Author: admin

  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190122 WA00392
     
    Dr. Pathan wishes you Good Day. 
    [ Time, place and circumstances can’t stop me to wish you my best regards, love and respect. Raining is disturbing, electricity has found excuse for longest breakdown and Internet is not available. But, so what? Your beauty and my love is  hete and there.  You and me are very much connected and will remain connected for ever. I pray for your long life full of happiness, peace and love. ]
    بارش ھجي بجلي نہ هجي مٿان هجي پارو ۽ قهر جو سيارو, 
    ڀلي انٽرنيٽ بہ جواب ڏئي ڀلي وقت ڏئي نہ ڏئي جي وارو, 
    توکي ڪبو ياد قربدار ڇو جو آھين تون پرين من پيارو, 
    وٺي دعا سلام جو سهارو, در پهچبو دلبر تنهنجي ڌيان سان
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    IMG 20190121 WA0116
     
    Dr. Pathan wishes you Good Night. 
    [ Beauty without love and love without beauty are incomplete. Dear!  Don’t make it defective, because of hunting for perfect beauty or love. It is miracle of the love that it ignores mistakes and faults. Accept love so as your faults and mistakes can be ignored totally and you be accepted and trated as an ideal and second to none beautiful. ]
    نہ ڪا سونهن سون نہ ڪا چاهت چاندي, 
    اها عجب جهڙي سوچ ڪٿان تو آه آندي, 
    بره سيکاري برابري تون ڇو بڻائين باندي؟
    پيار پرين جي پيراندي,  وٺ تہ والي ٿئين.
  • شام جو سلام

    شام جو سلام

    IMG 20190121 WA0086
     
    Dr. Pathan wishes you Good Evening. 
    [ You are my only and strong protection, place of peace and protection. Therefore, I have to stay and I will stay at the door of Golden Heart for ever. The light of Day and beauty of Evening is not available anywhere, except here. Unlimited  beauty, love and kindness are easily available here. Hence, why should I leave my destination, dear.] 
    تون ڪيڏو مون لاء آسرو تون ڪيڏو سهارو 
    تو در بن ڪونهي مون لاء رستو ڪو چارو, 
    تون سهڻئ شام جيان هنن نيڻن جو نظارو, 
    نهن کان چوٽئ تائين سارو, تون سونهن سدا
  • منهنجي والد ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون

    منهنجي والد ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون

    20190121 141134
     
    “ منهنجي والد ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون“
    انسان جي ڪرمن جو حساب ڪتاب رکندڙ ٻہ فرشتا منهنجي والد جي ڪمن ۽ ڪرمن جو حساب ڪتاب لکندي،شايد گھڻي کان گهڻو اھو ئي لکندا تہ باباسائين زندگي جو وڏي کان وڏو حصو لکڻ پڙھڻ ۾ گذاريو آھي.انهي علمي ۽ قلمي دنيا ۾ بابا جا گھڻا ئي روپ آھن . جهڙوڪ شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم، نقاد، محقق ۽ تنظيم ساز وغيره.
     تنظيم سازي ۾ بابا سائين سماجي تنظيمن جوڙڻ ۽ ھلائڻ سان ابتدا ڪئي. 1965 ڌاري جڏھن پاڻ اعتبار خان چانڊئي ڳوٺ ۾ انگريزي استاد ھو تہ اتي شوڪت علي چانڊئي ۽ عبدالحق چانڊئي سان گڏجي “ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن“ ٺاھي جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري ھو. اتان بدلي ٿي جڏھن ڏوڪري ھاءِ اسڪول ۾ آيو تہ ان زماني ۾ ڳوٺ ۾ “ آريجا ويلفيئر ايسوسيئيشن“ ٺھرائيائين جنهن جو بہ پاڻ جنرل سيڪريٽري ھيو. باباسائين ڳوٺ ۾ جيڪي سماجي ڪم ڪيا انهن ۾ بئنڪ جي شاخ کولرائڻ، ڳوٺ کي ٽيليفون ۽ بجلي جي سھولت وٺي ڏيڻ،ڳوٺ ۾ فري ڪوچنگ سينٽر ھلائڻ ۽ پنهنجي پاڙي ۾ چوڪيداري سسٽم رائج ڪرڻ سندس مکيہ سماجي خدمتون ھيون. 
    باباسائينءَ 1975 ۾“ سنڌ سگھڙ سنگت“ ٺاھي جنهن لاءِ پاڻ تنهن دور جي نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ کي صدر مقرر ڪيائين. انهيءَ تنظيم سازي جي حوالي سان بابا سائينءَ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سگھڙن سان گڏجي ڪچھريون ڪرايون ۽ ڪانفرنسون ڪرايون.1981 ۾  سگھڙن جي“ آل سنڌ ڪانفرنس“ شڪارپور جي جماڻي ھال ۾ ڪيائين جنهن ۾ ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، غلام رسول ميمڻ،خليل مورياڻي ۽ سندس ٻين دوستن ساڻس سھڪار ڪيو.بابا ڪراچي جي “ گوئٽي انسٽيٽيوٽ“ ۾ بہ سگھڙن جي ھڪ ڪچھري ڪرائي ھئي.
    موجوده دور ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان ٽن شخصيتن جون خدمتون وساري نٿيون سگهجن.ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ماضي جي لوڪ ادب کي سھيڙيو ۽ ايڏو تہ وڏو ڪم ڪيو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل ٿيندو. ٻيو ھيو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو،جنهن لوڪ ادب کي لکيل پڙھيل طبقي ۾ مانوس ڪرايو ۽ لوڪ ادب جي  صنفن تي عالماڻي انداز سان لکيو. ٽيون منهنجو والد آھي جنهن وري سگهڙن ۾ تنظيم سازي ڪئي ۽ انهن جي نظرياتي تربيت ڪئي. انهي سلسلي ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ھفتي وار اخبار“ آزاد“ ۾ بابا سائين 50 کان مٿي ھفتي وار ڪالم لکيا ۽  انهن ڪالمن وارا اخباري پرچا مفت ۾ ڪيترن سگهڙن تائين پوسٽ ذريعي پھچائيندو ھيو. بابا سائين انهن جي ھمٿ افزائي ڪرڻ لاءِ ھڪ انعامي سلسلو شروع ڪري سگهڙن کي ڪنهن موضوع يا صنف تي انعامي چٽا ڀيٽي ۾شريڪ ٿيڻ لاءِ چوندو ھيو. “ رسالو ڳجهارت“ ھڪ نئين صنف طور بابا ايئن مانوس ڪرائي جنهن تي سگهڙن خوب لکيو. ھن صنف ۾ ڳجهارت جي ڀڃڻي شاھہ لطيف جي ڪنهن شعر تي ٿيندي ھئي.ان صنف کي مانوس ڪرائڻ سان فائدو اھوٿيو تہ سگهڙن لطيف کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو.
    بابا سائين سگهڙن کي منظم ڪرڻ کانسواءِ انهن کي پنهنجن ڪتابن شايع ڪرائڻ تي بہ آماده ڪيو. ھن سلسلي ۾ باباسائين اھا روايت وڌي تہ سگهڙ جي ڪتاب جي عنوان ۾ سگهڙ جو نالو بہ شامل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ 1981  ۾ بابا سگهڙ محمد ملوڪ جو جيڪو ڪتاب ترتيب ڏنو ان جو عنوان ھيو “ موتي مور ملوڪ جا“. ان کان پوءِ ٻيو ڪتاب ھن ئي سگهڙ جو بابا ترتيب ڏنو تہ ان کي عنوان ڏنائين “ موتين مٺ ملوڪ جي“. محمد لقمان سگھڙ  جو پھريون ڪتاب “ لاتيون سڻ لقمان جون“ ۽ ٻيو ڪتاب“ لال ڪڻان لقمان جا“ بہ انهئ سلسلي جون ڪڙيون آھن. تازو ھن سال سگهڙ روشن علي ڪوري جي ڪلام جو ڪتاب ڇپيو آھي جنهن جو عنوان آھي “ راز رنگ روشن جا“. 1981 کان وٺي 2019 تائين بابا سائين جي حلقي جي سگهڙن جا ڪتاب اھڙن ئي عنوانن سان ڇپيا آھن ۽ باباسائين جو جديد لوڪ ادب تي ائين گھرو اثر رھندو آيو آھي. 
    منهنجو والد آھي ان ڪري چوڻ ۾ ڪيٻايان ٿو. ھونئن نہ تہ ھن شخص جيڪي لوڪ ادب جون خدمتون ڪيون آھن ۽ سگھڙن جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪئي ان تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. ھي عجب ڳالھہ آھي يا اھم ڳالھہ آھي جو بابا سائين سگهڙ محمد ملوڪ تي جيڪو 1981 ۾ ڪتاب لکيو ھيو اھو بابا جي زندگي ۾ ئي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب ٻيو ڇاپو ترتيب ڏنو جيڪو ثقافت کاتي شايع ڪرايو.(ممتاز پٺاڻ)
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    textgram 1547999777
     
