Author: admin

  • خطبا صدارت ۽ ڪجه وڏن جلوسن جي ڪاروائي تي مختصر رپورٽ

    خطبا صدارت ۽ ڪجه وڏن جلوسن جي ڪاروائي تي مختصر رپورٽ

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/khutba_sadarat.pdf{/aridoc}

  • مولانا محمد علي جي تقرير صدارت ڪراچي خلافت ڪانفرنس

    مولانا محمد علي جي تقرير صدارت ڪراچي خلافت ڪانفرنس

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”580″ height=”600″}images/Doc/molana_mohammad_Ali_karachi.pdf{/aridoc}

  • لاڙڪاڻي ۾ شاهي ميٽنگ الحق مورخه 25 آڪٽوبر 1919

    لاڙڪاڻي ۾ شاهي ميٽنگ الحق مورخه 25 آڪٽوبر 1919

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/larkana_mean_Shahi_meeting.pdf{/aridoc}

  • خلافت ۽ سمر نافڊ جي آمدني جو تفصيل ۽ خرچ جو نقشو تاريخ 2 نومبر1919 کان 31 جولاءِ تائين

    خلافت ۽ سمر نافڊ جي آمدني جو تفصيل ۽ خرچ جو نقشو تاريخ 2 نومبر1919 کان 31 جولاءِ 1921 تائين

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/khilafat_ae_smar_nafad.pdf{/aridoc}

  • لاڙڪاڻي جي خلافتي سياستدانن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    لاڙڪاڻي جي خلافتي سياستدانن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    20190424 140900
     
    ( گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان) 
    “ لاڙڪاڻي جي خلافتي سياستدانن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
    سنڌ ۾ خلافت ڪميٽي جون 200 کان مٿي شاخون ھيون. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن سمورين شاخن جي سرگرمين جو رڪارڊ موجود آھي. 
       خلافت تحريڪ سنڌ جي سياسي ماحول کي ڀريا چار سال نھايت گرم ۽ فعال رکيو. انهن پورن چئن سالن جي ڪرانالاجي اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. اڄ مون لاڙڪاڻي ضلعي کي موضوع بڻائي ھيءَ پوسٽ لکي رھيو آھيان ،جڏھن تہ اھڙي طرح جي مان ھر ھڪ ضلعي تي الڳ پوسٽ لکي سگهان ٿو.  ضلعن تہ ڇا پر شھرن بہ خلافت تحريڪ ۾ وڏا مثال قائم ڪيا.مثال طور ميھڙ ۾ ئي ڏھن ٻارھن کان وڌيڪ وڏيون خلافت ڪانفرنسون ٿيون جنهن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
    خلافت تحريڪ ۾ لاڙڪاڻي نہ رڳو سنڌ ۾ پر گڏيل ھندستان ۾ ڌاڪو ڄمايو .ھيءُ ئي ضلعو آھي ۽ لاڙڪاڻو ئي انهي ضلعي جو شھر آھي جنهن منجهان سنڌي مھاجرن جون اسپيشل ٽرينون ڀرجي ڪابل ڏانهن روانيون ٿيون. جديد دور جي سياست ۾ ھجرت جو عملي تصور لاڙڪاڻي وارن ڏنو ۽ انهيءَ مثال منجهان 1947 کان پوءِ فائدا وري ٻين ورتا. جان محمد جوڻيجو انهي ھجرت تحريڪ جو ھي بي بدل اڳواڻ ھيو  ان ڪري کيس سنڌ توڙي ھند ۾ “ رئيس المھاجرين“ جو لقب مليو. چون ٿا تہ ھن کي اجمير ۾ زھر ڏنو ويو ۽ لاڙڪاڻي جي سنڌ ھند ۽ جڳ مشھور سياستدانن جي غير طبعي موت جو اھو آغاز ھيو ۽ گهڻو پوءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس اولاد کي ماريو ويو.
        لاڙڪاڻي جي خلافتي سياستدانن ئي دراصل لاڙڪاڻي جي لاھوري سياستدانن ۽ سندن ساٿين کي سياسي طور تي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا ۽ پوءِ ھو جڏھن سياسي طور تي ڪمزور ٿيا تہ لاڙڪاڻي جي ڀٽن کي لاڙڪاڻي جي سياست جي واڳ پنهنجي ھٿ ۾ وٺڻ جو موقعو مليو. 
    لاڙڪاڻي ضلعي تمام وڏا نالي وارا خلافتي اڳواڻ پيدا ڪيا انهن جي نالن جو وچور تمام وڏو آھي پر ڪجه نالا ڏيڻ آئون ضروري ٿو سمجهان جيڪي آھن: قمبر وارو پيرتراب علي شاھ، ٺلاھ جا پير مٺل شاھ ۽ پير امام الدين شاھ، مولوي احمد ملوي ۽ مولوي خدابخش ملوي، مولوي حزب اللہ شاھ.، مولوي امين اللہ، مولوي خوش محمد ميروخاني، مولوي شفيع محمد تونيه، مولوي عبدالغفور، مولوي پير عبدالفتاح شاھ، مولوي  عبدالقادر، مولوي عبدالواحد، مولوي عبيداللہ لاشاري، مولوي محمد ڪاڪيپوٽو،مولوي غلام رسول عباسي، مولانا غلام مصطفا قاسمي، مولوي محمد دائود تونيه، مولوي محمد عظيم شيدا، مولوي محمد قاسم مشوري، مولوي مير محمد نورنگي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو، مولانا محمد عاقل عاقلي ۽ مولوي نظير حسين جتوئي وغيره. ڳوٺ ملان ابڙا جا سمورا مولوي خلافت تحريڪ ۾ رھيا. خلافت تحريڪ تي لاڙڪاڻي جي شاعرن بہ خوب شاعري ڪئي. مثال طور پير مٺل شاھ ٺلاھي جڏھن سزا ڪاٽي سکر واري جيل مان آزاد ٿي آيو تہ محرابپور جتوئي جي نامياري شاعر غلام رسول جتوئي انهي واقعي تي ھڪ وڏو شعر لکيو جنهن جي شروعات ھن ٿل سان ڪئي وئي ھئي: 
    “ مٺل پير پرڻجي آيو رات راڻي،
    سکر جيل مان جارج پنجين جي نياڻي.“
    لاڙڪاڻي ضلعي ۾ خلافت تحريڪ جون کوڙ ساريون گڏجاڻيون ٿيون ۽ وڏيون ڪانفرنسون ٿيون. اھو سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪ مثال قائم ٿيو تہ لاڙڪاڻي جي ھڪ خلافت ڪانفرنس ۾ ماڻھن کي شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪرڻيون پيون.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾  خلافت تحريڪ بابت تمام گھڻو مواد موجود آھي. خلافت تحريڪ ھجرت تحريڪ کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترا ڏينهن ملھايا ۽ سياسي سرگرميون ڪيون جھڙوڪ 17 آڪٽوبر 1919 تي “ يوم خلافت جو ڏينهن“، 19 مارچ 1920 تي سرڪار طرفان ملھايل “ جشن صلح“ جي خلاف ملھايل ڏينهن. ڊسمبر 1922 ۾ ترڪي جي خليفن سان ملھايل وفاداري جو ڏينھن، 1922 ۾ يونان جي مذمت ڪرڻ جو ڏينهن جنهن قستنطنيه تي حملي ڪرڻ جو منصوبو سٽيو ھيو، نومبر 1923 تي “ جزيرة العرب ھفتو“ ملهائڻ وغيره. 
       گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن سمورن واقعن بابت مواد موجود آھي. ان کانسواءِ خلافتي اڳواڻن ۽ لاھوري سياستدانن جي وچ ۾ جيڪا سياسي ڪشمش ٿي ۽ ھڪ ٻئي خلاف بيان بازي شروع ڪيائون اھا پڻ گل حيات ۾ موجود آھي. ان دور جي انگريزي توڙي سنڌي اخبارن۾  لاڙڪاڻي جي خلافت تحريڪ ۽ ان جي شاخن بابت خبرون شايع ٿيون اھو سمورو مواد پڻ ھن اداري ۾ موجود آھي. مولوي دين محمد وفائي نامور خلافتي اڳواڻ جان محمد جوڻيجي تي “ ياد جانان“ ڪتاب لکيو ھجرت تحريڪ تي ۽ ٽن اسپيشل ٽرينن جي رواني ٿيڻ تي اخبارن ۾ تمام گھڻو مواد شايع ٿيو. تازو پشاور ۾ سنڌي مھاجرن بابت ۽ پٺاڻن طرفان سندس مدد ڪرڻ جي حوالي سان تحقيق ٿي آھي، اھو مواد پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھي. لاڙڪاڻي ۾ جيڪي وڏيون خلافت ڪانفرنسون ٿيون ۽ ان موقعي تي جيڪي صدارتي تقريرون ڪيون ويون اھي پڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھن. گل حيات انسٽيٽيوٽ نہ فقط اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل ۽ ٽڙيل پکڙيل مواد ميڙي محفوظ ڪيو آھي پر مکيه خلافتي سياستدانن جي زندگين بابت مواد  پڻ گڏ ڪيو آھي. وري آئون ساڳيا لفظ ورجايان تہ گل حيات ۾ رڳو لاڙڪاڻي جي حوالي سان مواد ڪونهي پر سڄي سنڌ ۾ خلافت تحريڪ بابت ائين مواد هن اداري ۾ موجود آھي جيڪو ھاڻي اسان ويب سائيٽ تي بہ رکڻ شروع ڪيو آھي.  ممتاز پٺاڻ
  • ھوم رول ليگ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    ھوم رول ليگ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

     textgram 1555580334

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    “ ھوم رول ليگ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
        عجيب اتفاق آھي تہ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو بنياد ھڪڙيءَ عورت وڌو ۽ انهي جي مري وڃڻ کان پوء ٻي عورت کيس ھند ۽ سنڌ ۾ مشھور ۽ مانوس ڪرايو. ھيءَ سوسائٽي 1875 ۾ ميڊم بلئو ٽسڪي قائم ڪئي جيڪا روس جي رھواسڻ ھئي .1907 ۾ ھن جي وفات کان پوءِ ائني بيسنت ان جي صدر ٿي. 1896 ۾ سنڌ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي قائم ٿي. ديوان دولترام ڄيٺمل انهي جو باني صدر ٿيو جڏھن تہ ڊي. پي. ڪوٽوال ھن جو پھريون سيڪريٽري ٿيو. 1919 ۾ ائني بسنت حيدرآباد ۾ سڏايل“ سنڌ ٿياسافيڪل ڪانفرنس“ جي صدارت ڪئي ھئي ۽ اڄ بہ حيدرآباد ۾ جوڙيل “ بسنت ھال“ انهي جي ياد کي تازو رکندو پيو اچي.   ٿياسافيڪل سوسائٽي ان ڪري قائم ڪئي وئي ھئي تہ جيئن: 1. رنگ نسل جنس ۽ مذھب جي متڀيد کانسواءِ ھڪ عالمي برادري قائم ڪئي وڃي، 2. مختلف مذھبن، فلسفن ۽ نظرين جو تقابلي مطالعو عام ڪيو وڃي، ۽ 3. انسان جي ڳجهين قوتن ۽ طاقتن جو مطالعو ڪيو وڃي. 
       ائني بيسنت جڏھن ٿياسافيءَ جي مقبوليت جو اندازو لڳايو تہ ھن 1915 ۾ “ ھوم رول ليگ“ ٺاھي جنهن جي سنڌ ۾ پڻ شاخ کولي وئي. ائني بيسنت پنهنجي ھن نئين ٺاھيل پارٽي جو تشخص تہ برابر قائم رکيو، پر ھوءَ ۽ ان جي پارٽي آل انڊيا ڪانگريس پارٽي جي ويجھو رھيا. ھن مائئ “ آل پارٽيز ڪانفرنس“ ۾  شرڪت ڪئي، ھندو مسلم اتحاد لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ “سائمن ڪميشن“ جي اچڻ وقت قوم پرست سياستدانن سان ساٿ ڏئي انهي ڪميشن جي مخالفت ڪيائين. ھن 1933 ۾ وفات ڪئي. 
          سنڌ ۾ “ ھوم رول ليگ“ جي شاخ ڪراچي ۾ قائم ٿي ۽ جمشيد مھتا ان جو پھريون صدر ٿيو. ھوم رول ليگ جون شاخون حيدرآباد ، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ پڻ کوليون ويون. ھوم رول ليگ شروعاتي ڏھاڙن ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کان وڌيڪ فعال پارٽي ٿي رھي ۽ سنڌ جا ناميارا سياستدان انهي جا عھديدار ۽ ميمبر رھيا جن ۾  گھڻائي ھندن جي، ھئي پر مسلمانن بہ ھن پارٽي ۾ حصو ورتو جن منجهان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سائين جي ايم سيد جا نالا ذڪر لائق آھن. ھندو ميمبرن منجهان ڪن جا نالا ھي آھن:  مشھور ليکڪ ڄيٺمل پرسرام، ڊنگو ٿڌاڻي، ايل ڊي ڪيسواڻي، موتي لعل بوٽاڻي، نھال سامتاڻي، نارائڻ داس ڀاوناڻي، اي جي ڪرپلاڻي، وشنداس جڳتياڻي، جهمٽمل گلاب راءِ، ٽيڪچند لکاڻي، دولت ٽھلراماڻي، گوبند رام ملڪاڻي، سنتداس منگهارام، اي جي مامتورا، تاراچند ڪيسواڻي، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ۽ ريجهومل آڏواڻي وغيره. 
         “ھوم رول ليگ“ جيڪي سياسي سرگرميون ڪيون انهن جا تفصيل اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. “سنڌ ھوم رول ليگ“بابت اسان وٽ ويب سائيٽ تي رکيل مواد کانسواءِ ان کان ٻيڻو  ٽيڻو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. جيئن جيئن وقت مليو تہ ان کي ترتيب ڏئي ويب سائيٽ تي رکيو ويندو. ھن ڪم ۾ ڪجه وقت لڳندو ڇو تہ اھو مواد بابا سائين جي ھٿ سان لکيل نوٽس تي مشتمل آھي. 
       سنڌ ۾ ھوم رول ليگ جي مخالفت ڪندڙن مان شمس الدين بلبل ۽ حڪيم فتح محمد سيواڻيءَ اھم ڪردار ادا ڪيو .انهن ٻنهي “ھوم رول ليگ خلاف“  وڏو قلمي جهاد ڪيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ اعتدال پسندي کان ڪم وٺندي عالماڻي انداز سان “ ھوم رول تي رايا“ جي عنوان سان1917 ۾  ڪتاب پڻ لکيو. اھڙي نموني سان شمس الدين بلبل پنهنجي ڪتابن ۾ ھن سياسي پارٽي جي مخالفت ڪئي آھي. سنڌ ۾ انهن نظرياتي ماڻھن ھوم رول ليگ جي مخالفت ان ڪري ڪئي جو سندن خيال ھيو تہ  ماڻھن کي پنهنجي مذھبن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي سنڌ ۾ نظرياتي بحران پيدا ڪري رھي آھي ۽ انهي جي ھوم رول ليگ دراصل ماڻھن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ جو ھڪ بھانو آھي. انھي مخالفت باوجود “سنڌ ھوم رول ليگ“ ۽ “ٿياسافيڪل سوسائٽئ“ سنڌي سماج ۽ علم ادب تي گھرا اثر ڇڏيا. حيدرآباد ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽئ جي ٺاھيندڙ بلئو ٽسڪي جي نالي سان پريس پڻ قائم ڪئي وئي ھئي.  ڄيٺمل پرسرام ٿياسافي ۽ ھوم رول ليگ جي نظرياتي پرچار لاءِ ماھوار “ روح رھاڻ“ رسالو ڪڍيو ۽ جمشيد مھتا جي ايڊيٽري ۾ وري ماھوار“ ستاره“ جي نالي سان رسالو نڪرندو ھيو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۽ ھوم رول ليگ سان لاڳاپيل اديبن ۽ ليکڪن ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا جن منجهان “ وديا تہ شيوا“، “ گيان سر“، “ آنند ٻار“ “ سچ ڪير ٿو آڻي“، “ ستگر جي چرنن ۾“، “ سچا ستگر“، “ ۽ ڊاڪٽر ائني بيسنت جي لکيل ڪتابن جا ترجما جهڙوڪ، “ ڀڳونت گيتا“، “ اپنشد گيان“، “ يوگ جي سمجهائي“، “ شري ڪرشن“،“ اسلام“ ۽ “ جي ڀائين تہ جوڳي ٿيان“ وغيره.
        مون ڪيترن ئي پوسٽن ۾ اھا ڳالھ ور ور ڏئي پئي ڪئي آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ  تاريخي اھميت بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي اھو مقدار ۽ معيار جي حساب سان منفرد ۽ مثالي آھي. آئون ھر ڀيري اھا آڇ ڏيندو آھيان تہ جيڪي محقق يا ادارا اسان کان مواد يا معلومات وٺي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندا تہ انهن سان ڀرپور سھڪار ڪيو ويندو. انگريزن جي دور ۾ جيڪي 45 سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ ھئا “ھوم رول ليگ“ انهن مان ھڪ ھئي جنهن تي ۽ جنهن بابت گڏ ٿيل مواد تي مون اڄ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.( ممتاز پٺاڻ)
  • ھندو مسلم اتحاد ۽ اختلاف بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    ھندو مسلم اتحاد ۽ اختلاف بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    textgram 1555497013
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊي مان)
    “ ھندو مسلم اتحاد ۽ اختلاف بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
    دين ۽ ڌرم نظريا ۽ قدر انسان جي ڀلائي لاءِ ھوندا آھن، پر جڏھن انهن کي ذاتي يا گروھي مفادن جي ڪري انسان استعمال ڪندو آھي تہ معاشرن ۾ بگاڙ اچي ويندو آھي ۽ ٻيون قومون انهن اختلافن مان فائدو وٺي پنهنجا مقصد ماڻينديون آھن. سنڌ کي جڏھن بہ ڪو وڏو نقصان پھتو آھي تہ انهي جو اھو ئي ڪارڻ بڻيو آھي. جيئن اڄ ڪلھ صوفين ۽ سنتن جي ھئ ڌرتي لساني، ثقافتي ۽ قبائلي اختلافن کي ھوا ڏيڻ سان ڏکوئي پئي وڃي ۽  سياسي مفادن جي ڪري محبتي ماڻھن جي دلين  ۾ نفرتن جا ٻڄ ڇٽيا پيا وڃن. ليڪن عوام نہ فقط طاقت جو سرچشمو ٿيندو آھي پر ڏاھو ۽ سياڻو بہ ٿيندو آھي ۽ اھڙين ڪوششن کي ناڪام ڪري ڇڏيندو آھي. 
         انگريزن جي زماني کان اڳ سنڌ ۾ ڪجه  ھندو مسلم اختلاف ٿيا پر عوام انهن جو پاڻ ئي حل ڪڍي ورتو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ مذھبي ڪٽرڻ پڻو ختم ٿي  ويو. پر انگريزن “ويڙھايو ۽ حڪومت ڪيو“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ ھندو مسلم اختلافن کي پروان چاڙھيو.
        سماجي سطح تي ھندن توڙي مسلمانن سنڌ جي امن کي ڇيهو نہ رسايو پر جڏھن وري سياست انهن جي معمولي اختلافن وارن ڦٽن تي  لوڻ ٻرڪيو تہ سندن زخم تازه ٿي پيا. 
         انگريزن جي دور ۾ سياسي ۽ مذھبي حوالي سان ھندو توڙي مسلمانن جي الڳ الڳ صف بندي ٿيل ھئي. پر سماجي حوالي سان انهن ۾ امن ۽ اتحاد قائم ٿيل ھيو. اھو ئي سبب آھي جو انگريزن جي دور جي وڏين سماجي تنظيمن ۾ ھندو توڙي مسلمان گڏ ھوندا ھيا. 1917 ۾ “دي سٽيزنس ايسوسيئيشن“ جو صدر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ھيو ۽ مکي ڄيٺانند ان جو نائب صدر ھيو. سنڌ جي مکيه ضلعي شھرن ۾ “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسون“ ٿيون، جن ۾ ھندو توڙي مسلمان وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. جڏھن سنڌ ۾ “ ھوم رول ليگ“ ٺھي تہ انهي ۾ بہ ھندو توڙي مسلمان ميمبر ۽ عھديدار ھيا. انهي انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي ھندو ليکڪن اسلام تي ايترو تہ لکيو جن بابت مان پنهنجي پوسٽن ۾ وقت بوقت مثال ڏيندو رھيو آھيان. اھو ايترو تہ مواد آھي جنهن تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. 1911 ۾ لالچند امر ڏنيمل جڳتياڻئ “ محمد رسول اللہ“( صلي اللہ عليه وسلم) جي عنوان سان ڪتاب لکيو. 1930 ۾ وري ھوتچند ڏيئلمل “ اسلام جو پيغمبر“ ڪتاب لکيو. 
        اتر سنڌ ھندو مسلم اختلافن کان وڌيڪ متاثر ٿي. 1927 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھڪ مسلمان مائي کي اغوا ڪري ھندو بڻائڻ تي وڏا فساد ٿيا ھئا. اھڙي ريت مسجد منزل گاه واري مسئلي تي سکر ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ خوني فساد ٿيا. ڀڳت ڪنور رام جھڙو انسان دوست ڳائڻو انهن ئي فسادن جي نتيجي ۾ ماريو ويو. ھاسانند پمناڻيءَ، جيڪو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بہ ھيو ۽ ھڪ صوفي منش انسان ھيو اھو بہ ھندو مسلم اختلافن سبب ماريو ويو. اھي ٻئي واقعا اتر سنڌ ۾ ٿيا ۽ ان ڪري اتر سنڌ جي ماڻھن ھندو مسلم اتحاد کي برقرار رکڻ جي لاءِ تنظيمون ٺاھيون. انهن مان  جيڪي مشھور ٿيون تن مان ھڪ شڪارپور ۾ ھئي ۽ ٻي ڪراچي ۾ ٺاھي وئي. شڪارپور واري تنظيم جو نالو “ سنڌ منارٽيز ايسوسيئيشن“ ھيو ۽ ڪراچي ۾ وري جيڪو فورم ٺاھيو ويو ان جو نالو “ اڪبر آشرم“ ھيو.
    اڪبر آشرم جو ٺاھيندڙ لاڙڪاڻي جو اي. ايڇ .جئسنگهاڻي ھيو. ھي تنظيم اپريل 1930 ۾ ٺاھي وئي جن جي ميمبرن مان جمشيد مھتا، حاتم علوي، ڪيولرام ڏيارام، درگداس بي آڏواڻي، قمبر علي، ڊاڪٽر سعيد، منوھرداس ڪوڙومل، رام بي موٽواڻي، عبداللہ ڀائي ڪريم جي ۽ فداحسين شيخا جا نالا ذڪر لائق آھن. 
        ھن تنظيم جا ٽي مقصد ھئا: 1. مختلف مذھبن طرفان ڏنل امن ۽ اتحاد واري درس کي عام ڪرڻ، 2.  سنڌ ۾ ھندو ۽ مسلم اتحاد کي قائم رکڻ،3. ھڪ ٻئي منجهان شادين ذريعي فرقي وارانہ اختلافن کي ختم ڪرڻ. ھيءَ ڳالھ ذھن نشين ڪرڻي آھي تہ انهي تنظيم سنڌ ۾ مختلف مذھبن ۽ گروھن جي وچ ۾ شادي ڪرڻ واري ڳالھہ کي اٿاريو، جيڪا نہ فقط عجيب ۽ انوکي ڳالھ آھي پر ھڪ انقلابي سوچ جو پڙاڏو پڻ آھي. ھن تنظيم طرفان رسالن جي نموني جا ڪتابڙا پڻ ڇپرايا ويا انهن ۾ پڻ جئسنگهاڻيءَ اھڙي قسم جي شادين جي حق ۾ مضمون لکيا. ٻين جن موضوعن تي انهن ڪتابڙن ۾ لکيو ويو، اھي ھيا : “ھندو مسلم اتحاد“، “ گيتا ۽ قرآن“ ،“ خدا جي ڪبريائي ۽ انسانن جي ڀائپي“، “ ھندستان ۾ اسلام جا مثبت اثر“، “ صوفي ثقافت“  ۽ “ ويدانيت“وغيره
        گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ھندو مسلم اختلاف توڙي اتحاد بابت ورتل ڪوششن ۽ انهي قسم جي واقعن بابت گھڻو ڪجه مواد موجود آھي. ھندو مسلم اتحاد کي وڏي کان وڏو نقصان ھندن جي سياسي پارٽيءَ “ھندو سڀا“، مذھبي پارٽي “آريا سماج“ ۽ “شڌي تحريڪ“ ڏنو. آريا سماجين سياست ۽ سماج ۾ ڏڦيڙ ۽ غنڊاگردي کي پروان چاڙھيو. شڌي تحريڪ خطرناڪ حد تائين اڳتي وڃي سنجوڳي شيخن کي ھندو بڻائڻ ۾ ڏاڍ ۽ زبردستي کان ڪم ورتو .جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن طرفان وري ھندن کي مسلمان بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. انهن ڳالھين مذھبي بنياد تي سنڌ ۾ ڏاڍو ڏڦيڙ وڌو ۽ سنڌ جي آبادي کي ھندن ۽ مسلمانن جي ڪئمپن ۾ ورھائي ڇڏيو. سنڌ ۾ جڏھن اھا باھ ٻري تہ سياسي پارٽين پنهنجي مفادن لاءِ انهي تي جھڙوڪ پيٽرول ھاريو. خاص طور تي مسلم ليگ مسلمانن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي لاءَ ۽ ڪانگريس وري ھندن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وجھڻ لاءَ اھڙيون حڪمت عمليون ٺاھيون جن جي نتيجي ۾ ھندو توڙي مسلمان ھڪ ٻئي جا ايترو تہ ويري ٿي ويا جو ريلوي اسٽيشنن ۽ ٻين ماڳن مڪانن تي ھندو لاءِ الڳ پاڻي ۽ مسلمانن لاء الڳ پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو.سنڌ  جي مذھبي ۽ سياسي حوالي سان اھا وڏي تقسيم ھئي جنهن اڳتي ھلي گڏيل ھندستان کي تقسيم ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪيو. مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ  ورھاڱي ٿيڻ وقت ۽ ان کان ٿورو وقت اڳ مسلم ليگ جو صدر بہ سنڌي ھيو ۽ ڪانگريس جو صدر بہ سنڌي ھيو. مسلم ليگ قائد اعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ مسلمانن جو آواز بڻجي وئي ۽ ڪانگريس وري آچاريہ ڪرپالاڻي جي صدارت ۾ ھندستان جي تقسيم وارن ڏھاڙن ۾ ھندن جي ترجماني ڪئي.     انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ھندو مسلم اتحاد ۽ اختلافن تي گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي جنهن جي مون مختصر جهلڪ پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪئي آھي.( ممتاز پٺاڻ)
  • خلافت تحريڪ بابت شاعري

    خلافت تحريڪ بابت شاعري

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/khilafat_rhareek.pdf{/aridoc}

     

  • خلافت العثماني

    خلافت العثماني

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/Khilafat_alusamani_.pdf{/aridoc}

  • شوڪت علي ۽ محمد علي صاحبان جو احوال

    شوڪت علي ۽ محمد علي صاحبان جو احوال

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/shokat_ali.pdf{/aridoc}