Author: admin

  • آر. اي. ڪارسن (03 ڊسمبر 1979)

    پرڏيهي عالمن جا خط (03 ڊسمبر 1979)
    آر. اي. ڪارسن
    آر. اي. ڪارسن 1913 ع ۾ آشبرٽن، نيوزلينڊ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان وٺي “ڪينٽبري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ايم. اي ڪيائين. ان کانپوءِ “اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز’’ نيوزيلينڊ مان “لائيسنشيئيٽ آف ٿيولاجي’’ ۾  ڊپلوما ڪيائين. آر. اي. ڪارسن 1940 ع ۾ ڪراچي آيو. ٻه سال هڪ ٽيوٽر رکي سنڌي ٻولي سکيائين. هي صاحب “چرچ مشنري سوسائٽي’’ سان وابسته هو، ۽ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ “ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. “چرچ مشن پريس’’ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان، هن سوسائٽيءَ پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. هن سنڌيءَ ۾ “خدا جو ڪٽنب’’ ڪتاب لکيو، جيڪو “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ طرفان شايع ٿيو هو. هي صاحب 1957 ع تائين سنڌ ۾ رهيو، هن وقت نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو.  مون جڏهن “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي ۾ حصو’’ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ کوجنا شروع ڪئي ته ڪراچي ضلعي جي اشاعتي ادارن جي سلسلي ۾ “ سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو به احوال هٿ ڪرڻو پيم. انهي ڪري ڪراچي جي پادرين ۽ آڳاٽن ڪرستانن سان ملڻو پيو. مسٽر ڪارسن جو پٽ ڪرستانن جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اُستاد هيو (آهي؟)، جنهن جي وسيلي هن سان رابطو قائم ڪيم، ۽ پنهنجي گهربل معلومات حاصل ڪيم. آر. اي. ڪارسن منهنجي خطن جي جواب ۾ جيڪي ٻه خط لکيا، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
    (انگريزيءَ ۾)

  • سي. ڊبليو. هسڪل (31، جنوري 1977)

    7، آئزلينڊ ويو ٽيريس، ويڪانٽي، نيوزيلينڊ
    31، جنوري 1977
    پيارا مسٽر در محمد پٺاڻ
    مسٽر جي. اي ڪارسن جي والد 3، تاريخ وارو اوهان جو لکيل خط  مون ڏانهن موڪليو آهي. مون کي شڪ ٿو پوي ته اوهان گهڻن سوالن جا جواب آئون ڏئي ته به سگهان. 22 سال ٿيندا جو سنڌ ڇڏي اٿم، ان کان به ڪجهه سال اڳ منهنجو “سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ سان لاڳاپو ٽٽي چڪو هو. آئون 1933 ع کان انهيءَ  سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيس، حيدرآباد واره مس وارڊ سوسائٽيءَ  جي ڪمن ۾ ڏاڍي مشغول هوندي هئي، ان کانسواءِ سکر  جا مسز جنڪسن ۽ ڊاڪٽر ويسٽرن به انهيءَ ڪم ۾ سٺي دلچسپي وٺندا هئا. 
    مسلمان مترجمن ۾، جنهن جو نالو ياد اٿم سو هو شايد مرزا بيگ (مون کي پڪ نه پيئي ته اهوئي سندس سڄو نالو هو). مون کي اهو به ياد ڪونهي ڪو مسٽر چندو رام  سوسائٽي لاءِ ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، پر مسٽر  ڀڳتاڻيءَ انهيءَ  سلسلي ۾ گهڻو ڪجھه ڪيو هو. مون گهڻائي ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، هن وقت انهن جا نالا ياد نه ٿا اچن. اهڙن ڪتابن ۾ بئسل ميٿيوز جو  “پال دي ڊانٽ ليس’’ به هڪ هو، سنڌيءَ ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيم، جن ۾“ موت کان پوءِ ڇا؟” قابل ذڪر آهي. ان کانسواءِ ڀڳتاڻي صاحب سان پيٽرسن سمٿ جو ڪتاب’’ ڪرست جي حياتي’’ به ترجمو ڪيو هيم.
    منهنجي مختصر سوانح هن ريت آهي:
    چارلس وليم هسڪل، 7 اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ، انگلنڊ ۾ ولادت، تعليم نيوزيلينڊ ۾ ،جتان ڊائوينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري  ۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائينيشئٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيم. جيئن مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيم. خاص ڪري ناتال جون موڪلون انهيءَ ڪم لاءِ وقف هونديون هيون. سنڌي ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هيم، جو به ڪرشچن لٽريچر ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي. سنڌي انگريزي لغت مرتب ڪرڻ لاءِ مون هڪ هندو اديب جي وڏي مدد ڪئي. انهيءَ جو نالو هن وقت ياد نه ٿو پوي. مون سنڌيءَ جي تعليم به هندو عالمن کان ورتي هئي، مگر انهن جا نالا به ياد نه ٿا پون، ڇو جو 40 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي. ساڳي نموني اهو به وسري ويو ته ڪيترو وقت “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ سان وابسته رهيم، اهو عرصو به ستن سالن کان گهٽ ڪونه هوندو. اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ ته من ماندو آهي، ليڪن ڇا ڪريان ٻاهتر کي اچي پهتو آهيان، ۽ ياد گيري به ساٿ ڇڏي ويئي آهي.
    نيڪ تمنائن سان اوهانجو پُرخلوص
    سي. ڊبليو. هسڪل

  • سي. ڊبليو. هسڪل (19 نومبر 1979)

    پرڏيهي عالمن جا خط (19 نومبر 1979)

    سي. ڊبليو. هسڪل

    چارلس وليم هسڪل 7، اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ ، انگلنڊ ۾ ڄائو. هن صاحب تعليم نيوزيلينڊ مان ورتي، جتان ڊائو ينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري ۽ ٿيولاجيءَ  ۾ لائيسنشيئيٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيائين.

    چارلس وليم هسڪل 1930 ع  ۾  “چرچ مشنري سوسائٽي’’ جي ڪارڪنن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو. پاڻ 1933 ع کان وٺي “سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، ان کان پوءِ “گرامر اسڪول ڪراچي’’ جو  پرنسپال ٿيو. 1955 ع ۾ نيوزلينڊ هليو ويو، ۽ هاڻي اتي رهي ٿو.

    چارلس وليم هسڪل ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمه ڪيا. ۽ انهي موضوع تي سنڌي ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيائين. هن صاحب سنڌيءَ انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هو، ۽ سڌيءَ- انگريزيءَ لغت مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ هندو اديب (؟) جي وڏي مدد ڪئي.

    چارلس وليم هسڪل “سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي’’ جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو. انهيءَ سوسائٽي ۽ هسڪل جي معلومات مونکي پنهنجي تحقيقي ڪم لاءِ گهربل هئي، ان ڪري مون آر. اي. ڪارسن کي ساڻس رابطي قائم ڪري ڏيڻ لاءِ چيو هو. هسڪل صاحب انهيءَ سلسلي ۾ مون ڏانهن هڪ خط، لکيو، جو هيٺ ڏجي ٿو.

  • ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو

     

    “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو“

    .   ( بابا سائينءَ جي نوٽس مان. )

              ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھڪ گھڻ- رخي شخصيت ھيو. سندس زندگيءَ تي ڪيترن ئي ماڻھن تمام سٺو لکيو آھي پر اڃا ڪيترائي اھڙا پھلو رھن ٿا جيڪي محققن جي نظر مان اوجھل رھيا آھن. ڊاڪٽر مرحوم ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو پاڻ بہ ذڪر ڪيو آھي ۽ لکي ٿو تہ جھوناڳڙه ڪاليج ۾ ھن ھڪ خاڪسار ڪارڪن جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو. مزي جي ڳالھہ ھي آھي تہ ان جا دستاويزي ثبوت گل حيات ۾ موجود آھن. جن مان پتو پئجي ٿو تہ لڳ ڀڳ 30 شاگرد خاڪسار تحريڪ ۾ حصو وٺندا ھئا ۽ ڊاڪٽر بلوچ ڪاليج ھاسٽل جو سالار ھئو. ھن جي دستخط ۽ حڪم سان خاڪسار جي ڪاليج يونٽ جون گڏجاڻيون ٿينديون ھيون جن ۾ اڪثر ڪري جيڪي شامل ٿيندا ھيا انھن مان ڪي نالا آھن: ميمڻ حبيب اللہ، سيد غلام محمد شاھ، سمندر خان پٺاڻ، احمد خان ڀرڳڙي،محمد الياس احمداڻي،اللہ بچايو بلوچ،گل پير بخش،پناھ علي شاھ، احمد خان لانگاھ، خداداد چانڊيو،  محمد حسين راجپوت،عطامحمد بلوچ. علي نواز جتوئي. شيخ غلام قادر، غلام قادر سومرو وغيره.             

