالمن شرڪت ڪئي، هن ميڙاڪي ۾ ملڪي حالتن تي ڪيترن عالمن تقريرون ڪيون، جنهن بعد پنج ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، انهن ٺهرائن جا متن گل حيات جي ويب سائيٽ موجود آهن، انهن ٺهرائن ذريعي پارٽي کي وري ۽ وڌيڪ فعال بنائڻ، بئراج جي کوٽائي دوران مسجدن جي حرمت رکڻ ۽ شارڌا ائڪٽ جي مخالفت ڪرڻ اهم ٺهراءُ هئا.

    23 مارچ 1930ع

    ميهڙ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مسلمانن کي متحد ٿي فرنگي سرڪار جي چالن ۽ سازشن کي منهن ڏيڻ جي تلقين ڪئي وئي

    6 اپريل 1930ع

    ڪانگريس جي سڏ تي سول نافرماني جي تحريڪ جي شروعات ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڪانگريس پڻ پنهنجي جماعت جي سڏ تي ڀرپور حصو ورتو.

    6 اپريل 1930ع

    ڪانگريس طرفان عدم تعاون واري تحريڪ سنڌ ۾ شروع ٿي، جيڪا 4 مارچ 1931ع تائين هلي، هن دوران ڪيترائي سنڌي ڪانگريسي جيلن ۾ ويا.

    16 اپريل 1930ع

    لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ جي مکيه ڪانگريسي اڳواڻن جهڙوڪ ڊاڪٽر چوئٿرام نارائڻ داس بيچر، سوامي ڪرشنانند، مني لال وياس، تاراچند لعلواڻي ۽ وشنو شرما کي گرفتار ڪيو ويو.

    16 اپريل 1930ع

    ملڪي آزاديءَ واري هلچل دوران ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڪانگريس جلوس ڪڍيو، حڪومت جلوس کي منتشر ڪرڻ لاءِ گولي هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڪانگريسي ڪارڪن شهيد ٿي ويا.

    28 اپريل 1930ع

    پير صاحب پاڳاري جي گرفتاريءَ تي هفتيوار ”نوراسلام“ جي پرچي ۾ ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

    4 مئي 1930ع

    سيٺ حاجي عبدالله هارون سکر ۾ مسٽر جناح ۽ سر شفيع کي لنچ ڏني، جنهن ۾ خانبهادر کهڙي پڻ شرڪت ڪئي.

    26 مئي 1930ع

     خانبهادر محمد ايوب کهڙي ”مصائب سنڌ“ نالي انگريزي ۾ ڪتابڙو لکي تاريخي، ثقافتي، اقتصادي ۽ سماجي طور تي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ بمبئي پرڳڻي ۾ هجڻ ڪري ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن، جڏهن هي خطو هر لحاظ کان پنهنجو منفرد تشخص رکي ٿو ۽ بمبئي کان عليحدگي ان جو فطري، تاريخي ۽ سياسي حق آهي.

    29 مئي 1930ع

    ڪراچيءَ ۾ سر شاهنواز ڀٽي، خان بهادر محمد ايوب کهڙي، سائين جي ايم سيد ۽ ٻين مسلمان سياستدانن جي غير رسمي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائي ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏائڻ وارن موضوعن ۽ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

    29 مئي 1930ع

    ڪراچيءَ ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئيکان عليحدگي ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏائڻ جي حوالي سان ويچار ونڊيا ويا.

    7 جون 1930ع

    قلندر بخش ولد حاجي محمد ڍورونارائي سابق پريزينڊن ضلعه لوڪل بورڊ ۽ سابق ميمبر بمبئي ڪائونسل کي زمين جي پاڻي جي سوال تان ماريو ويو.

    4، 5، 6 جولاءِ 1930ع

    شملي ۾ مسلم ڪانفرنس جي انتظامي بورڊ جي گڏجاڻي ٿي، بورڊ ڪيترائي ٺهراءُ بحال ڪيا، جن مان هڪ واسطو سنڌ جي عليحدگي سان به هو، بورڊ ٺهراءُ ذريعي راءِ ظاهر ڪئي ته سنڌ کي مڪمل طور تي بمبئي کان بنا دير جي الڳ ڪيو وڃي.

    11 جولاءِ 1930ع

     خان صاحب حاجي علي حسن هڪڙي جي صدارت ۾ قمبر ۾ 3000 هندن ۽ مسلمانن جو عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ ڪانگريس جي هلايل ”ستياگره تحريڪ“ جي مخالفت ڪئي وئي، هن جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ مکيه ماڻهن مان علي محمد شاهه راشدي، مکي گوبندرام، قائم خان شيخ خان صاحب ۽ سرائي رب رکيو لاکو ذڪر لائق آهن،

    گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ مختلف ٺهراءُ پاس ڪري پير پاڳاري تان ڪيس واپس وٺڻ ۽ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا.

    15 سيپٽمبر 1930ع

    پير پٺي عليه رحمت جو ڇاونجاهون سجاده نشين پنهنجي دور جي انگريز سرڪار کان انعام ۽ آفرين نامو حاصل ڪندڙ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي ميمبر ڪجهه وقت لاءِ تعلقي لوڪل بورڊ گهوڙا ٻاريءَ جي صدر، ڪمشنر جي درٻاري ۽ ضلعي جي جرگا ڪائونسل جي ميمبر شيخ ميان حاجي جلال الدين وفات ڪئي.

    1 آڪٽوبر 1930ع

     سردار واحد بخش ڀٽي، گول ميرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لنڊن وڃڻ کان اڳ ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽي کي تمام شاندار نموني ائٽ هوم ڏنو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سئو مسلمان شريڪ ٿيا.

    21 نومبر 1930ع

    ڪراچيءَ ۾ سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي بنگلي تي ناميارن مسلمانن جي گڏجاڻي ڪئي وئي، ته جيئن انگريزي اخبار ڪڍڻ لاءِ صلاح ڪئي وڃي، هن گڏجاڻي ۾ اخبار لاءِ گهڻي خرچ جو انداز لڳايو ويو ۽ ايترن ڏوڪڙن نه ملڻ جي خيال کان اخبار ڪڍڻ وارو خيال لاٿو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن مان جي ايم سيد، سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن.،

    31 ڊسمبر 1930ع

    ميهڙ ۾ خلافت جو يارهون ساليانو جلسو ٿيو، جيڪو ٻه ڏينهن هليو، جلسي جي آخر ۾ ڪيترائي ملڪي ۽ سياسي اهميت جا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، ان کان علاوه قاضي عارف تعلقي ميهڙ ۾ سمجد جي صحن ۾ شهيد ڪرڻ جي مذمت ۾ ۽ الجزائر جي مسلمانن جي همدرديءَ ۾ به ٺهراءُ پاس ٿيا، تر ۽ ڀرپاسي ۾ آيل ٻوڏ ۽ مڪڙ جي حملن ڪري جيڪو مالي، اقتصادي ۽ زرعي نقصان ٿيو، ان کي ڌيان ۾ رکي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته متاثرين جون ڍليون گهٽايون وڃن.

  • 1929

     

    1 جنوري 1929ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪراچي ضلعي ۾ ڳوٺ سڌارڪ تحريڪ شروع ڪئي.

    7 جنوري 1929ع

    نامرياني سياستدان سيٺ هرچندراءِ جو پيءُ ڪانگريسي سياستدان، ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر تعلقي لوڪلبورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ، سنگيت جو ڪوڏيو ۽ علم دوست راءِ بهادر سيٺ وشنداس لاڏاڻو ڪري ويو.

    12 جنوري 1929ع

    حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ ”انجمن نصرت اسلام“ آرين سان مناظرو ڪيو، انهيءَ سلسلي ۾ مولوي ثناءُ الله امرتسري محمد ابراهيم سيالڪوٽي ۽ بابا خليل داس کي ٻاهران گهرايو ويو، هن جلسي جي صدارت ميران محمد شاهه ڪئي.

     9 فيبروري 1929ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ جمشيد نسروانجي جي صدارت هيٺ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پروگرام رٿي ”رورل ريڪنسٽرڪشن“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي وئي.

    9 فيبروري 1929ع

    سرائي حاجي ميان ولي محمد خان ولد حاجي مراد علي خان چانڊيو جيڪو پنهنجي دور جو خلافتي هو ۽ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسيءَ تي دستبردار ٿيو هو، سو وفات ڪريو ويو.

    9 فيبروري 1929ع

    ڪراچيءَ ۾ جمشيد مهتانسروانجيءَ جي صدارت هيٺ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ رورل ري ڪنسٽرڪشن نالي هڪ جماعت ٺاهي وئي ته جيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ترقي ۽ سڌاري جا ڪم ڪرايا وڃن.

    12 فيبروري 1929ع

    چوئٿرام آر گانڌي وارهه ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ رهيو، سندس شمار ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نگارن ۾ ٿئي ٿو.

    18 فيبروري 1929ع

    جي ايم سيد ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ ٿيڻ کان پوءِ ”ڳوٺ سڌار“ منصوبو تيار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هفتيوار ”مسلمان“ ميرپور خاص ۾ هڪ مضمون شايع ڪرايو، جنهن جو تت هن ريت هئو ته:

    ماڻهن مان جهالت جو دور ڪرڻ، هنر ۽ حرفت طرف ماڻهن جو توجهه ڇڪرائڻ، اديبن جي انجمن ٺاهي کانئن سنڌي ادب جي واڌاري جو ڪم وٺڻ، نائٽ اسڪول کولڻ، هارين جون جماعتون ٺاهڻ، ٻهراڙيءَ جي عورتن جي سماجي ۽ تعليمي حالت سڌارڻ، نشي وارين شين جي استعمال خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ ملڪ مان بيڪاري ختم ڪرڻ.

    4 مارچ 1929ع

    چئن لعل آهوجا ”اڻٽر“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت جي ڄام نگر شهر ۾ آباد ٿيو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن ۽ مضمون نگارن ۾ ٿئي ٿو، هن جو شايع ٿيل ڪتابن مان ”پاپ جي پاڙ“ (1958ع) ۽ احمد آباد جون سنڌي شخصيتون (1977ع) ذڪر لائق آهن.

    13 مارچ 1929ع

    رمضان عيد پڙهڻ کان پوءِ امروٽ ۾ خلافت ڪاميٽي امروٽ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ بئراج جي تعمير دوران مسجدن شهيد ڪرڻ واري حڪومت جي حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن مسجدن شهيد ڪرڻ واري فيصلي تي نظر ثاني نه ڪئي وئي ته تحريڪ هلائي ويندي.

    10 اپريل 1929ع

    سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڳوٺ سڌار تحريڪ جي سلسلي ۾ ساري ضلعي ڪراچي لاءِ پروگرام ڪري، حاتم علوي ۽ مولوي عبدالڪريم چشتي سان گڏجي ضلعي جو گشت جو آغاز ڪيو، سندس مخالفن ان گشت کي سياسي رنگ ڏئي ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر گبسن کي ڀڙڪايو، جنهن پوءِ جي ايم سيد کي گشت بند ڪرڻ ۽ ساڻس ملڻ جو حڪم ڪڍيو، ليڪن هن ان جي انحرافي ڪري گشت مڪمل ڪيو.

    17 اپريل 1929ع

    جيڪب آباد ۾ صوبيدار جي جاءِ تي پوسٽر لڳايو ويو، جنهن جو متن هن ريت هو:

    اسان کي ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته توهان هڪ مسلمان ابوالحسن جي خون کي لئي مٽي ڪرڻ چاهيو ٿا، خدا ۽ رسول وٽ جوابده آهيو، جيڪڏهن خوني رجوع نه ٿيا ته ان جي بدلي ۾ مان ڏهه خون ڪندس.

    هڪ مومن

     

    مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو خيال هو ته اهو پوسٽر ڪنهن مسلمان جو نه پر هندن جي سازش جو نتيجو هو، ڇو ته ان جي ٻولي هڪ مسلمان جي ٻولي نه آهي ۽ خاص طور تي ”مومن“ جو لفظ اڪثر ڪري مسلمان پاڻ لاءِ استعمال نه ڪندو آهي.

