Author: admin

  • Hello world!

    Welcome to WordPress. This is your first post. Edit or delete it, then start writing!

  • اداڪار انور سولنگي

    اداڪار انور سولنگي

    انور سولنگي

    وفات : 4 اپریل 2008


    IMG 20240405 WA0071
    سنڌ جي مشهور اداڪار انور سولنگي 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ جنم ورتو، ھن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي، ان کان پوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي آيو، انور سولنگي پنهنجي دور جو وڏو اداڪار ھو، ھن سنڌي سان گڏ اردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ھن مجموعي طور تي پنج سئو جي لڳ ڀڳ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، ھن ڊرامن سان گڏ ڪافي فلمن ۾ به ڪم ڪيو، اداڪار سان گڏ انور سولنگي سٺو ليکڪ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به ھو، سندس مجموعو ”زهر ڀريا پيالا“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ھن 4 اپریل 2008ع تي وفات ڪئي

  • سید شبیر علی شاھ ”ھاتف“

    سید شبیر علی شاھ ”ھاتف“

    سید شبیر علی شاھ ”ھاتف“

    پیدائش : 4 اپریل 1940


    IMG 20240405 WA0072
    ۔سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، ماھر ارضیات سيد شبير علي شاهه “ھاتف” سيد الهه بخش شاهه جي گهر ۾ 4 اپريل 1940ع تي ٽکڙ اڳوڻي ضلعي حيدرآباد، ھاڻوڪي ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو، ھن علم ارضیات Geology ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايس سي ڪئي، ان کان پوءِ ساڳي سبجيڪٽ جيالاجي ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪئي، ھي ڪجهه وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ جيالاجسٽ رهيو، ان کان پوءِ جيالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جلد نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، ان کان پوءِ به ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ پاڪستان فارين سروس طرفان آسٽريليا ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري، چيف سائنٽيفڪ آفيسر، هائڊرو جيالاجسٽ، ريسرچ اسپيشلسٽ وغيره شامل آهن، شبير ھاتف بھترين شاعر ۽ ليکڪ به ھو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “نيڻن ۾ ڏياريون”، “جهڙو پوپٽ پرُ” شامل آهن، ھن 5 فيبروري 2023ع تي وفات ڪئي.. 

  • کیئل داس فانی

    کیئل داس فانی

    کیئل داس فانی

    پیدائش : 4 اپریل 1914


    IMG 20240405 WA0073
    سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر، ليکڪ، موسيقار، ڳائڻي کيئلداس داس فاني 4 اپریل 1914ع تي ميان جو ڳوٺ، شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن جو اصل نالو کيئلداس وليرام بيگواڻي ھو، ھن شڪارپور مان تعليم حاصل ڪئي، پوءِ ڪجهه وقت درس تدريس جو ڪم ڪيائين، ھن شاگردي واري زماني کان ئي شاعري شروع ڪئي، شاعري ۾ آغا صوفي کان رھنمائي حاصل ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ انڊيا ھليو ويو، ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، سنڌي بڪ ڪميٽي جو ڪنوينر رهيو، مرڪزي ادبي ڪميٽي جو ميمبر رهيو، سندس نگراني ۾ ڪيترن ئي شاگردن پي ايڇ ڊي ڪئي، ھن ڀوپال ۾ ٿئيٽرس جو بنياد رکيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ريڊيو راڳ، سامونڊي لھرون، سڪ، سوز ۽ ساز، خزان جي خوشبوءِ ۽ پيلا پن، پڇتاءُ جا ڳوڙها، سمنڊ سمايو بوند ۾ وغیرہ شامل آهن، ھن پھرين سنڌي فلم “ايڪتا” سميت مختلف فلمن لاءِ گيت لکيا، ھن 8 اپريل 1995ع تي وفات ڪئي.. 

  • الوحيد اخبار ۽ مسجد منزلگاه تحريڪ

    الوحيد اخبار ۽ مسجد منزلگاه تحريڪ

    ممتاز علي پٺاڻ.

