Author: admin

  • رستم سنڌ ، شير ميربحر

    رستم سنڌ ، شير ميربحر

    رستم سنڌ ، شير ميربحر 

    facebook 1711610656617 7179015423493843883

    شير ميربحر – رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان
    محمد سليمان وساڻ
    اڄ 28 مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ پنهنجي وقت جي رستم سنڌ شير ميربحر جي ورسي جو ڏينهن آهي۔ سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر 21 جون 1924ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊيارو، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو۔ شروع ۾ ئي سندس لاڙو ملھ طرف هو ۽ سندس والدين به کيس کير مکڻ کارائي اصل پهلوان ڪري ڇڏيو۔ هن ملھ جي شروعات ته پنهنجي تر کان ڪئي پر باقائده نالو ان وقت نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻو ۾ ٿيل ملاکڙي کانپوء ڪڍرايوجنهن ۾ هن پهرين جوڙ جي مشهور ملهه پهلوانن اقبال جوڳي، پنڃل مهر ۽ هنڊال مڪراني کي شڪت ڏئي پهريون انعام کٽيو۔
    شير ميربحر ٽن ڏهاڪن تائين ملاکڙي جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي زير ڪري رستمِ سنڌ جو اعزاز پاڻ وٽ رکيو۔ هن ملڪي پهلوانن کي ته ملاکڙي جي ميدان ۾ زير ڪيو پر 1962ع ۾ هالا ۾ ٿيندڙ دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو ۽ شير سنڌ جو لقب حاصل ڪيو، هن ملاکڙي جو اهتمام مخدوم محمد الزمان طالب المولى ڪيو . ٻيو مقابلو هندوستان جي گرنام سنگهه سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو جنهن کي پڻ شڪست ڏنائين. ان کانپوءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ انگلينڊ جي پهلوان آسٽن جيري کي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هڪ ٻيو يادگار مقابلو خيرپور ميرس ۾ ٿيو جيڪو صدر ايوب خان ۽ والي رياست مير مراد علي خان پڻ ڏٺو. ان ملاکڙي ۾ پهلوان شير ميربحر افغانستان جي پهلوان قطب خان سميت ٽن پهلوانن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن تي ايوب خان کي مجبور ٿي چوڻو پيو ته شير واقعي شير آهي. 
    شهيد ذوالفقار ڀٽو سندس خدمتن کي مدنظر رکندي 1974ع ۾ کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. پر 1977ع ۾ عوامي حڪومتن کي ختم ڪندڙ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سندس قومي ڪوچ وارو عهدو ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جي بحال ڪيو ويو.
    سڄي عمر پهلوانن سان مقابلو ڪندڙ هي شير آخرڪار 1984 ۾ بڪين جي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيو. 28 ماچ 1985ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر ۾ آهي.
    حواله:
    وڪي پيڊيه ويب
    شيعه دوست ڊاٽ ڪام
    سنڌ ساگر آف جوکيو ويب
  • سوشلزم بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    سوشلزم بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    “گل حيات جي گنج مان“
    “ سوشلزم بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“

    facebook 1711629169410 7179093071776665351

        ماڻھن جو خيال آھي تہ روس ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي قيام کان پوءِ سنڌ  سوشلزم ۽ ڪميونزم جو اثر قبول ڪيو.بلاشڪ سوشلزم ۽ ڪميونزم سياسي نظريا آھن پر اھي سماجي روپ ۾ سنڌ جي سماج ۾ اوائل کان نظر اچن ٿا. مثال طور اسان چوندا آھيون تہ “ونڊي کاءُ ايمان پاءِ“ ھن جو مطلب بہ اھو آھي تہ ذريعن ۽ وسيلن تي انفرادي نہ پر اجتمائي حق کي سنڌي سماج اوليت ڏني ٿو. سنڌي سماج ۾ “خواھشن“ کان وڌيڪ “ضرورتن“ تي توجه ڏنو ويو آھي. ان ڪري  ماضي قريب تائين ڪرت ڪندڙ ماڻھون ٻئي ڪرت ڪندڙ ماڻھو کان نقدي معاوضو نہ وٺندو ھيو. لوھر حجم کان مفت ۾ وار ٺھرائيندو ھيو، حجم ڊکڻ کان مفت ۾ کٽون ٺھرائي ايندو ھيو. اھڙي ريت  ھاري بہ ھٿين خالي لوھر،واڍي،حجم،ڊکڻ ۽ رنگريز کان پنهنجو ڪم وٺي ايندو ھو. جڏھن بٽئي ٿيندي ھئي تہ ھر ڪنهن کي حصو ملندو ھيو. انهي نظام کي ھڪ نظرئي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ شاھ عنايت شھيد پنهنجي جان جي قرباني ڏئي “ جو کيڙي سو کائي“ واري ڳالھ ڪئي.
        سنڌ دنيا جي قديم ترين قومن مان ھڪ آھي ان ڪري ھن قوم جا مشاھدا ۽ تجربا باقي ٻين قومن کان آڳاٽا آھن. ان ڪري سوشلزم يا ڪميونزم پوءِ جا نظريا آھن ۽ سنڌي سماج صدين کان وٺي “اجتماعيت“ جو عملي نمونو پيش ڪيو آھي.
       جديد ڪميونزم سنڌي سماج ۽ سياست تي ڪھڙو اثر وڌو؟ انهي سوال جي جواب جي جستجوءَ ۾ منهنجي والد  انگريزن جي دور جو تفصيلي مطالعو ڪيو ۽ ان بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. 1926 ۾ ڪميونسٽ حڪومت  ۽ نظام جا اثر سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پوڻ لڳا. اھو ئي سبب آھي جو ڄيٺمل پرسرام انهي سال “ ساميه واد“ ڪتاب لکيو جيڪو دراصل انگريزي مان ترجمو ڪيو ويو ھيو. ھن کان ترت پوءِ وشنو شرما “ ھندستان ڪيئن پائمال ٿيو“ نالي ڪتاب لکيو.ھي اھو دور ھيو جڏھن ھندستان جي وڏين پارٽين ھاريءَ ۽ پورھيت جي مسئلن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پنهنجي پارٽي پروگرام ۾ انهي ڳالھ کي شامل ڪيو.گڏيل ھندستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي بہ ٺھي چڪي ھئي. پر سنڌ ۾ سوشلزم يا ڪميونزم ھڪ سياسي نظرئي طور گھڻو پوءِ قبول ڪيا ويا . ليڪن ان دور جي اديبن ۽ ليکڪن سوشلزم ۽ ڪميونزم تي پنهنجي پنهنجي خيال سان لکيو.
    مون اڄوڪي پوسٽ ۾ بابا جي نوٽس جي ھڪ صفحي جي تصوير ڏني آھي ۽ اھا فيبروري 1927 جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿي.   1927 کان وٺي 1947 تائين سنڌ ۾ ڪميونزم جي ڪھڙي ڪارڪردگي رھي؟ اھو تفصيل انهئ فائيل ۾ موجود آھي، جنهن منجهان مون ھڪ صفحي جي تصوير ڏني آھي.  فيبروري 1927 ۾ برٽش ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ سڪلت والا ڪراچي ۾ آيو ھو ۽ ڪنهن مشهور ڪميونسٽ ليڊر جو اھو سنڌ جو پھريون دورو ھيو. ھن جي اچڻ تي جھڙوڪ سنڌ جي نظرياتي حلقن ۾ ھل چل مچي وئي. ڪامريڊ سڪلت والا سنڌ ۾ آيو تہ انگريزي اخبارن نہ رڳو ھن خلاف ھاءِ گھوڙا مچائي، پر ڇوھ بہ ڇنڊيا. 7فيبروري 1927 تي “ ڊيلي گزيٽ“ اخبار جيڪا ڪراچيءَ  مان نڪرندي ھئي، ان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ھن ڪامريڊ ۽ ڪميونزم خلاف زھر اوڳاڇيو .“ زرد صحافت“ جو اصطلاح تہ اسان ٻڌو آھي، پر ھن ايڊيٽوريل کي پڙھي مڃڻو ٿو پوي تہ “ زھر صحافت“ بہ ٿيندي آھي. ھن اخبار ڪامريڊ کي جھڙوڪ نسورو گهٽ وڌ ڳالهايو. ھي جملا ملاحظہ  ڪيو.
    But in any case, as your presence in Sindh can not possibly benefit a single one of its population,poor or rich, we beg you not to try but to take the first train and steamer back to Batter sea where the poor and ignorant with whom back streets are densely packed,love to hear your torrential talk…
      سنڌ جاگيردارانہ نظام جي انهي جديد دور مان گذري رھي ھئي، جنهن جو بنياد چارلس نيپيئر  1843 ۾ درٻار سڏائي، اپر ڪلاس کان آڻ مڃرائي انهن کي جاگيرون ڏنيون ھيون. ھي اھو زمانو ھيو جڏھن سنڌ ۾ مزدور يا ھاري طبقو سياسي  ۽ نظرياتي طور تي منظم ٿي نہ سگهيو ھو. ان ڪري اپر ڪلاس سندن نالي ۾ پارٽيون ٺاھي پنهنجي مفادن جي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. “ ھاري پارٽي“ شروع ۾ ھارين ڪا نہ ٺاھي ھئي پر زميندارن، پيرن ۽ صنعتڪارن ٺاھي ھئي ۽ پوءِ انهي اڳتي ھلي عوامي پارٽيءَ  ۽ ھارين جي حقداريءَ جو روپ ورتو. بابا سائين جي ھن نوٽس ۾ سنڌ جي انهيءَ سياسي ۽ نظرياتي تبدليءَ بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي . 1946 ۽ 1947 ۾ سنڌ ۾ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽيون ٺھيون جن منجهان “ دي سوشلسٽ پارٽي“، “ سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي“ ۽ “ فرينڊس آف سوويت يونين“ ذڪر لائق آھن. انهن پارٽين جي ڪارڪردگي بابت گھڻو ڪجه مواد بابا سائين جي ورتل نوٽس ۾ موجود آھي. ھي اھڙو موضوع آھي جنهن تي تفصيل سان ڪا تحقيق نہ ٿي آھي. جيڪڏھن ڪنهن اداري يا فرد کي انهي موضوع تي ڪم ڪرڻ جي خواھش ٿي تہ گل حيات جا دروازا ۽ اسان جون دليون انهي لاءِ کليل رھنديون.( ممتاز پٺاڻ)
  • ١٧ آڪٽوبر ١٩١٩-سنڌ جي سياسي شعور جو ڏينهن

    ١٧ آڪٽوبر ١٩١٩-سنڌ جي سياسي شعور جو ڏينهن

    ممتاز علي پٺاڻ.

    “ ١٧ آڪٽوبر ١٩١٩-سنڌ جي سياسي شعور جو ڏينهن”.

