Author: admin

  • برٽش پيرڊ جي ھڪ انگريز پرست پارٽي- امن سڀا

    برٽش پيرڊ جي ھڪ انگريز پرست پارٽي- امن سڀا

    20190117 134359
     
    “ برٽش پيرڊ جي ھڪ انگريز پرست پارٽي- امن سڀا“
    مون ڪيترن پوسٽنگس ۾ ور ور ڏئي اھا پئي ڳالھہ ڪئي آھي تہ انگريزن جي دور ۾ 45 پريشر گروپ ۽ سياسي پارٽيون سرگرم عمل ھيون ۽ جن بابت گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. اڄ  انهن منجهان ھڪ پارٽي يعني “ امن سڀا“  بابت سنگت سان ويچار ونڊيان ٿو.
    انگريزن جو تعداد تہ ٿورو ھيو پر انهن سياڻپ ڪري “ ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. انهيءَ جي آڌار تي ٿورن ماڻھن ھڪ صدي تائين گھڻن ماڻھن تي حڪمراني ڪئي.1843 ۾ نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن جو اجلاس سڏايو ۽ اھو اعلان ڪيو تہ جيڪو اچي ھن جي سلامي ڀريندو ۽ انگريز حڪومت سان وفاداريءَ جو اظھار ڪندو انهن جون جاگيرون بہ بحال ڪيون وينديون ۽ کين وڌيڪ مان مرتبو بہ ڏنو ويندو. انهي سرڪاري حڪم جي ڏنڊي اڳيان سنڌ جو مٿيون طبقو گوڏن ڀر جهڪي پيو ۽ لڳ ڀڳ سمورن نوابن توڙي جاگيردارن حاضر ٿي آڻ مڃي.ھن کان پوءِ لقب القابن ۽ آفرين نامن ڏيڻ جو رواج پيو.بدعت اھا شروع ڪئي وئي تہ ڪن ماڻھن کي ڪمشنر يا ڪليڪٽر جي آفيس ۾ وڃڻ تي ڪرسي تي ويھڻ جا اجازت ناما ڏنا ويا.
    ترڪيءَ ۽ افغانستان جي جنگين دوران سنڌ جي کوڙ سارن وڏن ماڻھن انگريزن جي حمايت ۾ اعلان ڪيا ۽ بيان ڪڍيا. اھڙن ماڻھن جا نالا سرڪاري گزيٽ ۾ ڇپبا ھئا ۽ بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) اھڙن سوين ماڻھن جا نالا گڏ ڪيا آھن جن منجهان ڪجهہ Nears and dears جي سري ھيٺ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن.
    ترڪي جي شڪست کان پوءِ ان تي جڏھن انگريز سرڪار  اتحادين سان گڏجي پنهنجي مرضي جو معاھدو مڙھيو تہ ان تي سنڌ ۽ ھند جا مسلمان چڙي پيا ۽ وڳوڙي سياست جي شروعات ٿي.جڏھن جتي ڪٿي حڪومت جي خلاف سياسي پليٽ فارمن تان باھہ ڀڙڪڻ لڳي تہ حڪومت وري“ ورھايو،ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي شروع ڪئي ۽  ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي صدارتن ۾ سنڌ جي مختلف ھنڌن تي “ امن سڀائون“ قائم ڪرايون جنهن ۾ سنڌ جي مٿئين طبقي سان واسطو رکندڙ جاگيردارن،زميدارن ۽ وڏيرن کي امن سڀائن جو عھديدار بڻايو. جن جي نالن جي  جيڪڏھن مان لسٽ ھتي ڏيان تہ منهنجي ھي پوسٽ تمام وڌي ويندي . انگريزن مولوي فضل ڪريم کي اڳيان ڪري خلافت تحريڪ ۽  عدم  تعاون تحريڪ جي مخالفت ۾ وڏو ڪم ورتو.انهي نتيجي ۾ سرڪار ھڪ فتوا جاري ڪرائي جنهن تي سنڌ جي سوين مولوين ۽ پيرن صحيون ڪيون.اھا فتوا گل حيات ۾ موجود آھي انهي فتوا جي موٽ ۾ خلافت تحريڪ جي عالمن ٻي فتوا ڪڍي جنهن تي انهن عالمن بہ صحيون ڪيون جيڪي اڳ ۾ سرڪاري مدد لاءِ نڪتل فتوا تي صحيون ڪري چڪا ھئا. 
    گل حيات اداري ۾ “ امن سڀا“ تي جيڪو مواد موجود آھي ان تي سو ڏيڍ سو صفحن جو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. امن سڀا جي مختلف شاخن جون ڪاروايون ۽ پاس ڪيل ٺھراءَ بابا سائين مختلف اخبارن مان جيئن جو تيئن نوٽ ڪري رکيا آھن.ھونئن تہ امن سڀائن جو تعداد وڏو آھي پر جيڪي وڌيڪ فعال رھيون ۽ جتي فعال رھيون انهن شھرن جو مختصر وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو : ٽنڊو محمد خان، سکر، منڇر، ميرپور خاص، نصير آباد، پڊ عيدن، رتو ديرو، روھڙي، اٻاڙو ،سڪرنڊ، ٽنڊو آدم، ٽنڊو باگو، ڳڙھي ياسين، بدين، ٻيلو، دادو، ديرو محبت، ھالا، قمبر،قاضي احمد،لاڏيون،مانجهند،ٺٽو، شڪارپور،حيدرآباد وغيره.
    مزي جي ڳالھہ ھي آھي تہ  1921 ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا  سوسائٽي عدم تعاون خلاف جوڙي وئي ان ۾ سنڌ جي وڏي نالي وارن اديبن جو بہ نالو اچي ٿو. جولاء 1930 ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن گادي نشينن۽ پيرن جي ھڪ وڏي ڪانفرنس ٿي ھئي جنهن جو مقصد پڻ سرڪار سان وفاداري ڪرڻ ۽ سرڪار خلاف ٿيندڙ سياست جي مخالفت ڪرڻ ھو.
    امن سڀا ۽ اھڙن مقصدن واري سياست واريون سوسائٽيون ۽ پارٽيون 1920 کان وٺي 1930  تائين فعال رھيون ۽ انهن بابت مواد اسان جي پيرن فقيرن، گادي نشينن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي انگريز دوستي جي انوکي ڪھاڻي آھي.اڄ مون اھڙي مواد جي ٽائيٽل پيج  جي تصوير  پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪئي. تہ جيئن پڙھندڙ اھو محسوس ڪري سگهن تہ گل حيات ادارو فقط ڳالھيون نہ ٿوڪري ۽ ڊاڙون نٿو ھڻي ليڪن سنڌ جي تاريخ جو اھو خزانو گڏ ڪيو اٿس جنهن تي اسان جي محققن ۽ تاريخ نويسن جي نظر نہ پئي آھي. مان وري بہ نون محققن کي آڇ ٿو ڏيان تہ اھي ڪنهن يونيورسٽي مان ھن موضوع تي جيڪڏھن ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندا تہ اھو مواد جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي،مان ڪنهن معاوضي وٺڻ کان سواءِ سندن حوالي ڪندس.  (ممتاز پٺاڻ)
     
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190117 WA0017
     
    Dr. Pathan wishes you Good Day. 
    [ Me and my eyes never love dreams. We believe in reality. Hence, we can’t sleep. You are reality, you are beauty and you are peace. Therefore, me and my eyes want to see you and we both are waiting for this with hope since centuries. You are listening and understanding our prays, but don’t desire to accept, response and reciprocate for no any reason and justification. Perhaps, it may be ego, hatred or discrimination. May be it is because of fear or pressure of out-dated values and traditions. But, I am not disappointed at all. Because, you are second to none not only in beauty, but in kindness and greatness.]
    خوابن بدران توکي ڏسڻ چاهين اکيون ان لاء سدا اوجاڳيل آهين, 
    تنهنجي دل جي دروازي سواء سي ڪوئي ٻيو در نہ واجهائين, 
    نازيلا او نخريلا ڏس ڏي هي دل ۽ اکيون توکي ڪيئن پرچائين؟
    اهي آسرو نہ ٿيون لاهين, تنهنجي سونهن سرت ۽ سلام مان.
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    IMG 20190116 WA0185

     

    Dr. Pathan wishes you Good Night.
    [ I am satisfied with your every kind of attitude and behavior, though, it is even against me. May you also be pleased  with my prays and requests. You are independent in all respects, but I am dependent upon your kindness. What you desire, is more important than my needs. What a amazing game is this that heart is mine but always on your side. It can’t realizes my sorrows, longings and problems like you.]
    اسان راضي تنهجئ مرضئ سان تون ٿئين شل راضي,
    هيلو وسيلو پنهنجو پرين آهي ڪرڻ تان آزي نيازي,
    اها بره بڻائي بازي,  جو دل منهنجي سدا توء در تي.

  • شام جو سلام

    شام جو سلام

    IMG 20190116 WA01642
     
    Dr.Pathan wishes you Good Evening.
    [ Dear! Neither you are any dream, nor life is dream land. Help me to get rid of figments of imagination. Help me to understand and accept Ground realities. You are an ideal with vision & wisdom. You are love & beauty and vision & wisdom. You are combination of Body and Soul. Don’t avoid to play your role. Dear! Assign Aim to my life. Interpret human values, love & beauty, sin & crime for me. I need to change myself and my society ]
    خیالن ۽ خوابن منجه ڪا خوشي ناھي،
    تون حقیقت حقیقت تو منجھ ئي آھي،
    پرین پري رھج نہ ڪي تون ٺاھ ٺاھي،
    تو بنا زندگئ جو ڪارڻ تہ ڪو ناھي،
    اچ گناھن نفرتن جون دیوارون ڊاھي،
    سچ ٻڌائي، دنیا دلین جي جوڙ جاني
  • ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت

    ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت

    20190116 150629
     
    “ ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت“
    آئون انهي نيت سان گل حيات اداري جي ميڙي چونڊي متعارف ڪرائيندو آھيان تہ جيئن ھڪ طرف مان گل حيات جي خزاني کان دوستن کي واقف ڪري سگهان ۽ ٻئي طرف بابا سائين جي تحقيق جي طريقن،ڏات ۽ ڏان بابت نون محققن کي تحقيقي طريقن ۽ موضوعن بابت نئين ڄاڻ ڏئي سگهان.
    اڄ جيڪو مون موضوع چونڊيو آھي،اھو آھي: “ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت“. ھي اھڙو موضوع آھي جنهن تي اسان جي تاريخ نويسن جو ڌيان نہ ويو آھي.پر بابا سائين انهي موضوع کي “ تحريڪ آزادي جي تحريڪ“،سنڌي صحافت جي تاريخ“ ۽ سنڌي سماج جي تاريخ“ کي جامع بڻائڻ لاء تمام ضروري ڄاتو ۽ انهي موضوع تي کوڙ سارو مواد گڏ ڪري گل حيات اداري ۾ رکيو آھي.
    تحريڪ آزادي ۾ حصي وٺڻ تي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ تي سنڌ جي ھزارين ماڻھن کي جيل جون سزائون مليون.بابا سائينءَ sorrows of Freedom Fighters  جي عنوان سان ھڪ چڱو خاصو موٽو فائيل تيار ڪيو آھي ۽ اھا معلومات اسان جي ويب سائيٽ تي بہ رکيل آھي. انھي جي سافٽ ڪاپي کان سواء هارڊ ڪاپي بہ اسان وٽ  موجود آھي. ھن مواد ۾ ڏسيو ويو آھي تہ ڪھڙي سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن کي ڪھڙي قلم ھيٺ ۽ ڪيتري سزا ملي ۽ ان جو ڪھڙي سياسي پارٽي سان واسطو ھيو.
    شخصيتن کان سواءِ سنڌ جي اخبارن ٻن ڪارڻڻ ڪري ڪيسن کي منهن ڏنو : ھڪڙو ھو تحريڪ آزادي ۾ ھٿي ڏيڻ ۽ ٻيو ھو بدناموسي لاءِ قلم کڻڻ . بابا سائين کوڙ سارين اخبارن جي اھڙي لسٽ جوڙي ورتي آھي جن تي انهي قسم جا ڪيس داخل ٿيا.ھن مواد تي مشتمل گھڻا سال اڳ“ ھلال پاڪستان“ اخبار ۾ “ اخبارن خلاف مقدما“ جي عنوان ھيٺ ھڪ مضمون لکيو ھيو جيڪو بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.پر ان کان پوءِ بابا سائين جيڪا انهي موضوع تي وڌيڪ معلومات ھٿ ڪئي آھي اھا ھارڊ ڪاپي ۾ اسان وٽ موجود آھي. الوحيد ۽ ھندواسي اخبار تي جيڪي ڪيس ھليا انهن جا فيصلا ٿيا انهن جون تفصيلي ججمينٽس اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. 