    “الوحيد اخبار ۽ مسجد منزلگاه تحريڪ”.

         facebook 1712320602674 71819931530820876521   تاريخي اهميت وارو مواد ڪيئن ڪڍجي ۽ ڪيئن محفوظ ڪجي, اهو پڇڻو ۽ سمجهڻو هجي تہ گل حيات ۽ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڪم کي ڏسجي. 
    تاريخ نويسيءَ کان اسان جا محقق ۽ ليکڪ اڃا ڪوهين پري آھن. سڀ کان اهم ۽ سڀ کان پهريون ڪم هيءُ آھي تہ اسان واقعن, شخصيتن, پارٽين, تنظيمن ۽ ادارن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪريون. ڇو تہ مواد هوندو تہ بهتر نموني سان لکي سگهبو. ن تہ جڏهن بہ لکبو تہ اهو اڌورو ۽ اڻپورو هوندو. اسان وٽ ايئن ئي پيو ٿئي.
            اخبارون مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جو بنيادي ذريعو ٿينديون آھن. بابا سائين انگريزن جي دور جون مکيہ اخبارون پڙھيون ۽ انھن مان نوٽس/مواد/معلومات ورتي. بابا اهو ڪم ايئن ڪيو آھي, جو شايد جن بہ نہ ڪري سگهي. مثال هن “ڊيلي گزيٽ” اخبار 1884 کان 1947 تائين صفحو صفحو پڙھيو. اهڙيءَ ريت “الوحيد” اخبار وري 1920 کان 1947 تائين ورق ورق پڙھي ۽ ان مان موضوع وار مواد ڪڍيو.
        “الوحيد” جڏهن مسلم ليگ جو آرگن بڻي تہ هن اخبار ۾ ”مسجد منزلگاه” بابت کوڙ سارو مواد ڇپيو ۽ اهو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آهي. انھيءَ مواد مان ٿورو مواد پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان ٿو:
     الوحيد، جلد ارڙهون، نمبر 189، 23 آگسٽ 1939ع، ص 4.
    ……………………………………………………………
    مسجد منزل گاهہ
    500 مجاهدن اڳيان مسجد جي احاطي جو دروازو کلي پيو. مجاهد مسجد اندر داخل ٿي ويا. هو بنا کاڌي پيتي جي سمورو وقت مسجد ۾ ويٺا رهيا. رات جو 5 سئو  مجاهدن کي پوليس لارين ۾ ڀري شهر جي ٻاهران ڇڏي آئي. مسلم ليڊرن جو سرڪار کي چتاءُ، ستياگرهين جي رهڻ لاءِ ڪو انتظام ڪريو نہ تہ سموري جوابداري مٿن پوندي. (خاص تار)
    مجاهدن جو هڪ جٿو 3 سئو والنٽيئرن جو مسجد منزل گاهہ جي دروازي اڳيان اچي گڏ ٿيو. جٿي جي ڀيڙ ڪري دروازو کلي پيو سمورا والنٽيئر اندر گهڙي پيا. احراري ستياگره چڱو بهرو وٺي رهيا آهن ۽ ٻن ڏينهن اندر 5 سئو گرفتار ٿي چڪا آهن. (11 بجي رات (خاص تار)
    وزيرن ۽ سندن حمايتن ميمبرن جي درن تي سول نافرماني ڪئي وڃي. سول نافرماني سکر جي ڊڪٽيٽر جو حڪم (خاص تار)
    سکر 3 شيخ واجد علي مسجد منزل گاهہ جي ڊڪٽيٽر مسٽر علي محمد راشديءَ کي اجازت ڏني آهي تہ مسلمان وزيرن ۽ سندن حمايتي ميمبرن جي گهرن تي هو مٿئين مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ ستياگرهي مرڪز کولين اهڙيءَ طرح مسٽر جي ايم سيد کي نواب شاهہ ۾ ۽ سيد خير شاهہ ۽ سرهندي بزرگن کي حيدرآباد ۾ مرڪزن کولڻ لاءِ هدايتون ڪيون ويون آهن. ميرپورخاص جي مرڪز جو بہ انتظام ڪيو ويو آهي.
    وزيراعظم جي شڪارپور واري جاءِ تي هن وقت کان وٺي مظاهرو شروع ڪيو ويو آهي. اڄ صبح جو 10 بجي تائين 220 والنٽيئر گرفتار ٿي چڪا آهن.
    مسجد منزل گاهہ بابت هندو اخبارن جي فرقيوارانہ ڪوڙي پروپيگنڊا، مسلمان مجاهدن معافي ڪا نہ ورتي آهي. سمورو وقت پرامن نموني ۾ ستياگرهہ هلي رهيو آهي.
    هندو اخبارن جي ڪوڙن تي هرگز اعتبار ڪرڻ نہ گهرجي. (خاص تار)
    گذريل ڏينهن چئن ڏينهن اندر مسجد منزل گاهہ جي سول نافرماني ۾ مجاهدن نهايت حيرت انگيز نموني ۾ سمورو وقت بلڪل عدم تشدد ۽ غير فرقيوارانہ روش ۽ منظم طريقي تي رهيا آهن. حالانڪ جيل جي اندر يا جيل کان ٻاهر کين گرمي ۽ بک جو سخت مقابلو ڪرڻو پيو آهي.
    اخبار سنڌ آبزرور ۾ ستياگرهہ تحريڪ بابت جيڪي بہ خبرون شايع ٿيون آهن سي بلڪل شرارت انگيز آهن. جنهن ڪري ممڪن آهي تہ آئينده هلي حالتون فرقيوارانہ رنگ اختيار ڪن. 3 آڪٽوبر واري پرچي ۾ ستياگرهہ بابت سمورا ليک غلط آهن. سنڌ آبزور مسجد جي پرامن ۽ عدم تشدد واري ستياگره کي بدانتظامي وارو انڌاڌنڌ سڏيو آهي. هوڏانهن اوم منڊلي ۽ هنومان مندر جي هندن واري ستياگرهہ جي خوب حمايت ڪئي هئائين. هن هي ب لکيو آهي تہ (1) ستياگرهين 144 قلم واپس وٺڻ مان فائدو ورتو ۽ (2) آل انڊيا مسلم ليگ ستياگره جي اجازت ڪا نہ ڏني آهي ۽ (3) ڪن والنٽيئر، معافي ورتي آهي مگر اهي سموريون ڳالهيون آبزرور جون بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهن.
    ستياگرهہ تڏهن ئي شروع ڪيو ويو جڏهن وزيراعظم مسلمانن جي جائز مطالبن قبول ڪرڻ انڪار ڪيو. ان ۾ شڪ ڪو ن آهي تہ پهرين تاريخ شروع ۾ ستياگره مهمل رکيو ويو هو. آخر وزيراعظم جي آخرين جواب کانپوءِ ستياگرهہ جاري ڪيو ويو.
    ان کانسواءِ سنڌ آبزرور هي بہ لکيو آهي تہ اگرچہ واري ڪائونسل ٽوڙي ويئي  آهي تہ بہ ڪنهن ميمبر استعيفيَ ڪا نہ ڏني آهي. هوڏانهن اها خبر بہ بلڪل غلط آهي. هندو اخبارن جي اهڙي پروپيگنڊا ماڻهن ۾ غير ضروري ڊپ ۽ مونجهاري پيدا ڪندي جا صوبا جي مفاد جي بلڪل خلاف آهي. هندو خاطو پنهنجن اخبارن کي بلڪل ڪوڙيون خبرون موڪلي رهيا آهن. جن تي اعتبار ڪرڻ نہ گهرجي. هندو اخبارون اسان جون ڏنل خبرون بالڪل شايع نٿيون ڪن.
    سال ارڙهون، نمبر 225، 5 آڪٽوبر 1939ع، ص 8.
    ……………………………………………………………
    مسجد منزل ستياگرهہ جي پهرين ڊڪٽيٽر جو پير الاهي بخش ڏي خط
