Author: admin

  • Aeno Ain Oliro

    Aeno Ain Oliro

    BOOKS BY MY FATHER DR. DUR MUHAMMAD PATHAN.

    “Aeno Ain Oliro” is collection of weekly articles previously published in the Daily Hilal-i-Pakistan, Karachi. Dr. Dur Muhammad Pathan started contributing for this paper from 1981. This book was published in 1984.

    هي ڪتاب 1984 ۾ شايع ٿيو. ان ۾ انهن هفتيوار ڪالمن جي چونڊ ڏني وئي آھي جيڪي ڪراچئ جي روزنام هلال پاڪستان ۾ ڇپيا هئا.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    گل حيات ۾ موجود سال 1994 ۾ ڇپيل عبدالجبار جوڻيجو جو ڪتاب ” سنڌي ادب جي مختصر تاريخ “ ھن ڪتاب ۾ سنڌي ادب جي تاريخ  نئين طرز سان لکي وئي آھي.جنهن ۾ نئون مواد شامل ڪيو ويو آھي.دنيا جي ادبيات تي نظر وجھڻ سان خبر پوي ٿي تہ مختلف ادبي شاھڪار جنهن صورت ۾ محفوظ رھيا آھن تنهن ۾ ڪيترن دلچسپي رکندڙن جي جاکوڙ شامل رھي آھي.ڪنهن بہ ٻولي جي قديم ادبي تذڪرن کي ڏسبو تہ ان ۾ شاعرن جي مختصر سوانح ۽ شاعر بابت ذاتي راءِ کي وزن ڏنل آھي.ڪن ھم خيال ۽ واقفيت وارن شاعرن کي قدري وڌيڪ اھميت ڏنل آھي.سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي تذڪرا آھن سي سڀ سنڌ جي فارسي شاعريءَ بابت آھن.سائين عبدالجبار جوڻيجو سنڌ ادب جو وڏو نالو آھي ھو زبان جي بدران قلم کان گھڻو ڪم وٺندڙ انسان ھيو.تحقيق ۽ کوجنا جي لحاظ کان ھي ڪتاب جوڻيجي صاحب جي بھترين ڪوشش آھي.سنڌي ادب جي تاريخ تي سنڌي زبان ۾ جيڪي بہ ڪتاب لکيا ويا آھن تن ۾ ھي ڪتاب چڱو مقام رکي ٿو.ھن ڪتاب ۾ ڌار ڌار حوالن سان سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ ان جي بڻ بنياد جي باري ۾ بحث ڪيو ويو آھي.جوڻيجي صاحب سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ انهن نظرين جا حوالہ ڏنا آھن جيڪي ڌار ڌار ماھرن ۽ لسانيات جي شاگردن طرفان پيش ڪيا ويا آھن.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • PUNCHAM

    PUNCHAM

    FROM.GUL HAYAT COLLECTION.(PUNCHAM)since years,we have been receiving this journal regularly, and it has added a lot towards our wonder ful collection.گل حيات قائم ٿيڻ کان ستت پوءَ ڪيترن علم دوست ايڊيٽرن باقائدگي سان پنھنجا رسالا اسان جي اداري ڏانهن موڪلڻ شروع ڪيا.هي رسالو ب انهن مان هڪ آھي.ممتاز

     

     

  • سنڌ جي درٻار

    سنڌ جي درٻار

    گل حيات ۾ موجود جيمس برنس جو ڪتاب ” سنڌ جي درٻار “ جنهن جو مترجم محمد حنيف صديقي آھي.ھي ڪتاب 1828 ۾ لکيو ويو.ھي ڪتاب جيمس برنس جي جي مشھور انگريزي ڪتاب A Narrative of A Visit to the court of Sindh A sketch of the History of Cutch جو سنڌي ترجمو آھي.ھن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوندي تہ جيمس برنس ھي ڪتاب خاص انهيءَ مقصد سان لکيو ھو تہ پنهنجن بالا عملدارن کي سنڌ بابت معلومات ڏئي.سنڌ تنهن زماني ۾ اڃا انگريزن جي قبضي ھيٺ نہ آئي ھئي چناچ ان تي حملي ڪرڻ کان اڳ ھنن کي ملڪ بابت ھر قسم جي معلومات مطلوب ھئي.جيئن تہ جيمس برنس کي پنهنجن بالا عملدارن جي خوشنودي درڪار ھئي ان ڪري سنڌ جي ٽالپر حاڪمن ڏانهن سندس رخ ھمدردي وارو نہ ھو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • پاڪستان جي ماضي حال مستقبل تي طائرانہ نظر

