Author: admin

  • اسان جا ادیب اسان جا شاعر

    اسان جا ادیب اسان جا شاعر

    BOOKS BY DR. DUR MUHAMMAD PATHAN

    Ghulam Rasool Memon was a great lover of Sindhi Literature. Basically he was a publisher and spent time & money on publication of books on important topics. “As an Ja Adeeb, As an Ja Shair” (Our writers & poets) was one of his series of publication. It was about “Who’s Who” but with more details. This book was compiled by my father Dr. Dur Muhammad Pathan with cooperation of Naqish ” Nayab” Mangi of Shikarpur. The book was published in 1983. (Mumtaz Pathan)

    شڪارپور جا ماڻھون يارن جا يار علم دوست ۽ عالمن اديبن جو قدر ڪرڻ وارا انسان آھن. بابي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جڏھن لکڻ پڙھڻ ۾ ناماچار پيدا ڪيو ت شڪارپور مان حبيب الله ڀٽي بدر اڄڻ غلام رسول ميمڻ ۽ ٻين کوڙ سارن سندس قلمي پورهي جي قدرداني ڪئي ۽ دوستي رکي. مرحوم غلام رسول ميمڻ ھئو ت پبلشر ۽ پرنٽر پر علم دوستئ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ھئو. هن هڪ ڪتابي سلسلو ڪڍيو جنهن مان هڪ ڪتاب جي ترتيب بابي ڏني ۽ ناميارو شاعر نقش “نقش“ ناياب ان ڪم ۾ سندس ساٿي ٿيو. انهئ ڪتاب جو ٽائيٽل پيج شئير ڪجي ٿو. هي ڪتاب 1983 ۾ ڇپيو هو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • ولولو ۽ ووڪ

    ولولو ۽ ووڪ

    گل حيات ۾ موجود استاد بخاري جي شاعري جو ڪتاب ” ولولو ۽ ووڪ“ (1994).سنڌي شاعريءَ جو لازوال ڪردار، محبتي ماڻھون ۽ سادي طبيعت جو مالڪ استاد بخاري جنهن سنڌ جي وکريل سونھن ۽ ثقافت کي سموھي سِٽن جو روپ ڏنو ان ڪري ئي سندس جي شاعري ۾ برسات جي پھرين ڦڙين تي اُٿندڙ ڪچي ۽ ڪاڇي جي مٽيءَ جو ھڳاءُ آھي.سندس شاعري جي گج تي وڏيءَ محبت،محنت ۽ ڏانوَ سان اَجهل احساس،اُمنگ ۽ اميد جا شيشا ٽاڪيا آھن.سندس ھر لفظ ۽ خيال احساس جي تارن کي ڇُھندڙ،سولو ۽ فطري نظارن وانگر وڻندڙ آھي.ھن جي دل ۾ پيار جو سنسار بہ آھي تہ دردن جو آستان بہ آھي.سندس ھر گيت سدا بھار آھي.ان جي محبت ڀري محنت،درد مند جذبي ۽ عوامي انداز جي اظھار واري شاندار ٻولي کيس اڄ بہ سنڌ جي وڏي شاعر جو درجو ڏئي ٿي.سندس شاعري زخمن۽ مرڪن، زندگي ۽ موت جي وچ مان ڦٽي موتئي جي ٻوٽي وانگر جهومي رھي آھي.اڄ استاد بخاري اسان ۾ موجود ڪون آھي سندس وڇوڙو وڏي اداسي ۽ خال ڇڏيو آھي سندس اربيلي شاعري سڏڪي سڏڪي سندس گھٽيءَ ۾ سمھي پئي آھي پر ھڪ نہ ختم ٿيندڙ ادبي ۽ روحاني رشتي ذريعي اسان سان گڏ آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • رِوايات عليڳڙھ

    رِوايات عليڳڙھ

    گل حيات ۾ موجود محمد ذاڪر علي خان جو لکيل ڪتاب ” رِوايات عليڳڙھ“ علي ڳڙھ کي سمجھڻ لاءِ اھو تمام ضروري آھي تہ ان جي اسپرٽ کي چڱي طرح جانچجي تہ جيئن ھن سان پنهنجائپ ڪري سگھجي.علي ڳڙھ جي ڪري ئي علي ڳڙھ اسپرٽ جنم ورتو ھيو.علي ڳڙھ جي حوالي سان اڪثر ڪجھ لفظ مختصر بيان ڪيا وڃن ٿا جيئن“ اينگلو انڊين “ يا اينگلو پاڪستان“ پر حقيقت ۾ ڏسجي تہ ھن جملي جي وسيع تر معنىا آھي.۽ جيڪڏھن تنقيدي جائزو ورتو وڃي تہ علي ڳڙھ اسپرٽ انسان ذات جي بيحد خدمت ۽ مدد ڪئي آھي ۽ اسلامي ڀائيچاري جو ھڪ اھم مثال آھي ۽ باز اوقات ھي ھڪ رانديگر جي جذبي وانگر بہ ڪم ڪري پئي جيڪڏھن راند جو ميدان ھجي يا چونڊون جيت ھجي ھار ھر موقعي تي خوشي ۽ گرم جوشي اظھار ڪري ٿو.علي ڳڙھ اسپرٽ جي صحيح معنىا،واقفيت ۽ ان جي مڪمل معلومات جي لاءِ علي ڳڙھ جي باني سر سيد جي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ تمام ضروري آھي ھونءَ تہ کيس رھبر ملت چيو وڃي ٿو.ھن معاشري جي برائين کي ختم ڪرڻ، حقوق اللہ ۽ حقوق العباد لاءِ ڪم ڪيو.سرسيد بہ خوبي پنهنجي قوم جو بار اڪيلي سر کنيو ۽ قدم قدم تي مشڪلات کي منهن ڏنو ايتري قدر جو ھن کي برو ڀلو بہ چيو ويو پر ھن ڪڏھن بہ دشمن کي جواب نہ ڏنو ايتري قدر جو دشمن کي شڪست ملي وئي ۽ ھن جي ڪاميابي جو سبب سندس صبر ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ ھو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • پپر ۾ پينگھہ

    پپر ۾ پينگھہ

    گل حيات اداري ۾ موجود علي گل سانگيءَ جي شاعري ءَ جو ڪتاب ”  پپر ۾ پينگھہ “ (1992) علي گل سانگي جو پھريون شعري مجموعو آھي جنهن ۾ حمد،نعت،بيت،گيت،غزل،ڪافيون،وطن جا گيت،سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام شامل آھن.سندس شاعري جا اُڌما ۽ احساس سادا آھن پر اُھي ماڻھن جا آھن ۽ ماڻھون انهن کي ڪن ڏئي ٻڌن ۽ جھونگارين ٿا.علي گل سانگي ڪيسٽ جي دنيا مان پھريون ڀيرو پير ٻاھر ڌري ڪتاب جي ڪائنات ڏي وک کنئي آھي.سنڌ جي ھن شاعر پنهنجي عوامي شاعري رستي عوام جو آواز بڻجي ڌارين کي ڌڪيو .علي گل سانگي جي شاعري ائين کڻي چئجي تہ موروثي ورثو رھيو آھي اسان کيس پھرن جا پھر شاعري ڪندي ۽ شاعريءَ ۾ گم ٿيندي ڏٺو آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • تاريخ حضرت سنڌ

    تاريخ حضرت سنڌ

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” تاريخ حضرت سنڌ “ سنڌ حضرت آدم جو آستانو.ھن ڪتاب جو مصنف ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي آھي ۽ھي ڪتاب سال 2014 ۾ ڇپيو.ھي ڪتاب اڻ کٽ سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي ھونئن بہ تاريخ لاءِ چيو ويو آھي تہ تاريخ ڪڏھن بہ مڪمل نہ سڏبي آھي ڪن لکندڙن جو رايو آھي تہ سنڌ ۽ سندس تاريخ کي سنڌين پاڻ برباد ڪيو آھي پر ان چوڻ ۾ بہ ڪو سئو فيصد صداقت نہ آھي جيتوڻيڪ پنهنجن جي  لاپرواھي ۽ ڪمزوري پنهنجي جاءِ تي آھي مگر ان پٺيان بہ ڪي سامراجي ھٿ ضرور آھن جن کي نظرانداز ڪرڻ تاريخ سان صحيح انصاف ڪونهي .تاريخ ۽ تفسير کي گھرائي سان پڙھڻ ۽ قرآن شريف کي معنىا سان پڙھڻ کانپوءِ چڱي طرح معلوم ٿيندو تہ اللہ تعالىا دين پوري دنيا ۾ ھڪ ڏنو جنهن ۾ پنهنجي وحدانيت جي واکاڻ ۽ انسانيت جي اصلاح لاءِ ھڪ ضابطہ حيات رکيو آھي.لفظ آدم ٻن قولن تي پھريون ھي تہ اھو سنڌي (سرياني) ٻوليءَ جو لفظ آھي ٻيو قول ھي آھي تہ اھو عربي آھي حضرت ابراھيم جي بہ پھريون سنڌي سرياني ٻولي ھئي پوءِ ان وقت کان عبراني ٻولي ڳالھائڻ شروع ڪئي جڏھن نمرود کان ڀڄندي نھر ٽپيو ھو،نمرود جيڪي ماڻھون ان جي پويان موڪليا ھئا تن کي چيو ھئائين جڏھن اوھان سرياني عرف عام سنڌي ڳالھائيندڙ جوان کي لھو تہ ان کي موٽائي مون وٽ وٺي اچو.جڏھن اھي ماڻھون حضرت ابراھيم وٽ پھتا تہ اللہ تعالىا ان جي ٻولي سنڌي (سرياني) مان عبراني ۾ ڦيرائي ڇڏي درياھ يا نھر کي عبور ڪرڻ ڪري کيس عبراني چيو ويو.

    ( ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

    ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

    گل حيات ۾ موجود علي احمد بروھي جو ڪتاب “ ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا “ (1984) چون ٿا تہ خون خرابي جو دستور سڀ کان اول حضرت آدم جي پٽ ھابيل قائم ڪيو.جنهن پنهنجي ڀاءُ قابيل جو خون ڪيو.پوءِ خون جي اھڙي راند شروع ٿي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آھي.جيڪڏھن ڪنهن عام رواجي چارڻ بہ دل وندرائڻ لاءِ ڪو سريلو ساز وڄائڻ سکيو آھي تہ پھرين فرصت ۾ سرندو ساڻ ڪري سر سوالي ٿي وڃي ڪنهن نہ ڪنهن ڏياج جو ڪنڌ ضرور ڪپيو اٿئين.عزرائيل تہ اچي ٿو لڪ ڇپ ۾ ۽ سانگي سان جي وار بہ ڪندو تہ بيماري بھاني يا ڪنهن حادثي جي اوٽ ۾ پر انسان کي ھٿ ۾ ڪھاڙي ۽ ڪلھي تي بندوق آھي.ڏٺو وڃي تہ انسان جي ھر دور جي تاريخ رت ۾ رنڱيل ھڪ خوني داستان آھي،جنهن جو سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ باب آھي “ انسان جو ناحق خون“ يا جنهن فعل کي تسڪين خاطر شھادت سڏيو ٿو وڃي.ھونئن تہ ھر انساني قتل ڪنهن نہ ڪنهن قانون،رواج يا مصلحت جي آڙ ۾ ڪيو ٿو وڃي پر بي گناھ خون ھڪ اھڙو انساني عمل آھي جنهن لاءِ ڪو عقلي اخلاقي يا مذھبي دليل آھي ئي ڪونہ سواءِ ھن سبب جي تہ بني آدم اھو ساڳيوئي ٻہ پيرو حيوان آھي جھڙو خالق کيس ازل کان خلقيو ھو.جنهن جانور انسان ھئڻ جي دعوا تہ ضرور ٿي ڪئي پر منجهس انسانيت دز برابر بہ ڪانہ ھئي. ھن ڪتاب ۾ علي احمد بروھي پير ۽ مير،ڊاڪٽر ڊرئگو،وتايو فقير،ڀائي ڪنور،محمد ابراھيم جويو،جي ايم سيد،حاجي فقير،مولانا دين محمد وفائي،۽ ٻين شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • مولانا حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جي شخصيت

    مولانا حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جي شخصيت

    گل حيات ۾ موجود مسز شمس عباسي جو ڪتاب “  مولانا حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جي شخصيت “ (1988) آپا شمس عباسي انھن چند قومي درد رکندڙ سنڌي عورتن مان آھي جن پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ ۾ زناني تعليم ۽ سماجي سجاڳيءَ جي ميدان ۾ مثالي خدمتون انجام ڏنيون آھن.سندس تعلق سيوھڻ جي مشھور عباسي قاضي خاندان سان آھي ۽ پنهنجي نيڪ نام چاچي ۽ سنڌ جي مشھور اديب ۽ صحافي حڪيم فتح محمد سيوھاڻي جي شخصيت ۽ سندس ڪارنامن تي ھي ٿيسز لکي آھي.پڙھندڙن کي ھن موضوع جي مطالعي مان خبر پوندي تہ حڪيم صاحب ٻين عالمن ۽ اديبن وانگر وڏيون علمي،ادبي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ۽ ھو ادبي ميدان ۾ عظيم انسان ھو.ھن ڪتاب ۾ سندس سوانح حيات،سندس دور جي علمي ۽ ادبي حيثيت،سندس سنڌي علم و ادب ۾ ڪيل اھم خدمتن ۽ سندس سياسي زندگي جو آغاز ۽ سياسي تحريڪن ۾ ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪيل آھي.ھن ٿيسز لکڻ وقت آپا شمس عباسي جن شخصيتن جو شڪريو ادا ڪيو آھي انهن ۾ غلام علي الانا.عبدالجبار مغل،گل حيات جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ،علامہ غلام مصطفىا شامل آھن.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • روشن ڇانورو