    10 مئي 1929ع

    قمبر علي خان ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت ميان غلام محمد خان ڪئي، جڏهن ته مولوي عبدالڪريم چشتي ۽ ميان علي محمد پرجوش تقريرون ڪيون، هن جلسي ۾ ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جن مان هڪ ٺهراءَ ذريعي خيرپور رياست جي ڪائونسل کي عوامي اعتماد نه هجڻ تي ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، ٻئي ٺهراءُ ۾ جيڪب اباد ۾ ٿيل هنگامن تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثرين سان همدردي ڪئي وئي.

    12 مئي 1929ع

    الوحيد جي پرچي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”مسلم قوم جي سمجهدار باثر ۽ درد دل ماڻهن جي خدمت ۾ اپيل“ جي عنوان سان هڪ مضمون شايع ٿيو، جنهن ۾ هن اسيمبلين ۽ ڪائونسلن ۾ ڪار آمد عيوضين کي چونڊڻ موڪلڻ لاءِ تجويز ڏني ته ”سنڌ مسلم ووٽر ايسوسئيشن“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي وڃي ۽ اسيمبلي خواهه ڪائونسلن ۾ ڪارآمد عيوضي چونڊيا وڃن

    2 جولاءِ 1929ع

    سکر مان ڀوڄراج اجواڻيءَ ايڊيٽري ۾ هفتيوار ”ڀارت“ اخبار جاري ٿي، جيڪا 1934ع ڌاري بند ٿي وئي، هن اخبار ۾ ميونسپل سکر جي مسئلن تي گهڻو لکيو ويندو هو.

    21 جولاءِ 1929ع

    ”الوحيد“ جي پرچي ۾ ”شيخ عبدالمجيد جو دکدائڪ خط“ جي عنوان سان هڪ خط شايع ٿيو، جنهن ۾ شيخ صاحب ٻين ڳالهين سان گڏ هي تجويزون ڏنيون ته:

    1.       مظلوم مسلمانن جي مددگار جماعت قائم ڪئي وڃي.

    2.       اها جماعت عملداري ۽ غير عملداري ظلمن کان مسلمانن کي بچائيندي رهي.

    3.       انهيءَ جماعت پاران هڪ پگهاردار مبلغ مقرر ڪيو وڃي، جو هميشه سنڌ جو دورو ڪندو رهي ۽ پنهنجي جماعت ۽ اخبارن کان بالا عملدارن کي واقف ڪندو رهي.

    4.       في الحال الوحيد اخبار جو ايڊيٽر انهيءَ جماعت جو سيڪريٽري ۽ خزانچي ٿئي.

    5.       ٻين اخبارن جا ايڊيٽر انهيءَ جماعت جي ڪميٽيءَ جا ميمبر ٿين.

    6.       پوريءَ سنڌ ۾ ان جماعت جون شاخون هجن.

    11 نومبر 1929ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙي، سر شاهنواز ڀٽي، حاتم علوي ۽ قاضي عبدالرحمان شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي مسلمانن ۾ سياسي، سماجي، واپاري ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي.

    8 ڊسمبر 1929ع

    سيتلداس کٽڻمل جي ايڊيٽريءَ ۾ سکر مان هندو ليگ گزيٽ نالي روزاني اخبار جاري ٿي، جيڪا اڳتي هلي هفتيوار ٿي، اخبار سکر جي ڪوهنور پريس مان ڇپائي ويندي هئي، سانوڻ مل ۽ آرت مل پنجابي هن جا ايڊيٽر ٿي رهيا.

    15 ڊسمبر 1929ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاح پرنسپال گوڪلي ڪيو، ڊي جي ڪاليج ۾ ڪوٺايل هن ڪانفرنس ۾ پرنسپال شهاڻي، آسانند اماتورا، ڊاڪٽر گربخشاڻي، اين اي قاضي، ڄيٺمل پرسرام، پروفيسر ڦيرواڻي ۽ جي ايم سيد کان سواءِ ڪيترن ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، هن موقعي تي ”سنڌي ساهت سڀا“ نالي ادبي تنظيم جوڙي وئي.

    15 ڊسمبر 1929ع

    ڪراچي وديارٿي سماگم جي چيئرمين آسانند مامتورا، ادب سان دلچسپي رکندڙن جي گڏجاڻي سڏائي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ڪوٺايل هن گڏجاڻيءَ ۾ پرنسپال ايس سي شهاڻي، پرنسپال جي اين گوڪلي، پرنسپال اين اي غلام علي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، شيورام ڦيرواڻي ۽ جي ايم سيد وغيره شامل ٿيا. ”سنڌ وديارٿي سماگم جي پريذيڊنٽ جي اين گوڪلي هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو، بحث مباحثي بيد ”سنڌي ساهت سڀا“ نالي تنظيم جوڙي وئي، جنهن جي هي متا ۽ مقصد طئي ڪيا ويا:

    1.       سڀ ڪنهن رستي سان سنڌي اديبات جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪرڻ.

    2.       سنڌ جي هڪ مرڪزي جماعت طرح ان کي فعال رکڻ ۽ سنڌي دانن، اهل قلم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙن کي پاڻ سان شامل ڪرڻ، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ”سنڌي ساهت سڀا“ جا اهي فرض هوندا ته

    i.                    مرڪزي لائبرري ٺاهي وڃي.

    ii.                  ڇاپيل سنڌي ڪتابن جي درست يادداشت (ببلوگرافي) پوري طرح تيار ڪري.

    iii.                هٿ لکيل (قلمي) ڪتاب گڏ ڪري ڇپرائجن.

    iv.                 نون سنڌي ڪتابن شايع ڪرائڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪري.

    v.                   ڪنهن قابل سنڌي دان جي لکيل سنڌي ٻولي ۽ اديبات بابت تاريخ هٿ ڪري ڇپرائجي.

    vi.                 هڪڙي اعليٰ درجي جي مضمونن واري منمزن جاري ڪري.

    ”سنڌي سهات سڀا“ کي فعال بنائڻ لاءِ هن ريت عهديدار ۽ ميمبر مقرر ڪيا ويا.

    پرنسپال ايس سي شهاڻي(صدر)، ڊاڪٽر گوربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽو (نائب صدر)، لعل چند امر ڏنو مل ۽ مسٽر عبدالحق (جوائنٽ سيڪريٽري) اي جي مامتورا (خزانچي)، اهڙي ريت ميمبر هن ريت مقرر ڪيا ويا.

    پرنسپال اين اي غلام علي، محمد صديق ميمڻ، ڄيٺمل پرسرام، جي ايم سيد، نادر بيگ مرزا، امداد علي قاضي (آءِ آءِ قاضي)، پيرو مل مهرچند آڏواڻي، روچيرام سڏاڻي، شيوا رام ڦيرواڻي، ٽي ايم آڏواڻي ۽ منگها رام ملڪاڻي

    (هن سوچ ۽ ڪوشش اڳتي هلي ”سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ يا سنڌي ادبي بورڊ کي جنم ڏنو)

  • 1928

     

    1928ع

    ”شدي تحريڪ“ ۽ ان تي مسلمانن جي رد عمل ۽ ”سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ“ ۽ ان تي سنڌي هندن جي رد عمل سنڌ ۾ جنهن فرقيواريت ۽ باهمي بي اعتمادي واري ماحول کي جنم ڏنو، انهيءَ پس منظر ۾ ”هندو سڀا“ حيدرآباد ۽ آءِ تراءِ پرسرام گلراجاڻيءَ جو ڪتاب ”هندن کي خطروهندو سجاڳ ٿيو“ شايع ڪرايو.

    1 جنوري 1928ع

    جيوترام کيمچند گوگيا ”جوت“ اٻاوڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو، هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته کيس وطن جا وڻ ڇڏي وڃي، الهاس نگر آباد ڪرڻو پيو، هن اتي ئي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ علم ادب جي دنيا ۾ پاڻ رکيو.

    22 جنوري 1928ع

    نارائڻداس آنندجي جي صدارت ۾ ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سوامي گووندا نند، محمد خان، سيٺ حاجي عبدالله هارون، پروفيسر جهمٽمل، مني لال وياس، شيخ عبدالمجيد، مير محمد بلوچ، آر ڪي سڌوا ۽ نرسنگ لال شرڪت ڪئي، گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته 3 فيبروري 1928ع تي سنڌ ۾ سائمن ڪميشن خلاف احتجاج ڪيو وڃي.

    3 فيبروري 1928ع

    آئيني سڌارن بابت هندستانين سان ويچار ونڊڻ لاءِ برطانيه سرڪار جي جوڙيل ”سائمن ڪميشن“ هندستان پهتي، جيئن ته هن ڪميشن تي ڪو به هندستاني سياستدان ميمبر طور نه کنيو ويو، ان ڪري ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ ٻين پارٽين طرفان ان ڪميشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو۽ هندستان ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو.

    13 فيبروري 1928ع

    ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ خبر شايع ٿي ته محمد ايوب کهڙي کي بمبئي سرڪار اسپيشل آنرري ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ڪيو آهي، هو پنهنجا اختيار لاڙڪاڻي ۾ ڪم آڻي سگهندو.

    16 فيبروري 1928ع

    ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ”ٺاڪر“، بهلاڻي، ضلعي نواب شاهه ۾ ڄائو، هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي راڻيپور ۾ ويٺو، هي پاڻ جڏهن سنڌ ۾ هوندو هئو تڏهن به علم ادب جا گهڙا ڀريائين ۽ انهيءَ ريت کي اتي به وڃي نڀايائين.

    5 مئي 1928ع

    مخدوم ميان غلام حيدر جي شادي ٿي.

    12 جون 1928ع

    ”الوحيد“ جي پرچي ۾ بمبئي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري مسئلي تي هندن ۽ مسلمانن جي ٿيل گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي شايع ٿي.

    12جون 1928ع

    سڄي سنڌ جيان لاڙڪاڻي ۾ به ”برودلي دي“ ملهايو ويو، لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي اهتمام سان شيرسنگ وڪيل جي صدارت ۾ بولس پارڪ ۾ جلسو ٿيو، جنهن برودلي جي مقامي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، جن کي ملازمتن ۾ نظر انداز ڪندي پٺاڻن کي عام جام نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ ان کان سواءِ مٿين ڳاٽي ڀڳيون ڍلون مڙيون وڃن ٿيون.

    هن عوامي ميڙ ۾ ٻن ٺهرائن ذريعي برودليءَ ۾ حڪومت جي پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ ستياگرهي برودلين سان همدردي ڪئي وئي.

    12 جون 1928ع

    ڪانگريس طرفان سموريءَ سنڌ ۾ برودلي ڏينهن ملهايو ويو، انهيءَ حوالي سان وڏن شهرن ۾ ميڙاڪا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويا.

    1 جولاءِ 1928ع

    سنڌ مسلم پوليٽيڪل ڪانفرنس جي آڌر ڀاءُ ڪاميٽيءَ جي ڪراچيءَ ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ٺهراءُ ڪاميٽي، کاڌي پيتي جي خيال رکڻ واري ڪاميٽي ۽ اجلاس خواه اسٽيج سينگارڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي، ٺهراءُ ڪاميٽيءَ ۾ ٻين سان گڏ لاڙڪاڻه واسي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي به ميمبر طور کنيو ويو.

    2 جولاءِ 1928ع

    سرغلام حسين هدايت الله کي ايگزيڪيوٽو ميمبر مقرر ڪرڻ تي سندس تڪ مان بمبئي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ لاءِ نامينيشن پيپر ڀريا ويا.

    13 جولاءِ 1928ع

    بمبئي ڪائونسل جو پونا ۾ اجلاس ٿيو، دکن جي جاگيردارن متعلق ائڪٽ ۾ درستيءَ بابت بحث ٿيوهليو، (ميمبرن جي دلچسپيءَ جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سيد ميران محمد شاهه جلسي هلڻ دوران پنهنجي دوستن ڏانهن خط لکيا) اهو سندس اسيمبليءَ ۾ اچڻ جو پهريون ڏينهن هو.