    پاڪستان جي ماضي حال مستقبل تي طائرانہ نظر

    گل حيات ۾ موجود سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ” پاڪستان جي ماضي حال مستقبل تي طائرانہ نظر “ محترم سائين جي ايم سيد ھڪ اعلىا سياسي مدبر ھيو.جنهن جا ايشيا کنڊ تي وڏا سياسي اثر آھن.ھن ڪتاب ۾ پاڻ نھايت باريڪبيني سان ھندستان جي جي گذريل اڌ صدي جي سياسي پس منظر ۾ پنهنجا آزمودا تاثرات ڏنا آھن.پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جي رھاڪن پنهنجي وطن اندر جيڪي عقوبتون سٺيون آھن ۽ پنهنجو سڀ ڪجھ وڃايو آھي سو ھڪ وڏو داستان آھي ۽ ھن ڪتاب ۾ ان جو وچوروار احوال آھي.اڄ سنڌ ۾ جيئي سنڌ جي ھلچل پاڪستان جي قومن جي آزادي جي ھلچل جو ھڪ حصو آھي.جنهن ۾ ننڍيون ٻوليوار قومون پنجابي اڪثريت جي ظلم کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن واجبي حقن کي بچائڻ لاءِ لڙي رھيون آھن سائين جي ايم سيد انهيءَ ھلچل ۾ اڳرو رھيو آھي.سائين جي ايم جو نظريو اھو ھو تہ پاڪستان جا مطلبي اڳواڻ پنهنجي مفادن لاءِ پاڪستان جي عوام کي بي وقوف بڻائيندا رھيا آھن.۽ ھي ڳالھہ خاص طرح ياد رکڻ جهڙي آھي تہ سنڌين ۾ خاص ڪري پوئلڳي ۽شھرت انهن سياستدانن کي ملندي آھي جن وٽ وڏي ملڪيت يا زمينداري،بنگلہ،گاڏيون۽ وڏي دولت موجود ھوندو آھي ۽ اٻوجھ سنڌين سندن اخلاق،اصول ۽ ڪردار تي توجھ گھٽ ڏني آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • سنڌو لکت ۽ ٻولي

    سنڌو لکت ۽ ٻولي

    گل حيات ۾ موجود 1994 ۾ ڇپيل ڪتاب ” سنڌو لکت ۽ ٻولي “ ايس-آر -راءُ. جنهن کي عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو.قديم دور ۾ سنڌي لکت لفظن ۽ پدن واري ھئي جنهن ۾ تصويري علامتي نشانيون،نيم تصويري علامتي نشانيون،گڏيل ياروان نشانيون ۽ اڀين ليڪن جھڙيون نشانيون موجود ھيون.راءُ جي مطابق سنڌو لکت برھمي ۽ سامي لکت کان گھڻي پراڻي آھي تنهن ڪري اھو چوڻ صحيح ٿيندو تہ برھمي ۽ سامي لکت پنهنجون علامتي نشانيون سنڌو لکت تان ورتيون آھن.ھن کوجنا ڪري ٻڌايو آھي تہ سترھن نشانيون اھڙيون آھن جيڪي سامي ۽ سنڌو لکت ۾ ھڪ جھڙيون آھن ۽ سورھن نشانيون وري اھڙيون آھن جيڪي سنڌو ۽ برھمي لکت سان ھڪ جھڙائي رکن ٿيون.سنڌي ۽ قديم ايراني ٻولي واري باب ۾ بحث ڪندي ھو ٻڌائي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ جو قديم ايرانيءَ سان پڻ لاڳاپو ھو پر لغوي ۽ معنوي لحاظ سان سنڌي ٻوليءَ جو وڌيڪ لاڳاپو ھند آريائي ٻوليءَ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • چونڊ سنڌي ڪھاڻيون  ڀاڱو 2

