Author: admin

  • ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو

    ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو

    ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جو جنم ضلعي نوشهري فيروز جي شهر محراب پور لڳ ڳوٺ پير ونهيل ۾ 13هين سيپٽمبر 1908ع تي ٿيو. سندس والد جو نالو محمد ڇٽل هو. والدين جي انتقال ٿي وڃڻ سبب سندس پالنا چاچي فيض محمد ڪئي. مائٽ کيس ٻڪرين چارڻ لاء موڪليندا هئا پر کيس ننڍ پڻ کان ئي پڙهڻ جو شوق هو انڪري سمجهه ڀريو ٿيو ته ٻڪريون جهنگ ۾ ڇڏي مائٽن کي ٻڌائڻ کانسواء ڳوٺ ڇڏي ريل ۾ چڙهي ڪراچي روانو ٿيو.

    ڪراچئ ۾ کڏي پهتو جتي مدرسي مظهرالعلوم ۾ داخلا ورتائين. اتي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء پڙهائڻ به لڳو. الصادق رسالي جو سب ايڊيٽر به رهيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي ڪراچئ مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار الاصلاح جو 1937 ۾ ايڊيٽر به ٿيو.
    آزادئ جي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. سندس رهبر مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي وارو هو.
    مولاناعبيدالله سنڌئ جي چوڻ تي سڀاش چندر بوس واري آزاد هند فوج ۾ شامل ٿيو. فوج مان رٽائر ٿيڻ کانپوء مليل زمين اهو چئي هارين ۾ ورهائي ڇڏيائين ته زمين انهن جي آهي جيڪو ان کي کيڙي ٿو.

    هن هارين جي حقن لاء تمام گهڻو جاکوڙيو. حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏجي الاٽي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين.
    هو ڪميونسٽ پارٽئ ۾ به شامل ٿيو، جنهن سبب ماڻهو کيس ڪامريڊ به چوندا هئا.هو اهو ڪامريڊ هو جيڪو ماڻهن جي حقن لاء هميشه آواز اٿاريندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي پوري ڪٽنب کي شامل ڪيو، جيئن هن زماني ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ احتجاج لاء ماڻهن کي گڏ ڪرڻ سولو ناهي تيئن پراڻي زماني ۾ وڌيڪ مشڪل ۽ دليرئ جو ڪم هوندو هئو. ڪنهن به ماڻهوء سان زيادتي ٿيندي هئي يا ڪو اجتماعي مسئلو ٿيندو هو ته ڪامريڊ حق سچ چوڻ سان گڏ احتجاج به ڪندو هو. پوء ان احتجاج ۾ ٻيا ماڻهو شريڪ ٿين يا نه ٿين پر هو پنهنجن نياڻين ۽ پٽن کي ساڻ ڪري لازمي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو هو.

    ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو رڳو احتجاج ئي رڪارڊ نه ڪرائيندو هو پر پنهنجي هڙان وڙان سياسي ماڻهن جي مدد به ڪندو هو. هن جو محرابپور شهر ۾ تمام وڏو ڪاروبار هو اهو به سياست تان گهوري ڇڏيائين. سندس سچائ ۽ ايماندارئ جي ڪري مٽن مائٽن توڙي ٻين کيس ڪاروبار ۾ وڏا دوکا به ڏنا. تنهن هوندي به مرڻ گهڙئ تائين سندس ارادا اٽل رهيا۽ ناحق خلاف آواز اٿاريندو رهيو.سندس وفات 15 هين مئي 1993ع تي سکر ۾ ٿي. کيس سکر جي نئين پنڊ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

    سندس پٽن ۾ ٽريڊ يونينسٽ ۽ مزدورن جا ڪيس وڙنهدڙ سپريم ڪورٽ جو وڪيل فيض گهانگهرو( سکر ۾ شيخ اياز۽ رشيد ڀٽيءَ سان گڏ جيل ۾ به رهيو)، شفاعت گهانگهرو (سول سوسائٽي سکر جو سرگرم رڪن) ، قمر الزمان گهانگهرو(استاد ۽ سوين ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جو پيسٽر) ۽ اشفاق احمد گهانگهرو(آءِ ٽي ماهر) ۽ نياڻين ۾ خورشيد پروين، زبيده گهانگهرو( شاگرد يونين ۽ پ ٽ الف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ هاڻي هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم سنڌ جي صدر)، ڪامريڊ حميده گهانگهرو (شهيد نذير عباسيءَ جي وني، ٽريد يونينسٽ، ليکڪ، اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ هاڻي روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر)، مهرالنساءِ گهانگهرو (سکر جي بهترين هاءِ اسڪول ٽيچر)، پروفيسر قمرالنساءَ گهانگهرو (ڪاليج ۾ باٽنيءَ جي استاد)، نورالنساءِ گهانگهرو( آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سانا جي اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري)، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو (محقق، ڪهاڻيڪار، 4 ڪتابن جي ليکڪ ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي استاد) شامل آهن.

  • SHAHEED ALLAH BUX SOOMRO By. DUR DUR MUHAMMAD PATHAN.

    [IDEALS ARE JUST LIKE ORDINORY MEN AND HEROS ARE ALSO HUMAN-BEINGS. FOLLOW THEM, BUT NOT WORSHIP AND ACCEPT THEM AS SUPPER NATURAL. LET US REMEMBER SHAHEED ALLAH BUX ] By. DUR DUR MUHAMMAD PATHAN.


    We are moving fast toward ideological slavery and are loudly crying for all kinds of sovereignty. What a contrast we are facing and believing! When our Role-Model is alive, we are not ready to spare him/her. We honour him/her with all kind of sorrows and longings.We refuse to accept him/her. When he/she is dead, he/she becomes our Hero/Heroine. We still avoid to follow their teaching and own their philosophy, but start worshiping them. It is also our hypocrisy. We use their historical status so as eran our own name and fame. We try to prove our attachment with them. Whereas every Hero/Heroine is an everlasting Ideal. Though, they are not ‘common men’, but they are an ordinary like we people. Only their dedication, sincerity and devotion make the difference between them and we people. They must be treated as human-beings, but not supper-natural. Because such a type of approach will give the impression that we can not play our role like them and we can not get status in history as they got. Therefore, let us not block ways and aspiration.Let us give the message to young generation that our Hero/Heroine left the task un finshed and fathers of our future have to complete it. We have made our Ideals worship-worthy. Therefore, Makhdoom Bilawal and Shah Inayat Shaheed,Zulfqar Ali Bhutto and Benazir, Allah Bux Soomro and G.M.Syed all have been made Pirs and Saints, butnot philosophers of their own ideology. We have as rejected their philosphy and accepted their religious/spiritual position. Now, they are to help us not in ideological matters, but they are dead so as to help us and recommend our cases before Allah. Whereas, they all were human-beings like we people, but they played vital and ideal role in their respective field. They were not Supper-Natural. They also did good and some times bad. They also commuted mistakes as they were human-beings.
    It is irony of fate that we are not told truth and so many things are being hidden from us. Therefore we have no option, but to believe and accept them as supper-natural. For example, Shaheed Allah Bux Soomro was an ideal leader.. He was great freedom fighter, he believed in Hindu-Muslim unity. But,they are some aspects of his political performance, those left negative impact on our future politics.
    It is said, and I also believe that Sindh Muslim League wanted to get rid of him and it launched terrible movement for the restoration of Masjid Manzilgah of Sukkur. Not only more than 150 people were killed with majorty but it made upper Sindh, specially Sukkur District(Including area now known as Rohri, Ghotki, Jarwar & Pano Aqil) astense-full area for ever.
    Sindh Muslim League took the case of Masjid Manzilgah in thelast quarter of 1938, when Sindh Provincial Conference was held at Karachi withQuaid-i-Azam in chair. But, what happened in the first quarter of 1938? It isbig event and it was the beginning of the bad event. No other, but Shaheed Allah Bux was responsible to reincarnate the dead issue of Masjid Manzilgah. Itis on record that much before the separation of Sindh, when K.B.Shaheed AllahBux Soomro was a member of the Bombay Legislative Council, he contributed fromhis pocket for renovation of Masjid Manzilgah. On the 3rd March1938, eleven days after assuming office of the Premier of Sindh, K.B. Allah BuxSoomro recorded a minutes on the Masjid Manzigah which is as follow:
    “ In these days of democracy, it is necessary that both Hindus and Muslimans should be the studied endeavor of every democratic Government to aim at this achievement.
    From a perusal of record, it was apparent that Muslmans can not claim as of right to have these domed buildings as Mosques. But there is sufficient material in these papers to show that buildings are of antiquarian interest and they were built by the Musliman rulers of India, and contain inscriptions in Arabic to which the Muslimans no doubt attach some sort of sanctity………
    This proves beyond doubt that the buildings were intended to be treated as Wakf properties and therefore the Muslmans have right to their use. This fact has also been recognized by Government Officers before in allowing the Muslmans in erecting a Wall round the building.
    The only question that now arises, therefore, is whether these building scan be used for any purpose other than as Mosques. For this I want to invite an authoritative opinion from responsible Muhammadan theologians, who are wel lversed in law of Shariat, and also from the Legal Adviser of the Government.”
    In Minutes of dated 12th of April, Shaheed AllahBux writes that “the building is a Mosque’. On the same date he orders M.Ishaqan officer for inspection of the site and buildings and furnish report on Arabic inscription. On 14th of April, orders are issued and Executive Engineer, Mathrani is asked to inspect and determine the date of construction o fMehrab. Both reports were not sufficient to satisfy him, hence an other joint inspection committee is constituted. On 14th of April 1938,K.B.Soomro sent Moulana Muhammad Sadiq of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani to visit the site. They are given Demi Official letter for the District Adminstration to assist/help them in finding facts. Both Religious Scholars and leaders of Jamiat-ul-Ulema Sindh declared in public meeting at Sukkur that Building is Mosque and they will request Premier to restore it to Muslims. All this prove that K.B.Allah Bux was dealing with the issue with Subjectivity and personal interest. He was advised by the Maantof Sadh Bello and his friend D.B.Issarsing that do not reopen the matter because it will give rise to bitterness between two communities. Inspite of that, Shaheed Allah Bux remained determined to resolve the issue. In real, he was the opener of the issue. Either it was his political mistake, or he was communalist Muslim in his heart and mind. He re-introduced the Burning Issue and Sindh Muslim League converted it into fire later on. All most all leaders of Sindh Muslim League and Shaheed Allah Bux including some Hindu politicians are responsible for division of Sindh into Hindu and Muslim camps and their mistakes gave birth to very ugly event in the history of Sindh.

  • محمد زمان شاهه ”ساقي“

    محمد زمان شاهه ”ساقي“

    محمد زمان شاهه ”ساقي“
    (1890ع – 16 مئي 1928ع)
    محمد زمان شاهه ولد مرزان شاهه رضوي مهدوي تخلص ”ساقي“ مشهور ولي الله يوسف مهدي جي اولاد مان هو سندس خاندان هميشه علم ۽ اميرائي ۾ اڳڀرو هو. جڏهن سنڌ تي مغلن جا نواب حڪومت ڪندا هئا تڏهن هن خاندان جي ڪيترن بزرگن کي سرڪار ۾ وڏا عهدا مليل هئا، جنهن جو گهڻو ذڪر تحفته الڪرام ۾ ڪيل آهي. غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي به ساڳي خاندان مان هو.

    ساقي کي سياست سان دلچسپي هئي، هو ضلعي ٺٽي جي خلافت ڪميٽي جو سيڪريٽري هو، 1920ع ۾ پير غلام مجدد جي صدارت هيٺ خلافت جو جيڪو جلسو ڪوٺايو ويو هو ان جي ڪاميابي لاءِ هن گهڻو ڪم ڪيو هو.

    ساقي پنهنجي وقت جو نهايت لطيف شاعر هو. ماستر نرملداس سکر وارو سندس استاد هو هن کيس پارسي پڙهائي ۽ عروض جا ابتدائي سبق ڏنا. شاعري ۾ سندس استاد مرتضائي ۽ شاڪر هئا. هن جون ڪافيون خاص طرح ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ نهايت مقبول هيون. مولوي دين محمد وفائي سندس ڪافين بابت لکي ٿو، ”سندس ڪافين جا هڪ ٻه ڪتاب ڇپجي ورهائجي ويا آهن جن ۾ محمد زمان يا زمان شاهه تخلص ڪيو اٿس. سندس ڪلام جي قبوليت جي هي حالت آهي جو لاڙ ملڪ ۾ يڪتارن تي سندس ڪلام کي عام جام طرح فقير فقرا ڳائين ٿا ۽ ماڻهو حظ حاصل ڪن ٿا ۽ حقيقت ۾ آهي به ڏاڍو پرلطف ۽ شيرين ڪلام (1).

    ساقي نه صرف ڪافي جو شاعر هو پر هو غزل ۽ نظم جو به شاعر هو. هو غزل ۾ پنهنجو تخلص ساقي ڪم آڻيندو هو پر ڪافيون زمان شاهه جي نالي سان ئي چوندو هو. ساقي جو لاڳاپو بزم مشاعره لاڙڪاڻي سان به رهيو هو هن جا ڪيترا غزل بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي طرحن تي چيل آهن جي الحقيقت ۽ گلدسته سنڌ ۾ محفوظ آهن. 1925ع ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي هڪ طرح هئي:
    ٿو وڻي بلبل کي بستان هر طرح.
    گلدسته ۾ ساقي جو انهيءَ طرح تي غزل شايع ٿيل آهي جنهن جو مطلع ۽ مقطع هي آهي:
    مون ڏٺي رفتارِ دوران هر طرح،
    هن جي حرڪت ناهه يڪ سان هر طرح.
    ساقيا بندهه نوازي ڪري سگهو،
    آهيان خادم به دل جان هر طرح (1).
    ساقي جو ڪيترو ڪلام الوحيد، توحيد ۽ الحق (سکر) ۾ به شايع ٿيندو هو. هن هڪ مخمس ڪريما نالي لکيو هو جنهن جو ڪجهه حصو الحق ۾ شايع ٿيو هو. هن اقبال جي ”فرياد امت“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو جيڪو سندس وفات کان پوءِ الوحيد 16 جون 1929ع ۾ شايع ٿيو هو. ساقي گهڻو وقت ڪراچي ۾ کڏي ۾ مريدن وٽ گذاريندو هو. شيخ عبدالله، زمان شاهه ۽ سندس شاعري جي تعريف هنن لفظن ۾ ٿو ڪري، ”شعر و شاعري جي ميلان زمان شاهه ٺٽوي جي مجلس تائين پهچايو، سندس گفتگو بذله سنجي ۽ نڪته آفريني جي گلن کان سدا بهار هوندي هئي، سندس ڪلام نهايت رنگين ۽ مرصع هو“ (2).
    ساقي جي زندگي زياده تر تنگدستي ۾ گذري، جنهن ڪري ڪيترن وقتن تي هن پنهنجن بزرگن جا جمع ٿيل قيمتي مسودهه به ڏئي ڇڏيا جن مان ڪجهه مولوي دين محمد وفائي ورتا هئا. ساقي ايام جواني ۾ دنيا جي ميڪدهه مان تهي دست هليو ويو. سندس وفات تي ”ساقي جي ياد“ ۾ شيخ عبدالله عبد هڪ پرسوز نظم لکيو هو، جنهن جا ٻه شعر هي آهن:
    اي زمان شاهه تنهنجي رحلت ٿيو سخن سنجي جو موت
    سنڌ

     
  • محبتن جو شاعر غلام محمد “در” نعيم ملڪ

    محبتن جو شاعر غلام محمد “در” نعيم ملڪ


    ڏاهپ ۽ ڏات جي ديوي انهي هما پکيءَ جهڙي آهي جيڪا جنهن جي مٿان گذري يا انهي تي ڇپر ٿئي ته قسمت جا قيمتي دروازا انهي جي مٿان کلي پوندا آهن، ڪيترا ماڻهو ته اهڙا ڀاڳوند هوندا آهن جن کي ڌڻي تعاليٰ ڄڻ هڪ خاص وقت تي ٺاهيو هجي، جنهن کي پنهنجي قدرت جي مڙني نعمتن سان مالا مال به ڪيو هجي.انهي مهان ۽ محب ۽ انمول ماڻهن مان هڪ نالو وڏي شاعر، ڀلوڙ انسان غلام محمد “در” منگي جو به آهي، ڇا ڪمال جي شخصيت هئي، تمام حسين، سهڻو مردانه وجاهت پنهنجي جاءِ تي پر حسن ۾ اهڙو سرس جو دل چاهي ته ويٺو کيس ڏسجي، سندس جواني جي دور ۾ هندستاني فلمن جو هيرو راجڪپور عروج تي هو، غلام محمد “در” به راجڪپور کان گهڻو متاثر هو، سندس انداز اٿڻ ويهڻ اهڙو ڄڻ جهڙو راجڪپور پر هڪ ڳالهه اها ته هو راج ڪپور کان سوين ڀيرا سهڻو هو. اهو قدرت جو ڪمال چئجي يا اتفاق ته غلام محمد “در” جهڙو سونهن ۾ سرس هو تهڙو بلند اخلاق، سڀاءُ ۽ انتهائي شانائتو ۽ شاندار ڪچهري جو ڪوڏيو هو، پنجاهه يا سٺ واري ڏهاڪي ۾ هر انهي ماڻهو کي لئه لست وارو سمجهيو ويندوهو جيڪو هڪ ته ڪچهري جو ڪوڏيو هجي ٻيو اوطاقي اهي ٻئي وصفون سندس سونهن جيان نمايان هيون، ڳوٺ پيارو خان آرائين تعلقو دادو، ضلعو دادو ڪچي ۽ پڪي جي اهڙي سنگم تي ۽ انتهائي زرخيز مٽي تي واقع آهي اهو به هڪ اتفاق آهي ته غلام محمد “در” جي ڳوٺ جي ويجهو استاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه جهڙا سندس هم عصر ۽ پاڙيسري هئا ته ٻئي طرف الهه نواز رڪڻائي، جگر رڪڻائي، عبدالرحمان شاهه، اختر لڪياري ويجها هئا ته ٻئي طرف پيرل پرديسي، وفا ناٿن شاهي، اڪرم ٻورڙائي ۽ درياهه جي ٻئي پاسي راشد مورائي جهڙا نه صرف سندس هم عصر هئا پر ويجها ۽ گهٽا دوست به هئا، جنهن جو هڪ سبب سندس تعليم کاتي ۾ استاد هئڻ هو، ٽيون سبب اهو ته هو ان وقت دادو تعلقي ۾ اسٽيج ڊرامن جو عروج هو جنهن ۾ استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، غلام محمد “در” فتح محمد پنهور، دادن ڀنڊ، عظيم کوکر، سرتاج آرٽ سرڪل جي نالي سان اسٽيج ڊرامه ڪندا هئا، انهن بلند پايه ڊرامن جون ڪهاڻيون استاد بخاري، حاڪم علي شاهه، سرتاج لڪياري ۽ غلام محمد “در” لکندا هئا، انهي دور ۾ پلي بيڪ سنگر جو رواج نه هو، هيرو، سائيڊ هيرو، هيروئن اسٽيج تي سڌو سنئون گانا ڳائيندا هئا ۽ اسٽيج تي پويان ساز وڄندا هئا، اها تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، غلام محمد “در” ۽ حاڪم علي شاهه بنيادي طور تي گلوڪار هئا بعد ۾ شاعر روشناس ٿيا.استاد بخاري سازندو به هو، ڍولڪ، طبلو۽ باجو وڄائيندو هو، اهڙي طرح غلام محمد “در” به ڍولڪ نواز هو، حاڪم علي شاهه به باجو ۽ ڍولڪ وڄائيندو هو، الهنواز رڪڻائي به ڍولڪ ۽ باجو وڄائيندو هو، اهو ئي سبب آهي ته جڏهن انهن دوستن گڏيل طور شاعري ۾ پير پاتو ته اهي هڪ ئي وقت علم عروض جا ماهر، ٻولي جا وينجهار ته سازندا ۽ موسيقار به هئا، انهي ڪري جڏهن توهان استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي ۽ غلام محمد “در” جي شاعري پڙهندا ته اها موسيقي سان لبريز ملندي، اهو صرف ڪو حسن اتفاق نه آهي پر اها سندس سالن جي محنت ۽ سخت رياضت جو نتيجو هئي، استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، کاٻي ۽ ساڄي پاسي هئا جڏهن ته غلام محمد “در” جو ڳوٺ انهن جي ڳوٺن جي وچ تي هوندو هو، اڪثرٽئين شاعر موسيقار، گلوڪار ۽ سازندا دوست گڏجي ڪچهري ڪندا هئا ته ڪيترائي پهر گذري ويندا هئا.استاد بخاري بعد ۾ پروفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيو پر غلام محمد “در” ۽ الهنواز رڪڻائي پرائمري استاد رهيا، استاد بخاري، غلام محمد “در” ۽ الهنواز رڪڻائي جو هڪ ٻيو سبب به روز ملڻ جو بهانو هو، اهو هو والي بال راند کيڏڻ، ٽئي ڄڻا والي بال راند جا ڀلوڙ رانديگر هئا، هڪ خوبي اها به وٽن هئي ته سڀ ڏاڍا خوشخط هئا، غلام محمد “در” جي خطاطي ۾ دادو ضلعي ۾ گهڻو مشهور هو.غلام محمد “در” جڏهن ڳائيندو هو ته سندس آواز پري پري تائين ويندو هو ۽ پري ويٺل به آساني سان ٻڌي سگهندو هو، اها به ڳالهه هتي چوڻ چاهيندس ته استاد بخاري، حاڪم علي شاهه، غلام محمد “در” منگي ۽ الهنوازرڪڻائي بهترين گلوڪار هئڻ باوجود ڪڏهن به گلوڪاري وارو ڌنڌو اختيار نه ڪيو.انهي سڀني خوبين جي باوجود استاد بخاري، غلام محمد “در” منگي ۽ الهنواز رڪڻائي جي شهرت جو سبب صرف ۽ صرف شاعري ئي ٿي، اڄ به ٽنهي دوستن کي سنڌ شاعر طور سڃاڻي ٿي. غلام محمد “در” بحيثيت شاعر علم عروض جو پختو شاعر هو، سندس شاعري جي شروعات 1960ع ڌاري ٿي، استاد بخاري ۽ الهنواز رڪڻائي هڪ ٻئي جي شاعري جي اصلاح پاڻ ئي ڪندا هئا، سندس شاعري ۾ ڪو نمايان استاد نه هو پراستاد بخاري جي مشوري تي غلام محمد “در” منگي شاعري جي اصلاح ان وقت جي وڏي شاعر محسن ڪڪڙائي کان حاصل ڪئي، محسن ڪڪڙائي اسٽيج جو بادشاهه شاعر هو، جڏهن اسٽيج تي شعر پڙهندو هو ته محفل کي جهومائي ڇڏيندو هو، اها ساڳئي اسٽيج جي شهنشاهه هئڻ واري حيثيت غلام محمد “در” منگي ۾ به هئي پر هن جي نمايه خاصيت اها هئي ته هو پنهنجو شعر ترنم سان پڙهندو هو ته محفل کي جهومائي ڇڏيندو هو، ان وقت وڏا وڏا مشاعرا ٿيندا هئا، هڪڙا بزم طالب الموليٰ جا پيربخش ميربحر ۾ ٻيا دادو شهر ۾ ۽ ٽيون خيرپور ناٿن شاهه ۾، انهي چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته غلام محمد “در” جي هم عصر شاعرن وارو دور دادو ضلعي ۾ شاعري جو سونهري دورليکيو وڃي ٿو.غلام محمد “در” منگي جي پيدائش 4 اپريل 1947ع ڳوٺ پيارو خان آرائين ۾ محمد صالح منگي جي گهر ۾ ٿي. غلام محمد در جي شاعري جو پهريون مجموعو “عشق آدرش” 1975ع ۾ شايع ٿيو، وقت ۽ حالتن سبب باقي مواد وڏي تعداد ۾ اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي، غلام محمد “در” جي دوستن جو حلقو گهڻو وسيح هو جن ۾ حافظ احسن چنه، احمد خان مدهوش، پيرل پرديسي سيتائي، سومرو سودائي، احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي، محمد عثمان ميمڻ، ماستر شجاع سخيراڻي، منظور سخيراڻي، غلامون ميراثي، مائي هدايت ميراسڻ، غلام قادر کهرو، عبدالله اثر چانڊيو، امام الدين ضامن، احمد خان آصف مصراڻي، ميرل جويو، آثم ناٿن شاهي سميت وسيح تعداد ۾ هو، اولاد جي پڙهائي خاطر ڳوٺ پيارو خان آرائين مان لڏي 1978ع ۾ دادو لڏي آيو پر ڪجهه عرصي کانپوءِ حيدرآباد لڏي آيو، عمر جي آخري وقت ۾ حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين، ڊاڪٽر قادر مگسي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري انهي جي پارٽي لاءِ به گهڻو ڪم ڪيائين، هي نهايت پيارو خوش خلق ۽ خوش شڪل انسان 65 سالن جي ڄمار ۾ مئي 2012ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو.

  • PRESS NOTE ISSUED BY SINDH MUSLIM LEAGUE ABOUT THE HOME COMING OF MOULANA OBEDULLAH SINDHI

    PRESS NOTE ISSUED BY SINDH MUSLIM LEAGUE ABOUT THE HOME COMING OF MOULANA OBEDULLAH SINDHI


     

    In accordance with the programme issued by the Sindh Provincial Muslim League, the Muslim League leaders, Office bearers and Provincial Office staff went over to Keamari harbour early moring on 7th March at 7 to receive Moulana Obaidullah Sindhi. The Sindh Muslim National Guard, Volunteer Corps or the Anjuman Mussalmans Panjab, the Khaksar Party of Sindh, Volunteer Corps Anjuman Nasrate Islam, Volunteer Corps of the Anjuman Shamali Sarnas, Volunteer Corps and Band of Haji Sir Abdullah Haroon Yatim Khana responded to the invitation of Muslim League and were at the docks to accord the Moulana a befitting Welcome.
    The S.S. “El Madina”, touched the docks at 8 a.m. Moulana Obeidullah came out of his cabin and was greeted with loud “Allaho Akbar”. The Moulana came down and received “Salami” (with drawn daggers) from the Muslim National Guard. “Salami” was also offered by the other Anjumans. The Moulana addressing the leader of the Khaksar Party that his salutations be communicated to Allama Mushraki, confessing that Allama Mushraki was his old friend and that he (Moulana Obaidullah) appreciated the Khaksar Movement and the fore prayed to God that the movement may thrive and be of real service to the community and the country. In the absence of Haji Sir Abdullah Haroon Sheikh Abdul Majid, M.L.A. General Secretary garlanded Moulana Obeidulla Mallik Abdul Khalique handed over to Moulana Obeidullah a sealed letter from Haji Sir Abdullah Haroon. The letter was marked strictly private a confidential.” The other Muslim League leaders and Congress Muslim leader also profusely garlanded Moulana Sahab. The Moulana was then taken to the shed and it was only due to the energy and discipline Muslim National Guard that the thousands of enthusiastic Muslims were under control. Introductions, embraces and hand-shakes followed.

    Moulana was then taken to Madressah Muzharul Allum where he is the guest of Moulana Mohammad Saddiq. At 10.30 Moulana Obeidullah in the company of Sheikh Abdul Majid M.L.A. and Mr. Abdul Khalique went to the Bungalow of Sir Haji Abdullah Haroon to personally thank Lady Haroon for their invitation to be their guest. Begum Haroon congratulated Moulana Obeidullah on his home-coming and treated the Moulana and the Company to light refreshments.
    Prominent among these present at the harbour to receive Moulana Obeidullah were following:

    Sheikh Abdul Majid M.L.A.
    Haji Mohd. Hashim Gazdar M.L.A.
    Haji Imam Bux Ghandio
    Haji Naziruddin, Civil Military Press.
    Mallik Abdul Khallique.
    Moulana Sanaullah.
    Khan Saheb Baboo Fazil Illahi.
    Moulana Shah Mohammad.
    Khan Sarang.
    Hakim Abdul Majid Sherwani.
    Moulana Hayee Hakani.
    Mr. Din Muhammad, Editor “Alwahid”.
    Dr. Tarachand Lulwani.
    K.S. Allah Bux, Prime Minister Sindh.
    Pir Illahi Bux, Revenue Minister Sindh.
    Moulana Mohammad Siddiq.
    Moulana Mohammad Usman.

    Note: The local Congress leaders had also issued press notes and hand-bills requesting Congress members and workers to be at the docks to welcome Moulana Obeidullah Sindhi but unfortunately hardly five Congress people were present to accord welcome, to distinguished son of India as Moulana Obeidullah.

  • PRESS NOTE ISSUED BY SINDH MUSLIM LEAGUE ABOUT THE HOME COMING OF MOULANA OBEDULLAH SINDHI

    PRESS NOTE ISSUED BY SINDH MUSLIM LEAGUE ABOUT THE HOME COMING OF MOULANA OBEDULLAH SINDHI


     

    In accordance with the programme issued by the Sindh Provincial Muslim League, the Muslim League leaders, Office bearers and Provincial Office staff went over to Keamari harbour early moring on 7th March at 7 to receive Moulana Obaidullah Sindhi. The Sindh Muslim National Guard, Volunteer Corps or the Anjuman Mussalmans Panjab, the Khaksar Party of Sindh, Volunteer Corps Anjuman Nasrate Islam, Volunteer Corps of the Anjuman Shamali Sarnas, Volunteer Corps and Band of Haji Sir Abdullah Haroon Yatim Khana responded to the invitation of Muslim League and were at the docks to accord the Moulana a befitting Welcome.
    The S.S. “El Madina”, touched the docks at 8 a.m. Moulana Obeidullah came out of his cabin and was greeted with loud “Allaho Akbar”. The Moulana came down and received “Salami” (with drawn daggers) from the Muslim National Guard. “Salami” was also offered by the other Anjumans. The Moulana addressing the leader of the Khaksar Party that his salutations be communicated to Allama Mushraki, confessing that Allama Mushraki was his old friend and that he (Moulana Obaidullah) appreciated the Khaksar Movement and the fore prayed to God that the movement may thrive and be of real service to the community and the country. In the absence of Haji Sir Abdullah Haroon Sheikh Abdul Majid, M.L.A. General Secretary garlanded Moulana Obeidulla Mallik Abdul Khalique handed over to Moulana Obeidullah a sealed letter from Haji Sir Abdullah Haroon. The letter was marked strictly private a confidential.” The other Muslim League leaders and Congress Muslim leader also profusely garlanded Moulana Sahab. The Moulana was then taken to the shed and it was only due to the energy and discipline Muslim National Guard that the thousands of enthusiastic Muslims were under control. Introductions, embraces and hand-shakes followed.

    Moulana was then taken to Madressah Muzharul Allum where he is the guest of Moulana Mohammad Saddiq. At 10.30 Moulana Obeidullah in the company of Sheikh Abdul Majid M.L.A. and Mr. Abdul Khalique went to the Bungalow of Sir Haji Abdullah Haroon to personally thank Lady Haroon for their invitation to be their guest. Begum Haroon congratulated Moulana Obeidullah on his home-coming and treated the Moulana and the Company to light refreshments.
    Prominent among these present at the harbour to receive Moulana Obeidullah were following:

    Sheikh Abdul Majid M.L.A.
    Haji Mohd. Hashim Gazdar M.L.A.
    Haji Imam Bux Ghandio
    Haji Naziruddin, Civil Military Press.
    Mallik Abdul Khallique.
    Moulana Sanaullah.
    Khan Saheb Baboo Fazil Illahi.
    Moulana Shah Mohammad.
    Khan Sarang.
    Hakim Abdul Majid Sherwani.
    Moulana Hayee Hakani.
    Mr. Din Muhammad, Editor “Alwahid”.
    Dr. Tarachand Lulwani.
    K.S. Allah Bux, Prime Minister Sindh.
    Pir Illahi Bux, Revenue Minister Sindh.
    Moulana Mohammad Siddiq.
    Moulana Mohammad Usman.

    Note: The local Congress leaders had also issued press notes and hand-bills requesting Congress members and workers to be at the docks to welcome Moulana Obeidullah Sindhi but unfortunately hardly five Congress people were present to accord welcome, to distinguished son of India as Moulana Obeidullah.

  • الماس سنڌو

    الماس سنڌو

    الماس سنڌو

    WhatsApp Image 2020 05 14 at 11.59.07 PMالماس سنڌو: ليکڪا ۽ شاعره الماس سنڌوءَ جو اصل نالو الماس بيگم هو، هوءَ حسن خواجه ۽ مائي نوربانوءَ جي ڌيءَ هئي. سندس جنم 16 مئي 1953ع تي سلطان آباد تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم سلطان آباد مان حاصل ڪيائين. انٽر آرٽس ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان ڪرڻ بعد ايل. ايڇ. وي (ليڊي هيلٿ وزيٽرس) جو ڪورس، ڀٽائي نرسنگ اسڪول لطيف آباد، حيدرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ آغا خان هيلٿ سينٽر سلطان آباد ۾ ملازمت ڪيائين. کيس اسڪول واري زماني کان لکڻ پڙهڻ جو شوق هو. سندس والد ۽ والده سنڌي فائينل پاس پرائمري استاد هئا، جن الماس جي پڙهائيءَ ۾ دلچپسپي ورتي ۽ هيءَ سلطان آباد جي پهرين نياڻي هئي، جنهن ايتري تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن وقت سلطان آباد ۾ %100 آبادي پڙهيل لکيل ماڻهن جي آهي. هن مجبور ۽ غريب مريضن جي ڪافي خدمت ڪئي.
    هن آگم پبليڪيشن حيدرآباد جي رسالي ۽ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هلال پاڪستان اخبار جي ’سگهڙين سٿ‘ صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو، جتي ڊاڪٽر فهميده حسين (انچارج سگهڙين سٿ) سندس ڪافي رهنمائي ڪئي. هن جو پهرين نظم ’ساروڻيون‘ عنوان سان سگهڙين سٿ جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿيو. سندس ڪهاڻيون ۽ روز مره جون وارداتون ڪالمن جي صورت ۾ هن صفحي ۾ ڇپجنديون هيون. سندس ڪهاڻيون نثار حسينيءَ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالن ’نئين ٽهي‘ ۽ ’نئون نياپو‘ ۾ ڇپجنديون رهيون. هيءَ وڏي سماجي ورڪر هئي. ڳوٺ جي آسپاس جي ڪولهي ۽ ميگهواڙ برادرين جي نياڻين ۽ ڇوڪرن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي، سندن ڪتابن ۽ فين جو بندوبست ڪندي هئي، ان حوالي سان سلطان آباد جي اهم سماجي ڪارڪن هئي.
    سندس شادي ڊاڪٽر منظور خواجه سان 20 آڪٽوبر 1980ع تي ٿي پر هڪ مهيني بعد 20 نومبر 1980ع تي آنڊي جي تڪليف (اپينڊڪس) ۾ سندس وفات ٿي وئي. سندس اوچتي وفات خاندان کي وڏو صدمو رسايو. هر سال سندس ورسي ملهائي ويندي آهي. الماس سنڌوءَ جون ڊائريون ۽ ڪافي ڪهاڻيون خاندان وٽ موجود آهن.

    هي پوسٽ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي

  • شاعر، ليکڪ ۽ صحافي  عبدالقيوم “خمر” جکراڻي

    شاعر، ليکڪ ۽ صحافي عبدالقيوم “خمر” جکراڻي

    شاعر، ليکڪ ۽ صحافي عبدالقيوم “خمر” جکراڻي

    سوانح

    (پنھنجو تعارف پنھنجي زباني)
    منھنجو نالو عبدالقيوم ، منھنجي والد صاحب جو نالو صوفي غلام مصطفيٰ “آثم” ۽ ذات جکراڻي آھي،
    مان 2 آگسٽ 1963ع ۾ جیڪب آباد ۾ پیدا ٿيس، جڏھن پڙھڻ جھڙو ٿيس تہ بابا مون کي پاڻ سان گڏ پنھنجي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام محمد بروھي نمبر (1) پڙھائڻ لاء وٺي ویندو ھو ڇو تہ بابا سائین (صوفي غلام مصطفيٰ) پرائيمري استاد ھو ۽ ايئن ئي منھنجي ابتدائي تعليم جو آغاز ٿيو، اھو اڻويھ سؤ ستر جو دؤر ھو، اسڪول ڳوٺ کان 2/3 ڪلو ميٽر پري ھو،
    سادگي جو دؤر ھو سواريون عام جام نہ ھيون انڪري اسين اسڪول پنڌ ايندا ويندا ھئاسين، بابا سائين اسڪول وڃڻ ۽ اچڻ دؤران بہ اسان کي رستي سان پڙھائيندو ويندو ھو، ۽ صبح جو قرآن پاڪ جو سبق بہ بابا سائين گھر ۾ پڙھائيندو، پڙھڻ ۾ غلطي جي صورت ۾ سخت سزا ملندي ھئي،
    اڻويھ سؤ پنجھتر عیسوی ۾ پنجون درجو پاس ڪري ويجھڙائي جي انگريزي اسڪول گورنمينٽ ھاء اسڪول محمدپور اوڍو ۾ انگریزي پڙھڻ لاء بابا مونکي داخل ڪرايو، جتي استاد عزیز اللہ “عزیز” بروھي‎ ‎۽ استاد عبدالرحمان جتوئي جھڙا اديب استاد ملي ويا ، جن جي صحبت ۾ سنڌي رسالن پڙھڻ جو شوق پيدا ٿيو، انھن ڏينھن ۾ ٻاراڻو ماھوار رسالو “گل ڦل” حيدرآباد مان ۽ “گلڙا” رسالو شڪارپور مان شايع ٿيندو ھو ، جن جي مطالعي سان مون کي بہ رسالن ۾ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو سو مون بہ لکڻ جي شروعات ڪئي ، اٹویھ سؤ اسی عیسوی ۾ سنڌاطلاعات کاتي طرفان شايع ٿيندڙ  ماھوار رسالي پیغام ڪراچي ۾ پھريون دفعو منھنجي شاعري شایع ٿي،جنھن تي بيحد خوشي ٿي، ان کان پوء ويتر شوق وڌندو ويو ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ منھنجو مواد شايع ٿيندو رھيو،‏ ماھوار نئين زندگي ماھوار السنڌ اسلام آباد، اخبار تعليم ،عبرت مئگزين،روزاني سوڀ، روزاني جيجل سميت ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ منھنجو مواد شايع ٿي چڪو آھي،
    اڻويھ سؤ اسي عيسوي ۾ مئٽرڪ ڪرڻ بعد بہ تعليم جاري رکندي ڊگري ڪاليج جيڪب آباد‎ ‎مان ايم اي اسلامي ڪلچر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيم. 
    2‏ اپريل اڻويھ سؤ ٽياسي عيسوي ۾ 350 روپيا ماھوار پگھار سان مسجداسڪول ٽيچر جي نوڪري ملي وئي، بعد ۾ بي ایڊ ۽ ايم ایڊ جا ڪورس ڪري ايچ ايس ٽي جو حقدار بڻیس مگر بدقسمتي سان راشي آفيسرن جي نا اھلي سبب گھڻي عرصي بعد آخرڪار پندرنھن فيبروری 2018ع ۾ مس مس پرائمريء مان ایڇ ایس ٽي طور منھنجو پروموشن ٿيو ۽ گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول محمدپور اوڍو ۾ مونکي ايڇ ايس ٽي ڪري رکيو ويو، ۽  ھن وقت بہ پنھنجي ڊيوٽي جا فرائض ساڳئي اسڪول ۾ سرانجام ڈيئي رھيو آھيان، پھرين آگسٽ 2019 کان پي ڊي ايف تي “روزانہ المصطفيٰ نالي سان جيڪب آباد مان پنھنجي اخبار جاري ڪيم جنھن جو چيف ايڊيٽر مان پاڻ آھيان،
    جيئن تہ ننڍپڻ کان ھن وقت تائين منھنجي رھائش تعلقي ڳڙھي خيري جي ڳوٺ محمدپور اوڍو ڀرسان گوٺ فيض آباد جکراڻي ۾ آھي. مونکي اولاد ۾ 7 پٽ ۽ 5  نياڻيون آھن. پٽن جا نالا تاج محمد(ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ نائب قاصد) اقبال احمد، سراج احمد اويس احمد، عزيز احمد، انيس احمد (صحافي) ۽ محمد جنيد آھن.