    17 جولاءِ 1928ع

    سنڌ جي نمائنده هندن، مسلمانن ۽ ٻين جاتين جي وچ ۾ فرقيوارنه معاهدو ٿيو، جنهن سمورن انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو وڃي.

    17 جولاءِ 1928ع

    سنڌ جي هندن، مسلمانن ۽ پارسين جي وچ ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ بابت ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ ڌرين گڏيل چونڊجي نظام تحت سنڌ کي الڳ صوبو بنائڻ جو اقرار ڪيو،  هن ٺاهه تي 19 هندو، 8 مسلمان ۽ 2 پارسي اڳواڻن صحيحون ڪيون، انهن جا نالا هن ريت آهن.

    حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاتم علوي، حاجي مير محمد بلوچ، عبدالجبار، ڊاڪٽر شيخ نور محمد، مير الله بخش، قاضي عبدالرحمان، جمشيد ميهتا، مشٽر ڪي سڌوا تاراچند، ٽيڪمداس، واڌو مل، رام بي موٽواڻي، ريجهو مل لاڙڪاڻائي، ڀرپوداس ٽلاڻي، بسنت رام، ارجندس، ڪشنداس جهامراءِ، پامنداس، رامچند، جيٺمل پرسرام، پروفيسر جهٽ مل، لعل چند جڳتياڻي، وشنو شرما گوپالداس ليکراج، نارائڻداس بيچر، سوامي گووندا نند، ڪي پنيا ۽ ڪي جيسواڻي.

    6 آگسٽ 1928ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ“ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هڪ ٺهراءُ ذريعي خلافتي ماڻهن کي تاڪيد ڪيو ويو ته اهي مقامي چونڊن ۾ حصو نه وٺن.

    2 آڪٽوبر 1928ع

    ايشور نارائڻ داس شرما ڪراچيءَ ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي ايشور ”آنچل“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو، ورهاڱي کان پوءِ هي صاحب لڏي وڃي الهاس نگر ۾ ويٺو.

    2 آڪٽوبر 1928ع

    مولانا حسين احمد مدنيءَ جي صدارت هيٺ سکر ۾ ”ستين سنڌ پراونشل خلافت ڪانفرنس“ ٿي، ڊاڪٽر انصاري، ابوالڪلام ”آزاد“، مولانا ظفر علي خان، مولانا احمد علي ۽ مولانا حيب الرحمان لڌيانوي جهڙن ٻاهرين مهمانن کان سواءِ سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جي ٻن هزارن ڊيليگيٽس شرڪت ڪئي، سنڌ سطح جي اڳواڻن مان حاجي عبدالله هارون، مير محمد بلوچ، سيد علي اڪبر شاهه، مولانا چشتي، مولانا وفائي ۽ مولوي معاذ شرڪت ڪئي، ڪيترا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جن مان ”سائمن ڪميشن“ جو بائيڪاٽ ۽ بئراج ٺهڻ وقت مسجد خواه مقامن کي بچائڻ وارا ٺهراءُ ذڪر لائق آهن، هن ڪانفرنس لاءِ مولانا تاج محمود امروٽي آڌر ڀاءُ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو.

    29 آڪٽوبر 1928ع

    سکر ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ مقررين مسلمانن کي مذهبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ ۽ ڏيهي صنعت کي زور وٺرائڻ جي صلاح ڏني.

    30 آڪٽوبر 1928ع

    سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ ”سائمن ڪميشن“ جي آمد تي سموريءَ سنڌ ۾ بائيڪاٽ ڪرڻ واري پروگرام کي آخري شڪل ڏني.

    31 آڪٽوبر 1928ع

    بمبئي جو گورنر سرليسيل ۽ سندس گهرواري ليڊي ولسن الوداعي دوري تي ڪراچي آيو، هن سنڌ مدرسي جو دورو ڪيو جتي پرنسپال ڊاڪٽر دائودپوٽي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، دروازي تي شاگردن هن لاءِ سنڌيءَ ۾ گيت ڳايا،

    فريئر هال ۾ سنڌ محمد ايسوسئيشن جي صدر سرشاهنواز خان ڀٽي کيس سپاس نامو پيش ڪيو، جنهن تي ٻين ضلعن کان علاوه لاڙڪاڻي ضلعي جي مسلم اڳواڻن ۽ سنڌ محمد ايسوسئيشن جي ميمبرن جا نالا ڏنل هئا، اهي هئا: محمد ايوب کهڙو، سنڌ محمدن ايسوسئيشن جو نائب صدر حاجي امير علي لاهوري، غلام محمد اسراڻ، محمد پريل ڪلهوڙو، سردار واحد بخش ڀٽو ۽ نواب غيبي خان چانڊيو.

    هن سپاس نامي ۾ سنڌ لئنڊ ايلينيشن بل ۽ سنڌ مدرسي جي مسئلن کان سواءِ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري ڳالهه به آندي وئي هئي.

    3 نومبر 1928ع

    سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ”سائمن ڪميشن“ خلاف ڪلاسن جو استادن ۽ شاگردن بائيڪاٽ ڪيو.

    12 نومبر 1928ع

    ”سائمن ڪميشن“ سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري مسئلي تي ڪراچيءَ ۾ مسلمانن ۽ هندن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، سرشاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاهه انهيءَ ڪميشن جا ميمبر هئا، ”سنڌ محمدن ايسوسئيشن“ طرفان خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ ”هندو مها سڀا“ طرفان پروفيسر ڇٻلاڻيءَ هن ڪميشن اڳيان پنهنجو پنهنجو ڪيس پيش ڪيو، انهيءَ موقعي تي ”سنڌ محمدن ايسوسئيشن“ جيڪو ميمورنڊم پيش ڪيو، ان تي سر شاهنواز خان ڀٽي جي صدر جي حيثيت ۾ محمد ايوب کهڙي جي نائب صدر جي حيثيت ۾، ولي محمد حسن علي جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ دستخط ٿيل هئي، ڪميشن اڳيان سنڌ محمدن ايسوسئيشن جا جملي اٺ اڳواڻ پيش ٿيا ۽ بيان ڏنا، انهن مان ٻه (کهڙو ۽ واحد بخش ڀٽو) لاڙڪاڻي واسي هئا.

    12 نومبر 1928ع

    ”سائمن ڪميشن“ آئيني سڌارن بابت ماڻهن کان رايا وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ هندو سڀا“ کي ملاقات جو ٽائيم ڏنو، هن جماعت پنهنجي ميمورنڊم ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا نه ڪرڻ واري مطالبي کي دهرايو.

    ڊسمبر 1928ع

    سکر مان ڊاڪٽر محمد يامين جي ايڊيٽريءَ ۾ ”دعوت اسلام“ نالي پندره روزه اخبار جاري ٿي، سنڌي ۽ اردو ۾ شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار اڳتي هلي روزاني ٿي، ”مسجد منزل گاهه تحريڪ“ وارن ڏينهن ۾ مسلم ليگ جو آرگن ٿي وئي.

    19 سيپٽمبر 1928ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سڌارٿا“ جي عنوان سان انگريزيءَ ۾ ڊرامو اسٽيج ٿيو، جنهن ۾ موسيقار اي جي چاڳلا هو، جڏهن ته همايون مرزا (سڌارٿا)، شيرين مرزا (شاگردياڻي) ۽ پرنسپال گوڪلي (شدونڌا) اداڪاري ڪئي.

    14 ڊسمبر 1928ع

    گوبنڊ لوڪرام ڀاٽيه لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ آباد ٿيو، سندس شمار مشهور شاعرن، مضمون نگارن ۽ مترجمن ۾ ٿئي ٿو، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن ڪيترو وقت صحافت سان به لاڳاپيل رهيو آهي.

  • 1927

     

    1927ع

    لاڙڪاڻي جي بااثر هندن هڪ مسلمان عورت کي هر کائي هندو بنايو، عورت کي ٽي ٻار هئا، سندس وارثن ڪورٽ جا در کڙڪايا ته جيئن ٻار وٺي سگهن، ليڪن لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اها گهر رد ڪئي، نتيجي ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندومسلم فساد ٿيا، لاڙڪاڻي مان 38 مسلمانن کي گرفتار ڪري 15 ڄڻن تي قلم 369 انڊين پينل ڪوڊ هيٺ ڪيس هلايو.

    اها باهه اڃا وساڻي ئي ڪو نه هئي ته عبدالله کوکر ۽ دلاور ماڇيءَ جي ٻارن کي زوريءَ هندو بڻايو ويو، ان وقت لاڙڪاڻي جا بااختيار عملدار هندو هئا ۽ مسلمانن انهن جي غير جانبداريءَ تي اعتراض واريا، حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون ۽ وري هندو مسلم هنگامن جي باهه ٻري پئي.

    8 جنوري 1927ع

    سنڌ جي ڪمشنر ڊبليو ايف هڊسن ڪراچيءَ ۾ ”رام گوپال مهوٽا هندو جيمخاني“ کولڻ واري رسم ادا ڪئي.

    11 جنوري 1927ع

    مخدوم نوح عليه رحمت جي درگاهه جي سجاده نشين مخدوم ميان امين محمد جي فرزند، ميان ظهير الدين عرف ميان پروڄام وفات ڪئي.

    24 جنوري 1927ع

    عبدالحي ولد مولانا محمد قاسم مارفاڻي چانڊيو، تعلقي قمبر جي ڳوٺ ڊرگهه سومر خان چانڊيي ۾ ڄائو، هن اڳتي هلي تعليم ۽ علم ادب جي دنيا ۾ نالو ڪمايو ۽ مولوي ۽ پروفيسر جي حيثيت ماڻي، هن ئي قمبر شهر ۾ شاهه لطيف ڪاليج قائم ڪيو، جيڪو 1972ع ۾ سرڪار پنهنجي تحويل ۾ ورتو.

    2 فيبروري 1927ع

    ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن پنهنجي هڪ ٺهراءُ ذريعي هند سرڪار طرفان چين ڏانهن فوج موڪلڻ واري قدم تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

    9 فيبروري 1927ع

    ڪميونسٽ اڳواڻ مسٽر سڪلات والا ڪراچيءَ آيو، هن مختلف تنظيمن ۽ تنظيمي اڳواڻن ۽ سياستدانن سان ملاقات ڪئي، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کيس آجياڻو ڏنو ۽ ان موقعي تي سپاس نامو پڻ ڏنو.

    9 فيبروري 1927ع

    پير مٺل شاهه جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ مذهبي جلسو ٿيو، جنهن ۾ ”ويدن“ جي مذهبي، تاريخي ۽ مستند حيثيت تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو، ٻئي ڏينهن تي هندن جوابي جلسو ڪيو ۽ ان لاءِ پڌرو ڪيو ويو ته جلسي جي آخر ۾ ويدن تي اعتراض ڪندڙ مسلمانن کي جواب ڏنا ويندا، ان ڪري انهيءَ جلسي ۾ مولانا دهلوي، مولانا وفائي، مولانا چشتي، سيٺ خدا داد خان، نظر علي آغا ۽ سوين مسلمان الله اڪبر جا نعرا هڻندا شريڪ ٿيا ۽ ويدن بابت اعتراض ڪندڙ مسلمانن کي آرين جواب ڪو نه ڏنا، ساري رات جلسو هليو، ٽي ڏينهن جمعي هجڻ لري مسلمانن گهاڙ ڀڪ تي نماز پڙهي، ائين آرين ۽ مسلمانن جو ويدن بابت مناظرو 9 فيبروري کان 11 فيبروري تائين هليو.