      facebook 1711691975119 7179356498011131018      ترڪيءَ کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ترڪيءَ خلاف وڙھندڙ ملڪن (اتحادين) “امن ڪانفرنس” سڏائڻ جو فيصلو ڪيو تہ جيئن ترڪيءَ تي پنهنجي مرضيءَ جا شرط مڙھي سگهجن. سنڌ جي مسلمانن انھيءَ صورتحال کي آڏو رکي فرنگي حڪومت تي زور رکڻ لاءِ تہ ترڪيءَ کي وڌيڪ نقصان نہ ڏنو وڃي, 17 آڪٽوبر 1919 تي سنڌ ۾ گڏجاڻين ڪرڻ ۽ ٺھراءَ پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ واسين جي هن فيصلي پٺيان سندن سوچن ۽ لوچن جا هي روپ رنگ موجود هئا:
    1). اسلام دوستي,
    2). مظلوم ترڪيءَ سان همدردي,
    3). فرنگي حڪومت لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جو رويو.
          هن دور ۾ سنڌي اخبارن جو ڪال هو ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي سرگرمين بابت انگريزي اخبارن ۾ خبرون شايع ٿينديون هيون. سرڪار پرست اخبارن ۾ اهڙيون خبرون شايع ئي ڪونہ ٿينديون هيون. اهڙيءَ صورتحال ۾ منھنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ ۽ هند جي اخبارن جو مطالعو ڪري, هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي ورتي تہ سنڌ جي ڪهڙن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ 17 آڪٽوبر 1919 تي گڏجاڻيون ٿيون. انھيءَ رپورٽ جو اختصار هتي پيش ڪريان ٿو, جنهن مان عام سنڌيءَ جي سياسي شعور ۽ سنڌ ۾ سياسي بيداريءَ جو پتو پئي ٿو:
    1. لاڙڪاڻو: هن گڏجاڻيءَ ۾ جان محمد جوڻيجي, پيرزادي عبدالغفار, سيٺ خداداد سرهيئي, پير تراب علي شاھ, پير امام الدين راشدي, مولوي محمد سليمان, پير سيد علي انور شاه راشديءَ وغيره شرڪت ڪئي. 
    2. سکر : هتي معصوم شاه جي مناري ڀرسان گڏجاڻي ٿي. خاص ڳالھہ اها هئي تہ ان ۾ ھندن جي وڏي ۽ پرديدار مسلمان عورتن بہ شرڪت ڪئي.
    3. راڌڻ: هتي سيد مصري شاه جي صدارت ۾ جلسو ٿيو.
    4. ڳوٺ قاضي محمد عارف: 
    5. پير جهنڊو: 
    6. باقراڻي روڊ: هتي پير محمد فتح الله شاه گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي.
    7. ڳوٺ شاه قلي پور تعلقو ڳڙھي ياسين:
    8. رڪ: 9. ڳڙھي ياسين: 10. ڳوٺ ڳڙھي ٻڍل تعلقو شڪارپور, 11. ڪراچي, 12. حيدرآباد, 13. ميرپور خاص, 14. هالا پراڻا, 15. امروٽ وغيره.
           انھن هنڌن تي گڏجاڻين ۾ جيڪي ٺھراءَ پاس ڪيا ويا, انھن جو تت هن ريت آھي:
    1). ترڪي سلطنت جي حدن ۾ ڦير گهير نہ ڪئي وڃي.
    2). عربستان کي ڇني ڌار ملڪ ڪري نہ ٺاهجي.
    3). ترڪيءَ جي “خليفہ المسلمين” واري حيثت متاثر نہ ٿئي.
           هن قسم جي معلومات ڏيڻ ۽ ونڊڻ مان اسان کي خبر پئي ٿي تہ سنڌ جي چپي چپي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو آھي ۽ سنڌ جي تاريخ ڪو اهڙو ڏينھن نہ گذريو آھي, جنهن ۾ ڪا سياسي, سماجي, ادبي يا ثقافتي اهميت واري ڳالھہ نہ ٿي هجي. ان ڪري اسان کي جيڪڏهن سنڌ جي جامع تاريخ مرتب ڪرڻي آھي تہ پوءِ طريقي ۽ سليقي سان ايئن ڪم ڪرڻو پوندو, جيئن گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪري رهيو آھي
  • سروپ چند شاد

    سروپ چند شاد

    سروپ چند شاد


    IMG 20240329 WA0059
    سنڌ جي بھترين شاعر، ليکڪ، محقق سروپ چند شاد 2 جنوري 1937ع تي مٺيء ۾ جنم ورتو، ھن مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگریزي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽرس ڪئي، ان کان پوءِ درس تدريس سان لاڳاپيل رهيو، مختلف ڪاليجن ۾ انگريزي جو ليڪچرار ۽ پروفيسر رهيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: سون سريکا دوھا (شاعري)، مٺڙو ٻولين مور (شاعري)، مٽي ٿي مھڪي (شاعري)، ڳولينداسين ڳليءَ ڳليءَ (شاعري)، چوڏھينءَ چنڊ اڀريو (شاعري)، رڻ ڀوميءَ ۾ راند (روپلي ڪولهي تي لکيل)، مٺيءَ جي تاريخ (تاريخ)، ڀوڏيسر جون ڪھاڻيون (لوڪ ادب)، مضمون موتين جھڙا (مضمون) وغيره شامل آهن، ھن 28 مارچ 2021ع تي وفات ڪئي

  • شاعر بلاول پرديسي

    شاعر بلاول پرديسي

    بلاول پردیسی


    پیدائش: 29 مارچ 1931

    IMG 20240329 WA0062سنڌ جي مشهور شاعر بلاول پرديسيءَ 29 مارچ 1931ع تي ھالا ۾ جنم ورتو، ھن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيو، جتي پرنسپال ٿيو، سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ پروفيسر ۽ پرنسپال رهيو، سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ دلسوز ڪافيون (شاعري)، ڪليات پرديسي، پڪار (شاعري)، سوني صندوق (ٻاراڻو ادب)، زندگي ۽ حادثا (افسانا)،  جادوءَ جو گلاب (ٻاراڻو ادب)، رهبر دوستي (مضمونن جو مجموعو)، سچل جي شاعري، جماليات وغيره شامل آهن، سندس شاعري محمد يوسف، وحيد علي، عابده پروين سميت سنڌ جي وڏن فنڪارن ڳائي آهي, ھن 23 ڊسمبر 1999ع تي وفات ڪئي.. 

  • مارچ 1918 واري سنڌ صوبائي ڪانفرنس

    مارچ 1918 واري سنڌ صوبائي ڪانفرنس

    ممتاز علي پٺاڻ
    “ مارچ 1918 واري سنڌ صوبائي ڪانفرنس”.

