Dr. Pathan wishes you Good Evening.
[ The Sun is to set very soon and it has to set. But, Sun of my hope and trust in you will shine for ever in sky of my heart.
Dear! I will be a man of fortune and best luck, if you are pleased to be kind to me for a few moments. Believe me, listen me and understand me. You are my hope. You are my beauty, vision and wisdom.]
اجهو سج لٿو پر لهندو نہ سج آس اميد جو,
مقدر هي مٽجي وڃي جي منهن نہ مٽيو تو,
تون دلبر تون دلاسو, آهين روح وجود سندو
Author: admin
-
شام جو سلام
-
لطيف جو زمانو ۽ لطيفات“ تي گل حيات ۾ ٿيندڙ ڪم
“گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.““لطيف جو زمانو ۽ لطيفات“ تي گل حيات ۾ ٿيندڙ ڪم“شاھ،سچل ۽ ساميءَ جي ٽہ مورتي سنڌ جي فلسفي،نظرئي ۽ پيغام جي ٽہ مورتي آھي. ھنن کان اڳ ۽ پوءَ سوين شاعر پيدا ٿيا.جن ڏاڍي معياري ۽ لاجواب شاعري ڪئي، پر ھنن ٽنهي عظيم شاعرن جو زمانو ۽ وقت جون حالتون ٻين کان نہ فقط مختلف آھن پر اھم بہ آھن. انهي زماني ۾ ڪلھوڙن سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت جو بنياد رکيو، انهي دور ۾ ٺٽي جي مغل نواب شاھ عنايت شھيد کي ڏيھي حڪمران ۽ اپر ڪلاس جي مدد سان بي گناھ شھيد ڪرايو، ۽ ھن ئي دور ۾ نادر شاھ ظلم ۽ جبر جي شامت بڻجي سنڌ کي پنهنجي گهوڙن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو. ھي اھو زمانو آھي جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حڪومت سنڌ ۾ دلچسپي ورتي، پنهنجا پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ ۾ مقرر ڪيا، سنڌ ۾ تجارتي ۽ واپاري ڪم پوئتان جاسوسي ڪئي ۽ پوء ويساھ گهاتيءَ سان سنڌ کي ڳڙڪائي ويا ۽ اھا سنڌ، جنهن ڪلھوڙن جي دور ۾ ملڪ جو تشخص ورتو سا انگريزن جي ھٿان پنهنجي آزادي ۽ خومختياري وڃائي ويٺي. شاھ،سچل ۽ سامي جي ٽہ مورتي جو اھو دور آھي جڏھن سنڌ جي سياست سازشن جو شڪار ٿي. ھن دور ۾ ڪلھوڙن اقتدار جي لالچ ۾ پنهنجن جون خونريزيون ڪيون. ھي اھو دور آھي جڏھن فوجي اڳواڻن،يعني ٽالپرن حڪومت خلاف بغاوت ڪري اقتدار پنهنجي قبضي ۾ ورتو. ھي اھو دور آھي جڏھن ملڪي سياست اھڙي موڙ تي پھتي جو اقتدار ڌڻين کان اختيار کسجي ويو ۽ اھا چوڻي مشھور ٿي تہ “ ميرن کي گهران لڳي“. انهي دور جي حالتن شاھ،سچل ۽ ساميءَ جي شعور ۽ شاعريءَ کي سوچڻ ۽ لوچڻ جا پنهنجا رنگ ڏنا ۽ نتيجي ۾ ڏکين حالتن جي ڪک مان سندن امر شاعريءَ جنم ورتو.انهي ٽہ مورتي مان لاکيڻي لطيف جي حيثيت منفرد ۽ اهم آھي.سندس شخصيت ۽ پيغام تي ھند توڙي سنڌ ۾ تمام وڏو تحقيقي ڪم ٿيو آھي. سنڌين کان سواءِ ٻين بہ ڀٽ ڌڻي جي شخصيت ۽ ڪلام تي مثالي ڪم ڪيو آھي.عجيب ڳالھ آھي تہ سنڌ جي ھن عظيم شاعر جو ڪلام ٽرمپ وڃي جرمني جي ليپزگ شھر مان ڇپرايو ۽ ڊاڪٽر سورلي وري ھن عظيم شاعر تي پي ايڇ ڊي ڪئي.لاکيڻي لطيف جي شخصيت ۽ ڪلام تي ھند ۽ سنڌ ۾ مختلف ۽ اھم زاوين کان ڪم ڪيو ويو آھي. گهڻا سال اڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي “ لطيفيات“ جي عنوان سان ھڪ ببليو گرافي ٺاھي، جنهن مان پتو پئجي ٿو تہ ڀلاري ڀٽ ڌڻي تي انگريزي،اردو ۽ سنڌي ۾ ڇاڇا لکيو ويو آھي.ھڪ موضوع،جنهن تي جامع ۽ منظم نموني سان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي، اھا ڪرانالاجي آھي.ھي اھو ڪم آھي جنهن ۾ لطيف سائينءَ جي 63 سالن ۾ جيڪو ڪجه گذريو ان جي ھڪ “ واقعاتي تاريخ“ مرتب ٿيڻ گهرجي. گل حيات ادارو انهي موضوع کي نھايت اھم ڄاڻندي ان تي تحقيقي ڪم ڪيو آھي. “ لطيف جو زمانو“جي عنوان سان ھڪ ڪرانالاجي ٺاھي وئي آھي جنهن ۾ وڌيڪ معلومات ۽ حوالا ملڻ تي انهي ڪرانالاجي ۾ اضافا ۽ سڌارا آڻبا وڃن ٿا.“ لطيف جو زمانو“ ڪرانالاجي ۾ جملي 64 باب رکيا ويا آھن جن جا عنوان آھن “ جڏھن لطيف ڄائو“،“ جڏھن لطيف ھڪ سال جو ھو“، “ جڏھن لطيف ٻن سالن جو ھو“. “جڏھن لطيف 3 سالن جو ھو“، “ ،“جڏھن لطيف سائين وصال ڪيو“. ائين ھي سڄو پراجيڪٽ 64 بابن ۾ ورھايل آھي.ھڪ ھڪ باب کي وري 3 عنوانن ھيٺ رکيو ويو آھي،جيڪي آھن: 1.“ولادتون“،2. “ وفاتون“ ۽ 3. “واقعات“.انهن ٽنهي ننڍن عنوانن کي ائين سمجهي سگهجي ٿو تہ انهي سال سنڌ،ھند ۽ دنيا ۾ ڪھڙيون ۽ ڪٿي ڪٿي اهم شخصيتون پيدا ٿيون ۽ سندن شھرت جي وجه ڪھڙي ھئي. اھا معلومات 64 عنوانن ۾ ڏني وئي آھي. مثال طور جڏھن “ لطيف ڄائو تہ باقي دنيا ۾ ڪھڙين شخصيتن جنم ورتو“، “جڏھن لطيف ھڪ سال جو ٿيو تہ سنڌ ۽ دنيا جهان۾ ڪھڙين وڏين شخصيتن جنم ورتو“. اھڙيءَ ريت ھر ھڪ باب ۾ وفات ڪندڙ شخصيتن جو ذڪر بہ ڪيو ويو آھي. ساڳي طرح ھر ھڪ سال ۾ سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪي علمي ،ادبي،سياسي،مذھبي ۽ سائنسي ايجادن جا واقعا ٿيا اھي 64 بابن ۾ بيان ڪيا ويا آھن. واقعا تفصيل سان لکيا ويا آھن، مثال طور جڏھن شاھ لطيف ڀٽائي 58 سالن جو ھو تہ انهي باب ۾ مختصر طور تي اھو واقعو لکيو ويو آھي تہ : “ احمد شاھ ابدالي سنڌ ۾آيو. ھن کھڙن واري مخدوم محمدي سان بہ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ڪاميابي لاء دعائون گهرايون. مخدوم کيس ھڪ تعويذ ڏنو.ڪجه وقت بعد احمد شاھ درانيءَ مخدوم محمدي ڏانهن مرزان پور جي جاگير جو پروانو لکي موڪليو“جيتوڻيڪ اسان جو ھي ڪم ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي پر مطالعي جي آڌار تي جيئن جيئن ڪا نئين معلومات ملندي ٿي وڃي اھا اسان ان ۾ شامل ڪندا ٿا وڃئون.( ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[If mind and heart avoid to mind their business. If heart behaves like mind, then, sincerity and selflessness stand replaced by ego & hatred. In this situation, it is difficult to understand beauty, accept love and respect peace]
جي ناھي دل ۾ غیر، تہ پوء ئي گھربو سڀ جو خیر،
جي آھي من منجھ میر، پیار وفا جو کٹي نہ سگھبو پیر.
پاء جي هوندي جو سیر، ڪندو انڌیر سونھن سلام سان. -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.
[ Love is life, but requires sacrifice of life. In the culture of love one has to think with heart, refrain from taking and accepting orders of mind, and has to ignore outdated tradition and values. It asks for setting new tradition of accommodating sorrows & longings and surrendering before beloved unconditionally.]
پيار رکائي پهريون پاسيرا عقل مت شرم,
پوء ئي ڪري قرب سونهن سچائي ڪرم,
بره رکي ڀرم, اڳ ۾ وٺي قرباني سر جي -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.
[In our attitudes & approaches, in dealing and in every business, we are behaving and responding each others like Taliban & ISIS. we are very cruel & most aggressive.
Dear! No body will spare and accept you. Hence, accept & respect yourself. Be role model in beauty & love. Set trend in sincerity & sacrifice. Be open book of trust & hope as everybody can read you and follow you]
رشتي تعلق ۽ هر وھنوار ۾، ھتي ھرڪو آھي طالبان،
بچڻ چاھین ھن باھ کان، تان تون خود تي ٿي مھربان،
دل جي رت سان داستان، لک محبت ماٹھپي سلام جو -
خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد
گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.“خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد“انگريزن جي دور ۾ جيڪي 45 پريشر گروپ ۽ سياسي پارٽيون ھيون، انهن مان خاڪسار تحريڪ بہ ھڪ آھي.انگريزن جي ابتدائي دور ۾ مسلمانن جي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ “سنڌ ھندو سڀا“ سياست ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.اھي ٻئي مذھبي بنيادن تي جڙيون ۽ ڪم ڪنديون ھيون . انهن ٻنهي پارٽين کان اڳ ۾ “ سنڌ سبا“ نالي ھڪ سيڪيولر پارٽي ھوندي ھئي جيڪا 1882 ڌاري ٺھي ۽ ان ۾ ھندو،مسلمان ۽ فارسي عھديدار ۽ ميمبر ھوندا ھئا.انهي پارٽي ۾ ھندستان جي وائسراءِلارڊ رپن کي سپاس نامو ڏيڻ واري معاملي تي ڏڦيڙ پيو،حسن علي آفنديءَ ۽ ساڌو ھيرانند جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي جنهن ڪري اھا پارٽي انهئ واقعي کان پوء ٽٽي پئي.حسن علي آفندي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ٺاھي ۽ ھندن وڃي “سنڌ ھندو سڀا“ ٺاھي . اھي ٻئي پارٽيون 1936 تائين سياست ۾ سرگرم عمل رھيون.انهن مٿي ڄاڻايل پارٽين جي موجودگيءَ ۾ “ھوم رول ليگ“ پارٽي ڏاڍو مقبول ۽ فعال رھي. اھيءَ سيڪيولر نوعيت واري پارٽي ھئي،ان ڪري ھن ۾“ سنڌ سڀا“ وانگر ھندو،مسلمان ۽ فارسي ميمبر ۽ عھديدار ٿيا. ھوم رول ليگ ٿياسافي جي منطق ۽ فلسفي جي پوء لڳن جوڙي ۽ مائي ائني بسنت کي ان جو باني سمجهيو وڃي ٿو. حيدرآباد ۾ جيڪو “بسنت ھال“ آھي، اھو ان ئي مائي جي نالي پٺيان قائم ڪيو ويو ھو. ھوم رول ليگ ۾ سنڌ جون ڪيتريون نامور مسلم شخصيتون بہ ھونديون ھيون جن منجهان سائين جي ايم سيد جو نالو مثال طور پيش ڪري سگهئون ٿا .پارسين مان وري جمشيد ميهتا جو نالو ذڪر لائق آھي.ھن پارٽيءَ سنڌ جي ٻولي ۽ علم ادب تي بہ اثر وڌا.پارٽي طرفان “ روح رھاڻ “ نالي رسالو بہ ڪڍيو ويو، جيڪو ڪيترو وقت ھليو.ھوم رول ليگ جي غير فعال ٿيڻ کان پوء ًخاڪسار تحريڪ“ سنڌ جي مسلمانن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. سائين جي ايم سيد، مير علي احمد ٽالپر، پير الاھي بخش ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وغيره ھن پارٽي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.ڊاڪٽر بلوچ انهي زماني ۾ شاگرد ھيو ۽ خاڪسار پارٽي لاء وڏو ڪم ڪيائين،جنهن جا تفصيل ھڪ الڳ پوسٽ ۾ ڏئي چڪو آھيان. خاڪسار پارٽي جي سنڌي اڳواڻن طرفان “خاڪسار“ جي نالي سان رسالو بہ نڪرندوھيو جنهن ۾ سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ جي سرگرمين بابت تفصيلي رپورٽون شايع ٿينديون ھيون. انهي رسالي سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ کي مشھور ۽ مقبول بنائڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو.اڄ مون پنهنجي ھن پوسٽ ۾ خاڪسار تحريڪ سان واسطو رکندڙ ٻن ڊاڪيومينٽس جي تصوير ڏني آھي.گل حيات اداري ۾ خاڪسار تحريڪ بابت تمام گھڻو مواد موجود آھي. سنڌ مان جن ماڻھن خاڪسار تحريڪ ۾ وڏو رول ادا ڪيو عھديدار ۽ سرگرم ڪارڪن ٿي رھيا، انهن جي نالن ۽ عھدن جو وچو ٺاھي گل حيات اداري پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي .انهئ ويب سائيٽ تي خاڪسار تحريڪ بابت ٻيو کوڙ مواد بہ موجود آھي. خاڪسار تحريڪ جي بانيءَ“ علامه مشرقيءَ “ جيڪي ڪتاب لکيا اھي سمورا ھتي اسان وٽ موجود آھن. علامه مشرقي جي زماني ۾ “خاڪسار تحريڪ“ طرفان اردو ۾ الڳ ۽ انگريزي ۾ الڳ “الاصلاح “ جي نالي سان بليٽن يا اخبار نڪرندي ھئي. انهي جا کوڙ سارا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن. علامه مشرقي جو فرزند خاڪسار حميدالدين احمد پنهنجي پئ جي جوڙيل پارٽي کي ٻيھر سرگرم ڪرڻ ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون. ھو پاڻ ڪيترا دفعا گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري آيو. کيس اداري ۾ آڻڻ ۾ ڊاڪٽر صبحيہ مغل جو وڏو ڪردار ھيو. خاڪسار حميدالدين احمد اڄ ھن دنيا ۾ ڪونهي ۽ سندس جاءِ تي ڊاڪٽر صبحيا صاحبه پارٽي جي اڳواڻي ڪري رھي آھيم. ھن مثالي سنڌي عورت اسان جي اداري سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ مواد خواه معلومات جي ميڙي چونڊيءَ واري اسان جي ڪم ۾ وڏيون آسانيون پيدا ڪيون. ھن پارٽي طرفان جيڪو “ خاڪسار“ جي نالي سان رسالو نڪرندو ھيو،اھو رسالو تہ گل حيات ۾ ڪونهي پر ان منجهان تمام گھڻو مواد فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھي. خاڪسار تحريڪ تي انگريزي ۾ ڀرپور ڪم ٿي چڪو آھي پر سنڌي ۾ پارٽي جي تاريخ تي ڪو جامع ڪتاب نہ لکيو ويو آھي .ھن پارٽيءَ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌي ۾ ان جي تاريخ تي ڪم ٿيڻ گهرجي. اھو ڪم خاڪسار تحريڪ پاڻ بہ ڪري سگهي ٿي ۽ ان تي پي ايڇ ڊي لاء تحقيق پڻ ڪري سگهجي ٿي.جيڪڏھن ڪنهن دوست اھو ڪم ڪرڻ چاھيو تہ گل حيات ادارو ھن جي ڀرپور مدد ڪندو.(ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Day.[Most of us are independent. But, none is free. Either we obey orders of our heart, or directives of our heart-holder. Hearts full of human respect are best promoters of beauty, love and peace. Whereas, hearts and minds captured by ego, hatred & discrimination always aspire for sin & crime.]دل ۽ دلبر جي مرضئ جي محتاجي،ڪنھن کي ڪین انھئ قید کان آزادي،جنھن دل ۾ پیار ۽ محبت جي آبادي،سا دک درد گناھ ثواب کان سدا آجي،جي پرین ۽ پاڻ کان نہ راضي پاضي،سي روح رواجي، سونھن سلام سواء. -
رات جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Night. [ Neither I know, nor I remember that when, why and where I lost my self. But, I know, feel and realize since centuries that my Dear have found me and is living in the palace of my heart. Dear did it in spite of my faults & flaws. As I am lost, hence, I am not with my dear, but, am happy that my Dear is with me]
مون کي ساجن سپرین، آهي خود ڳولھي لڌو پاڻ،
عیب نہ ڏسي منھنجا، ڪري مون سان روح رھاڻ،
ڳٹتي ڪبي ڇاڪاڻ؟ روئندي نہ ڪا رات گذاربي. -
رات جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Night
[Night is a best time for rest. But, Night is restless itself because of your absence & silence and ever flowing tears from my eyes. Night cannot understand your attitude But, knows that me, my heart and soul are waiting for you since centuries]
رات روئاریو مون، هئ ساري ڪاري رات،
تنھنجي روین تي، جي ناهن نفي نہ اثبات،
تو لاء طلب ۽ تات، ھر پل سندم روح کي -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.[None of us is Supernatural or subordinate. We are equal in all respects. Every body deserves love & beauty and respect & regards. Accept & respect all without discrimination. It is the real vision & wisdom, philosophy & ideology that we need]ماٹھو سمجھ ماٹھوء کي، ان کان مٿي نہ ھیٺ،عزت لائق ھر ڪو آدمي، چاھي محبت ۽ میٺ،وارو ملندو نیٺ، برھ برابرئ سرت سلام کي