Author: admin

  • ”سنڌي ساهت سڀا”-انگريزن جي دور جي ادبي جماعت

    ممتاز علي پٺاڻ.
    ”سنڌي ساهت سڀا”-انگريزن جي دور جي ادبي جماعت”.

        سنڌ ۾ سياسي ۽ ادبي تنظيمن جو آغاز اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿيو. “سنڌ سڀا” سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي جماعت هئي, جيڪا 1882 ع ۾ ٺھي. انھيءَ زماني ۾ سرڪاري ملازمن کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان روڪ ٽوڪ ڪانہ هوندي هئي. سال ڏيڍ کان پوءِ ”ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽيءَ“ نالي ادبي تنظيم قائم ٿي. ان کان پوءِ 1947 تائين تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن ادبي سرگرميون شروع ڪيون. ان کان سواءِ کوڙ نج ادبي تنظيمون بہ قائم ٿيون.
       “سنڌي ساهت سڀا” ڊسمبر 1929 ۾ ٺاهي وئي. ڪراچيءَ ۾ ”ڪراچي وديارٿي سماگم” نالي شاگردن جي هڪ تنظيم هوندي هئي. آسانند مامتورا ان جو چيئرمن ۽ پرنسپال جي.اين. گوڪلي انھيءَ جو صدر هوندو هو. انهيءَ “وديارٿي سماگم” طرفان ڪراچيءَ جي ڊي.ڪاليج ۾ پرنسپال گوڪلي جي صدارت ۾ اديبن جي گڏجاڻي ٿي. جن شرڪت ڪئي, انھن مان ڪي مکيہ آھن. ڪاڪو ڀيرومل, ڊاڪٽر دائود پوٽو, محمد صديق ميمڻ, جي.ايم.سيد, علامه آءِ.آءِ.قاضي, منگهارام ملڪاڻي, لالچند امرڏنومل, ڄيٺمل پرسرام, شيورام ڦيرواڻي, پرنسپال شاهاڻي, پرنسپال اين.اي قاضي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي وغيره. 
    انھئ گڏجاڻيءَ ۾ بحث مباحثي کان پوءِ ”سنڌي ساهت سڀا” نالي ادبي تنظيم ٺاهي وئي ۽ ان جا مول متا هن ريت مقرر ڪيا ويا: (1). سنڌي ادب جي واڌ ويجہ ڪرڻ, (2). سنڌي دانن ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ, (3). مرڪزي لائبرري ٺاهڻ, (4). سنڌي ڪتابن جي ببليوگافي مرتب ڪرڻ, (5). هٿ-لکيل مسودا گڏ ڪري ڇپرائڻ, (6). نون سنڌي ڪتابن جي اسڪيم ٺاهي, ان تي عمل ڪرڻ, (7). سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکي ڇپرائڻ, (8). هڪ معياري رسالو ڪڍڻ.
      “سنڌي ساهت سڀا” جي ان وقت هينئن چونڊ ڪئي وئي: پرنسپال شاهاڻي (صدر), ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو (نائب صدر), لالچند امرڏنومل ۽ مسٽر عبدالحق (ٻئي جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ آسانند مامتورا (خزانچي). ان کان سواء هڪ انظاميه ڪميٽي بہ جوڙي وئي.
    “سنڌي ساهت سڀا” هندو توڙي مسلمانن جي هڪ گڏيل جماعت هئي ۽ انھيءَ طرفان ادبي ڪانفرنسون پڻ ٿيون. هن ادبي جماعت جي قائم ٿيڻ واريءَ گڏجاڻيءَ جا تفصيل “اخبار تعليم” جي فيبروريءَ 1930 واري پرچي ۾ شايع ٿيا هئا.
  • گل حيات بابت لکيل منهنجا مضمون

     “گل حيات بابت لکيل منهنجا مضمون”.

        ٻہ اڍائي سال ٿيندا جو اسان باباسائينءَ کي ڪراچيءَ مان لڏائي ڳوٺ وٺي آياسين. منهنجي ننڍي ڀاءّ زاهد علي پنهنجو گهر بابا ۽ گل حيات حوالي ڪيو ۽ پاڻ مسواڙي گهر ۾ ڏوڪريءَ طرف وڃي ويٺو. اللّه بابا کي وڏي حياتي ڏئي, هو پنھنجي ڄمار اتي ئي ويهي تحقيقي ڪم ڪندو. مان لاڙڪاڻي رهندو آھيان ۽ روز بابا لاءِ مانجهاندي جي ماني کڻي ايندو آھيان ۽ ڪجھہ وقت بابا سائينءَجي اسسٽنٽ طور فائيل بہ سيليندو صاف ڪندو آھيان ۽ بابا سائين جي ورتل نوٽس جي بنياد تي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ بابت سنڌيءَ يا انگريزيءَ ۾ مضمون بہ لکندو آھيان. ٻن سالن کان روزانو لکي انٽرنيٽ گروپن تي رکان ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهي اخبارن ۾ ڏيندو آھيان. لڳ ڀڳ هزار مضمون ٿيندا. بابا سائين انھن جي هارڊ ڪاپي ڪڍرائي جلد هڻي گل حيات ۾ رکندو آھي. جيڪي ريسرچ ڪندڙ شاگرد ايندا آھن, اھي منهنجي مضمونن کي نظر مان ڪڍي اندازو لڳائيندا آھن تہ سندن ڪم جو ڪهڙو ۽ ڪيترو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. منھنجا هي مضمون گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ اپلوڊ ٿيل آھن. ھتي انھن سمورن مضمونن جا عنوان تہ لکڻ ناممڪن آھن, ان ڪري ڪجھ عنوان اوهان سان شيئر ڪريان ٿو:
    1.گل حيات ۾ لطيفيات تي گڏ ٿيندڙ مواد, 2. هندو مسلم اتحاد لاءِ ھندن جي ڪوششن بابت گل حيات ۾ مواد, 3. گل حيات ۾ گڏ ڪيل متعصبي مذھبي مواد, 4. گل حيات ۾ موجود پراڻا سنڌي رسالا, 5. گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا,6. گل حيات ۾ موجود فوٽن جو خزانو, 7. گل حيات جون اشاعتي خدمتون, 8. گل حيات ۾ موجود قلمي قرآن ۽ ڪتاب, 9. گل حيات ۾ موجود سرڪاري رسالا, 10. ڪتي جي قبر بابت گل حيات جي تحقيق, 11. گل حيات ۾ گانڌيءَ ۽ سنڌ بابت مواد, 12. سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان اڳ هندن ۽ مسلمانن جي قلمي جنگ بابت گل حيات ۾ مواد, 13.سوانح نگاريءَ بابت گل حيات ۾ مواد, 14. سنڌي لپيءَ بابت هندو ۽ مسلمانن جي اختلاف بابت گل حيات ۾ مواد, 15. گل حيات ۾ آڳاٽين سياسي پارٽين جا ڊاڪيومينٽس, 16.گل حيات ۾ پاڳارن بابت مواد, 17. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌي قلم قبيلي جي ڪردار بابت گل حيات ۾ مواد, 18. ضياءُ الحق جي زماني ۾ سنڌين کي مليل سزائون ۽ گرفتاريون, 19. مولانا عبيدالله سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ مواد, 20. ادبي تنظيمن بابت گل حيات ۾ مواد, 21. صحافت بابت گل حيات ۾ مواد.
    هي ڪجھ عنوان آھن, جن تي مون لکيو آھي. جڏهن تہ سمورن عنوانن کي هن هڪ پوسٽ ۾ ڏئي نہ ٿو سگهجي.
  • ممتاز علي پٺاڻ. 1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار

    ممتاز علي پٺاڻ. 1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار

    ممتاز علي پٺاڻ.
    “1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار”.

       IMG 20231218 WA01431  1843 کان وٺي انگريزن پنهنجيءَ حڪمرانيءَ ۽ سنڌي سماج بابت اهڙو تہ ترتيب سان مواد محفوظ ڪيو, جنهن جي بنياد تي هزارين ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. اهڙي مواد مان کوڙ سارو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. جس هجي بابا سائينءَ کي جنهن جواني ۽ جوڀن اهڙي مواد گڏ ڪرڻ ۾ قربان ڪيو. 
    اڄ مان بابا سائينءَ جي نوٽس جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيو هئس تہ هڪ ٿيلھيءَ مٿان “1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار” لکيل هو ۽ مان ان مان سموريون چٽڪيون ڪڍي ترتيب ڏئي پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان ٿو. 
           هنن چٽڪين جي حساب سان 1946 ۾ سنڌ ۾ مختيارڪارن جو تعداد 77 آھي. انھن مان مسلمان مختيارڪار 39 ھئا ۽ غير مسلم مختيارڪار 38 آھن. انھيءَ دور ۾ ريزيڊنٽ, ايڊيشنل سٽي ۽ سٽي ماجسٽريٽن جو تعداد 8 هو. انھن مان 5 هندو ۽ 3 مسلمان هئا. مان مذھبي بنيادن مطابق انگ اکر ڏيڻ کي تحقيقي عيب ڄاڻان ٿو. هندو توڙي مسلمان سڀ سنڌي هئا ۽ اسان کي پنهنجي تاريخ جو مطالعو مذھبي عينڪ پائي ڪرڻ نہ گهرجي. مختيارڪارن جي نالن جي وچور ڏيڻ وقت اسان کي اها ڳالھ ذھن ۾ رکڻي پوندي تہ سنڌي مسلمان جڏهن تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ نوڪرين ۾ گهريا تہ هنن هندو-مسلم تناسب واري مفروضي کي ختم ڪري ڏيکاريو تہ ڪو مسلمانن کي ڏسي وائسي نوڪريون نہ ڏنيون ويون. هندو يا مسلمان جيتري تعليم ورتي, اوتري هن کي نوڪري ملي. بهرحال اچو تہ اسان 1946 ۾ مختيارڪارن جي نالن جي لسٽ نظر مان ڪڍون:
    سوڀراج ميٺارام (ڪراچي), ابوبڪر محمد بخش شيخ (ٺٽو), ميارام هردسنگ (ٺٽو, ايڊيشنل), گوبندرام لوڪچند (ميرپور ساڪرو), اي.ايڇ. مينڌرو (گهوڙا ٻاري), محمد عرس شورو (شاهبندر), محمد علي (ميرپور بٺورو), پرسرام سجناڻي (جاتي), دولترام پنجنسنگ (سجاول), حاجي علي محمد سيوهاڻي (سٽي مختيارڪار حيدرآباد), ارباب علي شاه (حيدرآباد), محمد اسماعيل جعفري (هالا), ماڌوداس ڏاڏلاڻي (ٽنڊو الهيار), بدرالدين شيخ (ٽنڊو الهيار, ايڊيشنل), جيرامداس ڀاٽيا (گوني), مير محمد مهر (ديرو محبت/ماتلي), بيدار بخت (ٽنڊو باگو), پهلاجسنگ گوپالسنگ (بدين), قيمتراء نھچلداس (شڪارپور, ايڊيشنل), ڀاڳچند ڇڳاڻي (شڪارپور), الهڏنو سيال (سکر), هوتچند گوبندرام (ايڊيشنل, سکر), علي احمد سيوهاڻي (ڳڙھي ياسين), رامچند پنجواڻي (روهڙي), چڱومل رعايت مل (پنو عاقل), غلام علي سليماني (گهوٽڪي), غلام علي قريشي (اوٻاڙو), غوث بخش شيخ (ميرپور ماٿيلو), الله بخش عقيلي (قمبر), بولچند آسنداس (ايڊيشنل, قمبر), عبدالغفار جکراڻي (واره), محمد منير (شھدادڪوٽ), محمد عمر ميمڻ (ميروخان), شامداس هيمنداس (لاڙڪاڻو), هرداس مل هڱوراڻي (ايڊشنل, لاڙڪاڻو), شاه محمد شيخ ( رتوديرو), موتيرام بجلاڻي (ڏوڪري), نارائڻداس گرڏنومل (نواب شاه), اي.جي.ڊسوزا (ايڊيشنل, نواب شاه), محمد حسين ميمڻ (شھدادپور), دولترام جڳتياڻي (ايڊيشنل, شھدادپور), عبيدالله ميمڻ (سنجهورو),  سڪندر علي شاھ (نوشھرو), سکرامداس (ڪنڊيارو), جمال الدين آرائين (مورو), ٽھلرام ڀاڳيا (سڪرنڊ), حبيب الله بلوچ (ميرپور خاص), جڳتراء لوڪچند (جيمس آباد), نظر محمد ٽڳڙ (ڊگري), گوڪلداس ناگواڻي (عمر ڪوٽ), نصرالله قريشي (کپرو), مهر لال شاهديومل (سامارو), محمد خان سومرو (سانگهڙ), نارائڻداس ڏيارام (مٺي), محمد اشرف شاه (ڇاڇرو), دين محمد آرائين (ڏيپلو), محمد مقيم (نگرپارڪر), عبدالحميد شيخ (ڪوٽڙي), عبدالرحمان آرائين (سيوهڻ), گنگارام ريلارام (دادو), آر.ڪي.ڀوڄواڻي (جوهي), عبدالرحيم شيخ (ڪڪڙ), عبدالعليم عقيلي (ميهڙ), ٿانورداس چندناڻي (ايڊيشنل, ميهڙ), گوبندرام کيمچند (جيڪب آباد), محمد اسماعيل ميمڻ (ڳڙھي خيرو), ڪرمچند اوڌوداس (ڪنڌڪوٽ), ريلومل ڀاٽيا (ايڊيشنل, ڪنڌڪوٽ), گوپالداس جڳشيا (ٺل), ساڌورام سهجراء (ڪشمور), هوتچند لالچنداڻي (حضور مختيارڪار ڪراچي), ميٺارام پيسومل (حضور مختيارڪار حيدرآباد), نھچلداس آچاره (حضور مختارڪار سکر), علي اڪبر شاه (حضور مختيارڪار لاڙڪاڻو), ڪشنچند آئلداس (حضور مختيارڪار نواب شاه),محمد بلاول (حضور مختيارڪار ميرپور خاص) ۽ محمد صديق شمس الدين  (حضور مختيارڪار دادو).
  • ٽماھي مھراڻ جلد 16 نمبر 3 غلام محمد گرامي 1967

    ٽماھي مھراڻ جلد 16 نمبر 3 غلام محمد گرامي 1967


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/ٽماھي_مھراڻ_جلد_16_نمبر_3_غلام_محمد_گرامي_1967_صاف.pdf{/aridoc}


  • ٽماھي مھراڻ جلد 19 نمبر 3 غلام محمد گرامي 1970

    ٽماھي مھراڻ جلد 19 نمبر 3 غلام محمد گرامي 1970


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/ٽماھي_مھراڻ_جلد_19_نمبر_3_غلام_محمد_گرامي_1970_صاف.pdf{/aridoc}


  • Federal Research Division Edited by Pet

    Federal Research Division Edited by Pet


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Federal_Research_Division_Edited_by_Pet.pdf{/aridoc}


  • Public Interest Litigation in Pakistan

    Public Interest Litigation in Pakistan


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Public_Interest_Litigation_in_Pakistan_P.pdf{/aridoc}


  • Pakistan Affairs Before and After 1947 E

    Pakistan Affairs Before and After 1947 E


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Pakistan_Affairs_Before_and_After_1947_E.pdf{/aridoc}


  • Final List of Candidates for National Assembly Sindh

    Final List of Candidates for National Assembly From Sindh


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/Final_List_of_Candidates_for_National_Assembly_Sindh.pdf{/aridoc}


  • Public GDC mass book dig-narrative of visit

    Public GDC mass book dig-narrative of visit


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/public-gdcmassbookdig-narrativeofvisit00burn-narra_231230_200325.pdf{/aridoc}