       facebook 1711804325872 7179827731222479256   مون وقت بہ وقت “سنڌ پراونشل ڪانفرنسن” بابت پئي لکيو آھي ۽ ور ور ڏئي لکڻ جو مقصد هي هوندو آھي تہ اهو ٻڌائي سگهان تہ اسان جي سياسي لٽريچر پڙھندڙن گل حيات طرفان گڏ ڪيل هن مواد مان اڃا فائدو ڪونہ ورتو آھي. ٻن ھزار صفحن وارو هي مواد گل حيات کان سواءِ ڪنهن وٽ بہ ڪونہ آھي. هي مواد منھنجي والد ان وقت مختلف اخبارن مان هٿ سان لکيو, جڏهن اڃا فوٽو اسٽيٽ جي سهولت بہ ڪانہ هئي ۽ غريب هجڻ ڪري بابا پنهنجو ٽائيپ رائيٽر بہ خريد ڪري نہ پيو سگهي. 
         ڪانفرنسون سنڌ جي مسلمان, هندو, پارسين ۽ سکن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو هو. هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌين دين ڌرم ۽ رنگ نسل جي بنياد تي سياسي صفبندي ڪانہ ڪئي هئي. سنڌ سڀ جو موضوع, مرڪز ۽ محور هوندي هئي. هي ساليانيون ڪانفرنسون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٿيون.
         30 مارچ 1918 تي اهڙي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي. ڪانفرنس جي صدارت شڪارپور واري مرليڌر جيرامداس ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان 500 ڊيليگيٽس آيا هئا. ڪانفرنس ۾  جيڪي مشهور سياستدان شريڪ ٿيا هئا, انھن مان ڪي آھن: هرچندراءِ وشنداس, غلام علي چاڳلا, راءِ بهادر هيرانند کيمسنگ, لوڪومل چيلارام,  مکي ڄيٺانند, سنتداس منگهارام, آر.ڪي.سڌوا, ڊاڪٽر چوئٿرام وغيره
         ڪانفرنس ۾ ڪيترن تي موضوعن ۽ مسئلن تي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا, جهڙوڪ:
    1). تعليم جي ابتر حالت کي سڌارڻ لاءِ مطالبو,
    2). سنڌ پريس تي حڪومت جي سختيءَ جي مذمت, 
    3).  شاگردن کي سياسي سرگرمين ۾ حصي نہ وٺڻ بابت سرڪاري منع نامي جي مذمت,
    4). ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي باهمي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ جو عزم, 
    5).سنڌ جي وڪيلن مان جج مقرر ڪرڻ جو مطالبو,
    6). سنڌ ۾ پاسپورٽ ٺھرائڻ ۾ پيش ايندڙ دشوارين ختم ڪرڻ بابت مطالبو,
        هن ڪانفرنس ۾ جملي 22 ٺھراءَ پاس ڪيا ويا هئا. 
         ڪانفرنس جي صدر پنهنجيءَ تقرير ۾ سنڌ بابت جيئن ويچار ونڊيا, اهي جيئن جو تيئن هتي ڏيان ٿو:
    ” It is anomoly that Sindh is still on the list of SHEDULED DISTRICTS although with Karachi rivailing Bombay. It has been advancing commerciaally and though in consequence of Mesopotamian  conquest, itsabbat geographical importance is an assured and unprecedented  one.
    Whatever be the view adopted to the political status that Sindh may occupy in the proposed reforms, we all are unanimously agreed that Sindh Commissioner’sabbat Act of 1868, that has remained with us for a half century, out to be abolished and one man’s rule ought to end”.
  • تاريخي تقريرن جو وڏو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي

    تاريخي تقريرن جو وڏو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي

    ممتاز علي پٺاڻ.

    ”گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ تاريخي تقريرن جو وڏو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي.“

    facebook 1711805069788 7179830851435247932اسان ھميشہ اھا پئي ڪوشش ڪئي آھي تہ گل حيات اداري ۾ اھڙن موضوعن تي مواد گڏ ڪيون جن جي تمام وڏي اھميت آھي ۽ جن تي ڪڏھن ڪم نہ ٿيو آھي. تقريرون ۽ سپاس ناما ۽ ايڊريسون ھڪ اھڙو موضوع آھي جنهن تي ھن وقت تائين ڪم نہ ٿيو آھي. پر گل حيات ادارو انگريزن جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ جي انگريز گورنرن، سياستدانن ۽ مشھور شخصيتن جون تقريرون گڏ ڪيون آھن ۽ انهن منجهان ڪيتريون گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن جن منجهان گھڻي کان گھڻيون شھيد راڻي بينظير ڀٽو جون آھن ۽ ان کان پوءِ چڱيون خاصيون تقريرون اھي آھن جيڪي ڪراچي،لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سکر ۽ حيدرآباد ۾ “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسن“ جي موقعن تي ڪيون ويون. سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري ٺھراءَ پيش ڪرڻ وقت جيڪا تقرير ڪئي ھئي اھا بہ ويب سائيٽ تي موجود آھي. پر گل حيات ۾ گڏ ٿيل تقريرن ۽ سپاس نامن مان اھي ٿوريون تقريرون آھن جيڪي اسان ويب سائيٽ تي رکيون آھن. اڄ پوسٽ جي شروعات ۾ مون جيڪا اخباري ڪٽنگ جي تصوير ڏني آھي اھا ڊيلي گزيٽ جي 15 ڊسمبر 1924 جي ڪٽنگ جي تصوير آھي جنهن ۾ تڏھوڪي گورنر جيڪا لاڙڪاڻي ۾ تقرير ڪئي ان جو متن موجود آھي. انگريزن جي دور ۾ لڳ ڀڳ سمورا ممبئي جا گورنر ۽1936 کان پوءِ سنڌ جا گورنر سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويا ۽ پنهنجون درٻاريون لڳرايون. کين ميونسپالٽين ۽ ضلعي لوڪل بورڊن سپاس ناما ڏنا. انھي ھيڏي ساري وڏي خزاني جو چڱو خاصو مواد اسان وٽ موجود آھي.اھي گورنر درٻار سڏائي انهن ۾ سرڪار دوست ماڻھن کي لقب القاب، آفرين ناما ۽ ڪرسين تي ويھڻ جا اجازت ناما ڏيندا ھئا. انگريزن سنڌ جي اپر ڪلاس کي انهيءَ حڪمت عمليءَ وارن زنجيرن سان پڪڙي رکيو ۽ پنهنجو وفادار بڻايو. انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن کي ڇاڇا مليو؟ انهن ھزارن ماڻھن جي لسٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
    “ سياسي چر پر“ جي نالي سان بابا سائينءَ ڪيترا سال اڳ ڪتاب لکيو جنهن ۾ انگريزن جي دور وارن ڪن مشهور سياستدانن جون تقريرون ڏنل آھن. ويب سائيٽ تي رکيل ۽ انهي ڪتاب ۾ ڏنل مواد کان سواءِ ٻيو تمام گھڻو مواد گل حيات جي ميڙي چونڊي ۾ موجود آھي جنهن ۾ گورنرن جون تقريرون،سياستدانن جون تقريرون، ادارن ۽ سياسي پارٽين طرفان ڏنل سپاس ناما پڻ موجود آھن. انهن سياسي پارٽين مان آڳاٽي “سنڌ مسلم ليگ“ ،“ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ، “ ھندوسڀا“ ۽ “ اينٽي سيپريشن موومينٽ“جا سپاس ناما شامل آھن. سياسي پارٽين جي سپاس نامن ۽ سياستدانن جي تقريرن ۾ سنڌ جي سورن جا مذڪور نظر اچن ٿا. اھڙي نموني سان گورنرن جي تقريرن ۾ وري حڪومت جي حڪمت عملين ۽ خدمتن جا تفصيل موجود آھن. انگريزن جي زماني ۾ سياستدانن تمام تفصيلي تقريرون ڪيون ۽ انهن منجهان ڪيتريون تقريرون تہ لڳ ڀڳ 100 صفحن تي مشتمل آھن. “لاڙڪاڻي سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ جي موقعي تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جيڪا صدارتي تقرير ڪئي، اھا ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي وئي. اھڙي نموني سان جمشيد مھتا جيڪا “ جيڪب آباد سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ جي موقعي تي تقرير ڪئي اھا بہ پوءِ الڳ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿي.
    اسان وٽ تاريخ دوستي تہ آھي پر“ تاريخي تحقيق“ جو شوق ۽ ڏانء ڪونهي .ان ڪري اسان ماضي تي ڪم بہ ڪري نہ سگهيا آھيون ۽ ان ڪري اسان ڪيترين اھم ۽ ضروري ڳالھين کان بيخبر رھيا آھيون. ان ڪري سنڌ جي تاريخ جا ڪيترا سچا ماڻھون اسان جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا ۽ صورتحال اھا ٿي جو اھي موتي وڃي پاتال ۾ پيا ۽ ڪک حالتن جي پاڻيءَ ۾ مٿي تري بيٺا ۽ اسان انهن کي ئي آدرش ۽ معتبر ڄاڻي ويھي رھيا سين جيڪي آدرشن بدران بت هئا ۽ اھا بتن جي پوڄا اسان جي نظرين جو بنياد بڻجي وئي . انڪر ي ضروري آھي تہ اسان“ تاريخي تحقيقي“ ۾ دلچسپي وٺئون ۽ ماضي جو مطالعو روايتي اندازن جي بدران مختلف زاوين کان ڪيئون. تقريرن ۽ سپاس نامن جو مطالعو بہ پڻ ھڪ نئون زاويو آھي. شال اللہ اسان جي ادارن مان اوندھ ڪڍي ۽ اسان جي ذھنن ۾ ماضي جي مطالعي جي عشق جي ڪا لاٽ ٻاري تہ جيئن اسان کي پنهنجي نظرياتي جوڙ جڪ ۾ ڪي نوان رنگ ملائڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ اسان حالتن کي صحيح طريقي سان تبديل ڪرڻ لاءَ نين سوچن ۽ لوچن کان ڪم وٺي سگهئون.
    تقريرن سپاس نامن جي پس منظر ۾ بہ اسان جي سماجي روين ۽ انهن جي ڏڦيڙ جون کوڙ ڪھاڻيون موجود آھن. مثال طور لارڊ رپن کي سپاس نامي ڏيڻ واري مسئلي تي “ سنڌ سڀا “ جي گڏجاڻيءَ ۾ حسن علي آفنديءَ ۽ساڌو ھيرانند جي وچ ۾ “ تون ڇا تون ڇا“ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ “سنڌ سڀا “ ٽٽي پئي“ ۽ پوءِ ان مان “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ “سنڌ ھندو سڀا“ جي نالي سان ٻہ پارٽيون جڙيون.سپاس نامن جي اھڙي پس منظر پٺيان لڪيل تاريخي حقيقتن وانگر تقريرن ۾ بہ کوڙ ساريون کلائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ ڪھاڻيون موجود آھن. ڇو تہ سياستدانن ڳالھيون ڪھڙيون ڪيون ۽ پوءِ ڪم ٻيو ڪيائون. مثال طور جڏھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ۽ آزاد ڪرڻ واريءَ تحريڪ دوران سنڌ ۾ ڪانفرنسون ٿيون تہ انهن ۾ ڪيترن مسلمان سياستدانن پنجاپ ۽ پاڪستان جي حوالي سان ھڪڙيون ڳالھيون ڪيون ۽ پنهنجي مقصد ماڻڻ کان پوءِ ڳالھين تان ڦري بيھي ويا.
    خير مونکي ٻين ڳالھين ۾ پوڻو ڪونهي پر اھا گذارش ڪرڻي آھي تہ گل حيات اداري ۾ تقريرن ۽ سپاس نامن جو وڏو خزانو موجود آھي جنهن دوست يا اداري کي ضرورت پوندي تہ گل حيات جا دروازا سدائين کليل رھندا
  • موسيقار استاد غلام علي