     ڊاڪٽر بلوچ جو اھو رڪارڊ “دفتر ڪاروبار تحريڪ“ جي عنوان ھيٺ ھڪ فائيل ۾ صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي جنهن ۾ آگسٽ 1938 کان وٺي جولاءِ 1939 تائين گڏجاڻين جا نوٽيس موجود آھن.ڊاڪٽر مرحوم ڪن ورقن ۾ ڊائريءَ جا نوٽس لکيا آھن. مثال طور 25 آگسٽ 1938 تي لکي ٿو تہ:  “مون 17 جون کان وٺي آگسٽ جي آخر تائين تحريڪ جي تبليغ ڪئي. ٽن صاحبن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو واعدو ڪيو آھي ۽ ڪجھ “الاصلاح“ جا خريدار بہ بڻايا اٿم“(ممتاز علي پٺاڻ)

  • سنڌ ۾ مذھبي رواداريءَ کان مذھبي ڪٽرپڻي جو سفر

    “سنڌ ۾ مذھبي رواداريءَ کان مذھبي ڪٽرپڻي جو سفر.“

     (بابا سائينءَ جي نوٽس مان)  

              مذھب ماڻهپي ۽ انساني ڀائيچاري کي پروان چاڙھڻ جو ذريعو آھي. پر ھر مذھب ۾ جنونيت جا پوئلڳ ۽ پيروڪار بہ ٿين ٿا جيڪي مذھبي رواداريءَ کي مجروح ڪن ٿا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت جا نمائندا جڏھن سنڌ ۾ پھتا تہ انھن مذھبي ڪٽرپڻي کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٖ ان ڪري سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي ھنن سنڌي ماڻھن کي مذھبي بنيادن تي ورھايو۽ ويڙھايو. تاريخي شاھديون ملن ٿيون تہ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ ستت پوءِ مسلمانن طرفان ڪجھ اڳرايون ٿيون.اتر سنڌ ۾ ھندن کي اھڙي صورتحال مان نقصان پھتو ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سيٺ نائونمل جي پيءُ هوتچند کي زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڀڄي جند ڇڏائڻي پئي ۽ ان جي بدلي وٺڻ لاءِ نائون مل کي سنڌي حڪمرانن سان غداري ڪرڻي پئي.                         انگريز جڏھن حڪمران ٿيا تہ انھن پنهنجي دين جي عالمن ۽ ادارن کي تبليغ ڪرڻ جي وڏي ڇوٽ ڏني پر ھندن ۽ مسلمانن ۾ مذھبي اختلاف پئدا ڪرڻ لاءِ وڏئ عقلمندي ۽ حڪمت عملي کان ڪم ورتائون. ان ڪري ھنن ڪڏھن ھندن جي تہ ڪڏھن مسلمانن جي ڪلھي تي بندوق رکي ھلائي.           بابا جي ورتل نوٽس جي اوراق گرداني ڪندي 1912 جي “ڊيلي گزيٽ“ مان ورتل نوٽس منهنجي اڳيان آھن .جن جي پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مذھبي مناظرا ٿيندا ھيا پر ان لاءِ پليٽ فارم ھندن جو استعمال ٿيو. اھڙين تنظيمن مان “آريا ينگ مينس ايسوسيئيشن“، ڪراچي بہ ھڪ آھي. انھيءَ تنظيم جي پليٽ فارم تان ھفتن جا ھفتا مذھبي مناظرا ٿيندا ھئا.انھي سلسلي ۾ “ مڙدي کي پورجي يا ساڙجي“ جي موضوع تي مباحثو ٿيو جيڪو ڪيترائي ھفتا ھليو ۽ 22اپريل 1912 تي ختم ٿيو.ٻيو مناظرو وري 27 اپريل 1912 کان شروع ٿيو جنهن جو عنوان ھيو“روح لافاني آھي يا مادو لافاني آھي“ ھن مناظري جي ابتدا رام شيوڪ لال جي تقرير سان ٿي ھئي. مسلمانن طرفان ڪراچيءَ جي مذھبي تنظيم “انجمن ضياءُالاسلام“ انهن مناظرن ۾ گھڻو حصو وٺندي ھئي. اھڙا مناظرا اڪثر ڪري آريا سماجي منعقد ڪرائيندا ھيا. جيڪي ڪرستانن جي بدران ڪڏھن ڪڏھن پاڻ بہ مسلمانن سان مناظرا ڪندا ھيا. (ممتاز پٺاڻ)

    •  

    •  

    •  

  • Popti Hiranandani Writes To My Father Dr Dur Muhammad Pathan.

    POPTI HIRANANDANI WRITES TO MY FATHER DR. DUR MUHAMMAD PATHAN

     
    Hon’able Kotu Rajwani while paying tributes to the late Popti Hiranandani has shared simple but impressive posting on FACEBOOK. He writes:
     
    “Tribute to Late Dadi Popati Ramchand Hiranandani on her 10th death anniversary (17-09-1924 -17-12-2005). She was one of the best-known Sindhi women writers, was born in Hyderabad, Sindh, in present-day Pakistan. Her works not only depict the urban milieu of Sindhi culture, but also delve deep into the life of Sindhi middle class and the plight of women in the social structure. She also depicts the inner dynamics of Sindhi families.
    Popati Hiranandani’s name is bound to go down in Sindhi literary history as one of the finest Sindhi writers of both pre-partition and post-partition India, a forthright feminist, and an outstanding social activist.
    Among the several works she published are Ruha sandi runch (1975), Man Sindhini (1988) (both poetry), Pukar (1953), Zindagi-a-ji-photri (1993) (both short stories), Sailab zindagi-a-jo (1980) (novel), Sindhi kalahain aju (1985) (essays), Shah, Sindhi-tahiziba jo ruh (1983) (literary criticism), Bhasha shastra (1962) (linguistics), Manik-Motilala (1993) (biography), Muhinje hayatia ja sona ropa varqa (1980) (autobiography), History of Sindhi literature (in Sindhi).
    She has been the recipient of several honors and awards including the Sahitya Akademi Award in 1982 for her autobiography. The citation reads “This profound engaging autobiography of hers gives a remarkable insight into Sindhi society, the social and political upheavel following partition of India, and the great tragedy overtaking the country.” Jai-Jhulelal, Jeay Sindhiyat.”
     
    We have beautiful collection of her photos and handsom her handsome letters written to my father Dr. Dur Muhammad Pathan. Some of her letters were published in ‘AZAD” of Karachi. I am reproducing those published letters with introduction of Baba Dr. Pathan. This may kindly be kept in mind that ‘Introduction’ of the late Popti Hiranandani was written in 1979, when she was alive. (Mumtaz Ali Pathan)
     
    ڪماري پوپٽي هيراننداڻي
     
    ڪماري پوپٽي رامچند هيراننداڻي 17، سيپٽمبر 1924 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. هن وقت “ڪي. سي ڪاليج’’ بمبئي ۾ سنڌي جي پروفيسر آهي.
     
    پوپٽي هيراننداڻي هند، سنڌ ۽ دنيا جو ڪيترائي دفعا سير ڪيو آهي. سندس شمار ڀارت جي پهرين صفحي جي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ شاعره، ايڊيٽر، مضمون نگار، افسانه نگار ۽ ناول نويس آهي. کيس ڪيترين ئي علمي توڙي ادبي جماعتن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو پئي مليو آهي. هن وقت جن ادارن، جماعتن ۽ سوسائٽين سان وابسته آهي، تن ۾ “ساھتيه اڪيڊمي’’ (صلاحڪار بورڊ جي ميمبر)، “سنڌي ساهت منڊل’’  (صدر)، “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ (جنرل سيڪريٽري)، “يونيورسٽي آف بامي’’ (بورڊ آف اسٽڊيز جي مميبر) جا نالا قابل ذڪر آهن.
     
    هن ٻولي، علم ادب ۽ قوم لاءِ جو ڪجهه ڪيو آهي، انجو مختصر خاڪو سندس ئي خطن ۾ نظر ايندو.
     