    سنڌي ماڻھن کي جيڪي سياسي بنيادن تي ڪاري پاڻئ جون سزائون مليون انهن بابت ھڪ مختصر پوسٽ گل حيات جي فائيلن مان معلومات وٺي مون لکي فيس بوڪ تي شيئر ڪئي ھئي.پر ھي پنهنجي ليکي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيق جو ٽاپڪ آھي تہ سنڌ جي ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن کي ڪاري پاڻي جي سزا ملي.
     بابا سائين ائين نت نون موضوعن جو تعارف بہ ڪريو آھي ۽ مواد بہ گڏ ڪيو آھي تہ جيئن جيڪڏھن ھو پاڻ انهن موضوعن تي مڪمل مواد ۽ معلومات گڏ نہ ڪري سگهي تہ گھٽ ۾ گھٽ تاريخ نويسن ۽ محققن جو توجه اھڙن موضوعن ڏانهن ڇڪرائي.
    بابا سائين اھڙن مقدمن ۽  ڪيسن جي لسٽ ٺاھڻ کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ڪورٽن جي لائبريرين ۾ وڃي گزيٽن ۽  دي آل انڊيا رپورٽر ۽ ٻين ذريعن وسيلن منجهان ڪجهہ ججمينٽس ھٿ ڪيون جن مان ٻن اخباري ججمينٽس جو مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آھيان. بابا سائين انهن منجهان ٻيون جيڪي ججمينٽس گڏ ڪيون آھن اھي نہ فقط دلچسپ آھن پر وڏيون اھم پڻ آھن. ھاڻي ضرورت انهي ڳالھہ  جي آھي تہ بابا سائين جي تيار ڪيل انهي ڪيسن جي انڊيڪس يا لسٽ کي ڌيان ۾ رکي سموريون ججمينٽس گڏ ڪجن  ۽ جيڪڏھن اھو ڪم مڪمل ٿي وڃي تہ ھوند سنڌ جي تاريخ جو اھم باب محفوظ ڪري سگهجي.
    گل حيات ۾ جيڪي ججمينٽس موجود آھن اھي سياسي اھميت ۽ نوعيت واريون آھن ۽ انهن مان ھڪڙئ ججمينٽ تہ ھڪ ضخيم ڪتاب جي صورت ۾ اڳ ڇپجي چڪي آھي.ھي اھو ڪيس آھي جيڪو علي برادران ۽ ٻين سنڌي ماڻھن تي ڪراچي ۾ ٿيل ھڪ جلسي ۾ سندن ڪيل  تقريرن جي ڪري ڪيو ويو ھو. 
    شھيد سورهيہ بادشاھہ تي بغاوت جو ڪيس ھليو ۽ ان لاءِ ھڪ ٽرائبيونل ٺاھيو ويو انهي ٽرائبيونل ۾ سنڌ جا اھڙا سنڌي عملدار بہ ميمبر مقرر ڪيا ويا جن اڳتي ھلي مختلف ڪارنامن جي ڪري نالو ڪمايو پر سندن نالن جي گھڻن ماڻھن کي خبر ڪانهي.انهئ ڪيس ھلڻ دوران حر تحريڪ جي خلاف انٽيليجنس رپورٽون بہ تيار ڪري ٽرائبيونل کي ڏنيون ويو ھيون ۽ حر تحريڪ خلاف نفرت پکيڙڻ لاءِ اھڙيون رپورٽون اخبارن ۽رسالن کي بہ ڏنيون ويون ھيون.انهن منجهان ھڪ اڌ جامع رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي.پير شھيد سورھيہ بادشاھہ خلاف جوڙيل ٽرائيبونل جا تفصيل انهي زماني جي“ انڊين اينيوئل رجسٽر“ نالي رسالي ۾ شايع ٿيا.  انهي رسالي جا ھر سال 2 جلد نڪرندا ھئا. محقق ڊاڪٽر عمر چنڊ کي اھڙو مواد گھربو ھيو  جنهن لاءِ ھن جڳ مشھور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي گذارش ڪئي تہ اھو مواد گل حيات مان کيس وٺي ڏئي.ڊاڪٽر بلوچ  نہ فقط ھڪ نامور محقق ھيو پر عظيم انسان بہ ھيو ۽ جڏھن لاڙڪاڻي طرف ايندو ھيو تہ گل حيات جو ڀيرو ضرور ڪندو ھيو. ھن ڀلي انسان شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ حرن بابت  اھم مواد ڊاڪٽر عمر چنڊ لاءِ گل حيات مان ورتو ھيو.
    انگريزن جي زماني ۾ 1927 ۾ ھڪ مسلمان عورت کي ھندن طرفان اغوا ڪرڻ تي لاڙڪاڻي ۾ وڏا ھنگاما ٿيا ھئا. انهي ڪيس جي رپورٽ“ انڊين اينيوئل رجسٽر“ ۾ ڇپي ھئي جيڪا پڻ گل حيات ۾ موجود آھي. 
    انگريزن جي دور ۾ سنڌ اندر کوڙ اھڙا ڪيس ھليا ۽ ٽريبونل ٺھيا ۽ فتوائون آيون جيڪي اسان جي سياست،صحافت ۽ سماج تي وڏي روشني وجهن ٿيون.ڪاش اسان جا ادارا انهي ڏانهن توجه ڏين.بحرحال ڪوتوجه ڏئي يا نہ ڏئي پر اسان جو ڪم آھي نون موضوعن کي متعارف ڪرائڻ جنهن تي گل حيات اداري پئي ڪم ڪيو آھي.( ممتاز پٺاڻ)
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190116 WA0074
     
