Author: admin

  • مٺي ننڊ

    مٺي ننڊ

     
    IMG 20190102 WA0166
    Dr. Pathan wishes you Good Night. 
    [ I admit and accept that in beauty, vision and wisdom, I am not at par with you. But, in accepting, respecting and loving you, I am second to none. I am body, you are soul, I am love you are life. May you understand it and understand me. May you not lock door of your heart, because, it my Paradise lost.]
    نہ صورت نہ سيرت پر تنهنجو پيار گهڻو, 
    تن من ۽ روح وجود کي پرين پيا ٿا وڻو, 
    ھي جي بار بره جا شل مون جيان کڻو, 
    شل تالا ڪين هڻو, پنهنجئ دل جي در تي. 
  • حال پريان نال

    حال پريان نال

    20190102 155511

    “حال پريان نال مصداق گل حيات وس پڳي تحقيقي اوسر لاءِ دوستن جي مدد ڪئي آھي“.
     اڄ گل حيات جي رڪارڊ کي ڏسندي ھڪ رجسٽر نظر مان گذريو جنهن جو عنوان آھي “ مطالعي لاءِ ڏنل ڪتابن جو رجسٽر“ .ھن رجسٽر ۾ اھي تفصيل ڏنل آھن تہ ڪنهن ڪنهن کي ڪھڙا ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا ويا. ھن رجسٽر ۾ ٽن  قسمن جي پڙھندڙن جا نالا ڏنل آھن. ھڪڙا اھي جيڪي تر جا آھن جيڪي ھڪ اڌ ڏينهن لاءِ ڪو ڪتاب يا رسالو کڻي وڃن ٿا ۽ پوءِ پڙھي واپس ڪن ٿا. ٻئي قسم جا پڙھندڙ اھي آھن جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن موضوع تي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪن ٿا ۽ اھي گل حيات مان مطالعي لاءِ  ڪتاب کڻي وڃن ٿا  ۽ ٽيان وري سنجيده قسم جا ليکڪ، محقق ۽ صحافي آھن جيڪي پنهنجي پسند جي ڪنهن موضوع تي گل حيات جي مواد ۽ ڪتابن جو استفادو ڪن ٿا 
     .جيڪڏھن ڪن مکيہ مطالعي ڪندڙ ماڻھن جي نالن جو وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: زيب علي ساريو( باڊھہ) انيس جتوئي( حيدر بخش جتوئي تي تحقيق ڪندڙ)  عبدالرزاق سومرو( پي ايڇ ڊي ڪندڙ)، امداد حسين سھتو(پي ايڇ ڊي ڪندڙ)، سارنگ ماڇي(وڪڙو)، موھن لال(ايم فل جو شاگرد)، نظير انور( ايم فل جي شاگردياڻي)، مختيار سمون( ايم فل جو شاگرد)، احسان دانش(پي ايڇ ڊي جو شاگرد)،مول چند کيٽپال (ڪنڌ ڪوٽ)، اقرار پيرزادو(ٻلھڙيجي)، صابر ھيسباڻي ( ڪوٽ مرزا ڪالو)، سورھيہ سنڌي (باقراڻي)، سڪندر ھليو ( نئين گڏ)، سيد حاڪم علي شاھہ ( ناميارو آرڪيالاجسٽ)،مدد علي سنڌي (ناميارو صحافي ۽ ليکڪ)، قاضي آصف ( ناميارو صحافي)، عاشق علي سولنگي( ايم فل جو شاگرد)، صاحب خان چنو( پي ايڇ ڊي جو شاگرد)، نياز آريجو( اڄ ڪلھہ سنڌ يونيورسٽي جو استاد)،ڊاڪٽر مولابخش ڪلھوڙو( لاڙڪاڻي جو نالي وارو صحافي)، بدرالدين اڄڻ( پي ايڇ ڊي جو شاگرد)،ڪامريڊ ھدايت منگي( مشھور صحافي)، مولانا محمد ادريس سومرو( پي ايڇ ڊي جو شاگرد)، عبداللطيف ٻگھيو( مشھور سياسي ڪارڪن)، مسعود انصاري( مشھور صحافي)، زاھد علي ميمڻ( قائد اعظم يونيورسٽي جو شاگرد)، ھري موٽواڻي، عبدالحميد ڀٽو ( مشھور ثقافتي اڳواڻ)،ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال (پي ايڇ ڊي جو شاگرد) وغيره. 
    رجسٽر جي ڪالم مان خبر پوي ٿي تہ اڪثر محسنن ۽ مھربانن مطالعي لاءِ ورتل ڪتاب واپس ڪيا آھن ليڪن لڳ ڀڳ اڌ جيترن ڪتاب واپس نہ ڪيا آھن. ڪتاب پڙھڻ لاءِ ھوندا آھن ۽ انهن کي لائبرري ۾ ئي ھجڻ گھرجي تہ جيئن ٻين پڙھندڙن کي بہ انهن منجهان استفادي ڪرڻ جو موقعو ملي. گل حيات وس پڳي تحقيق ۽  لکڻ پڙھڻ جي عمل کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پنهنجن ذريعن ۽ وسيلن کي گوڏن ھيٺان لڪائڻ بدران ماروئڙن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جنهن ڳالھہ تي اسان کي فخر رھندو.
    جيڪڏھن اوھان اسان جي ويب سائيٽ تي بابا سائين جي پرو فائيل کي نظر مان ڪڍندا تہ اوھان کي ھڪ طويل ترين ڪتابن ۽ ٿيسز جي لسٽ ملندي جن ۾ ليکڪن ۽ محققن بابا جو نالو وٺي مواد ۽ معلومات فراھم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو آھي. جڳ مشھور شخصيت مرحوم  جي الانا  “ فور ڪلاسيڪل پوئيٽس آف سنڌ“ ۽ پنهنجن ٻين ڪتابن ۾ بابا سائين جو اھڙو ذڪر ڪيو آھي. محمد ھاشم لغاريءَ وڏو قلمي ڪارنامو سرانجام ڏئي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي تي ھڪ ضخيم ڪتاب لکيو جنهن ۾ پڻ ھن بابا سائين طرفان مليل مدد جو شڪريو ادا ڪيو آھي . 
    اي ميلن ذريعي بابا سائين سنڌ،پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ رھندڙ محققن جي پڻ وڏي مدد ڪئي آھي. انهي جا جيڪڏھن مان ويھي تفصيل ٻڌايان تہ اھڙين اي ميلن جو ايترو تہ وڏو تعداد آھي جنهن تي الڳ پوسٽ لکي سگھجي ٿي.(ممتاز پٺاڻ)
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190102 WA0063 
     
    Dr. Pathan wishes you Good Day.
    [ The Sun of Sky rises daily morning, but the Sun of your Beauty & Love, Talents & Potentialities and Vision & Wisdom is ever shining and never sets. 
    Dear!  You are symbol of integrity & determination, sincerity & dedication and kindnesses & peace. Therefore, I can’t leave door of your heart. Shadows of differences and distance can’t hide our contact & connection and my love with you.]
    سج اڀرندي ڏسان فقط صبح جو پر سدا پسان سندء سونهن جو اڀريل سج, 
    تون سچ, سرت, وفا, ايثار آهين نج, ان لاء هر پل توکي ئي سلام ڪريان.
  • ” REPORT OF THE SIND UNIVERSITY COMMITTEE”

    ” REPORT OF THE SIND UNIVERSITY COMMITTEE”

     
    FB IMG 1546394958058
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    ” REPORT OF THE SIND UNIVERSITY COMMITTEE”.
    After the separation of Sindh from Bombay Presidency, it was felt that Sindh should have its own University. In this regard under Sindh Government Resolution, General Department, No. 607-B./40 of 24th June 1940 the Committee consisting of 15 members (6 Muslims) was constituted with Syed Miran Muhammad Shah as its Chairman and B.J.Vaswani as its Secretary. It was a tough task for the Committee as Sindhis stood divided on the issue. They controversy invited attention of the Press and handsome literature/material took birth, even poetry was also composed, that is uploaded on our website www.drpathan.com
    This official Document of 135 pages also reflects division of Sindhis on vital issues. It is said that Sindhi Muslims were advised  by Scholars from Punjab not to go for a separate University. Five Hindu members of the Committee  wrote Minutes of Dissent.
    There is need of compilation of the history of Sindh University as it reflects Hindu – Muslim approach towards development of education in Sindh. (Mumtaz Ali Pathan)
    سنڌ ۽ سنڌين سان سورن جو ڪو صدين کان ساٿ رهيو آھي. انگريزن اختلافن جو اهڙو ٻرڪو ڏنو جو انهئ دور ۾ سنڌي سنڌي گهٽ پر هندو ۽ مسلمان ٿي سوچڻ لوچڻ لڳا. “سنڌ سڀا“  “ سنڌ مدرسو“ “ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ۽ “سنڌ يونيورسٽئ“ جي تاريخ ۾ هندو مسلمانن جي نفرتن ۽ اناپرستين جون ڪهاڻيون لڪيون پيون آھن.
    سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ت پنهنجئ يونيورسٽي ٺاهڻ جو خيال پيدا ٿيو. سرڪار ان لاء ميران محند شاه جي سربراهئ ۾ ڪاميٽي جوڙي. انهئ ڪاميٽئ جي رپورٽ جو ٽائيٽل پيج شيئر ڪجي ٿو. هئ رپورٽيونيورسٽئ جي لاء ورتل ابتدائي ڪوششن کان علاوه ان دور جي هندو مسلم لاڳاپن تي ب روشني وجهي ٿي. رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي. (ممتاز علي پٺاڻ)
  • مولوي مولا بخش “ فنائي“ جي شاعري

    مولوي مولا بخش “ فنائي“ جي شاعري

    20190101 153605

    مولوي مولا بخش “ فنائي“ جي شاعري.
    انگريزن جي دور ۾ سنڌ جا کوڙ سارا اھڙا شاعر ٿي گذريا جن جو ڪلام مختلف رڪارڊنگ ڪمپنين پنهنجي رڪارڊن جي ذريعي محفوظ ڪيو. ھاڻي انهن مان ڪيترن شاعرن جو نہ تہ زندگي جو احوال ملي ٿو ۽ نہ وري سندن ڪلام جا ڇپيل يا اڻ ڇپيل ڪتاب ملن ٿا. پر اھي ڪمپنيون پنهنجي ٺھيل رڪاڊن جا ڪيٽالاگ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائينديون ھيون جن ۾ رڪارڊ جو نمبر ڪلام جا ٻول ۽ ڳائيندڙ جو نالو ڏنو ويندو ھو. اھڙن ڪيٽالاگن مان ھڪ اڌ ڪيٽالاگ ڇپيل ڪتابي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. 
    ھاڻي اھي رڪارڊ بہ ناياب ٿي چڪا آھن. 
      ڊاڪٽر غلام علي الانا علم ادب ۽ ثقافت جي ناميارن عاشقن مان هڪ آھي. ھو جڏھن سنڌالاجي جو سربراھہ  ھيو تہ هن ڪيترائي اھڙا رڪارڊ ھٿ ڪري سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪيا. ڪاش انهن تي جيڪڏھن تحقيق ٿئي ۽ ڪو ھڪ گڏيل ڪيٽالاگ ٺھي پوي تہ ھوند سنڌ جي شاعريءَ ۽ گائڪيءَ جي مثالي تاريخ جڙي پوي. 
    فونو اسان وٽ بہ ھوندو ھيو. اڄ اھو فونو تہ ڪونہ آھي پر ڪجھہ رڪارڊ اسان وٽ ضرور موجود آھن جن کي بابا سائين گل حيات ۾ ڏاڍو سٺي نموني سان سانڍي رکيو آھي. اسان وٽ جيڪي رڪارڊ پيا آھن اھي  The twin , Reagal, His Masters ڪمپنين جا آھن ۽ اھي جن ڳائيندڙن جا آھن انهن مان ڀڳت اڌارام، ڀڳت ٿڌارام، ڀڳت موٽڻ، ڀڳت جاڙارام، ماسٽر مکڻ، ماسٽر عبداللہ، ماسٽر چندر، سونا خان، نور نظاماڻي، فوٽو خان، بيبي ثريا، جيوڻي ٻائي،پروفيسر ھاسانند، ماسٽر عبدالرزاق،ماسٽر پرمانند، امير جان، مھراج ڀوڄراج ، ڪالو قوال ۽ ڀڳت ڪنوررام جا نالا ذڪر لائق آھن. 
    انهن ڳائيندڙن سنڌ جي ڪيترن ئي گمنام ۽ ديھاتي شاعرن جو ڪلام ڳاتو. مولوي مولابخش “فنائي“ بہ انهن مان ھڪ ھيو. عجيب اتفاق آھي تہ  ھن جا فونو رڪارڊ تہ اسان وٽ ڪونہ آھن پر سندس ڪلام اسان وٽ موجود آھي جنهن منجهان مثال طور تي ڪلام جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو: 
    ٿلھہ: در دوست جي مقابل باغ ارم ڇا ھي.
    حوران،پريون، فرشتہ ثاني صنم جو ڇا آھي.
    مئخاني محبت جي کئون وڌ  قيمتي آ ڪوثر.
    پيالي پرين جي اڳيان جام سلجم جو ڇا آھي.
    محبوب جي لبن سان مشھد شڪر ڪجا آ؟ 
    مٽ عرق عازمن جي شبنم جي نم جو ڇا آھي.
    ھن دم تحت “فنائي“ ھي بات بي بيان آ.
    تعاريف نقش ڪارڻ  قدر قلم جو ڇا آھي؟ 
    “فنائي“ جو اھو ۽ اھڙو ڪلام خاص طور تي مولود شريف قلمي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن جنهن بہ ثقافت جي سڄڻ ۽ شاعري جي عاشق کي تحقيق ڪرڻ جو شوق ٿيوتہ اسان هن سان ڀرپور سھڪار ڪندا سين.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • New Year and its 1st Morning

    New Year and its 1st Morning

    01012019

    Dr. Pathan wishes you Happy New Year and its 1st Good Day.
    [ It is New Year and its 1st Morning, today. In your absence, I am wishing it to every Golden Heart and Pure Soul. I have witnessed thousands of New Years waiting for you and have bitterly experienced your distance and differences. Dear! Let you not be my lost love and beloved. Come on and let the world witness our unity and Union.]
    عيسوي نئين سال جو اڄ آھي پهريون ڏينهن,
    پر تو سان منهنجو نينهن, آهي صديون آڳاٽو

     

     

     
  • انگريزي دور جون سماجي تنظيمون

    انگريزي دور جون سماجي تنظيمون

    FB IMG 1546250967786

     

    “انگريزي دور جون سماجي تنظيمون..“
    ( بابا سائين جي نوٽس مان.)
     بابا سائين اڄ ڪلھہ “ڊيلي گزيٽ “ مان ورتل نوٽس جي بنياد تي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جنهن ۾ 1884 کان وٺي 1947 تائين پاڻ جيڪو مطالعو ڪيو اٿن انهي کي ذھن ۾ رکي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جنهن ۾ 4 ڪالم آھن1. موضوع يا عنوان.2. اخبار ۾ ڪھڙي تاريخ تي ڇپيو 3. اھو ڪھڙي صفحي تي ڇپيو آھي4 . تہ اھو مواد محقق کي ڪھڙي ڪم ايندو. 
    مان انهي ترتيب ڏنل انڊيڪس ۽ نوٽس تي جڏھن نظر وجهان ٿو تہ ائين ٿو لڳي تہ جيئن انگريزن جي دور  ۾ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ سماجي تنظيمن جو ڄار وڇايل ھيو جن جي ڪارڪردگي نھايت دلچسپ ۽ وڻندڙ آھي. مثال طور لائبرريون قائم ڪرڻ مختلف موضوعن تي ڄاڻو ماڻھن کان تقريرون ڪرائڻ،ھنگامي طور تي پيدا ٿيل سماجي مسئلن جو حل ڪڍڻ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ وغيره. سنڌ ۽سنڌي ماڻھن جا ٻولي،ثقافت، تعليم ۽ ملازمت سان لاڳاپيل اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ انهن تنظيمن جا خاص مقصد ھئا.اھي تنظيمون برادري جي بنيادن تي بہ قائم ٿيل ھيون تہ قومي انداز ۾ بہ جوڙيل ھيون. برادرين جي بنياد تي قائم ٿيل تنظيمون جھڙوڪ پئنچاتن جو جديد روپ ھيون جن ۾ برادري کي وڏن شھرن ۾ پيش آيل مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو ھيو ۽ اھي خاص ڪري انهن ھندن جون قائم ٿيل ھيون جيڪي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن منجهان ملازمت يا تجارت سانگي حيدرآباد يا ڪراچي ايندا ھئا. قومي نوعيت يا اھميت واريون تنظيمون سياسي تنظيمن جي فعال ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ سرگرم رھيون ۽ انهي ڪميءَ کي پورو ڪيائون.  جڏھن سياسي پارٽيون سرگرم ٿيون تہ سماجي تنظيمن پاڻ کي فقط سماجي ۽ ثقافتي ڪمن تائين محدود رکيو. اڄ اسان وٽ“ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن “قائم آھي ،پر مزي جي ڳالھہ اھا آھي تہ انگريزن جي دور ۾ بہ انھي نالي سان ھڪ تنظيم موجود ھئي.ذاتين جي بنياد تي قائم ٿيل تنظيمن کانسواءَ مذھبي بنيادن تي بہ سماجي تنظيمون جڙيل ھيون جن ۾ مسلمانن،ڪرستانن،ھندن ۽ سکن جون کوڙ ساريون تنظيمون ھيون. سموري قسم جي مکيہ تنظيمن مان جيڪي وڌيڪ فال ھيون انهن جو تعداد سون ۾ آھي،پر ڪي نالا ھن ريت آھن. ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن، سٽيزنس ايسوسيئيشن، سھتا سڌار ايسوسيئيشن،گروسنگھہ سڀا،ينگ سنڌي ايسوسيئيشن، ڪڇي ميمڻ سڌارڪ منڊل،سنڌ سناتن ڌرم منڊل، بنڌو منڊل، مسلم مارواڙي سلاوٽ جماعت، گوئان يونين پريم منڊلي،ھندو شيوڪ منڊل،  آريا سماج منڊل، ھندو ٽائون پيپلز ايسوسيئيشن، ڪراچي سٽيزنس ايسوسيئيشن، حيدر آباد سٽيزنس ايسوسيئيشن، برھم مترا منڊل، ساٿ سڌار منڊل وغيره.
    انهن تنظيمن جي ڪارڪردگي ڏاڍي دلچسپ ۽ توجه ڇڪرائڻ واري آھي. مثال طور اھي تنظيمون ڪڏھن سرڪاري ملازمن جي پگھارن وڌائڻ جا مطالبا ڪنديون ھيون تہ ڪڏھن اجمير ۽ ٻئي اھڙي طرف ويندڙ زيارتن جي ڪراين ۾ گھٽتائي جا مطالبا ڪنديون ھيون. ڪراچي جي سٽيزنس ايسوسيئيشنس بامبئي يونيورسٽي کان مطالبو ڪيو ھو تہ سنڌي کي گريجوئيشن جي سطح تي تدريسي مڃتا ڏني وڃي. ڪيچ مڪران طرف وڏيون تباھيون آيون تہ اتان ڪيترا ماڻھون ڪراچي لڏي آيا جن کي آباد ڪرڻ ۾ سماجي تنظيمن اھم ڪردار ادا ڪيو. ان دور جي سماجي تنظيمن جو وڏو ڪارنامو ھي آھي تہ انهن ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا اسڪول قائم ڪيا ۽ نسواني تعليم جيڪڏھن عام ٿي ۽ سنڌ جون نياڻيون ڪاليجن ۾ پھتيون تہ ان ۾ سماجي تنظيمن ۽ انهن طرفان قائم ڪيل تعليمي  ادارن جو وڏو ھٿ آھي. وقت جي تقاضا آھي تہ انهن تنظيمن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي تہ ڪارڪنن ۽ عھديدارن جي زندگين جا احوال گڏ ڪيا وڃن ۽ انهن جي ادبي. تعليمي ۽ ثقافتي خدمتن تي ڪم ٿيڻ گھرجي. ڇو تہ ان منجهان سنڌ جي سماجي شعور سوچن ۽ لوچن جي شاندار تاريخ جڙي ويندي. بابا سائين ان حوالي سان ڪم ڪيو آھي جيڪو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. بابا سائين اڪيلي سر ڪم ڪيو آھي پر اھو چڱن ڀلن ادارن جي ڪم کان گھڻو آھي. جنهن انڊيڪس تي بابا ڪم ڪري پيو اھا مڪمل ٿي ويندي تہ ان منجهان اسان کي انگريزن جي دور جي سماجي تنظيمن ۽ سندن خدمتن جو اندازو لڳائي سگھبو. (ممتاز پٺاڻ)
     
  • “THAKIAI THAR THELH”. By Bakhshal Talho

    “THAKIAI THAR THELH”. By Bakhshal Talho

    FB IMG 1546235007510
     
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    “THAKIAI THAR THELH”. By Bakhshal Talho
    It is interesting to note that since the beginning of Communist influence in Sindhi, this ideology has been preached and advocated by its followers and Sindh leaders without any break. The disintegration of Communist Country has not disintegrated hearts and souls of Sindhi Communist leaders and Comrades. Bakhshal Thalho is a big name and fame as a preacher, teacher and promoter of Communist Philosophy and Progressive Ideology. This book reflects on his study and interest on the subject and is worth to be included in study scheme of study circles of this ideology. The book is available in Gul Hayat collection. (Mumtaz Ali Pathan)
    سنڌ ۾ ڪميونسٽ نظريئي جي ابتدا ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿي؟ انهئ لاء بابا سائين جو ڪتاب “ ادب ۽ ماحول“ پڙھڻ لائق آھي.
    جڏھن کان هن فلاسافئ سنڌ ۾ پير پختا ڪيا آھن ان جي مبلغن جي گادي ڪڏھن ب خالي ن ٿي آھي. سنڌ ان حوالي سان وڏا نالا پيدا ڪيا آهن.
    هن دور ۾ ڪامريڊ بخشل ٿاهو پڻ وڏو نالو آھي. سندس هئ ڪتاب دنيا ۾ ڪميونسٽ اثر تي روشني وجهي ٿو. ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي)ممتاز علي پٺاڻ)
  • Ker tho monkhae saddy”(Who is calling me)

    Ker tho monkhae saddy”(Who is calling me)

    FB IMG 1546234577216
     
    History of Modern Sindhi literature reveils that Sindh has produced more number of poets than Writers and Scholars. What is the reason behind it?  It is the subject, yet to be studied. It will hell us to understand psychology of Sindhu people. Here, I will not touch this topic. But, will confine myself only to reveiew and introduce books available in Gul Hayat library. “Ker tho monkhae saddy”(Who is calling me) is book of poetry by famous poet Bashir Mangi. It has been published in September 2017, by Sambara Publication of Hyderabad. This book of 192 is collection of his poetry having various poetic forms such as Ghazal, Wai, Geet, Baet etc. 
    Bashir Mangi is very active literary figure. Prior to this he has given us four books such as Wadfuro, Sansar Sindh Ain Muhnji Soch, and Pakhi Piyar Aman Ja. His poetry is a story of his inner world besides, reflection of our society. (Mumtaz Pathan)
    ڪيترائي ادبي  نظرياتي ۽  نفسياتي ڪارڻ آھن جن ڪري شاعريءَ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آھي ۽ سنڌي ادبي کيتر ۾ شاعرن جو انگ باقي نثري ليکڪن کان وڌيڪ رهيو آھي. ڪمال جي ڳاله اها آھي تہ جنهن پنهنجي ڏات جي ڏڍ تي شاعري ڪئي انهن وڏو نالوڪمايو آھي. بشير منگي پڻ انهن مشھور معروف شاعرن مان هڪ آھي. موجوده سنڌي قلم قبيلي ۾ سندس هڪ پر خلوص شاعريءَ جي فن کان ڄاڻو ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور طور شرڪت ڪندڙ اديب جي حيثيت ۾ هڪ نالو ۽ تشخص آھي. بشير منگي هن ڪتاب کان اڳ چئن پنجن ڪتابن جو ادب کي تحفو ڏئي چڪو آھي. سندس هي ڪتاب ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ واري سندس روايت جي ڪڙي آھي. 192 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سيپٽمبر 2017 ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ۾ غزل وايون گيت بيت وغيره ڏنل آھن. هن جي شاعري سندس جذبن امنگن ۽ اڌمن جي ڪهاڻيءَ سان گڏ اسان جي دور ۽ حالتن جو اولڙو پڻ آھي.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • ردي مان تاريخ ڪيئن ٺاھجي؟