    منزل گاهہ ستياگره ڪميٽيءَ جي پهرئين ڊڪٽيٽر مسٽر واجد علي شيخ پير الاهي بخش تعليمي وزير کي خط لکيو آهي تہ اوهان کي سڌ آهي تہ ڪنهن لاچاري حالتن هيٺ مسلمانن کي منزل گاهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ستياهہ گرهه جي باهہ مان لنگهڻو پيو آهي. اسان کي رواجي انصاف بہ الهہ بخش وزارت جي هٿ هيٺ نٿو ڏنو وڃي. انهيءَ ڪري مسلمانن جي پاران اوهان کي عرض ڪندس تہ اوهين وزيريءَ جي عهدي جي استعيفيَ ڏيئي اچو. جيڪڏهن 10 آڪٽوبر اندر استعيفيَ نہ ڏيندا تہ اسان کي لاچار توهان جي درن تي ستياگرهہ ڪرڻو پوندو، جيئن توهان کي سڌ پوي تہ اوهان مسلمانن ڏانهن ڪهڙو بي پرواهہ رهيا آهيو.
    پير الاهي بخش جو جواب
    پير الاهي انهيءَ جي جواب ۾ مسٽر واجد علي شيخ کي پير صاحب لکيو آهي تہ اوهان جي خط مان اوهان جو مشڪور آهيان جو اوهان مون کي لکيو آهي تہ مسلمانن جو سڏ اونائي مان استعيفيٰ ڏيان ڇاڪاڻ تہ منزل کان مسجد مسلمانن کي نٿي موٽائي وڃي. مان انهيءَ ڳالهہ کان واقف آهيان تہ مان خدا ڏانهن ۽ انهن مسلمانن ڏانهن جوابدار آهيان جن مسلمانن جو مان عيوضي آهيان. اوهان جي خط پهچڻ کان اڳيئي مون انهيءَ باري ۾ مقدم کنيا آهن ۽ مان پنهنجن ساٿين کي باز آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن انصاف نہ مليو تہ مان پاڻ کي مسلمانن جي حوالي ڪندس ۽ هنن جي راءِ جي خلاف نہ هلندس. مان اسيمبليءَ جي دوستن کي بہ انهيءَ باري ۾ گهرايان ٿو ۽ هنن سان بہ صلاح ڪريان ٿو.
    وڌيڪ جاچ ڪندي معلوم ٿو ٿئي تہ اهو ناممڪن نہ آهي تہ سر غلام حسين  بہ پنهنجي عهدي جي استعيفيٰ ڏئي. (هه)
    سال ارڙهون، نمبر 225، 5 آڪٽوبر 1939ع، ص1.
    ………………………………………………………………..
    ستيا گرهہ جي مجاهدن جو شوق جهاد
    هڪ هزار مجاهد جيڪب آباد ضلعي مان سکر روانا.
    جيڪب آباد 5
    ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ٺل کان 500 مجاهد اڄ 2 بجي ڇوٽي گاڏيءَ مان هتي لٿا. انهن مان 355 مجاهد 3 بجي واري ٽرين ۾ سکر ڏانهن ستياگرهہ لاءِ روانا ٿيا.
    مجاهدن کي الله اڪبر جي نعرن سان الوداع ڪيو ويو.
    ان کانسواءِ 500 ٻيا مجاهد ساڳين شهرن مان لارين ۽ خشڪيءَ جي رستي سکر ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن. اهي سڀئي مجاهد پير صاحب ڀرچونڊي شريف جا مريد آهن. (خاطو)
    سال ارڙهون، نمبر 227،  8 آڪٽوبر 1939، ص 4.
    ………………………………………………………..
    مسجد منزل گاهہ سکر تي ملٽري پهچي وئي.
     مسلمانن کي مسجد خالي ڪرڻ لاءِ حڪم.
    سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي مسلمانن ۾ جوش ۽ اضطراب مسٽر عبدالستار پيرزاده چيف پارليامينٽري سيڪريٽري جي احتجاجانہ استعيفيٰ.
    سال ارڙهون، نمبر230، 11 آڪٽوبر 1939ع، ص 1.
  • میر عبدالرسول میر

    میر عبدالرسول میر

    میر عبدالرسول میر

    پیدائش : 7 اپریل 1950


    IMG 20240407 WA0110سنڌ جي ناليواري شاعر مير عبدالرسول مير 7 اپريل 1950ع تي ڳوٺ رئيس مهر علي خان ٽالپر تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، سندس تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ھئي، ان کان پوءِ درس تدريس سان لاڳاپيل رهيو، سندس شاعري جو مجموعو ”سونهن ورونهن“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ھن 19 ڊسمبر 2019ع تي وفات ڪئي..

  • سنڌ جي انگريزي شاعري”-بابا سائينءَ جو اڻ ڇپيل, مگر ويب تي رکيل ڪتاب

    سنڌ جي انگريزي شاعري”-بابا سائينءَ جو اڻ ڇپيل, مگر ويب تي رکيل ڪتاب

    ممتاز علي پٺاڻ.
    “سنڌ جي انگريزي شاعري”-بابا سائينءَ جو اڻ ڇپيل, مگر ويب تي رکيل ڪتاب.

            facebook 1712567312008 7183027927028530853بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي ڪتابن ڇپرائڻ جو شوق ڪونھي. هن جو گهڻو توجھہ سنڌ جي تاريخي اهميت واري مواد کي گڏ ڪري ترتيب ڏئي رکڻ تي آھي. هن ڪيترن موضوعن تي مواد مرتب ڪيو آھي, جيڪڏهن اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجي تہ شايد ڪنھن ليکڪ/مرتب جا ايترا ڪتاب ڪونہ ٿيندا, جيڪي بابا جا آھن. ڪنهن کي يقين نہ اچي تہ گل حيات ۾ اچي انھن مرتب ڪيل ڪتابن جون هارڊ ڪاپيون ڏسي. مان هيءَ ڳالھہ نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي والد صاحب گهڻا ڪتاب لکيا  ۽ مرتب ڪيا آھن. پر, ايترو ضرور چوندس تہ سنڌ ۽ سنڌ جي هن سچي عاشق جو ڪم معيار ۽ مقدار جي حساب سان بي مثال آھي. بابا ايترو ڪم ڪيو آھي, جيترو ڪن ادارن نہ ڪيو آھي. مان بابا جي ڪا تعريف نہ ٿو ڪريان, پر ليکڪن ۽ محققن جو توجھہ ٿو ڇڪرائڻ گهران تہ هڪ ماڻھو اڪيلي سر وڏو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ نوجوانن کي بابا جي محنت ۽ محبت مان اتساه وٺڻ گهرجي.

    English Poetry of Sindh
    “سنڌ جي انگريزي شاعري” ڪتاب ڇپيل ناهي, پر 113 صفحن جو هي ڪتاب گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو ويو آھي. انگريزن جي ابتدائي دور کان وٺي ويندي 1947 تائين سنڌ ۾ جيڪا انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي وئي, هن ڪتاب ۾ اها ڏني وئي آھي. هن موضوع تي هي پهريون ڪتاب آھي.
        هن ڪتاب ۾ جيڪا آڳاٽي انگريزي شاعري ڏني وئي آھي, ان جو عنوان آھي:
    “A Song of the 22nd Regiment”
       غالبن هيءَ پهرين شاعري آھي. ان ۾ مياڻيءَ جي جنگ جو ذڪر ڪيل آھي ۽ نڀاڳي نيپيئر کي منسوب ڪيل آھي. هيءَ شاعري ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار “سنڌ گزيٽ” جي 14 فيبروري 1886 ۾ ڇپي هئي. اها اخبار پوءِ ”ڊيلي گزيٽ” جي نالي سان مشھور ٿي. بابا اها سموري اخبار 1947 تائين ورق ورق ڪري پڙهي هئي ۽ ان مان مواد ڪڍيو هو.
    “سنڌ جي انگريزي شاعري” وارو مواد فقط “ڊيلي گزيٽ” مان ئي نہ ورتو ويو آھي. اهو ٻين اخبارن, رسالن ۽ ڪتابن مان بہ هٿ ڪيو ويو آھي ۽ ان جا حوالا پڻ ڏنا ويا آھن. انھيءَ ڪتاب مان شاعريءَ جو هڪ اڌ مثال هتي پيش ڪريان ٿو:
          (1)
    The Jacobabad Week-Christmas, 1884
    These “Weeks” are a weakness in Sindh,
    so I learn
    Hyderabad and Karachi each have their turn,
    But the best tumasha they over have had
    Was Christmas week this year at Jacobabad.
    Ladies and gentlemen, servants and nags,
    extra Lsts., horse-boxes, baggage and bags,
    The railway officials were driven quite mad
    By traffic all going towards Jacobabad.
    Mem sahibs and sahibs,
    spinsters and mashers
    Doctors, civilians, gunners and slashers,
    From Karachi, Quetta, Shikarpur, Hyderabad,
    Had taken their tickets to Jacobabad.
    To tell all that happened when we got there
    Would take up more time than I have to spare,
    So I’ll merely mention, and then I’ll be done,
    The events which caused us such capitol fun.
    There was racing and chasing
    in tops and silk Jackets;
    Badminton, billiards, tennis, polo and racquets;
    There was pigsticking too, and,
    I’m glad to report,
    With a good show of spears
    and good show of sport.
    An “At-Home” was given by the gallant 1st Sindh Horse,
    Another by the “2nd” as a matter of course;
    A third-the 1st Belooch ball-made
    up the number,
    And valses and polkas deprived us of slumber.
    Too long it would take me,
    nor might it please,
    To speak of the dinners, suppers, and teas;
    But all visitors this year I’m sure would be glad
    To spend Christmas week
    next year at Jacobabad.
    (2)
    Birth of Sind
                                