    چونڊ سنڌي ڪھاڻيون ڀاڱو 2

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” چونڊ سنڌي ڪھاڻيون  ڀاڱو 2“ (1980) ڪرشن کٽواڻي، گنو سامتاڻي ۽ ھريش واسواڻي.ڪھاڻي جيستائين ڪھاڻي آھي جيتري انسان جي حيثيت آھي.سنڌي ڪھاڻيءَ کي بہ پنهنجي جدا حيثيت آھي.جڏھن سنڌي ڪھاڻي پنهنجو حقيقي روپ اختيار ڪرڻ شروع ڪيو تڏھن ملڪي ٻڌيءَ ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا.ورھاڱي وقت ھڪ طرف جتي سنڌي ادب ۽ ڪھاڻيءَ لاءِ ھڪ زبردست وقتائتو تاريخي ۽ سماجي حوالو ميسر ڪيو.اُتي اڳتي ھلي ان جي مخصوص پس منظر جا امڪانات گھٽائي ڇڏيا ان ڪري ورھاڱي کانپوءِ جي  سنڌي ڪھاڻي پنهنجي ابتدائي حصي کي ڇڏي ڪن سماجي وارڌاتن سان سڌو ڳنڍيل ڪانھي.اھو مڃڻ بہ ڏکيو آھي تہ سنڌي ڪھاڻيءَ جو جنم ھر مکي جا يا ادو عبدالرحمان يا چمڙا پوش جي آکاڻي يا ڪنهن ٻي ھڪ ڪھاڻيءَ مان ٿيو.ڪلپنا جو سنڌي ڪھاڻي جي سنسڪار ۾ وڏو ھٿ آھي.جيتوڻيڪ اھي خود زندگي جي ڪٺور سچائين کان شروع ٿي ڪردارن جي آتم ونچنا تي ختم ٿين ٿيون.ڪلپنا جي خوبي اِھا نہ آھي تہ ھو حقيقتن تي ڪھاڻيون لکي سگھيو آھي ھن جي خوبي اھا آھي تہ ھو صحيح ابتدائي نقطي کان شروع ڪري سگھي ٿو.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • بيدل

    بيدل

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” بيدل 10“ فقير قادر بخش بيدل جي 141 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي پڙھيل مقالا ۽شاعري .جنهن کي اختر درگاھي مرتب ڪيو.(2010).قادر بخش بيدل سنڌ جو باڪمال صوفي شاعر ۽ وحدت الوجودي فڪر جو علمدار ھو.سنڌ جو تصوف جنهن ۾ ڀائپي ۽ برابري اتحاد ۽ انسان دوستي وارو فڪر نمايان آھن ۽ انهن ۾ ڪنهن بہ قسم جي متڀيد ۽ فرقي پرستي وارا رجحان نہ ھئڻ برابر آھن.بيدل سائين بہ ان سلسلي جي ھڪ اھم ڪڙي آھي.جنهن پنهنجي دور ۾ مروج ماحول کان منهن موڙيو ۽ پاڻ وحدت الوجود واري فلسفي جو وڏو مبلغ ۽ شارح ھو.وحدت الوجود وارو تصور سنڌي ماڻھن جي رت ست ۾ سمايل محسوس ٿئي ٿو ان جو بنيادي سبب تہ صدين کان نسل درنسل صوفي شاعرن جي شاعرانہ آميز آھي .بيدل سائين جي اردو ديوان جي مرتب نوجوان محقق اختر درگاھي بيدل سائين جي اردو شاعري کي مرتب ڪرڻ دوران سندس اردو تصانيف جي ڄاڻ متعلق گدومل ھرجاڻي جي لکيل ڪتاب وحدت نامہ جو حوالو ڏنو آھي.سنڌي ،اردو،فارسي،سرائڪي ۽ عربي ٻولي جي قادر الڪلام شاعر فقير قادر بخش بيدل جي زندگي جا سمورا رنگ انڊلٺ جيان خوبصورت آھن جنهن جو ڦھلاءُ محبت کان ويندي عشق الاھي تائين پھچي ٿو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ھڪ تحقيقي جائزو

    سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ھڪ تحقيقي جائزو

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” ٻہ روزه قومي ادبي ڪانفرنس ” سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ھڪ تحقيقي جائزو“ ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري .(2011) دنيا ۾ ڳالھايون ويندڙ سڀ ٻوليون قدرت جو ھڪ معجزو ۽ انساني معاشري جي ھڪ ڪرشمي مثل آھن.فطرت جي سوانح نگار ۽ انسانيت جي علمبردار مولانا جلال الدين روميءَ قدرت جي ھن معجزي کان متاثر ٿي فرمايو تہ قدرت جي طرفان ھر ھڪ ماڻھون کي سندس الڳ الڳ زبان بخشي وئي آھي ۽ ھر ھڪ ماڻھون کي الڳ الڳ طرز زندگي عطا ڪئي وئي آھي.ان جو مطلب اھو ٿيو تہ قدرت جي طرفان ھر ھڪ قوم کي پنهنجي پنهنجي جداگانہ ٻولي ۽ پنهنجو پنهنجو جداگانہ تمدن عطا ڪيو ويو آھي.ان ڪري ڪائنات جي عظيم معجزن مان سڀ کان اُتم معجزو ڪنهن ٻوليءَ يا ڪن ٻولين جي تخليق آھي.در اصل دنيا جي ھر ڪا ٻولي انسان ذات کي ھزارين نہ پر لکين سالن جي ميل جول رھڻي ڪھڻي،نشست و بر خواست ،خوشي غمي ۽ جنگ جي مسلسل عمل مان ظھور وٺندڙ قدرت جو ھڪ معجزو آھي.ھي ھڪ قدرتي اصول آھي تہ ھر انسان کي پنهنجي مادري زبان تي قدرت حاصل آھي.پاڪستان جي مختلف خطن ۾ ڳالھائيندڙ سڀيئي ٻوليون پاڪستان ۾ آباد ڌار ڌار قومن جون مادري زبانون ئي آھن.سنڌي زبان سنڌو ماٿر جي ھڪ قديم ترين زبان آھي.سنڌي لسانيات جي محققن اھو ثابت ڪيو آھي تہ سنڌي زبان واديءِ سنڌ ۾ سنسڪرت جي وجود ۾ اچڻ کان پنج ھزار سال اڳ ڳالھائي،لکي ۽ پڙھي ويندي ھئي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • آفريقا جي شھزادي

    آفريقا جي شھزادي

    محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ناول ” آفريقا جي شھزادي “ (1941 ٖ 1945 ٖ1948 ٖ2008)  ڏيپلائي صاحب ادب جو ھڪ وڏو نالو آھي جڏھن مسلمان اديب ستل ھئا تڏھن اھو ڏيپلائي صاحب ھيو جنهن پنهنجي لکڻين وسيلي مسلمانن کي اونداھيءَ مان ڪڍيو.سن 1843 ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ ان کي ممبئي پريزيڊنسي سان واڳيو.اھڙي حالت ۾ مسلمانن پوئتي رھجي ويا.علمي ميدان ۾ بہ ھو پوئتي رھجي ويا سندن تعليم صرف چار سيڪڙو ھئي.ان دور ۾ مسلمان اديبن ۽ سندن لکڻين جو تعداد بہ افسوس ناڪ حد تائين گھٽ ھو.ڊاڪٽر اللہ رکيو ٻٽ جي ترتيب ڏنل ھڪ ببليو گرافيءَ مطابق سن 1901 کان سن 1929 دوران ڇپيل اٽڪل 633 مختلف موضوعن تي ننڍن وڏن ڪتابن مان مسلمان اديبن جا فقط سو کن ڪتاب ھئا.جن مان ڪو ڪو مسلمانن جي تاريخ ۽ اخلاقيات بابت ھو.گھڻا ڪتاب انگريز سرڪار جي خوشنوديءَ خاطر ڪلاسيڪل انگريزي ادب جي ترجمي ۽ ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل آکاڻين تي مشتمل ھئا.ڏيپلائي صاحب جي اسلامي تاريخي ناولن جو دور ڏھاڪو سال ھليو جنهن ڪيترائي ناول،ڊراما ۽ افسانا لکيا.مجموعي طور تي ڏيپلائي صاحب جي لکڻين سنڌي مسلمانن جي ذھن تي بي انتھا اثر وڌو ۽ سندس تحريرن جو منطقي نتيجو پاڪستان تحريڪ جي حمايت ۾ ظاھر ٿيو.ھن  ناول آفريقا جي شھزادي ۾ ٽئين خليفي حضرت عثمان جي دئور ۾ مصر کان الھندي طرف ريگستان واري ٽڪر کي فتح ڪرڻ جو احوال آھي.جنهن کي ان زماني ۾ آفريقا سڏيو ويندو ھو ۽ انهي ۾ اھم قلعن زويلہ ، طرابلس ۽ سبيطہ شامل آھن.

    (ممتاز پٺاڻ)