Dr.Pathan wishes you Good Night.
[When your act of love and respect start creating selfishness, ego and hypocrisy in other hearts, believe that you are misusing human values and also you will be misused for interests of other minds. Neither you will be accepted, nor respected accordingly. You will not be responded and reciprocated properly. Change the place and change the people. Time, place and circumstances are not supporting you to share and promote love & beauty, sincerity & sacrifice and vision & wisdom ]
محبت نسبت خدمت وجهي جي خانن کي کاري،
اھي ماڳ اھي ماٹھون ڇڏجن دل تان وساري،
قدر نہ ڪن پنھنجو سي ڇڏن در تان ڌڪاري،
متان رويا ساري، ویھین وساري سونھن سلام کي
Author: admin
-
رات جا سلام
-
اڳي اسان جي ابن ڏاڏن کي ڇا پڙھائيندا ھيا
“ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان““ اڳي اسان جي ابن ڏاڏن کي ڇا پڙھائيندا ھيا“اڄ مون پراڻن درسي ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي ھڪ اڌ ڪتاب جا ورق ورائي ڏٺم. ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ“ قائد اعظم محمد علي جناح جھرڪن ۾ ڄائو“. انهي سبق جي ڪاپي ڪيترا دفعا بابا سائين ۽ ٻين ماڻھن انٽرنيٽ تي شيئر ڪئي آھي، ان ڪري مون انهي کي ڇڏي سنڌي چوٿين درجي جي ڪتاب کي اڄ جي پوسٽ لاءِ چونڊيو اٿم ۽ انهي جي ٽائيٽل پيج جي تصوير بہ ڏني اٿم .ھي ڪتاب 1944 ۾ ڇپيو ۽ انهي جي قيمت 7 آنا 6 پايون آھي ۽ ان ۾ ڪل 87 سبق آھن ۽ 220 صفحن تي مشتمل آھي .اڪثر سبقن ۾ نھايت خوبصورت ۽ وڻندڙ تصويرون ڏنيون ويون آھن .ڪتاب جي مواد کي ڏسجي ٿو تہ اھو جيتوڻيڪ سيڪيولر انداز جو ناھي پر ان ۾ ھندن توڙي مسلمانن جي مذھب،تاريخ ۽ قدرن ۽ نظرين ۾ توازن رکيل نظر اچي ٿو.مون ھن ڪتاب کي غور سان ڏٺو ۽ ورق ورائي پڙھيو تہ جيئن اھو اندازو لڳائي سگهان تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ان دور جو تعليمي نظام ڪھڙي معلومات ڏيندو ھيو. ان ڪري مون انهي جو سبق نمبر 54 “ انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ مياڻي جي جنگ“ ور ور ڏئي پڙھيو. ڏک انهي ڳالھ جو ٿيو تہ 1944 ۾ سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت ھئي، نصاب ٺاھڻ ۽ نظرثاني ڪرڻ وارين ڪميٽيون بہ سنڌين جون ھيون ، پر ان دور جي ٻارن کي سنڌ جي تاريخ ٽوڙي موڙي ڪري پڙھائي ويندي ھئي. ھن سبق ۾ انگريزن کي بھادر ھوشيار ۽ ھيرو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ حقيقت ان جي برعڪس آھي. نيپيئر 1843 ۾ ڌوکي سان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ جيڪو ھندستان جي وائسراءِ کي اطلاع ڏنو ھيو ان جو سنڌي ۾ مطلب آھي “ مون ڏوھ ڪيو آھي“ ۽ انگريزي لفظ اٿس“ I have sinned “.سنڌ جي تاريخ سان اھڙي ويڌن ان ڪري ٿي آھي جو اسان سنجيدگيء سان“ تاريخي تحقيق“ ۾ دلچسپي ورتي ئي ڪا نہ آھي. پنهنجو قلم ٻين جي ھٿن ۾ ڏنو اٿئون جن پنهنجي مرضي سان ۽ پنهنجن مقصدن لاءِ اسان جي شاندار ماضي جو حليو بگاڙي ڇڏيو آھي.مياڻي جي جنگ جي مختلف پھلوئن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون ۽ جيترو بہ غير جانبدار ٿي لکبو تہ اوترو ئي انگريزن جي ملڪ گيري جي ھوس ۽ لالچ چٽي ٿي بيھندي. مياڻي جي جنگ تي تمام گهڻو مواد موجود آھي پر جڏھن بہ انگريزن جي دور ۾ انهي موضوع تي لکيو ويو تہ ميرن کي ڏوھاري ۽ انگريزن کي ھيرو ڪري پيش ڪيو ويو .منهنجي ھٿن ۾ راءِصاحب اُڌارام چانڊومل ٿڌاڻي جو ڪتاب “ سنڌ جا مير ۽ مياڻيءَ جي جنگ بئتن سوڌي“ آھي. ھي ڪتاب دراصل 1896 ۾ ليڪچر جي صورت ۾ اڌارام چانڊومل ڏنو ھيو جنهن کي 1938 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.ھن ڪتاب ۾ بہ سليقو ۽ طريقو روايتي قسم جو آھي ۽ تاريخ تان پردا ھٽائڻ لاءِ گهڻي غير جانبداري ڪا نہ ڏيکاري وئي آھي. پر مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ انهي ڪتاب جي آخر ۾ لوڪ شاعرن جا مياڻيءَ ۽ دٻي جنگ تي بيت ڏنا ويا آھن، جيڪي نہ فقط واقعاتي بيت آھن پر انگريزن جي شروعاتي دور جي اھا شاعري آھي جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ سياست تي عوامي ردعمل جو رڪارڊ موجود آھي. مناسب ٿيندو تہ مان انهي شاعري جون ڪي مصرائون پنهنجي پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيان.مٺيان لڳي مير کي ڪاوڙ قصد.جنگ ڪريسون، ملڪ نہ ڏيسون، واڻي مير ورايا.اَٿو انگريز اھڙو جنهن سان ھيڻي ڪوم ھلائي،گھڻيون ولانون ورتيون فلنگيءَ دڙ ڪي ساڻ دٻائي!سنڌ نہ ڏجو، سورھيہ! پنهنجا مرد ڏجو مارائي.تنهن تي مڙيني ميرن مصلحت ڪي صوبا سڀ سڏائي،ڪاھي پيڙا ڪئمپ ۾، غازين ڪين گھٽايو،ڀڄائي اترام کي غازين غوراب لٽايو.اترام ڀڄي آيو پيو ٻيڙين ۾ ڪاھي،اچيو تنهن جرنيل کي ٿو ڳالھيون ٻڌائي.ڳالھ ماضي جي درسي ڪتاب جي ڪرڻي ھئي ۽ انهي منجهان فقط ھڪ سبق کي کڻي مون پنهنجي اندر جا احوال اوريا ۽ اھو عرض ڪيو تہ سنڌ جي تاريخ تي منظم نموني سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ اھا ڳالھ جيڪڏھن اسان سمجهي ورتي تہ پوءِ اسان نہ فقط پنهنجي شاندار ماضيءَ کي بچائي سگهنداسين پر ان منجهان گهڻو لاڀ ڀي پرائي سگهنداسين. ( ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Never invite anybody to stay in your heart and mind, who is high-risk for your integrity and is illiterate in human-love & respect. Those, who follow their ego, doubts and fear, can’t be fair in social, romantic and ideological dealings. Don’t please such type of confused hatred -oriented hearts. You are Golden Heart. Don’t waste you time, attention and love. Because, you need it with top priority. Keep in mind that love, respect and service are reciprocal and not one-sided.]
جي رهن تان رهاء تو وٽ ناهي ويندن لاء ڪا جاء،
نفرت جن جي نس نس اندر نينهن نہ تن سان لڳاء،
ٻين کي پرچائڻ بدران پاڻ کي پهريون تون پرچاء،
سرت سونهن سلام دعا سان تون پنهنجو بره بچاء.،
وقت محبت ڪين وڃاء، انا پرستن جي اڱڻ وڃي -
رات جا سلام
I am teachable. Because, I am not always right. Teach me, how to love you. Teach me, how to please you.
Dr.Pathan wishes you Good Night.
عشق اڍنگو اسان جيان شل ڪا تنهنجي سونهن سرت ان کي سنواري سينگاري سڌاري،
جيئن هئ دل گهنگهر نہ گهاري، جيڪا ٿي پئي هر پل ساري گس گهٽيون سدا نهاري -
روح رھاڻ کان روح رھاڻ تائين
گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.“روح رھاڻ کان روح رھاڻ تائين“ھنن پوسٽن ذريعي مون ڪن اھڙن تنظيمن ۽ اخبارن جي حوالي سان اھي ڳالھيون ڪيون آھن تہ ڪجه نالا اڄوڪي زماني ۾ جيڪي اسان کي نظر اچن ٿا، اھي نالا اڳ ۾ انگريزن جي دور ۾ بہ موجود ھئا.مثال طور اڄ اسان جي دور ۾ “سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ آھي، جنهن پنهنجي خدمتن ۽ محبتن سان ماڻھن جون دليون کٽيون آھن. ساڳي نالي سان ھڪڙي تنظيم ڪراچي ۾ ھوندي ھئي ۽ ٻي تنظيم وري شڪارپور ۾ ھوندي ھئي. انهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ ۽ پنهنجي پنهنجي تر ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ انهن عوام ۾ سماجي خواه نظرياتي سجاڳي آڻڻ لاءِ ڪيترائي ليڪچر ڪرايا ۽ ٻيون سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون انهن تنظيمن جو احوال ۽ سرگرمين جو تفصيل گل حيات ۾ موجود آھي.پيپلز پارٽي جي نالي سان اڄ 2 پارٽيون اسان جي دور ۾ سرگرم عمل آھن. ڀاءُ ڀيڻ جي اختلافن کان پوءِ اھا ورھائيل پيپلز پارٽي اڳ ۾ سندن والد ذوالفقار علي ڀٽي ٺاھي، جيڪا 1972 کان وٺي ٿورن وقفن کان سواءِ پاڪستان ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندي آئي آھي.انگريزن جي دور ۾ انهي نالي سان 1934 ۾ سرشاھنواز ڀٽي جي دور ۾ “ پيپلز پارٽي“ ٺھي ۽ اھو سندس پھريون جنم ھئو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد انهي نالي سان پارٽي ٺاھي ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ساڳي نالي سان پوء پارٽي ٺاھي ۽ اھو ڄڻ پيپلز پارٽي جو ٽيون جنم ھيو.اڄ مون پنهنجي پوسٽ جي شروعات ۾ “روح رھاڻ “ رسالي جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ڏني آھي. اهو رسالو 1953 ۾ ممبئي مان نڪتو .انهي نالي سان پھريون رسالو انگريزن جي دور ۾ نڪتو جنهن جو ايڊيٽر ڄيٺمل پرسرام ھيو.اھو رسالو ٿياسافي مڪتب فڪر جو ترجمان ھيو ۽ ھوم رول ليگ جيڪو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر وڌو، ھي رسالو انهي اثر جي نشاني آھي.انهي رسالي سنڌ ۾ مذھبي سھپ ۽ امن خواه ڀائيچاري کي پروان چاڙھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.ھن رسالي جون ڪيتريون ڪاپيون گل حيات ۾ موجود آھن. ورھاڱي کان پوءِ حميد سنڌيءَ ساڳي نالي “روح رھاڻ“سان رسالو ڪڍيو جنهن جا پرچا پڻ گل حيات ۾ موجود آھن.حميد سنڌيءَ جو رسالو “ روح رھاڻ“ سنڌ ۾ ھڪ ادبي ۽ نظرياتي تحريڪ بڻجي ويو ۽ ڪيترا سال حميد سنڌيءَ ۽ سندس ساٿين جھڙوڪ سنڌ ۾ ادبي اڳواڻي ڪئي ۽ مزاحمتي ادب جي اوسر کي وڏي ھٿي ڏني. ھن رسالي ۾ ڇپيل مواد صنف وار ڪتابي صورتن ۾ ڇپجي تہ اڄ بہ پڙھندڙن جي لاءِ ڪارائتو ٿيندو.بلڪل انهي ساڳي دور ۾ ممبئي مان روح رھاڻ جي نالي سان رسالو نڪتو،جنهنجو پايو وجهندڙ ڄيٺمل پرسرام ھيو ۽ ان جي ايڊيٽرياڻي ديوي آر .گلراج ھئي. ھن رسالي جون ڪجه ڪاپيون گل حيات ۾ موجود آھن. ھن رسالي ۾ اڪثر ڪري ڪٿائون، آکاڻيون، فيلسوفي، روحاني ۽ ادبي ليکہ ڄيٺمل پرسرام،لالچند امر ڏنو، آسانند مامتورا، امر لعل ھنگوراڻي،تيرٿ وست ۽ ٻين جي قلم مان ڏنا ويندا ھئا. رسالي ۾ تمام پراڻين اخبارن مان اقتباس پڻ ڏنا ويندا ھئا جھڙوڪ پراڻي “روح رھاڻ“ ۽ “سرسوتي“ وغيره .ڄيٺمل پرسرام “ چمڙا پوش جون آکاڻيون“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو هو، جنهن مان ڪي آکاڻيون ھن رسالي ۾ ڇپبيون ھيون.رسالي ۾ اڪثر ڪري شاعري صوفي بزرگن ۽ سنتن جي ڏني ويندي ھئي. انهي منجهان سچل سرمست جي شاعري جو مثال عرض رکجي ٿو.ڪيڙو مست پرين جي ڪنهن ناز مونکي،وسريو روزو ناھي ياد نماز مونکي.نيڻن ننڊ حرام آھي وت روز ازل،سرندو سوز سڄڻ جو آھي ساز مون کي.شوق شراب پيئان، پر وٽ، راتيان ڏينهان،ڪونهي قاضي ملان جو ڪو لحاظ مونکي.وائي وات ڪهائي ھوھو جي پرين،وري اچي ھو ھو پرين ڏانهن آواز مونکي.(اچو گل حيات جي گنج مان پنهنجو حصو وٺو ۽ ٻولئ جي جهولي ڀريو.ممتاز پٺاڻ -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.
[Whoever is near to his/her dear, either in heart, or at door, will not cry that he/she is being pushed away at distance because of differences. Do your level best to be near to your dear, beloved or ideal. Do not be disappointed. May be you find him/her most nearest to you any day]
ھو جو در یا دیار دوست يار سندو،
اتان ملي جن کي درد جون دارون،
ڪن نہ ڪارون، تہ دردن اهي ماریا. -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Evening.
