انيتا شاھ لڪياري

facebook 1704639918268 7149778027754455224
انيتا شاھ لڪياري 
ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري وئي

انيتا شاھ جي زندگي جو مختصر خاڪو 
 facebook 1704639918268 7149778027754455224
انيتا شاھ لڪياري، نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار آهي. هوءَ 15 نومبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل خدا آباد ضلعي دادوءَ جا آهن. سندس تعليم ايم.بي.اي (مارڪيٽنگ: 1998ع) ۽ ايم.اي (سوشيالاجي: 2002ع) آهي. ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ (2000ع) ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ (07-2006ع) دوران عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيل اٿس. سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلنڊ) طرفان آڪٽوبر 2005ع کان جنوري 2006ع تائين مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪيائين. ان کان سواءِ غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتلام بابت مونوگراف به لکيل اٿس.
هن لکڻ جي شروعات 1994ع کان روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڪالمن ذريعي ڪئي. سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي ۽ معاشي ترقيءَ بابت آهن. هن سنڌيءَ ۾ 100 کن ڪالم لکيا آهن. انيتا شاهه 1997ع کان1999ع تائين بي.بي.سي انگلش لئنگئيج سينٽر حيدرآباد ۾ لئنگئيج ٽيچر طور پڙهايو آهي. 1998ع ۾ ايم.بي.اي ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ (آڪٽوبر 1999ع کان جنوري 2000ع تائين) ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر رهي. ساڳئي سال انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس حيدرآباد ۾ به انسٽرڪٽر رهي. ان بعد مختلف پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ فيلوشپ حاصل ڪيائين. مارچ کان جون 2007ع تائين وائيس آف آمريڪا جي پروگرام”بيانڊ دي هيڊلائينز“ جي رپورٽر ۽پروڊيوسر به رهي.ڪمپيئر جي حيثيت ۾ سندس ڪي. ٽي. اين تان مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ٽاڪ شو نشر ٿي چڪا آهن. پي. ٽي. ويءَ تي به ڪم ڪيو اٿس. روزاني ”ڪاوش“ اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو اڃا به جاري رکيو ھو
هوءَ عورتن جي حقن لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيندي رهي ـ سرڪاري نوڪريءَ دوران ثقافت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر رهي.مئي 2001ع کان ڪجهه عرصي تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري رهي. 2004ع ۾ CARE نالي سان هڪ غير سرڪاري سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين، جنهن کي پوءِ 2006 ع ۾ ٽرسٽ فار رورل اپ لفٽ ، ڪلچر اينڊ انوائرمينٽ (TRUCE) جي نالي سان رجسٽر ڪرايائين، جنهن جي پاڻ باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو رھي . سندس تنظيم، يو. اين. ڊي. پي جي ننڍي گرانٽ واري پروگرام سان گڏجي، مٽياريءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ هلائيندي رهي 2001ع ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڀرپور نموني سان لکڻ تي کيس خيرالنساءَ جعفري ادبي اوارڊ ۽ خان محمد پنهور اوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊي. ڊي. او روينيو حيدرآباد طور (شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾) خدمتون سر انجام ڏئي رهي ھئي.
پاڻ ڪجھ وقت کان الزائمر جي موذي مرض ۾ مبتلا ھئي ء عليل ھئي اڄ پنھنجي زندگي جي جنگ ھارائي ويئي ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي ملي.
(الله پاڪ پنجتن پاڪ جي محابي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين)

Comments

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *