Author: admin

  • شام جو سلام

    شام جو سلام

    IMG 20190123 WA0178
    Good Evening
    Trio of Dear, Heart and Society will do as desired by them, but not as needed by you. Neither they will listen your cries, nor they will minimize your sorrows & longings.As they are deaf and cannot speak. It is their cruelty and credibility ]
    ھلائن مرضي ھو پنھنجي : دل، دنیا ۽ جو دلبر،
    سٹن نہ سور ڏین نہ درمل، رکن بند سدائین در،
    جیئن گونگا ھجن ٻوڙا، تن تي دانهن جو نہ اثر،
    سندن اھو ظلم زھر،مان میساریان پیو سلام سان.
  • منهنجي باباسائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جا چاچا

    منهنجي باباسائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جا چاچا

     
    20190122 141623
    “منهنجي باباسائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جا چاچا“
    “پدرم سلطان بود“ مصداق مونکي پنهنجو خاندان پڏائڻو ڪونهي. پر وڏڙن جون ڪي ڳالھيون ٻڌائڻ سان اسان جي گل حيات جي پس منظر کي سمجھڻ ۾ مدد ملندي.
    تڙڏاڏي کان اسان جي وڏڙن لوھارڪو ڌنڌو ڪيو ۽ ان ۾ اھڙي تہ مھارت حاصل ڪيائون جو اسان ذات بدران انهيءَ ڌنڌي جي ڪري لوھر مشھور ٿيا سين . ڌنڌو ذات نہ ٿيندي آهي پر اسان کي لوھر سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿيندو آھي.اسان جا وڏا پورھيت ھيا ۽ اسان پورھيتن جو اولاد آھيون.پنجن پيڙھين کان وٺي سواءِ گهر جي اسان جي ٻي ڪنهن بہ قسم جي ملڪيت ڪونهي.نہ ٻني نہ ٻارو نہ بئنڪ بيلنس يا ڌراوت.آڻيون ۽ چاڙھيون ۽ موجون ماڻيون. “ الڪاسب حبيب اللہ“ ئي اسان لاءِ وڏو اعزاز آھي.“جنهن جو رب تنهنجو سڀ“.
    اسان جي غريب ۽ پورھيت خاندان ۾ شاھدين سميت اھا ڳالھہ موجود آھي تہ منهنجو پڙڏاڏو حاجي خدابخش پٺاڻ تحريڪ آزادي ۾ حصو ورتو ۽ وڏن خلافتي اڳواڻن سان سندس ويجھڙائي ھئي . ھن کي اللہ تعالى 4 پٽ ڏنا جن مان ھڪ پٽ حاجي گل محمد پٺاڻ منهنجو ڏاڏو ٿئي.ڏاڏي جي 3 ڀائرن يعني بابا سائين جي ٽن چاچن جا نالا ھئا نور محمد پٺاڻ،درمحمد پٺاڻ ۽ حبيب اللہ پٺاڻ. انهن کي 2 ڀينرون بہ ھيون.
     بابا سائين جو چاچو درمحمد جواني ۾ وفات ڪري ويو  تہ سندس نالو بابا سائين تي رکيو ويو ڇو تہ انهي جي فوتي کان پوءِ جيڪو خاندان ۾ پٽ ڄائو اھو منهنجو والد ھيو ۽ انهي تي ئي درمحمد نالو رکيو ويو.
    اسان جي خاندان ۾ جانورن جي حڪمت منهنجي ڏاڏي حياتي تائين رھي . سندس والد حاجي خدابخش جانورن جي حڪمت ۾ وڏي مھارت رکندو ھو ھن ڪيترا ڪتاب انهي موضوع تي ترجمو ڪيا ۽ اھي ملان ابڙا ڳوٺ جي ڪاتبن کان لکرايا انهن مان ھڪ اڌ  گهوڙن جي طب تي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.پڙ ڏاڏي وٽ قلمي قرآن ۽ ٻيا مذھبي ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود ھيا جيڪي منهنجي والد ۽ چاچن پاڻ ڏٺا ۽ انهن مان قلمي قرآن جي ٻيھر بٽر پيپرن ۾ بائينڊنگ ڪرائي بابا سائين گل حيات ۾ رکيو آھي. بابا سائين جو وڏو چاچو نورمحمد وري وڏو مشھور حڪيم ھيو. ھن پنهنجي حڪمت بابت جيڪي ھينڊ بل ۽ پمفليٽ ڇپرايا انهن مان ھڪ جي تصوير پيارن پڙھندڙن سان شيئر ڪري رھيو آھيان .ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي بابا سائين سان مرحوم نورمحمد جي حڪمت ۽ “طبقاتي شعور“ جون ڳالھيون ڪندو ھو جيڪي ننڍڙائپ ۾ مون بہ ٻڌيون.ڪامريڊ سوڀو بابا کي چوندو ھيو تہ “ تون نور محمد جو ڀائيٽيو آھين ۽ تو ۾ خدداري ۽ بھادري ان جھڙي آھي“ .مونکي ياد آھي تہ ڪامريڊ سوڀي ھڪ دفعي ٻڌايو ھو تہ “ مرحوم نور محمد پٺاڻ وڏيرن جي ڪاڻ ڪو نہ ڪڍندو ھو. ان ڪري ھڪ اگري وڏيري جي چوڻ ۽ ڊپ ۾ ساڻس ڪيترو وقت ھجمن ۽ دڪاندارن سوشل بائيڪاٽ ڪيو پر ھو پوءِ بہ آڻ مڃڻ لاءِ تيار نہ ٿيو.“ مرحوم نور محمد کان پوءِ حڪمت سندس ننڍي ڀاءُ حبيب اللہ پٺاڻ کي ورثي ۾ ملي.
    بابا جو چاچو جنهن جو نالو مٿس رکيو ويو اھو پنهنجي دور جو وڏو مقامي شاعر ھيو.مولانا ثناءُ اللہ ثنائي ۽ مولانا غلام رسول جتوئي سندس ھم عصر ۽ دوست شاعر ھئا.ھن جيڪا شاعري ڪئي اھا ڪتابي ۽ قلمي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي ۽ منهنجي چاچي امير بخش پٺاڻ شاھہ لطيف يونيورسٽي مان ايم اي ڪرڻ وقت سندس زندگي جي احوال ۽ شاعرئ تي مونو گراف لکيو ھيو جنهن جي ھڪ ڪاپي گل حيات ۾ بہ موجود آھي.
    مرحوم حبيب اللہ پٺاڻ تعليم کاتي ۾ استاد ٿي رھيو. حڪمت ۽ شاعري کيس ورثي ۾ ملي ۽ ان کان سواءِ دعا تعويذ لکڻ ۾ مشھور ھيو.مرحوم رمل تي ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو شڪارپور جي “ محمد عظيم اينڊ سنز“ ڪتب فروش ڇپرايو ھيو.
    اسان جو ڏاڏو حاجي گل محمد پٺاڻ طب ۽ لوھارڪي ڌنڌي ۾ دلچسپي ورتي ۽ ٻنهي ۾ مھارت حاصل ڪيائين. پاڻ فقط پرائمري جا ڪجهہ درجا پاس ٿيل ھو پر پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪا سستي نہ ڪيائين. غريب لوھر خاندان ھئڻ ڪري ڏاڏي پنهنجي چئني پٽن يعني شفيع محمد،شير محمد،درمحمد ۽ امير بخش کي اوترو پڙھايو جيترو ھو سندن تعليمي خرچ برداشت ڪري سگهيو . مرحوم چاچا شفيع محمد فائنل پاس ڪري استاد ٿيو پر پوءِ ڏاڏي سان گڏجي لوھارڪي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تان استعيفا ڏيڻي پئي. ڏاڏي باقي پنهنجي ٽن پٽن کي مئٽرڪ تائين پڙھايو .انهن مان منهنجي والد نوڪري بہ ڪئي ۽ گھر ويٺي پي ايڇ ڊي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوزيشنيون بہ کنيائين. بابا درمحمد ۽ منهنجا 2 چاچا تعليم کاتي ۾ ئي استاد ٿي رھيا ۽ اتان رٽائرمينٽ ورتائون. بابا سائين جڏھن پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيق ڪندو ھو ۽ ھن جيڪي ڏک ڏاکڙا ۽  تڪليفون ڏٺيون تہ پاڻ پڪوپھہ ڪيائين تہ ڪو اھڙو ادارو ٺاھي جيڪو نون محققن جي مواد ۽ معلومات ڏيڻ ۾ بہ مدد ڪري ۽ تحقيقي طريقن ۾ انهن جي رھنمائي بہ ڪري. گل حيات ادارو انهي پس منظر ۾ آگسٽ 1990 ۾ بابا سائين قائم ڪيو ۽ پنهنجي پيءُ گل محمد ۽ ماءُ حيات خاتون جي نالن پٺيان ان کي “گل حيات“ جو نالو ڏنائين.
    خوشي جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھن لوھر جي ٻار پاڻ تہ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي مان ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ تعليم تہ نہ ورتي پر امتحانن ۾ پوزيشنيون کنيائين ۽ ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جي استادن کي پي ايڇ ڊيون ڪرايائين.بابا جو اھو رڪارڊ مشڪل سان ئي ڪوئي ٽوڙي سگهي ٿو تہ پاڻ پيءُ سان گڏ ان جي پٽ کي بہ پي ايڇ ڊي ڪرائي ۽ ڪنهن استاد سان گڏ ان جي شاگرد کي بہ پي ايڇ ڊي يا ايم فل ۾ مدد ڪئي. ھي بہ ڳالھ ڳڻڻ جھڙي آھي تہ بابا سائين “سنڌي“ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي پر سنڌي کانسواءِ ٻين سبجيڪٽس ۾  ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيون ڪرايون.اھا بہ اعزاز جي ڳالھہ آھي تہ بابا جا ڪتاب نہ فقط سنڌ ۾ پر ھند ۾ بہ ڇپيا آھن اڄ مون بابا جي چاچن جو ذڪر ڪندي ڪنهن حد تائين گل حيات اداري جي پس منظر تي روشني
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    textgram 1548172492
     
    Dr. Pathan wishes you Good Night. 
    [ You are second to none in kindness and greatness. You are a complete universe in yourself. Your beauty is beyond imagination. Your vision is vast and your wisdom is wide. You never ignore, but accept along with all faults, mistakes and limitations. That is the reason, you are my unprecedented ideal.]
    دل درياه دامن دنيا جانب تنهنجي جهولي جيئن سارو جهان, 
    تنهنجو قرب قرارو تنهنجي محبت محيط ڌرتئ کان آسمان, 
    سو روح نہ رلي رڻ ۾ جنهن جو تون تئين ٿو کڻي قدردان, 
    ان لاء آھيان مان مستان,  تنهنجئ سرت  سونهن تي سپرين.
  • شام جو سلام

    شام جو سلام

    textgram 1548156770
     
    Dr.Pathan wishes you Good Evening.
    [Whoever is in complex that he/she is an angel, will treat and term others as sinful souls. He/ She will be promoter of hatred & discrimination, will be high-risk for beauty & love and peace & progress. Dear! None of us is Supper natural. But, we all are equal in all respects. We can make mistakes and we can set trends in sincerity, sacrifice, and selfless love. Dear! Trust, accept and respect everybody, you will get love and peace in return ]
    جو جو فرشتو سمجھي پاڻ کي،
    سو سمجھي باقي سڀ حيوان،
    سندس عقل علم ساڃھ صورت تي
    جيڏو بہ ڪجي سو گهٽ ارمان،
    اھو اصلي ناھي ڪو خانئ خان,
    پر نقصان سرت سونهن سلام لاء
  • سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ

    سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ

    20190122 142205

    “ سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ“
    تحقيق ڪرڻ وقت مواد ۽ معلومات جا مختلف ذريعا استعمال ڪيا ويندا آھن. سنڌ ۾ صورتحال اھا آھي تہ جن وٽ موضوع تي ڪا ڄاڻ آھي تہ انهيءَ کان وڌيڪ اھڙن گهڻن ماڻھن ۾ بخل ۽ بي فياضي گھڻي آھي . ان ڪري محقق کي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. ھن وقت تحقيق ائين ٿي ٿئي تہ ڪي 11  ڪتاب پڙھي انهن منجهان 12 ڪتاب جوڙيو وڃي ٿو.ڪيتري وقت تائين تہ اخبارن ۽ رسالن کي تحقيق لاءِ معلوماتي ذريعي طور گهٽ استعمال ڪيو ويو پر ھاڻي انهن مان ڪنهن حد تائين استفادو ڪيو وڃي ٿو .انهي ڳالھہ جي ضرورت آھي تہ ايم فل يا پي ايڇ ڊي لاء تحقيق ڪرڻ کان اڳ ۾ جيڪا شاگردن جي“ تحقيقي تربيت“ ڪئي وڃي ٿي،ان ۾ ھڪ وڌيڪ موضوع ۽ سبجيڪٽ اھو بہ رکيو وڃي تہ تحقيق لاءِ مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جا ڪھڙا ذريعا آھن. “سرڪاري رپورٽون“  تاريخي تحقيق لاءِ مواد ۽ معلومات جو اھم ذريعو ٿينديون آھن جن کي اسان جا ڪيترا محقق ڪتب نٿا آڻن.
    گل حيات ۾ بابا سائين( ڊاڪٽر پٺاڻ) کوڙ ساريون “سرڪاري رپورٽون“ گڏ ڪيون آھن جيڪي ٽن قسمن جون آھن ھڪڙيون انٽيليجنس ۽ ٻين ادارن جون مخفي رپورٽون آھن جيڪي بالا آفيسرن ۽ عملدارن لاءِ لکيون ويون. مثال طور حر تحريڪ ۽ سندن روحاني رھبر سورھيہ بادشاھہ بابت مخفي رپورٽون. انگريزن جي دور ۾ سياسي تحريڪن تي نظر رکڻ لاءِ ھر ھڪ ضلعي مان اھڙيون رپورٽون گهرايون وينديون ھيون ۽ اھي ڪليڪٽرن جي دفترن ۾ بہ ھر حالت ۾ موجود ھونديون.
    ٻئي قسم جون سرڪاري رپورٽون کاتن بابت آھن. انگريزن جي دور ۾ ھرڪو ڊپارٽمينٽ پنهنجي سالياني ڪارڪردگي تي رپورٽ شايع ڪرائيندو ھيو ۽ انهن مان تہ ڪي 100 ڏيڍ صفحن تي ھونديون ھيون. گل حيات اداري ۾ مختلف ڊپارٽمينٽس جون کوڙ ساريون ڇپيل ساليانيون رپورٽون موجود آھن.
    ڪن واقعن ۽ مسئلن تي بہ سرڪار ڪا ڪاميٽي يا ڪميشن جوڙي رپورٽ وٺندي ھئي،جيڪا پوءِ ڪتاب جي صورت ۾ ڇپبي ھئي. مثال طور “لاپي ۽ رسائي بابت ڪميشن رپورٽ“ “مسجد منزل گاه بابت انڪوائري رپورٽ“ “ڪراچي ۾ غازي عبدالقيوم جي جنازي کڻندڙ جلسي تي  فائرنگ ڪرڻ تي رپورٽ“،“سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ بابت ڪاميٽي جي رپورٽ“، “سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان پوءِ نئين انتظامي سيٽ اپ بابت رپورٽ“ ۽ “ھارين جي حالتن سڌارڻ بابت سر راجر ٿامس جي سربراھيءَ ۾ قائم ڪيل ڪاميٽئ جي رپورٽ“   
    .موم اھي چند رپورٽون پڙھندڙن اڳيان پيش ڪيون آھن.ھونئن نہ تہ انهن جو تعداد سون ۾ آھي ۽ گل حيات ۾ بہ چڱيون خاصيون موجود آھن. انهن ٽنهين قسمن جي رپورٽن تي جيڪڏھن مان نالو رکان تہ اھي ٿينديون 1 .“مخفي رپورٽون“،2 “ ڊپارٽمينٽل رپورٽون“3. “واقعاتي رپورٽون“ . 
    جيئن مون عرض ڪيو تہ اھي رپورٽون جامع ھيون ۽ ضخيم ڪتابن جي روپ ۾ موجود آھن. مثال طور ھارين بابت سر راجر ٿامس جي سربراھي ۾ جيڪا رپورٽ تيار ٿي ۽  ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي اھا 300 صفحن تي ٻڌل آھي.
    مان گل حيات ۾ موجود سمورن رپورٽن جا تفصيل تہ ڏئي نٿو سگهان پر سر راجر ٿامس واري رپورٽ تي ٿورا تفصيل ڏيندس.
    اھا ڪاميٽي 23 مارچ 1947 تي جاري ڪيل ھڪ سرڪاري ٺھراءَ جي نتيجي ۾ ٺاھي وئي جنهن جو سرباراھہ  سر راجر ٿامس ھو جيڪو سنڌ سرڪار جو زرعي صلاحڪار ھيو  ان جو ھڪ ميمبر ايم- مسعود ھو   جيڪو ان وقت نوابشاھہ جو ڪليڪٽر ھيو. ڪاميٽي جو ٻيو ميمبر صديقي ھو جيڪو انڪمبرڊ اسٽيٽس ۽ ڪورٽ آف وار ڊس جو مئنيجر ھو.ھن ڪاميٽي جي ذمي اھو ڪم رکيوويو تہ ھارين جي پڪاريل اھنجن بابت جاچ ڪري.اھڙن اُپائن جي سفارش ڪري جن سان ھارين جي زندگي جو معيار بلند ٿئي ۽ اھڙيون تجويزون ڏئي تہ جيئن زميندارن جي حقن جي حفاظت بہ ڪري سگهجي. ھن رپورٽ بابت وڏو چوٻول ٿيو سنڌ ھاري ڪاميٽي پنهنجي گڏجاڻين ۾ ٺھراءُ پاس ڪري انهيءَ رپورٽ کي رد ڪيو.ھن رپورٽ جي ھارين،زميندارن ۽ زراعت کان سواءِ ھڪ سماجي مطالعي جي بہ اھميت آھي .ان ڪري اھا انهي دور جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ڊاڪيو مينٽ آھي.
    مون “ رسائي ۽  لاپو ڪميشن رپورٽ“ جو نالو بہ ھن پوسٽ جي شروعات ۾ ورتو آھي ۽  انهي تي ڪجھہ ڏينھن اڳ ھڪ الڳ پوسٽ بہ شيئر ڪري چڪو آھيان. پر ھتي انهي ڳالھہ جي نشاندھي ڪرائيندو ھلان تہ انهي ڪميشن سنڌ جي مکيہ ضلعن ۾ وڃي وڏيرن ۽ ڪامورن کان پنهنجي سوال نامي جي پوئواري ۾ انٽرويو ڪيا ھئا. سنڌ جي تنهن دور جي  زميندارن جي  لسٽ ٺاھجي تہ انهن جا نالا انهي رپورٽ ۾ موجود آھن  ۽ اھي سرڪاري عملدارن کي راضي ڪرڻ لاءَ  ڇا ڇا ڏيندا ھيا ۽ انهن تائين پنهنجي رسائي ڪيئن ڪندا ھئا اھي سڀ تفصيل “لاپي ۽  رسائي واري رپورٽ“ ۾ موجود آھن .اھا ڪميشن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان سرڪار قائم ڪئي ھئي. 
    ھي لائبريرين جو ڪم آھي تہ سرڪار جي سمورن شايع ٿيل رپورٽن جو الڳ ڪيٽالاگ ترتيب ڏئي.جنهن مان اسان جا محقق لاڀ پرائي سگهن ٿا.)ممتاز پٺاڻ)
  • ” شھاب نامو “ آغا شھاب الدين (2012) ياداشتون،يادگيريو يا آتم ڪھاڻي

    ” شھاب نامو “ آغا شھاب الدين (2012) ياداشتون،يادگيريو يا آتم ڪھاڻي

     

    FB IMG 1546235154847

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” شھاب نامو “ آغا شھاب الدين (2012) ياداشتون،يادگيريو يا آتم ڪھاڻي زندگيءَ جي تجربن جو تحريري بيان لکڻ ڪو سولو ڪم نہ آھي،پر مستقبل لاءِ اھي يادگيريون ھڪ تاريخ ضرور آھن.موجوده دئور ۾ ادب ۽ تعليم جو ڏيوالو،سنڌين جي وڏيري ڪلاس جي زيادتي،قومپرستي جي ڪاوشن ۽ قديم مسڪين ماروئڙن جي زيادتين جا داستان اخبارن ۾ بہ گويا صدا بہ صحرا آھن.ڪاش 2؛ سيڪڙو سنڌي بہ عراقي،افغاني،ايراني دل ۽ جگر رکي تعصبي ٽولي کي منهن ڏئي پئي سگهيا.آغا شھاب الدين ھڪ اھڙي خاندان جو فرد آھي جنهن جي پنجين پيڙھي پڙھيل لکيل آھي.ھو نواءِسنڌ،ڪاروان،ھلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪالم لکي رھيو آھي.پاڻ آفيسر بہ رھيا آھن.آغا صاحب کي اھو بہ اعزاز حاصل آھي تہ سنڌ مدرسي،الھ آندي شاھ جي مدرسي،محمد بخش جي حمايت الاسلام اسڪول ۽ محمد صديق جي مدرستہ البنات جي اسڪولن کان پوءِ سنڌ مان پھريون سنڌي آھي جنهن ٽي ھاءِ اسڪول،ھڪ سائنس ڪاليج ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شراڪت سان ھڪ انفرميشن ٽيڪنالاجي جو سينٽر قائم ڪيو آھي.سندس جي ڪلچر جي ڏس ۾ ڳوٺاڻن سان تفصيلي ڳالھيون ۽ ڪچھريون ڪرڻ جو کيس اعزاز حاصل آھي.(ممتاز پٺاڻ)

  • شام جو سلام

    شام جو سلام

     
    IMG 20190103 WA01161
     
     
    Dr.Pathan wishes you Good Evening.
    [In valueless Valley, you, me and common people have no will & wish and desire & demand of our own. Stage & agenda is set for us to perform as required & desired by nears & dears, leaders & ideals.]
    مرضي پوندن تان هو مھر ڪندا،
    باقي دانھون آھون سڀ بیسود،
    پنھنجی حیثیت ڪجھ بہ ناھي،
    پر ھت حق موجود سدا موجود،
    سمجھین تان تون سمجھ اھو ئي،
    تون ناھين محبوب مگر مقصود،
    تنهنجو ناھي جيئن ڪوئي وجود،
    بي سود سرود, سرت سونهن سواء
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    IMG 20190115 WA0150
     
    Dr. Pathan wishes you Good Night.
    [ To Remember death in life is better, but it is best to find life in death. Wherever you notice dead hearts &’minds, be source of life for them. Be soul for their bodies. Declare with firm belief and force that death is door to another everlasting life and there is no need of fear. When you believe in,  what is not your, but given by others such as name & ideology and traditions & value; then what is problem in not believing in self? Believe yourself as everybody can believe you. Believe that you are life, love and beauty.] 
    زندگئ ۾ ڀل کڻي موت ياد ڪجي پر موت ۾ زندگي تلاش ڪجي, 
    موت نئين زندگئ جو دروازو راز سو هر هر فاش ڪجي, 
    دکن دردن کي ايئن بي ڊپائپ سان پرين پاش پاش ڪجي, 
    اعتبار سڄڻ ڪاش ڪجي,  پنهنجئ سرت سندرتا وفا تي.
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

     
    IMG 20190119 WA0190
    Dr.Pathan wishes you Good Night.
    [ جو لوگ مجازی یار کی عدم موجودگی کے دکھ یا حقیقی محبوب کی یاد میں راتوں کو جاگتے ہیں وہ خوابوں کی وادی میں سرگردان نظر نہیں آتے۔ وہ اپنے محبوب کی یاد کو اپنی محبت کا دین و ایمان سمجھتے ہیں۔ انہیں اپنی نیازمندی پر گھمنڈ نہیں ہوتا ہے۔ وہ اپنی محنت اور محبت کا کوئی معاوضہ نہیں مانگتے البتہ اپنے محبوب کو خوش دیکھنے کی تمنا رکھتے ہیں]
    راتیون جاڳي ڪن راضي رانول يار صنم,
    تنين جو خیالي خوابن سان ڪھڙو ڪم؟
    دل جي هر ڌڙڪن ۾ دلبر ٻيو نہ هڻن دم, 
    ،‏يادن جي تسبيح ھلائي  رکن بره جو ڀرم ،‏
    ڪجھ بہ چاهن طلبن يار جو قرب ڪرم, 
    تن ڪونهي غم، نہ وھم قرب ڪمائي تي.
    ‎ ‎
    [ Some people, like me, are not dodged by Nights. Nights throw people in valley of dreams. Dreams are not realities.They are figments of imagination for those, who believe in reality. They are not happy with dreams. Hence, they spent nights in waiting, emembering and pleasing their ideals and beloveds.
  • “شخصيتون“،ادارا“ ۽ “واقعا“

    “شخصيتون“،ادارا“ ۽ “واقعا“

    20190119 142016
     
    “ سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ تي جھيڙو“
     ڳالھہ سليقي ۽ طريقي جي آھي.ڪنهن بہ دور تي مواد گڏ ڪبو يا تاريخ لکبي تہ ٽن پھلوئن کي ڌيان ۾ رکبو.جيڪي آھن “ “شخصيتون“،ادارا“ ۽ “واقعا“.ڇو تہ تاريخ ۾ اھو ٻڌايو ويندو آھي تہ شخصيتن ڪھڙن پليٽ فارمس تان ڇو ۽ ڇا ڪيو؟ ان جو پس منظر ڪھڙو ھيو ۽ ان جا نتيجا ڪھڙا نڪتا؟
    بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) انهن ٽنھي زاوين تي ڪم ڪيو آھي ۽ مواد گڏ ڪيو آھي . تعجب جي ڳالھہ ھي آھي تہ ھڪ ھڪ واقعي تي بابا سائين زري گھٽ اڌ مني ڪتاب جيترو مواد گڏ ڪيو آھي ۽ ڪن واقعن تي تہ ضخيم ڪتاب جيتري معلومات موجود ڪئي اٿس. مثال طور مسجد منزل گاه بابت ئي اسان جي ويب سائيٽ کي کولي ڏسو.
    سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ جو خيال سنڌي مسلمانن کي تڏھن آيو جڏھن گول ميز ڪانفرنس جي سليڪٽ ڪميٽيءَ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تجويز جي حق ۾ فيصلو ڪيو. ان ڪري 1933 کان وٺي سنڌ يونيورسٽي پريس جو اھم موضوع رھيو. ھن موضوع تي بابا سائين گھڻو مواد گڏ ڪيو آھي جنهن جا تفصيل ھيٺ ڏيان ٿو،پر اڳ ۾ پنهنجيءَ ھڪ پوسٽ جو حوالو ڏيندو ھلان جيڪا مون 2  جنوري 2019 تي لکي ھئي ۽ انهي ۾ سنڌ يونيورسٽي بابت سرڪار طرفان قائم ٿيل ڪاميٽيءَ جا تفصيل ڏنا ھئا.اھا ڪاميٽي تڏھن ٺاھي وئي جڏھن اھو فيصلو ڪيو ويو تہ سنڌ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي.
    مون ھڪ اڌ پوسٽ ۾ اھا بہ ڳالھہ ڪئي تہ سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ جي حق ۾ ۽ ان جي خلاف علمي ۽ صحافتي حلقن ۾ چوٻول ٿيو تہ سنڌي مسلمانن ڪن ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ تعليمي ڪانفرنسون سڏايون تہ جيئن سنڌ جي تعليمي گھرجن ۽ مسئلن کي اجاگر ڪري سگھجي.سنڌ جي ڪن سياستدانن پنجاب جي عالمن ۽ سياستدانن کان سنڌ يونيورسٽي جي حوالي سان اخلاقي مدد وٺڻ جا جتن بہ ڪيا.پر اتان کين موٽ ملي تہ سنڌي مسلمان ممبئي يونيورسٽي کان ناتو ٽوڙي “ تعليمي آپ گھات“ نہ ڪن .
    ھن پوسٽ ۾ مان اھو عرض رکڻ گهران ٿو تہ سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ تي جيڪو جهيڙو ٿيو ان بابت اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪو مواد شايع ٿيو  ان مان گل حيات ۾ ڇا ڇا موجود آھي.
    پرفيسر لالسنگ اجواڻي سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ جي خلاف ھيو ھن جا بيان ۽ خط جيڪي 1933۾خبارن  شايع ٿيا اھي گل حيات ۾ موجود آھن. الف گدواڻي جي نالي سان ھڪ ھندو ليکڪ سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ جي حق ۾ ۽ پروفيسر اجواڻي خلاف گھڻو لکيو. انهن ٻنهي جو علمي ۽ قلمي جهيڙو “ڊيلي گزيٽ“ “سنڌ   آبزرور“  ۽ “ايسٽرن ٽائيمز“ “ جي پرچن ۾ شايع ٿيو. ان بابت لڳ ڀڳ سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي .اھي تہ انگريزي اخبارون ھيون .سنڌئ ۾ وري شڪارپور مان نڪرندڙ “سنڌو“ رسالي سنڌ يونيورسٽي جي قائم ٿيڻ واري جهيڙي تي 1936 کان وٺي جون 1947 تائين چڱو خاصو مواد فراھم ڪيو آھي جيڪو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي .اھي سمورا تفصيل ھتي ڏيڻ ناممڪن آھن. 
    مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ سنڌ يونيورسٽئ جي قيام تي انگريزي شاعري ۾  بہ جهيڙو ڳاتو ويو. جيڪا شاعري پڻ بابا گڏ ڪري گل حيات ۾ رکي آھي .مان چاھيان ٿو تہ اڄوڪي ھن پوسٽ جي پڄاڻي ھڪ اھڙي شعر سان ڪيان جيڪا انهي موضوع تي ڪئي وئي آھي. ان مان اقتباس ھيٺ ڏجي ٿو: 
    This is an age of financial adversity
    Yet there are people, of we have heard,
    Who want to establish a Sindh University_
    “which”, as friend Euclid might say, “
    is absured” 
    To scholars of Culture, ambition and intellect,
    How disappointing finance must be!
    Governing bodies the people of Sind elect,
    Yet they are handicapped, even we,
    Still there are Chemists who dabble in alchemy,
    Thinking that lead may be turned into gold, 
    Should one discover it, oh what a welcome he ought to receive if this secret were told,…..
    سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کي ھن عظيم اداري جي قيام ۽ ڪارڪردگي تي ھڪ جامع تاريخ مرتب ڪرائڻ گهرجي.  ھن اداري جي قيام واري ڪھاڻي ۾  تنهن دور جي ھندو مسلم لاڳاپن ۽ روين جي بہ جهلڪ ملي ٿي ۽ ان کانسواءِ اسان کي خبر پئي ٿي تہ ادارا ٺاھڻ ۽ ھلائڻ ڪيڏونہ ڏکيو ڪم آھي. سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا کي يا ڪنهن ٻئي محقق کي انهي موضوع تي تحقيق ڪرڻ يا تاريخ لکڻ جو خيال آيو تہ اسان گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ڏيڻ لاءَ پاڻ کي ٻڌل سمجهون ٿا ڇو تہ بابا سائين گل حيات ٺاھيو ئي ان لاءَ آھي تہ سنڌ واسين کي صحيح ۽ سچي تاريخ پڙھڻ لاءِ ملي ۽ تاريخ جي اھڙن پھلوئن تي ڪم ٿئي جنهن تي ھن وقت تائين اسان جي نظر ڪانہ پئي آھي.( ممتاز پٺاڻ)