    Dr. Pathan wishes you Good Day. 
    [ Verbal love & respect is no more than an act of dodging and humiliation. It is to be implemented and authenticated by action & reaction and response & reciprocation. If anybody is not placing love & beauty, talents & potentialities and  Self on disposal of dear, he/she is selfish, but not sincere friend /dear/ideal/leader.]  
    دائم قائم رشتا فقط روح وجود جا باقي سڀ کوٽا ۽ خالي, 
    قرب گهري قربانيون گهڻيون سي ڏئي نہ هوڏي حوالي, 
    پريت جي ريت نرالي, سا آھي ڏي-وٺ سونهن سلام جي.
  • بابا سائين جي قلمي پورھي جي ڪٿ

    بابا سائين جي قلمي پورھي جي ڪٿ

    20190115 140014
     
    “ بابا سائين جي قلمي پورھي جي ڪٿ“
    منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي شاعري ورثي ۾ ملي سندس 2 چاچا شاعر ھئا. بابا سائين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ جو آغاز تہ اڳ ۾ ڪيو پر مستقل طور تي 1980 کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ اھو ڪنهن محقق طرفان جھڙوڪ بابا جو رڪارڊ آھي تہ ھن مختصر وقفي کانسواءِ “ھلال پاڪستان“ “جاڳو“ “عوامي آواز“ “آزاد“ ۽ “ڪاوش“ ۾ ڪالم لکيا ۽ اھو سلسلو آڃا جاري آھي. ڪالمن لکندي بابا ھڪ تجربو ھي بہ ڪيو تہ ھڪ سال لاءِ ٽن اخبارن ۾ ھفتي وار ڪالم لکڻ شروع ڪيائين جن جا موضوع الڳ الڳ ھوندا ھئا. 35 سال ھفتي وار ڪالمن جو اندازو ھڻبو تہ اھي لڳ ڀڳ 1700 ڪالم ٿين ٿا ۽ انهن منجهان  100 ڪالمن تي جيڪڏھن ھڪ ڪتاب ڇپرائجي تہ اھي 17 ڪتاب ٿي سگھن ٿا.
    ڪالمن کان علاوه بابا سائين جيڪو سنڌ جي سياست، علم ادب ۽ سماج تي مواد گڏ ڪيو آھي انهن مان جيڪڏھن سندس ترتيب ڏنل ڪتابن جو ڪاٿو ڪجي تہ انهن جو تعداد ھڪ ھزار ڪتابن کان وڌي بيھي ٿو.مان ان سلسلي ۾ ھڪ اڌ مثال ڏيندو ھلان: 1. انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي گروپ ۽ پارٽيون ھيون انهن تي گل حيات ۾ ذري گھٽ 100 فائيل موجود آھن جن ۾ سياسي پارٽين جا آئين مکيہ عھديدارن ۽ ميمبرن جي زندگي جا احوال،پارٽي جون گڏجاڻيون،ڪاروايون ۽ سرگرميون شامل آھن. انهن طرفان جيڪي ٺھراءَ پاس ٿيا يا انهن جيڪي وقت جي حڪومت کي سپاس ناما ڏنا اھي انهن مان ڪيترو مواد فائيلن ۾ موجود آھي .2. انگريزن 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽  1947 ۾ پاڪستان ٺھيو انهن104  سالن تي بابا سائين ھڪ سال تي ھڪ ڪتاب تحقيقي بنيادن تي ترتيب ڏنو آھي ۽ ھڪ سال تي لڳ ڀڳ 100 صفحا ٿين ٿا .انهي قلمي پورھئي تي ٻڌل 2 ڪتاب اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن.جيڪي آھن“ سنڌ 1941 ۾“ ۽ “سنڌ 1942 ۾“. انهئ موضوع تي 100 ڪتاب بابي جي ذھن ۽ گل حيات جي فائيلن ۾ موجود آھن.اھڙي ريت 300 موضوعن تي بابا سائين سوين فائيل گڏ ڪيا آھن اھي جيڪڏھن سندس جامع مقدمن،تشريحن ۽ فوٽ نوٽس سان گڏ ڇپجن تہ انهن جو تعداد بہ 500 کن ڪتاب ٿيندو. 
    ھن وقت تائين بابا سائين جا 25 کان مٿي ٻيا ڪتاب شايع ٿيا آھن جن مان “ جو ڪيو مطالعو مون“ بہ ھڪ آھي ۽ انھي ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير سنگت سان اڄ ونڊي رھيو آھيان. ھي ڪتاب 1983 ۾ احمد آباد ،انڊيا جي“ ڪويتا ساھتيہ مالھا “ طرفان شايع ٿيو. انهي ڪتاب جو ھي پھريون ڀاڱو آھي. ڪتاب عملي تنقيد تي لکيل آھي جنهن ۾ 8 ڪتابن تي علمي تنقيد ٿيل آھي. اھي ڪتاب آھن 1. رستم (قصو) 2. ايسپ جون آکاڻيون (آکاڻيون) 3. قوم جا پوڄاري(ناٽڪ) 4. راسيلاس( ناول) 5. خوني تلوار(ناول) 6. دولت جو دوکو (ناول) 7. چندر چڪور (ناول) 8. لطيفي سئر (مضمون).
    گنگا رام سمراٽ پنهنجي دور جو ناميارو تاريخ نويس ٿي گذريو آھي. ھن “چچنامي ۽ “مھين جي دڙي“ تي پنهنجي انداز جي مگر منفرد تحقيق ڪئي آھي.انهي برجستي تاريخ نويس بابا سائين جي ڪتاب تي ڏاڍو سھڻي نموني سان تعارف لکيو آھي. ھولکي ٿو تہ “ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ،ھن تصنيف ۽ مصنف اسانجي سامھون منصف جي صورت ۾ پيش آھي. جنهن نہ فقط انهن اديبن سان انصاف ڪيو آھي جنجي لکيتن جو عرق ھن نچويو آھي،پر خود پاڻ سان بہ“ پاڻ سان“ جو مطلب تہ ھن ھندو مسلم اديبن جي ادب کي مئي- ماپي ھڪ اھڙو مرڪب ميسر ڪري ڏنو آھي جو ان جي نوش ڪرڻ سان نشو چڙھندو ضرور“.
    بابا سائين ڪنهن سرڪاري يا درٻاري اداري جو سربراھہ ڪو نہ رھيو آھي جو ڪنهن اداري کي ڏاڪڻ بڻائي پنهنجي قد بت کي اوچي ڪرڻ لاءِ ان جي ذريعن ۽ وسيلن کي ڪتب آڻي پنهنجا لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب شايع ڪرائي ھا.ھن غريب لوھر جي ٻار گل حيات اداري کي اھڙي مواد جو خزانو بڻايو آھي جيڪو ھاڻي ويب سائيٽ تي بہ رکڻ شروع ڪيو آھي. ڀلي اڄ سندس قلمي پورھي جي ڪٿ ڪرڻ محبتن يا نفرتن جي ڪري مشڪل لڳي،پر اسان سندس اولاد ھن جي علمي ۽ قلمي قد بت ۽ حيثيت جا عيني گواه آھيون. بابا سائين ڪنهن لوڀ،لالچ ۽ مڃتا لاءِ  نہ پر سنڌ جي خدمت لاء ڪم ڪيو آھي ۽ سنڌ سسن محبت جي پنهنجي ڪھاڻي لکي آھي ۽ ھميشہ لکندورھندو. ( ممتاز پٺاڻ)
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190115 WA0058
     