     
     
    24، ڊسمبر 1975 ع
     
    پيارا ڀاءُ دعا سلام
     
    جسونت ڪمار معرفت پتو پيو ته اوهين مادر زبان جي خدمت ڪندڙن بابت ڪجهه احوال ڄاڻڻ چاهيو ٿا. پهرين شري ڪيرت جو احوال ڏيان ٿي:
     
    پتو:  41/3، آدرش نگر، ورلي، بمبئي-25
     
    ڪيرت ٻاٻاڻي- جنم نوابشاه- ننڍي هوندي اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ سرگرم  بهرو  وٺندڙ- سوڀي گيانچندڻيءَ جو شيش ۽ دوست- ترقي پسند ليکڪ- هن وقت “آل انڊيا سنڌي ٻولي ساهيته سڀا’’ جو  پريزيڊنٽ- جنهن ۾ 78 سنٿائون شامل آهن- ۽ جنهنجي سرپرستيءَ هيٺ آل انڊيا سطح تي ناٽڪ چٽاڀيٽيون، تعليمي ڪانفرنسون ۽ ليکڪ سيمينار ٿيندا رهندا آهن. “سنڌو ڌارا’’ اخبار جو ايڊيٽر پڻ آهي- سندس ڪتاب ڇپيل:-
     
    (1)   “هوءَ’’ (آکاڻيون) (2) “درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو’’ (آکاڻيون) (3) “سوريءَ سڏ ڪيو’’  (ناٽڪ) (4) “ساهت ۾ قدرن جو سوال’’ (تنقيدي مضمون)
     
    هتي سنڌي ٻولي کي بچائيندڙن جو روح روان آهي.
     
    پوپٽي رامچند هيراننداڻي:- جنم حيدرآباد سنڌ ۾ – هن وقت ڪي- سي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سرڪرده- “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ جي جنرل سيڪريٽري- پريزيڊنٽ “سنڌي ساهت منڊل’’، بمبئي- “ساهت اڪاڊمي’’ دهلي جي “ائڊوائيزري بورڊ ’’ جي ميمبر. سندس ڇپيل ڪتاب:-
     
    آکاڻين جا مجموعا
     
    (1)                “ رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون’’ (2) “پڪار’’ (3) “ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو’’ (4) “مون توکي پيار ڪيو’’ (5) “خزان جو دور پورو ٿيو’’- (هيل تائين سترکن ڪهاڻيون ڇپيل)
     
    ناول             
     
    (1)                “منجو’’ (2) “ حسرتن جي تربت’’ (3) “ جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات’’
     
    مضمونن جا ڳٽڪا
     
    (1)                “هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون’’ (سوراشٽر يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (2) “چرن چڻڪن چت ۾’’ (پوني يونيورسٽيءَ طرفان بي. اي آنرس لاءَ رکيل) (3) “ڀارت جي استري’’ (پوني يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (4) “ڀاشا شاستر’’ (Philology)  (ايم لاءِ، بمبئي پوني ۽ گجرات يونيورسٽيءَ پاران رکيل)   (5) “زنده سا قوم رهندي’’ (سياست تي) (6) “سنڌي ساهت جي جهلڪ’’ (7) “روح سندي رڃ’’ (ادب لطيف) (8) “وويڪانند جي جيوني’’ (سوانح) (9) “شريمد ڀاڳوت’’ (مذهبي) (10) “ڪير’’ (سوانح) (11) “مان ڇا آهيان’’ (ويدانت).
     
    ائين ڪل 19 ڪتاب ڇپيل اٿم، انهن ۾ مضمونن مان 10،9،8 نمبر ترجمو ڪيل ڪتاب آهن، باقي ٻيا سڀ اصلي ڪتاب لکيل آهن. هتي هند ۾ اچڻ بعد سنڌي ۽ سنڌيت سان ڇا ڇا وهيو واپريو آهي، سچ پچ ڪير ڪير ساهت پيا پئدا ڪن، خير کپيو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو ٺيڪ طرح ٻڌائي نه سهگندو. ائين ته مٿاڇري تي ڪئين ڪک تري آيا آهن، جي پري کان اڻ ڄاڻائي جهلڪ ۾ سونهري پيا ڀاسن! خير ادا، هرڪو پنهنجو نباهي. ساڻيهه جي ساٿين لاءِ سلام!
     