[We are not created without cause. Who created, will take care of us properly and we have to take care of cause. We have to mind & manage business of our hearts & minds. Life becomes pleasant, purposeful & amazing, if there is beauty in heart and love in mind. It makes our action and reaction colorful with Human respect, hope and sincerity]
جن رکیو آسرو اللہ تي، ورتئون سوچن لوچن جو سھارو،
محبت مروت ماٹھپي کان, ڪیئون ڪڏھن نہ ڪنارو،
هليا وٺي چڱائئ چارو، سرت سونهن سچ ۽ سلام جو -
سنڌ جي اديبن جا بابا سائين ڏانھن لکيل خط
گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.“سنڌ جي اديبن جا بابا سائين ڏانھن لکيل خط“خطن جي حوالي سان مان ھڪ پوسٽ اڳ ۾ بہ رکي چڪو آھيان، جنهن ۾ انهن خطن جو ذڪر ڪيو ھيم جيڪي پرڏيھي عالمن بابا ڏانهن لکيا. 1977 کان بابا سائين علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ اھڙين سرگرمين ۾ شرڪت ڪيائين .سندن اھو رڪارڊ خود سنڌ جي علمي،ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو.اڄوڪي پوسٽ ۾ مون پير حسام الدين شاھ راشدي ۽ محمد ابراھيم ڄوئي جي خطن جو عڪس رکيو آھي. سنڌ جي جن مشھور شخصيتن ۽ سرگرم علمي خواه ادبي ۽ صحافين بابا سائين ڏانهن خط لکيا آھن ۽ اھي گل حيات ۾ موجود آھن،مناسب ڄاڻان ٿو تہ انهن مان ڪن شخصيتن جا نالا دوستن سان شيئر ڪيان، جيڪي آھن: پير حسام الدين شاھ راشدي،جي الانا، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم طالب المولا،محمد ابراھيم جويو، حبيب اللہ ڀٽو شڪارپوري، ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، تاجل بيوس، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، مخدوم جميل الزمان، امير بخاري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، جبار“تاثير“،منظور ابڙو،ڊاڪٽر ممتاز بخاري ھالائي، پريل دايو “ پنو عاقلائي“، ڏاتر شر، صوفي محمد ايوب شر، آدرش، راشد مورائي، شيخ جمال آزاد، اياز گل، ادل سومرو، آزاد انور ڪانڌڙو، محمد رحيم ڪنڀر، نور سنڌي شھداد پوري، اصغر علي آڪاش،فھميده قريشي، ڊاڪٽر فھميده حسين، ظفر حسن، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، عباس سارنگ، ڊاڪٽر بدر سومرو، فضل سليمان قاضي، نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، شوڪت حسين شورو،ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو،بيدل مسرور وغيره.مان 1977 کان وٺي بابا سائين ڏانهن لکيل انهن خطن کي ترتيب ڏئي رھيو آھيان .تمام کوڙ خط آھن جن مان ڪي نالا ڪڍي شيئر ڪيا اٿم ۽ آئون اھا ڪوشش ڪندو آھيان تہ جن شخصيتن بابا ڏانهن خط لکيا آھن انهن بابت ڪا معلومات بہ وٺندو ۽ گڏ ڪندو وڃان تہ ساڻن بابا سائين جو ڪيترو تعلق رھيو. جن شخصيتن جا نالا ڏنا اٿم انهن بابت چاھيندس تہ ٿوري معلومات ھن پوسٽ ۾ ڏيندو ھلان.پير حسام الدين شاھ راشدي جڳ مشھور محقق ھيو ھو عمر ۾ ۽ علم ۽ نالي ۾ بابا سائين کان وڏو ھيو ، پر سندس وڏماڻهپائپ اھا ھئي تہ ھو پاڻ بہ بابا ڏي ايندو ھو ۽ بابا بہ ڏانهنس اڪثر ڪري ويندو ھو .اڄ جيڪو سندس خط مون ڏنو آھي اھو ھن 30.5.1978 تي لکيو آھي جنهن ڏينهن ھو بابا وٽ آيو ۽ ٻنهي جي ملاقات ٿي نہ سگهي. جنهن ڪري چٺي لکي ويو تہ “ مھرباني ڪري مون سان ڪنهن بہ ڏينهن صبح جو اچي ملي ويندا“. مرحوم جي الانا بہ عمر،تجربي ۽ نالي ۾ بابا کان وڏو ھيو پر ھن جي خطن ۾ سندس ماڻهپي جي خوشبوء موجود آھي. بابا جون بہ ھن سان گهڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ ھن جڏھن“ گنان“ ۽ سنڌ جي “ڪلاسيڪل شاعرن“ تي ڪتاب لکيا تہ ان تي بابا سان مشورا ڪندوھو، ۽ اھڙو ذڪر ھن ڪتابن ۾ بہ ڪيو آھي. بابا 1985 ۾ سنڌالاجي ۾ آيو ۽ انهي کان اڳ محمد ابراھيم جوئي سان سندس خط و ڪتابت رھي ۽ مرحوم جويو جڏھن ڪراچي ويندو ھيو تہ بابا ۽ ھن جي وچ ۾ ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ انهن ڪچھرين جي حوالي سان ھو حيدرآباد موٽي بابا ڏي خط لکندو ھو، اهي خط اسان وٽ موجود آھن .شڪارپور جو حبيب اللہ ڀٽو استاد بہ رھيو ۽ پوءِ ڪائونسلر بہ رھيو .ھو ڏاڍو سٺولکندو ھيو ۽ سندس ڪتاب “ سنڌي ساھت ۽ مشھور مستشرقين“ وڏي اھميت وارو ڪتاب آھي . ھن بابا ڏانهن ڪيترائي خط لکيا جيڪي علمي ۽ ادبي حيثيت رکن ٿا. سنڌالاجيءَ مان جن مھربانن بابا سان چڱي خاصي تفصيلي خط و ڪتابت ڪئي، انهن مان بابا جو پي ايڇ ڊي گائيڊ ۽ استاد ڊاڪٽر غلام علي الانا،ميڊم مھتاب اڪبر راشدي ۽ شوڪت حسين شوري جا نالا ذڪر لائق آھن. انهي خط و ڪتابت جو چڱو خاصو حصو “ سنڌالاجيءَ سان منهنجو سھڪار“ جي عنوان سان گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو ابن بطوطه ھيو .ھي مثالي محقق ڪيترا دفعا گل حيات آيو. سندس خط و ڪتابت اسان وٽ موجود آھي. ڊاڪٽر حفيظ قريشي ۽ سندس ڀيڻ فھميده قريشي سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ ٻہ مثالي ڪردار آھن. ھنن “ سنڌ قومي ساٿ“ نالي تنظيم ٺاهي سنڌي سماج ۾ مزاحمتي روين کي اڀاريو .ھنن مائي جندو جو ساٿ ڏنو ۽ ٽنڊي بھاول جي شھيدن جو پلاند وٺي ڏيکاريو. هنن ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو کوڙ مواد گل حيات ۾ موجود آھي، جن ۾ مادام فھميده قريشي جا خط بہ موجود آھن. ڊاڪٽر فھميده حسين موجوده دور ۾ تحقيق ۽ ادب ۾ وڏو نالو آھي. سندس ڪجه خط اسان وٽ موجود آھن.مادام نجمه شيخ جيڪا تازو وفات ڪري وئي انهي جي خطن جو ھڪ مڪمل فائيل گل حيات ۾ موجود آھي. ھن وانگر سڪندر آباد، ٺري مير واه جي غازي محمد ايوب شر جا خط بہ ھڪ کان وڌيڪ فائيلن تي مشتمل آھن ۽ اسان وٽ موجود آھن. مخدوم جميل الزمان 1985 کان وٺي بابا سان خط و ڪتابت ڪئي آھي ۽ سندس ڪيترا خط گل حيات ۾ موجود آھن.ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ ۽ بابا سائين اسلاميه ڪاليج ۾ گڏ ليڪچرار ٿيا ۽ سندن دوستي جو ناتو اڄ ڏينهن تائين ھلندو پيو اچي .ھن ڪيترا خط بابا کي لکيا جن تي مشتمل ھڪ پورو فائيل موجود آھي.مون اڄوڪي پوسٽ لکندي ۽ رکندي ذھن ۾ اھو سوچيو تہ پڙھندڙن کي اھا گذارش ڪيان تہ خط و ڪتابت اسان جي علمي ۽ ادبي سماجي ۽ سياسي تاريخ کي سمجھڻ ۽ مرتب ڪرڻ ۾ وڏي اھميت رکن ٿا. ھر ڪنهن قلم ڌڻي کي ھي شيون سانڍي رکڻ گهرجن ڇو تہ انهن منجهان سندن علمي ۽ ادبي قد بت ۽ حيثيت جي بہ خبر پوي ٿي ۽ ان سان گڏ وقت ۽ حالتن تي بہ روشني پوي ٿي. ( ممتاز پٺاڻ) -
گانڌئ ۽ سنڌ جي مامرن بابت گل حيات ۾ موجود مواد
گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“ گانڌئ ۽ سنڌ جي مامرن بابت گل حيات ۾ موجود مواد“.ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي ھندن مھاتما گانڌيءَ ۽ رابندير ناٿ ٽيگور کي سنڌ ۾ مانوس ۽ مقبول بڻايو .اھو بہ ايتري قدر جو ھندو توڙي مسلمان انهن ٻنهي شخصيتن کي محبتن سان ڏسندا ھئا.1930 ۾ رابندير ناٿ ٽيگور سنڌ ۾ آيو ھو. ان وقت “ رابندر ناٿ ٽيگور لٽرري اينڊ ڊراميٽڪ سوسائٽي“قائم ٿي چڪي ھئي ۽ ھن حيدرآباد ۾ ان جو افتتاح ڪيو هو. انهي موقعي تي جيڪو کيس سپاسنامو ڏنو ويو هو ان جي وڏي سائيز ۾ ڇپيل ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. ٽيگور ۽ سنڌ جي حوالي سان گل حيات وڏو ڪم ڪيو آھي ۽ اھا معلومات اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.ٽيگور دانشور ھيو، پر گانڌي ھڪ مڃيل سياستدان ھيو .ھن جي ڪانگريس ۾ وڏي حيثيت ھئي ۽ انهي حوالي سان سنڌ سان ھن جو گھرو تعلق رھيو. سنڌ سان سندس محبت جو ھڪڙو ڪارڻ ھي بہ ھيو تہ جڏھن ھو ولايت پڙھڻ ويو ھو تہ اتي ھڪ سنڌيءَ کيس سستي گهر وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ھئي. ان ڪري ھو سنڌين جي لاءَ دل ۾ محبت رکندو ھو. گانڌي ڪانگريس جو اھو واحد اڳواڻ آھي جنهن تي سنڌيءَ ۾ گهڻو لکيو ويو . اھڙن ڪتابن جا تفصيل بابا سائين جي ڪتاب “ ادب ۽ ماحول“ ۾ موجود آھن جن کي ھتي ورجائڻ ضروري نٿو سمجهان ڇو تہ مون کي ٻئي حوالي سان پڻ اھم ڳالھيون ڪرڻيون آھن. گانڌي سنڌ ۾ 7 دفعا آيو ۽ ھن لکيو آھي تہ “ھندستان جي ھر ڪاشئي مون کي وڻي ٿي پر جڏھن پھريون دفعو 1916 ۾ سنڌ ڏٺم تہ انهي سان انگ لڳي ويو ۽ مون سنڌين سان ڏاڍيون کريون ۽ سچيون ڳالھيون ڪيون آھن .گانڌيءَ 1916 کان پوءَ،1917،1920،1921،1929،1931۽ 1934 ۾ سنڌ ۾ آيو . سنڌي ھندن ڪانگريس جي سياست ۾ ھن جي ڀرپور مدد ڪئي 1893 ۾ سي.ايل.لڇيرام مالي مدد سان ھن جي “ناتال انڊين ڪانگريس “ ۾ مدد ڪئي ھئي. آچاريا ڪرپلاڻي،ڊاڪٽر چوئٿرام، وشنو شرما، پروفيسر ملڪاڻي، ھنگوراڻي،تولارام ھنگوراڻي، آچاريا گدواڻي، جيرامداس دولترام ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي سندس ويجها ساٿي ٿي رھيا. گانڌي جو سنڌ جي گدواڻي خاندان سان وڏو گهرو سياسي تعلق رھيو. پروفيسر ملڪاڻيءَ سندس ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا. اھو گانڌئ جو اثر ھيو جو آچاريا ڪرپلاڻي آل انڊيا ڪانگريس جو صدر بڻيو پر جڏھن ٻين کيس نہ سٺو تہ ھن کي انهي عهدي تان استعفا ڏيڻي پئي. سنڌي ھندو جيرامداس دولترام کي انڊيا ۾ بھار جو گورنر بڻايو ويو.ھندستان جي ورھاڱي ٿيڻ وقت سنڌ جي ھندن اھا ڪوشش ڪئي تہ پنجاب ۽ بنگال جي ورھاڱي وانگر سنڌ کي بہ ورھايو وڃي.ھندن جو ھڪ وفد انهي لاءِ ساڻس مليو بہ سھي مگر گانڌيءَ کلي اھا ڳالھہ ٽاري ڇڏي ۽ کين ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان ملڻ جو مشورو ڏنو. انهن سنڌي ھندن ھي ٿي چاھيو تہ ٿرپارڪر ۽ ان جي ڀر پاسي واري علائقي تي“ ھندو سنڌ “ قائم ڪئي وڃي. پر اھا ھن ڪري ڪانگريس جي اڳواڻن کي ناممڪن لڳي ڇو تہ اتي پاڻي جو مسئلو سندن حل ڪرڻ کان ڏکيو ھيو.گانڌي پوءِ بہ سنڌين جي آبادي لاءِ رياستي مھاراجائن سان ڳالھائي سندن آباد ڪاريءَ ۾ وڏي مدد ڏني.سنڌي ھندو ھتان لڏي ويا تہ انهن “گانڌھي ۽ سنڌ“ تي گهڻو لکيو آھي پر سنڌ ۾ اھو سلسلو 1947 کان پوءِ ھڪدم بند ٿي ويو. گل حيات اداري ۾ ھن موضوع تي جيڪو مواد موجود آھي ان جو واسطو انگريزن جي دور سان ئي آھي. گانڌھيءَ جي زندگي جي احوال ۽ سندس سياسي پيغام تي کوڙ ڪتاب لکيا ويا،جن منجهان چڱا خاصا ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.اڄ مون جنهن ورق جي تصوير ڏني آھي اھو گانڌي جي ايڊيٽري ۾ نڪرندڙ “ھريجن“ اخبار جو ايڊيٽوريل آھي.انهي اخبار ۾ گانڌيءَ سنڌ جي سياسي مامرن ۽ مسئلن تي تمام گھڻو ڪجه لکيو.انهي اخبار جي 6 جنوري 1940 واري پرچي ۾ گانڌيءَ سنڌي ھندن کي سنڌ مان لڏڻ جي صلاح ڏني آھي.جيتوڻيڪ “لڏ پلاڻ“ ورھاڱي واري معاھدي جو ڪو حصو يا شرط ڪو نہ ھيو پر گانڌئ جي لکيل انهي ايڊيٽوريل مان خبر پوي ٿي تہ ھن ورھاڱي کان ست اٺ سال اڳ سنڌي ھندن جو لڏ پلاڻ بابت ذھن ٺاھيو ھيو.گل حيات ۾ انهي “هريجن“ اخبار جا چڱا خاصا ايڊيٽوريل موجود آھن.گانڌي اسان جي دور ۾ سنڌ جي ڪنهن بہ سياسي مڪتب فڪر جو اثاثو ناھي، پر پوءِ بہ“ آزادي جي تحريڪ “ تي تحقيق ڪرڻ وقت مھاتما گانڌھي ۽ سنڌي ھندن جي لاڳاپن، خط و ڪتابت، ڇاپي ڪتابن ۽ اخبارن جي ادارين جو مطالعو ضروري ٿي پوي ٿو. آزادي جي تحريڪ تي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڪتاب شايع ٿيا آھن يا مقالا لکيا ويا آھن، انهن ۾ تحريڪ آزادي ۾ “ سنڌي ھندن ۽ ڪانگريس جو حصو “ جي موضوع تي ڪم نہ ٿيو آھي،جنهن تي ڪم ٿيڻ سان اڃا ڪيتريون اڻ ٻڌايل سياسي سچايون ظاھر ٿي سگهن ٿيون.جيڪڏھن ڪنهن دوست انهي موضوع تي ڪم ڪيو تہ گل حيات ۽ اسان جي دلين جا دروازا کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ) -
تاريخ نويسي ڪو ڏکيو ڪم تہ ڪونھي
گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“ تاريخ نويسي ڪو ڏکيو ڪم تہ ڪونھي“تاريخ جي سھيڙ ۽ خدمت فقط محققن جو ڪم ڪونھي، پر ھر ڪو ماڻھو پنهنجي پنهنجي حساب سان تاريخي اھميت وارو مواد بہ گڏ ڪري سگهي ٿو ۽ تاريخ نويسيءَ ۾ پنهنجو ڪردار بہ ادا ڪري سگهي ٿو. بس اھا رڳو شوق ۽ ذوق جي ڳالھ آھي .انهي لاءِ ڪنهن وڏي علم يا تحقيقي ڄاڻ جي ضرورت ڪونهي. آگسٽ 1998 ۾ نيڌرلينڊ کان، اتي قائم ٿيل بين الاقوامي اداري“ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار سوشل ھسٽري“ جو ايشين ڊائريڪٽر وليم وان اسٽينڊل گل حيات گهمڻ آيو ھو.ھن پنهنجي ڪچھري دوران ٻڌايو تہ نيڌرلينڊ ۾ اڪثر گهرن ۾ “ھوم آرڪائيوز“ ٺھيل آھن ۽ ماڻھن ۾ اھڙو تاريخي شعور آھي جو اھي پنهنجي خاندان بابت مواد،معلومات ۽ شيون گڏ ڪندا آھن. سنڌ ۾ بہ جيڪڏھن سنڌ جا سپوت مڙسي ڪن تہ وڏو ڪم ڪري سگهجي ٿو.گل حيات ادارو اھڙي تحريڪ آھي جيڪو ماڻھن ۾ تاريخي شعور ۽ تاريخ سان محبت جي جذبن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو.ھن پوسٽ ۾ مون 2 تصويرون ڏنيون آھن؛ ھڪ شجرن جو ڪتاب آھي ۽ ٻيو ولادتن ۽ وفاتن بابت گل حيات جي رجسٽر جي ھڪ صفحي جو فوٽو آھي. انگريزن جي زماني ۾ رجسٽريشن جي نالي سان ھڪ ذيلي کاتو ھوندو ھو جيڪو ولادتن ۽ وفاتن جو رڪارڊ رکندو ھو. ون يونٽ جي ڳٽ پوڻ کان اڳ سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ ولادتن جون داخلائون رکيون وينديون ھيون.ھن وقت اسان جي دور ۾ يونين ڪائونسل وارا “فوتي سرٽيفڪيٽ“ تہ ڏين ٿا پر انهن وٽ صحيح نموني سان ولادتن ۽ وفاتن جي رڪارڊ رکڻ جي ڪا گنجائش موجود ڪونھي.بابا سائين گل حيات ٺاھڻ کان گهڻا سال اڳ خاندان بابت ولادتن ۽ وفاتن جو رجسٽر رکيو ھيو،جنهن ۾ پڙ ڏاڏي کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين داخلائون رکندا اچئون ٿا. بابا سائين ٻيو ڪم ھي ڪيو ھيو تہ تڙ ڏاڏي کان وٺي خانداني شجرو رکڻ ۽ لکڻ شروع ڪيائين. سندس اھا سوچ اسان کي گل حيات ۾ بہ ڪم آئي ۽ ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن مان ولادتن وفاتن جون تاريخون ڪڍي اھي رجسٽر ۾ لکندا ويندا آھيون.“ڪوائف نامو“ جي نالي سان گل حيات طرفان ھڪ پروفارما ڇپيل آھي جيڪو اديبن، شاعرن ، صحافين،سگهڙن،سماجي ڪارڪنن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپو رکندڙ شخصيتن کان ڀرائي رکندا آھيون. اھڙا سوين ڪوائف ناما اسان فوٽو اسٽيٽ ڪرائي “انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ کي بہ ڏنا آھن.ھن پوسٽ سان شامل ڪتاب “ “ نسب نامه ساداتان متعلوي“ جي تصوير بہ ھن ڪري ڏني اٿم تہ اھو عرض ڪري سگهان تہ ڪن خاندانن ڏاڍي سھڻي نموني سان پنهنجا نسب نامه محفوظ رکيا جن مان ھڪ اھو بہ آھي . پر گهڻي کان گهڻا نسب نامه اڃا اڻ ڇپي صورت ۾ ضرور ڪن خاندانن وٽ موجود ھوندا. اھو انهن خاندانن سان گڏو گڏ سرڪاري خرچ تي ھلندڙ ادارن جو فرض آھي تہ اهي “نسب ناما“ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائن. پاڳارا خاندان جو شجرو بہ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آھي اھڙي ريت ڊاڪٽر بلوچ کي جڏھن بہ موقعو ۽ مواد مليو تہ ھن پنهنجي ڪن ڪتابن ۾ شجرا ڏنا آھن. ھن کان اڳ مرزا قليچ بيگ بہ پنهنجي ڪتابن ۾ شجرا ڏنا آھن. اسان جي دور ۾ شجراه نويسي تي وڏو ۽ بھتر ڪم سروري درگاه جي موجوده گادي نشين مخدوم جميل الزمان ڪيو آھي ، جنهن حضرت ابوبڪر صديق ۽ ان جي اولاد تي ھڪ معياري ۽ مستند ڪتاب لکيو آھي . انهن ھوندي بہ شجرا نويسي ۽ شجرن جو ڇپجڻ اسان جي علمي قلمي ۽ تحقيقي ذوق جو حصو نہ رھيو آھي گل حيات ادارو ڪن مشھور خاندانن جا شجرا ھٿ ڪري گڏ ڪري رکيا آھن.منهنجي خيال ۾ ڪنهن نہ ڪنهن سرڪاري علمي ۽ ادبي اداري ۾ اھڙي قسم جو ڪم ٿيڻ گهرجي يا ڪو اھڙو شعبو ھجڻ گهرجي جيڪو ولادتن ،وفاتن ۽ شجرن تي ڪم ڪري ۽ مختلف خاندانن جي سھڪار سان شجرا نويسي جو آغاز ڪري . شجرا نويسي ۾ وڏو مسئلو اھو درپيش ايندو تہ انهن ۾ مردن جا نالا تہ اچن ٿا پر عورتن جا نالا ڪو نہ لکيا ويندا آھن. پر جيڪڏھن خاندان بہ شجرن تي ڪم ڪندا تہ انهن شجرن ۾ عورتن جا نالا ڏئي سگهن ٿا. ھي اھڙو ڪم آھي جنهن ۾ ايڏو ڪو وڏو وقت ۽ خرچ ڪو نہ لڳندو.اسان جيڪڏھن چاھيون تہ پنهنجو خانداني البم بہ رکي سگهون ٿا، جنهن ۾ ھڪ ھڪ فرد جي زندگي جي مختلف دورن جا فوٽو محفوظ ڪري سگهجن ٿا.گل حيات ادارو ولادتن وفاتن شجرن ۽ آلبمن تي وڏو ڪم ڪيو آھي پر اھو سنڌ جي سماجي ۽ خانداني تاريخ مرتب ڪرڻ جو واحد ۽ مڪمل ذريعو ڪونهي. ڇو تہ اسان اڪثر ڪري “ ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو“ جي اصول ۽ حڪمت عملي جي اصول مطابق ڪم ڪندا آھيون.پوءِ ڪٿان اسان کي سھڪار ملي ٿو تہ ڪٿان نفرتون ناراضپو ۽ بخل ملي ٿو.ان ڪري گل حيات جو ڪم ۽ ان جي ميڙي چونڊي ھڪ “ماڊل“ آھي، جنهن جي آڌار تي مان ھن قسم جون پوسٽون لکي تاريخ نويسي جا طريقا ۽ ذريعا ٻڌائيندو آھيان. مان اھو بہ ٻڌائيندو آھيان تہ اھي ڪھڙا موضوع آھن جن تي ھن وقت تائين ڪم نہ ٿيو آھي. اھو بہ ٻڌائيندو آھيان تہ ڪھڙن موضوعن تي ڪٿي ڪٿي مواد پيو آھي ۽ ان تي گل حيات ادارو ڪھڙي ۽ ڪيتري ميڙي چونڊي ڪئي آھي. مان موقعو وٺي تاريخي تحقيق جي حوالي سان ڪي صلاحون ۽ مشورا بہ عرض رکي وٺندو آھيان. جيئن اڄوڪي ھن پوسٽ ۾ مون گهڻي کان گهڻو توجه صلاحن ۽ مشورن تي ڏنو آھي.شجرن جي لاء مون ٻڌايو تہ ڪيترا شجرا گل حيات ۾ موجود آھن. اھڙي ريت گل حيات ولادتن ۽ وفاتن تي 1450 صفحن تي مواد گڏ ڪيو آھي جنهن ۾ اڃا اضافو ٿيندو ٿو رھي. اسان ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون گل حيات اداري جي ويب سائيٽ تي بہ رکيون آھن.مان ھن پوسٽ جو فائدو وٺندي اھا گذارش ڪندس تہ اسان سنڌي ماڻھن کي پنهنجي خاندان جا شجرا ٺاھڻ گهرجن ۽ ولادتن خواه وفاتن جو رڪارڊ رکڻ گهرجي. ان کان سواءِ پنهنجي ڳوٺ يا پنهنجي پسند جي سياسي پارٽيءَ بابت جيڪو اخبارن ۾ مواد ڇپجي ٿو ان جي ھارڊ ۽سافٽ ڪاپي پاڻ وٽ رکڻ گهرجي ڇو تہ اھي اڳتي ھلي محققن کي يا پاڻ کي تاريخ نويسي ۾ وڏي مدد ڏينديو.واڪا ڪرڻ مون وس پرٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.( ممتاز پٺاڻ) -