    11 فيبروري 1927ع

    ساڌ ٻيلي جي مهنت صاحب ”هندو سڀا سکر“ جي صدر ويرومل بيگراج، ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ ٻين اڳواڻن جي صحيح سان ڳوٺ چڄڙا، تعلقي قمبر ۾ تازو ملسمان ٿيل شيخ محمد رمضان ڏي خط لکيو ويو ته اوهان کي مسلمانن برغلائي اسلام قبول ڪرايو آهي، پر اوهان سندن ڦهلايل ڄار ۾ نه ڦاسجو، ڇو ته اوهان گئوٻڪشن جي ور چڙهي گئو ريکا ڌرم نه ٿا ڇڏي سگهو، اوهان هندو وير آهيو.

    هن خط جو جواب شيخ محمد رمضان سنجوگيءَ ڏنو، خط ۽ ان جو جواب اخبارن ۾ شايع ٿيو، جيڪو مواد گل حيات ۾ موجود آهي، شيخ محمد رمضان پنهنجي خط جي آخر ۾ لکيو آهي ته مهرباني ڪري اسنا ڏي وري اهڙا خط نه موڪليندا ۽ هر هر ستائڻ اوهان کي واجب نه آهي، ڇو ته اسان اسلام جا سهڻا سخن ڏسي وڏي دل جي خوشيءَ سان اسلام جا عاشق صادق بڻجي ويا آهيون.

    30 مارچ 1927ع

    لاڙڪاڻي شهر ۾ هندو مسلم فساد ٿيو، جهيڙو هڪ مسلمان عورت جي هندو ٿيڻ تي شروع ٿيو، هوءَ پاڻ ته هندو ٿي، پر ٻار به پنهنجي قبضي ۾ رکيائين، انهيءَ ڏينهن تي لاڙڪاڻي جي ”هندو پنچائت“ ۽ ”هندو سڀا“ ڪراچيءَ پنهنجي اڳواڻن سان رابطو قائم ڪيو، نتيجي ۾ هرچندراءِ وشنداس جي اڳواڻيءَ هيٺ پرنسپال شاهاڻي، آرببي شيوارام، سيٺ لوڪومل، سيٺ ايسرداس، سيٺ حڪومتراءِ ۽ پنها وفد جي صورت ۾ ڪمشنر سان مليا، ان کان هڪ ”هندو سڀا“ جي گڏجاڻي ٿي.

    2 اپريل 1927ع

    لاڙڪاڻي جي فسادن سبب بمبئي ۾ رهندڙ سنڌي هندو واپارين جيرامداس دولترام جي اڳواڻيءَ هيٺ هوم ميمبر سان ملاقات ڪري کيس لاڙڪاڻي پئنچائت ۽ هندو سڀا طرفان موڪليل ڳڻتيءَ جوڳن اطلاعن کان آگاهه ڪيو، وفد سرڪار تي زور ڀريو ته 4 اپريل تي عيد ٿيندي ۽ ان موقعي تي هندن جي جان مال کي خطرو آهي، ان ڪري لاڙڪاڻي ۾ امن امان رکڻ لاءِ ملٽري موڪلي وڃي.

    5 اپريل 1927ع

    رمضان شريف جي عيد جي ٻئي ڏينهن تي لاڙڪاڻي جي هندن هڙتال ڪئي، اهو هندن طرفان سرڪار تي دٻاءُ وجهڻ جي سلسلي وارو عمل هئو، هن کان اڳ سندن اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر سان ۽ بمبئي ۾ هوم ميمبر سان ملي چڪا هئا، سرڪار دٻاءُ ۾ اچي ستر مسلمانن تي ڦرلٽ جو ڪيس داخل ڪيو.

    10 اپريل 1927ع

    لاڙڪاڻي ۾ 83 مسلمانن تي لاڙڪاڻي جي اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ايڇ آغا وٽ ڪيس هليو، انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڙڪاڻي جي مسلمانن پنهنجي هم مذهب قيدين لاءِ هڪ لک روپين جي چندي گڏ ڪرڻ جو آغا ڪيو، هن ڪيس ۾ مسلمانن جي وڪالت عبدالرحمان ۽ لاڙڪاڻي واسي وڪيل پيرزادي ڪئي.

    17 اپريل 1927ع

    ”دي سنڌ هندو ايسوسئيشن“ پنهنجي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کي سنڌ جي مفادن خلاف قرار ڏنو.

    29 اپريل 1927ع

    مولوي حڪيم حاجي صديق مورائي جي صدارت هيٺ نواب شاهه ۾ مسلمانن جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ هندو برادريءَ طرفان هندو مسلم فسادن کي هوا ڏيڻ واري حڪمت عمليءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جيڪي گل حيات ۾ محفوظ آهن، لاڙڪاڻي جي هندو مسلم فسادن تي هي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو: ” هي جلسو لاڙڪاڻي جي هندن جي روش تي نفرت جو اظهار ڪري ٿو ۽ مظلوم مسلمانن سان نهايت همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو، ان سان گڏ مسٽر محمد هاشم لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي بي قاعده هلت کي به نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ڪمشنر سنڌ کي استدعا ٿو ڪري ته انهن مسلمانن ٻارن کي جيڪي هندن جي قبضي ۾ آهن جلد ۾ جلد آزاد ڪرائي کلي ڪورٽ ۾ حاضر ڪرائي، هي اجلاس لاڙڪاڻي جي مظلوم مسلمانن کي هر جائز مدد ڏيڻ جو يقين ٿو ڏياري.

    1 مئي 1927ع

    سکر ۾ لالا لڄپتراءِ جي صدارت هيٺ ”صوبه سنڌ هندو سميلن“ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پنج هزار وفد شريڪ ٿيا، هن سميلن ۾ سنڌي هندن جي ڌرمي، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي ويچار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي مخالفت ڪئي وئي.

    6 مئي 1927ع

    سنڌ جي ڪمشنر هڊسن ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جي ٻئي نمبر جيمخاني ”دي ڪراچي مسلم جيمخانه“ جو افتتاح ڪيو، ڪراچيءَ ۾ پهريون مسلمانن جو جيمخانو بوهرن قائم ڪيو هو، جيڪو 1900ع ۾ قائم ٿيو، هن نئين جيمخاني تي 30 هزار 9 سئو 27 رپيا خرچ آيو هو، جن عمارت جي تعمير لاءِ مالي سهائتا ڪئي، انهن مان حاجي عبدالله هارون، غلام علي ڇاڳلا، يوسف علي علوي، آغا عبدالغفور، عثمان صالح محمد، طيف علي مانڊي والا، غلام علي مانڊيوالا ۽ ڪي بي عبدالستار جا نالا ذڪر لائق آهن. 

    29 مئي 1927ع

    حيدرآباد ۾ ”سنڌ پراونشل هندوسڀا“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي حوالي سان ڪانگريس جي حڪمت عملي ۽ تازو پاس ڪيل ٺهراءُ جو جائزو ورتو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي هر ممڪن مخالفت ڪئي ويندي.

    31 مئي 1927ع

    سر ماٽيگو ويب جي صدارت هيٺ فريئرهال ڪراچيءَ ۾ فطرتي نظارن جي شوقينن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، انهيءَ ئي ڏينهن تي 38 ماڻهو هن جماعت جا ميمبر ٿيا.

    1 جون 1927ع

    نامياري شاعر، اديب ۽ مولوي عطا محمد مهيسرائي جي وفات ٿي، سندس اصل ذات ڪلهوڙا هئي، پر ڪوٽ لال بخش مهيسر ۾ رهڻ ڪري مهيسرائي سڏجڻ لڳا، سندس والد مولوي گل محمد، اديب ۽ شاعر هو، مولوي عطا محمد ”عطا“ هڪ ئي وقت تي سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيو.

    9 جون 1927ع

    ڀڳوتي پي چاندناڻي، شڪارپور ۾ ڄائي، ڦوهه جوانيءَ تي پهتي ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، ان ڪري کيس پنهنجي وطن جا وڻ چڏي ڀارت لڏڻو پيو، کيس اتي پنگتي ۽ ڌرمي ليکڪا جي حيثيت ملي.

    11 جون 1927ع

    نامياري سياستدان ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري ضرورت ۽ تصور جي سڀ کان پهريون ڳالهه ڪندڙ سيٺ هرچندراءِ وشنداس ”دي هندو“ اخبار کي انٽرويو ڏيندي انهيءَ ڳالهه کي ورجايو ته سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي هر قيمت تي مخالفت ڪئي ويندي.

    19 جون 1927ع

    سنڌ ڪانگريس طرفان ڊي سي داس جي ورسي ملهائي وئي، وڏن شهرن ۾ انهيءَ حوالي سان گڏجاڻيون ٿيون ۽ ڊي سي داس جي سياسي خدمتن ۽ شخصيت تي روشني وڌي.

    20 جون 1927ع

    سيٺ هرچندراءِ پنهنجي رهائشگاهه تي ڪراچيءَ جي مکيه رهواسين کي سڏيايو ۽ انهيءَ ميڙاڪي ۾ پريس کي بيان جاري ڪري پنهنجي ڳڻتي ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ بمبئي کان الڳ نه ڪيو وڃي، هن ميڙاڪي ۾ عوامي ميڙ سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

    25 جون 1927ع

    سيٺ هرچندراءِ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ هندن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ جي شديد لفظن ۾ مخالفت ڪئي وئي.

    29 جون 1927ع

    سنڌ جي هندن طرفان بيان جاري ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۽ ڪوششن جي شديد لفظن ۾ مخالفت ڪئي وئي.

    10 آگسٽ 1927ع

    ”سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ جي جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺين ريت جماعت جا عهديدار چونڊيا ويا.

    صدر: ڊبليو. ايف. هڊسن، سنڌ جو ڪمشنر.

    مئنيجنگ ڪاميٽي: نائب صدر: روپچند ٻيلارام، سنڌ جو ايڊيشنل جڊيشلڪمشنر،

    نائب صدر: سي ايس سي هيرسن، چيف انجنيئر لائڊ بئراج،

    اعزازي سيڪريٽري: اي اي فلين سي چئٽرجي.

    اعزازي خزانچي: هاسنگ ايڇ آڏواڻي.

    باقي ميمبر: ڪئپٽن چارلس وليمس، جي ايم ايس ڪلبرٽسن، سهراب ڪئٽرڪ،م واءِ وي پال، مسز هومي مهتا، مس ڊبليو اي والٽرس.

    11 آڪٽوبر 1927ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي چونڊن ۾ سنڌ مان مسلمان ووٽرن جو تعداد 60838 ۽ غير مسلم ووٽرن جو تعداد 87087 آهي، ضلعي لاڙڪاڻي جا مسلمان ووٽر 9080 آهن ۽ غير مسلم ووٽر 3373 آهن، هندن ۽ مسلمان ووٽرن جو اهو تعداد تڏهن جو آهي، جڏهن بوبڪ ۽ سيوهڻ، لاڙڪاڻي ۾ هئا، انهيءَ سال لاڙڪاڻي ميونسپل ايريا ۾ 754 مسلمان ۽ 1565 غير مسلم، قمبر ميونسپل ايريا ۾ 281 مسلمان ۽ 467 هندو ۽ رتيديري ميونسپل ايريا ۾ 288 مسلمان ۽ 541 هندو ووٽر هئا، جيڪي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ پنهنجا اميدوار چونڊيندا هئا.

    27 آڪٽوبر 1927ع

    منوهر چتارام بجلاڻي ”داس طالب“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، سندس شمار مشهور شاعرن ۽ نقادن، سنيگتڪارن، اداڪارن ۽ هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿو، ان کان سواءِ صحافي به ٿي رهيو آهي، سندس لکيل ڪتابن مان ”چيخ“ (1954)، ”سنڌيءَ جو خون“ (1955)، ”اڌين“ (1959)، ”وندنا“ (1961) ۽ ”پهريون پيار“ (1963) ذڪر لائق آهن.

    23 نومبر 1927ع

    سنڌ جي ڪمشنر مشٽر ڊبليو ايف هڊسن جي صدارت هيٺ ”سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ جو افتتاحي اجلاس ٿيو،  هي اجلاس فريئر هال ڪراچي ۾ منعقد ٿيو.