    موسيقار استاد غلام علي

    سنڌ جو ناليوارو موسيقار استاد غلام علي مرحوم 
    تحرير : عبدالله جروار


       facebook 1710429214158 7174060094667155312اڄ سنڌ جي ناليواري موسيقار غلام علي کي ياد ڪريون. جنهن وڌ کان وڌ سنڌي فلمن ۾ موسيقي ڏئي پنهنجو نالو ڪمايو. موسيقار غلام علي شيخ جو جنم بروز ڇنڇر 23 نومبر 1933 ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو عبدالواحد شيخ هو. پاڻ مئٽرڪ جو امتحان نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو. سندن وڌيڪ تعليم ڏانهن دلچسپي نه رهي. ننڍپڻ کان ئي فن جي دنيا ۾ آيا. جو سال 1945ع ڌاري پنهنجي والد صاحب سان گڏ جوڌپور جي مهاراجا جستونت سنگھ جي ڀاء جي شادي ۾ فرمارمنس ڪئي. ننڍپڻ کان اداڪاري ڏانهن شوق رکندڙ غلام علي” آسي عرف لوفر” نالي اسٽيج ڊرامي ۾ ڪم ڪري مقبوليت ماڻي 1953ع ڌاري سندس ملاقات شيخ حسن سان ٿي جنهن فلم عمر مارئي ۾ “کيت” جو ڪردار ڏنو. شيخ حسن صاحب جي تعلق سان سندن ملاقات اسماعيل ٻن واصف سان ٿي.  جنهن سان غلام علي موسيقي ڪمپوز ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. موسيقي ۾ گهڻي شوق جو اظهار ڪيو. جنهن تي شيخ حسن صاحب کيس ڪجھ ڌنون ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي. جيڪي شيخ حسن صاحب کي پسند آيون. جنهن بعد غلام علي کي نذير بيگم جي آواز رشيد احمد لاشاري جا ٻول ” دل منهنجي ڌڙڪي، اک منهنجي ڦڙڪي”   جنهن کي پاڻ بهترين نموني ڪمپوز ڪيائون. جو نگهت سلطانه کي بيحد پسند آيو. جنهن بعد اهو فيصلو ٿيو   غلام علي فلم ۾ “کيت” جي ادا ڪرڻ بجاء ڪمپوزر طور ڪم ڪري. ان بعد غلام علي ڪپوزر طور شاندار موسيقي ڏئي نالو ڪمايو. ان کان علاوه پاڻ پاڪستان ٽيليويزن تي پروگرام پرک ۾ موسيقي ڏنائون. پروگرام پرک جا ڪيترن ئي گيتن جي موسيقي استاد غلام علي مرحوم ڏني هئي. سنڌي فلمن جي موسيقار طور تاريخ ۾ مٿاهون مقام ماڻيندر استاد غلام علي ڪيترن ئي فلمن لاء موسيقي ڏئي شهرت جي آسمان تي پهچي ويا.  استاد غلام علي 6 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي پاڻ حيدرآباد ۾ آسوده خاڪ آهن. 
    سندن موسيقي ڏنل سنڌي فلمن ۾ عمر مارئي، پرديسي، شهرو فيروز، چانڊوڪي، نوري ڄام تماچي، پنو عاقل، محبوب مٺا، مٺڙا شال ملن، جيجل ماء، البيلي، پيار ڪيو سينگار، پيار تان صدقي، منهنجو پيار پڪاري، رت جا رشتا، سنڌڙي تان صدقي، رت ۽ اجرڪ، ڌرتي ۽ آڪاش، اميد، ممتا، سورمي سنڌ جي، هو جمالو، دشمن، علي گوهر، بيوس، جيئي لطيف، محب شيدي، آئي مند بهار (اڻ رليز)  قسمت ڪئي جدائي (اڻ رليز ٿيل) شامل آهن..
    مددي ڪتاب : سنڌ ٽاڪيز
    ليکڪ : ڊاڪٽر محمود مغل صاحب
    ڪتاب: آئينا ۽ عڪس
    ليکڪ: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب
  • الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    ممتاز علي پٺاڻ
     “الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“  


