Author: admin
-
گل حيات ۾ خطن جو خزانو
گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان““ گل حيات ۾ خطن جو خزانو.““خط“ تحقيق لاءِ ھڪ اھم معلوماتي ذريعو ٿئي ٿو .ڇو تہ خط لکندڙ انتھائي کليل دل سان پنهنجا ڏک سک لکندو آھي ۽ احوال اوريندو آھي. خطن کي محفوظ ڪرڻ ۽ پوءِ ترتيب ڏئي ڪتابي صورتن ۾ ڇپرائڻ جو ماضي قريب ۾ مثالي ڪم سائين جي ايم سيد ڪيو.ھن ڏاهي انسان پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪنهن جي ڪا بہ چٺي ضايع ڪو نہ ڪئي.سانڍي ۽ سنڀالي رکيائين ۽ باقي ٻين ماڻھن کي خطن جي اھميت ۽ سنڀالڻ جو جيئن ڪو سليقو ڏنائين.جيتري قدر سياسي خطن جو تعلق آھي، ان حوالي سان گل حيات اداري ۾ ٻن قسمن جا سياسي خط موجود آھن.ھڪڙا اھي جيڪي سياستدانن ھڪ ٻئي ڏي لکيا ۽ انهن جو واسطو انگريزن جي دور سان ھيو .گل حيات ۾ جن سياستدانن جا اهڙا ڪيترا خط موجود آھن انهن ۾ سائين جي ايم سيد،پير علي محمد شاھ راشدي. حاجي عبداللہ ھارون ۽ ٻيا ڪيترا سياستدان اچي ٿا وڃن.سائين جي ايم سيد جيڪي علام آءآء قاضي، ميران محمد شاھ ۽ ٻين سياستدانن ڏانهن خط لکيا.اھي اڪثر ڪري ڪتابي صورت ۾ بہ ڇپيا،پر انهن اصلي خطن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي گل حيات اداري ۾ موجود آھي. محمد ايوب کھڙي جا خط بہ پڻ ڪتابي صورت ۾ اچي چڪا آھن پر انهن جي اصلي خطن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. 1936 کان وٺي 1947 تائين سنڌ جي گورنرن سياسي ۽ انتظامي حوالي سان ھندستان جي وائسراء ڏانهن سرڪاري خط لکيا جيڪي اڃا ڪتابي صورت ۾ نہ ڇپيا، پر اھي اسان جي اداري ۾ موجود آھن.ھنن خطن ۾ سنڌ بابت گهڻ- رخي معلومات ڏني وئي آھي.جيڪڏھن اھي خط شايع ٿين تہ ھوند ڪيترن رازن تان پڙدو کڄي وڃي.اسان وٽ سياستدانن جي سياسي خطن جو ٻيو قسم اھو آھي جيڪي سياستدانن گل حيات اداري جي بانيءَ ( ڊاڪٽر پٺاڻ) ڏي لکيا. اھي خط ھڪ طرف گل حيات اداري جي ڪارڪردگيءَ تي روشني وجهن ٿا تہ ٻئي طرف وري دور جي سياسي سرگرمين ۽ حالتن جي جهلڪ پيش ڪن ٿا.اھا خط و ڪتابت ھن ڪري ٿي تہ جيئن کين گل حيات جي ڪم ۽ ڪارڪردگي کان با خبر رکي انهن کان اھڙو مواد وٺي سگهجي جيڪو مستقبل جي محقق لاءِ ڪم اچي سگهي.ظاھر آھي تہ انهن مان ڪيترا خط شروعات ۾ بابا سائين ڏي خطن جو جواب ھيا. بابا سائين ڏانهن عيدن جي موقعي تي عيد ڪارڊ موڪليندو ھو ۽ انهن جي موٽ ملڻ کان پوءَ خط و ڪتابت جو سلسلو جاري ڪندو ھيو. شروعات ۾ پارٽين جا اڳواڻ مواد ۽ معلومات موڪلڻ ۾ ڀرپور سھڪار ڪندا ھئا ۽ کين جڏھن بہ موقعو مليو تہ ھنن گل حيات جو دورو پڻ ڪيو.مثال طور جماعت اسلامي جو تڏھوڪو سيڪريٽري جنرل سيد منور حسن، پيپلز پارٽي(ش ڀ) جي چيئر پرسن غنوا ڀٽو، خاڪسار تحريڪ جو تڏھو ڪو اڳواڻ خاڪسار حميده دين احمد ، اشرف عباسي ، ڪامريڊ ڄام ساقي ، رسول بخش پليجو،مخدوم جميل الزمان.مخدوم سعيد الزمان وغيره.اھي پارٽيون ۽ اڳواڻ گل حيات کي موٽ ڏيندا ھئا ۽ خاص طور تي پريس رليزون ۽ پارٽيءَ جو سياسي لٽريچر بہ موڪلي ڏيندا ھئا . ايئن اسان وٽ پيپلز پارٽيءَ،خاڪسار تحريڪ ۽ جماعت اسلامي جو کوڙ سارو سياسي لٽريچر گڏ ٿي ويو .جن سياسي اڳواڻن گل حيات ڏانهن پنهنجا خط لکيا انهن ۾ اصغر خان، سيد منور حسن، مير مرتضى ڀٽو،غنوا ڀٽو،سيد اشتياق اظھر، مشاھد حسين، پروفيسر خورشيد احمد، عبدالوحيد( جماعت اسلامي حيدر آباد)، خالد احمد کرل، جان محمد عباسي، قاضي حسين احمد، سيف اللہ پراچا، اقبال حيدر، حڪيم سعيد احمد، عبدالوحيد ڪٽپر،ڊاڪٽر آفتاب قريشي، حاجي غلام حسين انڙ،عطا محمد مري، ابرار قاضي، راجا ظفرالحق، فخرالزمان، پروفيسر غفور احمد،معراج خالد، اين ڊي خان، سيده عابده حسين ۽ فاروق ستار ذڪر لائق آھن. ايم ڪيو ايم جي تڏھوڪي اڳواڻ سيد اشتياق اظھر کي جيڪي بابا سائين خط لکيا ھن انهن منجهان ڪجه پنهنجي ڪتاب “ اھم خطوط“ ۾ بہ شامل ڪيا آھن .اھڙي طريقي سان نامياري شاعر تاجل بيوس پڻ پنهنجي ڪتاب “ آريجن کان الھاس نگر“ ۾ بابا سائين جو خط ڏنو آھي.1985 کان 1990 تائين بابا سائين ھزارين اديبن،شاعرن ۽ صحافين سان خط و ڪتابت ڪئي ھي اھو دور ھيو جنهن ۾ شايد ئي ڪو اھڙو اديب، شاعر يا صحافي ھجي جنهن کي بابا سائين خط نہ لکيو ھجي.بابا سائين جا لکيل اھي خط بہ گل حيات ۾ موجود آھن ۽ قلم ڌڻين جا سوين خط بہ گل حيات ۾ موجود آھن.اسان انهن کي مختلف عنوان ڏئي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آھي جيئن “سياستدانن جا خط“.اديبن جا خط “،“ عورتن جا خط“ ، “ مٽن مائٽن جا خط “ ۽“ تحقيقي ڪندڙن شاگردن خواه محققن جا خط“. ھن ئي فائيل ۾ سيد پير حسام الدين شاھ،ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا خط بہ موجود آھن. ( ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ If you are avoided & ignored, not accepted & respected, so what? Do not be difficult, because, you are different. You are an ideal of your own right. You are role-model. Be promoter and project human values, love and beauty.and sincerity & hope. Set new trends in sincerity & sacrifice and trust & hope]ھو سارن نہ سارن ڀلي لاهي پاهي وسارن،
تان جو کٹي پنهنجي در تان هر پل ڌڪارن،
تنهنجو تن ۽ من تن بنا گھنگھر پيا گھارن،
پر دل روح پڪارن، سرت سونهن سلام سان. -
رات جا سلام
Pathan wishes you Good Night.[Love builds Taj Mahal and hatred kills brother Dara Shikoh. Ego creates discrimination and humbleness maintains human respect. Blind faith in traditions makes souls slaves and hatred chains peace and beauty.Dear! You are love & beauty, vision & wisdom and peace. Protect yourself by virtue of sharing and promoting love, beauty & peace.]محبت جوڙي تاج محل، نفرت دارا شڪوہ مارائي،انا عشق امن نابود ڪري، انسانيت تاج نوڙت پارائي،ظالم قھر ڪري ڪرائي, پيو ڏینھن راتين ۾ بدلائي -
گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون
“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان““گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون“گل حيات ادارو قائم ٿيڻ کان وٺي ٻن طريقن سان تحقيق جي واڌاري لاءَ ڪم ڪيو آھي: ھڪ طريقي موجب اسان گل حيات جا خزانا کولي تحقيق ڪندڙ نوجوانن جي علمي خدمت ڪئي آھي، کين مواد ۽ معلومات ڏيڻ ۾ ڪڏھن بہ بخل کان ڪم نہ ورتو آھي ۽ سندن تحقيقي پراجيڪٽ جي روشني ۾ بابا سائين انهن جي تحقيقي طريقن ۽ لاڳاپيل مسئلن ۾ رھنمائي ڪئي آھي.ٻئي طريقي موجب بابا سائين ريسرچ سپر وائيزر يا ممتحن طور شاگردن جي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرائي ۽ امتحان ورتا آھن .جنهن جاڪجه تفصيل مان ھن پوسٽ ۾ ڏيندس.مان ھڪ ٽئين طريقي تي تازو ڪم شروع ڪيو آھي ۽ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد کي ڌيان ۾ رکي نون تحقيقي موضوعن جي نشاندھي ڪرڻ شروع ڪئي آھي، ۽ اڪثر پوسٽن ۾ اھا آڇ ڏيندو آھيان تہ ڪيترن نون موضوئن تي گل حيات ۾ نہ فقط مواد موجود آھي، پر ان لاءِ اسان ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ بہ تيار آھيون. انهي سلسلي ۾ مان جيڪي پوسٽون ڪري چڪو آھيان انهن جو مختصر وچور ھن ريت ٿئي ٿو، جن ڏانهن محققن کي توجه ڏيڻ گهرجي:* مرحوم جي الانا بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.*.گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو.*.سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور.* سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس.*. گل حيات ۾ موجود صحافت تي مواد.*. پيپلز پارٽي کان اڳ پيپلز پارٽي.1*. گل حيات ۾ موجود علمي ادبي گڏجاڻين جو رڪارڊ.*. ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي.*. مولانا عبيداللہ سنڌي بابت گل حيات ۾ مواد.*. اسيمبلين ۾ اسان جي تاريخ جو خزانو.*.رسالو ڌرم درشن.*. گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجه سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ.*. ولادتون وفاتون ۽ شخصيتون.*.گل حيات ۾ قلمي مسواد ۽ قرآن شريف.*.ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت.*.سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ تي جهيڙو.*.امن سڀا پارٽي.*. فرنگي سرڪار بابت.*. سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ.*. ضياءُ الحق جي مارشلا واري دور ۾ سزائون ۽ گرفتاريون.*. گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويز.*.اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون.*. گل حيات ۾ پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد.اڄ ھن پوسٽ ۾ مون فيروزه سما جي ايم فل مقالي “ سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو“ جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ڏني آھي ،جنهن 1988 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بابا سائين جي نگراني ۾ ايم فل ڪئي.تحقيق جي دنيا ۾ منهنجي والد ڪجه اھڙا رڪارڊ قائم ڪيا آھن جن کي ٽوڙڻ ۾ وقت لڳندو. مثال طور پروفيسر ڊاڪٽر امداد سھتي،قائد اعظم يونيورسٽي مان ايم فل بابا جي نگرانيءَ ۾ ڪئي ھن سائينءَ پي ايڇ ڊي بہ بابا جي نگراني ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪئي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي پي ايڇ ڊي بابا ڪرائي ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ بہ بابا سائين ئي ٿيو.ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين جو پھريون پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد آھي ۽ فيروزه سما پھرين نياڻي شاگرد آھي. ھن مانائتي مائيءَ بابا سائين وٽ تڏھن ايم فل ڪئي جڏھن بابا سائين سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو. محترمه فيروزه سما جو ھي تحقيقي مقالو 5 بابن ۽ 404 صفحن تي مشتمل آھي. اسان وٽ اوندھ لڳي پئي آھي نہ تہ ھن مقالي کي ڇپجڻ گهرجي ها ،ڇو تہ فيروزه سما وڏي جاکوڙ ۽ جستجوءَ سان ۽ محنت ۽ سليقي سان ھي تحقيقي ڪم ڪيو آھي. مقالي جا ورق ورائيندي کيس مبارڪن ڏيڻ کان سواءِ رھي نہ ٿو سگهجي. سندس ھن مقالي جي پھرين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي تعارف ۽ ارتقا تي لکيو ويو آھي.ٻئي باب ۾ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۽ اوسر ٻڌائي وئي آھي.ٽئين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي چونڊ ڪتابن جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آھي چوٿين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي خالقن جي خدمتن تي روشني وڌي وئي آھي ۽ پنجين باب ۾ انهن اشاعتي ادارن جا تفصيل ڏنا ويا آھن جن ٻاراڻي ادب تي ڪتاب ڇپرايا.محترمه فيروزه سما ھن مقالي جي پڄاڻيءَ ۾ ڪي نتيجا ڪڍي تمام اھم تجويزون ڏنيون آھن جيڪي 15 صفحن تي مشتمل آھن. محترمه جنهن سال تائين ٻاراڻي ادب جي تاريخ لکي ان کي ايترو عرصو ٿي ويو آھي جو انهي باقي رھيل عرصي تي ٻي ايم فل ڪري سگهجي ٿي. تحقيق جي اھڙي تسلسل کي يونيورسٽيون ئي قائم رکي سگهن ٿيون ۽ اھي اھڙي قسم جي موضوعن تي باقي رھندڙ عرصي تائين تحقيقي ڪم ڪرائي سگهن ٿيون. ( ممتاز پٺاڻ) -

Dr. Patban wishes you Good Night.
[ میری شاعری کا ترجمہ: حسن کا سمندر کبھی خشک نہیں ہوتا، اس طرح پیار میں برسنے والے نین بھی خشک نہیں ہوتے. مطلب پرست مطلب نکالنے کے بعد خود بھی نکل جاتا ہے. جہاں پیار بارش ہوتی ہے وہاں دلوں کے ویرانے ختم ہو جاتے ہیں]
سمنڊ نہ سڪن سونهن جا نيڻ نہ سڪن جي پياسا,
جن وٽ عزت محب انسان جي اهي ئي خان خاصا,
مطلب پرست موقعو ڏسي منهن ڦيري ڪن پاسا,
جت وسن چاهت جا چوماسا, جهڪن اتي دليون -
شام جو سلام
Dr. Pathan wishes you Good Evening.[ You are living in eyes and heart of your lover. Therefore, you can’t know her/his terrible sorrows & longings. May anybody occupies seat in your eyes and heart. It will make you to feel pain of burning soul, boiling eyes and crying heart clearly.]ڪنهن جي نيڻن ۾ وسو ٿا پر ڪنهن کي نيڻن ۾ وهاريو تہ خبر ڪا پوء پوئي،تن من بدن جي نہ ڇوئي, تہ “سڙون ٿا“ تون يار پوء ميار ڏجان اسان کي -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Differences and anger is essential matter in love & respect affair. Hence, don’t be afraid of it. It is ego and misunderstanding that become high-risk for relation and connection. Don’t be late in removing it. Otherwise, everything will be lost such as trust, hope and sincerity. Love requires to accommodate and adjust accordingly so as justification is provided for smooth running of affairs of heart & mind.]
پيار ۾ تڪرار ٿين ۽ پيا ٿيندا اهي ٿيڻ ڏيو,
پر انا غلطفهمين ھوڏ هٿان ڪو زهر نہ پيو,
انهئ صورت ۾ صفائي ڏئي صاف دل ڪيو,
پيار سچي ۾ شڪ گمان ۽ وهم پائيندا ليئو,
پر بره ۾ ڪري قائم برابري جيئڻ ڏيو جيئو,
سدائين سهمت ٿيو, سونهن سان سلام سان -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.
[ Beauty without love and love without beauty are incomplete. Dear! Don’t make it defective, because of hunting for perfect beauty or love. It is miracle of the love that it ignores mistakes and faults. Accept love so as your faults and mistakes can be ignored totally and you be accepted and treated as an ideal and second to none beautiful. ]
نہ ڪا سونهن سون نہ ڪا چاهت چاندي,
اها عجب جهڙي سوچ ڪٿان تو آه آندي,
بره سيکاري برابري تون ڇو بڻائين باندي؟
پيار پرين جي پيراندي, وٺ تہ والي ٿئين -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.
[Dear! We have misunderstood ‘independence’, hence, have ignored the importance of ‘dependence’. Whereas, life requires us to depend on each other, to share and extend cooperation with others. But, we avoid to trust each other and create communication gap and don’t believe in Give & Take, we become target of misunderstantings individually]
آئون سورن ۽ تون پورن منجھ پورو،
ھوت حیاتیون باھ جو جیئن کورو،
تنھنجو منھنجو ایئن سپنو اٹپورو،
راز سمورو، اوریئون نہ سلام جیان.