    Dr. Pathan wishes you Good Night. 
    [Because of Love and respect with sincerity and dedication,  I have seen so many lovers, not on the door, but in the heart of their dear ideals. It is miracle of love that always  amalgamates love and beauty in a such a way that it becomes difficult to differentiate between lover and bolved. It is not narration, but experience. Peep into golden heart of my dear, you will find me very much there.]
    در پهچايو دوست جي مون کي بره بڻايو بختور, 
    جڏھن ٻولي ٻوليم پيار جي بڻجي ويس سخنور, 
    ڪندي سندن سونهن امر, اٿم پڪ گهڻي پرين ۾.
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190120 WA0038
     
    Dr. Pathan wishes you Good Day. 
    [ People with Golden Heart will response and reciprocate love and respect timely and accordingly. But, most of people will react adversely with aim to give tough time. Make them your dream, keep them in your heart and eyes, but you will not be allowed to knock the door of their hearts. 
    My Dear!  You are very different for all people. Though, you are difficult, but not indifferent. Therefore, my love is protected by your beauty and I am beautified by your kindness, vision and wisdom, properly.]
    ڪي سارڻ تي سارن ڪي تان ويتر وسارن, 
    ڪي تہ ماري موت کي مئن منن کي جيارن, 
    ڪي وهارن دل ۾ ڪي در تان تڙي ڌڪارن, 
    ڪي نفرت رکن نينهن سان ممڻ گهڻو ٻارن, 
    پر ڪٿ تو جيان نهارن؟ سونهن سلام سان.
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190119 WA0054
     
    Dr. Pathan wishes you Good Day. 
    [ When you are asked, not to ask, it means you are required to be follower with blind faith. Don’t be target of great ideological, social and emotional exploitation. Don’t allow anybody to misuse your sincerity and silence. You are born with a great task. Study I and understand  your Self, be aware of your beauty & love, vision & wisdom and imagine about your talents and potentialities. Play your part as an ideal and role model. Let people follow you as I am following you. Neither you are slave, nor subject. But, an essential and integrated part of this Universe, even Universe yourself.] 
    پڇندين نہ منجهندين پڇ هي دل دنيا دين آھن ڇو ۽ ڇا لاء؟
    ڪير تون آهين ڇو آيو آھين هن مانڊاڻ ۾ ٿي ڪهڙي جاء؟
    حق آ تنهنجو ڄاڻ سموري خاموش نہ رھ پاڻ نہ منجهاء, 
    پاڻ ٿي پنهنجو هادي رهبر  منجهيل سٽ پاڻ ئئي سلجهاء, 
    پوء پنهنجي سپنن سوچن لوچن کي پاڻ کڻي سمجهاء, 
    پوء ڪو مچ مچاء, پنهنجئ سرت سونهن جو سلام سان.
  • ڪونھي مڃتا سان مطلب

    ڪونھي مڃتا سان مطلب

    20190118 134330
     
    “ ڪونھي مڃتا سان مطلب“ 
    ڪنهن بزرگ جو چوڻ آھي تہ جنهن سان نيڪي ڪيو انهي جي شر کان بچو.اھا انسان جي عجيب فطرت آھي تہ ھو خدمت ۽ محبت جي موٽ ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ انداز سان ڏيندو آھي .پر نيڪي،چڱائي،خدمت ۽ محبت ڪرڻ وارا انهيءَ کي نہ ڏسندا آھن تہ سندن عمل جي موٽ ڪھڙي ٿي ملي مون بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) کي ھن اصول مطابق سنڌ جي تحقيقي خدمت ڪندي ۽ سنڌ سان محبت ڪندي ڏٺو آھي .سندس انهي بي نيازي ۽ پنهنجي ڪم ۾ مگهن رھڻ جي اھڙي موٽ بہ ڏٺي آھي جنهن جيڪڏھن بابا سائين جي نہ تہ اسان جي ڳاٽ اوچي ڪرڻ جو سبب بڻي آھي. مثال طور ڪٿي نيڌرلينڊ ۽ ڪٿي خير محمد آريجا؟ نيڌرلينڊ ۾ دنيا جي منفرد ۽ مثالي آرڪائيوز قائم ٿيل آھي ۽ انهي اداري جو نالو آھي“ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار سوشل ھسٽري“. انهي اداري جي انتظاميا کي جڏھن گل حيات اداري جي خبر پئي تہ اتان جي“ ايشيائي ڊپارٽمينٽ“ جي ڊائريڪٽر آگسٽ 1998 ۾ گل حيات جو دورو ڪيو ھو جڏھن آريجن ۾ پھتو تہ ڪن مھربان شاھينگن اداري جو بجلي ڪنيڪشن ڪٽرائي ڇڏيو. ھن قھر جي گرمي ۾ ٻہ ٽي ڏينهن گل حيات ۾ گذاريا ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ درخواست لکي گذارش ڪئي تہ گل حيات ۽ سندس اداري وچ ۾ الحاق ٿيڻ گهرجي.مان سمجهان ٿو تہ اھا اسان جي لاءِ وڏي مڃتا آھي تہ دنيا جو ھڪ وڏو ادارو گل حيات اداري کي الحاق ڪرڻ جي درخواست ڏي.انهي پرڏيھي مھمان سرڪار کي خط لکي بڇڙو ڪيو تہ “ مان نيڌرلينڊ مان گل حيات ڏسڻ آيو آھيان ۽ اھو ٻڌي افسوس ٿيوتہ ھتان جي سرڪار کي اھا خبر ڪانهي تہ ھڪڙو ماڻھون ڪا ڪنڊ وٺي ڪيڏو نہ وڏو ڪم ڪري ٿو.“ انهي خط ملڻ کان پوءِ سنڌ جي گورنر گل حيات جو دورو ڪيو. ان زماني ۾ گورنر يونيورسٽين جو  چانسلر بہ ھوندو ھو.سنڌ جي انهئ گورنر سنڌ جي ڪن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي تاڪيد ڪيو تہ اھي گل حيات اداري کي ضرور ڏسن.ان ڪري ڪن وائيس چانسلرن موقعي جي مناسبت سان گل حيات ادارو ڏٺو.
    گل حيات جڏھن دنيا ۾ نالو ڪمائڻ شروع ڪيو تہ بابا سائين جي سورن جي مذڪورن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ھڪ طرف غربت ۽ ٻئي طرف اجائي ڇتي مخالفت. بابا سائين کي گل حيات جي ميڙي چونڊي کپائڻ تي مجبور  ڪيو ۽ ائين ڪرڻ کانسواءِ بابا لاءِ ٻيو ڪو چارو نہ ھيو.بابا سائين نہ فقط گل حيات جي ميڙي چونڊي کپائي پر ڳوٺ بہ ڇڏي وڃي ڪراچي ڀيڙو ٿيو. پر مون ۽ منهنجي ڀاءُ  گل حيات جي ٻئي جنم لاءِ ڪوشش ڪئي .پورا پنج سال مون محنت ڪئي گل حيات جي عمارت جي ٻيھر  مرمت ڪرائي . ڪتابن ۽ مواد جي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ انهي دوران بابا سائين ڪراچي ۾ جڳھہ خريد ڪري گل حيات جو اتي ڪم شروع ڪرڻ شروع ڪيو. پر 8 مھينا اڳ اسان سندس اولاد وٽس وڃي ڳوٺ موٽي اچڻ جي گذارش ڪئي .ھو جڏھن ھتي پھتو تہ اسان جي محنت ۽ محبت ڏسي ڪراچي موٽڻ جو خيال ڇڏيائين ۽ ھاڻي اسان سندس ساٿي بڻجي گل حيات جي ٻئي جنم ۾ ھنجي سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ  واري عشق ۾ ساٿ ڏئي رھيا آھيون. 
    انهن 6 سالن ۾ اسان گل حيات کي انهي موڙ تي پهچائي چڪا آھيون جنهن جا احوال ۽ ان جي ميڙي چونڊي جي معلومات مان ھنن پوسٽن ذريعي دوستن تائين پھچائيان ٿو. اسان کي فخر آھي تہ اسان جو والد برٽش پيرڊ ۽ موجوده دور جي سنڌ جي تاريخ جو حافظ بہ آھي تہ محاظ بہ آھي. سندس ڪم جي طريقي ۽ ڏان جو اندازو دوستن کي منهنجي پوسٽس مان معلوم ٿيندو ھوندو. 
    وري آئون پنهنجي موضوع تي موٽي اچان ٿو ۽ عنوان ورجائيان ٿو تہ  بابي ۽ اسان ۽ اسان جي گل حيات ڪنهن مڃتا ۽ معاوضي کانسواءِ سنڌ جي تاريخ تي تحقيق بہ ڪئي آھي ۽ مواد بہ گڏ ڪيو آھي.ان کانسواءِ ڪيترن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن ۽ ٻين محققن جي مواد ۽ معلومات ۽ تحقيقي رھنمائي ڪرڻ ۾   مدد بہ ڪري رھيا آھيون.قدرت طرفان اسان جي ھمٿ افزائي لاءِ ڪن ماڻھن جي روحن ۾ رحم بہ پيدا ٿئي ٿو جيڪي اسان جي حوصلي افزائي ۽ ھمٿ افزائي جو ڪارڻ ٿئي ٿو.مثال طور ھڪ دفعي“ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن“ پنهنجي چٽاڀيٽئ واري تحريري امتحان لاءِ ڪڍيل“ ڪوئسچن پيپر “ ۾ گل حيات بابت بہ سوال پڇيو ھيو. اھڙي نموني سنڌجي پياري بلڪ مکڻ شاعر مرحوم تاجل بيوس ڏانھنس آيل خطن کي ميڙي “آريجن کان الھاس نگر“  جي عنوان سان ڪتاب ڇپرايو.ھن ڀلي انسان انهي ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي گل حيات اداري جي تصوير بہ ڏني ھئي. اڄ مان اھا تصوير پنهنجي پيارن پڙھندڙن سان ونڊي رھيو آھيان. 
    مان اڪثر ڪري ھن قسم جي ھر ھڪ پوسٽ جي پڄاڻي انهي آڇ سان ڪندوآھيان  تہ گل حيات ادارو اڻ ٻڌايل  سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ جو خزانو آھي يونيورسٽيون سوشل سائنسز ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد ۽ محقق ھن اداري جي ميڙي چونڊي مان فائدو وٺن. اسان ڪنهن لوڀ ۽ لالچ کانسواءِ انهن سان تعاون ڪنداسين. ھن اداري مان باقي دنيا ڀرپور فائدو وٺي ٿي.مثال طور اسان 4 سال کن اڳ ويب سائيٽ ٺھرائي جنهن کي 8 لک ماڻھون ڏسي ۽ پڙھي چڪا آھن ۽اي ميلن ذريعي گل حيات مان وڌيڪ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اھي اي ميلون اسان انٽرنيٽ گروپن تي بہ رکندا آھيون. جڏھن دنيا گل حيات مان فائدو وٺي ٿي تہ پوءِ ڌرتي-ڌڻين کي بہ اسان جي خدمتن ۽ محبتن مان پنهنجو لاڀ وٺڻ گهرجي.(ممتاز پٺاڻ)
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    textgram 1547782841
     
    Dr. Pathan wishes you Good Day. 
    [ Dear!  I am witness to your greatness. You are source of beauty & love and vision & wisdom. You have wonderful way how to accept and respect people like me without any kind of discrimination. Whoever is near to you my dear is superior to me in all respects. Shower of your beauty, beautiful vision and shadow of wisdom give life to dead. 
    Kowing and understanding all this, how I can leave your door? It is impossible. With the support of my sincerity, trust and sacrifice, I will be always there to wait for more and more kindness.]
    سرت جو سونهن جو تون آھين عجب آبشار, 
     پريت جي ريت جو بره جو تون آھين بهار, 
    بي مثل تنهنجي دامن جو دل جو آهي پار, 
    چوڏھن طبق روشن ٿين جي ڪرين اقرار, 
    ايندو تنهنجي اڱڻ مٿي هي بره-وند بار بار, 
    هڪ نہ پر هزار, ڪندو سر قربان سلام سان. 
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    IMG 20190117 WA0134
     
    Dr. Pathan wishes you Good Night. 
    [ If anybody needs protection and safety, he/she must surrender before beauty & love. It will be totally bad luck and self-dodging to turn face and not to accept & respect love & beauty as basic requirements of human -instincts, values and nature. Once beauty & love are find and recognized, they must be honored and pleased, otherwise, one should fight with self and revisit strategy in this regard. 
    You are beauty & love, vision & wisdom and peace & protection. I can’t afford to miss you. I will please you with my sincerity and sacrifice, my dear. Because, I need you, protection and safety.]
    خير انهئ ۾ آھ تہ پرين جي اڳيان غير مشروط جهڪي پئجي, 
    انڌير ان ۾ آھ تہ سونهن ڏسي ان کان منهن مٽي اٿي پئجي, 
    پرين پرچائي نہ سگهجي تان پوء پاڻ سان صفا رسي پئجي, 
    نهن کان چوٽئ تائين پسي پئجي,جي هو بره جي بارش ٿين.