        facebook 1710466899485 7174218158380838297سنڌي صحافت قائم ٿيڻ کان وٺي عوام کان الڳ نہ رھي آھي. مالي مشڪلاتن، حڪومتي دٻائن ۽ پارٽين جي پريشرن باوجود اخبارن ماڻھن جي مسئلن ۽ ڌرتي جي دردن کي ڪو نہ وساريو آھي . صحافت  جي اھڙي شاندار ڪارڪردگي اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ سونھري باب وانگر ھميشہ محفوظ رھندي.
       “الوحيد“ اخبار سنڌي مسلمانن جي اھا واحد اخبار ھئي جنهن جون خدمتون ڪڏھن بہ وساري نٿيون سگهجن. ڊاڪٽر خان محمد پنھور مرحوم ھن اخبار تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ان کان اڳ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهئي سنڌي صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي تہ ھن اخبار جي خدمتن تي روشني وڌئين. ھنن ٻنھي کان اڳ بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) پي ايڇ ڊي ڪئي، جنهن ۾ گھڻن کان اڳ “ الوحيد“ اخبار تي لکيائين.
        “الوحيد “ اخبار جو تمام گهڻو مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي. 1936 ۾ سنڌ ممبئي پرڳڻي کان الڳ ٿي صوبائي حيثيت ورتي تہ ان جو“ اسپيشل نمبر“ ڪڍيو ويو. انهي نمبر کي ڪجه سال اڳ ٻيھر اهو نمبر ڇپرايو ويو آھي ۽ گل حيات اداري ۾ ان جو نئون توڙي پراڻو ايڊيشن موجود آھي. 
      1920 کان وٺي 1947 تائين الوحيد ۾“ خلافت تحريڪ“، مسلم ليگ، “ ھندو مسلم لاڳاپا“، شڌي تحريڪ“، “نٿورام جو قتل ۽ قاضي عبدالقيوم کي ڦاهئ جي سزا“ ۽ “ مسجد منزل گاھ تحريڪ“ بابت جيڪو الوحيد اخبار ۾ مواد شايع ٿيو اھو ذري گهٽ سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي.
       الوحيد اخبار“ فيبروري 1920 ۾ جاري ٿي. ھيءُ “ خلافت تحريڪ“ جو زمانو ھيو ۽ سنڌي مسلمان انهي تحريڪ جي ڪري ترڪي جا دوست ۽ انگريزن جا دشمن بڻجي پيا. ھن اخبار جو نالو ئي ترڪي جي حڪمران “ عبدالوحيد“ جي نالي پٺيان رکيو ويو. “ خلافت تحريڪ“ در اصل انگريزن جي سياسي حڪمت عملين جي خلاف ھئي . ان ڪري ھن اخبار کي ڏکيا ڏينهن بہ ڏسڻا پيا. اڄ مون پوسٽنگ جي شروعات ۾ انهي اخبار جي 22 مارچ 1935 جي پھرين صفحي جي تصوير رکي آھي .جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ ڊسٽرڪ ماجسٽريٽ ڪراچئ ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 144 ھيٺ اخبار کي ھڪ مھيني لاءِ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ھي اھي ڏينهن ھئا جنهن ۾ نبي ڪريم صلي اللہ وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ نٿورام کي ڪورٽ ۾ قتل ڪندڙ غازي عبدالقيوم کي ڦاھي چاڙھيو ويو ھو ۽ ان جي ردعمل ۾ صحافت کان وٺي اسيمبلين جي ايوان تائين وڏو گوڙ ٿيو.دوستن کي ٻڌائيندو ھلان تہ نٿو رام وارو ڪتاب اصل ۾ پنجاب ۾ لکيو ويو ۽ اتي ڇپيو. ليکڪ تي ڪيس ھليو پر ان کي اتي آزاد ڪيو ويو. سنڌ ۾ نٿو رام انهي ڪتاب جو ترجمو ڪري ڇپرايو ۽ ھو پاڻ ڪيس ھلندي ماريو ويو ۽ کيس ماريندڙ غازي عبدالقيوم کي ڦاسي ڏني وئي. ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ حالتن ۾ ضابطي آڻڻ لاءِ  الوحيد اخبار تي ھڪ مھيني لاءِ نہ ڇپجڻ جي پابندي لڳائي.
       “ الوحيد“ تي اھو ڪو پھريون يا آخري سرڪاري عتاب ڪونہ ھيو. ھن اخبار تي سڀ کان پھريون  ولي محمد حسن علئ انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 500 ھيٺ بد ناموسي جو ڪيس ڪيو ھو. ولي محمد حسن علي سنڌ مدرسي جي بانيءَ حسن علي آفنديءَ جو فرزند ھيو. ھو ان زماني ۾ اسپيشل ماجسٽريٽ،“ڪراچي ميونسپالٽي جو ميمبر“  ۽ “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو سيڪريٽري ھيو. ھن جو ڪيس 27 آڪٽوبر 1920 تي ڪراچي جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ھليو ھو.
      ھن اخبار تي ڪيترائي ڪيس ٿيا ۽ انهن جو مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي ۽ اھو ايترو تہ گھڻو آھي جو ھن موضوع تي ايم فل ڪري سگهجي ٿي.1920 کان وٺي 1936 تائين ھن اخبار سرڪار ۽ سرڪار دوست ماڻھن جي ھٿان ڏاڍو ڀوڳيو. آئون سمورا تفصيل تہ ھتي ڏئي  نٿو سگهان پر  ڪن ٿورن ڪيسن جو مختصر احوال ڏيڻ چاھيندس.
       قاضي عبدالرحمان الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ھيو. ھن کي ممبئي سرڪار 14 ڊسمبر 1920 تي انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 124 الف ۽ 135 ھيٺ جيل ۾ وڌو ڇو تہ هن ھندو مسلم اتحاد ۽ عدم تعاون جي موضوعن تي اداريا لکيا. قاضي عبدالرحمان ڪورٽ جي شنوائين ۾ نہ تہ ڪو بيان ڏنو ۽ نہ وري پنهنجو ڏوھ باسيائين.
    1920 ۾ الوحيد اخبار ۾ جن ايڊيٽوريلس ۽ مضمونن سرڪار کي ڏمرائي وڌو، انهن جي لسٽ  بابا سائين تيار ڪئي آھي جنهن کي جيئن جو تيئن ھتي ڏيڻ مان مناسب ڄاڻان ٿو .بريڪيٽ ۾  اخبار جي پرچي جي تاريخ ڏني اٿم:
    “ڊيلي گزيٽ اخبار ۽ اسان“(5-8-1929)، “بغداد؟“ (19-8-1920)، “ تعليم جو سوال“( 31-8-1920)، “ ھندستان جو مستقبل“( 28-8-1920)،“ مسلمانن جي صورتحال ۽ سندن مستقبل“( 14-9-1920)، “ خلافت جو بچاءُ“( 18-9-1920)، “ انور پاشاجو خط“( 21-9-1920)، “ مسلمانن لاءِ سرڪاري لقبن ۽ ڪائونسلن جو مسئلو“( 6-10-1920)،“ لارڊ ڪرزن ۽ پرشيا“ ( 8-11-1920)، “ دک ۾ ديوالي نہ ملھايو – ڪائونسلن جو بائيڪاٽ ڪيو“ (10-11-1920)، 
    “ ھندو ۽ مسلمان ڀائر“ ( 16.10. 1920)، “سرڪاري اسڪولن جو بائڪاٽ  ڇو ڪجي“ ( 16.10.1920)، “ عدم تعاون اڻٽر آھي“( 2-11-1920)  وغيره.
        قاضي عبدالرحمان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ان جو ايڊيٽر ٿيو جنهن کي بہ 10 ھزار روپين جي ضمانت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو.ھن کان پوءِ سيد جمال الدين بخاريءَ کي 25-11- 1922 تي شو ڪاز نوٽس ڏنو ويو،ھو ان وقت الوحيد اخبار جو مئنيجر ھيو .29-11-1922 تي اخبار جي ايڊيٽر دين محمد عليگ کي جيل اماڻيو ويو.  جنوري1923 ۾ ھن اخبار جي ايڊيٽر نبي بخش کي 4 سالن جي سزا ڏني وئي. 1936 ۾ ايڊيٽر کي ھزار روپيا ڏنڊ ۽ جيل جي سزا ڏني وئي.   مون ڏاڍو مختصر مختصر اھي ڪجه اشارا ڏنا آھن جنهن تي وڌيڪ تفصيل سان لکي سگهجي ٿو.
  • ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا سنڌي ميمبر

    ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا سنڌي ميمبر

    ممتاز علي پٺاڻ.
    “ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا سنڌي ميمبر.”


    facebook 1710553305397 7174580571041489394 اڍائي سالن کان روزانو هڪ پوسٽ لکي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ بابت سنگت کي با خبر ڪندو آيو آھيان. هڪ اڪيلي ماڻهونءَ (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) سنڌ جي تاريخ تي ايترو تہ ناياب مواد گڏ ڪيو آھي جو مون کي اهو ٻڌائيندي اڃا کوڙ سال لڳندا. اڳ ۾ جيڪو فائيل ملندو هو, ان مان مواد پڙھي پوسٽ لکندو رهيو آھيان. پر هاڻ ان ۾ هڪ نواڻ پيدا ڪئي اٿم. پهريون ڏسندو آھيان تہ “واقعاتي تاريخ” لکندي, بابا ان ۾ جيڪڏهن ڪا اڻ پڙھيل ۽ اڻ ٻڌل ڳالھ ڪري ٿو تہ اهو موضوع کڻي مان پوسٽ لکي وٺندو آھيان. 

    اڄ بابا 1936 جو واقعو بيان ڪندي لکيو آھي تہ 16 مارچ تي ممبئي ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن کي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي صدر الودائي پارٽي  ڏني. ڇو تہ سنڌ هڪ الڳ صوبو بڻجي چڪو هو. ان ڪري سنڌي ماڻھون اڳتي ممبئي ڪائونسل جا ميمبر ٿيڻا ڪونہ هئا. مان حوالي طور ڏنل انھيءَ واقعي بابت وڌيڪ معلومات فراهم ڪريان ٿو.
           1861 واري انڊين ڪائونسلس ايڪٽ مطابق ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل قائم ڪئي وئي هئي. 1892 ۾ ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد وڌايو ويو. ان تي ڪراچيءَ جي چيمبر آف ڪامرس, زميندارن, ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن ۽ ميونسپالٽين کي هڪ هڪ ميمبر چونڊي موڪلڻ جو اختيار مليو. وري جڏهن 1919 وارا آئيني سڌارا لاڳو ڪيا ويا تہ بہ وري ميمبرن جو تعداد وڌايو ويو.  سنڌ مان ڪيترن سياستدانن کي هن ڪائونسل جي ميمبر ٿيڻ جو موقعو مليو. اها لسٽ آئون هتي شيئر ڪريان ٿو. نالا الف بي وار انگريزيءَ ۾ لکيل آهن ۽ بريڪيٽ ۾ ميمبر ٿيڻ/رهڻ جو سال ڏنو اٿم.
     