    منھنجو موبائيل نمبر

    03002235133

  • عبدالغفار ادبي نالو, ناچيز ميمڻ

    عبدالغفار ادبي نالو, ناچيز ميمڻ

    عبدالغفار ادبي نالو, ناچيز ميمڻ

    IMG 20200229 155349 739نالو: عبدالغفار
    ادبي نالو, ناچيز ميمڻ
    والد جو نالو: محمد اسماعيل
    تخلص: ناچيز
    ذات: ميمڻ
    پيدائش جي تاريخ: 08 جون 1999 ( اسڪول سرٽيفڪيٽ مطابق ) 
    پيدائش جو ھنڌ: پنھنجو ڏاڏاڻو ڳوٺ ماڪن شاھ جي وسين تعلقو ۽ ضلع مٽياري
    تعليم: انٽر
    ڪرت: دڪاندار
    ادب ۾ حيثيت شروعات: 2014 کان بحيثيت شاعر، نثر. 
    ڇپيل مواد:  ڪتابي شڪل ۾ ڪو بہ نہ باقي رسالن ۽ مئگزين ۾ موجود
    ترتيب ڏنل ڪتاب:
    ثناگر سھڻي سرور جا
    ( مٽياري شھر جي مختلف نعت خوانن ۽ شاعرن جو تعارف شاعري سان گڏ)
    اڻ ڇپيل مواد: مون تي مصطفيٰ جي عنايت ٿي وئي ( حمد و نعت تي ٻڌل پنھنجي شاعري) 
    سفرنامو
    ( ڇو نہ وري ڪوہ مري ڏسجي)
    استاد: سائين خيال کتري ۽ ميان نور نبي ميمڻ
    سماجي ادب ۽ عھدا: ادارہ دي روز انٽرنيشنل لائبريري مٽياري ۾ بحيثيت ميمبر آف آرگنائزنگ ڪميٽي… 
    سياسي جماعت سنڌ ميمڻ اتحاد مٽياري ۾ بيحيثيت ميمبر آف آرگنائزنگ ڪميٽي…  
    روحاني طلبہ جماعت برانچ مٽياري جو جنرل سيڪريٽري 
    مليل ايوارڊ: شھر جي ننڍن وڏن تنظيمن پاران مليل سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ
    محبوب مشغلا: لکڻ پڙھن،  قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ، سنڌ ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ڪرڻ.
    پسند جو کاڌو: سبزيون
    پتو: سید پير نور شاھ ڪالوني مٽياري 
    رابطي لا۽: 03069744263
  • صوفي غلام مصطفيٰ “آثم ” جکراڻي ‏(شاعر ۽ لیکڪ)

    صوفي غلام مصطفيٰ “آثم ” جکراڻي ‏(شاعر ۽ لیکڪ)

    صوفي غلام مصطفيٰ “آثم ” جکراڻي ‏(شاعر ۽ لیکڪ)

    صوفي غلام مصطفيٰصوفي غلام مصطفيٰ “آثم” جکراڻي پھرین سیپٽمبر اڻویھ سؤ چوٽيھ عيسوي تي ضلع جيڪب آباد ۽ تعلقہ ٺل جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿیا،
    پاڻ شروعاتي تعليم پنھنجي ڀر واري پرائمري اسڪول سمندر خان پٺاڻ ۾ حاصل ڪئي.
    اڻويھ سو چوئتاليھ عيسوي ۾ ٺل تعلقي مان لڏي اچي ڳڙھي خیرو تعلقي جي ڳوٺ محمدپور اوڍو ڀرسان فیض آباد جکراڻي ۾ ويٺا، ان ڪري وڌيڪ تعليم يعني سنڌي ست درجا (سنڌي فائینل) پرائمري اسڪول محمدپور اوڍو ۾ پاس ڪيائون،
    اڻويھ سؤ ٻاونجاھ عيسوي ۾ تعلقي ڳڙھي خیري جي ڳوٺ گلاب ماڙي رند ۾ پرائمري استاد مقرر ٿیا، ڪجھ عرصي کان پوء پرائمري اسڪول ٻڍاڻي چانڊیو ۾ سندن بدلي ٿی، پاڻ ڪافي عرصو اتي استاد رھيا،
    جرئن تہ صوفي غلام مصطفيٰ جن ننڍي ھوندي کان ئي فقيري طبع انسان ھئا انڪري ننڍي ھوندي کان ئي قرآن پاڪ جي تعليم سان گڏ و گڏ اللہ پاڪ جي ذڪر ۾ نھايت دلچسپي ھئي ۽ سدائين اللہ جي ذڪر ۾ مشغول رھندابھئا اڪثر گھرکان ٻاھر جھنگ ۾ اڪيلائي ۾ وڃي ذڪر اذڪار ڪندا ھئا، پاڻ صوم و صلوات جا نھايت پابند رھیا. پاڻ جیئن ئي بلوغت کي پھتا تہ بلوچستان جي مشھور گادي چشمہ شریف جي بزرگ حضرت آغا عبدالحي جان چشموي نقشبندي جن جي ھٿ تي بعيت ڪئي، ان کان پوء ڄڻ تہ سون تي سھاڳو، اڳيئي اللہ جا عبادت گذار ھئا ویتر ڪامل مرشد جي نگاھ کيس پڪو صوفي بڻائي ڇڏیو، پاڻ مرشدن وٽ اچ وڃ جو سلسلو جاریي رکيو ۽ تصوف جون منزلون طئي ڪندا رھیا ۽ مراقبو توڙي نفي اثبات زیادہ ڪندا رھیا، نقشبندي ھئڻ سبب ڪافي ڳالھيون لڪائيندا ھئا، مگر تنھن ھوندي بہ ڪجھ سال اڳ مون کانئس پڇیو “بابا ھاٹی ھڪ دم ۾ ڪترو نفي اثبات پڙھندا آھيو”، جواب ۾ فرمايائون، ابا ھاڻي پنج سؤ ھڪ دم ۾ پڙھندو آھيان،
    سندس ننڍي ھوندي کان ئي بزرگن جا عارفانہ ڪلام ڳائڻ ۽ شاعري ڪرڻ جو مشغلو رھيو، انڪري پاڻ بہ پنھنجي شاعري ۾ حمد نعت سي حرفي غزل تی پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿن، تخلص  “آثم ” استعمال ڪيائون. سنڌي،اردو سرائڪي ۽ بلوچي ٻولين ۾ سندس شاعري موجود آھي، شاعري جو ڪو بہ ڪتاب چپجي نہ سگھيو آھي،
    پاڻبسن اڻویھ سو اٺانوي عيسوي  ۾ نوڪري تان رٽائر ٿيا، ۽ ھڪ حج ٻہ عمرہ پڻ ڪيائون، سندس شاعري ۾ عشق ِ رسول صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم سندن خاص عنوان رھيو آھي ،  اولاد ۾ 3 پٽ 3 نياڻيون اٿن، پاڻ ھن وقت نھايت ضعيف ٿي چڪا آھن ، سندن رھائش تعلقي ڳڙھي خيري جي ڳوٺ محمدپور اوڍو ڀرسان پنھنجي ڳوٺ فيض آباد جکراڻي ۾  آھي.
    پٽن ۾ وڏو پٽ عبدالقيوم ، ٻئي نمبر تي عبدالشڪور ۽ ٽئين نمبر تي عبدالغفور آھن.