    روشن ڇانورو

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” روشن ڇانورو “ سنڌي ڪھاڻيون. ھي ڪتاب ثميره زرين جو لکيل آھي ۽ سال 1989 ۾ ڇپيو.سنڌ جي ھي خوبصورت ليکڪا اڄ اسان ۾ موجود ڪون آھي.پر دنيا ۾ جيستائين سنڌي ادب جيئرو ھوندو ان وقت تائين ھوءَ زندھ رھندي.ھن پنهنجي خوبصورت ڪھاڻين کي جيڪو رنگ ڏنو آھي اھو رنگ اسان جي ايندڙ نسلن جي دلين ۾ قائم رھندو.ھن اسان جي لاءِ خوبصورت ڪھاڻيون ڇڏيون آھن.ھو ھڪ منفرد ڪھاڻيڪار ھئي جنهن پنهنجي سماج پنهنجي ٻوليءَ پنهنجي ئي طبقي جي قلم وسيلي ترجماني ڪئي آھي.ھن پنهنجي ڪھاڻين ۾ پنهنجي ئي ماحول جي عڪاسي ڪئي آھي.سندس ھنن ڪھاڻين ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون،ڏک،محبتون ۽ نفرتن جو عڪس شامل آھي.اڄ سندس ڪھاڻي پڙھندي ڀل وڌندڙ وقت جو پتو پئي نہ پئي پر پوئين وقت جي پوري سچائيءَ جو ساءُ ضرور اچي ٿو ھن جيترو بہ لکيو سچ لکيو.ھن سڄي ڌرتيءَ جو زھر پنهنجي اندر ۾ اوتي موٽ ۾ خوبصورت جملا ڏنا.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • پاڻ مراديون ڳالھڙيون

    پاڻ مراديون ڳالھڙيون

     

    گل حيات ۾ موجود سال 1988 ۾ ڇپيل ڪتاب ” پاڻ مراديون ڳالھڙيون “ جنهن جو ليکڪ نئين ٽھي جو صاحب طرز ۽ پسنديده شاعر مخدوم سعيدالزمان ” عاطف“ آھي.جيڪو ڪنهن بہ رواجي تعارف جو محتاج نہ آھي.سندس ڪلام ۾ نواڻ جون ڪافي جهلڪيون ۽ چمڪون ڏسڻ ۾ اينديون جنجو اثر ھر باذوق ۽ حساس دل محسوس ڪندي.پاڻ جڏھن شاعري شروع ڪيائون تہ کيس پنهنجي والد محترم ۽ سنڌ جي وڏي نالي طالب المولىا جن “ عاطف“ جو تخلص ڏنو.عاطف سائين جي شاعري واري ذوق شوق ھالا جي شاعري واري خاموش فضا ۾ چرپر پيدا ڪئي ۽ ورھين کان بند ٿيل شاعري کي آزادگي ملي ۽ انهن سرگرمين ھالا جي شاعرانہ بي حس ماحول ۾ بہ نئون روح پيدا ڪيو ۽ نوان نوان شاعر وجود ۾ اچڻ لڳا ۽ جھونا شاعر بہ نئين جوش سان ميدان ۾ آيا.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

    جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

     

    گل حيات ۾ موجود شيخ اياز جو ڪتاب ” جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي “ (1987) سنڌ جي مھان شاعر جي ھن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ سندس نوٽبڪ جا ڪجھ ورق شامل آھن جن ۾ سندس شاعرانہ ٻولي بہ آھي ۽ سندس انوکا فڪري نڪتا بہ شامل آھن.سنڌي ادب ۾ ھي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو پھريون ڪتاب آھي.ادبي خط ادب جي اھڙي صنف آھي جنهن جي نثر ۾ شعر، شعر ۾ پنهنجائپ ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گھرائين جي اپٽار ملي سگھي ٿي.سياڻن سچ چيو آھي تہ ماڻھونءَ جي ھٿن جي حاصلات ئي ان ماڻھونءَ جي تشريح آھي جيئن شيخ اياز جو ھي ڪتاب آھي.سندس موجب تہ زندگي جا پرڪشش واقعا انگور جي داڻن وانگر آھن جي شاعر جي روح ۾ رچي شراب ٿي نڪرن ٿا ۽ ھو اُنھيءَ کي رنگارنگ ڪوزن ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري ٿو.شاعر فلسفيءَ کي چيو تہ ” جي تون فلسفي نہ ھجين ھا تہ خدا کي نہ مڃين ھا.“ فلسفيءَ شاعر کي چيو تہ جي تون شاعر نہ ھجين ھا تہ خدا کي نہ مڃين ھا.مان ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان تہ چنڊ اکين کي ايترو ڇوٿو وڻي؟ ان ۾ اھڙو ڇا آھي جنهن کي اسان حسن ٿا چئون؟ اھڙي ڪابہ جاءِ نہ آھي جتي انسان چنڊ کي حسين نہ چوندو ھجي.ان ۾ ڪھڙي شئي آھي جنهن کان انسان سندس حسن کان متاثر آھي.؟

    (ممتاز پٺاڻ)