    Ages ago the soil where on we tread.
    Lay at the bottom of the Tethys Sea,
    Whose water ebbed and flowed right royally.
    From arav’lli’s heights to far-off Tibet’s spread,
    Till some mysterious crust move, by and by,
    Thrust up Himalayas thrice and give to Sind.
    A chance re-birth a pride of concient ind;
    Would that dear Sind may ever rise so high!
    O& Sea born land! How long the Punjab founts
    Have made thy fossil’d sub soils richer far
    With salts and debris from the mount of mounts,
    To thrive with waters from the sukkar bar!
    Grow likewise rich in all the human ways
    That kindred nation sings the songs of Praise.
    (3)
    THE PRISONED PEACOCK.
    The prisoned peacock in the cage, _
        Not in its native woodlands free, _
    Within its ugly, iron bars,
         Is happy as can be.
    The peacock scorching in the sun,_
       Not in its beloved clouds and rain,_
    Beneath sun’s cruel, fury rays,
       Is joyous all amain…..
    For, even in sinister bars,
       Beneath a boundless, blazing sky
    The unassuming peahen yet,
        His mate is always by.
    And thrills of joy run through his quills,
    He opes his gorgeous fan-tail round,
    Aglint with skyey, rainbow hues,
    On earth so seldom found;
    Then struts to his poor, simple mate
        That naught of pride or power assumes
    And in an ecstasy, he folds
        Her in hi radiant plumes!
  • ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو

    “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو“
    .   ( بابا سائينءَ جي نوٽس مان. )

    facebook 1712374489810 7182219172111044867

              ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھڪ گھڻ- رخي شخصيت ھيو. سندس زندگيءَ تي ڪيترن ئي ماڻھن تمام سٺو لکيو آھي پر اڃا ڪيترائي اھڙا پھلو رھن ٿا جيڪي محققن جي نظر مان اوجھل رھيا آھن. ڊاڪٽر مرحوم ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو پاڻ بہ ذڪر ڪيو آھي ۽ لکي ٿو تہ جھوناڳڙه ڪاليج ۾ ھن ھڪ خاڪسار ڪارڪن جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو. مزي جي ڳالھہ ھي آھي تہ ان جا دستاويزي ثبوت گل حيات ۾ موجود آھن. جن مان پتو پئجي ٿو تہ لڳ ڀڳ 30 شاگرد خاڪسار تحريڪ ۾ حصو وٺندا ھئا ۽ ڊاڪٽر بلوچ ڪاليج ھاسٽل جو سالار ھئو. ھن جي دستخط ۽ حڪم سان خاڪسار جي ڪاليج يونٽ جون گڏجاڻيون ٿينديون ھيون جن ۾ اڪثر ڪري جيڪي شامل ٿيندا ھيا انھن مان ڪي نالا آھن: ميمڻ حبيب اللہ، سيد غلام محمد شاھ، سمندر خان پٺاڻ، احمد خان ڀرڳڙي،محمد الياس احمداڻي،اللہ بچايو بلوچ،گل پير بخش،پناھ علي شاھ، احمد خان لانگاھ، خداداد چانڊيو،  محمد حسين راجپوت،عطامحمد بلوچ. علي نواز جتوئي. شيخ غلام قادر، غلام قادر سومرو وغيره.             
     ڊاڪٽر بلوچ جو اھو رڪارڊ “دفتر ڪاروبار تحريڪ“ جي عنوان ھيٺ ھڪ فائيل ۾ صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي جنهن ۾ آگسٽ 1938 کان وٺي جولاءِ 1939 تائين گڏجاڻين جا نوٽيس موجود آھن.ڊاڪٽر مرحوم ڪن ورقن ۾ ڊائريءَ جا نوٽس لکيا آھن. مثال طور 25 آگسٽ 1938 تي لکي ٿو تہ:  “مون 17 جون کان وٺي آگسٽ جي آخر تائين تحريڪ جي تبليغ ڪئي. ٽن صاحبن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو واعدو ڪيو آھي ۽ ڪجھ “الاصلاح“ جا خريدار بہ بڻايا اٿم“(ممتاز علي پٺاڻ
  • سنجر فقير منڌرو

    سنجر فقير منڌرو

    ٽنڊي محمد خان جي يونين ڪائونسل لاکاٽ ۾ شاهه بخاري جو قبرستان ۽ درگاهه مشهور آهن. ان ئي يونين ڪائونسل ۾ هاڻ منڌرن جي آبادي جا ڪي نشان نٿا ملن. ان علائقي ۾ هڪ درويش صفت بزرگ ۽ شاعر رهندو هو. جيڪو سنجر فقير منڌري جي نالي سان مشهور هو. هن درويش سان ڪيتريون ئي روايتون ۽ ڏندڪٿائون منسوب هۡيون. جن مٿان هاڻ وقت جي دز چڙهي وئي آهي. سنجر فقير منڌرو ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ آچار منڌرو ۾ 1904ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد عثمان منڌرو هو. فقير جو ٻالڪپڻ اتي ئي گذريو. صفا اڻپڙهيل هئڻ باوجود ارڙهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪيائين. ٻارنهن سالن جي عمر کان ئي سندس لاڙو فقيريءَ ڏانهن هو، گهر ۾ رڳو ماني کائڻ واسطي ايندو هو. باقي ڏينهن رات شاهه بخاري جي قبرستان ۾ رهيو پيو هوندو هو. ڄڻ ته سندس سمورو جهان ئي اهو هو. سندس تڪيه ڪلام هوندو هو “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ڍڳين سان کيس تمام گهڻي اۡنس ۽ پيار هوندو هو، جنهن وقت به شاهه بخاري جي قبرستان کان ڍڳيون مٽينديون هيون ته ڊوڙي وڃي کين پيار ڪندو هو. ڍڳين سان پيو ڳالهائيندو هو، انهن ڍڳين کان موڪلائڻ وقت چوندو هو ته “هاڻي هلو، ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! پنجيتاليهه سالن جي ڄمار ۾ 1949ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس ان ئي قبرستان ۾ سۡپردخاڪ ڪيو ويو. روايت آهي ته “هڪ دفعي فقير بدين شهر وڃي نڪتو، پنهنجي مُنهن بازار ۾ هلندو پئي ويو ۽ چوندو پئي ويو ته “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ائين چوندي، کِلندي، ٽهڪ ڏيندو ويو، ان زماني ۾ هندن جي اڪثريت سبب هندو سندس ڪلمي جي پچار ۽ ٽهڪن کان بدگمان ٿي مٿس ڏمرجي پيا ۽ پوليس ۾ رپورٽ ڪيائون. پوليس فقير کي جهلي ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي به فقير جي اها ئي ڪار هئي ته “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”. صوبيدار به ڪو هندو هو، جنهن فقير کي بند ڪيو هو، فقير پنهنجي ڪِرت کان باز نه آيو، نيٺ صوبيدار کيس ڇڏي ڏنو.” ٻئي روايت موجب “هڪ ڍڳي هئي، جيڪا سندس پيءُ سندس نالي ڪري ڇڏي هئي، فقير ڍڳيءَ جو نالو “ڪجل” رکيو هو. چور سندس ڍڳيءَ ڪاهي ويا، سو فقير کي ٻُڌايائون ته چور “ڪجل” ڪاهي ويا آهن، دُعا ڪر ته موٽي وٿاڻ تي اچي، تنهن تي سنجر فقير کِلي هن ريت بيت چيو ته؛

    “سنجر” ٿو ستائي، جنهن جو واسينگن تي وَر،
    قادر پير “ڪجل” جو، ڪارڻ گهڻو ڪر،
    واري آڻ وٿاڻ تي، تنهن واليءَ ڏيئي ور،
    سڪو ڪين سر، پاڙي پرينءَ رسول جي.
    فقير کي ڪي پسڻ پسجي ويا سو وري چيائين:
    ڪاهي ويا “ڪجل” کي، وڪڻي آيا وري،
    انهن جا ڀونگا ڀينگ ٿيا، وِين گهر ٻَري،
    منهنجو سوال “سنجر” چئي. ويئي تڪ تري،
    موهڄڻ ويا مري، ٿِين سُڃ “سنجر” چئي.
    سنجر فقير منڌري جا اهڙا ڪيترائي واقعاتي بيت آهن. اها به روايت آهي ته سندس ٽيهه اکري به هئي، جيڪا اڻلڀ ٿي وئي، ان ٽيهه اکري مان فقط ٻه بيت هٿ اچي سگهيا آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. (ا.ڀ)
    (ب) بئون بار ڇڏ، لالن تي لائي،
    مهار تن مين جي، جهليندا ٺاهي،
    مديني ۾ “منڌرو” چئي پرور پهچائي،
    ڪال مٽي ڪاهي، سانگين جو “سنجر” چئي.
    (ث) ثئون سُڃاڻي نڪو ڄاڻي، اهو چرکو هو چاندي،
    جيسين سِڪ “سنجر” چئي، تيسين مارڻ لئه ماندي،
    قسمت هن ڪوٽ ۾، الا جڏهن آندي،
    ڪل هئس ڪانڌي، تڏهن مديني مٽي ويا.
  • محمد خان سولنگي

    محمد خان سولنگي

    ساھتي جا شاعر
    مسرور پنائي 

    IMG20240402163449 

    نالو: محمد خان سولنگي
    والد جو نالو: نبي بخش سولنگي
    تخلص: مسرور پنائي
    جنم ڏينھن: 25 آڪٽوبر 1947
    وفات: 10 آگسٽ 2004
    ڪرت: استاد
    ڳوٺ: پنو سولنگي
    ڇپيل ڪتاب: زندگي ماڪ ڦڙا (شاعري)
    اڻ ڇپيل مواد: تمام گھڻو
    سڃاڻپ: شاعر
    شاعري
    ٻاجھر جھليا سنگ او سانول!
    تو لئه اٻاڻڪا لنگھہ او سانول!
    آڀون آڀون جوار به جاني!
    تنھنجي ساماڻي ڪنوار به جاني!
    ڦارون پايان، ڍارا ڍاريان،
    نيبھ ھجني ننگ او سانول!
    پيھن تي ٿيون اجرڪ ڇائون،
    ساريان توکي، چونڊيان سائون،
    بوڙينڊن جي لھرن لوڙھيو،
    دوريون ڪري وئين دنگ او سانول!
    ڪونه ٻڌان ٿي شام سويرو،
    تنھنجي آواز ۾ ھور ڙي ڳيرو،
    ويتر ٿيان ٿي ڏسي ماندي،
    خالي ھي روز پلنگ او سانول!