    1 ڊسمبر 1927ع

    سکر مان هفتيوار ”هندو ڌرم“ نالي اخبار شايع ٿي، جيڪا ٻه سال هلي بند ٿي وئي، شروعات ۾ نيچلداس گلاڻي ان جو ايڊيٽر ٿيو، پوءِ پنڊت سوديشور شرما ۽ پنڊت طوطا رام شرما به ان جا ايڊيٽر ٿيا، سکر جي ”آنچل پريس“ مان ڇپجندڙ هن اخبار هندو ازم جو ڀرپور پرچار ڪيو.

    2 ڊسمبر 1927ع

    آرتمل کٽڻمل پنجابي جي ايڊيٽريءَ ۾ آريا سماج جي ترجمان هفتيوار ”سکر گزيٽ“ سکر مان جاري ٿي، جيڪا ٽن سالن کان پوءِ بند ٿي وئي، هيءَ اخبار ”سکر پرنٽنگ پريس“ ۾ ڇپبي هئي.

    15 ڊسمبر 1927ع

    ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ تعلقي قمبر ۾ فيض محمد ولد علي مراد کرل جي ولادت ٿي، جنهن سڄي ڄمار تعليم جي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيو، پاڻ استاد ٿي رهيو ۽ شهدادڪوٽ ۾ اسڪول کوليائين، هن سماجي ورڪر ۽ استاد، اديب ۽ شاعر 1996ع ۾ وفات ڪئي، شاعريءَ ۾ فيض درياءُ تخلص ڪم آڻيندو هو.

  • 1926

     

    1926ع

    حامد علي ڪليڪٽر جي ڪوششن سان ۽ غلام سرور ”فقير“ قادري جي تعاون سان لاڙڪاڻي ۾ ”پوئٽري سوسائٽي“ جي شاخ قائم ٿي، جنهن جي افتتاح لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي خيرپور مان لاڙڪاڻي آيو، هن سوسائٽي جي هڪ فنڪشن (مورخه 23 اپريل 1926ع) ۾ مرزا قليچ بيگ ليڪچر ڏنو.

    جنوري 1926ع

    ”بزم مشاعره“ ڊي جي سنڌ ڪاليج طرفان ڪراچيءَ ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”دل گهريو زاهد ٿيان پر مون کان مستوري نه ٿي“

    لاڙڪاڻي واسي شاعرن به هن طرحي مشاعري لاءِ شعر جوڙيا، اهڙن شاعرن مان ڪشنچند ”بيوس“ ۽ غلام سرور ”فقير“ ذڪر لائق آهن.

    26 جنوري 1926ع

    سلامت راءِ جيرامداس پرسواڻي چنا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي الهاس نگر ۾ آباد ٿيو، سندس شمار ليکڪن، شاعرن ۽ تعليم دانن ۾ ٿئي ٿو، سندس ڪتاب ”جيل مان پتنيءَ ڏانهن خط“ ٽي دفعا شايع ٿي چڪو آهي.

    7 مارچ 1926ع

    الوحيد جي پرچي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”سنڌ جي مسلمانن جي حالت زارب تعنظيمي ۽ تبليغي سرگرمين لاءِ اپيل“ جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو.

    مئي 1926ع

    حيدرآباد ۾ ”دي سنڌ نيشنل ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ طرفان ليلارام مائيجاڻي جو لکيل ڊرامو ”دغا باز دنيا“ اسٽيج ڪيو ويو.

    5 مئي 1926ع

    ”دي اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي آف جيڪب آباد“ طرفان لاڙڪاڻي ۾ ”سچي پتري“ جي نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو، ڊرامي اسٽيج ڪرڻ مان جيڪا اپت ٿي اها جيڪب آباد جي گئو شالا کي ساهتا طور ڏني وئي.

    8 مئي 1926ع

    سنڌ جي ڪمشنر هڪ سرڪيولر ڪڍي سنڌ جي ميونسپالٽين کي تاڪيد ڪيو ته اهي سياسي ليڊرن ۽ سرڪاري عملدارن کي سپاس نامه  ۽ دعوتون ڏيڻ کان اڳ اجازت وٺن، ٻي حالت ۾ اهڙين تقريبن تي ايندڙ خرچ اهي ميمبر ڀريندا، جن اهڙي رٿ ڏني هوندي.

    9 مئي 1926ع

    سنڌ جي ڪمشنر سرڪيولر ڪڍي ميونسپالٽين ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سرڪاري عملدارن کي دعوتون ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اجازت وٺڻ کي لازمي ڪري ڇڏيو، سرڪيولر ۾ اها تنبيهه ڪئي وئي ته بنا اجازت اهڙيون دعوتون منعقد ڪندڙ ميمبرن کان سمورو خرچ ڀرايو ويندو.

    10 مئي 1926ع

    حيدرآباد جي ”دي سنڌ نئشنل ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ طرفان حيدرآباد ۾ ليلارام ماکيجاڻيءَ جو لکيل ڊرامو ”دغا باز دنيا“ اسٽيج ڪيو ويو.

    17 مئي 1926ع

    سيد ميران محمد شاهه سب جج جي ملازمت وٺڻ لاءِ جڊيشل ڪمشنر سنڌ جي آفيس ڪراچيءَ ۾ انٽرويو ڏنو، ليڪن کيس نه کنيو ويو.

    28 مئي 1926ع

    قيمت ڪوپالداس ريجهواڻي ”ڪمل“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو ۽ ٿاڻا ايسٽ ۾ آباد ٿيو، هن آزاديءَ جي جنگ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، سندس شمار مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو.

    1 جولاءِ 1926ع

    اردو نوانوء سماجي ڪارڪن مقبول لاهي جي ڪراچيءَ ۾ 30 سالن جي 
    ڄمار ۾ وفات ٿي، هي اصل سيال ڪوٽي هو، 1917ع کان 1921ع تائين سنڌ مدرسي ۾ استاد ٿي رهيو، ڪيترو وقت اولڊ بوائيز ايسوسئيشن جو اعزازي سيڪريٽري، اردو نائٽ اسڪول ايسوسئيشن جي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر، انجمن تبليغ اسلام ۽ انجمن مسلمانان پنجاب جو ميمبر ٿي رهيو.

    14 جولاءِ 1926ع

    پرم ابيچنداڻي خيرپور ميرس ۾ ڄائو، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت ۾ ويٺو ۽ اتي نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار جي حيثيت سان مشهور ٿيو.

    17 جولاءِ 1926ع

    اڄوڪي الوحيد جي پرچي ۾ بٺي اسٽيشن بهرام کان مولوي عبدالحڪيم صاحب جو خط شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سيٺ حاجي عبدالله هارون کي هن ليجسليٽو اسيمبليءَ جي نئين چونڊ (جيڪا نومبر مهيني ۾ ٿيڻي آهي) ۾ اميدوار بيهڻ تي مبارڪ باد ڏني ۽ پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏيارايو.

    31 جولاءِ 1926ع

    ڪراچيءَ جي سماجي جماعت هندو ٽائون پيپلز ايسوسئيشن پنهنجي ڪوشسن سان ڏيارام ڄيٺانند کلناڻي لائبرري قائم ڪئي، جنهن جو افتتاح سيٺ هرچندراءِ وشنداس ڪيو.

    31 جولاءِ 1926ع

    ڪراچيءَ جي سماجي ۽ نيم مذهبي تنظيم ”هندو ٽائون پيپلز ايسوسئيشن“ طرفان ڏيارام ڄيٺانند کلناڻي لائبرريء کولي وئي، جنهن جو افتتاح هرچندراءِ وشنداس ڪيو.

    12 آگسٽ 1926ع

    ٽهلرام جسومل ڪوڏواڻي آزاد حيدرآباد ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ويٺو ۽ اتي ادبي دنيا ۾ ليکڪ خواهه گائڪ جي حيثيت ۾ پاڻ موکيائين.

    18 آگسٽ 1926ع

    سيد پير ميان محمد شاهه ولد پير محمد شير شاهه جيلاني ذڪري پنهنجي تر جو ناميارو پير وفات ڪري ويو.

    19 سيپٽمبر 1926ع

    ميهڙ جي بزم مشاعره صوفي طرفان ”خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي“ جي طرح مصرع تي مشاعرو ٿيو، هن مشاعري ۾ جمع خان ”غريب“، حافظ عبدالوهاب ”ڪنڀر“، حافظ محمد ”احسن“ چنه، محمد بخش ”واصف“ علي حيدر ”حيدري“، تاج ٻرڙي ۽ شاهه محمد ”صوفي“ پنهنجي شاعراڻي صلاحيت جا جوهر ڏيکاريا.

  • 1925

     

    1 جنوري 1925ع

    نارائڻ گوبند رام تولاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هن وقت احمد آباد ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ڳائڻ ۾ ٿئي ٿو.

    3 جنوري 1925ع

    ڪراچيءَ جي گئان (ڇور چگيزي) ڪميونٽيءَ طرفان واسڪو ڊيگاما جي صدي ملهائي وئي، هن تقريب ۾ هندستان ۾ ڇور چگيز جي ڪائونسل جنرل به شرڪت ڪئي.

    10 فيبروري 1925ع

    حيدرآباد ۾ شيخ نور محمد وڪيل جي جاءِ تي سندس ئي صدارت ۾ مسلمان اڳواڻن جو ميڙ ٿيو، جنهن ۾ ملازمتن ۾ مسلمانن لاءِ جدا ڪوٽا رکڻ، سنڌ جي جدائي بابت عام راءِ ڏسڻ ۽ ٺاهڻ ۽ سنڌ واسين جي اقتصادي صورتحال سڌارڻ وارن ارادن سان سنڌ ۾ سنڌ مسلم ليگ کي نئين سر ٻيهر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 25 ڄڻن تي مشتمل ڪاميٽي ٺاهي وئي ته جيئن ٽن مهينن اندر سنڌ ۾ سنڌ مسلم ليگ جو ميڙ سڏائي سگهجي، انهيءَ ڪاميٽيءَ تي لاڙڪاڻي مان محمد ايوب کهڙي، شاهنواز ڀٽي، پير تراب علي شاهه ۽ پير علي انور شاهه کي ميمبر طور کنيو ويو.

    15 مارچ 1925ع

    ”سنڌ پراونشل جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي سکر ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ قاضي اسدالله شاهه ٽکڙائي جي صدارت هيٺ نئين سال لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي، لاڙڪاڻي جي مولانا مير محمد نورنگي کي نائب صدر نمبر 2 چونڊيو ويو، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ تي لاڙڪاڻي مان مولوي محمد سليمان ”واعظ“ مولوي سيد امير محمد شاهه ۽ مولوي غلام فريد کي ميمبر طور کنيوويو.

    15 مارچ 1925ع

    سکر ۾ ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي واسين به شرڪت ڪئي، هن ئي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جو صدر دفتر ۽ مرڪز ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ڪجي ۽ پارٽي جي تنظيم ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ مبلغ مقرر ڪيا وڃن، جماعت جون چونڊون پڻ ڪيون ويون، جن مطابق قاضي اسدالله شاهه کي صدر، مولانا محمد صادق کڏي واري کي نائب اول، ضلعي لاڙڪاڻه واسي مولانا مير محمد کي نائب صدر ٻيو، مولوي دين محمد وفائي کي سيڪريٽري ۽ دين محمد عليگ کي خزانچي چونڊيو ويو.

    15 مارچ 1925ع

    سکر ۾ سنڌ جمعيت العلماءِ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ نئين سال لاءِ چونڊون ڪيون ويون، انتظامي ڪاميٽيءَ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي مان مولوي محمد سليمان ”واعظ“ ۽ مولوي سيد امير محمد شاهه کي ميمبر طور کنيو ويو.

    15 مارچ 1925ع

    جمعيت علماءِ سنڌ جي سکر ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سموريءَ سنڌ جي اڳواڻن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ نئين سال لاءِ عهديدار ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جا ميمبر چونڊيا ويا ۽ ڪيترا اهم ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، گڏجاڻيءَ جو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، نئين چونڊجي آيل عهديدارن ۾ قاضي اسدالله شاهه ٽکڙائي (صدر)، مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا مير محمد نورنگزادو (نائب صدر) ۽ دين محمد وفائي (سيڪريٽري) ذڪر لائق آهن.

    15 جون 1925ع

    درازا درگاهه جو سجاده نشين صوفي قبول محمد ولد خواجه نجم الدين فاروقي وفات ڪري ويو.

    18 سيپٽمبر 1925ع

    عبدالحليم شيخ سکر مان هفتيوار ”سنڌ مومن“ اخبار جاري ڪئي، هن اخبار جي ايڊيٽريءَ جا فرائض محمد تقي شآهه ۽ عبدالله شاهه ڏيندا هئا، هي اخبار 1926ع ۾ بند ٿي وئي.

    16 آڪٽوبر 1925ع

    آنند رامچند گولاڻي، ڀاڳيديري، ضلعي نواب شاهه ۾ ڄائنو، هي صاحب اڳتي هلي اديب ٿيو ۽ ڪهاڻيءَ کان سواءِ ناول جي صنف ۾ به پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيائين، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ويٺو.

    16 آڪٽوبر 1925ع

    ليکڪ، شاعر ۽ صحافي پرڀداس آوترام ڪندناڻي ”ونيت“ سکر ۾ ڄائو، 1947 کان پوءِ لڏي وڃي پوني ۾ ويٺو، سندس ادبي جيون جو آعاز ان کان پوءِ ئي ٿيو.

    ڊسمبر 1925ع

    لاڙڪاڻي مان ميان علي محمد قادري ”گلدسته سنڌ“ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو، هن رسالي ۾ شعروشاعري، سا به فقط غزل جي صنف ۽ شاعريءَ بابت مضمون شايع ٿيندا هئا، هي رسالو سال ڏيڍ جاري رهيو ۽ ان ۾ ڪيترن شاعرن جا سنڌي، اردو ۽ فارسي غزل شايع ٿيا.

    ڊسمبر 1925ع

    ”بزم مشاعره“ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”ڪهڙي ڪهڙي تنهنجي هيٺان اي فلڪ فرياد آ“

    لاڙڪاڻي واسي شاعرن مان حاجي محمود ”خادم“، ميان غلام سرور ”فقير“ ۽ ڪشچند ”بيوس“ هن مشاعري لاءِ پنهنجا شعر تخليق ڪيا.

    30 ڊسمبر 1925ع

    آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس علي ڳڙهه ۾ ٿيو، انهيءَ ۾ تيرهون نمبر ٺهراءُ (جيڪو مولوي احمد پيش ڪيو هو ۽ گل محمد خان ان جي پٺڀرائي ڪئي هئي) سنڌ جي عليحدگي بابت پاس ڪيو ويو.

  • 1924

     

    1 جنوري 1924ع

    رتن جوتو مل چڳاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، ورهاڱي کان اڳ ”لاڙڪاڻه اميچوئرس ناٽڪ منڊلي“ سان ڳائيندڙ جي حيثيت ۾ لاڳاپيل رهيو،  فلم ”محبت ڪي جيت“ 1943ع ۾ ڪجهه گيت ڳايل اٿس، آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين.

    10 جنوري 1924ع

    توپڻداس ڪندومل جيوتراماڻي ”داس ٽوپڻ“ بوبڪ، تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي پونا ۾ ويٺو، هن کي سنڌ اندر علم، ادب جي جا سُتي ملي، انهيءَ اڳتي هلي مٿس رنگ ڇڏيو ۽ پاڻ اتي ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار جي حيثيت ۾ شهرت ورتائين.

    18 جنوري 1924ع

    ڪراچيءَ ۾ ”آريا يووڪ سماج“ جي نالي سماجي تنظيم ٺاهي وئي،جنهن جا باني عهديدار هن ريت هئا: بهاري لال صاحب جي (صدر)، چمن لال (نائب صدر)، موهن لال (سيڪريٽري)، ڀڳت رام (اسسٽنٽ سيڪريٽري)، پورن چند (خزانچي)، خيراتي رام (لائبرري انچارج) ۽ ڪرمچند (آڊيٽر) اڳتي هلي هن جماعت طرفان مختلف موضوعن تي ليڪچر به ڪرايا ويا.

    19 جنوري 1924ع

    اياز قادري ولد غلام سرور قادريءَ جي لاڙڪاڻي ۾ ولادت ٿي، علمي ۽ ادبي خاندان ۾ جنم وٺندڙ هن شخص علم ۽ قلم جي دنيا ۾ نالو ڪمايو، ”جمعيت الٺوار سنڌ“ کان وٺي ”سنڌي ادبي سنگت“ تائين مختلف علمي تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ حصو ورتائين، ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌيءَ جي پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين ۽ اتي لطيف چتر جو باني ڊائريڪٽر به ٿيو، اڌ ڊزن کان مٿي ڪيائين لکائين، ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ مختلف ماڻهن کي ڊاڪٽري ڪرايائين.

    فيبروري 1924ع

    سکر ۾ ”سنڌ ليڊيز ائسوسئيشن“ ٺاهي وئي ته جيئن عورتن ۾ ادبي ۽ سماجي شعور پيدا ڪيو وڃي، هن ائسوسئيشن جو قيام ۽ ڪارڪردگي ڳچ عرصي تائين اخبارن ۾ تنقيد جو موضوع بليا رهيا.

    10 فيبروري 1924ع

    حيدرآباد ۾ مسلم ليگي مڪتب فڪر وارن مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسلم ليگ کي عوام ۾ مانوس لاءِ هڪ عارضي ڪاميٽي جوڙي وئي.

    10 فيبروري 1924ع

    سنڌ مسلم ليگ جي ميمبرن جي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جماعت کي عوام ۾ مقبول ۽ مانوس ڪرائڻ لاءِ هڪ ”عارضي ڪاميٽي“  ٺاهي وئي، خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي ان ڪاميٽيءَ تي ميمبر طور کنيو ويو.

    10 فيبروري 1924ع

    سنڌ مسلم ليگ جي سابق سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالمجيد جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي صدارت هيٺ مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي نئين سر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 25 ميمبرن جي ٽن مهينن لاءِ هڪ عارضي ڪاميٽي ٺاهي وئي ته جيئن سنڌ ۾ مسلم ليگ جي پروگرام کي عام ڪيو وڃي ۽ تنظيمي ڪم مڪمل ڪيو وڃي، عارضي ڪاميٽي ۽ عهديدارن جا نالا هن ريت آهن:

    صدر: سيٺ حاجي عبدالله هارون

    نائب صدر: محمد ڪامل شاهه

    سيڪريٽري: ڊاڪٽر شيخ نور محمد

    خزانچي: مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

    ميمبر: شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، شاهنواز خان ڀٽو، حڪيم شمس الدين، پير تراب علي شاهه، علي انور شاهه، عبدالمجيد، عبدالجبار، سيٺ طيف علي، ڊاڪٽر غلام حسين، مير الله بخش ٽالپر، حاجي مير محمد بلوچ، پير غلام مجدد، ميران محمد شاهه، مير ايوب خان محمد خان ۽ پير الاهي بخش.

    مارچ 1924ع

    رتيديري ۾ هندن قرآن شريف کي سر عام ساڙيو، ان تي پوليس رتيديري جي آريا سماج مندر مان ڌرمي ڪتاب کڻي وئي ته جيئن مسلمانن طرفان رد عمل ظاهر نه ٿئي، ليڪن پوليس پوءِ به هندن جي تنقيد جو نشانو ٿي ۽ آريا سماج جي مختلف شهرن جي شاخن پوليس خلاف ٺهراءُ پاس ڪيا،

    قرآن شريف ساڙڻ جي ڏوهه ۾ پوليس پرچو مل ۽ ٻن ڇوڪرن تي قلم 295 آءِ پي سي هيٺ ڪيس داخل ڪري کين چالان ڪيو، هنن جو ڪيس ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ لاڙڪاڻي وٽ هليو، مسلم ڌر جي وڪالت بئريسٽر پير زادي ڪئي، جڏهن سکر جو پوڄسنگ پهلاجاڻي هندن جو وڪيل ٿيو.

    3 مارچ 1924ع

    ترڪيءَ پنهنجي سياسي ۽ مذهبي تناظر مان هميشه هميشه لاءِ ”خلافت“ جي تصور، نظريي ۽ منصب جو خاتمو آندو.

    9 مارچ 1924ع

     سنڌ ۽ هند جو نامور مدبر، تحريڪ آزاديءَ جو اڳواڻ سنڌ جي ڪيترن نالي وارن سياستدان جو سياسي استاد ۽ رهبر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي وفات ڪري ويو.

    18 مارچ 1924ع

     هزارو خان ولد لعل بخش ڪلهوڙو، گهوگهاري تعلقي قمبر ۾ ڄائو، استاد جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين، سندس شمار مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو، پاڻ ”مجاهد“ جي تخلص سان شاعري ڪندو آهي.

    20 مارچ 1924ع

    مولوي محمد ابراهيم جي صدارت هيٺ ضلعي ٿرپارڪر جمعيت العلماءِ سنڌ جي گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻي ۾ ٺهرائن ذريعي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، خلافت جي خاتمي واري اعلان تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ مولوي محمد صالح جي واکاڻ ڪئي وئي جنهن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جلا وطني جهڙي قرباني ڏني.

    24 مارچ 1924ع

    ”ڪراچي هيلٿ ائسوسئيشن“ طرفان ”ٻارن جو قومي هفتو“ ملهائڻ وارين تقريبن جي شروعات ٿي، انهيءَ ڏينهن تي لياريءَ ۾، 26 تاريخ تي اولڊ ٽائون ۾، 30 تاريخ تي صدر ۾، اپريل تي ڪياماڙي ۾ نمائش ۽ ليڪچر جو بندوبست ڪيو ويو.

    اپريل 1924ع

    ڪراچيءَ ۾ انگريزي زبان کي عام ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ”لوڪل آڊلٽ ايڊوڪيشن مومينٽ ائسوسئيشن“ ٺاهي وئي، جنهن طرفان ٿياسافيڪل هال ۾ وي جي پراڌان کان ليڪچر ڪرايا ويندا هئا، پروفيسر ترويدي، پروفيسر جونارڪر ۽ مهاتما وئرگياچندريا هن ائسوسئيشن جا اهم اڳواڻ رهيا.

    11 مئي 1924ع

    پير الاهي بخش جي صدارت هيٺ شهدادڪوٽ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ مولوي غلام فريد، مولوي عبدالڪريم، وڏيري رضا محمد، سکر جي عبدالرزاق ۽ ميان محمد صديق پڻ شرڪت ڪئي.

    17 مئي 1924ع

    انجمن ترقي اردو طرفان ڪراچيءَ ۾ ڪتب خانو کوليو ويو، ڪراچيءَ ۾ اردو ٻولي ايترو پکڙجي چڪي هئي جو مئي 1924ع کان وٺي ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ڊيلي گزيٽ ۾ اردو زبان ۾ به اشتهار شايع ٿيڻ لڳا.

    24 جون 1924ع

    ملڪ جي مشهور عالم مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي ولادت ٿي، هن پنهنجي تدريسي خدمتن ذريعي ڪيترن ديني عالمن کي جنم ڏنو، سنڌ ۾ سنڌيءَ جو پهريون پي ايڇ ڊي (ڊاڪٽر غلام علي الانا) هن جي نگرانيءَ ۾ ٿيو، مختلف سبجيڪٽس ۾ ڪيترن ماڻهن وٽس ڊاڪٽري ڪئي آهي، پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ولي الله اڪيڊمي جو اڳواڻ ٿي رهيو آيو، علم ۽ قلم جي هن ڌڻيءَ تحريڪ آزاديءَ ۾ به حصو ورتو ۽ ڪانگريس جمعيت العلماءِ سنڌ ۽ سنڌ ساگر پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ضياءَ الحق جي زماني ۾ سنڌ شوريٰ جو ميمبر به ٿي رهيو آهي.

    22 جولاءِ 1924ع

    ڳوٺ ڀمڀي خان چانڊيي جي حافظ محمود چانڊيي کي غلام مصطفيٰ نالي فرزند ڄائو، جنهن اڳتي هلي علمي ۽ قلمي دنيا ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي نالي سان شهرت ماڻي، ڪيترا ڪتاب لکيائين، ”الرحيم“ ۽ ”الولي“ رسالا ايڊٽ ڪيائين، ڪيترن ماڻهن جي پي ايڇ ڊي ۾ رهبري ڪيائين، شاهه ولي الله اڪيڊمي جو باني ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو، ضياءَ انهن جي زماني ۾ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ۽ 1987ع ۾ کيس پاڪستان سرڪار ”تمغه امتياز“ ڏنو

    15 آگسٽ 1924ع

    ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙا شڪارپور ۾ ڄائو، ڦوهه جوانيءَ کي پهتو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، ان ڪري لڏي وڃي انڊور ۾ ويٺو، جتي هن پاڻ کي اديبن جي صف ۾ شامل ڪرايو ۽ صحت جي موضوع تي ڪي ڪتاب لکيا.

    2 سيپٽمبر 1924ع

    ٽي ايل واسواڻيءَ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾”هندي ساهتيه پون“ جي ٻارهين سالگراهه ملهائي وئي، هن تنظيم جو مقصد هو سنڌ ۾ هندي علم ادب لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ.

    17 سيپٽمبر 1924ع

    پوپٽي رامچند هيراننداڻي حيدرآباد ۾ ڄائي، ليڪن ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ آباد ٿي، اتي نامياري ليکڪا، شاعره، گائيڪا ۽ استادياڻي جي حيثيت سان مشهور ٿي ۽ سنڌي علم ادب خواهه ثقافت جي واڌاري ۽ بچاءُ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪيائين.

    5 آڪٽوبر 1924ع

    سنڌ تعليمي ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ مشورو ڪرڻ واسطي حيدرآباد ۾ جان محمد ڀرڳڙي جي جڳهه تي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ميران محمد شاهه کي استقباليه ڪميٽيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.

    هن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن مان جي ايم سيد، ميران محمد شاهه ۽ جان محمد ڀرڳڙي جا نالا قابل ذڪر آهن.

    19 آڪٽوبر 1924ع

    ”بزم ناري“ ضلعو دادو طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”تنهنجي درڪار سدا مهر عنايت مولا“

    هن مشاعري ۾ ڪيترن لاڙڪاڻي واسي شاعرن قلمي ۽ عملي طور شرڪت ڪئي.

    19 آڪٽوبر 1924ع

    بزم ناري شريف، اسٽيشن بالي شاهه طرفان بزم جو ٽيون مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هن ريت هئي:

    ”تنهنجي درڪار سدا مهر عنايت مولا“

    1 ۽ 2 نومبر 1924ع

    ڊگڙي ۾  مٽياري سادات جي ڪانفرنس ٿي

    13 نومبر 1924ع

    مقامي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان تعلقي شهدادپور جي ڳوٺ کٻڙ خان جتوئي ۾ پير غلام علي شاهه جي صدارت ۾ ٻن ڏينهن واري ”خلافت ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي ته واپار ۽ تجارت ڏانهن توجهه ڏين ته جيئن انگريز سرڪار جي نوڪري ڪري ٻڌي ٻانهي ٿيڻ کان کين ڇوٽڪارو ملي.

    ڊسمبر 1924ع

    ”بزم ناري“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”علم ري خانن ۾ اڄ ڪلهه خانداني ڪانه آهي“

    هن مشاعري ۾ لاڙڪاڻي جي شاعرن مان ڪن قلمي طور تي ته ڪن ذاتي طور تي حصو ورتو.

    13 ڊسمبر 1924ع

    بمبئي جو گورنر سرليسلي ۽ سندس گهرواري ليڊي ولسن سکر کان لاڙڪاڻي پهتا، سندس ملاقاتن ۽ مصروفيتن جي ابتدا لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ طرفان ايڊريس پيش ڪرڻ سان ٿي، اهو سپاسنامو نائب صدر پڙهيو، سپاس نامي ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪالي، عورتن لاءِ اسپتال ۽ پرائمري تعليم ميونسپالٽيءَ حوالي ڪرڻ جون گذارشون ڪيل هيون، ان کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ طرفان سپاس نامو پيش ڪيو ويو ۽ آخر ۾ ”لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ محمدن ايسوسئيشن“ سپاس نامو پيش ڪيو جنهن ۾ زرعي زمينن لاءِ پاڻيءَ جو مسئلو، ضلعي ۾ تعليم جو مسئلو، ڪوآپريٽو سوسائٽين کي فعال بنائڻ جو مسئلو ۽ مسلمانن لاءِ سرڪاري ملازمتن جو مسئلو پيش ڪيو ويو.

    ان کان پوءِ گورنر دربار هال ۾ ماڻهن سان ملاقات ڪئي جن ۾ غيبي خان چانڊئي، شاهنواز خان ڀٽي، امير علي لاهوري، محمد پريل ڪلهوڙي، ولارت راءِ، غلام محمد اسراڻ، قائم خان شيخ، ڪريم بخش جتوئي، علي حسن هڪڙي، مولچند سخاوتراءِ ۽ پير سيد پير شاهه جا نالا ذڪر لائق آهن.

    گورنر ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات لاڙڪاڻي ۾ ريهيو، کيس ڏنل سپاسناما ۽ سپاس نامن جا جواب ۽ سندس دوري سان لاڳاپيل ٻيو مواد گل حيات ۾ موجود آهي.

    16 ڊسمبر 1924ع

    سنڌي مسلمانن ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ ۽ تعليمي مسئلن تي ويچار ڪرڻ لاءِ وڪيل نور محمد شيخ جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ”آل سنڌ محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس جي صدارت سربراهه رحمت الله بمبئي واري ڪئي، ان جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين سيد ڪامل شاهه ٿيو ۽ جنرل سيڪريٽري نور محمد شيخ پاڻ هئو، هيءَ ڪانفرنس ٻه ڏينهن هلي.

    16 ۽ 17 ڊسمبر 1924ع

    حيدرآباد ۾ هوسٽينڊ هال ۾ ”آل سنڌ محمد ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ ٿي، جنهن جي صدارت بمبئي واري سر ابراهيم رحمت الله ڪئي، انهيءَ موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو اهتمام به ڪيو ويو، جنهن جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مرزا قليچ بيگ ۽ جنرل سيڪريٽري حاجي محمود ”خادم“ هو.

    هن موقعي تي رٿيل مشاعري لاءِ طرح هئي:

    ”چشم موسيٰ کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي“

    هن مشاعري ۾ لاڙڪاڻي واسين مان حاجي محمود ”خادم“، ميان غلام سرور ”فقير“، نواز علي ”نياز“، غلام عباس ”جوش“ ۽ لالچند ”مجروح“ شرڪت ڪئي.

    24 ڊسمبر 1924ع

    دولترام هيمنداس ڪلياڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي الهاس نگر ۾ رهيو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو، جاسوسي ناولن لکڻ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل آهي.

  • 1923

     

    جنري 1923ع

    سکر مان سوامي امرداس جي ايڊيٽريءَ ۾ ”ڌرم درشن“ نالي ڌرمي رسالو شايع ٿيو، جنهن کي هندو پڙهندڙن ۾ سٺي مقبوليت ملي، ان ڪري انهيءَ زماني ۾ رسالي جون هڪ هزار کان وڌيڪ ڪاپيون ڇپبيون هيون.

    9 جنوري 1923ع

    ”ضلعي سکر جمعيت العلماءِ“ جي سکر ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي مسلمانن ۾ ديني جذبو ۽ شعور پيدا ڪيو وڃي، ان لاءِ مولانا تاج محمود امروٽيءَ کي شيخ الاسلام ۽ مولوي حماد الله کي نائب شيخ الاسلام مقرر ڪيو ويو.

    11 جنوري 1923ع

    جيڪب آباد ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان ”سنڌ خلافت ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ خلافت جي حوالي سان ۽ سنڌ خواه هند جي سياسي مقصدن ۽ مفادن جي حوالي سان ويچار ونڊيا ويا ۽ عوام سياسي خواه مذهبي بيداري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

    25 جنوري 1923ع

    سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽيءَ جي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سول نافرماني تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ 20 مئي تاين مقرريون ضلعي ڪاميٽيون 2 هزار خلافت والنٽيئر ۽ 50 هزار رپيا گ0 ڪن، چار آڻا ڏيندڙ 50 هزار ميمبرن ڪجن، انگريزي مال جي بائڪاٽ کي يقيني بڻايو ويندو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پروفيسر جهٽ مل جي قيد وڃڻ کي سندس جاءِ تي ڊاڪٽر وطڻمل کي ورڪنگ ڪاميٽي ۽ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪيو وڃي ٿو.

    28 جنوري 1923ع

    سکر جي ميونسپل ٽائون هال ۾ ضلعي سکر جي جمعيت العلماءِ سنڌ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ مولانا احمد علي، مولانا فاروق  احمد، مولانا علي شير، مولانا حماد الله ۽ سيد اسدالله شاهه، سياسي، سماجي ۽ مذهبي صورتحال تي روشني وڌي، مولانا دين محمد وفائي ۽ عبدالڪريم چشتيءَ پڻ تقريرون ڪيون، هن ميڙاڪي ۾ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي جاءِ تي مولانا محمد هاشم کي ضلعي شساخ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

    30 جنوري 1923ع

    ميهڙ ۾ سنڌ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مذهبي ۽ سياسي حوالن سان عام راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

    1 فيبروري 1923ع

    معصوم شاهه جي مناري جي آهي منهن سان منهن سکر ۾ جمعيت العلماءِ ضلعي سکر جي اهتمام سان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن کي مولوي دين محمد وفائي ۽ مولانا احمد علي لاهوريءَ خطاب ڪيو، ميڙاڪي ۾ ٻه ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، پهرين ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته تحريڪ آزادي لاءِ سنڌ جا ديني علام هر قسم جي قرباني ڏيندا ۽ ٻئي ٺهراءُ ذريعي مسلمانن کي اسلام کي مڪمل ضابطه حيات طور عمل ۾ آڻڻ لاءِ چيو ويو.

    3 فيبروري 1923ع

    ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ”عورتون سياست ۾ حصو وٺن يا وٺن؟“ جي موضوع تي بحث مباحثو ٿيو، ان ۾ انگريز مقررن اها راءِ قائم ڪئي ته عورتون سياست ۾ حصو نه وٺن (ڇو ته تحريڪ آزادي هلي چڪي هئي ۽ اهي نه پيا چاهن ته سياست ۾ حصو وٺن)، آخر ۾ ان بحث جي موضوع تي ووت ورتا ويا، جنهن ۾ 150 ووٽ سياست ۾ حصي نه وٺڻ ۽ 35 ووٽ حصي وٺڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنا.

    15 فيبروري 1923ع

    ڊي جي ڪاليج ۾ ”عورتون سياست ۾ حصو وٺن يا نه وٺن“ جي موضوع تي مباحثو ٿيو، فرنگي مقرر ان راءِ جا هئا ته عورتون سياست ۾ حصو نه وٺن، ڊاڪٽر جي ٽي رينچ (Dr. D. T. Wrench) جو چوڻ هو ته عورتن کي حق ڏيڻ واري مغرب جي اڌ صديءَ جي تجربي ثابت ڪيو آهي ته عورت سياست ۾ حصو وٺي پاڻ کي خراب ڪري ٿي، بحث جي آخر ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي، 150 ووٽ عورت کي سياست ۾ حصي وٺڻ خلاف مليا ۽ 35 ووٽ حق ۾ مليا.

    24 فيبروري 1923ع

    ڳوٺ ڊگهه بالا تعلقي جوهي ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولوي دين محمد ۽ ٻين مقرررن تقريرون ڪيون ۽ سنڌي عوام کي سياسي طور تي مستحڪم ۽ وڌيڪ فعال ٿيڻ جي صلاح ڏني.