    Dr. Pathan wishes you Good Day. 
    [ Dear!  You are not an ordinary creation. You are love & beauty and vision & wisdom. Rise as a Sun and end the darkness of ego, hatred and discrimination. Sorrowful souls need and deserve your help, support and guidance. Everybody accepts you, accept people like me. Overlook my fauls and mistakes. Correct me with your love and beauty, please.] 
    سج ٿي اڀر سچ سرت سونهن جو جانب جهان هئ جرڪاء, 
    مٺڙن ماروئڙن کي ۽ پرين پاڻ کي پيار پاٻوه سان پرچاء, 
    رٺل جيڪي روح ڏسين رانول تن کي رازن سان ريجهاء, 
    انا نفرت ۽ متڀيد جي هئ جا باه ٻري سا تون وساء, 
    گدلا مون پارا گلي سان لاء,  ساري تون سلام چئي.
  • گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجهہ سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ.

    گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجهہ سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ.

    20190114 142148
     
    “  گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجھہ  سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ“
    اڄ وري مان ھڪ اھڙي موضوع تي پنهنجي پيارن پڙھندڙن جو توجهہ ڇڪرايان ٿو جنهن کي اسان جي تحقيق دوران بنھہ نظر انداز ڪيو ويو آھي. اھو موضوع آھي “انگريزن جي زماني ۾ ٿيل قانون سازي“.
    سنڌ انگريزن جي زماني ۾ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي پليٽ فارمس تان قانون سازي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. اھي ٻئي قانون سازيءَ جا ادارا ھئا ۽ انهن طرفان جيڪي بہ آڪٽ پاس ٿيندا ھئا تہ انهن جو انگريزي کانسواءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي سرڪاري گزيٽن ۾ شايع ڪيو ويندو ھئو .سنڌ جا مشھور ڪامورا جيڪي پوءِ ليکڪن جي حيثيت ۾ بہ ڄاتا ويا، اھي سنڌي جا ٽرانسليٽر يا مترجم ھوندا ھئا. انهن آڪٽ بہ ترجمو ڪيا ۽ ٻيو ڪيترو سرڪاري مودا بہ ترجمو ڪيو.
    بابا سائين ڊاڪٽر پٺاڻ جڏھن پي ايڇ ڊي ڪندو ھيو ۽ ڪراچي جي اسلاميہ آرٽس اينڊ ڪامرس  ڪاليج ۾ ليڪچرار ھيو تڏھن کوڙ ساريون لائبريريون ڏٺائين.بابا سائين گورنر ھائوس جي ڀرسان قائم ٿيل پرنٽنگ پريس جو ڊيپو ڏٺو تہ اتان کوڙ سارا سنڌي ۾ ترجو ٿيل آڪٽ ۽ ٻيا ڪتاب خريد ڪيائين.ھاڻي اھي آڪٽ ۽ ڪوڊ ناياب آھن ۽ ڪنهن ڪتابن جي دڪان يا ويندي وڏين لائبريرين تائين انهن جو ھجڻ شايد مشڪل ھجي. پر مان پڙھندڙن کي اھو ٻڌائيندو ھلان تہ اھو خزانو ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ قائم ٿيل ڪليڪٽرن( ھاڻي ڊي سي) جي رڪارڊ روم ۾ ضرور موجود ھوندا. گل حيات اداري ۾ بہ انهن آڪٽس ۽ ڪوڊس جو چڱو خاصو تعداد موجود آھي. اڄ جيڪا تصوير دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪئي اٿم اھو 1898 جو آڪٽ نمبر  5 آھي ۽ ان جو عنوان آھي“ سن 1898 جو ڪرمينل پروسيجر ڪوڊ “  ھي فل اسڪيپ سائيز جو ڪتاب آھي جنهن جا 426 صفحا آھن ۽ اھو A.C Green    اي سي گرين نالي سنڌي ٽرانسليٽر ترجمو ڪيو ھو ۽ اھو ڪراچي جي ڪمشنرس پرنٽنگ پريس ۾ ڇپيو ھيو. 
