Author: admin

  • هوم رولر

    هوم رولر

     

    84 صفحن جو هئ پمفليٽ ھفتيوار “ هوم رولر“ ۾ شايع ٿيو پوء ان کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ويو. اهو درگداس آڏواڻئ جي “شري ڪرشنا پريس“ ڪراچئ مان ڇپيو هو. هن پمفليٽ ۾ ھندستان ۽ ٻين  ملڪن جو تقابلي جائزو ڏ ئي ثابت ڪيو ويو آھي ت انگريز ڪيئن ن هن ملڪ جو اقتصادي استحصال ڪري رهيا آھن. پمفليٽ گل حيات ۾ موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ)

    This Pamphlet was issued by Sindh Home Rule League. Prior to it it appeared weekly in the “Home Rule”. It was a statistical Survey of the position India occupied among the nation of the world and was proved that this country was being ruined economically by British rulers. The pamphlet is available in collection of Gul Hayat. ( Mumtaz Pathan)

     

     

     

  • حضرت محمد صلي اللہ عليہ وسلم انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

    حضرت محمد صلي اللہ عليہ وسلم انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” حضرت محمد صلي اللہ عليہ وسلم انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل “ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آھي.(2013) پاڻ سڳورن صلي اللہ وسلم تي سيرت مبارڪ تي صدين کان وٺي بزرگان دين،علماءِاسلام،دانشورن ،مفڪرن ۽ اديبن قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ جي روشني ۾ لکيو آھي.۽ قيامت تائين لکندا رھندا.ھي ڪتاب بہ رومانيہ جي ھڪ دانشور مشرقي زبانن جي علم جي ماھر “ ڪانسٽينٽن ورجل جارج“ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزير خارجہ بہ ھو ويھ سال جزيره عرب ۾ رھي تحقيق مطابق،اسلامي علماءِ جي ڪتابن ،دانشورن جي لکيل مواد قرآن پاڪ ۽ حديث جي پيش نظر عقيدتمندانہ انداز ۾ سيرت نبوي کي مغربي انسانن جي آڏو فرانسيسي زبان ۾ پيش ڪيو آھي.بعد ۾ ھن ڪتاب جو انگريزي،عربي،فارسي زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • REVISED SIND CRIMINAL TRIBES RULES 1933

    REVISED SIND CRIMINAL TRIBES RULES 1933

     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    “REVISED SIND CRIMINAL TRIBES RULES 1933”. Government Publication.

    HUR MOVEMENT was a unique uprising of the followers of Pit Pagaras that gave terrible tough time to the British Government of India. It paved way for legislation for long time, very vital Acts were enacted with iron hands. Every Act was followed by making of Rules, as these Rules are key to open  the doors for implementation of Acts. Today, I am sharing here-with title of Rules-1933 whereas, prior to this handsome number of Rules were made as per requirements of various Acts on the subject.

    Keeping in view the importance of Hur Tahrik in the History of Freedom Movement, my father established “PAGARA CORNER” in Gul Hayat so as the relevant material, data and information can be collected as per research requirements. We have done, what could be done with any cooperation from any side. This Document is included in our collection. It is felt that there is dire need of establishing “Pagara Research Institute” for purpose of  collection & documentation of material of Historical importance, Gul Hayat will extend due cooperation in this regard. (Mumtaz Ali Pathan)

    حر تحريڪ هلائي ت پاڳارن پيرن جي مريدن پر اها هر وجه کان آزادئ جي تحريڪ جو منفرد ۽ مثالي باب آھي. حرن هن تحريڪ ۾ ايڏيون وڏيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون جن جو موجوده تاريخ ۾ مثال ن ٿو ملي. پر اها ڳاله سمجهڻ ۾ نٿي اچي ت ٻين ت ڇڏيو پر قربانين ڏيندڙ ۽ شھيد ٿيندڙ حرن جي پوئنرين ب پنهنجي لاجواب تاريخ تي منظم نموني تحقيقي ڪم لاء ڪو غير جانبدار اداري جوڙاڻ ۾ گهربل هٿ ن ونڊايو آھي

    بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪنهن گادئ جو ت مريد ڪونهي پر سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جو مريد ضرور آھي. ان ڪري هن مناسب ڄاتو ت گل حيات ۾ “پاڳارا ڪارنر“ قائم ڪري حر تحريڪ ۽ پاڳارن جي سياسي ڪردار تي غيرجابدارائ سان مواد گڏ ڪجي. هن ڪارنر ۾ ايترو ت اهم مواد گڏ ڪيو ويو آھي جيڪو چڱي ڀلي اداري ۾ ن هوندو. هي ڊاڪيومينٽ ب  اتان کڻي ان جو ٽائيٽل شيئر ڪجي ٿو. ڪارنر جو تعارف اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.

    (ممتاز علي پٺاڻ)

     

     

  • رھجي ويل منظر

    رھجي ويل منظر

     

    گل حيات ۾ موجود طارق عالم ابڙو جو لکيل ناول ” رھجي ويل منظر “ (1985 ) ماڻھونءَ جي حياتي رنگن جي ھجومن منجھ گذري ٿي ۽ انهن رنگن ۾ زماني جو رنگ ھجي ٿو اُتي گلن ۽ پوپٽن جو بہ جن سان حياتي ڏکن سکن ۽ خوشين غمن جا رنگ اوڍيندي رھي ٿي.طارق عالم سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ليکڪ آھي ھن جون لکيل ڪھاڻيون ھجن يا ڊراما اھي اسان کي پنهنجي چوڌاري گھمندڙ ڪردار نظر ايندا.سندس ھي ناول توھان کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيندو.ھي ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آھستي آھستي دکي ٿو.ناول جي صنف جتي وڌ ۾ وڌ آرٽ جي گھوري آھي اُتي ان کي لکڻ لاءِ اوتري ئي ھنرمندي ٿي کڀي ۽ طارق پنهنجي قلم سان خوب ھنر ڏيکاريو آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

  • ڳالھ پريان جي ڳجھہ جي

    ڳالھ پريان جي ڳجھہ جي

     

    گل حيات ۾ موجود سليم ڀٽو لطيفي جو ڪتاب ” ڳالھ پريان جي ڳجھہ جي “ (2013) شاھ لطيف ڀٽائي پنهنجي فڪر جي وسيلي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي امن،پيار،محبت ۽ ڀائيچاري سان زندگي گذارڻ جو اتھاس ڏنو آھي.لطيف سائين سڄي سنڌ ۽ ھند جو ڳچ حصو گھمي پاڻ کي جنهن طرح سنڌ جي شھر شھر ۽ واھڻ وستي سان سلھاڙي ڇڏيو ۽ سنڌ جي ھر ڪرت،واپار۽ ڌرتي جي چپي چپي جا حوالا پنهنجي شاعري ۾ ڏنا آھن.موجوده حالتن ۾ لطيف سائين جي شاعري جي فڪر کي تڏھوڪي سنڌ جي حالتن جي پسمنظر ۽ اڄوڪي سنڌ جي حالتن جي تناظر ۾ سمجھڻ جي سخت ضرورت آھي.لطيف سائين جي شاعري انسان لاءِ اتساھ جو وڏو ذريعو آھي جتي سندس شخصي ڪردار اتساھيندڙ ۽ مثالي آھي اتي سندن شاعري پڻ گھڻ رخي ۽ گھڻ رنگي ھئڻ سان گڏ زندگيءَ سان ڀرپور نہ آھي.سندس شاعرص مثالي ۽ اتساھيندڙ ڪردارن سان پڻ ڳتيل آھي.سسئي نہ ڊڄڻ،نہ ٿڪجڻ واري جبل جهاڳيندڙ ھڪ جائز مقصد ۽ پنهنجي حق لاءِ جاکوڙ ۾ آخري حد تائين ويندڙ آھي.سسئي جي صورت ۾ لطيف سائين اھو ٻڌايو آھي تہ حق جي راھ ۾ جيڪڏھن انسان اڪيلو بہ رھجي وڃي تہ بہ انکي جهنگ جهر،جبل ۽ ھر مشڪل کي پار ڪري پنهنجي منزل جي طرف وڌڻ گھرجي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • ڳوٺ عبدالرحيم جو کوھ

    ڳوٺ عبدالرحيم جو کوھ

    گل حيات اداري ۾ موجود نياز وگھيو جو سال 2013 ۾ ڇپيل ڪتاب ” ڳوٺ عبدالرحيم جو کوھ “ علمي ادبي ۽ ثقافتي حيثيت .سنڌ ڌرتي جنهن جي آغوش ۾ سرسبز ميدان،درياھ،آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ جبل،ٿر جا دل کي سڪون ڏيندڙ منظر،روشنين وارا وڏاشھر ۽ پيار ۽ محبت سان مالامال ڳوٺ شامل آھن.اھي ڳوٺ جتي رات جي وقت اوطاقن ۾ باھ جي مچ تي ڳوٺ جا سٻاجھڙا جهونا ۽ ارڏا نوجوان ويھي چانھ جا گرم گرم ڍڪ ڀري ڪچھريون ڪندا ھئا.جتي کيتي ٻاڙي،مال متاع،غمي خوشي ۽ ملڪي حالتن تي ويھي پنهنجا پنهنجا ويچار ونڊيندا ھئا.پر اڄ اھي ڳوٺ ۽ ڪچھريون ڪرڻ واريون  اوطاقون ويران ٿي ويون آھن.نياز وگھيو جيڪو بنيادي طور ھڪ محنت ڪش ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ انسان آھي.ھن ڪتاب ۾ پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي علمي،سماجي،ادبي،ھنري ۽ ثقافتي حيثيت کي اجاگر ڪيو آھي.ڳوٺ عبدالرحيم جو کوھ پنهنجي خوشبودار مٽي مان محبتي ماڻھون،عالم.استاد،عالم ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا انسان پيدا ڪيا آھن.ھن ڪتاب ۾ ليکڪ انهن جو سٺي انداز ۾ تعارف ڪرايو آھي.

    ( ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • مولانا عبيدالله سنڌي

    مولانا عبيدالله سنڌي

    BOOKS BY DR.DUR MUHAMMAD PATHAN

    This book is on the life & political contribution of Moulana Obedullah Sindhi. It was published by Institute of Sindhology in 1985.

    مولانا عبيدالله سنڌي ورهاڱي کان اڳ هندستان جو وڏو ديني عالم مفڪر مدبر ۽ آزادئ جي تحريڪ جو ابتدائي اڳواڻن مان هڪ هئو. هو پهريون سياسي ۽ مذھبي اڳواڻ ھئو جنهن انگريز سامراج خلاف ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي تحريڪ هلائي. مولانا محمد صادق کڏي وارو هن جو دوست ۽ سياسي ساٿي ھئو. بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ مولانا سنڌئ تي 1985 ۾ ڪتاب لگيو جيڪو سنڌالاجئ ڇپرايو هو. (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • سنڌ ۾ سياسي چرپر

    سنڌ ۾ سياسي چرپر

     

    BOOKS BY DR.DUR MUHAMMAD PATHAN.

    This book of my father Dr. Dur Muhammad Pathan was published in 1985. It consists of Addresses & Speeches of political leaders of Sindh and covers British Era. (Mumtaz Pathan)

    بابي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو هي ڪتاب 1985 ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ انگريزن جي دور وارن سنڌي سياستدانن جون تقريرون ڏنيون ويون آھن جيڪي تحريڪ آذادئ جو اهم باب آھن. ڪتاب جي شروعات ۾ انگريزن جي دور جي سياسي تاريخ تي تفصيلي روشني وڌي وئي آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • آدرش رنگ

    آدرش رنگ

     

    BOOKS BY DR. DUR MUHAMMAD PATHAN

    ” Adarsh Rang” is book of poetry by my father Dr. Dur Muhammad Pathan. It was published in 1986 when my father was in Institute of Sindhology as its Deputy Director. Preface of this was written by Dr. Abdul Jabbar Junijo who was Head of the Department of Sindhi. Title of the. Book was designed by father. (Mumtaz Pathan)

    آدرش رنگ“ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي شاعرئ جو ڪتاب آھي جيڪو 1986 ۾ ڇپيو. بابي جي هن ڪتاب جو تعارف تنهن دور جي نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي لکيو جيڪو ان وقت سنڌ يونيورسٽئ جي سنڌي شعبي جو سرواڻ ھو ۽ بابا سنڌالاجئ ۾ ڊپٽي ڊائيڪٽر هو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • اڙي شھرِ جانان

    اڙي شھرِ جانان

     

    گل حيات ۾ موجود سال 2002 ۾ ڇپيل  حليم باغي جي شاعري جو ڪتاب ” اڙي شھرِ جانان “ انگريزي ۾ لفظ آھي poetry.ھندي ۾ ڪويتا پر عربي ۾ جنهن ٻولي جو اھو لفظ آھي.شاعري اھا گھڻ معنائون لفظ آھي مثال طور عربي ۾ وار کي شعر چوندا آھن.سمجھ کي شعور چوندا آھن.اسان اگر انهن لفظن کي مجموعي طرح ملائي جيڪڏھن ڪو ھڪڙو مفھوم ڪڍئون تہ اھو ٿيندو اھڙو خيال جيڪو محبوب جي وار وانگر سنھو ھجي.مولانا آزاد ھڪڙي جاءِ تي لکيو آھي تہ سياست جي سيني ۾ دل نہ ٿيندي آھي.پر سنڌ ڌرتيءَ اھڙا تہ شاعر پيدا ڪيا آھن جن اسان کي سڃاڻپ ڏني آھي.حليم باغي بہ انهن منجهان ھڪ يگاني طبيعت جو محبتي شاعر آھي.سندس ھي ڪتاب اڙي شھر جانان سنڌي ۾ پنهنجي نوعيت جو بھترين شعري مجموعو آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)