    ردي مان تاريخ ڪيئن ٺاھجي؟

     
    20181230 135413
    ڳالھہ سليقي ۽ طريقي جي آھي ڏات ۽ سوچ جي آھي جيڪا مثال قائم ڪري ٿي. مان ھتي ھڪ کان وڌيڪ دفعا ڳالھہ ڪري چڪو آھيان تہ بابا سائين جڏھن گل حيات ٺاھيوتہ “ ردي ڏيو تاريخ وٺو“ جي عنوان سان ھڪ پمفليٽ ڇپرايو ھو. بابا سائين پنهنجي دوستن کان پڙھيل اخبارون وٺندو ھيو جيڪي اسان سنڌي ماڻھون ردي ۾ اڇلي يا وڪرو ڪري ڇڏيندا آھيون. بابا انهن اخبارن مان 300 کان وڌيڪ ٽاپڪس تي سوين فائيل ٺاھي ورتا. اھا ڳالھہ ھڪ مثال ڏيڻ سان وڌيڪ آسانئ سان سمجھہ ۾ ايندي. اسان“ اغوائن“ جي ھڪڙي ٽاپڪس مثال طور کڻئون ٿا . اھا ٽاپڪ بابا 3 سب ٽاپڪس ۾ ورھائي آھي ھڪ اغوا ٿيندڙ ٻيو اغوا ڪندڙ ٽيون اغوائن تي رد عمل ۽ آپريشن . ھڪ سال تي جيڪڏھن اھي 3 فائيل ٿيا تہ اغوائن وارن 10 سالن تي فائيلن جو تعداد 30 ٿئي ٿو. مطلب جيڪڏھن ھڪ ٽاپڪس تي سراسري طور تي جيڪڏھن 30 فائيل موجود آھن تہ پوءِ 300 ٽاپڪس تي ڪيترا فائيل ٿيندا؟ ان جو اندازو پڙھندڙ پاڻ لڳائي سگھن ٿا.اخبارن ۽ رسالن مان معلومات وٺڻ ان جي ڪٽنگ ۽ پيسٽنگ ڪرڻ ۽ موضوع وار فائيل ٺاھڻ ڪو سولو ڪم نہ آھي.  اسانکي خوشي آھي تہ  بابا گل حيات جي پليٽ فارم تان اھي قومي خدمتون سر انجام ڏنيو آھن. جيڪڏھن انهن 300 موضوعن تي برجستا مقدما لکي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا وڃن تہ جھڙوڪ لڳ ڀڳ 700 ڪتابن جي ڇپجڻ جي گنجائش نڪري اچي . ان مان بابا سائين جي قلمي ۽ مواد گڏ ڪرڻ واري جاکوڙ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. 
    سنڌ ۾ جيڪي بہ علمي ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪا ٿيا ۽ جن ۾ بابا حصو ورتو انهن منجهان ھڪڙي ھڪڙي واقعي تي اخباري ڪٽنگس کانسواءِ ٻيو لاڳاپيل مواد گڏ ڪري بابا فائيل ٺاھيا آھن.1985 ۾ جڏھن بابا سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھو تہ سنڌ مدرسي جي 100.سالا جشن ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان سلسلي ۾نثار آفنديءَ سنڌ يونيورسٽي کان بابا جون خدمتون ورتيون . بابا اتي وڃي 100 سالا جشن ملھائڻ جي منصوبابندي ڪئي تحقيق ڪئي ۽ انهي موقعي جي لاءِ ميوزيم ٺاھيو جنهن ۾ مشاھيرن جي گئلري کان سواءِ پراڻن ڊاڪيومينٽس جي نمائش پڻ ڪئي وئي.ھن جشن بابت جيڪي بہ انگريزي اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ خبرون خط ۽مضمون شايع ٿيا اھي پڻ بابا گڏ ڪري انهن تي مشتمل ھڪ فائيل ٺاھيو آھي.اڄ انهي ڳالھہ کي ڪيترا سال ٿيندا پر جشن بابت ڪيتريون ڳالھيون فائيل جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن.بابا سائين ھن واقعي کانسواء“ ساھت سال “،سنڌالاجي سلور جوبلي ۽ ٻين واقعن تي بہ مواد گڏ ڪري گل حيات ۾ محفوظ ڪيو آھي ۽ اھا ڳالھ ثابت ڪئي آھي تہ اسان جن اخبارن ۽ رسالن کي ردي ڪري کپائيندا آھيون انهن جي ورق ورق ۾سنڌ جي سماجي سياسي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ موجود آھي. انهن ۽ اهڙن ذريعن ۽ وسيلن سان بابا سائين “ سنڌي ادبي سنگت“ جي ڪرانالاجي ٺاھي جيڪا خود شايد سنڌي ادبي سنگت وٽ بہ نہ ھجي ۽ اھا اڄ بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ)