سنڌي لسانيات تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڊاڪٽر غلام علي الانا
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/سنڌي_لسانيات_تحقيقي_۽_تنقيدي_اڀياس_ڊاڪٽر_غلام_علي_الانا.pdf{/aridoc}
سنڌي لسانيات تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڊاڪٽر غلام علي الانا
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/سنڌي_لسانيات_تحقيقي_۽_تنقيدي_اڀياس_ڊاڪٽر_غلام_علي_الانا.pdf{/aridoc}
ٽماھي مھراڻ (جلد 66 نمبر 1 2)-ثمينہ ميمڻ-2016
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/ٽماھي_مھراڻ_(جلد_66_نمبر_1_2)-ثمينہ_ميمڻ-2016-صاف.pdf{/aridoc}
ٽماھي مھراڻ (جلد 58 نمبر 4)-نفيس احمد شيخ-2008
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/ٽماھي_مھراڻ_(جلد_58_نمبر_4)-نفيس_احمد_شيخ-2008-صاف.pdf{/aridoc}
ٽماھي مھراڻ (جلد 61 نمبر 1 2)-طارق عالم-2011
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/ٽماھي_مھراڻ_(جلد_61_نمبر_1_2)-طارق_عالم-2011-صاف.pdf{/aridoc}
سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، ڪھاڻيڪار تاجل بيوس 22 سيپٽمبر 1938ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، ھن جو اصل نالو تاج محمد سمون ھو، ھن اڪنامڪس ۾ ماسٽرس ڪئي ھئي، تاجل بيوس تمام سٺيون نوڪريون ڪيون، ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽري رهيو، رجسٽرار ڪمپنيز، ايڊوائزر ٽو وائس چانسلر رهيو، وغيره، پر طبيعت جو صفا سادو رهيو، تاجل بيوس جو شمار سنڌ جي چوٽيء جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس تمام گهڻي شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، ھن نثر به لکيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري)، انبن جهليو ٻور (شاعري)، سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري)، سنڌ منهنجي امان (شاعري)، ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري)، ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري)، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري)، ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو)، سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري)، صحرا ستر جن (شاعري)، تنهنجا نيڻ غزل (شاعري)، وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري)، انداز بيان اور (اردو شاعري)، ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: 9 مجموعا گڏ)، آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط)، اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)، ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون)، ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو، ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون)، چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري)، جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون)، سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا)، سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي)، انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، پکي ساڳي پار جا (شاعري)، سون سريکا چار سين (شخصيات)، گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون)، تاجل بيوس جو رسالو (شاعري)، ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) وغیرہ شامل آهن، کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ ميڊل مليا، تاجل بيوس موسيقي جو به وڏو ڄاڻو هو، بھترين ڊانسر به ھو، مون کيس موسيقي جي ھر محفل ۾ نچندي ڏٺو، تاجل بيوس 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي، کيس وصيت مطابق چوڪنڊي جي تاريخي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو..
ننڍي کنڊ جو مشهور سنڌي فنڪار ماسٽر ﭼﻨﺪﺭ 12 ڊسمبر 1907ع ڌاري ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﭠﺎﺭﻭ ﺷﺎﻩ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ، (جڏھن ته ماسٽر چندر جي پئدائش جي تاريخ ڪٿي 7 ڊسمبر ته ڪٿي 20 ڊسمبر به ڄاڻائي وئي آهي)، کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، کيس سنڌ جي ﻣﺸﻬﻮﺭ فنڪار ڀڳت ڪﻨﻮﺭ ﺭﺍﻡ کي ٻڌي ڳائڻ جو شوق ٿيو، ﭼﻨﺪﺭ سنڌ جو اھو فنڪار ھو، جنھن جو نالو جلدي ھر زبان تي مشھور ٿي ويو، ھن شاعري به ڪئي، سندس شاعري محمد يوسف سميت سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن فنڪارن ڳائي آهي، ماسٽر چندر ڪجهه فلمن لاءِ به ڳايو، ھن ورھاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي ڀارت وسائي، جتي 3 نومبر 1984ع تي وفات ڪيائين..
ديس جي جديد صحافت جي سگھاري نانءُ ،
ليکڪ صحافي شيخ عزيز جي سار
شيخ، عزيز: برک صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز، 9 ڊسمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. انٽر تائين تعليم حيدرآباد مان حاصلڪيائين، جڏهن ته گريجوئيشن ‘ٿامس ڪاليج آف جرنلزم لنڊن’ (Thomas College of Journalism London) مان 1968ع ۾ ڪيائين. هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات 1957ع ۾ روزاني ‘ڪاروان’ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي. 1958ع کان 1961ع تائين روزاني ‘عبرت’ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر رهيو. 1961ع کان 1965ع تائين ’عبرت‘ ۾ سينيئر سب ايڊيٽر رهيو. 1965ع کان 1975ع تائين ساڳي اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. 1976ع ۾ ايڊيٽر هفتيوار ‘آبزرور‘ مقرر ٿيو. 1977ع کان 1980ع تائين ايڊيٽرروزاني ‘سنڌ نيوز‘ مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روزاني ‘جنگ’ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. جڏهن ته 1982ع کان 1987ع تائين روزاني ‘حريت’ ڪراچيءَ ۾ مئگزين ايڊيٽر ۽ 1987ع کان 1989ع تائين نيوز ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏنائين. 1989ع ۾انگريزي اخبار روزاني ‘ڊان ’ ۾ سينيئر سب ايڊيٽر ۽ نائيٽ ايڊيٽر، جڏهن ته 2000ع کان 2008ع تائين ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ انچارج رهيو. پاڻ 2008ع کان 2011ع تائينسنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمئن به رهيو. شيخ عزيز جون تحقيق جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊجي سنڌي ڊڪشنريءَ جي تياري واري اسڪيم ۾ 1956ع کان 1957ع تائين ريسرچ اسسٽنٽ رهيو. ساڳين سالن ۾ هن حڪومت پاڪستان جي سنڌي اردوڊڪشنريءَ جي تياري ۾ به ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ هٿ ونڊايو. 1957ع کان 1960ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سنڌي لوڪ ادب پروجيڪٽ ۾ به ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون. 1978ع ۾ هن Rise and Fall of Writing, Studies in Human Communication موضوع تي انگريزيءَ ۾ مونوگراف لکيو. سندس تصنيفن ۾: ‘سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون’ (1960ع)، الحمرا جا داستان (1961ع)، ‘انتخاب‘ (ترتيب: سنڌي ڪهاڻيون 1963ع)، ‘نقش لطيف’ (شاهه لطيف جي زندگي ۽ شاعريءَ تي لکيل مقالا: ترتيب: 1964ع)، ‘عالمي صحافت’ (1975ع)، ‘مون لينن جو ڏيهه ڏٺو’ (سفرنامو: 1976ع)، The Tribute (2007ع)، ‘تقسيم کان تقسيم تائين’ (پاڪستان جي سياسي تاريخ: 2008ع)، Khirthar (2006ع)، ‘سندهه ڪي محلاتي داستانين’ (2009ع)، A History of Sindhi Literature (2008ع)، The Origin and Evolution of Sindhi Music (2008ع)، ‘ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ’ (2007ع)، Notes on Sindh، (2009ع)، ‘راڳساگر‘ (2004ع)، Bhutto-Memories and Remembrances (1993ع)، Preface to the Catalogue of Books (1972) ، A Compendium of the Poetry of Shah Latif in Four Languages with Appropriate Musical Narrations (2006ع)، ‘برصغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت’ (2010ع، ‘ڀٽو کان ضياءَ تائين’ (2012ع)، Musical Notes (2010ع) وغيره شامل آهن.
پاڻ 1963ع ۽ 1966ع ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، 1974ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صدر، 1978ع کان 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر، 2008ع ۾ مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو . 3000 جي لڳ ڀڳ سندس مضمون سنڌي،اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ملينيم جي حوالي سان پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل سندس مقالو ‘دي ٽريڊيشن گوز آن’ جي عنوان سانآڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ پنهنجي يادگار ڪتاب ۾ شامل ڪيو. سندس هڪ مقالو ‘عالمي غلامي’ جي عنوان سان 2003ع ۾ جانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جي حصي طور محفوظ ڪيو. موسيقيءَ جي ڄاڻو هئڻ جي حيثيت ۾ هن جا مقالا ملڪ کان ٻاهر به ڇپيا آهن. کيس سندس خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن، جهڙوڪ:
1. Silver Jubilee Award of Excellence, Sindh University1998.
2. Literary Excellence Award, University of Karachi1999.
3. Diplae Excellence Award of Journalism 2000.
4. Taraqi Pasand Literary Award 2001.
هن وقت پاڪستان جي سياسي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهي. سندس هڪ پٽ طارق عزيز شيخ ناليوارو اديب ۽ صحافي آهي .