    10 مارچ 1923ع

    مولوي محمد هاشم جي صدارت هيٺ ميرپور ماٿيلي ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مسلمانن کي مذهبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو ۽ حڪومت جي اسلام دشمن حڪمت عملين جي پرزور مذمت ڪئي وئي.

    11 مارچ 1923ع

    آچر ڏينهن اٻاڙي ۾ مولوي علي شير جي صدارت هيٺ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ انگريز سرڪار جي اسلام دشمنيءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌي مسلمانن کي صلاح ڏني وئي ته اهي پنهنجي اسلامي تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ مذهبي حڪمن جي پابندي ڪن.

    24 مارچ 1923ع

    لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور خلافتي اڳواڻ 12 مهينا جيل جي سزا ڪاٽي آزاد ٿيو، سندس آزاديءَ جي خوشي ۾ محراب پور جي خلافتي مولوي غلام رسول جتوئي شعر ٺاهيو:

    مٺل پير پرڻي آيو رات راڻي

    سکر جيل مان جارج پنجين جي نياڻي

    25 مارچ 1923ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ جمعيت العلماءِ“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي، هن گڏجاڻي ۾ پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي ته جيئن مقامي آريا سماجين جي پروپئگنڊا کي منهن ڏئي سگهجي.

    27 مارچ 1923ع

    سرڪار جي ”ڪينيا ڪالوني“ بابت حڪمت عمليءَ کي ناپسند ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽيءَ ۽ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي سڏ تي هڙتال ٿي.

    29 مارچ 1923ع

    ”الوحيد“ اخبار جي ايڊيٽر تي ”انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 153-A ۽ 124“ هيٺ، ڪراچيءَ جي سٽي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.

    11 اپريل 1923ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ جمعيت العلماءِ جي گڏجاڻي ٿي، جيڪا ڀريا سٽي ڏينهن هلي، هن گڏجاڻيءَ ۾ مهمان عالم مولوي معين الدين اجميريءَ به شرڪت ڪئي، گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ پنج اهم ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جيڪي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، انهن ٺهرائن مان اهم ٺهراءُ هي آهي ته وطن جي آزاديءَ کي مذهبي فريضو قرار ڏنو ويو ۽ عوام کي آزاديءَ لاءِ جاکوڙڻ جو تاڪيد ڪيو ويو.

    13 مئي 1923ع

    سکر مان هنسراج هري سنگهه هفتيوار ”هندو پرڪاش“ اخبار جاري ڪئي جيڪا آريا سماج جي نظرين جي ترجماني ڪندي هئي ۽ مسلمانن خلاف گهڻي نفرت پکيڙڻ جو ڪارڻ ٿي.

    1 جولاءِ 1923ع

    محمد خان ولد ميهر خان چانڊيو، وڳڻ وڏا، تعلقي وارهه ۾ ڄائو، ”مولائي“ جي تخلص سان شاعريءَ ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀريندو رهي ٿو.

    15 جولاءِ 1923ع

    جمعيت العلماءِ سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت هيٺ سکر ۾ گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ تبليغ جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ مولوي معين الدين جي خلافت بابت ڏنل فتويٰ کي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

    26 جولاءِ 1923ع

    الله بخش ولد احمد بخش انصاري جي لاڙڪاڻي ۾ ولادت ٿي، هن اڳتي هلي انيس انصاري جي نالي سان علمي ۽ ادبي دنيا ۾ شهرت ماڻي، 1946ع کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ پوري اڌ صدي ٻوليءَ جي جهولي ڀريائين، هن شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نقاء ڪلارڪ کان وٺيايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تائين سرڪاري ملازمت ڪئي.

    آگسٽ 1923ع

    سيپٽمبر 1922ع کان آگسٽ 1923ع تائين لاڙڪاڻي ضلعي جي جن خلافتي اڳواڻن ۽ عدم تعاون تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن کي سزائون مليون، اهي هئا، محمد رمضان شيخ (17 مهينا ۽ 3 هفتا)، پير مٺل شاهه راشدي (12 مهينا)، محمد رمضان درزي (2 سال)، فقير غلام النبي (12 مهينا). مولوي مولا داد (سال)، محمد يعقوب (سال)، محمد صديق (سال)، حاڪم شاهه گاجي کهاوڙ (سال)، محمد بچل جمالي (6 مهينا) ۽ مولوي عبدالڪريم (سال) وغيره

    12 آگسٽ 1923ع

    ”عدم تعاون تحريڪ“ ۾ حصي وٺڻ ڪري رتيديري جي املنگ کي 108 سي پي سي هيٺ سزا ڏني وئي هئي، اهو ڪارڪن سزا ڪاٽي آزاد ٿيو.

    25 آَگسٽ 1923ع

    ڪراچيءَ جي سماجي ۽ ڌرمي تنظيم ”پريم منڊلي“ جي نائيٽ اسڪول ۾ ”شاهه لطيف ڪلاسز“ جو آغاز ڪيو ويو، لطيفات جي موضوع تي اهي ليڪچر نامياري قلم ڌڻي لالچند امر ڏنو مل جگتياڻي ڏيڻ شروع ڪيا.

    سيپٽمبر 1923ع

    جون 1922ع کان سيپٽمبر 1923ع تائين خلافت ڪاميٽي سنڌ جي مالي امداد ۽ تعاون طور جيڪو چندو گڏ ڪري موڪليو ويو، ان جو تفصيل ۽ ضلعي خلافت ڪاميٽي جي مالي تعاون جا انگ اکر هن ريت آهن:

    پهرين قسط 30 رپيا، ٻي قسط 139 روپيا 12 آنا، ٽين قسط 500 روپيا ۽ چوٿين قسط 1300 روپيا.

    16 سيپٽمبر 1923ع

    لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ خلافت ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ شيخ محمد رمضان کي 12 فيبروري 1923ع تي حڪومت خلاف تقرير ڪرڻ تي، لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر 108 سي پي سي هيٺ ٻارهن مهينا سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي.

    29 آڪٽوبر 1923ع

    جڳت راءِ ڪيولرام مولچنداڻي ”دل“ بنگل ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي الهاس نگر آباد ٿيو، سنڌ ۾ رهڻ واري عرصي دوران علم ادب ۽ ثقافت جي سُتي مليس، جنهن ڀارت ۾ کيس شمار مشهور ليکڪن، شاعرن، گائڪن، سنگيتڪارن، هدايتڪارن ۽ مصورن جي حيثيت ۾ شهرت ڏنس

    31 آڪٽوبر  1923ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ 1 آڪٽوبر 1919ع کان مختلف مقصدن لاءِ سنڌ مان چندو ڪيو، انهن 49 مهينن ۾ خلافت ڪاميٽيءَ کي 3 13 336588 روپيا گڏ ٿيا، اهي ڇهن قسمن جا فنڊ هئا، پهريون فنڊ هئو ”خلافت بيت المال“ جنهن ۾4 7 91541  روپيا گڏ ٿيا، انهن مان 10 8 41252  روپيا سنڌ ۾ خلافت جي تحريڪي ڪم ۾ ڪتب آيا ۽ انهن 35607 روپيا ”مرڪزي خلافت ڪاميٽي“ کي امداد طور ڏنا ويا، ٻيو هئو ”انگورا فنڊ“ جنهن ۾ 8 9214794  روپيا گڏ ٿيا، انهن مان وري 0 2 210909  روپيا سنڌ واسين نمازي مصطفيٰ ڪمال پاشا ڏي ڏياري موڪليا، ٽيون هئو ”سمرنا فنڊ“ جنهن ۾ 0 17 28991  روپيا گڏ ٿيا، اهي فنڊ مان 25000 روپيا ”سمرنا“ موڪليا ويا، چوٿون هئو، ”هوائي جهاز فنڊ“ جنهن ۾ سنڌ واسين 0 10 1688  روپيا گڏ ڪيا، پنجون فنڊ هئو ”مدينا مجاهد فنڊ“ هن ۾ سوا ڇهويهه روپيا گڏ ٿيا ۽ اهڙي نموني ”ڊسٽرڪٽ ڪاميٽي ڊپازٽس“ ۾ 510 روپيا محفوظ رهيا.

    49 مهينن ۾ خلافت ڪاميٽي 3 13 336588 روپيا گڏ ڪيا، مٿي ذڪر ڪيل خرچ کان پوءِ 31 آڪٽوبر 1923ع تي ”سنڌ خلافت ڪاميٽي“ جي بچت 3 3 12703 روپيا رهي.

    11 نومبر 1923ع

    بئريسٽر عبدالرحمان جي صدارت ۾ پبلڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ”بمبئي رولس آف ايڊوڪرڊن 1923“ کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ياد رهي ته انهيءَ سرڪار ”ملان اسڪولن“ کي مڃتا ڏئي رهي هئي ۽ انهن جي مالي امداد  جي گنجائش به رکي وئي هئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”ملان اسڪولن“ جي مخلافت ڪئي وئي ۽ انهن کي تعليمي نظام لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو، ڪن ڏينهن کان پوءِ حافظ نظام احمد جي صدارت ۾ ”ملان اسڪولن“ جي حمايت ۾ گڏجاڻي ٿي هئي.

    16 نومبر 1923ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان ”جزيرة العرب“ هفتي ملهائڻ جو آغاز ٿيو، جيڪو 24 نومبر 1923ع تائين هليو، هن هفتي دوران سنڌ جي مختلف خلافت ڪاميٽين جزيرة العرب جي مذهبي ۽ سياسي آزاديءَ جي حق ۾ آواز بلند ڪيو ۽ ان سان لاڳاپيل سرڪار جي بدنيتيءَ تي ٻڌل حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪئي.

    28 نومبر 1923ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جي سالياني رپورٽ مرتب ٿي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ضلعي لاڙڪاڻي جا 13 خلافتي اڳواڻ ”سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽيءَ“ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ٿيا، جن مان پير علي نواز شاهه، پير تراب علي شاهه، پير مٺل شاهه ۽ ميان محمد صادق جا نالا ذڪر لائق آهن،

    ان کان سواءِ هي پڻ معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ تاريخ تائين ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ”ضلعي خلافت ڪاميٽيءَ“ کان علاوه هيٺ ڄاڻايل ڳوٺن ۽ شهرن ۾ خلافت ڪاميٽيون موجود ۽ فعال رهيون.

    لاڙڪاڻو، ميروخان، بٺي، محبوب تنيو، قاضيان، قمبر، گهوگهارو، گٽهڙ، ڪور سيلمان، آتڻ، ڀولا ڪلهوڙا، ڇڄڙا، پير محمد ارشد شاهه، طيب، خيروديرو، گهانگهرا، شهدادڪوٽ، غلام مصطفيٰ ڏهر، محمد خان ڀٽو، ڏوڪري، پٺاڻ، عالماڻي، باڊهه، خيرمحمد آريجا، نصيرآباد، سومر چولهياڻي، ٿرڙي حاجران، لالو رائنڪ، گاجي کهاوڙ، جاني بند، گل محمد چانڊيو، عرضي نائچ، هيتم سوهو جلباڻي، پنهور، چنجڻي، وڳڻ ۽ واسو ڪلهوڙو.

    ان کان سواءِ گذريل سال (سيپٽمبر 1922ع کان نومبر 1923ع) تائين لاڙڪاڻي ضلعي مان خلافت تحريڪ دوران جن جيل ڀوڳيو، انهن مان محمد رمضان شيخ (18 مهينا)، پير مٺل شاهه راشدي (12 مهينا)، محمد رمضان درزي (24 مهينا)، مولوي مولا داد (12 مهينا)، فقير غلام النبي (12 مهينا)، محمد صادق (12 مهينا)، حڪيم شاهه (12 مهينا)، محمد بچل جمالي (6 مهينا)، مولوي عبدالڪريم (12 مهينا) ۽ ڀڳوانداس (12 مهينا 21 ڏينهن) ذڪر لائق آهن.