Column’s By Dr. Pathan
Author: admin
-
Columns By Dr. Pathan
Columns By Dr. Pathan
-
10 August
تون بن جاني! هيءُ جهان
”ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل واسطا“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
چڙهندي سج جو پوڄاري بنهه ڍنڍ جو پکي بڻجي پوندو آهي: ڪڏهن هن ڀر ته ڪڏهن پرينءَ ڀر اسان جي سياسي دنيا جي اها ئي صورتحال آهي. سياست لچڪدار هئڻ سان گڏ اهڙي ته ڦرڻي گهرڻي ٿي پئي آهي، جو جيڪڏهن سياستدان ڦرڻو گهرڻو نه ٿيو ته پوءِ جهڙوڪ سياستدان ئي ڪو نه ٿيو. اصولي سياست ڪيائين ته ڪنهن وڻ جي ڇانوءَ ۾ وڃي وسرام ڪري. سياست ۾ اها ڦير گهير ان وقت عجيب رنگ وٺي بيهندي آهي، جڏهن وڏيرا پنهنجي راڄن ۽ ڀاڳن سميت، پير پنهنجي هزارها مريدن سميت ڪنهن پارٽيءَ ۾ ائين ڌوڪي ڪاهي ايندا آهن، جيئن درياهه دهشت ۾ اچي وسندين ۾ ڪاهي پوندو آهي. هٿ مضبوط ڪرڻ وارو اهو سلسلو تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن انهيءَ پارٽيءَ يا ان جي اڳواڻ جي ڀينگ ٿي ويندي. ايوب جي زماني ۾ به ايوب جي هٿن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شهرن يا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ سندس پارٽيءَ ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ هن جي قيادت ۾ دين ايمان رکڻ وارا دهل وڄايا هيائون، پر جڏهن همراهه جي اقتدار جا ڏينهن پڄڻ تي پهتا ته ڪنهن سار به ڪا نه لڌس. مزي جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ ايوب مارشل لا هڻڻ وقت سياستدانن تي جيڪي الزام بهتان هنيان هئا، انهن مان هڪ اهو به هئو ته سياستدان پنهنجي ڊريس به ايتري تڪڙو تبديل نه ٿا ڪن، جيتريون پارٽيون مٽائين ٿا.
سياستدانن جا وري هڪڙا آهن ننڍا ڀائر. اهي اڀرندي سج جا پوڄاري هوندا ئي هوندا، پر ٻه رتيون اڳتي وڌي ڪو ”نانءَ- چڙهيو“ اڳيان بيهاري پيا ٻوڪڙ ڪندا ۽ ڏوڪڙ ڪمائيندا. چوندا آهن ته نانءَ چڙهيو“ چور ڦاهيءَ چڙهي ۽ نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي.“اسان وٽ وري نانءَ چڙهيا دانشور ۽ مفڪر آهن، جن کان سواءِ ٽي ويءَ جا پروگرام، اخبارن جا صفحا، اجلاسن جون ڪارروايون ۽ سرڪاري دعوتن جا دستر خوان اڌورا ۽ اڻپورا آهن. ان ڪري ڪوٺ انهن کي ٿيندي، دعوت انهن کي ملندي ۽ تقريرون خواهه تحريرون انهن جون ئي هونديون. نظرياتي اڳواڻ اهي ئي آهن، مفڪر ۽ دانشور اهي ئي آهن. باقي جهڙوڪ ڀينگ لڳي پئي آهي. حالانڪ ڀينگ ڪرڻ ۾ انهن جو ئي عمل دخل ۽ ڪردار موجود آهي.
ذرائع ابلاغ، اخبارن ۽ سرڪاري ادارن کي اهي ماڻهون آسانيءَ سان دستياب ٿي وڃن ٿا. ان کانسواءِ سندن تقرير ۽ تحرير مان ڪنهن کي نافرماني ۽ اختلاف جي بدبوءِ به ڪا نه ٿي اچي. ان ڪري اهي ئي قبول پوڻ جي قابل آهن، ڇو ته انهن ذريعي جو به چاهبو اهو چورائي سگهبو، ڇو ته اهي بنيادي طور تي اهڙا مبلغ آهن، جن جا واسطا ۽ جن جون وفاداريون ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل آهن. مکڻ پئي ڀلا انهن جو مٿو ڇو سڙندو؟ پذيرائيءَ ۽ شهرت لاءِ ماڻهو ڇا مان ڇا نه ٿو ڪري؟ هنن کي ته ان لاءِ ڪک ڀڃي به ٻيڻو ڪرڻو نه ٿو پئي.
هاڻي پنهنجو اهو مقصد هئڻ نه گهرجي ته ويهي ڪنهن جي گلا يا شڪايت ڪريون. پر بهتر تنقيد اها آهي جنهن مان ڪو رستو ملي ۽ دڳ نڪري. هن ۽ ههڙيءَ صورتحال ۾ عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ڪن دوستن کي ويهي اهڙن اڪابرن، عالمن ۽ شاعرن جون لسٽون ٺاهڻ گهرجن، جيڪي هر مرڻي ۽ پرڻي تي هر سرڪار، هر درٻار، هر فنڪشن، اڪثر ٽي وي جي پروگرامن ۾ موجود رهن ٿا، سو به بلاناغي اسان کي اهڙن دانشورن ۽ پنهنجي روايتي سوچ مان جان ڇڏائڻي پوندي. ماڻهن کي اهو بانور ڪرائڻو پوندو ته سرڪاري، درٻاري ۽ گروهي سوچ به هاڻي سامراجي سوچ بڻبي پئي وئي ۽ ماڻهن کي اهو ۽ ايترو سچ ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي ڪي مخصوص گروهه چاهين ٿا. اهو ڪنهن به صورت ۾ سمورو سچ ڪونهي. سچ اهو آهي ته عام ماڻهو سوچن ۽ لوچن ۾ نه ڪنهن کان متاثر ٿئي ۽ نه وري ان جو مطيع ٿئي. پاڻ سوچي ۽ پاڻ لوچي، پر ان سوچ ۽ لوچ جو ٻيو ڇيڙو ڪنهن ڪرسيءَ، درٻار يا سرڪار سان نه ملندو هجي.
-
21 December
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”متان وڙهندي سانهن، لتاڙجن ٻوڙا“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
”نفرت“ ۽ ”اختلاف“ ڪي برا رويا ڪونهن. ظلم سان نفرت نه ڪبي ته ڏاڍ جا ڏونگر ڪو لتاڙي نه سگهندو. اختلاف نه ڪبو ته سوچن ۽ لوچن جو نئيون راهون نه کلنديون. جيڪڏهن نفرت ۽ اختلاف انا ۽ اجائي ضد جو نتيجو آهن ته پوءِ ماڻهپي کي باهه وڪوڙي ويندي ۽ سانهن وڙهندا، نتيجي ۾ ٻوڙا لتاڙجي ويندا. ان ڪري انساني احترام، نظرين ۽ قدرن جي پاسداري کانسواءِ نفرت ۽ اختلاف بي پاڙي ول جيان جيڪڏهن ذهنن کي وڪوڙي ويندو ته وڏي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندو.
مان لکندو ۽ چوندو رهيو آهيان ته سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي اڃان پڄاڻيءَ تي نه پهتي آهي، ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ جي مصداق ڌرتيءَ جي دردن ۾ پنهنجن خواهن پراون جي پرڪارن ڪري واڌ ئي ٿيندي رهي آهي. سنڌ کي فروعي مسئلن جي ور چاڙهي، حزب اختلاف ۽ حزب اقتدار جو توجهه عوامي ڀلائي وارن ڪمن کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان ڪري ماڻهن جي مجبورين ۾ گهربل ڪمي اچي نه سگهي آهي، البته مايوسيءَ کي چوٽ چڙهڻ جو موقعو مليو آهي. بک ۽ بيروزگاريءَ کي اڃا ٻنجو ڪو نه آيو آهي. عوام جون اميدون اڃا پوريون نه ٿيون آهن. عوام ۽ سياستدان کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري، ڪن شاهينگن نادري حڪمن ۽ حڪمت عملين سان سنڌ جي روشن مستقبل ۽ خوشحاليءَ تي ڌاڙا لڳايا آهن. ڪن پارٽين جي ناعاقبت انديش ويڙهاڪ هراول دستن سياسي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ دهشتگرديءَ ڪاميابي جو راز بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ جا سياستدان، پوءِ اهي اقتدار ۾ هجن يا اختلافي صفن ۾ شمار هجن، کين سنڌ جي عظيم تر مفاد ۾ ائين هلڻ گهرجي، جيئن هو پلصراط تان گذري رهيا هجن، انهن کي جيڪڏهن مسهائپ جو مرض وٺي ويندو ۽ معامله فهميءَ بدران جيڪڏهن مونجهارن جو شڪار ٿي ويندا ته نقصان سنڌ کي ئي ٿيندو.