    پوپٽي هيراننداڻي
     
    51 سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان ڪولابا، بمبئي 5
     
     
     
    51، سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان بمبئي
     
    25، فيبروري 1976 ع
     
    پيارا ڀاءُ دعا سلام
     
    اوهانجو خط مليو. اوهانجي فارم کي اسان هتي سائڪلو اسٽائيل ڪرائي، پنجاه- سٺ ساهتڪارن، ايڊيٽرن، ۽ سنٿا هلائيندڙن ڏانهن پوست ڪري ڏياري موڪليو آهي. انهن کي عرض ڪيل آهي ته انهن مان هڪ هڪ اوهان ڏانهن جدا جدا پنهنجي سر تفصيل ڏياري موڪلي. جسونت ڪمار ۽ مان ساڳي سنٿا جا سيڪريٽري، ۽ جنرل سيڪريٽري (مان جنرل سيڪريٽري) آهيون، انڪري ڪم سانگي گڏجڻ پيو ٿيندو آهي. اوهانکي تسلي ڏيان ٿي ته اوهانجو ڪم وسريو ناهي، ياد آهي. اوهانجي خط بابت خبر ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پئي ته هن به اوهانجو خط ڪڍي ڏيکاريو. ٻاٻاڻي صاحب اسانجي سڀا جو پريزيڊنٽ آهي. ٻاٻاڻي ۽ مان روزانو هڪ آفيس ۾ ٽي ڪلاڪ گڏجي، سنڌي ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪندا آهيون. انڪري جدا جدا خطن لکڻ جي ضرورت ناهي. ٻاٻاڻي کي لکو يا مونکي يا جسونت کي، ڳالهه ساڳي آهي.
     
    اوهين ٻي ڪا خبر چار ڏيو. تازو منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ٻه مضمونن جا ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو. هڪ مضمونن جو ڪتاب ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب تيار رکيا آهن، ڏينهن ٻن ۾ پريس ۾ ويندا. اتي جي خبر چار ڏيو. ڪهڙا ڪتاب پيا ڇپجن؟ اوهانکي ڪهڙا ڪتاب پسند آيا آهن؟ تازو اسان “سنڌو ڌارا’’ نالي هفتيوار اخبار چالو ڪئي آهي، جنهنجي ايڊيٽر مان آهيان. ان ۾ جسونت جي ڏنل اوهانجي ننڍي ڪوتا ڇپيسين. مان اوهان ڏانهن پنهنجون ڪوتائون (شعر) موڪليان ته ڇپائيندا؟ نئين ڪوتا جي طرز تي لکيل آهن. اوهانجو يا اوهانجا پيارا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ هڪ لعل جوڻيجو خيرپور نواسي هو انکي سڃاڻو؟ ڪهڙن ليکڪن سان واقفيت اٿو؟ خبر ڏيو.
     
    پوپٽي هيراننداڻي

  • Servants of Sindh Society

    Servants of Sindh Society

     

    Historical Research requires an authentic  Source material. This can only be done, when material/information /data is documented by concernd auarters, organisations and related individuals. Here is a book produced by the Servants of Sindh Society. It has collected and documented all Resolutions, Press Statements and Press Releases and have brought in this book form. Since 1882, so many Social, Political,  Literary and other kinds of organizations and parties have taken birth in Sindh and have rendered valuable services.

    Gul Hayat Institute has done its livel best to collect and document such type of literature relating to organizations pertaining to the British Period (1843-1947). We have also compiled Chronological History of Sindhi Adabi Sangat. All this material /data/information has been published on our website www.drpathan.com

     Thec Servants  Of Sindh  Society was v brain child of Syed Ghulam Mustafa Shah,  Ex- V.C of Sindh University and ex- Minster in the Benazir Government. His book, that I am introducing here contains material from 1985 to 1997.  It reflects sorrows and longings of Sindh. It is available in Gul Hayat library (Mumtaz Pathan)