     
     
     
     
     
     
     Abdul Hamid Khan (1920)
    Abdul Wahid Shah (1920)
    Ahmed Khan Saburgar (1920)
    Ali Akbar Hussan Ali (1920)
    Allah Bux Soomro(1926, 1928,1929,1936,1938)
    B.G. Pahalajani (1921,1922, 1923, 1924, 1925, 1926)
    Bechar N.A (1927, 1928, 1929)
    Bhai Shewakram Gaganmal (1920)
    Bhargri Jan Muhammad (1920, 1921)
    Bhojising Gurdinmal (1920, 1926)
    Bhutto Shah Nawaz (1920, 1921, 1922, 1923, 1924, 1925, 1926, 1927, 1928, 1929, 1934, 1935, 1936)
    Bijarani Sher Muhammad (1921, 1924, 1925, 1926, 1927)
    Bozdar Kaisar Khan (1921)
    Burgri J.M (1923, 1926, 1927)
    Clayton (1921)
    D.B Adwani (1924, 1925, 1925, 1926)
    Depchand Tejbhandas Ojha (1922, 1923)
    Dhahmal Lilaram (1935)
    Dhani Bux Jatoi (1920)
    Diwan Bahadur Esarsing Tolasing (1936)
    Diwan Bahadur Heranand Khemsing (1936)
    F. Clayton (1924)
    Fakir Bux (19200
    G.H Raschen (1936)
    G.W Bhurgri (1924, 1928, 1929)
    GhanKhan Muhammad Panah (1920, 1921)
    Ghulam Haider Shah (1926, 1927, 1928, 1929, 1936)
    Ghulam Hussain Kasim (1920)
    Ghulam Muhammad Isran (1920, 1922, 1923, 1926, 1828, 1929, 1935, 1936)
    Gokaldas Mewaldas (1920)
    Gopaldas Jhamatmal (1920)
    H.K Kirpalani (1936)
    Haji Abdullah Haroon (1924, 1925, 1926, 1934)
    Haji Amir Ali Lahori (1922)
    Haji Fazul Muhammad Khan Laghari (1924, 1926, 1928)
    Haji Khamir Gul Muhammad (1924)
    Haji Khamiso Memon (1926)
    Hiranand Santokram Advani(1920)
    Igran Ghulam Muhammad (1921)
    Jairamdas Daulatram (1926, 1927, 1928, 1929)
    Jan Muhammad Khan (1920, 1927, 1928, 1935, 1936, 1937, 1938)
    Jaoti Haji Imambux (1920, 1921, 1925, 1926, 1927, 1928, 1929)
    K.B Jan Muhammad Pathan (1924, 1925)
    K.B Khair Bux (1920)
    K.B Sher Muhammad Bijarani (1920, 1928, 1929, 1936)
    Kadirbux Jatoi (1926)
    Kaisar Khan Bozdar (1922)
    Karam Ali Shah (1920)
    Kasim Ghulam Hussain (1921, 1922, 1923)
    Kazi Abdul Kayan (1920)
    Kesowndas Bhawandas (1920)
    Khair Bux Laghari (1920, 1922, 1923)
    Khan Sahib Karimbux Jatoi (1924, 1925)
    Khuhro (1926, 1927, 1928, 1929, 1935, 1936)
    Lalchand Navalrai (1934)
    Lokamal Gobin Bux (1920)
    M.S Ridley (1936)
    Mir Bandeh Ali Khan (1935, 1936)
    Mir Haji Allahbad Tayan (1935)
    Mir Kasim Khan (1920)
    Mir Muhammad Baloach (1927, 1928, 1929)
    Muhammad Abid (1920)
    Muhammad Abidani (1920)
    Muhammad Ayub Khuhro (1924, 1925)
    Muhammad Hashim Gazdar (1920, 1935, 1936)
    Muhammad Kamal Shah (1920, 1926)
    Muhammad Panah (1923, 1926)
    Muhammad Panah Dhakha (1922)
    Mukhi Jethanand Pritamdas (1920, 1922, 1924, 1925, 1926, 1936)
    Murlidhar Jairamdas (1920)
    Nabi Bux Shah (1920, 1922)
    Naraidas Anandjee (1920)
    Noor Muhammad Shaikh (1924, 1925, 1926, 1927, 1928, 1929)
    Pahlajani P.G (1927, 1928, 1929)
    Parmanand Kundanmal (1936)
    Pir Rasool Bakhs Shah (1924, 1925)
    Prijarani Sher Muhammad (1924, 1925)
    Purshotamdas Thankurdas (1922)
    Rarchadani Vishindas (1926)
    Rasool Bux Shah (1926)
    Rohill Khan (1920)
    S.B Mir Allahdad (1936)
    S.C Shanani (1920)
    S.S Talani (1935, 1936)
    Shaikh A. Majeed (1934)
    Shaikh A. Majeed (1934)
    Shaikh Ghulam Hussain (1921, 1922, 1923, 1925, 1926, 1927, 1928, 1929)
    Shamsudeen Khan (1920)
    Sir G.H Hidayatullah (1920, 1936)
    Sufi Kalander Bux (1920, 1921, 1922)
    Syed Ghulam Nabi Shah (1920, 1924, 1925, 1926, 1927, 1928, 1935)
    Syed Miran Muhammad Shah (1928, 1929, 1935, 1936)
    Syed Muhammad Kamil Shah (1924, 1927, 1928, 1929)
    Syed Muhammad Qasim Shah (1926)
    Tulsidas Shivandas Tajwani (1920)
    Wader Ali Gohar (1920)
    Wadhomal Odharam (1921)
    Wadhumal Oudharam (1920)
    Wali Muhammad (1920)