Author: admin

  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190317 WA0098

    Dr. Pathan wishes you Good Day.
    [ Dear!  I am witness to your greatness. You are source of beauty & love and vision & wisdom. You have wonderful way how to accept and respect people like me without any kind of discrimination. Whoever is near to you my dear is superior to me in all respects. Shower of your beauty, beautiful vision and shadow of wisdom give life to dead.
    Kowing and understanding all this, how I can leave your door? It is impossible. With the support of my sincerity, trust and sacrifice, I will be always there to wait for more and more kindness.]
    سرت جو سونهن جو تون آھين عجب آبشار,
    پريت جي ريت جو بره جو تون آھين بهار,
    بي مثل تنهنجي دامن جو دل جو آهي پار,
    چوڏھن طبق روشن ٿين جي ڪرين اقرار,
    ايندو تنهنجي اڱڻ مٿي هي بره-وند بار بار,
    هڪ نہ پر هزار, ڪندو سر قربان سلام سان

  • شام جو سلام

    شام جو سلام

    IMG 20190316 WA0171

    Dr.Pathan wishes you Good Evening.
    [You will find countless pages in books about Human, Social and Religious values. But, not in minds & hearts and action & reaction. In spite of that, some people are there to believe in human love & respect, abide by it in letter and spirit and care about peace & progress for all. They are beautiful, because, beauty is in their minds & hearts. You are one of them]
    ڌرم ڪرم ۽ دوستي، فقط ڪتابن منجھ پڙھجن،
    محبت مروت ۽ ماٹھپو، سو تان ماٹھن وڌو ٻن،
    سیني سور سچن، ڪن چون سلام سڀني کي

  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    IMG 20190316 WA0157
     
    Dr.Pathan wishes you Good Night.
    [It is better to depend upon self than to follow others, beg or snatch. It is better to have dirty dress than to be with dirty heart & mind. It is better to live like a lion than to live like jackals. We should behave, what we are. I do not know my Self, but know you . You are are beauty & love. However, I am for the beauty & love and by the beauty & love]
    پنھنجي بیھجي سدا پیرن تي ،
    نہ پائجي ٻئي جي جتئ ۾ پیر،
    ڀلي ھجي کڻي ڪپڙن منجھ،
    پر من ۾ نہ ھجي ڪڏھين میر،
    رھجي گدڙ جي بدران ٿي شیر،
    مڙس مٿیر, دل روح وجود اندر
  • گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما

    گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما

    20190316 143329
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊي“
    “ گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما“
          سنڌ، علم ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان نھايت سرسبز ڌرتي آھي. ڪو ڏينهن خالي ڪونهي جڏھن ھتي ڪا علمي ادبي ۽ثقافتي سرگرمي نہ ٿيندي ھجي. اسان وٽ ادارا گھٽ آھن،ۡ ۽ جيڪڏھن آھن تہ انهن مان گھڻن کي غير فعاليءَ جي بي پاڙي ول وڪوڙي وئي آھي.ھونئن نہ تہ انهن علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين تي ھفتي ۾ ٻٽي ڪتاب لکي ڇپرائي سگهجن ٿا.پر “اپڻي گھوٽ تہ نشا ٿوين“  ،مصداق ماروئڙن کي پنهنجي مڙسي ڪرڻي پوندي.
        گل حيات ادارو شروع کان وٺي ھڪ نعرو ڏنو  ۽ ان تي عمل ڪري ڏيکاريو،جيڪو آھي “ ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو“. بابا سائين جڏھن گل حيات قائم ڪيو تہ پھرين ڏينهن کان وٺي اھا ڪوشش ڪئي وئي تہ جيئن ۽ جتان ڪو تاريخي اھميت وارو مواد ملي تہ انهي کي حاصل ڪري رکيو وڃي. جڏھن بابا سائين ڪراچي ۾ ليڪچرار ھيو تہ انهي زماني ۾ پاڪستان ٽيليوزن جو سينٽر ڪراچي ۾ کليو.بابا سائين شروعاتي ڏينهن ۾ “ ٽاڪ شوز“ مھمان طور شرڪتون ڪيون ۽ پوءِ “ اونداھيءَ جا اولڙا“ نالي ھڪ ڊرامو لکيو جيڪو پسند ڪيو ويو ھو ۽ ڪجه دفعا ٻيھر بہ ڏيکاريو ويو ھو. ٽي وي ڊرامن جي حوالي سان بابا سائين ھڪ نئون تجربو ھي ڪيو جو بنان ڊائلاگ جي اڌ ڪلاڪ جو ھڪ ڊرامو لکيائين جنهن جو مسودو ڪنهن پروڊيوسر کان ھيٺ مٿي ٿي ويو.
    بابا سائين جڏھن ٽي وي تي ويندو ھيو تہ عبدالڪريم بلوچ، ممتاز مرزا، بيدل مسرور ۽ محمد بخش سميجو اتي ملازمت ڪندا ھئا. بابا سائين جون سانڻن ڪچھريون ٿيون ۽ کين اھو ٻڌائيندو ۽ صلاحون ڏيندو ھيو تہ ٽي وي جي سمورن  پروگرامن جون سي ڊيون ٺاھيون وڃن ۽ جيڪي مسودا“ ڊراما اسڪرپٽ“ جي صورت ۾ اداڪارن کي ورھائي ڏنا وڃن ٿا، انهن جون ڪاپيون ٽي وي جي لائبريري ۾ محفوظ ڪيون وڃن. 
       بابا سائين اچي گل حيات ٺاھيو ۽ ان کان پوءِ جڏھن بہ ڪراچي ويندو ھو تہ مختلف پروڊيوسرن سان ملي ساڳي ڳالھ ورجائيندو ھيو.بيدل مسرور نہ رڳو بھترين راڳي آھي پر ھن ۾ سنڌ دوستئ ۽ ادب دوستئ جو رنگ پڻ نظر ايندو آھي.کيس بابا سائين جون صلاحون ۽ گذارشون پسند آيون ۽ ھن جي ڪوششن ۽ ٻين پروڊيوسرن جي سھڪار سان اسان ڪجه ٽي وي ڊرامن جا اسڪرپٽس حاصل ڪري ورتا ۽ اھي گل حيات ۾ موجود آھن. وڌيڪ ڳالھ ڪرڻ کان اڳ آئون مناسب ٿو سمجهان تہ گل حيات ۾ موجود ٽي ڊرامن جي اسڪرپٽس جو وچور پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان. پر ھي ٻڌائيندو ھلان تہ اڄوڪي پوسٽ ۾ جيڪا تصوير ڏني اٿم، اھا گل حيات ۾ موجود اسڪرپٽس مان کنئين اٿم. جيڪي اسان وٽ ٽي وي ڊرامن جا اسڪرپٽس پيا آھن، انهن مان ڪي اڻ پورا آھن تہ ڪي وري پورا آھن. اچو لسٽ ملاحظہ ڪريو: 1.“دل جي دنيا( امر جليل) 2. “  جيون سارو سور“ ( نثار آگاڻي) 3. “ معمو“ ( مھہ جبي بينا مسرور) 4. “ ريشمي ڄار“ ( منير چانڊيو) 5. “ ڪاڪ محل“ ( شمشيرالحيدري) 6.“ سچ“ ( ڪيھر شوڪت ) 7.“ فرمانبردار“ ( امر جليل) 8 .“ سچائي جوعڪس“ ( ممتاز مرزا) 9 . “ چانس“ ( امداد حسيني) 10.“ نصيب“ ( شاھنواز سوڍر) 11. “ جيون ڪائي ڇولي“ ( فدا حسين) 12. “ انٽرويو“ ( قمر شھباز) 13.“ قلم نمبر“( يار محمد شاھہ ) 14.“ باک“  ( شوڪت حسين شورو) 15.“ ناٽڪ رنگ“( نثار آگاڻي) 16. جيئري پيڙا“( پيشڪش محمد بخش سميجو) 17. “ پڇتاءُ“ ( انور جوکيو) ۽ 18. “ پاڙي ناھ پروڙ“ ( سليم جمالي“ .
         ريڊيو،ٽي وي ۽ اخبار سنڌ جي ٻوليءَ، علم ادب،ثقافت ۽ تاريخي مواد جا بنيادي مرڪز آھن.ريڊيو  ۽ ٽي وي تي ڪيترائي فنڪار ۽ صداڪار پنهنجا جوھر ڏيکارن ٿا ڊراما ٻنهي ھنڌن تان نشر ٿين ٿا. مرحوم ممتاز مرزا “ ھڪ رات “ جي عنوان سان ڪن ڊرامن کي محفوظ ڪيو ۽ ڪوثر ٻرڙي وري “فن ۽ فنڪار“ ڪتاب لکي ڪيترن فنڪارن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو . ريڊيو ۽ ٽي وي تي جيڪي اسڪرپٽس پڙھيا وڃن ٿا انهن کي اھي ئي ادارا سھيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهن ٿا.اھڙي ريت اخبارن ۾ روزانو ڏاڍو اھم ۽ قيمتي مواد شايع ٿئي ٿو جنهن جي چونڊ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو. اھو ڪم اخبارن وارا پاڻ ئي ڪري سگهن ٿا ڇو تہ اھڙيون روايتون سنڌ جي تاريخ ۾ موجود آھن .پرمانند ميوارام پنهنجي اخبار “جوت“  مان مضمون چونڊي “ گل ڦل “ نالي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرايا.اھڙي طرح “ ھيري جون ڪڻيون“ ساڌو ھيرانند جي لکڻين جو مجموعو آھي جيڪي اڳ ۾ اخبار ۾ ڇپيون.
       اسان کان جيڪو پڳو آھي انهي مطابق مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو آھي.پر گوڏن ھيٺان لڪائي نہ رکيو آھي.مون جو ھي سلسلو شروع ڪيو آھي ان جو اھم مقصد ۽ مطلب بہ ھيءُآھي تہ گل حيات جي ميڙي چونڊي کان مان سڄڻن کي واقف ڪندو رھان.( ممتاز پٺاڻ)
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190316 WA0071

    Dr. Pathan wishes you Good Day.
    [ Terrible tragedy of New Zeland is speaking with you. Listen and understand it. Hatred and misunderstanding always pave way for enmity. Don’t sow hatred and don’t leave misunderstandings not removed amicably. Keep in mind that uncompensated realtions affected by ego, regrets and refusals will always bring bad results. Be peace, love and respect for and with all. Don’t authorise you mind to ignore and underestimate others. Be Golden Heart so as to stop tragic reaction of your action, behavior and attitude. Keep in mind that tragedy of New Zealand is not the last tragedy. Don’t pave way for such more tragedies.]

    ماڻھون سڀ ڪجھ وساري پر نفرت ۽ رويا نہ ٿو وساري،
    جي هلڪو وٺبو ڳالھ کي تہ نيوزيلينڊ جو روپ اها ڌاري،
    پوء ردعمل يا غلطفهمين ڪري پاڻ مري يا ٻين کي ماري،
    رانول رشتن ناتن روين کي رکجي سرت سان سنڀاري
    متان انا هوڏ ضد  ڪنهن عمل ردعمل کي وجهي کاري.
    ڪڍي شفقت محبت جي ڇانو منجهان نٽھڻ ۾ بيهاري،
    سڻ صدائون صورتحال جون توکي ٿي هر پل پڪاري،
    جيڪي رهيا تنهنجئ دل ۾  تن کي ڇڏ نہ ڌڪاري،

  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    IMG 20190315 WA0205

    Dr. Pathan wishes you Good Night.
    [ It is impossible to get rid of ego-dominated satanic attitude and behavior, untill and unless we are not falling in love. Because, fall in love will cause the fall of empire of hatred and defeat of the dominion of discrimination. It makes us humble, sincere and dedicated. It is the only direction to march forward for beauty, peace and setting new trends in human respect and selfless service. It creates unity, hope and trust. It is a wonderful carft of owning in any time place and circumstances.]
    انا مري نہ عشق سواء عشق آدمئ کي اجاري جياري,
    مٽيون محبت جون ملائي ماڻھپي سان پيو پياري,
    اوڳڻ اسان جا نہ ڏسي پر دل کي دل منجه ويهاري,
    دل جي در تان دل سان چاهيندڙ ڪڏھن نہ ڌڪاري,
    سرت سونهن سان ساري, نظر ڪري نهاري اسان تي

  • شام جو سلام

    شام جو سلام

    IMG 20190315 WA0171

    Dr. Pathan wishes you Good Evening.
    [ This world is wonderful and universe is beautiful. Here everything is available : sources & resources, beauty & love and vision & wisdom. It is our attitude and behavior, that creates problem. We are in trouble because, we violate Human-values and Natural-laws. We encourage terrible sitution, when self-interests, ego, hatred and discrimination start ruling our minds. When we love to take and get, but avoid to give, it brings sorrows & longings and deprivation & exploitation in our society.]
    هئ ڏس ڀوري ڀون ۽ هو نيرو آسمان,                             سندرتا جي جهان ۾ ڇو ويڳاڻو انسان؟
    ڪا بہ ڪمي ناهي ميسر سڀ سامان,
    پوء بہ نہ ٿو پورو ٿئي ڪنهنجو ارمان,
    هئ کوٽ دلين جي روين ڪيو نقصان,
    ندئ ڪنڌئ تي پياسو تن من ٿئي نادان,
    آدم ٿئي فقط محبت خدمت ساڻ مهان

  • سنڌي ادبي سنگت بابت گل حيات اداري ۾ گڏ ٿيل مواد

    سنڌي ادبي سنگت بابت گل حيات اداري ۾ گڏ ٿيل مواد

    20190315 142039 
    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “ سنڌي ادبي سنگت بابت گل حيات اداري ۾ گڏ ٿيل مواد“
    جڏھن گل حيات ادارو ٺاھيو ويو تہ سنڌ جي تاريخ جا سمورا رخ ذھن ۾ رکيا ويا ۽ زندگيءَ جا اھم شعبا جھڙوڪ سياست، علم ادب،ثقافت، تعليم وغيره توجه جو مرڪز بڻايا ويا. علم ادب جي حوالي سان قلم ڌڻين جي ولادتن وفاتن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ويا. اديبن شاعرن ۽ صحافين کان سندن لکڻين جون ھارڊ ڪاپيون وٺي گل حيات ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويون.
       ادبي حوالي سان ادبي تنظيمون ۽ جماعتون وڏي اھميت رکن ٿيون. ادبي تاريخن ۾ تنظيمن ۽ سندن ڪارڪردگين کي ھن وقت تائين ڪا مناسب جاء نہ ڏني وئي آھي.جڏھن تہ ادبي تنظيمون ۽ جماعتون قلم ڌڻين کي پنهنجي ادبي صلاحيتن ۽ لياقتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪن ٿيون.
    سنڌ ۾ “ ميڪس ڊينسو ھال لٽرري سوسائٽي“پھرين ادبي سوسائٽي آھي، جيڪا آگسٽ 1885 ۾ قائم ٿي. انهي کان پوءِ ھن وقت تائين سوين سوسائٽيون جڙيون جن ٻولي جي جھولي ڀري ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي. 55 ادبي جماعتن جو تعارف اسان جي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.انهن مان جيڪڏھن ڪي نالا ھتي وٺجن تہ مناسب ٿيندو: “ اداره روح ادب“،“ انجمن آفتاب ادب“،“ انجمن علم وادب“ “ انجمن فروغ ادب“ “  بزم ادب“ “ بزم طالب المولا“،“ بزم سچل“،“ بزم سروري“ ،“ بزم فردوس“،“  بزم ناز“ ،“ جميعت الشعراء“،“ سنڌ سگهڙ سنگت“،“ سنڌي ادبي سوسائٽي“ ۽ سنڌي ادبي سنگت.
       سنڌي ادبي سنگت بابت اسان گل حيات اداري ۾ وڏي محبت ۽ محنت سان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ ھڪ “ گذارش نامو“ ڇپرائي سنڌ ادبي سنگت جي سمورن شاخن ۽ عھديدارن ڏانهن ڏياري موڪليو.جنهن ۾ لکيو ويو تہ اسان سنڌي ادبي سنگت جي ھر ھڪ شاخ جي سيڪريٽري،سنگت جي موجوده خواه سابق ميمبر ۽ عھديدار کي التجا ٿا ڪريون تہ اھي گهربل مواد ۽معلومات فراھم ڪرڻ ۾ اسان سان تعاون ڪن. اسان کي ڇا گهرجي؟ان جو تفصيل ھن ريت آھي. 
    1. سابق ۽ موجوده عھديدارن ۽ ميمبرن جا ڪوائف: ( نالو،ولديت،ذات، ڄمڻ جي تاريخ، ڄمڻ جو ھنڌ،تعليمي لياقتون، ادبي کيتر، سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيڻ جو سال، سنگت ۾ عھدو ۽ ڪڏھن کان ڪيستائين، شايع ٿيل ڪتابن جي لسٽ، موجوده ايڊريس ۽ مستقل ايڊريس)
    2. اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن، مضمونن،تجزين ۽  رپورٽن جي فوٽو ڪاپي.( ھر ڪنهن شاخ بابت اخبارن ۾ ڪجه نہ ڪجه شايع ٿيندورھي ٿو.اھو رڪارڊ ھر شاخ وٽ موجود ھوندو آھي.)
    3. منٽس بڪ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي.
       سنڌي ادبي سنگت سان بابا سائين  جو گهرو ادبي واسطو رھيو آھي پاڻ جڏھن ڪراچي ۾ ھوندو ھو تہ انور پيرزادي جي سنگت ۽ صحبت ۾ سنڌي ادبي سنگت کي نئين سر سرگرم بڻائڻ واري تحريڪ جو حصو بڻيو. اتي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ لڳاتار شريڪ ٿيندو ھو. بابا جڏھن گل حيات ٺاھي تہ سنڌي ادبي سنگت بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس جتان ڪٿان چڱي موٽ ملي ۽ اھو سمورو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. انهي ساڳي مواد کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي پڻ رکيو آھي جنهن ۾ 1970 کان وٺي ويندي  1999 تائين سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جا تفصيل موجود آھن. جيڪا آخري انٽري ويب سائيٽ تي آھي اھا انور ڏنگڙائي جي ڪتاب “ ڏوٿي انهي ڏيھ جا“ جي مھورت واري تقريب جي خبر آھي. جڏھن تہ پھرين انٽري جو متن آھي: “ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي راشد مورائي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سوني خان ملاح،محمد حسين ڪيرائي،عبدالرحمان منگي،مير محمد پير زادي ۽ راشد مورائيءَ شعر پڙھي ٻڌايا ۽ ولڻ ملاح ڪھاڻي پيش ڪئي“. سوين صفحا آھن جيڪي گل حيات جي ويب تي رکيا ويا آھن.ھر ھڪ انٽري جو حوالو پڻ ڏنو ويو آھي تہ اھا خبر ڪھڙي اخبار مان ورتي وئي ۽ اخبار  جي پرچي جي تاريخ ڪھڙي ھئي.
       گل حيات ۾ تقريبن سال 2000 تائين سنڌي ادبي سنگت  جي ميمبرن ۽ عھديدارن جا ڪوائف پڻ موجود آھن. سنڌ جي نامور مشھور ۽ مقبول شاعر ڊاڪٽر ادل سومري سنڌي ادبي سنگت تي پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي ۽ بابا سائين هن جو اگزيمنر ھيو. ان ڪري سندس اھا ٿيسز پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.
         مان سنڌي ادبي سنگت جي عھديدارن ۽ ميمبرن کي گذارش ٿو ڪريان تہ بابا سائين گل حيات ۾ واپس موٽي اچي وري محنت ۽ محبت سان سنڌ جي تاريخي اھميت واري مواد جي ميڙي چونڊي جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو آھي ۽ انهي ڪم ۾ اسان سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آھيون. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين کي مواد ۽ معلومات موڪلڻ جي مھر ڪرڻ گهرجي.( ممتاز پٺاڻ)
  • صبح جا سلام

    صبح جا سلام

    IMG 20190315 WA0102

    Dr. Pathan wishes you Good Day.
    [ Denying anybody of love and respect, paves way to hatred, discrimination and disturbances. As we can’t chain light and air, in such a way, we must not chain fragrance of our beauty, love and respect.Because, they are universal in nature. Let they not be for one, but for all.  Heart is Home of Allah, let us not close its door, because of our likes and dislikes. Let us own and accept love, beauty and peace. Because, they are needs and requirements of our instincts and nature.]
    پيار عزت ۾ متڀيد نہ ڪر اهو ئي ماڻھپي ۾ وڏي کان وڏو ڪفر آھي،
    ھوا پاڻئ روشنئ خوشبوء پيار عزت کي پسند ناپسند ٿيندي ناهي،
    انهن مان هر ڪنهن ۾ ھر ڪنهن جو حصو
    برابر جو ئي ٿيندو آھي،
    ڪرين ڇو ٿو محروم  ماڻھون انا متڀيد نفرت جا ڪوٽ ٺاهي،
    نہ مڙندين تہ امن سڪون کان رک تون  پيارا سمورو آسرو لاهي
    دل گهر ڌڻئ جو ان مسجد مندر ۾  اچي ڪوئي جو دل سان چاهي ،
    رستا روڪجن ڇو ڪنهن جا پوءپنهنجي اجايو طاقت آزمائي؟
    اها ئي اربعا خطا آھي، جو ٿڏجي سرت سونهن ۽ سلام سدائين

     
  • رات جا سلام

    رات جا سلام

    IMG 20190314 WA0243
    Dr.Pathan wishes you Good Night.
    [Heart & mind and life & soul was my only possession. It was tough & terrible task to protect that property. When I handed over to my dear, I started feeling myself free and happy. Now me and my property are in safe hands]
    پنھنجو روح وجود ڪیوسین پرین حوالي،
    ڀلي تن کي پنھنجي پیار سان پالي نہ پالي،
    پر سندن سونھن-اجالي، ڪیو روشن راھن کي