    سنڌ جون اڌوريون ۽ اڻپوريون تاريخون ان ڪري لکيون ويون آھن جو تاريخ نويسن کي گهربل مواد نہ ملي نہ سگهيو. انگريزن جي ڏھاڙن ۾ سرڪار ھرڪنهن  اداري جي سالياني رپورٽ شايع ڪرائيندي هئي. 1882 کان وٺي غير سرڪاري تنظيمن ۽ پارٽين جو قيام عمل ۾ آئيو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. ڌارين جي دور ۾ اهي تنظيمون بہ ساليانيون رپورٽون شايع ڪرائينديون هيون. پر هاڻي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن تنظيمن يا پارٽين طرفان ساليانيون رپورٽن شايع ڪرائڻ جو رواج ڪونهي. ان ڪري ڪا خبر نہ پئي تہ ڪير ڇا ڪري ويو . ان کان سواءِ ان ڪري تاريخي اهميت جو رڪارڊ يا مواد گڏ ٿي نہ سگهيو. 

    اڄ جنهن ڪتاب جو تعارف ڪرائي رهيو آھيان اهو “سورونٽس آف سنڌ سوسائٽي“ طرفان شايع ٿيو هو. هن ڪتاب ۾  1985 کان 1977 تائين هن سوسائٽيءَ طرفان پاس ڪيل ٺھراءَ پريس اسٽيٽمينٽس وغيره ڏنا ويا آھن. اهو مواد سنڌ جي دردن جي ڪهاڻي آهي. ڪتاب سيد غلام مصطفىا شاھ ترتيب ڏنو آھي. (ممتاز پٺاڻ)

     
  • Late Assandas Jethanand.

    Late Assandas Jethanand.

    Remembering Late Assandas Jethanand Uttamchandani, more popularly known as A.J. Uttam on his 92 birth anniversary (16 December 1923-03 January 2005) Born in Hyderabad, Sindh. He started writing short stories, essays and literature. He participate in quit India movement in august 1942. He migrate to India after the partition, He married to Sugani Narwani in 1947 with time she also got fame in same field of sindhi literature for being known as the famous sindhi novelist Sundri Uttamchandani.

    Uttam is among the topmost crusader for the preservation and promotion of Sindhi language and culture after the tragedy of partition. Uttam is a writer, critic and a journalist of repute. Several books of short stories and critical writings are to his credit. Jai Jhulelal, Jeay Sindhiyat.( Mumtaz Ali pathan)

  • Social, Political And Cultural.

    Social, Political And Cultural.

     

    Any event of social, cultural and political etc, if not recorded and documented, will create a, ‘Missing link’ in narrating history. How to collect and document material on events?  My father Dr. Pathan has developed Methodology and has done work on so many events. Today,  I am sharing in photo of Front page of file on the many event of the Centenary Celebration of the Sindh Madressa-tul-Islam. 

    In 1985, my father was in Sindhology as its Deputy Director. Sindh Madressah Board hiherd his services for collection and documentation of information about services rendered by Sindh Madressah in Freedom Movement and promomotion of literature and language.  Dr. Mumtaz Bukhari also helped in this task.  My father established temporary Museum in Sindh Madressah also. This file contains correspondence regarding availing of services of my father and Press Clippings in Sindhi, Urdu and English. It is of more than 100 pages. (Mumtaz Pathan)                               تاريخ ۾ واقعن شخصيتن ۽ ادارن تنظيمن پارٽين ۽ تحريڪن جو ذڪر ڪليدي حيثيت رکندو آھي. گل حيات انهن سمورن زاوين کي نظر ۾ رکي مواد بہ گڏ ڪيو آھي ۽ ان جي آڌار تي تحقيق بہ ڪئي آھي. اهو مواد اسان جي ويب سائيٽ تي بہ رکيو پيو وڃي ۽ ان جون هارڊ ڪاپيون گل حيات لائبرريءَ ۾ بہ موجود آھن.                                             1985 ۾ سنڌ مدرسي جو صد سال جشن ملهايو ويو. بابي پنهنجي دوست ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ سان گڏ سنڌ مدرسہ بورڊ جي گذاش تي تحقيق ڪري انهن کي موقعي ملهائڻ لاء مواد گڏ ڪري ڏنو ۽ميوزم بہ ٺاھي ڏنو. هي فائيل جنهن جو ٽائيٽل پيج اوهان سان شيئر ڪري رهيو آھيان ان ۾ صد سالہ جشن بابت ڇپيل خبرون وغيره محفوظ ڪيل آھن (ممتاز پٺاڻ)