    انهن پراڻن ڪوڊن ۽ آڪٽس منجهان اسان کوڙ ساريون ڳالھيون سکي ۽ پڙھي سگهون ٿا. مثال طور اھي ڪھڙا عملدار ھئا جن سنڌي ترجمي جو ڪم ڪيو تہ جيئن انهن جي زندگي جا احوال گڏ ڪري تفصيل سان لکي سگهجي تہ ڪھڙي مترجم ڪھڙا ڪھڙا ڪوڊ ۽ آڪٽ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا؟.ھتي ھي ڳالھہ بہ ٻڌائيندو ھلان تہ بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 2 سال سنڌ حڪومت جي لا ڊپارٽمينٽ ۾“ انڊپينڊنٽ ٽرانسليٽر“ ٿي رھيو ۽ پنهنجي ايام ڪاري ۾ 10 سالن ۾ ٿيل قانون سازي جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيو ھيائين جيڪو لا ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي موجود ھوندو. 
    پراڻن ڪوڊس ۽ آڪٽس جي مطالعي مان اسان کي نہ فقط مترجمن جي خبر پوي ٿي پر اھا بہ ڄاڻ ملي ٿي تہ انگريز سرڪار ڪھڙن ڪھڙن موضوعن ۽ مسئلن شعبن ۽ پھلوئن تي قانون سازي ڪئي. انگريز سرڪار ھر سال جي آخر ۾ ٿيل قانون سازي جي لسٽ يا ڪيٽالاگ بہ  شايع ڪرائيندي ھئي ۽ گزيٽ ۾ نوٽيفاءَبہ ڪندي ھئي. گل حيات ۾ اھڙا ڪجهہ ڪيٽا لاگ بہ موجود آھن. 
    تاريخ جي ڄاڻو ماڻھن کي اھا خبر ھوندي تہ 1919 ۾ “ روولٽ آڪٽ“ پاس ٿيو ھيو جنهن کي “ڪارو قانون“ بہ چئبو آھي ۽ جنهن جي مخالفت ۾ سموري گڏيل ھندستان ۾ سخت رد عمل ظاھر ٿيو.“جليان والا باغ“    ۾ جرنل ڊائير سياسي جلسي تي فائرنگ ڪرائي ڪيترائي ماڻھون مارايا ھئا.اھو ايڪٽ پاس ۽ لاڳو ان ڪري ڪيو ويو تہ جيئن انگريزن خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ مخالفتن کي منهن ڏئي سگھجي، پر انهي جي برعڪس خلافت تحريڪ ھلي جنهن ھجرت تحريڪ کي جنم ڏنو ۽ ڪانگريس ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت خلاف تحريڪون ھلايون. ملڪي سياست ۾ انقلابي تبديلي آڻيندڙ اھو آڪٽ انگريزي ۽ سنڌي ۾ گل حيات اداري ۾ موجود آھي. ان کانسواءَ جيڪي آڪٽ ۽ ڪوڊ اسان جي اداري ۾ موجود آھن انهن جي مان الڳ لسٽ ٺاھي ان تي ڌار پوسٽ لکندس.( ممتاز پٺاڻ)
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    IMG 20190113 WA01701
     
    Dr. Pathan wishes you Good Night. 
    [ Love has its own traditions, values and requirements. When it enters in any heart, throws at once discrimination of all kinds out of mind. It creates such a highest unity that there remains no beloved or lover. Hence, lover becomes beloved and beloved as lover, simultaneously. Love never believes and abide by out-dated values, anti-soul & heart traditions and command by self, of others and ideologies.]
    نہ ڪو  ٿئي ٿو عاشق عشق ۾ نہ ڪو ئي محبت ڪري معشوق, 
    ذريعا بره بيپرواه جا باوثوق,اتم متڀيد عقل مت شرم کان