پير بخش پياسي

WhatsApp Image 2020 09 15 at 5.14.20 PM1
پير بخش پياسي

WhatsApp Image 2020 09 15 at 5.14.20 PM1پير بخش پياسي ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ حسين خان لغاري ۾ 1942ع ۾ جنم ورتو. 1948ع ۾ سندس خاندان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن ابتدائي تعليم ٽنڊو محمد خان شهر ۾ حاصل ڪئي ، سنڌي فائنل پاس ڪري 1959ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو.ڪتابن جي مطالعي واري شوق کيس ادبي دنيا ۾ پير پائڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس تخليقون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون . 1964ع ۾ ميرپور بٺورو ٽريننگ اسڪول مان ايس . وي جو امتحان پاس ڪري ، 1966ع ۾ پرائيويٽ شاگرد طور مئٽرڪ ڪيائين.جنهن کان پوءِ هن 1970ع ۾ بي .اي ، 1971ع ۾ بي .ايڊ ۽ 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم . اي سنڌي جو امتحان پاس ڪيو. سنڌي فائنل کانپوءِ هن سمورا امتحان پرائيويٽ شاگرد طور ڏنا. ڪجهه عرصي لاءِ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو ، جنهن بعد ۾ 1976ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ليڪچرار جو امتحان پاس ڪري سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو ، سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي ، ترقي ڪري ايسوسيئيٽ پروفيسر بڻيو ، جنهن عهدي تان 2002ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. سنڌي ادبي سنگت ، اداره سنڌي ترقي، اداره روشن ادب ، اداره گلشن ادب سميت ڪيترن ئي ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ علمي ادارن سان سلهاڙيل رهيو. سندس ڪوششن سان آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ادبي لائبريريون قائم ٿيون. شاعري ۾ سندس استاد پروانو ڀٽي هو . پير بخش پياسي جا بيت، غزل ، وايون ۽ آزاد نظم فطرت جا حقيقي رنگ چٽين ٿا. هو فطرتي حُسن ۽ خوبصورتي جو قائل شاعر رهيو , 2018ع ۾ سندس شاعري جو مجموعو “ڪڪر منجهه ڪپار ” ڇپجي پڌرو ٿيو.
سنڌي ٻولي , علم ۽ ادب جو هي جاکوڙي ڪردار 15 سيپٽمبر 2020ع بروز اڱاري تي اسان کان هميشه لاء وڇڙي ويو .

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *