Dr.Pathan wishes you Good Night.
[Dear! Dark night without you has become terrible. Sorrows & longings have encircled heart & soul and made the situation serious. I need you and your beauty, vision & wisdom as can witness beautiful Dawn in your company]
رانول رھ اچي تون رات، جیئن آئون بہ پسان پرڀات،
فقط تنھنجي تند تنواریون، آھي عجب برہ جي بات،
سرت ۽ سورن جي سوغات، ساریون پیا سلام سان
Author: admin
-
رات جا سلام
-
سنڌ محمدن ايسوسيئيشن
“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن. “ (بابا سائين جي نوٽس مان)ڪانگريس 1885 ۾ قائم ٿي جنهن کي گڏيل ھندستان جي پھرين سياسي پارٽي چيو وڃي ٿو .ليڪن سنڌ ۾ “سنڌ سڀا“ نالي سماجي ۽ نيم سياسي پارٽي 1882 ۾ قائم ٿي جنهن مان اھو چئي ۽ سمجهي سگھجي ٿو تہ سماجي ۽ سياسي شعور سنڌ ۾ ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ آڳاٽو ھيو.“سنڌ سڀا“ جو مرڪز ڪراچي ۾ ھيو ۽ ان ۾ ھندو،مسلمان ۽ پارسي ميمبر خواه عھديدار ھيا.سنڌ سڀا سنڌ ۾ ميونسپالٽين جي چونڊن ۾ عام راءِ کي ھموار ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ان کانسواءِ مقامي نوعيت وارا سماجي مسئلا حل ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪئي. تعليم کاتي وارن “سنڌ سڀا“ جي خدمتن کي ڏسي پنهنجي اخبار “ سنڌ سڌار “ ان جي حوالي ڪئي ھئي ۽ ساڌو ھيرانند انهي جو ايڊيٽر ٿيو ھيو.حسن علي آفندي “سنڌ سڀا“ جو نھايت سرگرم اڳواڻ ھيو.جڏھن لارڊ رپن ھندستان ۾مڪاني ادارن وارا سڌارا آندا تہ “سنڌ سڀا“ گڏجاڻي ڪري اھو فيصلو ڪرڻ گھريو تہ لارڊ رپن کي مڃتا طور ھڪ “سپاسنامو“ ڏنو وڃي. حسن علي آفندي انهي ڳالھہ جي گڏجاڻي ۾ مخالفت ڪئي، جنهن تي ھندو ميمبرن سان ھن جي “تون ڇا تون ڇا ٿي“. ان تي حسن علي آفندي ڪاوڙجي گڏجاڻي جو بائڪاٽ ڪري نڪري ويو ۽ ڪن ڏينهن کان پوءِ ھن “ سنڌ محمدن ائسوسيشن“ “ نالي پنهنجي پارٽي ٺاھي جيڪا 1936 تائين ھڪ فعال سياسي پارٽي طور سنڌ ۾ ڪم ڪندي آئي.مون ورجائي ورجائي اھو پئي عرض ڪيو آھي تہ انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي پريشر گروپ ۽ پارٽيون ڪم ڪري رھيون ھيون. “سنڌ سڀا“ ۽سنڌ محمدن ايسوسيئيشن انهن مان ٻہ پارٽيون ھيون. “سنڌ سڀا“ جو اڳتي ھلي “سنڌ ھندو سڀا“ جي نالي پارٽي سان ٻيو جنم ٿيو.بابا جي نوٽس ڏسندي ۽ پڙھندي اھا خبر پوي ٿي تہ ھڪ ھڪ پارٽي ۽ پريشر گروپ تي بابا سائين فائيل ٺاھيا آھن.“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو اٿن اھو سمورو اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي ۽ ان جي ھڪ ھارڊ ڪاپي پڻ ٺاھي گل حيات ۾ رکي اٿن. “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ سنڌ جي مٿئين طبقي وارن مسلمانن جي سياسي شعور جي ھڪ دلچسپ ڪھاڻي آھي. اسان وٽ گڏ ٿيل مواد ۾ ھن پارٽي جي سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جي لسٽ موجود آھي ۽ انهن مان ڪيترن جي زندگي جا احوال ۽ فوٽو پڻ بابا گڏ ڪيا آھن.مون “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ تي گڏ ڪيل مواد مان ھڪ فائيل جو ٽائيٽل پيج اڄ شيئر ڪيو آھي.“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.جڏھن “شڌي تحريڪ“ ھلي ۽ سنجوڳي شيخن کي وري ٻيھر ھندو بڻائڻ جا واقعا ٿيا ۽ انهي سلسلي ۾ ھندن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ عورتن جي اغوا جو ھڪ اڌ واقعو ڪيو تہ لاڙڪاڻي ۾ وڏا فساد ٿيا.“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ھن صورتحال جو نہ فقط نوٽس ورتو پر شديد ردعمل بہ ڏيکاريو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ ٻين پرڳڻن ۾ “ لاڙڪاڻو ڊي “ ملھايو ويو ۽ انهي تي سنڌ توڙي ھند جي اخبارن ڏاڍو لکيو ۽ سياسي پارٽين پنهنجا موقوف بيان ڪيا.اھو 1927 ۾ واقعو ٿيو ۽ ايڏو تہ مشھور ٿيو جو “انڊين اينيوئل رجسٽر“ جھڙي اھم رسالي ۾ انهي لاڙڪاڻي واري واقعي تي مستند طريقي سان انگريزي ۾ لکيو ويو.انھي واقعي کانسواءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جيڪي وقت بہ وقت گڏجاڻيون ڪيون،فيصلا ڪيا، وقت جي سرڪار کي“ يادداشت ناما“ ڏنا اھي ھن پارٽي جي فائيل ۾ گل حيات ۾ موجود آھن، ۽ اھو مواد 150 کن صفحن کان بہ مٿي جو ٿيندو جيڪو پنهنجي جڳھہ تي ھڪ مڪمل ڪتاب آھي. 45 پارٽين تي اڪيلي ماڻھون طرفان اھڙي ريت مواد ڪڏ ڪرڻ ڪا ٻاراڻي ڳالھہ نہ آھي. ان لاءِ بابا سائين کي وقت،پئسن ۽ محنت جي قرباني ڏيڻي پئي ھوندي. غريب لوھر جي ھڪ ٻار کان قوم جي محبت ۽ خدمت ۾ اھو ئي ٿي سگھي ٿو. انهن 45 ڪتابن جيتري مواد کي ڇپرائڻ بابا جي وس جي ڳالھہ نہ ھئي. ان ڪري انهي منجهان ڪيترو ئي مواد ويب سائيٽ تي رکيو ويو آھي. ڪاش ! ساڃھہ وند ڌرين ۽ حڪومت جو ڌيان بابا سائين جي ھن ميڙيءَ چونڊي طرف وڃي.(ممتاز پٺاڻ) -
رات جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Night.[ We all believe that we are second to none in beauty, vision and wisdom. In spite of that most of us are illiterate in Human-love, trust and dedication. Love and peace is not in our hearts, minds and society. Because, Everybody believes that not others, but only he/she is fault -free, without mistakes and above limitations. Therefore , we don’t unite on common and most essential agenda of love & peace. ]ڪوتاھیون ڪمزوریون ۽ ھي جي سورن جا مذڪور،جڙیل ھر ڪنھن جئ سان ۽ آھن انھن جا سڀ کي پور،وڃڻان نہ آھن اھي ناسور، سرت سونھن سلام سواء. -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.[ Most of people in the name of ideology will dodge you and santch your independence and self-reliability. They will trap you in inferiority complex that you can’t do anything therefore you have to depend upon others. It is to make you mentally crippled as you can not utilize your talents & potentialities.Dear! To me, you are beauty & love and vision & wisdom. I love you because, you are useful for others.]نالي الک جي ٻيڙو تار پنهنجو نہ ڪر آسرو ڪنهنجو,ڪري ڪين سگهندو ڪم اوکو سواء سندء سهنجو,ٻين تي ٿو ڀاڙين نٿو پاڻ ڄاڻين وتين نعاراهڻندو,مون کي سو ئي وڻندو, جو سڀني جو بار کڻندو. -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.[ It is tragedy that neither we can speak truth, nor we accept truth. My Dear is determined not to listen truth. More tragedy is that people have nothing to do with love. Therefore, beauty, vision and wisdom are always in trouble. Hearts and minds full of hatred and discrimination can’t understand the importance of love and peace. It has put all of us in trouble.]نہ ڪي اسان ئي سچ چوڻ ۽ سمجهائڻ سکیو،نہ ئي سچ ٻڌڻ ڪي سهڻو ساجن سکیو مور،وري دنيا اهڙي جو ماڻھون محبت کان معذور,ان لاء سرت سونھن ۾ ئي پيا پسن ڏسن سور،نفرت ۾ مخمور, ڪو سمجهن نہ امن سلام کي -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.[Making requests and crying with cause to be near to you, are gifts of your love. I know that you are bound not to listen and pay heed. In spite of that, to remember you and to remind you, to project & advocate your beauty is total sum of my prayers]نہیں ہیں بے سبب یے شکایتیں،تیرے پیار کی ہیں یےعنایتیں.کچھ نہ سننا کچھ بھی نہ کہنا،یے ہی تو حسن کی ہیں عادتیں.ورد و وظائف یاد اور فریاد کے،میری بے بدل سب یے عبادتیں.جان دینا اور کچھ بھی نہ کہنا،سب عشق کے ہیں یے روایتیں.انتظاری بے قراری اور غم گذر،مجھ کو ملیں یے سب سعادتیں، -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.[ We are created as Human-beings, but some people are bent upon to convert us iinto angels. It has created differences and distance in hearts and minds and disturbed peace.These peole have no hearts, but business-oriented mind. They will offer prayers so as to get Paraside. They will only continue contact, connection and relation till their interests require it. They will commit crimes, but will not accept their faults & mistakes. But, will declare you sinfull in the same cases.Dear! Human-nature is combination of contrasts: good & bad, right & wrong, deeds & misdeeds. We can’t end and change human-nature but can moult it in the interests of society. Let us work on it and for it.]غير انسانئ کي چون انساني انسان کي چون ٿي فرشتو,مطلب کان سواء تون مون ۽ خدا سان ڪين رکن رشتو,اچ تہ بدلايون اهو سرشتو, سرت سونهن سچ سلام سان. -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.ساجن هرڪو هت سوالي پر آئون پاڻ سوالحل گهرجي هوت باقي ڪهڙو ڪيان احوالتو بن منهنجا سپرين جيئڻ ٿيو ٿي جنجالنرمل تون نگپال ٿي رکپال هن پيار پريم جو -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.[ Dear! Be, what you are. Don’t behave beyond your position. We all are equal and none of us is Mighty or Super-natural. Everybody deserves treatment at par with us. Whoever will follow self-oriented strategy, will be problem for all, including himself /herself.Dear! Be, what you are. You are love & beauty, vision & wisdom and peace. Promote it, share it and deserve it.]جڏھن ماڻهون دنيا کان ۽ پاڻ کان وڏو ٿيندو آ,پوء ماڻھپي کان صفا نڪري سو جڏوٿيندو آ,انا پرست جو سدائين سڀ سان ڦڏوٿيندو آ,اندر ڄڻ تڏو ٿيندو آ, مئل دل محبتسلام جو.