خيرپور ۽ سانگهڙ جي ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ سنڌ ۾ حڪومت مخالف اتحاد قائم ٿيڻ هر ساڃاهه وند ماڻهوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڪي ماڻهو سوچيندا ضرور ته اهو سڀ ڪجهه اصولن، نظرين ۽ قدرن جي پاس خاطريءَ جو نتيجو آهي، يا ڪن خاص مقصدن لاءِ ٿيندڙ نئين ويڙهاند جي شروعات آهي؟ اهو شخصيتن جي عدم پسندي ۽ انا جو روپ آهي يا ڪنهن مثبت تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي؟
اقتدار ۽ اقتدار کان ٻاهر سياستدانن ۾ اصولي اختلاف بهتر حڪمرانيءَ جي ضمانت ۽ عوامي خيرخواهيءَ جو پڙاڏو ٿيندو آهي. پر اهو پڙاڏو جيڪڏهن جنگ جي نادن ۾ تبديل ٿي ويندو ته مصيبت ۾ ماروئڙا ۽ سانگيئڙا اچي ويندا. بي ڏوهي نشانو ٿيندا ۽ پوءِ ڪانون کي لڙ مان مزو ايندو ۽ هار جيت جا نتيجا ڪنهن ٻئي جي جهوليءَ ۾ پوندا. پاڻ تماشبين طور اهو ڏسندا ئي رهجي وينداسين. ان ڪري سنڌ جي صورتحال هر ڪنهن سياستدان کان وطن دوستي ۽ عوام-دوستيءَ واري تدبر جي تقاضا ڪري ٿي. سنڌ اهڙي سياسي ويڙهاند ۽ ڌماچوڪڙي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رکي، جنهن ۾ ان کي يا عوام کي ڇيهو رسي، جنهن ۾ دلين ۽ ذهنن جي تقسيم ٿئي ۽ رت سان ليڪا ڪڍي سنڌ جي سياست جي نئين نموني سان نقش ونگاري ڪئي وڃي.
هونئين به سياستدان چوندا آهن ته ”عوام ئي اصلي قوت جو سرچشمو آهي.“ ان ڪري جهڙيءَ ريت اقتدار ۾ اچي عوامي ڀلائي جا ڪم نه ڪرڻ گناهه آهي، اهڙي ريت اختلاف ۾ رهي، عوام کي سبز باغ ڏيکارڻ يا انهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ مڇرائڻ سياسي ڪلچر نه پر سياسي ڏوهه آهي. ان ڪري حالتن جو اٺ ڪهڙي به پاسي ليٽي، پر عوام جي احترام ۽ عزت مال ۽ جان کي ٻنهي ڌرين مان ڪو خطرو هئڻ نه گهرجي. ائين نه ٿئي جو وڙهن سانهن ۽ لتاڙجن ٻوڙا. هن موڙ تي ٻنهي ڌرين تي واجب ٿئي ٿو ته عوام کي اعتماد ۾ وٺي سموريءَ صورتحال کان آگاهه ڪن، پنهنجي اقتدار يا اختلاف جي حڪمت عمليءَ جي کليل لفظن، دليلن ۽ انگن اکرن سان وضاحت ڪن. پنهنجا مسئلا ۽ مونجهارا عوامي عدالتن ۾ پيش ڪن ۽ نه ڪي ماڻهن جا هجوم لڳائي، انهن کي هڪٻئي جي دوست بڻجڻ بدران دشمن بڻائي ڇڏن.
Email: gulhayat2010@gmail.com
Website: www.drpathan.com
-
Ajmal Khan Khattak
COLLECTION OF PRESS CLIPPING ON M. AJMAL KHAN KHATTAK (MUMTAZ ALI PATHAN).
01
78 contestants in senate elections (Ajmal Khattak )
Frontier Post
01-03-1994
02
Khattak asks people to join hands for Sindh peace
Frontier Post
20-12-1994
03
ANP`S backing to Nawaz reaffirmed
Dawn
05-11-1995
04
Khattak hopeful of reconciliation between Govt. opposition
Dawn
20-08-1995
05
Ajmal says Govt`s reply will be examined
Dawn
16-08-1995
06
ANP denies hand in Karachi violence
Dawn
04-07-1995
07
ANP support moves to topple PPP govt.: Ajmal Khattak
News
14-06-1995
08
ANP wants political solution of issue
Dawn
04-06-1995
09
Khattak condemns Rashid`s conviction
Dawn
12-02-1995
10
ANP wants strong political force
Dawn
08-04-1995
11
Govt.: has failed on international, domestic fronts
Dawn
24-12-1995
12
Mid-term polls inevitable, says Khattak
Dawn
26-09-1995
13
ANP chief wants army to resolve present crisis
Dawn
13-08-1995
14
Big explosion if Govt.-MQM talks fail
Dawn
17-07-1995
15
Khattak says PAF ready to foil aggression
Dawn
21-08-199516
Fresh poll demand dropped
Opposition opts for no trust: KhattakDawn
10-04-1995
17
Khattak warns of BD-like situation
Dawn
20-04-199518
ANP leader reiterates mid-term polls demand
Dawn
01-09-1995
19
The Awami national party (Sindh) has expressed concern over rise in petrol prices, noting that it would be an additional burden on the common man”
Dawn
31-10-1995
20
We don`t rely on army, America, says Khattak
Frontier Post
20-06-1995
21
Khattak slams attack on Ishtiaq`s house
Dawn
20-01-1995
22
ANP leader wants Govt`s removal
Dawn
06-11-1995
23
ANP offers role in rapprochement
Dawn
20-06-1995
24
Khattak wants one agency for FATA
Dawn
29-09-1995
25
ANP chief criticizes role of president
Dawn
19-09-1995
26
Time to implement Quid –Bacha Khan accord says Khattak
Dawn
12-08-1993
27
ANP ready to join hands with democratic forces:Ajmal
Dawn
11-08-1993
28
Ishaq not to dissolve assemblies: Khattak
Dawn
12-04-1993
29
Ajmal Included in reconciliation committee
Dawn
02-06-1993
30
ANP rules from Karachi place by use of force
F. Post
05-07-1995
31
Tribal feud: Ajmal due in Quetta today
F. Post
26-06-1991
32
Govt.: playing in hands of external power: Khattak
F. Post
30-08-1995
33
Karachi should be living paradise for all nationalities
Dawn
15-09-1989
34
ANP chief writing his memories
Dawn
12-03-1991
35
Fate of other three provinces: Ajmal
Dawn
26-04-1992
36
Ajmal sees change in power hierarchy
F. Post
02-03-1992
37
ANP chief criticses PPP Govt.:
Dawn
09-06-1995
38
ANP wants mid-term pools
Dawn
09-09-1995
39
Ajamal Khattak explain his Quetta visit
Dawn
01-07-1991
40
ANP chief condoles
F. Post
26-09-1991
41
ANP ready to mediate between Govt, Opposition
Dawn
07-11-1991
42
ANP leader leave for Dubai today
F. Post
24-02-1992
43
Ajaml new chief of ANP
Dawn
20-01-1991
44
Khattak calls for Govt ,opposition cooperation
Dawn
08-08-1991
45
Khattaks state provincial finance minister
F. Post
03-08-1991
46
Khattak welcomes UN efforts for peace in Afghanistan
— Blasts Qazi & Hekmatyar
F. Post
13-04-1992
47
I proposed the name of Pakistan
Nation
22-12-1987
48
ANP demands mid-term pools
Dawn
25-09-1995
49
Khattak for change of Govt. without harm to democratic process
Dawn
22-04-1996
50
Ouster of Benazir Govt. only says Khattak
Dawn
14-02-1996
51
Mid-term pools only solution to nation`s crisis
Dawn
25-04-1996
52
President urged to check interference in NWFP
F. Post
02-02-1994
53
Khattak IJI MNA exchange hot words
Dawn
09-07-1993
54
ANP warns India Pakistan against US designs
Frontier Post
01-02-1994
55
National Government will create chaos—Khattak
Frontier Post
06-08-1991
56
Ajmal Khattak to tour Punjab
Frontier Post
03-03-1991
57
ANP Criticizes PPP leader’s statement
Dawn
07-04-1996
58
Ajmal likely to ask Altaf for disbanding talks tean
Dawn
01-06-1996
59
ANP condemns hooliganism
Dawn
03-06-1995
60
Compromise key to Karachi peace: Ajmal
Frontier Post
20-04-1995
61
Stage set to move no-vrust says Ajmal
The Frontier Post
23-04-1995
62
ANP striving for unity among countrymen: Khattak
Frontier Postost
08-01-1994
63
Khattak for APC on law and order
Frontier Postost
04-07-1991
64
ANP chief criticizes PPP
Dawn
06-06-1995
65
ANP Offers role in rapprochement
Dawn
20-06-1995
66
Attack on Khattak condemned
Dawn
20-03-1996
67
Hukoomat Khillaf Tehreek Ae “London plan” ji nakami
Awami Awaz
03-09-1994
68
140 MNAs to back no trust move: Ajmal
Dawn
25-03-1995
69
ANP warns against US scheme
Dawn
31-01-1994
70
Khattak calls for harmony among ethnic groups
Dawn
23-04-1994
71
Ajmal Khattak fears war in subcontinent
Dawn
29-01-1994
72
Movement to succeeded says Khattak
Dawn
02-03-1994
73
ANP chief holds Benazir responsible for political mess
Dawn
12-06-1994
74
Support to IJI Defiant
Ajmal criticizes Janjua`s Policies
Dawn
28-02-1991
75
Warns against change of NWFP name
Attempts to weaken centre to harm country : Khattak
Dawn
28-02-1993
76
Khatak dismayed over APC resolution
Dawn
28-02-1993
77
Provinces cannot be given more authority
· All efforts to rename NWFP aimed at harming center says Aslam Khattak
Frontier Post
28-02-1993
78
ANP is against the war policy
Frontier Post
09-03-1993
79
Center not sincere with us says Ajmal
Frontier Poost
06-12-1993
80
Khattak rejects politics on nationalities basis
Frontier Post
13-02-1992
81
Stability first priority, says Khattak
Dawn
18-04-199382
Khattak terms speech PM`s last resort
Frontier Post
10-04-1903
83
ANP team calls on Ishaq and Nawaz
Dawn
15-04-1993
84
Attempt on Ajmal`s life condemned
Dawn
25-08-1992
85
Khattak returns from Hawaii
Foj
02-06-1996
86
Govt. believes in dignity of labor: Khattak
Dawn
08-08-1992
87
Probe urged in ANP leaders `arrest
Dawn
11-02-1992
88
Ajmal threatens resistance in and out of assembly
Dawn
11-02-994
89
Opposition to launch anti-govt. campaign: Ajmal
Frontier Post
13-06-1994
90
ANP joined cabinet to promote harmony
Frontier Post
21-09-1991 -
چچنامو
FROM GUL HAYAT COLLECTION:
” Fatahnama Sindh urf CHACHNAMO”. By. Ali Koofi, Translated by Makhdoom Amir Ahmad and edited by Dr. Baloch.
In Gul Hayat Institute we have English, Urdu and Sindhi translations of Chachnamo. In addition we have Rejoinder to Chachnamo written by Gangaram Samrat. The material on this first ever available source of information is now sufficient to that extent that further research can be conducted and events or accounts given in this book be verified in the light of the then contemporary historical evidences and record. I have already shared photos of Title pages of this book translated into English and Urdu. Here is sharing of title page photo of Sindhi translation. (Mumtaz Ali Pathan)
“چچنامو“ سنڌ جي تاريخ تي في الحال واحد ۽ بنيادي ڪتاب آھي. هن ڪتاب جو اڙدو ۽ انگريزئ ۾ ترجما ٿي ۽ ڇپجي چڪا آھن. ان کان سواء ھن ڪتاب جي رد ۾ گنگارام سمراٽ جو ڪتاب ب اچي چڪو آھي. مون گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ۽ “چچنامي“ جي اڙدو ۽ انگريزئ وارن ترجمن جا تفصيل ۽ ٽائيٽل پيج دوستن سان شيئر ڪيا آھن. اڄ ان جي سنڌي ترجمي واري ڪتاب جي ٽائيٽل پيج کي شيئر ڪري رهيو آھيان. ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو آھي ۽ ان تي نظرثاني ڊاڪٽر بلوچ ڪئي آھي.(ممتاز علي پٺاڻ)
-
پير پير جو پنهنجو پنڌ
گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” پير پير جو پنهنجو پنڌ “ جنهن کي وفا گل محمد جمالي مرتب ڪيو آھي.(2016) ھن ڪتاب ۾ مختلف تخليقارن جي خوبصورت شاعري شامل آھي.1.مئڊم اندرا پونا والا.جنهن جي شاعري ۾ جماليات جو عنصر آھي.ھو ھند سنڌ جي سھڻي شاعره آھي.2. ماھين ھيسباڻي.نئين نسل جي حساس شاعرا آھي.3. امداد سھتو. ھڪ محبتي انسان گلاب جي گل جھڙو پيارو ماڻھون سندس شاعري ڪنهن ٻار جي پيرن ۾ پازيب وانگر لڳي ٿي.4. عبدالواحد مجروح. رومانٽڪ شاعري جو مالڪ ۽ طبيعت ۾ حساس انسان آھي.درد ۽ فراق کي خوب ڄاڻي ٿو.5.فرزانہ شاھين. نالي واري شاعره ۽ ڪھاڻيڪار آھي.6.شبانہ عالماڻي.جي شاعري ۾ درد جو رومانس آھي.خوبصورت شاعري جي تخليقار آھي.7. فرھاد جروار.نئين نسل جو ڀلوڙ شاعر وطن سان محبت ڪندڙ انسان آھي.8. وفا گل محمد جمالي.غزل جو خوبصورت شاعر آھي.ٿوڙي وقت ۾ ھو شاعري جي افق ۾ چمڪندڙ ستاري جيان چمڪندڙ. 9. صنم نجيب. ھلندڙ دور جي عشقيہ شاعري جو اھڃاڻ آھي.10. مئڊم ارشاد سومرو.حسن ۽ عشق پيار سندس شاعري جو محور رھيو آھي.11. ذوالفقار بھڻ. ھر ماڻھون کي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏسي ٿو.12. جي ايم لاڙڪ.جنهن جي شاعري ۾ خيال جي اڏام آھي.پنهنجي شاعري ۾ ڪائنات جا منظر کڻي حيران ڪري ٿو
.(ممتاز پٺاڻ)
-
مون جيئن گانڌيءَ کي ڏٺو
گل حيات ۾ موجود پروفيسر اين-آر- ملڪاڻي جو ڪتاب “ مون جيئن گانڌيءَ کي ڏٺو “ جيڪو 1980 ۾ ڇپيو.گانڌي پنهنجن ويجهن ساٿين کي چوندو ھيو تہ جيستائين مان جيئرو آھيان تيستائين توھان پنهنجا جوھر نہ ڏيکاريو.۽ جڏھن مان نہ ھوندس تہ دنيا توھانجي صلاحيتن جو قدر ڪندي.دنيا جي ٻي مهاڀاري جنگ وقت اسان ڏٺو تہ اسانجي رواجي ماڻھن جا ۽ مذھبي اڳواڻن جا نرالا رايا ھيا.ھيءَ دنيا اڄ ظلم زور زبردستيءَ ۾ پيڙھجي رھي آھي.ھر طرف جنگ ۽ لڙائي جي ڳالھ ھلي رھي آھي.ڪٿي بہ امن جي ڳالھ نہ پئي ٿئي.شخصي طرح چئجي سگهجي ٿو تہ گانڌي ھليو ويو پر سندس ويچار امر آھن
.(ممتاز پٺاڻ)
-
British Period by Dr. Pathan
ھڪ غريب لوھر جي گھر ۾ 25-05-1945. تي جنم وٺندڙ سنڌ جو نالي وارو اديب،شاعر،اسڪالر ۽ گل حيات اداري جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.ننڍ پڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاھت رکندڙ انسان.بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شھر جي مشھور ھاءِ اسڪول پائليٽ مان حاصل ڪيائون.انھن ڏينھن ۾ گاڏين جي سھولت نہ ھجڻ ڪري پاڻ اسڪول ٽائيم کان پوءِ قائم شاھ بخاري واري درگاھ جي مدرسي ۾ رھندا ھئا.جتي بجلي جي عدم موجودگي ۾ پاڻ لاڙڪاڻي ميونسپالٽي طرفان روڊ تي لڳل بلب ھيٺان ويھي سڄي رات پڙھائي ڪندا ھئا.ان بعد ھڪ استاد جي حيثيت ۾ تعليم ڏنائون.جنهن بعد پاڻ 1973 ۾ ليڪچرار طور اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.جتان کين شوق جاڳيو تہ ڪراچي ضلعي جي ادبي تاريخ ترتيب ڏجي.ان خواھش کي عملي جامعو پھرائڻ لاءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي سان رجوع ڪيائون جتان کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رھنمائي ھيٺ ” ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو “ جي عنوان ھيٺ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکڻ جي اجازت ملي.پاڻ ڏينهن رات ڪراچي شھر جي لائبريرين ۽ مختلف شخصيتن سان رھاڻ ڪرڻ بعد 1979 ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعلىا ڊگري حاصل ڪيائون.پاڻ سنڌالاجي ۾ رھڻ دوران سنڌ جي عالمن،اديبن،شاعرن ۽ ڏاھن جا 900 جلد ترتيب ڏنا.ان سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ پڻ آھن جن ۾ آدرش رنگ،آئينو ۽ اولڙو،ادب ۽ ماحول،موتي مور ملوڪ جا ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن.سندن نگراني ھيٺ ڪيترن ئي شاگردن مختلف موضوعن تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا مڪمل ڪيا آھن.پاڻ دنيا جا واحد رھنما آھن جنهن جي نگراني ھيٺ سائين امداد حسين سھتي ڌاڙيلن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز مڪمل ڪئي آھي جيڪو ھڪ منفرد ريڪارڊ آھي.سندن وڏو ڪارنامو گل حيات ادارو قائم ڪرڻ آھي.پاڻ اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين کي سندن جنم ڏينھن سندن ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ھيرن جا مرھم ڏينهن ھر روز ياد ڏياري رھيا آھن. بابا سائين جتي پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت ڪري رھيو آھي اُتي پاڻ ھڪ فرمانبردار پٽ،محبتي ڀاءُ،سٺي مڙس ۽ ھڪ سٺي پيءُ جو ڪردار پڻ خوب ادا ڪيو آھي.پاڻ ھميشہ سادو پھريندا ۽ سادو کائيندا پر پنهنجي خاندان جي ھميشہ خدمت ڪئي آھي. اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ ڏيندڙ آھن نہ ڪي وٺندڙ.اڄ سندن پي ايڇ ڊي جي لکيل مقالي کي شيئر ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو فخر محسوس ٿي رھيو آھي ۽ خوشي منجهان اکين ۾ پاڻي بہ آھي.
(ممتاز پٺاڻ)